بئرات جو موجوده شهر هڪ گول شڪل جي ماٿريءَ جي وچ
تي آهي ۽ چوڌاري ڳاڙهي رنگ جون خشڪ ٽڪريون اٿس،
جيڪي دهليءَ کان 105 ميل ڏکڻ-اولهه ۽ جئپور کان 40
ميل اتر طرف ٿيندو. هن ماٿريءَ ڏانهن ويندڙ مکيه
لنگهه پاڻيءَ جي هڪ ننڍي وهڪري سان آهي جنهن جو
پاڻي وهي وڃي بان گنگا
Ban Ganga
۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هن ماٿريءَ جو قطر اڍائي ميل ۽
گهيرو ساڍا ست يا اٺ ميل کن ٿيندو. زمين ڀلي آهي،
خاص طور تي لئي جو وڻ ته تمام گهڻو ٿيندو آهي.
بئرات جو شهر هڪ دڙي تي اڏيل آهي، جنهن جي ڊيگهه
هڪ ميل ۽ ويڪر اڌ ميل ۽ گهيرو اڍائي ميل کن ٿيندو.
موجوده شهر ان جي چوٿينءَ پتيءَ جيترو به مس
ٿيندو. چوڏس سڄي جوءِ ٺڪراٺي سان ڍڪيل ۽ ٽامي جي
ٺهيل شين جي ڀڳ سان ڀريل ڏسبي. هونءَ به ساري
ماٿريءَ جو ڏيک ٽامي جي رنگ جهڙو ڳاڙهو پيو ڀائنيو
آهي. قديم شهر بئرات نگر جي نالي سان مشهور هوندو
هو. جيڪو ڪيتريون صديون اڳ اجڙي ڦٽي ويو. پر ٽي
سوء سال کن ٿيندا جو ماڻهو وري جهڳا جوڙي اچي ويٺا
هئا. امڪان آهي ته اڪبر واري خوشحال دور ۾ اهو
قديم شهر ٻيهر آباد ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته ابوالفضل
آئين اڪبريءَ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. هن ماڳ جي اڌ
ميل کن کاڻيون آهن جن مان گهڻي اپت ٿيندي آهي. هن
ماڳ جي اڌ ميل کن اوڀر پاسي ٻيا به ڪيترائي وڏا
دڙا آهن. ڪي دڙا وري ٽڪريءَ جي ڀرسان به ڏسڻ ۾
ايندا. انهن سڀني لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي قديم
شهر جا حصا هوندا هئا. سندن جاگرافيائي بيهڪ ۽ شڪل
صورت مان ائين لڳي ٿو ته اهي ڪنهن ڌرمي اڏاوت سان
لاڳاپيل آهن. هاڻي ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رڳو
پٿرن جون پيڙهيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. باقي اتان
همچورس ماپ جا پٿر کڻي ماڻهن پوئين دور جي شهر جي
تعمير ۾ ڪتب آندا آهن.
بئرات ۾ گهرن جو ڪل انگ 1400 کن ٿيندو جن مان 600
گهر برهمڻ جا، چار سوء اگروال واڻين جا، ٻه سوء
گهر مينا
Minas
ذات وارن جا، باقي ٻه سوء گهر گڏيل ذاتين جي ماڻهن
جا آهن، جيڪڏهن اسان في گهر سراسري پنج ماڻهو
ٻڌنداسين ته ڪل آدشماري 7000 وڃي بيهندي. بئرات
لاءِ پراڻي ۾ پراڻو تاريخي حوالو شين سئنگ جو ملي
ٿو جيڪو 640ع ۾ هتي آيو هو. (537) سندس بيان آهي
ته هن شهر جو گهيرو 12 يا 15 لي يا اڍائي ميل هو.
هيءُ ماپ ان قديم دڙي سان هڪجهڙائي رکي ٿي، جنهن
تي اڄ ساڳي نالي وارو شهر تعمير ٿيل آهي. هتان جا
ماڻهو وڏا سورهيه هوندا هئا.
سندن راجا فيشي في-شي
Fei-She
وئيسا
Vaisya
يا بئيس
Bais
راجپوت هو. جنگ وقت تلوار ڌڻي ۽ ڏاهپ جو مالڪ
هوندو هو. هن ٿاڪ وٽ ٻڌن جون اٺ مڙهيون ڏسڻ ۾
اينديون، پر اهي هاڻي زبون حاليءَ جو شڪار آهن.
ڀڪشن جو انگ به ٿورو ڏسبو،. ڌار ڌار متن سان
لاڳاپيل هتي هڪ هزار کن برهمڻ نظر ايندا جيڪي
ٻارهن مندرن ۾ رهندا آهن۔ سندن پوئلڳن جو انگ تمام
گهڻو آهي. اهو به چيو يوندو آهي ته هتي ماڻهن جو
وڏو تعداد ڌرم کان منڪر آهي. شين سئنگ جي ٻڌايل
ماپ موجب ان وقت شهر جي ڪل آدشماري ٻٽيهه هزار کن
هوندي. جنهن مان ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ چوٿينءَ پتيءَ تي
هوندا. مان اهو تعداد پنهنجي انومان موجب ورتو
آهي. ڇاڪاڻ ته مان هر هڪ مڙهيءَ سان لاڳاپيل هڪ سو
ڀڪشو ڀانيان ٿو. شين سئنگ جي دور سان لاڳاپيل
بئرات جون مڙهيون زبون حاليءَ جو شڪار هيون. تنهن
ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته هر مڙهيءَ ۾ پنجاهه ڀڪشو
رهندا هوندا. اهڙيءَ سمجهي سهجي ٿو ته هر مڙهيءَ ۾
پنجاهه ڀڪشو پني پيٽ پاليندا هئا. ان حساب سان اتي
ٻڌن جا ٻارهن سوءـ گهر هوندا هئا يعني هر هڪ
ڀڪشوءَ جي پنڻ لاءِ ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن جا ٽي گهر ۽
ڀڪـشن سميت ٻڌ ڌرم وارن جي ڪل آدمشماري 6400
هوندي.
بئرات بابت ٻيو تاريخي حوالو محمود غزنويءَ جي
دور ۾ ملي ٿو جنهن هن ملڪ تي سن 400 هه يا 1009ع ۾
حملو ڪيو هو ۽ هتان جي راجا سندن آڻ مڃي هئي، پر
سندس آڻ مڃڻ سان ملڪ کي ڪو فائدو نه پهتو. محمود
غزنويءَ هن ملڪ تي وري 404هه يا 1014ع جي چوکي چيٽ
جي رت ۾ ڪاهه ڪئي هئي. هندن ساڻس ڏاڍي چوٽ ڏني پر
هارايائون. ابوريحان جي بيان مطابق شهر کي ڊاهي پٽ
ڪيو ويو. ماڻهن کي جيڏانهن آَيو تيڏانهن منهن ڪري
وٺي ڀڳا. (538) فرشته هن حملي کي سن 413ع هه يا
1522 ۾ ڏيکاري ٿو. سندس بيان آهي ته جڏهن بادشاهه
کي پتو پيو ته ٻن جابلو علائقن ڪئرات
Kairat
۽ ناردين
Nardin
(بئرات ۽ نارائڻ) جا هندو اڃا تائين بتن (دستخط
نسخي ۾ شينهن) جي پوڄا ڪري رهيا آهن ته هن کين
مسلمان ڪرڻ جو ارادو ڪيو. (539) فوج جي مهندار
امير عليءَ هن شهر تي حملو ڪري فتح ڪيو ۽ ڦري لٽي
ان کي ڀينگ ڪري ڇڏيائين. اتي نارائڻ ۾ کيس پٿر تي
هڪ قديم لکت ڏسڻ ۾ آئي جنهن ۾ لکيل هو ته نارائڻ
جو مندر چاليهه هزار سال اڳ جو تعمير ٿيل هو.
ساڳيءَ لکت جو عتبي
Otbi
نالي هڪ ٻئي همعصر موءرخ به ذڪر ڪيو آهي، تنهن ڪري
اسان اهڙي لکت واري پٿر لڀڻ واري حقيقت تي اعتبار
ڪريون ٿا، جنهن جي تحرير خود ان دور جا برهمڻ به
پڙهي ڪو نه ٿي سگهيا. منهنجو ويچار آهي ته اها لکت
راجا اشوڪ واري هوندي، جيڪا بعد ۾ ميجر برٽ
Major Burt
ڳولي لڌي هئي. جيڪا بئرات واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ
تي موجود هئي. هاڻي اها لکت ايشيا ٽڪ سوسائٽي
ڪلڪتي جي عجائب گهر ۾ موجود آهي.
ستين صديءَ ۾ بئرات واري علائقي جو 300 لي يا 500
ميل گهيرو هوندو هو. هن ايراضيءَ جون رڍون ۽ ڍڳا
گهڻا مشهور هوندا هئا، پر منجهس ميوا، ڀاڄيون گهٽ
ٿينديون هيون. اڄ به بئرات جي ڏکڻ پاسي جئپور جو
حال اهو ساڳيو آهي. هيءُ علائقو اڄ به آگري ۽
دهليءَ جي مسلمان رهواسين ۽ گورن فوجن جي خوراڪ
لاءِ رڍون فراهم ڪندو آهي. بئرات وارو علائقو
موجوديه جئپور رياست جي وڏي ڀاڱي تي مشڪل هوندو
هو. مذڪوره علائقي جون حدون هاڻي ته سمجهائي ڪو نه
ٿيون سگهجن، پر هڪ انومان موجب اهي اتر پاسي کان
جهنجنو
Jhunjnuکان
ڪوٽ قاسم تائين 80 ميل اولهه پاسي کان جهنجنو کان
اجمير تائين 120 ميل، ڏکڻ پاسي اجمير کان وٺي بناس
Banas
۽ چنبل
Chambal
نديءَ جي سنگم تائين 150 ميل ۽ اوڀر کان مذڪوره
سنگم کان ڪوٽ قاسم تائين 150 ميل، جن جو ڪل جوڙ
490 ميل ٿئي ٿو.
سروگهنا
شين سئنگ ٿانيسر کان سوء لي يا اٽڪل سترهن ميل ڏکڻ
طرف سفر ڪري ، ڪيو-هوئن-چا
Kiu-Hoen-cha
نالي هڪ ٻڌ مڙهيءَ پهتو هو. جنهن جو چيني اچار
موجب نالو گوڪنلڪا
Gokanlka
ٿئي ٿو.ک هن ماڳ جي اڃا تائين سڃاڻ ٿي ڪانه سگهي
آهي. پر امڪان آهي ته متان اهو گنان
Ganan
وارو ٿاڪ هجي، جيڪو وياسٿلي
Vyasthali
۽ نسنگ
Nisang
جي وچ تي ۽ ٿانيسر کان 18 ميل ڏکڻ، ڏکڻ-اولهه طرف
آهي. هن ٻڌ مڙهي جي جاءِ ڏسڻ منهنجي لاءِ ضروري
هئي، ڇاڪاڻ ته شين سئنگ سڌو سو-لڪن-نا
Su-Lukin- Na
يا سروگهنا ڏانهن روانو ٿيو هو ۽ اتان کان هن ماڳ
جو فاصلو 400 لي يا اٽڪل ستهٺ ميل ٻڌائي ٿو. سندس
ڏنل فاصلي مان پتو پوي ٿو ته سروگهنا ۽ ٿانيسر جي
وچ ۾ 50 ميل فاصلو هو. (540) سگهه
Sugh
وارو ٿاڪ جنهن کي مان سروگهنا جي راجڌاني سمجهان
ٿو، سو ٿانيسر کان فقط 30 يا 40 ميلن جي وٿيءَ تي
آهي. پر جيئن ته اهو نالي سان به هڪجهڙائي رکي ٿو
ته ڪيتريون ٻيون ڳالهيون به ساڳيون نظر اچن ٿيون.
تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته شين سئنگ جو ڏنل فاصلو
غلط آهي ۽ مان سندس اهڙيون غلط انگن اکرن کي صحيح
ڪري ڪو نه ٿو سگهان. پر حقيقت اها آهي ته گو ڪناٿ
کان اهو فاصلو 300 لي يا پنجاهه ميل آهي.
هن علائقي جو سنسڪرت ۾ نالو سروگهنا آهي، پر
ڳالهائڻ ۾ هن کي سنگهن يا سگهه ڪري اچاريو ويندو
آهي. موجوده دور ۾ به هن علائقي جو نالو اهو
آهي. مان کوجنا جي ارادي سان جيڪي به علائقا گهمي
ڏٺا، تن مان سگهه جو ڳوٺ جاگرافيائي نقطه نظر کان
هڪ اهم ماڳ تي بڻايو ويو آهي. ان جي اڏاوت ٽڪنڊي
پوٿيءَ تي ٿيل نظر ايندي جيڪو ٺونٺ جيان اڳتي نڪتل
آهي. چوڌاري جمنا جو پراڻو پيٽ ڦري ٿو اچيس هاڻي
انهيءَ پيٽ مان الهندو جمنا واهه وهندو آهي. اولهه
۽ اتر واري پاسي کان اونهون گهارو اٿس، جيڪو هن
ماڳ جو وڏو بچاءُ آهي. هن ٿاڪ جي بيهڪ اهڙي آهي جو
اولهه کان سواءِ ڄڻ چوڌاري قدرتي بچاءُ اٿس اهو ڄڻ
قدرتي طور هڪ سگهارو قلعو بڻجي ويو آهي.شهر به شڪل
وصورت ۾ ٽڪنڊو معلوم ٿيندو ۽ هر هڪ ڪنڊ تي هڪ
سگهارو قلعو جوڙيل ڏسڻ ۾ ايندو. هاڻي اتر پاسي
وارو قلعو ۽ ڪجهه ايراضيءَ تي ديال ڳڙهه نالي هڪ
ڳوٺ ۽ قلعو آباد آهي. ماندل پور
Mandal pur
نالي ڳوٺ ڏکڻ-اوڀر واري قلعي واري ايراضيءَ ۾ اڏيو
ويو آهي. اتر-اولهه پاسي وارو قلعو اڃا خالي آهي
جيڪو ڪنهن به ڪو نه والاريو آهي. مٿي بيان ڪيل
قلعن جي ماپ 10001500 فوٽ آهي. هر هڪ ٽڪنڊي جو
پاسو جيڪو کين پاڻ ۾ ملائي ٿو، تنهن جي ڊيگهه اڌ
ميل کن ٿيندي. اهڙيءَ ريت اوڀارئين پاسي جي ماپ
4000 فوٽ ۽ اتر-اولهه ۽ اولهه-ڏکڻ واري هر هڪ پاسي
جي ماپ 4000 فوٽ ۽ اتر-اولهه ۽ اولهه-ڏکڻ واري هر
هڪ پاسي جي ماپ 3000 فوٽ آهي. ان حساب سان ساري
اڏاوت جو گهيرو 22000 فوٽ يا چئن ميلن کان ٿورو
سرس ٿيندو، جيڪو شين سئنگ جي ٻڌايل ماپ ساڍا ٽي
ميل کان وڏيڪ آهي. پر اتريون قلعو ڳوٺ جي مکيه
تعمير کان هڪ اونهي گهاري لڳ آهي، جنهن کي روهارا
ناله
Rohara Nala
ڪري سڏيو ويندو آهي. امڪان اهو آهي ته چيني
ياتريءَ جي دور ۾ اهو پاسو اڃا آباد ڪو نه ٿيو
هوندو. هن ايراضيءَ کي جيڪڏهن ماپ ۾ شامل نه ڪبو
ته اها 19000 فوٽ ٿيندي، جيڪا گهٽ وڌ ساڍن ٽن ميلن
جي برابر آهي ۽ شين سئنگ جي ٻڌايل ماپ سان وڃي
سنمک بيهي ٿي. سگهه نالي ننڍڙو ڳوٺ هن آباديءَ جي
اولهه پاسي قائم آهي. بوريا
Buriya
نالي ننڍڙو شهر ديال ڳڙهه ڳوٺ لڳ اتر ۾ آهي. جڏهن
مان ان جوءِ کي ڏٺو ته هر هڪ ديال ڳڙهه ڳوٺ لڳ اتر
۾ آهي. جڏهن مان ان جوءِ کي ڏٺو ته هر هڪ ڳوٺ جي
آبادي هن ريت هئي: ماندل پور ۾ هڪ سوء گهر، سگهه ۾
هڪ سوء پنجويهه گهر، ديال ڳڙهه ۾ هڪ سوء پنجاهه
گهر، بوريا ۾ 3500 گهر ۾ سندن ڪل آدمشماري 20000
ماڻهو هئا.
منهنجي پڇا ڪل ڪرڻ تي سگهه ڳوٺ جي ماڻهن ڪابه
روايت ڪانه ٻڌائي، پر ماندر يا ماندل پور ڳوٺ جي
ماڻهن ٻڌايو ته اڳي ماندل پور 12 ڪوهن جي وسيع
ايراضيءَ تي پکڙيل هو. اولهه پاسي کان جگادري
Jagadri
۽ چنيٽي
Chaneti
۽ اتر کان بوريا ۽ ديال ڳڙهه به منجهس شامل هوندا
هئا، جڳادري ڳوٺ ماندل پور کان ٽي ميل اولهه طرف
آباد آهي. مون کي اهو ناممڪن ڏسڻ ۾ آيو ته ماندل
پور ڪو ايستائين پکڙيل هوندو، پر اها ڳالهه قبول
ڪري سگهجي ٿي ته ڪن سرنديءَ وارن جا باغ يا ڪاڙهه
واري رت ۾ سندن گهرن جون اڏاوتون جگادريءَ جي جوءِ
تائين وڃي توڙ ڪنديون هونديون ته ڪئت ناهي، چنيٽي
ٻه ميل کن پري اتر-اولهه پاسي آباد آهي. ان ٿاڪ
تان قديم دور سان لاڳاپيل سڪا تمام گهڻي انگ ۾ لڌا
ويا آهن. هي ماڳ بوريا ۽ ديال ڳڙهه کان وٿيرڪو آهي
۽ وچ تي جالاري جوءِ پکڙيل ڏسبي. ماندل پور، سگهه
۽ بوريا مان قديم دور سان لاڳاپيل سڪا هٿ لڳا آهن،
جن جو تعلق گهڻو ڪري سڀني دورن سان آهي. منجهن
چوهاڻ) گهراڻي جا ننڍڙا دليال
Dilial
۽ دهليءَ جي تومار
Romar
گهراڻي جا همچورس سڪا جيڪي ٽامي ۽ چانديءَ مان
بڻيل آهن پڻ نظر ايندا. جن بابت مونکي پڪ آهي ته
ٻڌ دور يعني حضرت عيسيٰ کان 500 سال اڳ واري زماني
سان لاڳاپيل آهن. امڪان آهي ته اهي سڪا عيسيٰ کان
1000 سال اڳ واري دور سان لاڳاپيل هجن. هي پڪ
جهڙيون شاهديون آهي. جن مان پتو پوي ٿو ته هي ماڳ
قديم دور سان واسطو رکي ٿو. تنهن ڪري مان سمجهان
ٿو ته هيءُ سگهه وارو ماڳ قديم سرگهنا آهي.هن ماڳ
جي اهميت سندس جاگرافيائي بيهڪ مان به معلوم ٿئي
ٿي. ڇاڪاڻ ته هيءُ ان مکيه سڙڪ تي آهي جيڪا گنگا
دوآبي کان ميرات
Mirat
سهارن پور ۽ انبالا کان ٿيندي اتر پنجاب ڏانهن
ويندي آهي ۽ ان سان گڏ اتان جمنا وٽان لنگهندڙ
رستي تي ڪرڙي اک به رکي سگهبي آهي. محمود غزنوي به
پنهنجي جنگي مهم دوران هيءَ سڻڪ ڏئي قنوج ڏانهن
واپس موٽيو هو. تيمور لنگ به هردوار
Haridwara
کي ڦري لٽي هيءَ سڻڪ ڏئي واپس ٿيو هو. بابر به
دهليءِ کي فتح ڪرڻ واسطي هن سڻڪ سان پيش قدمي ڪئي
هئي.
شين سئنگ جي بيان موجب سروگهنا واري علائقي جو
گهيرو 6000 يا هڪ هزار ميل آهي. اوڀر کان گنگا،
اتر کان هماليه جبل ۽ وچ تان جمنا وهندي رهندي
هئي. هن ڄاڻ مان پتو پوي ٿو ته سروگهنا وارو
علائقو سيمور
Simor
۽ ڳڙهه وال وارين ايراضين تي مشتمل هوندو هو، جيڪي
گيري
Giri
۽ گنگا نديءَ جي وچ تي واقع آهن. ان سان گڏ امبالا
۽ سهارن پور وارن علائقن جا ڪجهه ميداني ڀاڱا به
منجهس شامل هوندا هئا. ان هوندي به هن علائقي جو
گهيرو 500 ميلن کان مٿي نه ٿو ٿي سگهي، اهو مفاصلو
شين سئنگ جي لڳايل اندازي جو اڌ آهي. هيءُ فرق ان
ڪري آهي جو هڪ ماپ نقشي وسيلي سڌي ورتي وئي آهي ۽
ٻي ماپ جابلو علائقي جي وروڪڙن واري سڻڪ جي فاصلي
مطابق آهي ۽ هن حساب سان اصلي ماپ کان اڌ فاصلو
وڌي ويندو آهي. ان اصول موجب گهيرو 750 ميل هجڻ
گهرجي جيڪو چيني ياتريٺءَ جي اندازي کان گهڻو گهٽ
آهي. نظر ائين اچي ٿو ته هن گنگا ۽ جمنا جي فاصلي
ڪٿڻ ۾ ڏٺي وائـٺي غلطي ڪئي آهي.جيڪا هو 300 لي يا
50 ميلن بدران 800 لي يا هڪ سوء ٽيٽيهه ميل ٻڌائي
ٿو. ٽڪرين جي ڪڇ کان وٺي دهليءَ جي سامهون ٻنهي
درياهن جي وچ ۾ اهو ئي صحيح فاصلو آهي. اترينءَ
سرحد وارو به ساڳي ئي وڌايل فاصلي مطابق حساب ٻڌو
ويو آهي. ٻيڻ وارو وڌيڪ فاصلو 167 ميل ٿئي ٿو.
جيڪڏهن اهو هڪ هزار ميل مان ڪٽ ڪبو ته سروگهنا جو
ڪل گهيرو 833 ميل ميل وڃي بيهندو.
سروگهنا کان پوءِ شين سئنگ مو-ٽي-پو-لو
Mo-Ti-Po-Lo
يا ماديپور
Madipur
ڏانهن روانو ٿيو. ايم ووين ڊي سئنٽ مارٽن هن کي
منڊاوار
Mandawar
سمجهي ٿيو. ايم ووين ڊي روهيلکنڊ ۾ بجنور ڀرسان
وڏو شهر آهي. مان هن ٿاڪ کي اڳي ئي مداوار سمجهيو
هو، پر مون کي اها جوءِ ذاتي طور ڏسي پڪ ڪرڻي هئي.
(541) هن شهر جو نالو مداوار جي هِجي ۾ لکيو ويندو
آهي. نقشي ۾ هن ماڳ جو نالو مندور
Mendore
لکيل آهي. جوهري لال چوڌري ۽ اتان جي قانون گو
Kanungo
جي بيان مطابق مداوار کي سموت 1171 يا 1114ع ۾
ماڻهو ڇڏي هليا ويا هئا. جنهن جو ڪارڻ اهبو هو ته
دوارڪاداس اگروال جو ابو ڏاڏو، ڪاتارمل
Kattar Mall
سان گڏ ميرات علائقي جي موراري
Morari
مان هلي اچي هن پراڻي دڙي تي آباد ٿيو هو. مداوار
جي موجوده شهر جي آدمشماري 7000 ٿيندي. منو ميل
ڊگهو ۽ اڌ ميل ويڪرو ٿيندو. پر پراڻي دڙي جي ماپ
اڌ ميل همچورس مس ٿيندي ۽ اهو ٻئي شهر کان سراسري
طور ڏهه فوٽ اوچو ٿيندو. ان جي چوڌاري ماپ جون
سرون ڏسڻ ۾ اينديون، جنهن مان معلوم ٿيندو ته هي
دڙو گهڻو قديم آهي. دڙي جي وچ تي قلعي جا اهڃاڻ
ڏسبا، جنهن جي ماپ 300 فوٽ همچورس آهي ۽ ٻئي شهر
کان 6 يا 7 فوٽ مٿي ڏسڻ ۾ ايندو. ان کان اتر-اوڀر
اٽڪل ميل پنڌ تي دڙي تي مدپا
Madiya
نالي هڪ وڏو ڳوٺ آباد آهي، ٻنهي ڳوٺن جي وچ تي هڪ
وڏو تلاءُ آهي، جنهن کي اتان جا ماڻهو ڪانڊاتل
Kundatal
چوندا آهن. ان جي چوڌاري ڪيترا ننڍڙا دڙا نظر
ايندا، جن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي پراڻين جڳهن
جا آثار آهن. منهنجو ويچار آهي ته قديم زماني ۾
اهي ٻئي دڙا اصلي هڪ شهر هوندو، جن جي ڊيگهه سوا
ميل ۽ ويڪر هڪ ميل ۽ گهيرو ساڍا ٽي ميل ٿيندو،
جيڪو شين سئنگ جي ڏنل گهيري 20 لي يا سوا ٽي جي
ذري گهٽ برابر آهي.
اهو به امڪان آهي ته ايم ووين ڊي سئنٽ مارٽن جي
خيال موجب مداوار جا ماڻهو اهي هجن جن کي ميگا
سٿينس
Magasthenes،
مٿاءِ
Mathae
سڏيو آهي ۽ جيڪي ايري نيس
Erineses
جي وهڪري جي ڪنڌين ڪنارن سان رهندا هئا. جيڪڏهن
اها حقيقت ائين آهي ته اها ندي ماليني
Malini
هوندي. اها حقيقت آهي ته پاڻيءَ جو هي هڪ ننڍو
وهڪرو آهي. ماليني مطابق پاڻيءَ جو اهو وهڪرو جنهن
جي ڪناري سان موجود وڻن جو هڪ پوتر ڪُنج هو جتي
شڪنتلا کي پالي نپائي جوان ڪيو ويو هو. ان ئي
وهڪري جي ڪٺار سان هڪ رستو هو جيڪو هتيناپورناپور
Hastinapur
جي راجا دشمنت
Dushmanta
جي درٻار ڏانهن ويندو هو. ڀرسان پاڻيءَ ۾ ڪنول پيا
ترندا هئا ۽ چڪور جون ٻوليون پيون ٻرنديون هيون.
ڪاليداس انهن سڀني کي هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو.
شين سئنگ جي بيان موجب مديپور ۾Madipura
علائقي جو گهيرو 600 لي يا 1000 ميل هو. مان هن ڏس
۾ پنهنجي راءِ جو اظهار اڳي ئي ڪري آيو آهيان ته
مذڪوره علائقي ۾ ڀروارا گوويسن گوويسنا
Govisana
۽ اهيچاترا وارا علائقا گڏائبا ته به مٿي ڏنل
گهيري وارو فاصلو پورو ڪو نه بيهن دو، ڇاڪاڻ ته
اهي روهيل کنڊ ۾ ۽ جيڪو گنگا ۽ رام گنگا جير وچ
تائين محدود آهي، جنهن جو ڪل گهيرو 250 ميل به ڪو
نه ٿيندو. مٿي جي ايراضين جو ذڪر ڪيو ويو آهي تن
سان گڏ گنگا کان اوڀر واري علائقي هردوار کان خير
ڳڙهه تائين گهاگهرا درياهه
Ghagra
جي ڪناري واري قنوج جو علائقو شامل ڪبو، ته به
مذڪوره علائقي جو گهيرو 650 کان 700 ميل کان به ڪو
نه ٿيندو. ان هوندي به اڃا اهو علائقو ننڍڙو نظر
اچي ٿو. نقشي جي سڌي فاصلي ۽ حقيقي رستي جي ورن
وڪڙن واري پنڌ ۾ موجود فرق کي دور ڪرڻ لاءِ اتر
پاسي وارو جابلو علائقو جيڪڏهن مذڪوره علائقي ۾
جوڙ ڪيو ويندو ته اصلي گهيرو 850 ميلن کان گهٽ ڪو
نه ٿيندو. مداوار جو راجا سيو-تو-لو
Siu-To-Lo
شودر هو جيڪو ديوتائن جي پوڄا ڪندو هو ۽ ٻڌ ڌرم
کان ونئن ويندو هو. جيئن اڱو ويسانا ۽ آنچترا جي
ڪنهن راجا جو نالو ڪو نه ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري
معلوم ٿئي ٿو ته اهي علائقا مداوار جا ڏن ڀرو هئا
آهي، شين سئنگ علائقي جو جيڪو گهيرو ڏنو آهي، سا
ملڪ جي سياسي خدبندي آهي پر اهو ان خاص علائقي جو
گهيرو نه آهي.
ميا پور يا هريدوار
شين سئنگ جو بيان آهي ته مو-لو-Mo-Yo-Lo
يا مايور
Mayura
جو شهر مداوار علائقي جي اولهه- اتر واري سرحد ۽
گنگا جي اڀرندي ڪناري تي هو. (542) شهر کان ٿوري
پنڌ يعني فاصلي تي هڪ وڏو مندر هوندو هو، جنهن کي
گنگا جو دروازو يعني گنگا دوار ڪري سڏيندا هئا.
مندر ۾ اندر هڪ تلاءُ هوندو هو، جنهن کي هڪ واهه
وسيلي گنگا درياهه مان ڀريو ويندو هو، گنگا دوار
واري ويجهيءَ جوءِ کي هردوار به سڏيو ويندو آهي.
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مايور يا ماياپور وارو دڙو
هوندو، جيڪو گنگا مان مندر کي پاڻي پهچائڻ واري
واهه جي منهن تي آهي، پر اهي ٻئي ماڳ هاڻي گنگا جي
الهندي ڪناري تي آهن ۽ ان اڀرندي ڪناري سان نه آهن
جهڙيءَ ريت شين سئنگ لکيو آهي. سندس اهو حوالو ته
اهي ماڳ مداور جي اتر-الهندي سرحد سان واقع آهن، ۽
اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته اهي ماڳ گنگا جي الهندي پاسي
هئا. انهن ماڳن جو صحيح بيان هن ريت ٿي سگهي ٿو ته
اهي سروگهنا جي اتر-اوڀر واري سرحد سان واقع آهن.
مان انهن ماڳن جي اوسي پاسي کي سچيتائي سان جاچي
ڏٺو هو جنهن مان پتو پيو ته ڪنهن زماني ۾ گنگا،
ماياپور ۽ ڪنکل
Kankhal
جو اولاهون پاسو ڏئي جوال پور
Jawalpur
ڏانهن ويندي هئي، پر هاڻي دوار ۽ ٽڪرين جي وچ تي
گنگا جو ڪو تازو پيٽ ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو.اهو وچ
وارو علائقو هاڻي آباد آهي ۽ اتي هردوار نالي هڪ
وستي اڏي وئي هئي. امڪان آهي ته اتي گنگا جو پراڻو
پيٽ هجي، جيڪو ماڻهن هوريان هوريان پوري ان جي
مٿان گهر تعمير ڪري ڇڏيا هجن. وري اهڙي روڪ رنڊڪ
به نظر ڪانه ايندي جنهن مان سمجهي سگهجي ته گنگا
الهندو رخ اختيار ڪو نه ڪيو هوندو، تنهن ڪري اسان
کي يا ته شين سئنگ جي ان بيان کي قبول ڪرڻو پوندو
ته مايور ۽ گنگا دوار گنگا جي اوڀر پاسي هئا يا ان
کي غلط سمجهڻو پوندو.
شو ۽ وشنو ديوتا جي پوڄارين ۾ اڳي ئي اها هوڏ هلي
رهي آهي ته گنگا درياهه کي ڪهـڙي ديوتا جنم ڏنو؟
وشنو پراڻ جو بيان آهي ته گنگا درياهه وشنو ديوتا
جي کاٻي پير جي وڏي ننهن مان وهندو آهي (543) ۽
وشنو جو پوئلڳ هري-ڪي- چرن ڏانهن اشارو ڪندا آهن ۽
پاڻ کي سوڀارو تصور ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته
سندن ويساهه ۽ عقيده نسورو سچ آهي. شو ديوتا جا
پوئلڳ کين وري اها ورندي ڏيندا آهن ته ان ماڳ جو
اصلي نالو هار دوار
Haradwara
آهي جنهن جي معنيٰ آهي شو جو دروازو. پر هن جو
مطلب هري جو دروازو نه آهي. وشنو پراڻ ۾ آهو به
بيان ملندو هو ته الڪا نندا
Alakanada
يا گنگا جي اوڀارين ڇاڙهه کي مها ديو پنهنجي مٿي
مان جنم ڏنو هو. (544) هن معلوماتي ذريعن کان
سواءِ منهنجو ويچار آهي ته هري دوار ٻئي نالا ڪنهن
پوئين دور سان واسطو رکن ٿا. گنگا دوار مندر ڀرسان
قديم شهر جو نالو مايا پور
Mayapur
هو. شين ئسنگ به هن ٿاڪ کي مو-يو-لو يا مايورا سڏي
ٿو، پر هربدوار ۽ ڪنکل جي وچ واري دڙي (قديم شهر)
جو نالو مايا پور هوندو هو. ماڻهو چوندا آهن ته ان
دڙي واري جاءِ تي مايا ديويءَ جي نالي هڪ مندر
هوندو هو ۽ ان ڪري ٿاڪ جو نالو به ماياپور پئجي
ويو. امڪان آهي ته ان شهر جو نالو مايورا پور
Mayurapura
هجي، ڇاڪاڻ ته ڀر واري جهنگ ۾ هزارين مور ڏٺا هيم
۽ صبح شام سندن ٽهوڪون پيون ڪنين پونديون هيون.
شين سئنگ جي بيان موجب هن شهر جو گهيرو 20 لي يا
سوا 3 ميل هو. منجهس ماڻهو به گهڻا رهندا هئا.
هيءُ بنيان مايا پور شهر سان هڪ جهڙائي رکي ٿو.
جنهن بابت ماڻهن مون کي اشارو ڏنو هو. هن شهر جا
اهڃاڻ هڪ نئن جي پيٽ تائين نظر اچن ٿا جيڪا راجا
بين
Ben
جي قلعي ڀرسان واه جي ڪناري تي واقع سروا ناٿ
Sarvvanath
مندر ويجهو گنگا ۾ ڇوڙ ڪندي آهي ۽ اهو ڪل فاصلو
7500 فوٽ آهي. ويڪر ڏنگي ڦڏي اٿس، پر پوءِ به ڏکڻ
پاسي کان 3000 فوٽ کن ٿيندي. اتر پاسو ڪجهه وڌيڪ
سوڙهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ڇاڪاڻ ته سواليڪ واريون ٽڪريون
اچي درياهه وٽ پهتيون آهن. سندس ماپ 1000 فوٽ آهي.
مٿينءَ ماپ موجب ڪل گهيرو 19000 فوٽ بيهي ٿو جيڪو
ساڍن ٽن ميلن کان مٿي ٿيندو. انهيءَ ايراضيءَ
اندر هڪ پراڻو قلعو به نظر ايندو، جنهن جي ماپ 750
همچورس آهي. هن قلعي لاءِ چيو ويندو آهي ته راجا
بين جوڙايو هو.ٻيا ڪيترائي دڙا آهن، جيڪي سروٽن
سان ڍڪيا پيا آهن، پر واهه جي پل ويجهو دڙو سڀني
کان اتاهون آهي. هن جوءِ ۾ نارائن سيلا
Narayan Sila
يعني مايا ديوي ڀئروا
Bhairava
سان لاڳاپيل ٽي مندر آهن. سڀني کان مـشهور گهاٽ
پيري گهاٽ آهي جيڪو هن ايراضيءَ جي حدن کان ٻاهر
سرواناٿ مندر کان 2000 فوٽ اتي-اوڀر پاسي آهي. هن
ماڳ جي قدامت تي ڪنهن کي به شڪ ڪو نه آهي، انهيءَ
ڪري نه ته هتي وڏين سرن جو استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو
يا مورتين جا بيشمار ٽڪرا آهن جيڪي ميڙي چونڊي هڪ
جاءِ تي گڏ ڪيا ويا آهن. پر هتان قديم سڪن جو انگ
به جهجهو هٿ لڳو آهي. انهن جي شڪل صورت سروگهنا
مان ملندڙ سڪن جهڙي آهي، جيڪي هر سال ملندا رهندا
آهن.
هريد وار يا وشنود روا جو نالو پڻ ڪنهن پوئين دور
سان واسطو رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ابوريحان ۽ رشيد الدين
گنگا دوار جو ذڪر ڪن ٿا. ڪاليداس پنهنجي تصنيف
ميگهدوتا
Meghaduta
۾ ڪنکل جو نالو ته کڻي ٿو، مگر هريد وار جو بيان
ڪو نه ڪيو اٿس، پر سندس سهيوڳي امراسنها
Amarasinha
وشنوپدي
Vishnupadi
جو لفظ ڪم آندو آهي جيڪو گنگا جو ٻيو نالو آهي. هن
حقيقت مان هيءُ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته وشنوءَ جي
پير مان گنگا جي وهڻ واري ڏند ڪٿا پنجين صدي
عيسويءَ سان لاڳاپيل آهي. منهنجو ويچار آهي ته
وشنوپد
Vishnopada
وارو مندر ابوريحان جي زماني تائين ٺهيل ڪو نه هو.
هن اڏاوت جو پهريون اشارو اسان کي تيمور جي موءرخ
شريف الدين(545) وٽان ملي ٿو، جنهن جو بيان آهي ته
گنگا درياهه ڪوء-پيلي
Cou-Pele
وٽان شروع ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو لفظ
ڪوء-پيلي نه پر ڪوه پيري آهي. يعني وشنوءَ جي پيرن
واري ٽڪري
Hill of the feet.
گنگا دو را مندر واري وڏي گهاٽ تي جنهن تي ماڻهو
سنان ڪندا آهن تنهن جو نالو پيري گهاٽ آهي ۽ مٿان
واري ٽڪريءَ کي پير پهاڙ سڏيندا آهن. اڪبر جي دور
۾ هريداوار وارو ماڳ تمام گهڻو مشهور هوندو هو.
ابوالفضل جو بيان آهي ته مايا ۽ هريدوار گنگا جي
ڪناري سان واقع آهن ۽ هيءُ علائقو 18 ڪوهن تائين
مقدس سمجهيو ويندو آهي. (546) جهانگير جي حڪومت ۾
ٽام ڪورياٽ
Tom Coryat
انهن ماڳن کي ڏوري وڃي ڏٺو هو ۽ چئپلين ٽيري
Chaplian Terry
کي ٻڌايو هئائين ته ”سيبا
Siba
جي راجڌاني هريدوار وٽان گنگا وڏن جبلن وچان وڏي
وهڪري سان ڇوليون هڻندي وهندي آهي. سن 1796ع ۾
هيءُ ماڳ هارڊوڪ
Hardwicke
به ڏٺو هو. سندس بيان آهي ته هيءُ شهر ننڍڙو ۽
ٽڪرين جي ڪڇ ۾ اڏيل آهي. رئپر
Raper
به 1808ع ۾ اوڏانهين ويو هو، پر کيس اهو شهر ڪو نه
وڻيو. هو ٻڌائي ٿو ته فقط هڪ گهٽي اٿس. شهر 15 فوٽ
ويڪرو ۽ ڏيڍ فرلانگ کن ڊگهو آهي. هاڻي اهو شهر سوا
ميل کن ڊگهو ٿيندو پر گهٽي اها ئي هڪڙي اٿس. (547)
شين سئنگ جو بيان آهي ته هن درياهه جو نالو
فو-شوئي
Fo-Shuiآهي.
ايم اسٽئنسلاس جولين
M.Stanislas Julin
هن جو ترجمو آءِ ايو ڪئي پورٽي بونهيوئر
I,Eau.qui porte bonheur
ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته اها مهاڀادرا آهي. هي گنگا
جو ٻيو مشهور نالو آهي. سندس بيان آهي ته هن
درياهه ۾ وهنجڻ سان ماڻهوءَ جا سڀ پاپ ڌوپجي ويندا
آهن. جيڪڏهن لاش کي هن پاڻيءَ ۾ لوڙهيو ويندو ته
سندس پاپ بخشجي ويندا ۽ سندس ٻيو جنم ڪنهن سٺيءَ
جا تي ٿيندو. پر مان هن نالي کان سڀادرا
Sbhadra
کي وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو. ڪيسياس
Ktesias
به هندستان جي هڪ وڏي نديءَ جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن
جو نالو ڪجهه اهڙو ٻڌائي ٿو (548). وليني به
ڪيسياس تان حوالو ورتو آهي ۽ نديءَ جو نالو
هائپوبارس
Hypobarus
ٻڌائي ٿو، جيڪو هن نالي جي ويجهو لفظ آهي (549)
دمشق
Damascus
جو نڪولس
Nicloas
به گهٽ وڌ ساڳيو نالو لکي ٿو. منهنجو ويچار آهي ته
ڪيسياس جو اصلي لفظ به گهڻو ڪري سڀادرا هوندو.
برهماپور
شين سئنگ مداوار کان 300 لي يا 50 ميل اتر سفر ڪري
پو-لو-ڪي-مو-پو-لو
Po-Lo-Ki-Mo-Pu-Lo
پهتو هو، جنهن کي ايم جولين برهماپور سمجهي ٿو. هن
لفظ جي ٻي پڙهڻي پو-لو-هي-مو-لو
Po-Lo-Hi-Mo-Lo
آهي، پو-لو-هي-مو-لو
Po-Lo-He-Mo-Lo
(550) جنهن ۾ غلطيءَ وچان پو وارو پد ڪونه ڏنو ويو
آهي. اتر ڏانهن سفر ڪرڻ وارا لفظ به غلط آهن ڇاڪاڻ
ته جيڪڏهن اتان اتر پاسي سفر ڪبو ته گنگا پار اڪري
وري وڃي سروگهنا نڪربو، تنهن ڪري اسان کي اتر-اوڀر
طرف سمجهڻ کپي ۽ انهيءَ پاسي سفر ڪري ماڻهو وڃي
ڳڙهه وال
Garhwal
۽ ڪمائون
Kumaon
پهچندو، جتي ڪنهن زماني ۾ ڪيٽوري
Katyuri
گهراڻي جي حڪومت قائم هوندي هئي. چيني ياتريءَ به
اوڏاهين وڃڻ جو ارادو ڪيو هو. اها ڳالهه هن حقيقت
مان به ثابت ڪري سگهجي ٿي ته ان علائقي مان ٽامون
لڀندو هو. ڳڙهه وال جي علائقي ۾ ڌنپور
Dhanpur
۽ پوکري
Pokhri
جا اهڙا علائقا هئا، جن مان قديم زماني کان وٺي
ٽامو ملندو هو. ڪيتوري گهراڻي جي راجائن جي قديم
راجڌاني رام گنگا پار جي ڪناري سان لکن پور وئرات
پتڻ
Lakhan pur Vairat Pattan
۾ هوندي هئي، جيڪا مڌاوار کان سڌو 80 ميل پري هئي.
جيڪڏهن اسان مداوار جي اتر-اوڀر ڀرسان ٽاڪرو
علائقي جي ماڳ ڪوٽ دوار
Kot dwara
کان فاصلو ماپينداسين ته اهو فاصلو شين سئنگ جي
ٻڌايل فاصلي سان ٺهڪي اچي ٿو جيڪو 50 ميل آهي. مون
کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته سفر نامي ۾ بيان ڪيل پنڌ
۽ جڳهه جي ناتي سان جيڪو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو گهڻو
ڪري گو ويسانا ماڳ ڏانهن اشارو آهي، هي ٻيو ماڳ
آهي جتي شين سئنگ ويو هو. جتان کان بئرات 50 ميل
اتر طرف آهي.
هن علائقي جي تاريخي حوالن مطابق پتڻ يا لکڻ پور
هن ملڪ جي تمام آڳاٽي راجڌاني آهي، ڇاڪاڻ ته
ڪمائون جا سوم بنسي ۽ ڳڙهه وال جا سورج بنسي
گهراڻي جا راجا سموت 752 ۽ 745 ڌاران پنهنجي ملڪن
تي ڌار ڌار راڄ ڪندا هئا، پر انهن کي جيڪڏهن وڪرما
جيتي سن سان ڀيٽي ڏسبو ته اهي شين سئنگ کان پوئين
دور جا آهن، تنهن ڪري منهنجو ويچار آهي ته وئرات
پتڻ جو ٻيو نالو برهماپور ئي ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته
هن علائقي جي ٻ ي ڪابه راجڌاني هن کان وڌيڪ قديم
ڪانه آهي. سرينگر به درياهه جي ڪناري آباد آهي، پر
ان شهر جو بنياد ڳڙهه وال جي اجياپالو سموت 1415
يا 1358ع ۾ رکيو هو ۽ مداوار کان به ذري گهٽ وئرات
پتڻ جيترو پري آهي. چاند پور به ڳڙهه وال جي پراڻي
راجڌاني آهي، پر ان جو فاصلو پري ۽ سندس بنياد
سموت 1216 يا 1159ع ۾ رکيو ويو هو. مذڪوره علائقي
جي آب وهوا به هلڪي ٿڌيري چئي وڃي ٿي، جيڪا بئرات
جي جاگرافيائي بيهڪ سان ٺهڪي اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو
سمنڊ کان 3339 فوٽ مٿي آهي. |