29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:7   

هن پوتر پپل جي ڏکڻ پاسي راجا ڪنشڪ جا ٺهرايل ڪيترا اسٽوپا هوندا هئا، جن جوهر چيني ياتري ذڪر ڪيو آهي. سن 500ع ۾ فاهيان چوي ٿو ته هن وڻ جي اوچائي چار سو فوٽ هئي ۽ هر قسم جي قيمتي شيءَ سان سينگاريل هو. اهو ايڏو ته مشهور هو جو هندستان ۾ ڪنهن ٻڌ سنت جي مقبري جي به ايڏي شهرت ڪانه هئي.هڪ صدي کن پوءِ سن-ين جو بيان آهي ته: ”هتان جي اولهه پاسي وارن ملڪن ۾ ٻڌن  جو هي هڪ مشهور يادگار آهي.“ آخر ۾ شين سئنگ 630ع ۾ هتي آيو. سندس چوڻ آهي ته هن پپل جي اوچائي چار سو فوٽ آهي. سندس ڇانو ڏيڍلي يعني ميل جي چوٿين حصي جيتري آهي. هن سان ٻڌرم ڌرم جا ڪيترا يادگار وابسته آهن. وڏو اسٽوپا جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سو هاڻي موجود ڪو نه آهي.

ان وڏي اسٽوپا جي اولهه پاسي، پڪ شين جي پوڄا پاٺ واسطي هڪ مڙهي Monastery هوندي هئي، جيڪا سڀني ٻڌن ۾ آريا پارس ويڪا، مانورهيتا ۽ واسو بنڌو Vasubandha Arya parswka, جي نالن ڪري مشهور هئي. اهي ٽئي عيسوي صديءَ جي شروعاتي دور ۾ پنهنجي ٻڌ فرقي جا مشهور عالم هئا. ان مڙهيءَ جا چبوترا ۽ سهڻي عمارت به ماڙ تي مـشتمل هئي. پر جنهن زماني ۾ شين سئنگ هتي آيو ته مذڪوره مڙهي ڊهي ناس ٿي چڪي هئي. تنهن زماني ۾ هتي ڀڪشن جو تمام ٿورو انگ رهندو هو. ٻڌ تعليم واسطي هيءُ ماڳ نائين يا ڏهين صديءَ تائين به مشهور هو (124). ان دور ۾ اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته مگڌا جي ويرا ديوا کي ڪنشڪ جي تعمير ڪرايل وڏي وهار ڏانهن ان مقصد سان موڪليو ويو هو ته جينءَ هو اتي وڃي وڏن ٻڌن عالمن کان علم حاصل ڪري. اهو ماڳ ياترين جي دلي سڪون واسطي وڏو مقام رکندو هو. منهنجو خيال آهي ته ٻڌن جي پاٽ شالا بابر ۽ اڪبر جي زماني تائين سلامت هئي ۽ ان کي گور- ڪوٽڙي Gor-Kotri يا واڻڪو گهر Baniya-house سڏيندا هئا.

هن بابت بار جو چوڻ آهي ته، ”مان ڳڙه-ڪتري Gurh-katri جي شهرت بابت ٻڌو. هي ماڳ هندو جوڳي فقيرن جو تيرٿ آهي. اهي پري پنڌ تان ڪهي هتي رسندا آهن ۽ ڳڙه ڪتري وٽ اچي مٿو ۽ ڏاڙهي ڪوڙئيندا آهن. ابوالفضل جو بيان ته هن کان به مختصر آهي. پشاور بابت لکندي هو چوي ٿو ته، ”هتي هڪ مندر Temple آهي، جنهن کي گور-ڪتري Gor-katri سڏيو ويندو آهي. هيءُ جوڳين جو هڪ تيرٿ آهي. ارسڪن Erskine جو بيان آهي ته پشاور ڀرسان جيڪا قافله سراءِ تعمير ڪئي وئي آهي سا گور-ڪتري جي ماڳن تي آهي.

اُديانا يا سوات

شين سئنگ اتا کنڊ کان روانو ٿيو ۽ ڇهه سو لي هڪ سو ميل اتر طرف پنڌ ڪري 1- چانگ-نا U-chang-na يا اديانا اچي پهتو، جيڪو سو-پو-فا-سو–تو So-po-fa-so-tu درياه جي ڪناري تي واقع هو، جنهن کي سنسڪرت ۾ سڀاوستو يا سواستو Subha vasta or Suvastu چيو ويندو هو، جنهن کي ائرين سواسٽس Suastus ڪري لکيو آهي. موجوده دور ۾ هن نديءَ کي سوات ندي چيو وڃي ٿو. پهرين چيني ياترين فاهيان ۽ سنگ ين هن کي 1- چانگ U-Chang ڪوٺيو آهي، جيڪو اچار موجب اجانا Ujjana ٿئي ٿو. هيءُ لفظ اڌيانا جي پالي شڪل آهي. هن علائقي لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڏاڍو سکيو ستابو ۽ سائو ڍائو آهي. ڏيهي تذڪرن به هن علائقي لاءِ ائين لکيو آهي. شادابي جي لحاظ سان سوات جو علائقو ڪشمير ثاني سڏيو ويندو آهي. شين سئنگ هن علائقي جو گهيرو پنج هزار لي يا اٺ سو ٽيٽيهه ميل ٻڌائي ٿو. جيڪڏهن هن علائقي ۾ سوات ندي تي آباد ٿيندڙ سڀ ايراضيون شامل ڪبيون ته انگ ذري گهٽ وڃي صحيح بيهندو. اڌيانا ۾ موجوده دور سان واسطو رکندڙ هي چار علائقا شامل آهن: پنج ڪورا Panj kora بجاوار Bijawar، سوات ۽ بنير Bunir، جن جي نقشي مطابق سڌي ماپ پنج ميل آهي. پر جيڪڏهن رستي سان انهن جي گهيري جي ماپ وٺبي ته وڃي اٺ سو ميل بيهندي. فا-هيان جو بيان آهي ته سو-هو- ٽو Su-ho-to اڌيانا جي ڏکڻ ۾ ننڍڙو علائقوآهي. عام طور تي هن کي سوات سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هن جي جاءِ وقوع کي ڏسجي ته هيءُ علائقو اڌيانا کان ڏکڻ ۽ پاراش وارا کان اتر آهي، ان ڪري سمجهجي ٿو ته هيءُ علائقو سوات ماٿري جيتري ڪشادو ڪو نه آهي. ان ڪري اهو بنير Bunir وارو ننڍڙو علائقو آهي. فاهيان باز ۽ ڪبوتر جي هڪ ڏند ڪٿائي ڪهاڻي ٻڌائي آهي، تنهن مان هن حقيقت جي پٺڀرائي ٿئي ٿي. قصو اهو آهي ته ٻڌ ڪبوتر کي بچائڻ واسطي باز کي پنهنجي گوشت اڇيو هو.، شين سئنگ به ساڳي ڳالهه ٻڌائي آهي. پر اهو قصو مهابان جبل جي اتر-اولهه هڪ ماڳ سان لاڳاپيل ڏيکاري ٿو. حقيقي طور تي اها ئي بينر جي ماٿري آهي. هي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته تنهن زماني ۾ سويڪا Sivika يا شي-پي-ڪيا Shi-pi-kia جو راجا هڪ ٻڌ هو، جيڪو فاهيان جو سو-هو-ٽو ٿي سگهي ٿو.

اڌيانا جي راڄڌانيءَ جو نالو منگ-ڪي- لي Mung-kie-le يا مئنگالا Mangala هو، جيڪا گهڻو ڪري ته ولفورڊ Wilford جي سروير مغل بيگ جي ٻڌايل حقيقتن موجب ۽ جنرل ڪورٽ جي نقشي مطابق اها مئنگورا آهي. ان شهر جو گهيرو سورهن يا سترهن لي يا اٽڪل اڍائي ميل کن هوندو هو جيڪو ڳتيل ۽ آباد هو. چيني ياتري هن راڄڌانيءَ کان اتر-اوڀر ٻه سو پنجاه يا ٻه سو  سٺ لي يا اٽڪل ٻائيتاليهه ميل پنڌ ڪري، ان ماڳ تي پهتو هو، جتاقن سوڀا وستي Subhavasti نديءَ جو منهن هو، جيڪو ناگا Naga جي راجا آپا لالا Apa lala جي ملڪ ۾ واقع هو. اتان کان هن ساڳئي طرف تي ست سو چوونجاه لي يا هڪ سو پنجويهه ميل هليو ۽ هڪ جبل اڪري سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو ۽ ڪنارو ڏئي اچي ٿا –لي-لو Tha-li-lo داريل Darel رسيو. هي شهر اڌيانا جي قديم راڄڌاني هو. داريل جي اها ماٿري سنڌوءَ جي ساٺي يا الهندي ڪناري سان آهي. هاڻي هن ماٿريءَ ۾ داردوس Dardus يا داردس Dards جو قبيلو آباد آهي، جنهن جو نالو هن ماٿريءَ پٺيان پيو ٿو ڀائنجي. فاهيان هن کي ٽو-لي To-le جي نالي سان سڏي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو هڪ جدا ملڪ آهي. داردس هاڻي ٽن مکيه ڇاڙهن ۾ ورهايل آهي. اهي ٽيئي قبيلا جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندا آهن. جيڪو قبيلو آرنيا Arniya جو لهجو ڳالهائيندو آهي، سو يا سان Yasan ۽ چترال جي اتر-اولهه واري علائقي ۾ آباد آهي. کجورا ٻولي ڳالهائيندڙ هنزا ۽ نگر جي اتر-اوڀر واري علائقي ۾ رهندا آهن ۽ شينا Shina ٻولي ڳالهائيندڙ نسل سنڌوءَ جي ڪناري گلگت، چيلاس (Chilas) داريلي (Dareli)، ڪوهلي (Kohli) ۽ پالاس (Palas) جي علائقي ۾ رهندا آهن. هن علائقي ۾ مستقبل جي ايندڙ مهاتما ٻڌ جي ڪاٺ مان ٺهيل هڪ عاليشان مورتي رکيل هوندي هئي، جنهن جو ذڪر ٻنهي ٻڌ ياترين ڪيو آهي. هن بابت فاهيان اسان کي ٻڌائي ٿو ته مذڪوره بت مهاتما گوتم جي نرواڻ کان اٽڪل ٽي سو سال يا اڍائي سو سال قبل مسيح جوڙيو ويو هو. سي اسوڪا جي زمانو هو، جنهن ۾ ٻڌ ڌرم سڄي هندستان ۽ اوسي پاسي جي ملڪن ۾ پکڙجي ويو هو. شين سئنگ هن  بت جي اوچائي هڪ سو فوٽ ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي ته اهو مڌيانا تيڪا (Madhyna tika)نصب ڪرايو هو (125). ٻنهي ياترين جو ڏنل نالو ۽ دور هڪ ٻئي سان سهمت آهي. پالي ٻوليءَ هن کي ماجهيما (Majjhima) ڪري لکيو آهي. هي ٻڌ ڌرم جو وڏو عالم هو. اسوڪا جي دور ۾ ٽئين سيود (Synod) کان پوءِ هن کي ڪشمير ۽ هيما ونتا (126) ملڪ ۾ ٻڌ ڌرم جي پرچار لاءِ موڪليو ويو هو. گهڻو ڪري اهو زمانو آهي جڏهن اديانا جي راڄڌاني داريل هئي، جنهن جو شين سئنگ به اشارو ڪيو آهي.

بولور (Bolor) يا بالتي (Balti)

شين سئنگ پنج سوءلي يا ٽياسي ميل جابلو علائقي مان سفر ڪري سنڌو ماٿريءَ جي ماڳ پو-لو-لو (Po-lu-lo) پهتو هو. هن علائقي جو چار هزار لي يا ڇهه سو ڇاهٺ ميل گهيرو هو. ان جو وڏو پاسو اوڀر کان اولهه طرفو. چوڌاري برف سان ڍڪيل جبلن جون قطارون هيس. مذڪوره جبلن مان سون به ملندو هو. رستي جو بيان فاصلو ۽ پار پتا اهڙا آهن، جن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته پو-لو-لو موجوده دور واري بالٽي (Balti) آهي، جنهن کي ننڍو ٿٻيٽ (Little tibet) به سڏيو ويندو آهي، جيڪو بلڪل صحيح آهي. سنڌوءَ جي ڪنڌي واري داردو (Dardu) علائقي جا ماڻهو بالٽي واري ايراضيءَ کي پولولو سڏيندا آهن (127). بالٽي وارو علائقو سون ڪري به مشهور آهي. جتان ڌوڙ-ڌئا سون لهندا آهن. هن علائقي جو نالو پراڻو ڏسجي ٿو. ٽالمي به هن کي Bufrat يا Byliae ڪري لکيو آهي. ويڪرائي ۽ جاءِ وقوع جي لحاظ کان بالٽي واري ايراضي ٻنهي ياترين جي بيان مطابق آهي. ڇاڪاڻ ته هي علائقو سنڌوءَ جي ڪناري سان هڪ سو پنجاه ميل اوڀر کان اولهه پکڙيل آهي. منڍو اٽڪل اسي ميل کن ٿيندس، جيڪو ديو سيهه Deoseh جبل کان قرا قرم تائين پکڙيل آهي. جنهن جو چوڏس گهيرو چار سو سٺ ميل ٿيندو. اها نقشي موجب سڌي ماپ آهي، جيڪا رستي سان ڇهه سو ميل ٿئي ٿي.

فالان Falana يا بنو

شين سئنگ فا-لا-ن Fa-la-na نالي جو ذڪر ڪيو آهي. هيءُ علائقو غزنيءَ کان ڏکڻ- اوڀر ۽ لامغان (168) کان پندرهن ڏينهن جي سفر تي ڏکڻ پاسي هو، جنهن جو گهيرو چار هزار لي يا ڇهه سو ڇاهٺ ميل هو. سندس مٿاڇرو جبلن ۽ گهاٽن ٻيلن سان ڍڪيل هو. ڪئپي سينيءَ Kapisenee جو ڏن ڀرو هو. هتان جي رهواسين جي ٻولي وچ هندستان جي ماڻهن سان ٿوري ملندڙ جلندڙ هئي. ان جي فاصلي ۽ پارن پتن مان اها پڪ ٿئي ٿي ته اهو بنو Banu جو علائقو هو. شين سئنگ جي ڏنل حقيقتن مان پتو پوي ٿو ته ان جو قديم نالو وارانا Varana بانا Barna  هو. فاهيان به ان حقيقت جي پٺڀرائي ڪري ٿو ۽ هن علائقي جو نالو پونا  Pona يا بانا Bana ٻڌائي ٿو، هيءُ چيني ياتري، نگرهار کان تيرهن ڏينهن ڏکڻ پنڌ ڪري مذڪوره علائقي پوني ۾ پهتو هو. اهو به چيو ويندو آهي اها ايراضي سنڌوءَ کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. اها بنو يا ڪرم  نئن جي هيٺئين اڌ جي مڪمل سڃاڻ آهي. فاهيان واري زماني  ۾ بنوءَ وارو ملڪ ننڍو هو. ڇاڪاڻ ته هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪرم نئن جي مٿئين پاسي وارو هڪ جدا ملڪ هو، جنهن کي هو ”روهه“ (129) يا لوءِ Lo- جي نالي سان سڏي ٿو. جڏهن شين سئنگ هتي آيو هو ته هن علائقي جو گهيرو ڇهه سو ميل هو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪرم نئن ۽ گومل نئن وارو وڏو علائقو ان ۾ شامل هو. هي ملڪ سفيد ڪوه (جنهن کي فاهيان ننڍڙو ۽ برف سان ڍڪيل جبل سڏيو آهي) کان ڏکڻ سيوستان، اولهه غزني، قنڌار ۽ اوڀر طرف کان سنڌوءَ تائين پکڙيل هو.

 اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه آهي ته هن ملڪ جو نالو فالانا يا رنا جو ڪجهه واسطو لاڳاپو غلجي Ghilji گهراڻي جي نک مان برنا Burna واري قبيلي سان نه هجي. ڇاڪاڻ ته ڪرم ۽ گومل ماٿرين جي مٿئين ڀاڱي، غزنيءَ ۽ سليمان جبل جي وچ تي هاڻي سليمان خيل جا قبيلا رهندا آهن، جيڪي برنا ڇاڙهه جو مکيه قبيلو آهن، برنا جي وڏي پٽ اريوب Aryub جي نالي پٺيان ڪرم نئن جي ماٿريءَ جي مٿئين پاسي جو نالو پيو. سندس پٽ جو نالو سليمان هو.

ايم-ووين ڊي شنٽ مارٽن (130) فلانا کي وائي Wanch، Waneh سمجهي ٿو. ايلفن اسٽون (131) به هن جي ساڳي نالي واڻي Waneh or Vanch  سان سڃاڻ ڪئي آهي، افغانستان جا رهواسي به هن علائقي کي وانا Wana سڏين ٿا. پر اهو غير اهم علائقو آهي، جنهن جي آدم شماري تمام ٿوري آهي. ان جي ڀيٽ ۾ بنو سنڌوءَ جي ڪناري سان هڪ وڏو زرخيز ۽ شاهوڪار علائقو آهي. وانا غزنيءَ کان ڏکڻ، ڏکڻ-اوڀر ۽ بنو اوڀر، ڏکڻ-اوڀر ڏس تي آهي. اهي ٻئي علائقا شين سئنگ جي ڏنل بيان سان هڪ جهڙائي رکن ٿا، جنهن ۾ هن ڏکڻ-اوڀر جو طرف ٻڌايو آهي. پر وانا لامغان کان 20 کان 25 ڏينهن جي پنڌ تي آهي. پر بنون اتان کان چيني ياتري جي ٻڌايل فاصلي موجب پندرهن ڏينهن جي فاصلي تي آهي. بنون بابت فاهيان جو ذڪر پنجين صديءَ سان واسطو رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ سندس بيان ڪيل علائقو ٽالمي کان اتر Banagara آهي، جيڪو هن موجب هند-سٿين جي علائقي کان اتر ۽ ناگرا Nagara جنهن کي پوءِ جلال آباد سڏيو ويو، کان ڏکڻ، ڏکڻ- جي ڀر وارو شهر درابند Draband يا ديرابند Dera band آهي.

شين سئنگ، فالانا جي علائقي کان اولهه پاسي ٻئي ملڪ جو نالو کنيو آهي.جنهن کي هوڪي –ڪيانگ-نا-Ki-Kiana سڏي ٿو، سندس جاءِ وقوع کي مقرر ڪو نه ڪيو ويو آهي. ايم ووين،ڊي سئنٽ مارٽن ۽ سر ايڇ اليٽ ان کي عرب موءرخن وارو سنڌ جو علائقو ڪيڪانان يا ڪيڪان سمجهن ٿا (132). پر بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته خود ڪيڪانان جي جاءِ وقوع اڃا تائين مقرر ڪو نه ڪئي وئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو ڪڇ گنداوا کان اتر يا اتر-اوڀر طرف هو. پر ڪي ڪيانگ نا بند کان اولهه پاسي هوندي هئي، جنهن مان هيءَ حقيقت وڌيڪ وائکي ٿي بيهي ٿي ته مذڪوره علائقو ڪوئٽه ۽ پشين جي اوس پاس هو. شين سئنگ جو بيان آهي ته اهو علائقو وڏي جبل جي وچ تي موجود هڪ ماٿريءَ ۾ هو. مان ان کي خود پشين وارو علائقو سمجهان ٿو، جنهن جي اتر ۾ خوجا امران ٽڪريون ۽ ڏکڻ ۾ تڪاتو Takatu جبل آهي. هي علائقو بلازري (133) جي بيان موجب ڪيڪان Kaikan آهي. سندس چوڻ آهي ته هي خراسان طرف سنڌ جي سرحدن ۾ موجود هو. هن حقيقت جي تائيد هن بيان مان به  ملي ٿي ته هي علائقو ملتان کان ڪابل ويندڙ رستي تي واقع هو. ٻنهي ماڳن جي وچ وارو رستو سليمان جبل جي سخي سرور لڪ مان گذرندو هو ۽ پشين کان ٿيندو قنڌار ويندو هو. گومل ماٿري فلانا جي حدن ۾ واقع هئي، تنهن ڪري اها ڳالهه سمجهڻ ۾ سولي آهي ته ڪي –ڪيانگ-نا جو مذڪوره علائقو پشين جي اوسي پاسي هوندو. هاڻي هن ماٿريءَ ۾ خاڪس Khakas جو قبيلو رهندو آهي تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته هن علائقي کي ڪيڪان يا ڪيڪانان سڏيو ويندو هجي.

اوپوڪينس Opokiens يا افغان

شين سئنگ مٿيون اوپوڪينس جو نالو فقط هڪ ڀيرو ڪتب آندو آهي. چيني ياتري هن علائقي کي فالانا ۽ غزنيءَ جي وچ تي ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو فلانا کان اتر-اولهه ۽ غزنيءَ کان ڏکڻ-اوڀر طرف آهي. هن بيان مان اسان کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره علائقو اهو آهي جنهن کي فاميان لو-ئي Lo-I هندستان جا موءرخ ”روه“ Roh سڏن ٿا. اوپوڪينس جو وورگن Vorgun يا ورگهن Verghin  سان ڪو نه ڪو لاڳاپو ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته ولفورڊ جو سروير مغل بيگ ٻڌائي ٿو ته هي ماڳ ڪرم نديءَ جي چاڙهه ٽنچي (Tunchi) ياٽوچي (Tochi) جي آبي ذريعي جي ڀرسان آهي. برنس (Burns) جي ڪتاب ”ٽريولس“ ۾ ائرو سمٿ (Arrowsmith) جيڪو نقشو ڏنو آهي تنهن ۾ بورغون (Borghoon) جو خط لکيل آهي. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته اوپوڪين يا مسٽر جولين جي خيال موجب آواڪان (Avakan) جو لفظ افغان آهي. مان هن خيال جو آهيان ته چيني اچار ڪيان (Kian) غان جي برابر آهي. جيڪڏهن شين سئنگ جي بيان تي اتاڇري نظر ڪجي ته معلوم ٿيندو ته اهو فالانا علائقي جو هڪ ڀاڱو هو. اها به پڪ ٿئي ٿي ته اهو جابلو علائقو هو جو ان کي ”روه“ جي نالي سان سڏيو آهي. جنهن کي ڏکڻ-اوڀر افغانستان ۾ ڪوٺيندا هئا ۽ اهو افغاني ماڻهن جو قديم علائقو آهي. ميجر ربورٽي (135) ”روه“ کي افغانستان ۽ بلوچستان جو جابلو“ يا سنڌو، قنڌار ۽ غزنيءَ جي وچ وارو علائقو سڏي ٿو. مرو ۽ بلخ جي غوري افغانن کان اڳ سڃاڻ واسطي هنن کي روهيلا افغان چيو ويندو آهي. رشته جو چوڻ آهي ته خلجي، غور ۽ ڪابل جي افغانن سن 63هه ۾ روهه واري علائقي کي فتح ڪيو هو يعني شين سئنگ جي اچڻ کان ٽيهه سال پوءِ سن 682ع ۾، پر سندس هي بيان ويساهه جوڳو ڪو نه آهي. ڇاڪاڻ ته شين سئنگ اسان کي ٻڌائي ٿو ته فالان يا بنون جي رهواسين جي ٻوليءَ ۾  وچ هندستان جي ماڻهن سان ٿوري هڪ جهڙائي هئي. تنهن ڪري اهو سمجهي سگهجي ٿو ته مذڪوره ٻولي هندستاني ڪانه هوندي. جيڪڏهن اهي هندستاني نه هوندا ته افغاني هوندا. (136) فرشه جو بيان هن ريت آهي ته جابلو علائقي جي مسمان افغانن حملو ڪري ڪرمان (Kiriman). شيواران (Shivaran) ۽ پشاور کي فتح ڪيو ۽ ڪرمان ۽ پشاور جي وچ تي موجود ميداني علائقو هندستانين ۽ افغانن جي وچ ۾ جهيڙي جو پڙ هو. هتي جنهن ڪرمان جو ذڪر آهي سو اهو ڪرمان يا ڪارمانيه (Karmania) نه آهي جيڪو هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري سان آهي. پر هي اهو علائقو آهي جنهن کي تيمور جا موءرخ ڪرمان يا ڪرماش (Kurmash) ڪري لکن ٿا. ڪرم نئن واري ايراضي سمجهڻ گهرجي. هن مونجهاري کي هن ريت نبيري سگهبو ته اسان ڪرمان واري علائقي کي ڪرم نئن جي ماٿري  مٿينءَ ڀاڱي جو حڪمران هوندو آهي، پر اهو تيموري موءرخن جو ولفڊورڊ جي سروير مغل بيگ جو هريوب جو اريوب (Aryub) ۽ ايلفن اسٽون جو هريوب آهي. هاڻي سليمان خيال جي برن (Buran) قبيلي جي غلجي (Ghalgi) ڦريءَ وارن جو انگ پنهنجي سڄيءَ ڪم جو چوٿون حصو آهي. تنهن ڪري هن ڏسص ۾ منهنجو ويچار آهي غلجي قبيلي جي اصل ڌرتي اوڀر پاسي کان گومل نئن جي مٿئين پاسي تائين اولهه طرف کان غزني قلعات غلجي تائين پکڙيل آهي. اهڙيءَ ريت هريوب خلجي يا غلجي افغانن جي ملڪ جو هڪ ڀاڱو آهي، جنهن جي ڏاکڻين حدن کي پشاور جي روپ ۾ سولائي سان سڃاڻي سگهجي ٿو.

مون کي اهو پتو ڪو نه آهي ته فرشه جا اهي تاريخي بيان ڪوڙا آهن يا سچا، پر مان سمجهان ٿو ته شين سئنگ جو استعمال ڪيل لفظ او-پو-ڪين جو مطلب افغان آهي. سندس چيني اچار آواغان جي برابر وڃي بيهندو ۽ چين وارا افغان جي لفظ کي ائين ئي اچاري سگهندا آهن. جيڪڏهن هي خيال صحيح آهي ته منهنجي ڄاڻ مطابق هو ”افغان“ نالي جو ذڪر پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ڪشمير جو ملڪ

چيني ياتريءَ جي بيان مطابق ستينءَ صديءَ ۾ ڪشمير جي ملڪ ۾ نه رڳو ڪشمير واري ماٿري هئي پر ڏکڻ طرف سنڌوءَ جي ڪناري کان وٺي چناب تائين ويندي نمڪ سر (Salt Range) جي ڪڇ به ڪشمير جي حڪمراني ۾ شامل هئي. شين سئنگ مختلف مڪل ڏوري ڏٺا هئا. اراسا Urasa ڪشمير جي ڏکڻ ٽيڪسيلا ۽ سنهاپور ڏکڻ-اولهه-پونچ ۽ راجوڙي ان جي ڏکڻ ۾ هئا. اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر پاسي موجود جابلو علائقن تي مشتمل ملڪن جو ذڪر ڪو نه ٿو ملي. پر اسان وٽ اهڙيون ثابتيون موجود آهن جن جي آڌار تي چئي سگهون ٿا ته انهن طرفن تي به جيڪي ملڪ موجود هئا سي به ڪشمير جا ڏن ڀرو هئا ۽ ستين صديءَ عيسويءَ ۾ ڪشمير جو ملڪ سنڌوءَ جي ڪناري کان وٺي راويءَ تائين پکڙيل هو. بياس جي مٿئين پاسي ڪولو Kullu هڪ ننڍڙو ملڪ هو جيڪو آزاد هو. ان جو سبب اهو هو ته گهڻو پري هو. بياس جي هيٺئين پاسي جلنڌر جو هڪ سکيو ستابو ۽ آزاد ملڪ هو، جيڪو قنوج جي حڪمران ”هرشا واردانا“ جي ماتحت هو. پر نائين صدي ۾ ڪانگرا Kaingra ماٿري تي شنڪرورما جي حڪومت هئي ۽ ڪشمير جي راجا جو راڄ سنڌوءَ کان وٺي ستلج (137) تائين پکڙيل هو.

شين سئنگ جو بيان آهي ته ڪشمير جي چوڦير اتاهان جبل آهن. ڪشمير جي ماٿريءَ لاءِ هي بيان صحيح آهي. پر جڏهن هو چوي ٿو ته هن ملڪ جو گهيرو ست هزار لي يا يارهن سو ڇاهٺ ميل آهي ته سندس اشارو ڪشمير جي فتح ڪيل واڌو ايراضيءَ ڏانهن آهي. ڇاڪاڻ ته ڪشمير جي ماٿريءَ جو پنهنجو اصلوڪو گهيرو ٽن سون ميلن کان وڌيڪ ڪو نه آهي. هن ملڪ جي ٻڌايل سياسي حد جيڪا ڏکڻ پاسي سنڌوءَ کان نمڪ سر تائين ۽ اوڀر طرف سنڌوءَ کان راوي تائين آهي، ان جو ڪل گهيرو نو سو ميل ٿيندو جيڪو چيني ياتريءَ جي ٻڌايل انگن اکرن کان ٿورو ڪجهه گهٽ آهي.

ڪشمير

شين سئنگ ڪشمير جي ماٿريءَ ۾ سن 631ع سيپٽمبر مهيني ۾ اولهه پاسي کان گهڙيو هو. ماٿري ۾ اندر وڃڻ واري جاءِ وٽ پٿر جو ٺهيل هڪ وڏو ڦاٽڪ هو، جتي هتان جي راجا جي ننڍي مامي سندس آجيان ڪئي هئي. ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل پوتر آسٿانن جي ياترا ڪري هن چيني ياتريءَ بڌن جي هڪ ٽڪاڻي هو. سي-ڪيا-لو Hu-Se-Kia-lo ۾ وڃي رات گذاري هئي، اهو چيني اچارن جي برابري موجب هوشڪار 138)) ٿي سگهي ٿو. (139) ابوريحان هن جو نالو اشڪارا Ushkara ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي ته اهو ماڳ بارامولا Baramula آهي جيڪو درياءَ جي ٻنهيڪنڌين سان آباد آهي. راجا (140) ترنجيني (Tarangini) جي احوال ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هشڪارا جو ماڳ وارا Varah يا وارامولا Varamula جي ڀرپاسي ۾ هو. هي نالو بارامولا جو سنسڪرتي روپ آهي. هشڪارا يا اسڪار Uskar جو ماڳ جهلم درياءَ جي کاٻي يا اڀرندي ڪناري ۾ بارامولا کان ٻه ميل ڏکڻ-اوڀر هڪ ڳوٺ ججي روپ ۾ اڃان به آباد آهي. ڪشمير جا برهمڻ چوندا آهن ته هي راجا ترنجيني وارو هشڪاپورا آهي، جنهن جو بنياد پهرين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ تروشوڪا گهراڻي جي راجا هشڪار رکيو آهي.

راجا ترنجيني تاريخي سلسلي موجب سن 631ع ۾ ڪشمير جو راجا پراتا پاديتيا Prata Paditya هو، پر سندس (141) مامري جي ذڪر مان اهو پتو پوي ٿو ته اتان جي ڏيهي تاريخ ۾ ڪجهه غلطيون آهن. ڇاڪاڻ ته گاديءَ جي اصل وارث راڻي هئي، جنهن کي ڪو ڀاءُ وغيره ڪو نه  هو. هن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته پراتا پاديتيا شين سئنگ جي وڃڻ کان پوءِ سن 633ع ۾ گاديءَ تي ويٺو هوندو. اهڙيءَ ريت اسان کي تاريخي سلسلي ۾ ٽن سالن جي غلطي ملي ٿي. پر سندس پٽن چندرا پيدا ۽ مڪتا پيدا جي حڪومتن ۾ اسان کي وقت جو وڏو فرق معلوم ٿئي ٿو، جن عربن جي (142) حملي خلاف چين جي شهنشاهه کي واهر ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو هو. اهڙي پهرين درخواست سن 713ع ۾ ڪئي وئي هئي، پر ڏيهي تاريخ ۽ گاديءَ جي سلسلي موجب راجا چندرا پيدا سن 670ع کان 688ع تائين حڪومت ڪئي هئي. انهيءَ ڪري اسان کي پنجويهن سالن جو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر چين جي تاريخن ۾ هي حقيقت به لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته چين جي شهنشاهه سن 720ع ۾ راجا چندرا پيدا جي تخت نشينيءَ کي منظور ڪيو هو. ٿي سگهي ٿو ته چندرا پيدا سن 719ع  تائين زنده هجي. پر ان هوندي به ڪشميري راجائن جي تاريخي سلسلي ۾ ايڪٽيهن سالن جي پوءِ به غلطي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جيڪڏهن هن غلطي وارن سالن کي سندس پڙڏاڏي ”درلڀ“ Durlabha“ جي حڪومت ۾ جوڙ ڪجي ته سندس دور سن 625ع کان 661ع بيهي ٿو. ان حساب سان اسان سولائيءَ سان سمجهي سگهون ٿا ته سن 631ع ۾ جڏهن شين سئنگ ڪشمير آيو هو ته هن راجا جو راڄ هو. راجا درلڀ اڳئين راجا جو نياڻو هو ۽ اڳيون راجا وري راجا ناگا جو پٽ هو ۽ جنهن گهراڻي جو هن بنياد وڌو تنهن کي ناگايا ڪارڪوٽا خاندان چيو ويندو هو. هن گهراڻي جي اهڙي نالي مان اسان سولائيءَ سان سمجهي سگهون ٿا ته هي راجائي خاندان نانگن جي پوڄا ڪندو هو ۽ انهيءَ قسم جو مذهب قديم زماني کان ڪشمير جو ڄڻ سرڪاري مذهب هو. شين سئنگ هن گهراڻي کي ڪي –لي-ٽو Ki-li-to سڏي ٿو.پروفيسر لئسن ۽ ايم اسٽينلاس هن گهراڻي کي ڪريٽيا Kritya يا ڪري ٽييا Kritiya سڏن ٿا. هي ٻڌن جا ويري هئا. هنن کين ڪيترا ڀيرا اقتدار کان الڳ ڪيو هو ۽ ٻين ڪيترن حقن کان محروم ڪري ڇڏيو هو. تنهن ڪري چيني ياتري چوي ٿو ته ان وقت راڄ ڪندڙ راجا ٻڌ ڌرم جي مت ۾ ويساهه ڪو نه رکندو هو. هو ملحد هو ۽ برهمڻن جي ديوتائن ۾ سندس ايمان گهٽ هو. سندس هن بيان کي ڏيهي تاريخ مان به هٿي ملي ٿي ته راڻيءَ آننگا ليڪا Ananga Lekha پنهنجي نالي سان ٻڌ ڌرم جو وهار تعمير ڪرايو هو جنهن جو نالو آننگا ڀاونا Ananga Bhavana هو. راجا وري وشنوءَ جو مندر ٺهرايو هو، جنهن جو پنهنجي نالي پٺيان درلڀ سوامينا، Dur labha- Swamina (143) نالو رکيو هئائين. هن حقيقت مان اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته راڻي پنهنجي وڏڙن جي پر وارو ڌرم رکندي هئي. راجا هندو هو ۽ ٻڌ ڌرم ڏانهن سندس رويو ڪجهه ٿڌو هو.

ڪشميري ماڻهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ڏسڻ ۾ سهڻا، سولا، طبيعت ۾ ڦرڻا گهرڻا ڪائنر ۽ گُيدي هوندا آهن، تنهن ڪري ٺڳي ۽ ٻچا پڙائي (منافقت) سندن سرشت ۾ داخل هوندي آهي. سندس ڪردار اڄ به ساڳيو آهي. ان حساب سان سڄي هندستان ۾ جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ بداخلاق قوم آهي ته اها ڪشميري آهي. شين سئنگ جو بيان آهي ته اوسي پاسي جا راجائرن ڪشميري نسل جو بڻ بڻياد کي بڇان جي نظرن سان ڏسندا هئا ۽ ساڻن هر قسم جي وهنوار رکڻ کان پيا لهرائيندا آهن. کين بڇان سبب ڪي-لي-ٽو- Ki-li-To يا ڪريٽيا Kritya سڏيندا آهن.

هن حقيقت مان هيءُ نڪتو ظاهر ٿئي ٿو ته ”ڪريٽيا“ جو لفظ نفرت ۽ بڇان جي علامت آهي، جيڪو گندي سوچ فڪر، غداري، ڇسي ۽ هر قسم جي بداخلاقي ڪرڻ واري لاءِ مخصوص هوندو آهي. مون هن لفظ کي ڪر-مليڇ Kir-Mlechha جي اچار ۾ ٻڌو آهي. جهنگلي ماڻهو هن لفظ کي ڪيراس Kiras اچاريندا آهن، ولسن ڪشمير جي ماٿري کي ڪيرا Kira  سمجهي ٿو ۽ ماٿري جي رهواسين کي ڪيراش سڏي ٿو.

ستين صديءَ ۾ هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ درياءَ جي اوڀر ڪناري سان ۽ اڳين راجڌانيءَ کان ڏهه لي يا ٻه ميل کن اتر-اولهه طرف هو. ابوريحان (144) گاديءَ واري هن شهر جو نالو آدشتان Adishtan ٻڌائي ٿو، هن جو سنسڪرتي نالو آدشٿانا Adishthana آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مکيه شهر“. اهو موجوده دور وارو شهر سري نگر آهي، جنهن کي ڇهين صديءَ عيسويءَ جي اڳياڙيءَ ۾ راجا پراوار سينا Pravar sena تعمير ڪرايو هو. شين سئنگ جڏهن هندستان آيو هو تنهن وقت اڃان اهو نئون اڏيل شهر هو ۽ کيس جڙئي ڪو گهڻو عرصو ڪو نه ٿيو هو. پراڻي راچڌاني کي مون اڳ ئي سڃاڻي ورتو آهي جيڪا ”تخت سليمان“ کان ٻه ميل کن ڏکڻ-اوڀر طرف آهي. جنهن کي پاندري ٿان Pandre than چيو ويندو آهي. هي اصلي لفظ پراڻ دش ٿانا Puranadish than جو ڪشميري نموني جو بگاڙ آهي. جنهن جي معنيٰ پراڻو مکيه شهر ٿيندي. ڪشميري پراڻي کي پاڻ چوندا آهن. پراڻي دراس Dras ڳوٺ کي نئين دراس ڳوٺ کان الڳ ڪرڻ واسطي ”پاڻ دراس“ يعني پراڻو دراس سڏيندا آهن. (145) نئون دراس ڳوٺ درياهه جي لهنواري طرف هيٺ تعمير ڪيو ويو آهي. پراڻي راڄڌاني ڀرسان هڪ اسٽوپا آهي جيڪو مهاتما ٻڌ جي ڏند مٿان سن 631ع ۾ اڏيو ويو هو. شين سئنگ جڏهن سن 643ع ۾ پنجاب ڏانهن موٽيو هو ته ڪشمير جي راجا اهو ڏند قنوج جي راجا هرش وارڌانا کي ڏئي ڇڏيو هو. قنوج جو مذڪوره راجا پنهنجي وڏي فوج وٺي اچي ڪشمير جي (146) سرحدن تي ڪڙڪيو هو ۽ ڪشمير جي راجا کي ”ٻڌ“ جي ڏند ڏيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو گس ئي ڪو نه هو. راجا درلڀ پاڻ هندو هو پر مهاتما گوتم جو ڏند هن جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو هو.

قديم زماني کان وٺي ڪشمير ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ کي ڪامراج ۽ ٻئي کير مراج سڏيندا آهن. ڪامراج ڪشمير جو اتريون ڀاڱو آهي، جيڪو هيٺ سنڌوءَ-جهلم جي سنگم تائين هليو وڃي ٿو ۽ ڏاکڻو اڌ اتان کان هيٺ شروع ٿئي ٿو. اڃان به هڪڙو ننڍڙو ڀاڱو رهي ٿو جنهن جو ذڪر ڪرڻ مان ضروري ڪو نه ٿو سمجهان. مان اوهان جو هڪ اچرج جهڙي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندس جيڪا مذهب جي تبديليءَ ڪري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهي هندو جيڪي صبح جي پوڄا ڪندا آهن، تن لاءِ اوڀر وارو پار، پوتر هوندو آهي. سج صبح جو سويل پنهنجو منهن انهيءَ پار کان ڪڍندو آهي، انهيءَ ڪري ان طرف کي اوڀر يا پارا Para  چيو ويندو آهي. پٺئين پاسي کي اپارا Apara يا اولهه. کاٻي هٿ يا اتر واري پار کي واما ۽ ساڄي هٿ واري پاسي کي ڏکڻ يا دکشنا چوندا آهن. مسلمان وري پنهنجو منهن اولهه پار مڪي ڏانهن ڪندا آهن. ان ڪري اهي لفظ به ڄڻ ابتا ٿي پيا آهن. ساڄي هٿ کي ڪشميري ٻوليءَ ۾ داچين Dachin چوندا آهن، تنهن کي اهي وري اتر پار سڏيندا آهن. ڪورا Kawar جي معنيٰ ڏائو هٿ آهي. ڪشميري ان جو مطلب ڏکڻ ڪري سمجهندا آهن. اهڙي ريت لدار Lidar نديءَ جي ڪٺار سان هڪ محلات آهي جنهن کي ”داچين پار“ سڏيندا آهن ۽ اهو هن وهڪري جي اتر پار آهي. ڪوار نالي محلات هن نديءَ  جي ڏکڻ پار آهي. داچين لفظ جي معنيٰ ۾ ”ڏکڻ“ مان ”اتر“ ڏي تبديلي اڪبر واري دور کان اڳي آئي ٿي ڀائنجي، ڇاڪاڻ ته ابوالفضل (147) ان جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته داچين پار وڏي ٿٻيٽ جي پاسي ۽ جبل جي وٽ ۾ آهي يعنيٰ لدار نديءَ جي اترئين پار.

ڪشمير جا قديم شهر هي آهن: پراڻي راڄڌاني سرينگر، نئين راڄڌاني پراوارا سيناپور، کجيندرپور Khaj andar pura کنامشا Khunemusha. اهي اسوڪار جي دور کان پهريائين تعمير ٿيل هئا. وجي پارا Viji para  ۽ پانٽا سوڪ شهرن جي تعمير اسوڪار ڏانهن منسوب ڪئي وئي آهي. قديم ڪمباوا کي سورا پور  Surapura سڏيو ويندو آهي. ڪنشڪ پور، هشڪاپور ۽ جشڪاپور جي شهرن کي هند- سٿين جي بادشاهن منسوب ڪيو ويندو آهي. مٿين ٽنهي شهرن جو بنياد مذڪوره نالن وارن بادشاهن رکيو هو. پاريهاس پور شهر راجا لاليتا دتيا  Latita ditya تعمير ڪرايو هو. پدماپور، راجا وريهاس پتي Vrihaspati جي وزير پدمان جي نالي پٺيان آباد ڪيو ويو هو ۽ آونتي پور جي شهر جو بنياد راجا آونتي ورما رکيو هو.

چيو ويندو آهي ته ڪشمير جي نئين راڄڌاني پراواسيناپور جي تعمير ٿيڻ کان اڳ، ڪشمير جي گادي سرينگري Sri nagri ۾ هوندي هئي، جنهن جو بنياد اسوڪا اعظم (148) پاڻ رکيو هو. هن 226ع ق م تائين حڪومت ڪئي اهو موجوده پاندري ٿان جي ماڳ تي قئام هو. چيو ويندو آهي ته هي شهر تخت سليمان کان پانٿا سوڪ تائين درياه جي ڪٺار سان ٽي ميل کن يو آهي.  تخت سليمان جبل جي چوٽيءَ تي هڪ پراڻو مندر موجود آهي، تنهن لاءِ سڀئي برهمڻ متفق طور چوندا آهن ته هن جو نالو جشيٽاردار Jyeshta Rudra آهي. جنهن جي تعمير سرينگر جي راجا جلوڪا (149) اسوڪا جي پٽ ڪرائي هئي. هيءَ حقيقت هن بنياد جي آڌار تي معلوم ڪئي وئي آهي ته هن تخت سليمان جبل کي پهريائين جيشتيسوارا Tyeshteswara سڏيو ويندو هو. پانٽا سوڪ ڳوٺ ڀرسان هڪ پراني پل جا باقيات آهن. چيو ويندو آهي ته اهاق پل راجا اسوڪا تعمير ڪرائي هئي. اوسي پاسي ٻن مندرن جا ٿرڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن لاءِ چيو ويندو آهي ته راجا اسوڪار ٺهرايا هئا. هنن مندرن جو ذڪر ڪشمير جي تاريخ ۾ به ملي ٿو. پروارا سينا پهرئين جي دور ۾ ڪشمير جي راڄڌاني اڃا به سرينگر هو. پنجين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن هن شوديوتا جو بت نصب ڪرايو ته هن شهر کي پنهنجو نالو ڏنائين. هي شهر 631ع ۾ چيني ياتريءَ جي ڪشمير اچڻ وقت به موجود هو پر ملڪ جي راڄڌاني نه رهيو. پنهنجي دور واري راڄڌاني جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو نئون شهر آهي. وڌيڪ اهو به لکي ٿو ته  پراڻو شهر نئين کان ڏکڻ-اوڀر طرف ڏهه لي پنڌ تي اوقع آهي، جيڪو اٽڪل ٻه ميل کن ٿيندو ۽ اتر ۾ اتاهون جبل اٿس. سندس هيءُ احوال ايترو پڪو پيٺو آهي جو ”پاندري ٿا“ نئين راڄڌاني ۽ اتر ۾ تخت سليمان جبل جي جاءِ وقوع معلوم ٿي وڃي ٿي. ان ڪري قديم شهرن کي سڃاڻڻ ۾ ڪابه ڏکيائي ۽ مونجهارو ڪو نه ٿو ٿئي. مذڪوره پراڻي راڄڌاني سن 913ع ۾  921ع تائين به موجود هئي. منجهن گهڻا ماڻهو اڃان به رهندا هئا. ان دور جي راجا پارٿا Partha جي وزير ميرو Meru پراڻادش ٿانا  Purana dish Thana يعني پراڻي مکيه شهر ۾ پنهنجي نالي پٺيان هڪ مندر تعمير ڪرايو هو جنهن کي ”ميرو وارڌانا سوامي“ Meru Vardhana Savami سڏيو ويندو هو. مان سمجهان ٿو ته اها جاءِ ”پاندري ٿان“ آهي. پنڊت ڪلهان Kalhan جي بيان (150) موجب ته جڏهن راجا آڀيمانو Abhimanyu پنهنجي راڄڌاني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ته ورڌانا سوامي واري مندر کان ڀڪ شوڪي پراڪا (هن ۾ ڀڪشو رهندا هئا) تائين ڪو ڀانجهر به ڪو نه بچيو. مان سمجهان ٿو ته هي مندر پٿر جو ٺهيل هو ۽ تلاءَ جي وچ تي جوڙيو ويو هو ان ڪري باهه کان بچي ويو هوندو. باقي ٻيون شاندار عمارتون سڙڻ کان بچي ڪو نه سگهيون هونديون. منهنجو ويچار آهي ته راڄڌاني جي هن ساڙ ٻار کان پوءِ جڏهن اهي عاليشان عمارتون سڙي رک ٿي ويون هونديون ته ويچارا عام ماڻهو لڏي هي شهر ڇڏي ڪيڏانهن ڪک پن ٿي ويا هوندا.

پروارسينا جو شهر ڇهين صديءَ عيسويءَ جي اڳياڙي ۾ راجا پرواراسينا ٻئي تعمير ڪرايو هو. ان جو ماڳ موجوده راڄڌاني سرينگر وارو هو. اهي حقيقتون شين سئنگ جي بيانن ۽ ڪشمير جي مورخ ڪلهان پنڊت جي احوالن تان معلوم ڪيون وين جن ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي. شين سئنگ جي بيانن جو حوالو پراڻي راڄڌاني جي سڃاڻ دوران ڏئي آيو آهيان. ان سان گڏ هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته هي چيني ياتري ڪشمير جي جييندراوهار Jayendra Vihara (151) ۾ پورا ٻه سال ٽڪيو  پيو هو. هن وهار جي تعمير پراواراسينا جي مامي جينيدرا ڪرائي هئي. هندو مورخ جو هن شهر بابت بيان آهي ته اهو ندين جي سنگم واري جاءِ تي اڏيل هو. هيءُ بيان هوبهو سرينگر لاءِ آهي جنهن جي وچ تي ”هري پربت“ نالي هڪ ٽڪري آهي. ان منجهان هارا Hara يا آرا نالي هڪ ندي وهندي آهي، جيڪا هن شهر جي اترئين ڇيڙي ۾ وڃي جهلم يا بهاٽ سان ملندي آهي. (156). هتي هاڻي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته نئين شهر پراواراسينا جو اصلي ۽ پراڻو نالو ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت پراڻي شهر سرينگري Srinagri جي نالي پڍياني سڏجڻ لڳو؟ منهنجي خيال ۾ هن مونجهاري کي هن ريت نبيري سگهجي ٿو ته ٻئي جاڙا شهر هئا ۽ پنجن صدين تائين گڏجي وڌندا ويجهندا رهيا. دهلي ان جو مثال آهي. راڄڌانيءَ جو نئون شهر ته اڏيو ويو پر عام ماڻهو جي وات تان دهلي لفظ ڪو نه لٿو. ٻي ڳالهه اها به ٿي ته هر نئين حڪمران پنهنجي نالي پٺيان نئين راڄڌاني جوڙائي جيڪا دهليءَ جي بلڪل ڀرسان هئي. دهليءَ جو نالو اڳي مشهور هو پر پويان گهڻا نالا ماڻهن کي ياد ئي نه رهيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو نيٺ ٻيا نالا دهليءَ ۾ جذب ٿي ويا. اهڙيءَ ريت سرينگر جو پراڻو نالو ”پراوارا سيناپور“ جي-نئين نالي کي ڳهي ويو.

ڪلهان (153) پنڊت، ”کپاجي پور“ ۽ ”کناممشا“ جا شهر راجا کجندراءِ ڏانهن منسوب ڪري ٿو. هي راجا اسوڪا جي پيڙهيءَ مان ڇهون حڪمران هو ۽ سندس حڪومت جو دور 400 ق-م هوندو. ولسن ۽ ٽرائر Troyer هنن کي اهي شهر سمجهن ٿا. مسلمان موءرخن هنن جا نالا ڪاڪاپور ۽ گائوموها Gaumoha لکيا آهن. مان سمجهان ٿو ته ڪاڪاپور وارو ماڳ ته بلڪل صحيح آهي ۽ اهو اڃان به جهلم درياءَ جي کاٻي ڪناري سان تخت سليمان کان ڏهه ميل ڏکڻ ۽ پام پور Pam pur کان به پنج ميل ڏکڻ ڏس تي واقع آهي. پر گائوموها جو ماڳ پوءِ کڻي اهو ڪٿي به آهي، تنهن جي سڃاڻ بلڪل غلط ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته کنامشا کي هاڻي کنامـــوهه Khunamoh سڏيو ويندو آهي، جيڪو ٽڪرين جي ڪڇ ۾ پام پور کان چار ميل اتر-اوڀر طرف واقع آهي. بج بيار Bij Biara يا وجي پارا جو قديم شهر راڄڌانيءَ کان پنجويهه ميل ڏکڻ-اوڀر درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين سان آباد آهي. هن جو اصل ۽ قديم وجايا پارا Vijaya para هو. اتي وجاييسا Vijayesa نالي قديم مندر به هوندو هو. امڪان آهي ته هي شهر مذڪوره مندر جي نالي پٺيان آباد ڪيو ويو هجي. مندر اڃان به موجود آهي. پر ان جو ترو ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان چوڏهن فوٽ هيٺ آهي. تري جي هيٺاهين ان ڪري نظر4 اچي ٿي جو ان جي چوڌاري ٺهيل پراڻيون جڳهون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن ۽ آهي ته هيءُ مندر مهاراجا اسوڪا سن 250 ق.م ۾ تعميرا ڪرايو هو. هن مندر جي اڳين اڏاوت کي ڊهرائي پٿر جي نئين تعمير ڪرائي هئي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هن مندر جي عمارت حضرت عيسيٰ (155) کان ڪجهه صديون پوءِ آريا Arya راجا جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي.

سورا پوئا Sura pua يا موجوده دور وارو سوپور Sopur به جهلم جي ٻنهي ڪنڌين سان آباد وولر Wular ڍنڍ جي اولاهين پاسي آهي. هن شهر جو اصلي نالو ڪئمبوبا Kambuva هو. ڪشمير جي تذڪرن ۾ هن ماڳ جو نالو پنجين صدي (156) عيسويءَ جي اڳياڙي ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن جي نئين سر اڏاوت اونتي ورما جي وزير سورا Sura سن 845ع ۽ 883ع جي وچ ڌاران ڪرائي هئي ۽ ان جي نالي پٺيان سورپور سڏجڻ ۾ آيو. هيءُ شهر وولر ڍنڍ مان نڪرندڙ ڇنڊڻ واري وهڪري تي آباد آهي. سندس جاءِ وقوع چڱيري ماڳ تي آهي جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي ڪشمير جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي.

ڪنشڪاپور عيسوي سن کان ٿورو اڳ هند-سٿين گهراڻي جي هڪ بادشاهه ڪنشڪ تعمير ڪرايو هو (157). عام ماڻهو هن شهر کي پنهنجي هندستاني لهجي ۾ ڪانيک پور Kanikh pur ڪوٺيندا آهن.   جيڪو سرينگر کان ڏهه ميل ڏکڻ ۽ پنچال لڪ Panchal pass ڏانهن ويندڙ مکيه رستي تي آباد آهي. هيءُ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. منجهس سيلانين لاءِ سراءِ ٺهيل آهي. ڪئپٽن منٽگمري Montgomerie جي ٺاهيل ڪشمير جي وڏي نقشي ۾ هي نالو غلط هجي ۽ ڪانپور Kanpur لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هشڪا، جو شهر هند-سٿين جي بادشاهه هشڪا يا هوشڪا (Huvishka) تعمير ڪرايو هو. هيءُ حڪمران راجا ڪنشڪ جو ڀاءُ هو. معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ اهو شهر آهي. جنهن کي ’وارا‘ يا ’بارامولا‘ چئجي ٿو، جيڪو جهلم درياءَ جي ڪنڌي سان آباد آهي. ابوريحان (158) هن کي اشڪار (Ushkar) لکيو آهي، جيڪو جهلم درياءَ جي ٻنهي ڪنڌئين آباد آهي. چيني ياتريءَ شين سئنگ به هن شهر کي ساڳيءَ هجي ۾ لکيو آهي، جيڪو ڪشمير ماٿريءَ جي پٿر مان جوڙيل ڦاٽڪ وسيلي اولهه طرف کان داخل ٿيو هو ۽ هو-سي-ڪيا-لو يا هشڪارا جي اسٽوپا ۾ رهي پيو هو. ’بارا مولا‘ جي نالي ٻين قديم نالن کي ڄڻ ته هاڻي ڍڪي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اشڪارا جي نالي سان هاڻي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. جيڪو موجوده شهر کان ٻه ميل ڏکڻ طرف ۽ ٽڪرين جي وٽ ۾ موجود آهي. منهنجي خاص گذارش تي ريو-جي-ڊبليو-ڪواءِ (Rev-G-W Cowie) هن ماڳ کي ڏوري ڏٺو هو. هن اتي وڃي اهو اسٽوپا ڏٺو، جيڪو اڃا چڱي حالت ۾ هو. هيءُ گهڻو ڪري  اهو اسٽوپا آهي جيڪو راجا لاليتاديتا (159) (latita Ditya) سن 723ع ۾ 720ع جي وچ ڌاران تعمير“ ڪرايو هو. هن شهر  جو ذڪر ڏيهي تاريخن ۾ به ملي ٿو (120)، هن بابت اهو بيان ڏسڻ ۾ ايندو ته سن 913ع ۾ هتي راني سڳنڌي (Sugandha) رهندي هئي. هنن حقيقتن مان اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر کي يارهين صدي عيسويءَ تائين اصلي نالي سان سڏيو ويندو هو۽ ابوريحان به هن کي ٻنهي نالن سان لکيو آهي. هن کان پوءِ اسان کي ڏيهي تاريخ ۾ فقط بارا مولا جو نالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻارهين صدي عيسويءَ جي اڳياڙيءَ ۾ جڏهن تي راجا هوشا ۽ سوسالا (Sussala) جو راڄ هو ته هن شهر کي فقط بارامولا سڏيو ويندو هو. منهنجو ويچار آهي ته  هشڪارپور شهر جو مکيه ڀاڱو درياءَ جي کاٻي يا ڏاکڻي ڪناري سان آباد هو ۽ بارامولا ان جي ڀرسان ڪو ننڍو ڳوٺ هو، جيڪو درياءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ سان وهندو هوندو. جڏهن ٻڌ ڌرم جو اهو زور نه رهيو ۽ ٻڌ ڌرم سانلاڳاپيل اڏاوتون ڊهي پٽ پئجي ويون ۽ هشڪارپور کي ماڻهو ڇڏي هليا ويا ته پراڻو شهر به ٿورو گهڻو خالي ٿي ويو هوندو. ماڻهن جي لڏپلاڻ ايستائين جاري هوندي جيستائين هندن جو وسايل ننڍڙو ڳوٺ بارامولا پوري ريت آباد نه ٿي ويو هوندو.

جشڪاپور شهر جو بنياد به هند-سٿين گهراڻي جي راجا جشڪا (Jushka) وڌو هو. هيءُ راجا به راجا ڪنشڪ يا راجا مشڪا جو ڀاءُ هو، ڪشمير جا برهمڻ هن ماڳ کي زڪرو (Zukru) يا زڪور (Zukur سڏيندا آهن. اڃا به چڱو خاصو شهر ۽ راڄڌاني کان چئن ميلن جي فاصلي تي اتر طرف آهي. اهو پتو پڌرو اسڪيڪرو (Scecroh) آهي، جنهن کي ٽرائر ۽ ولس (121) هشڪاپور سمجهن ٿا. مان به هيءُ ماڳ سن 1847ع ۾ پاڻ وڃي اکئين ڏٺو هو. پراچين اهڃاڻن ۾ پٿرن جا ٺلهه، اڏاوتن ۾ ڪشميري طرز جا ناليسر ڏٺا هئا، جن کي وڌيڪ گهڙي ۽ تراشي مسلمانن پنهنجن بزرگن جي مقبرن ۽ مسجدن ۾ڪم آڻي ڇڏيا هئا. پاريها ساپور جو شهر راجا لاليتا دتيا (162) جوڙايو هو، جيڪو سن 723ع کان 760ع تائين ڪشمير جو راجا هو. مذڪوره شهر موجوده دور جي سنبل ڳوٺ جي ويجهو ۽جهلم درياء جي اڀرندي يا ساڄي ڪنڌي سان آباد هوندو هو. اوسي پاسي وارن دڙن تي پراڻين ڀتين جا نشان ۽ ڀڳل پٿرن جا ٽوٽا ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، جن مان اهو چڱي ريت ڄاڻي سگهجي ٿو، ته ڪنهن سمي هتي ڪو وڏو شهر هوندو هو. جهلم درياء جي مٿان ٺاهيل پل اڃا به چڱيري روپ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سوپور ڏانهن سڌو ويندڙ هڪ واهه به موجود آهي. اهو رستو انهيءَ کان سڌو آهي جيڪو درياء سان وولر ڍنڍ جو پاسو ڏئي ور وڪڙ ڪندو لنگهندو آهي. ڏيهي تاريخ ۾ پاري هاساپور (Parihasapur) جو ته ذڪر ئي موجود ڪو نه آهي. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته هيءُ شهر، ان جي اڏيندڙ جي مرتئي کان ستت ئي پوءِ ماڻهن کان وسري ويو. سندس پوٽي جا ياپيدا (Jayapida) نئين راڄڌاني اڏي هئي، جنهن جو هن نالو جاياپور رکيو هو. شهر ۽ قلعو وچ ڍنڍ ۾ ٺاهيو ويو هو. قلعي جو نالو ”سري دوار وتي“ (Sri Dwara vati) رکيو ويو هو. عام ماڻهو هن کي ”اندريون قلعو“ (163) ڪري سڏيندا هئا. شاهي محلات جي جاءِ وقوع جو پتو پئجي ڪو نه سگهيو آهي. منهنجو ويچار آهي ته اها جهلم درياءَ جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ سان ۽ پاري هاساپور جي سامهون جوڙي وئي هوندي، جتي هاڻي انتر-فورٽ (Iner fort) وارو قلعو اڄ به موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن شهر جي تباهي سنگاڪارا ورما (Sangkara varma) جي لشڪر ڏانهن منسوب ڪئي ويندي آهي، جنهن سن 833ع کان 901ع تائين ڪشمير تي حڪومت ڪئي. چيو ويندو آهي ته هن شهر جا پٿر ۽ ٻيو سامان پنهنجي ٺاهيل نئين شهر سنگاڪارا پور جي اڏاوت ۾ ڪتب آندو. جيڪو اڄ به موجود آهي پر سندس نالو پٿن Pathan  ۽ سبل واري پل کان ست ميل اولهه ڏکڻ طرف آهي، پاري هاسا جو مشهور مندر هڪ ڪيجا پرور ۽ ساٿريلي مسلمان حڪمران سڪندر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو. هن مندر لاءِ مسلمان موءرخ اچرج جهڙيون ڳالهيون لکيون آهن. پاري پور Pari pur بابت ڳالهائيندي ابوالفضل (164) لکي ٿو ته : ”هتي هڪ مندر هوندو هو، منجهس ڪيترائي بت رکيل هوندا هئا. سڪندر هن مندر کي ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو. ان مندر جي کنڊرن مان ٽامي جي هڪ ٿالهي لڌي هئي جنهن تي لکيل هو ته يارهن سوءن سالن کانپوءِ هڪ ماڻهو هيءُ مندر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو جنهن جو نالو سڪندر هوندو.“ فرشته (165) به ساڳي ڳالهه ٻڌائي آهي.  پر مترجم راجا بلنت Blant جي نالي جو به ذڪر ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اها سندس غلطي آهي. ڇاڪاڻ ته سندس اصلي نالو لاڏيت Ladit آهي ۽ ڪشميري انکي لاديتا سڏيندا هئا. هن راجا ۽ سڪندر جي وچ ۾ ستن سوء سالن جي وٿي آهي، پر اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته هتان جون روايتون پنهنجي ڏيهي تاريخن کان مختلف آهن، جيڪي گادي نشيني واري سلسلي جي لحاظ کان ڏيهي تاريخن سان سهمت نه آهن.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org