اها اڳڪٿي بلڪل پوري ٿي. هيما وتيءَ جو ننڍڙو
ٻارڙو ويساک جي 11 تاريخ ڪرن وتيءَ جي ڪناري تي
ڄائو، جنهن کي نقشن ۾ ڪئن ندي لکيو ويو آهي. (719)
سندس شڪل صورت هوبهو چندرمان جهڙي هئي ۽ اهي
تاريخون اهڙيون هيون جو چندما جي ڄمڻ مهل سڀئي
ديوتائون وٽس هلي آيا ۽ ڏاڍيون خوشيون (مهوتسو
Mohtsava)
ملهايائون. ورهس پتي
Verhaspati
جنم پتري جوڙي ان ٻارڙي جو نالو چندرما رکيو. جڏهن
هو 16 ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته هن هڪ چيتي کي
ماريو هو. جڏهن هو ورهس پتيءَ سان ملڻ ويو ته کيس
پارس ڏنائين ۽ کيس راڄنيت جون ڳالهيون به
سيکاريائين. تنهن کان پوءِ هن ڪالنجر قلعي جي
اڏاوت ڪئي ۽ پوءِ کرجورپور
Kharjur pur
ويو ۽ اتي وڇي جگه يا يجنيه
Jag or Yajnya
ڪيائين. يعني ٻليدان ڪيائين، انهيءَ مقصد سان ته
جيئن سندس ماءُ تان ڪارنهن جو ٽڪو لهي وڃي. بعد ۾
75 مندرن جي تعمير ڪرايائين. انهن ڳالهين کان پوءِ
راڻي چندر وتي ۽ ٻيون راڻيون اچي هيماوتيءَ جي
چرنن ۾ ويٺيون، ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين مٿس لڳل
ڪارنهن جو چٽو لهي ويو هو. جڏهن اهي سڀئي ڳالهيون
پوريون ٿيون ته هو مهوت سو يا مهوب ڏانهن هليو
ويو، جيڪا چندرماجي خوشين واري جڳهه هئي ۽ ان شهر
کي پنهنجي ملڪ جي راجڌاني بنايائين.
هن واقعي جي دور کي گهڻن ڪتابن ۾ درج ڪيو ويو آهي.
پر لکتن موجب چانڊيل گهراڻي جي سياسي سگهه جي
شروعات ۽ مهوب جي بنياد پوڻ جو دور 800ع ٿي سگهي
ٿو.
مهيشو پور
ججهوتيءَ مان هن چيني ياتري اتر ڏانهن سفر ڪيو ۽
900 لي يا 150 ميل پنڌ ڪري مو-هي-شي-فا-لو-پو-لو
Mo-hi-shi-fa-lo-pu-lo
يا مهيشور پور پهتو هو. ان علائقي جو راجا برهمن
هو، ججهوتي کان ايترو فاصلو جيڪڏهن اتر طرف ڪبو ته
وڃي قنوج پهچبو، تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته طرف ۾
غلطي ٿي وئي ٿي ڀائنجي ۽ مٿي ذڪر ڪيل 900 لي يا
150 ميل اتر بدران ڏکڻ سمجهڻ کپن. ايتري فاصلي تي
ڏکڻ منڊل
Mansala
جو شهر واقع آهي جنهن کي ڪنهن زماني ۾ مهيس وتي
پور
Mahesh mati pur
به سڏيو ويندو هو (720) ۽ نربدا جي مٿين علائقي جي
راجڌاني به هو. ان کانپوءِ تريپوري
Teripuri
يا توير
Tewar
اچي سندس جاءِ ورتي، جيڪو جبل پور
Jabal pur
کان ڇهه ميل پري هڪ ماڳ آهي. مذڪوره ماڳ تمام
آڳاٽو آهي. مهاونسو جو بيان آهي ته اشوڪ جي زماني
۾ (240 ق. م) ٿيرو مهاديو
Thero Mahadeva
کي مهيش منڊل ڏانهن روانو ڪيو ويو هو. (721) هن
ملڪ جي پيداوار اجين ملڪ جي پيداوار جهڙي آهي.
هيءَ ثابتي ڪافي آهي ته مهيشور ججهوتيءَ جي اتر ۾
ٿي ڪو نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته گواليار ۽ گنگا دوآبي
جي اڇي مٽي اجين جي ڪاري مٽيءَ کان گهڻي مختلف
آهي. انهن سببن جي ڪري مان نربدا جي اتر پاسي واري
مهيش متي پور ۽ شين سئنگ جي بيان ڪيل مهيشوپور کي
هڪ ماڳ سمجهان ٿو. هن ملڪ جو گهيرو 3000 لي يا 500
ميل هو. هن پکيڙ جي لحاظ کان سندس حدون هن ريت ٿي
سگهن ٿيون ته اولهه کان دوموهه
Dumah
۽ ليوني
Leoni
۽ اوڀر ۾ نربدا جو آبي ذريعو هو.
اجين
شين سئنگ راجڌاني يو-شي-يين-نا-U-Yen-Na
جو گهيرو 30 لي يا 5 ميل ٻڌائي ٿو جيڪو موجوده
شهر جي گهيري کان ٿورو ڪجه گهٽ آهي. ملڪ جي گهيري
لاءِ سندس بيان آهي ته 6000 لي يا 1000 ميل هو.
اولهه پاسي کان مالوا جو ملڪ هوس جنهن جي راجڌاني
جو نالو ڌارنگر
Dhara Nagar
يا ڌار
Dhar
هو، جيڪو اجين کان 50 ميل جي اندر هو. تنهن ڪري
چئي سگهجي ٿو ته اجين وارو علائقو اولهه پاسي چمبل
درياهه کان اڳتي ڪو نه هو پر اتر کان مٿرا ۽
جيهوٽي لڪن تائين ضرور پکڙيل هوندو. هن جي اوڀارين
حد جو دنگ مهيوشرپور ۽ ڏکڻ کان ساتپور
Satpura
وارين ٽڪرين تائين هوندو. جيڪي نربدا ۽ تاپتي ندي
جي وچ تي ڏسڻ ۾ اينديون. انهن سرحدن موجب هن
علائقي کي هن طرح وچ ڏسڻ ۾ اينديون. انهن سرحدن
موجب هن علائقي کي هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿو ته
رنٿمبور
Ranthambawar
کان برهانپور تائين سندس اولاهون سنڌو هو. دوموه
کان سيوني
Seoni
تائين سندس اوڀاريون دنگ هو ان حساب سان اجين جو
گهيرو 900 ميل ٿي سگهي ٿو. (766)
ان زماني ۾ اجين تي ڀروارن ملڪن جيهوتي ۽ مهيشوپر
جيان برهمڻ راڄ قائم هو. پر چيو وڃي ٿو ته
جيهوتيءَ جو راجا ٻڌ هو باقي ٻين ملڪن جا راجا
برهمڻ هئا. هن کان اولهه پاسي وارو مالوا راجا ڪٽر
ٻڌ هو. شين سئنگ وارو مو-لا-پو يا مالوا الهندي اڌ
واري قديم علائقي تي مشتمل هو اوڀاريون اڌ اجين
سان شامل هو جنهن تي برهمڻ راجا جو راڄ هو. هن
علائقي جو سياسي ورهاڱو به ڌرمي ڌڙابندي موجب ڪيل
هو. اهو ورهاڱو به ڌرمي مڌڀيڙ جو ڪارڻ ٿي ويو هو.
مالوا جو قديم نالو به هن ملڪ جي اولاهين اڌ تي
هو، جنهن جا رهواسي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا. منهنجو
اندازو آهي ته برهمڻ مالوا کان الڳ ٿي ويا هئا ۽
اجين برهمڻن جو تازو قائم ڪيل ملڪ هو. جيڪو قديم
مالوا جو حصو هو. منهنجو ويچار اهو به آهي ته
مهيشور پور به ٻڌ ملڪ ڪوسل
Kosala
يا برار
Berar
جو ڀاڱو آهي، جنهن کي برهمڻن الڳ ڪري پنهنجو راڄ
قائم ڪيو هو. هن ملڪ جو ذڪر هيٺ ايندو. مالوا ۾
ڪيترا وهار هئا. پر جنهن زماني ۾ شين سئنگ هتي آيو
هو ته فقط 3 يا 4 وهار سلامت هئا جن ۾ 300 کن شمني
رهندا هئا. هندن جي مندرن جو انگ ججهو هو. اتان جو
راجا برهمڻن جي لکيل اڌرمي
Heretieal
بابت ڪتابن کان گهڻو واقف هو.
مالوا
شين سئنگ جي بيان موجب مو-لا-پو يا مالوا جي
راجڌاني مو-هو
Mo-Ho
يا ماهي
Mahi
ندي جي ڏکڻ-اوڀر پاسي تعمير ٿيل هئي ۽ ڀڙوچ
Bharoach
کان سندس فاصلو 2000 لي يا 333 ميل ۽ طرف اتر-اوڀر
هو. (723) غور ڪري ڏسبو ته مٿيان ٻئي طرف غلط آهن،
ڇاڪاڻ ته ڀڙوچ کان مالوا اتر-اوڀر آهي، جتان کان
ماهي نديءَ جو آبي ذريعو 150 ميل پري آهي، تنهن
ڪري مان هن فاصلي کي 1000 لي يا 167 ميل اتر-اوڀر
سمجهان ٿو جيڪو ڌارن نگر يا ڌار جي جاگرافيائي
بيهڪ سان ٺهڪي اچي ٿو جيڪا ڪنهن زماني ۾ مالوا جي
قديم راجڌاني هئي. ڌار جي موجوده شهر جي ڊيگهه منو
ميل ۽ ويڪر اڌ ميل ٿيندي. اهڙيءَ ريت گهيرو اڍائي
ميل کن ٿيندو. پر قلعو شهر کان ٻاهر آهي. ان حساب
سان ان ساري شهر جو گهيرو ساڍن ٽن ميلن کان ڪنهن
به حالت ۾ گهٽ ڪو نه ٿيندو. سڄي ملڪ جو گهيرو 6000
لي يا هڪ هزار ميل آهي. مالوا کان اولهه پاسي ٻه
رياستون هڪ کيدا
Kheda
جنهن جو گهيرو 3000 لي يا 500 ميل ۽ ٻي رياست آنند
پور
Ananda pura
جنهن جو گهيرو 2000 لي يا 330 ميل گهيرو هو، ساڻس
شامل هيون. هن کان علاوه ودري
Vadari
نالي هڪ آزاد ملڪ به هن سان گڏيل هو، جنهن جو
گهيرو 2000 لي يا 1000 ميل هو. انهن سڀني علائقن
کي گڏائي بيان ڪيو ويو آهي، جن جي اولهه ۽ اوڀر ۾
ڪڇ ۽ اجين، اتر ۾ گجرات ۽ بئرات ۽ ڏکڻ ۾ بلڀي ۽
مهاراشٽريه آهن. وچ واري ساري علائقي جو گهيرو
1350 ميل ٿيندو. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته مٿي بيان
ڪيل ڏن ڀرو رياستون مالوا ۾ ضم ڏيکاريون ويون آهن.
اهڙيءَ ريت ڏن ڀرو رياستون ۽ مالوا ملڪ جو ڏاکڻيون
۽ ودري کي اتريون اڌ سمجهڻ گهرجي. ان جوڙجڪ موجب
مالوا جي حد هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿي ته اتر پاسي
ودري، اولهه کان بلڀي وارو علائقو، ڏکڻ کان اجين ۽
اوڀر کان مهاراشٽريه هو. ان ريت هي گهيرو ڪڇ ۾
بناس
Banas
ندي جي ڇوڙ کان وٺي مونڊيسر
Mandisar
ڀرسان چمبل نديءَ تائين، ٻئي پاسي کان دامان
Daman
۽ ماليگام
Maligam
جي وچ وارين سهيادري
Sahyadri
ٽڪرين کان برهانپور کان هيٺان تاپتي ندي تائين
نقشي جي سڌي ماپ مطابق گهيرو 850 ميل ۽ سڻڪ جي
فاصلي موجب 1000 ميل ٿئي ٿو. ابوريحان جو بيان آهي
ته (724) نربدا کان ڌار جو فاصلو 7 فرسنگ ۽ ان کان
پوءِ مهرت-دس
Mahrat-Das
وارو دنگ 18 فرسنگ پري آهي. هن ڳالهه مان اهو
معلوم ٿئي ٿو ته ڌار وارو علائقو ڏکڻ پاسي تاپتي
نديءَ تائين پکڙيل هوندو.
شين سئنگ جو بيان آهي ته ٻڌرڌم جو اڀياس جي ناتي
سان ساري هندستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ٻه ملڪ مشهور
آهن جن مان هڪ اتر-اوڀر مگڌ ۽ ٻيو ڏکڻ-اولهه مالوا
آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو مالوا ۾ سوين وهار آهن، جن
۾ ٻڌڌرم جي سمتيه
Sammatiya
فرقي جا ويهه هزار شمني رهندا آهن ۽ سندس اچڻ کان
50 سال اڳ سلادتيه نالي هڪ راجا هتي راڄ ڪندو هو
جيڪو ٻڌ ڌرم جو ڪٽر پوئلڳ هو.
کيدا
شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته ڪي-چا
Ke-Cha
وارو علائقو مالوا کان 300 لي يا 50 ميل اتر-اولهه
پاسي آهي. (725) ايم جولين ۽ ايم ووين ڊي سئنٽ
مارٽن هن جي معنيٰ کچ
Khacha
سمجهن ٿا ۽ سندس خيال آهي ته اهو ڪڇ وارو اپٻيٽ
آهي. مان ڪن ٻين سببن جي آڌار تي هڪ ٻيءَ پڙهڻي جو
قائل آهيان، جيڪڏهن چ
Cha
جي پدن وارن نالن تي ويچار ڪبو ته اهو پد پاتلپتر
۽ ڪڪوت جي نالن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو جتي هُو ت جي اچار
جي نمائندگي ڪندي نظر ايندو آهي. اهڙيءَ ريت وري
او-چا-لي جو نالو جنهن جو ايم جولين ترجمو اتالي
Atali
ڪيو آهي، تنهن ۾ به ڏسجي ٿو ته ڊي سئنٽ مارٽن ان
کي ٿل يا ٿر وارو رڻ پٽ سمهجي ٿو.اهڙي ريت ڪي –چا
Ke-Cha
جي معنيٰ به کيتا
Kheta
ٿي سگهي ٿي. ڏٺو وڃي ته ڪيرا
Kaira
جي صحيح سنسڪرتي شڪل کيدا
Kheda
آهي. هي گجرات جو هڪ مشهور شهر آهي، جيڪو احمد
آباد ۽ کنڀات جي وچ تي واقع آهي، تنهن ڪري مان هن
چيني ياتريءَ جي بيان ڪيل ڪي-چا-ماڳ کي کيدا
سمجهان ٿو. اها به حقيقت آهي ته شين سئنگ جو لکيل
فاصلو 300 لي آهي پر ڏٺو وڃي ته هن ياتريءَ جي هن
پاسي واري سفر ۾ طرفن ۽ فاصلن سان لاڳاپيل ڪيتريون
چڪون آهن، تنهن ڪري مان سندس سفر نامي جي متن ۾
ڪجهه تبديليون ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪو نه ٿو ڪريان ۽
ان کي 1300 لي يا 217 ميل سمجهان ٿو ۽ اهو ئي کيدا
۽ ڌار جي وچ ۾ اصلي فاصلو آهي. جڏهن اسان سمجهون
ٿا ته مالوا علائقي سان اجين دنگئي آهي ۽ اولهه
کان ٻنهي جي سرحد 25 ميلن تائين گڏيل آهي ته پوءِ
اهو ممڪن ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڌار کان 50 ميل پري
ڪو ٻيو ملڪ موجود ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ائين سمجهيو
ويندو ته اجين ۽ کيدا جي وچ وارو علائقو 50 ميل
سسي گهٽجي ويندو. پر جيڪڏهن منهنجي تصحيح کي قابل
قبول سمجهيو ويندو ته اهو مونجهارو دور ٿي سگهي
ٿو. ان حساب سان مالوا جي اولهه پاسي وارو علائقو
کيدا ٿيندو. شين سئنگ هن علائقي جو گهيرو 2000 لي
يا 500 ميل ٻڌايو آهي جيڪو ڪيئرا جي ايراضيءَ سان
ٺهڪي بيهي ٿو، جنهن جو اولهه پاسي وارو دنگ
سابرمتي اوڀر-اتر واري پاسي کان ماهي نديءَ وارو
وڏو وڪڙ ۽ ڏکڻ ۾ بڙودا آهي. شڪل وصورت ۾ ڏنگو ڦڏو
۽ همچورس ڏسبو.
آنند پور
شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته او-نن-تو-پو-لو
O-Nan-To-Po-Lo
ولڀي کان 700 لي يا 117 ميل اتر-اولهه پاسي آهي.
(726) هن شهر کي جينين جي ڪلپ سوتر
Kalpa Sutra
جي آڌار تي ايم ڊي سئنٽ ڊي مارٽن برنگر
Barnagara
سمجهيو آهي، پر طرف اوڀر-اتر ۽ فاصلو 900 لي يا
150 ميل آهي. برنگر جو ذڪر اڳي ئي ڪيو ويو آهي ته
هن شهر جو سنسڪرتي نالو ودپور
Vada pur
يا برپور
Barpur
آهي. علائقي جو گهيرو 2000 لي يا 333 ميل ٻڌايو
ويو آهي، جيڪو مالوا جو ڏن ڀرو هو. هن علائقي کي
جيڪڏهن ٽڪنڊي شڪل ڏبي ۽ سمجهبو ته ان جي اولهه ۾
بناس جو ڇوڙ ۽ اوڀر ۾ سابرمتي درياه هو ته ڏنل
گهيرو ڀچي بيهندو.
ودري يا ايدر
شين سئنگ مالوا کان ڏکڻ-اولهه سفر ڪيو هو. ٻن
سمنڊن جي سنگم وٽ پهچي اتر-اولهه ڏانهن رخ ڪيو
هئائين ۽ اچي او-چا-لي
O-Cha-Li
يا ودريءَ واري ماڳ وٽ رسيو هو. (727) اهو سارو
فاصلو 2400 کان 2500 لي يا 400 کان 417 ميل هو.
هتي ٻن سمنڊن جي سنگم جو مطلب شايد هي آهي ته ان
ٿاڪ وٽ ڏکڻ وارو ۽ کنڀات جي نار وارو سمنڊ اچي پاڻ
۾ ملندا هئا. سورت جو شهر جنهن جو قديم نالو
سورپارڪ
Surparka
۽ تاپتي نديءَ جي ڇوڙ وٽآهي، شايد تنهن کي نار
Gulf
جو لنگهه سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ماڳ ڌار
کان ڏکڻ-اولهه پاسي آهي. امڪان آهي ته شين سئنگ
پهريائين هيءُ ماڳ اچي ڏٺو هوندو. هن جو فاصلو 200
ميل کن ٿيندو. سورت کان ايدر تائين به فاصلو اهو
ساڳيو آهي پر طرف اوڀر-اتر آهي. تنهن ڪري مان
اتر-اولهه بدران اهو طرف اوڀر-اتر سمجهان ٿو. ان
حساب سان ايدر
Eder
جي جاگرافيائي بيهڪ شين سئنگ جي بيان ڪيل ماڳ سان
ذري گهٽ مشابهه آهي. مون کي پتو نه آهي ته ايدر جو
سنسڪرتي نالو ڇا آهي؟ پر قوي امڪان آهي ته بسنت
ڳڙهه
Basant garh
مان هٿ آيل لکت ۽ تحرير ٿيل ودري نالي وارو ماڳ
هيءُ ئي آهي. (728) يارهين صديءَ جي وچ ڌاران ودري
ڀر واري ودپور نرنگر جي راجڌاني هو جيڪو ايدر کان
30 ميل اولهه ۽ ساڀرمتيءَ جي ٻيءَ ڀر واقع هو.
هتان جي راجا جي دعويٰ آهي ته هو راجا ڀواگپت
Bhava Gupta
جي ڦريءَ سان واسطو رکن ٿا جيڪو جنگي جوڌن ۽ هن
ڦريءَ جي راجائن جو ابو ڏاڏو هو. منهنجي خيال ۾ هي
ڀاوا يا ڀا با اهو ساڳيو راجا آهي، جنهن کي اڌيپور
جي مؤرخن سسوديه
Sisodiya
جو ڀاو
Bhav
يا باپا
Bappa
سڏيو آهي، جنهن جا ابا ڏاڏا ايدر جا راجا رهندا
آيا آهن، جيئن ته راجا باپا جو دور اٺينءَ صديءَ
جي شروعات ۾ متعين ڪري سگهجي ٿو، تنهن ڪري چئي
سگهجي ٿو ته سندس ابن ڏاڏن جو زمانو اهو آهي، جنهن
دوران شين سئنگ هتي آيو هو. انهن سببن ڪري مان هن
خيال جو آهيان ته ايدر وارو ماڳ هٿ آيل لکت مطابق
ودري ۽ چيني سيلاني جي لکت مطابق اوتالي
Otali
يا ودري آهي.
هن علائقي جو گهيرو 6000 لي يا 1000 ميل ٻڌايو ويو
آهي، جيڪو نظر اچي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
اٽالي
Atali
يا ودري وارو علائقو به ساڻس شامل هوندو، جنهن جي
اتر ۾ ويرات
Vairat
جي وچ واري ايراضي، اولهه ۾ گجرات، اوڀر ۾ اجين ۽
ڏکڻ ۾ مالوا هئا. تنهن ڪري سندس اتر ۾ اجمير ۽
رٿمبور، لوني ۽ چمبل نديون اوڀر ۾ اولهه ۽ ڏکڻ ۾
مالوا هوندو، يعني ڪڇ جي رڻ واري بناس نديءَ کان
مونڊيسر ڀرسان چمبل نديءَ تائين آهي. هن علائقي جو
گهيرو نقشي جي سڌيءَ ماپ مطابق 900 ميل ۽ سڻڪ جي
فاصلي سان 1000 ميل ٿيندو. پليني سنڌوءَ جي هيٺئين
پاسي واري وهڪري جي اوڀر ۾ رهندڙ مختلف قومن جي
احوال ۾ جيڪي ڳالهيون ٻڌايون آهن، تن جي آڌار تي
ايدر ۽ اوسي پاسي جي علائقي جي رستن بابت حال
احوال هيٺ ڏجي ٿو(729)
”ان کان پوءِ ناراءِ
Nareae
جي قبيلي جا ماڻهو آهن، جن جي ملڪ جي چوڌاري
هندستان جو اتاهون جبل ڪئپيلٽليه ڦري اچي ٿو، هن
جبل جي ٻئي پاسي کان ماڻهو سون ۽ چاندي کوٽي ڪڍندا
آهن. انهن کان اوراٽوراءِ جو قبيلو آهي، جنهن کي
اوراٽاءِ به سڏيو ويندو آهي، جنهن جي بادشاهه کي
فقط ڏهه هاٿي آهن پر کيس پيادل لشڪر تمام گهڻو
آهي. ويريتتاءِ
Varetatae
يا سورتتتاءِ
Suratatatae
قوم جي راجا وٽ ڪو هاٿي ڪو نه آهي، پر گهوڙيسوار
دستا ۽ پيادل فوج نهايت سگهاري اٿس. ان کان پوءِ
اودمباءِ راءِ
Odambaerae
جو ملڪ آهي.“ پڇاڙيءَ ۾ بيان ڪيل قوم ڪڇ سان
لاڳاپيل سمجهي وڃي ٿي. مٿي جنهن جبل جو ڪئپٽليا جي
نالي سان ذڪر ڪيو ويو آهي سو مقدس آربودا
Arbuda
يا آبو
Abu
جبل آهي جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري کان 5000 فوٽ اتاهون
آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ناراءِ قبيلي جا
ماڻهو سرو
Sarui
ملڪ جا رهواسي آهن، جنهن کي ڪانن جو ملڪ
Country of reeds
به سڏيو ويندو آهي. سر
Sar
۽ نڙ
Nar
ٻئي ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن. سرن وارن اهو ملڪ
Cuntry Of reeds
اڃا تائين به ڪانن يا تيرن ٺاهڻ ۾ مشهور آهي.
اراٽوءِ جي ماڻهن کي ودپور
Vada pura
يا برپور علائقي جو رهواسي سمجهي سگهجي ٿو، جنهن
جو ٻيو نالو برنگر به آهي. جيڪڏهن يوناني لفظن ۾
ٿوري مٽ سٽ ڪبي ته اوراٽوراءِ نالو ٺهي پوندو جنهن
کي اوراپور
Orapura
سمجهڻ کپي. پليني جي ڏنل فهرست مطابق آخري نالو
وئري ٽٽاءِ
Varetatae
آهي، جنهن کي بدلائي هن ريت وٽريٽاءِ
Vitaretae
پڙهڻ کي ترجيح ڏيان ٿو، جنهن ۾ ٻن اکرن جي مٽ سٽ
ٿئي ٿي. اهڙيءَ ريت سائوراتراتاءِ
Suarataratae
لفظ جون مختلف سوراشٽريه جي مفهور ڏيکارڻ لاءِ ڪتب
آندو ويو هجي. هندستان جي مشهور مصنف وراه مهرا
Varaha Mihira
سوراشٽريه ۽ بادر کي هڪ جاءِ تي لکيو آهي. سندس
بيان آهي ته اهي ڏکڻ اولهه هندستان وارن علائقن جا
رهندڙ ماڻهو آهن. (730) هن بيان جي نقطه نگاه کان
چئي سگهجي ٿو ته اهي ماڻهو بادري
Badari
يا وادري
Vadari
آهن.
مان سمجهان ٿو ته ودري نالو بدري واري علائقي کي
سڏيو ويندو آهي جنهن جي معنيٰ آهي اهو علائقو جنهن
۾ ٻيريون
Jujuloe
تمام گهڻيون ٿينديون آهن ۽ اهو وڻ ڏکڻ راجپوتانا ۾
ججهو ٿيندو آهي. ان لاءِ مونکي هن علائقي جي اوسي
پاسي قديم سووير
Sauivira
جي ڳولا ڪرڻ گهرجي، جنهن کي سوفير
Sophir
يا اوفير
Ophir
ڪري لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سووير ورديءَ جو ٻيو
نالو آهي جنهن جي معنيٰ ٻير جو وڻ آهي. ان جو
مفهوم سوادي ٻير به ٿي سگهن ٿا.
هندستان کي قبطي ٻوليءَ ۾ اڄ سوڌو به سوفير
Sophir
چيو ويندو آهي پر هيءُ نالو هندستان جي سامونڊي
ڪناري واري ان علائقي سان واسطو رکي ٿو ته جتي
اولهه جا واپاري جام پيا ايندا ويندا هئا. مون کي
شڪ ٿئي ٿو ته اهو علائقو کنڀات نار جي اوسي پاسي
هوندو، جيڪو قديم زماني کان وٺي اولهه سان واپار
ڪرڻ ۾ شهرت رکندو هو. يونان جي ساري تاريخي دور ۾
باري گاز
Barygaza
يا ڀڙوچ جو مشهور شهر تجارت جو مرڪز رهيو آهي جيڪو
نربدا نديءَ جو چوڙ وٽ قائم هوندو هو. چوٿين صديءَ
دوران هن علائقي جو ڪجهه حصو بلڀيءَ سان شامل ڪيو
ويو هو، جيڪو گجرات جي اپٻيٽ ۾ واقع هو. وچين دور
۾ ان جو ڪجهه حصو کنڀاٽ سان شامل ڪيو ويو هو، جيڪو
نار جي مٿئين حصي ۾ واقع هو. موجوده دور ۾ هو سورت
سان ڳنڍيل آهي جيڪو تاپتي نديءَ جي ڇوڙ وٽ وسندڙ
هڪ مشهور شهر آهي.
جيڪڏهن منهنجو ويچار صحيح آهي ته سووير جو لفظ پپر
جي وڻ تان ورتو ويو آهي ته پوءِ امڪان اهو آهي ته
هيءُ بدري
Badri
يا ايدر واري علاقئي جو ٻيو نالو سمجهڻ گهر جي
جيڪو کنڀاٽ جي نار جي مهڙ وارو علائقو آهي، هيءُ
علائقو ان جاگرافيائي بيهڪ سان مطابق آهي جتي،
اسان کي هن علائقي کي ڳولڻ کپي. رودر دام
RuDra Dama
جي قديم لکت موجب به سوراشٽريه
Surashtra
۽
ڀاروڪڇ
Bharukachha
کان پوءِ ڪڪور
Kukura،
اپارنت
Aparanta
۽ نشد
Nishada
کان پهريائين سنڌو سووير
Sindhu Sauvira
جو ذڪر ڪيو آهي. (731) بيان جي نسبت مطابق
سنڌو-سوير کي سوراشٽريه ۽ ڀڙوچ کان اتر ۽ نشد کان
ڏکڻ طرف هئڻ گهرجي يا وري ائين جهڙيءَ ريت مان ان
کي ڪوهه ابوءَ ڀرسان سمجهان ٿو. وشنو پراڻ ۾ به
سنڌو سووير واري علائقي کي هن ايراضيءَ جي اوسي
پاسي سمجهيو ويو آهي. بيان هن ريت آهي: صفا اولهه
پاسي سوراشٽر، سورا
Suras،
اڀير
Abhiras،
آربودArbudas
آهن. ڪروش
Karushas
۽ مالوا
Malavas
پاريپاترا
Paripatra
جي جبلن جي وچ پاسي ۾ رهندا آهن. سووير سنڌو
Sindavas
، هن
Hans،
سالوا
Salwas،
اسڪالا
Sakala
۽ مدرا
Madras
نيات جا ماڻهو اولاهين پاسي رهندا آهن. (732) هنن
گهڻين ڳالهين کانسواءِ ودري يا ايدر جي چوڌاري
اولهه، اوڀر، ڏکڻ ۽ اتر جيڪي علائقا آهن، تن جو
ذڪر ڪيو ويو آهي پڇر ودريءَ جو پنهنجو ذڪر نظر ڪو
نه ٿو اچي. نه رڳو اهو پر کيدا۔ کن ڀاٽ ۽ انهلواڙ
جو حال احوال به ڪو نه ٿو ڏسجي، جنهن مان اندازو
ڪري سگهان ٿو ته مٿيان علائقا ضرور سنڌ-سووير ۾
شامل هوندا. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ودري يا
سنڌ-سووير ڏکڻ راجپوتانا واري ايراضي تي مشتمل
هوندو.
عهد عتيق جي قديم يوناني ٻوليءَ ۾ ترجمي مطابق
عبراني ۾ اوفير
Ophir
جي معنيٰ سوفير ڪئي وئي آهي. هيءَ هجي مصر جي قبطي
نالي سوفير
Sophir
تان ورتي وئي ٿي ڀائنجي. هيءَ نالو پهريون ڀيرو
اسان کي
Book Of Jobs
۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوفير
Ophir
جو ديوتا (خدا) تمام سهڻن گڻن وارو آهي. (733)
پوئين دور جي صور
Tyre
جو بادشاهه حرم
Huram
حضرت سليمان جي ملازمن سان گڏجي اوفير
Ophir
آيو هو ۽ اتان 450 ٽئلينٽ سون خريد ڪري حضرت
سليمان جي دربار ۾ کڻي آيو. (734) اوفير جي سون جو
ذڪر وري عيسيٰ
Isaiah
ڏانهن به منسوب ڪيو ويو آهي. سندس بيان آهي ته
”مان ماڻهوءَ کي سون کان وڌ ملهائتو بنائيندس. پر
اوفير جي سونيءَ ڏٽيءَ کان به وڌيڪ قيمتي.“ (537)
مان سمجهان ٿو ته ان سونيءَ ڏٽيءَ جو تور 50 شيڪل
هئي. چيو ويندو آهي ته اها آچن
Achan
نالي هڪ ماڻهوءَ لڪائي هئي. منهنجو خيال آهي ته ان
سونيءَ ڏٽيءَ جو واسطو به اوفير سان هوندو. (437)
هاڻي ثابت ڪرڻ لاءِ فقط هي ڳالهه رهجي ٿي ته ودري
يا ايدر وارو علائقو ئي هو جنهن کي اوفير سڏيو
ويندو آهي ۽ اڄ به اهو دنيا ۾ سون پيدا ڪندڙ ملڪ
سڏيو ويندو آهي. هن مامري ۾ اها شاهدي آهي ته بلڪل
ننڍڙي پر گهڻي چٽي آهي. وڌ ۾ وڌ قديم شاهدي جيڪا
آءُ هتي پيشڪرڻ چاهيان ٿو سا پلينيءَ سان واسطو
رکي ٿي. سندس بيان آهي ته ڪئپٽليا (آبو) جبل جي
ٻئي پاسي رهندڙ ماڻهو سون ۽ چانديءَ جي کاڻين جا
مالڪ آهن. (737) موجوده دور ۾ هندستان اندر فقط
اراولي ٽڪرين وارو سلسلو آهي، جتان چاندي ججهي
مقدار ۾ ملندي آهي. انهن ٽڪرين تان وهندڙ برساتي
نئن جي پيٽن مان وري سون لڀندو آهي جنهن جا نمونا
هندستان جي عجائت گهر ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
پر جيڪڏهن کنڀات جي نار اولهه سان واپار ۽ تجارت
ناتي سان مشهور هوندي ته هن مان اهو مفهوم هرگز
وٺڻ نه گهرجي ته اهو علائقو سون جي پيداوار ۾ به
مشهور هوندو. موجوده دور ۾ بمبئي به ساڳئي اولهه
سامونڊي ڪناري سان واقع آهي ۽ ٻين علائقن جهڙوڪ
مالوا جو آفيم ۽ برار جي ڪپهه هتان ڏيسارو موڪلي
ويندي آهي. اها هڪ فطي ڳالهه آهي ته جتي تجارتي
ڏيتي ليتي هلندي هوندي ته سون به انهن ماڳن ڏانهن
هليو ايندو هوندو ۽ اولهه جي تجارتي مال جي ملهه
طور ادا به ڪيو ويندو هوندو.
اوڀر هندستان
ستين صديءَ ۾ آسام بنگال، گنگا جي ڇوڙ وارو علائقو
سنڀيل پور
Sambhal pur
اوڙيسا ۽ گنجم
Ganjam
هندستان جي اوڀارئين ڀاڱي ۾ هئا. (738) شين سئنگ
هن علائقي کي ڇهن ملڪن ۾ ورهائي ٿو، جهڙوڪ ڪامروپ
Kamprupa
سمتت
Samtata
تمريلي پٽي
Tamryalipti
ڪرن
Karana
سوورن
Suvarna
اودرا
Odra
۽ گنجم. هنن جو ڌار ڌار ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
ڪامروپ
شين سئنگ پنودر ورڌن
Panudra Vardhna
يا پبينه
Pubna
کان اوڀر روانو ٿيو ۽ 900 لي يا 150 ميل سفر ڪري
هڪ ندي اڪري ڪيا-مو-ليو-پوKia-Mo-Liu-P
يا ڪامروپ پهتو، جيڪو آسام
Asam
جو سنسڪرتي نالو هو. (739) هن علائقي جو گهيرو
10000 لي يا 1667 ميل هو. سندس وڏي پکيڙ مان پتو
پوي ٿو ته ساڻس برهمپتا واري ماٿري به شامل هئي.
ان کان علاوه ڪوس وهار
Kusa Vihara
۽ ڀوتان به هن سان گڏ هئا. قديم زماني ۾ برهمپترا
واري ماٿري ٽن ڀاڱن ۾ ورهيال هوندي هئي. جن کي
اوڀاريون. وچون ۽ اولاهيون ڀاڱو سڏيو ويندو هو.
انهن ما ن هڪ جو نالو سديه
Sadiya،
ٻئي جو آسامه
Assam
۽ ٽئين جو ڪامروپ
Kamrupa
هوندو هو. منجهائن ڪامروپ هڪ سگهارو ملڪ هو ۽
هندستان کي ٻين علائقن کان وڌيڪ ويجهو هو، تنهن
ڪري سڄي ماٿري هن نالي پٺيان مشهور هئي. ڪوسوهار
ڪامروپ علائقي جو صفا اولاهيون حصو هوندو هو. ان
کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ سڪر سڻائي وارو سدا سائو ڍائو
علائقو هو، تنهن ڪري ملڪ جا راجا به اچي هتي رهندا
هئا. نه ته عام طور تي ملڪي راجڌاني ڪمتي پور
Kamti pura
۾ هوندو هئي، تنهن ڪري سارو ملڪ هن جي نالي پٺيان
سڏجڻ لڳو. (740) چيو ويندو آهي ته ڪامروپ جي قديم
راجڌاني گوهاٽي
Gohati
هوندي هئي. جيڪا برهمپترا جي ڏاکڻين ڪناري سان
واقع هئي. هاڻي ڪوساهار جي راجڌاني ڪمتي پورا پورا
900 لي يا 150 ميل پبنه کان پري آهي (741) پر طرف
سر اڌ آهي. ان جي جاءِ تي گوهاٽي ان کان ٻيڻي
فاصلي يا 1900 لي يا 317 ميلن تي واقع آهي ۽ پبنه
کان اتر-اوڀر طرف تي ٿيندو. مٿي بيان ڪيل اڳئين
ماڳ جو فاصلو چيني ياتريءَ جي بيان ڪيل فاصلو
جيترو آهي، تنهن ڪري وسهي سگهجي ٿو ته ڏهين صديءَ
۾ ڪامروپ جي راجڌاني هوندو. هن ڳالهه جي هن حقيقت
مان به پٺڀرائي ٿئي ٿي ته هتان جي ماڻهن جي ٻولي
وچ هندستان جي ٻوليءَ کان ڪجهه مختلف آهي، تنهن
ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو آسامي علائقو نه هوندو.
ساڳئي وقت مان هن خيال جو به آهيان ته جيڪا
راجڌاني چيني ياتريءَ ڏٺي هئي سا برهمپترا ماٿريءَ
۾ گوهاٽي نه پر هندستاني علائقي ڪوسوهار ڪامتي پور
هوندي. هن چيني ياتريءَ جيڪا وڏي ندي پار ڪئي هئي
سا برهمپترا بدران تيست
Tista
هوندي.
ڪامروپ جي اڀرندي پاسي کان چين جي شو
Shu
علائقي جي ڏکڻ-الهندي واري ڪنڊ اچي ملندي آهي،
جتان جا ماڻهو جهنگلي ۽ وحشي هئا پر سڻڪ ڏاڍي ڏکي
هئي، جنهن جا ٻه رخ هئا. ڏکڻ-اوڀر واري پاسي کان
نهايت گهاٽا ٻيلا هوندا هئا جن ۾ جهنگلي هاٿي جام
هوندا هئا ۽ موجوده دور ۾ به اها ساڳي حالت آهي.
هتان جو راجا برهمڻ هو، جنهن جو نالو ڀاسڪر ورما
Bhaskra Varmma
هو. سندس دعويٰ هئي ته هو نارائڻ يا وشنو ڀڳوان جي
اولاد مان آهي ۽ سندس گهراڻو گذريل 1000 پيڙهين
کان وٺي هتان جو حڪمران رهيو آهي. شين سئنگ جو
بيان آهي ته اهو راجا ڪٽر قسم جو ٻڌ هو ۽ ٻڌ ڌرم
واري جلوس ۾ هرش ورڌن سان گڏ هو، جنهن 643ع ۾
پاتليپترا کان قنوج ڏانهن ويندي ان جلوس جي اڳواڻي
ڪئي هئي. |