29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:6   

مان آرنوس جي نالي وٽان ئي شروع ڪريان ٿو. مسٽر لوونٿل جي خيال مطابق ته اهو يوياني اچار آهي. پر اهو ڪو اهڙو نئون لفظ ڪو نه آهي، جنهن جي ايجاقد يونان وارن ڪئي هجي. اهو لفظ ضرور ڏيهي هوندو، جنهن کي يوناني اچار ۾ يونان وارن بدلايو هوندو. مسٽر لوويئٿل جو خيال آهي ته اهو اصل سنسڪرت جو لفظ وارناسي Varanasi آهي، جيڪو بدلجي بنارس Banaras ٿي ويو آهي. سڪندر جي دور ۾ يونان وارن هن لفظ کي حرف علت اڳيان ڏئي اچاريو هو، ان نقطه نظر سان اهو لفظ آوارناس Avaranas يا آرناس ٿي پيو، پر هن مان ٻيو به گهڻو ڪجهه ثابت ٿئي ٿو. هن لفظ آرناس جو پويون اکر ته پڪ سان يوناني پڇاڙي Tenmination وارو آهي. تنهن ڪري  ڏيهي لفظ جي شڪل صورت اها ساڳي ڪانه رهي هوندي. اهو گمان به ٿئي ٿو ته يونان وارن ڏيهي نالي جو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري، اصلي ماڳن کي يوناني بڻائي ڇڏيو هوندو: هن ماڳ جو اصلي نالو ته بناراس وناراسي هو. تنهن ڪري لازمي ڳالهه اها ٿي پئي آهي ته ڪاڪيشيا جبل جي ٻئي پار بنارس نالي ڪنهن ٿاڪ جي ڳولها ڪريون. ڇاڪاڻ ته ائرين جو بيان آهي ته ”سڪندر ڊراپ ساڪا Drap saka يا اندراب Andarab وٽان اڪري آرناس ۽ باختر تي حملو ڪيو هو. اهي ٻئي باختر ملڪ جا اهم شهر هئا، جن سڪندر جي آڏو هڪدم آڻ مڃي هئي. هن آرناس جي قلعي ۾ پنهنجي فوج رکي“ (103).

جيڪڏهن ائرين جي ڏنل نالن کي ٽالمي جي نقشي سان ڀيٽائي ڏسبو ته اها حقيقت چٽي ۽ وائکي ٿي پوندي ته ائرين جا آرناس ۽ باختر Bactra ۽ ٽالمي جا زارياسپا Zariaspa ۽ باختر ريجيا Bactra regia ساڳيا شهر آهن. پوئين شهر کي وارني Varni جي حدن اندر ڏيکاريو ويو آهي، جنهن کي يونانيءَ ٻوليءَ ۾ Ovapvoi  ڪري لکيو ويو آهي. منهنجو ويچار آهي ته اهو آرنامي جو نالو آهي. هتي يوناني Aopvoc لفظ Ovapvoc کان ٿورو تبديل ٿيل آهي ۽ پوئين لفظ جي هجي وارناس Varnos آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اها تبديلي سڪندر سان گڏ ايندڙ ماڻهن ڪئي آهي، انهيءَ مقصد سان ته جيئن هيءُ اهم نالو يونانيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي يوناني معلوم ٿئي. ساڳي ريت مان راجا وارا (Raja vara) کي ٻيو آراناس سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته هشت نگر کان وٺي اوهند تائين قلعن جا جيڪي به ٿرڙ آهن، انهن سڀني ۾ هن جو نالو ضرور اچي ٿو. اهڙيءَ ريت هشت نگر کان پندرنهن ميل اتر- اوڀر تخت- بهائي (Takht-Bahai) جو قلعو ۽ شهر آهي، تنهن کي به هن راجا وارا ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي. پر سندس نالو، ”نوگرام“ جي ڳوٺ مٿان جبل تي راڻي- گهاٽ واري قلعي سان وڌيڪ لاڳاپيل نظر ايندو آهي. چيو ويندو آهي ته هن قلعي جي اتر ڪناري سان هڪ اُتاهو ۽ ويڪرو پٿر هوندو هو، جنهن تي راڻي ۽ راجا وارا ڏهاڙا اچي ويهندا هئا. هيءُ قلعو خود راجا وارا جي نالي منسوب آهي. قلعي واري اتاهينءَ ٽڪريءَ کان هيٺ جن جاين جا کانڊر ڏسڻ ۾ اچن ٿ ا. تن لاءِ چيو ويندو آهي، ته اهي سندس گهوڙن جو ڪڙهيون هيون. ڪي ماڻهو هن کي راجا ويرات (Raja Virat) نالي به سڏيندا آهن. پر اهي ماڻهو هن کي پنجن پانڊون جي ڪهاڻي سان ملائي ڇڏيندا آهن، تنهن ڪري مون کي شڪ آهي ته هن راجا جو نالو به پنهنجي مرضيءَ سان ڦيرائي ڇڏيو هوندائون. صحيح ويرات جي علائقي جي جاءِ وقوع مٽسيه (Matsya) يا مچيري (Macheri) آهي، جيڪا دهليءَ  جي ڏکڻ ۾ هئي. باقي ٻيون سڀ اجايون ڳالهيون آهن. انهيءَ ڪري مان سمجهان ٿو ته ٽڪري وارو قلعو آرناس، گهڻو ڪري ’راجا وارا‘ جي نالي تان کنيو ويو آهي. راڻي- گهاٽ (Rani gar) واري نشاني به هن جي سُڃاڻ لاءِ گهڻي آهي ته اهو سڪندر وارو آراناس آهي. جنرل ائبٽ جي بيان ڪيل ماهابان واري ٽڪري  يا جنرل ڪورٽ ۾ مسٽر لووينٿول وارو راجا هودي (Raja Hodi) وارو قلعو، مٿينءَ بيان ڪيل حقيقت کان وڌيڪ اهميت ڪو نه ٿا رکن.

مان، ماهابان جي ٽڪري واري قلعي کي هيٺين سببن ڪري آراناس جو قلعو ڪو نه ٿو سمجهان:

(1) هيءُ هڪ ويڪرو ڪشادو جبل آهي. چڙهڻ ۾ گهڻو سولو آهي. ان جي اهڙي اڀڪپري چک  (Spur) به ٻاهر نڪتل نه آهي، جنهن جي مهاڙي سنڌوءَ ڏانهن هجي.

(2) ماهابان جبل جو گهيرو پنجاهه ميلن ۾ آهي، پر آرناس لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جو گهيرو ٻه سو اسٽاڊيا يا ٻاويهه ميل به مس هو. ان بابت ائرين جو بيان آهي ته هڪ سو اسٽاڊيا يا يارهن ميل گهيرو هوس. ڊايو ڊورس ان جو گهيرو فقط ٽي ميل ٻڌائي ٿو. سن 630ع ۾ شين سئنگ به مهابان ٽڪري ڏٺي هئي. سندس چوڻ آهي ته هي هڪ ويڪري ٽڪري آهي، سندس اصلي نالو مهاوان Mahavana آهي. ان تي هيءُ نالو هڪ ٻڌ مڙهيءَ ڪري پيو آهي، جنهن ۾ مهاتما گوتم ٻڌ راجا ساروندا (104) Raja Sarvvanda جي نالي سان اچي رهيو هو. اها ٻڌ مڙهي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قائم ٿيل هئي، اها حقيقت سندس بيان مان ئي ظاهر ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ  ته هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته هو ان ٽڪريءَ جي اتر-اوڀر طرف واري پاسي ٽيهه يا چاليهه لي پنڌ ڪري ان جاءِ وٽان هيٺ لٿو، جتي ماسورا Masura نالي هڪ ٻي ٻڌ مڙهي ٺهيل هئي. مان سمجهان ٿو ته اهو سورا Sura  وارو وڏو ڳوٺ هوندو، جيڪو مهابان جبل جي اتاهين چوٽيءَ کان ڏهه ميل کن اتر- اولهه طرف چمبلا ماٿريءَ ۾ موجود آهي. هن ٽڪري تي جيڪڏهن ڪو قلعو ٺهيل هجي ها ته  هيءُ ياتري ان جي نالي جو ذڪر ضرور ڪري ها. جتي هن ٽڪري جي ويڪرائي جو بيان ڪيو آهي ته اتي چڙهڻ ۾ اوکائي هئڻ جي حالت ۾ ٽڪريءَ تي مٿي چڙهڻ واري تڪليف بيان ڪرڻ به ڪڏهن ڪو نه وساري ها. سندس اهڙي خاموشي مان مون کي لڳي ٿو ته مهابان ٽڪريءَ تي مٿي قلعو موجود ڪو نه هو، نه اصلي تعمير واري حالت ۾ ۽ نه کنڊرن جي صورت ۾.

”مهابان ٽڪريءَ کي ڪافو جي اهميت ڪانه آهي.“ هن ڳالهه تي مسٽر لووينٿل کي فوجي نقطه نظر کان تمام گهڻو اعتراض آهي. هن پنهنجي فائدي ۾ ڪيترائي نڪتا بيان ڪيا آهن. پر پوءِ به ائين نظر  ٿو اچي ته حقيقت کان گهڻو پري آهي. جنرل ائبٽ، مسٽر لووينٿل کي مناسب جواب ڏيڻ واسطي گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي. پر سندس جواب ڇپجڻ کان ڪجهه مهينا اڳ مون به دوستن سان گفتگو دوران کيس اهڙي جواب ڏيڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ خود مسٽر لووينٿل ڏانهن خط لکي کيس جواب ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي اٿم. موضوع اهو آهي ته مسٽر لووينٿل کي هن ڳالهه تي اعتراض آهي ته ”مهابان کي ڪافو جي اهميت ڪانه آهي.“ مان کيس خط ۾ جواب ڏيندي لکيو آهي ته مهابان ٽڪريءَ جي بس ايتري اهميت آهي ته جيڪڏهن حملي ڪيل ملڪ جا ماڻهو ڀڄي وڃي مٿي پناهه وٺندا ته انهن کي هلڪو سلڪو تحفظ ڏئي سگهندي. پر چيو وڃي ٿو ته ان ڳالهه جو ته ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماڻهو ڀڄي اچي اتي لڪن ها ته سڪندر اعظم ان ٽڪريءَ کي فتح ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪري ها. ٻي ڳالهه ته مهابان جي ٽڪري وارن سڪندر اعظم جي سنڌوءَ (105) ڏانهن پيش قدميءَ خلاف مزاحمت به ڪانه ڪئي هئي. سندس مکيه اعتراض جو نچوڙ اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سڪندر اعظم جو اصل مقصد سنڌوءَ ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ هو. پور هن کان اڳ ۽ پوءِ وارين جنگي ڪاررواين مان اسان کي اهو معلوم ٿيو آهي ته هن پنهنيجي پويان ڪو دشمن ڇڏڻ ڪو ٿي گهريو. هو بيسس (Bessus) جو پيڇو ڇڏي، ايشيا درانجيانا (Drangiana) ۽ آرچيسيا (Archosia) فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو هو. هن مقصد حاصل ڪرڻ واسطي اسپيٽامينس (Spitamenes) جي موت تائين سرديانا (Sordiana) ۽ بئڪٽريانا ۾ ٻه سال رهي پيو ۽ پوئتي ڪو به دشمن ڪو نه ڇڏيائين. اهڙي ساڳي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ ڏانهن  ويندڙ رستو ڇڏي آراناس قلعي تي انهن ماڻهن مٿان هلان ڪئي هئائين، جن سندس آڻ ڪانه مڃي هئي ۽ وڃي آراناس ۾ سر بچاءُ ڪيو هئائون. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ واسطي هن راوي درياء اڪري سانگلا جي قلعي تي حملو ڪيو هو، جيڪو هڪ اڪيليءَ ٽڪريءَ تي اڏيل هو، جنهن جي چوڌاري جهنگ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه هو.

 مسٽر لووينٿل جي بحث ۾ مول مقصد اهو آهي ته راجا هودي وارو قلعو سڪندر اعظم وارو آراناس آهي. خاص طور تي انهيءَ ڪري جو ٻنهيءَ ۾ بنارس (Banaras) جي نالي جي هڪ جهڙائي آهي ۽ بيو انهيءَ ڪري به ته سر نيويل چينبرلين (Neville Chamber lain) جو خيال آهي ته خيرآباد واري قلعي واري دوست دشمن لاءِ هڪ جهڙي کليل آهي. ڀلي گهمي ڦري حقيقتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ هيءُ هڪ اهڙو ٿاڪ آهي، جتان حمله آور فوج اڳتي سنڌوءَ ڏانهن وڌي اٽڪ تي حملو به ڪري پئي سگهي.“ آراناس تي هلندڙ بحث ته اڳي ئي ختم ٿي چڪو آهي. ٻئي بحث ۾ مکيه شيون ٻه آهن. پهريون ته سڪندر اٽڪ وٽان سنڌو اُڪريو هو. تنهن ڪري هن درياء ڏانهن وڌڻ کان اڳ راجا هودي (Raja Hodi) وارو قلعو فتح ڪيو هوندو، ٻي ڳالهه ته سڪندر جي مقابلي ڪرڻ واسطي اوسي پاسي جي ماڻهو مڙي اچي آراناس جي قلعي ۾ گڏ ٿيا هئا. پوئين ڳالهه ته بلڪل بي بنياد آهي. هن بابت ائرمن جو بيان آهي ته بازاريا جي ماڻهو وڙهڻ جو ست نه ساري ڀڄي اچي آرناس جي قلعي ۾ سربچاءَ ڪيو هو (104) هن بيان مان اسان کي معلوم ٿيندو ته بازريا جا ماڻهو سڪندر جي مقابلي کان لهرائي رهيا هئا ۽ کين سڪندر سان مهاڏي اٽڪائڻ جو ڪو به خيال ڪو نه هو. هن بيان مان اها حقيقت به ثابت ٿئي ٿي ته سنڌوءَ ڏانهن ويندڙ رستو آرناس قلعي جي انتظامي حدن ۾ ڪو نه هو، نه وري ان جي ڀرسان گذري اٽڪ ڀرسان ٻيڙين واريءَ پل ڏانهن وڃي رهيو هو. هن سبب ڪري مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته راجا هودي جي قلعي وارا کنڊر آرناس قلعي جي ماڳ نه آهن. ٻي ڳالهه ته هودي ڳڙهي (Hodi Garhi) جو هڪ اچار به آرناس جي اچارن جهڙو ڪو نه آهي.

انهن ڳالهين تي غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ مان هن ڳالهه جو قائم ٿي ويو آهيان ته آرناس جي ماڳن کي ڳولڻ واسطي يوسف زئي واري ميداني علائقي اتر-اوڀر واري ڪنڊ کي وڃي تڦولڻو پوندو. موجوده دور ۾ به ماڻهو ڪنهن حملي کان ڊڄي ايڏانهن وڃي لڪندا آهن. اتي شايد اهڙو ڪو ماڳ ملي پوي، جيڪو سڪندر موءرخن جي بيان ڪيل حقيقتن جهڙو هجي. هن موضوع جو جن مطالعو ڪيو آهي، تن سڀني جي اتفاق راءِ به اها آهي، ته آرناس وارو قلعو انهيءَ طرف واقع ٿي سگهي ٿو.

سڪندر جي موءرخن جا بيان مُنجهيل آهن، ڪڏهن وري هڪ ٻئي جي مختلف آهن. پر اسان ڪوشش ڪري هڪڙن بيانن کي ٻين وسيلي صحيح ڪري سمجهڻ جوڳو ڪري وٺندا آهيون. جنهن بيان تي اهي مطمئن هوندا آهن ته اسان اکيون ٻوٽي اعتبار ڪندا آهيون ۽ اهو سمجهندا آهيون ته جن ماخذن تان هنن حقيقتون ورتيون آهن، سي ان واقعي تي اتفاق راءِ رکن ٿا. ارناس جي قلعي وٽ پهچڻ کان اڳ سڪندر جي فوجي پرچر بابت به سڀئي موءرخ خوش قسمتيءَ سان متفق آهن. ائرِين جو بيانآهي ته سڪندر گرايس ندي (Guraeus) اُڪرڻ کان پوءِ هڪدم آساڪاني (Assakani) جي راڄڌاني ماساگا (Massaga) تي حملي لاءِ پيش قدمي شروع ڪئي هئي. ان جي فتح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي فوجي جنرل ڪوئناس (Koinos) کي بازاريا تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيائين. ڪرٽس هن درياء کي چوئس (Choes) ڪوٺي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته جنهن وقت سڪندر ماساگاءِ تي حملو ڪيو ته ان وقت ڪوئناس به سڌو بازاريا تي حملو ڪيو هو. ائرين جو بيان آهي ته بازاريا وارا گهڻي وقت تائين مقابلو ڪندا رهيا. سڪندر به اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. پر رستي ۾ کيس پتو پيو ته هندستانين وڃي اورا (Ora) جي قلعي ۾ پناهه ورتي آهي، ته ارادو بدالئي هن شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ پهرئين حملي ۾ اهو فتح ڪيو. ڪرٽس جو بيان آهي ته اورا جي مهم پولس پرڪان (Polysperchon) جي حوالي ڪئي وئي هئي ۽ سڪندر اهي شهر وڃي هٿ ڪيا، جن جي رهواسين ڀڄي وڃي آرناس جي قلعي ۾ پناهه ورتي هئي. ائرني اهو به ٻڌائي ٿو ته بازاريا جي ماڻهن به ڀڄي وڃي آراناس ۾ سربچاءُ ڪيو هو. هن ڳالهه ۾ ڪرٽس سان اتفاق رکي ٿو ته ٻين ايراضين جي ماڻهن هنن جو نقل ڪندي وڇي آرناس ۾ پناهه ورتي هئي. هنن احوالن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته آراناس بازاريا کان پريان هو. ڪرٽس ۽ ائرين جي بيانن مان اهو ثابت  ٿئي ٿو،  ته ايمبوليما به آراناس کان پريان هو ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان ان جاءِ تي هو، جتي ٽالمي ٻڌائي ٿو. انهن حقيقتن کي ويچار ۾ آڻي مان هن نتيجي تي وڃي پهتو آهيان ته بازاريا، بازار ۽ آرناس راڻي گهاٽ ۽ ايمبوليما اوهند آهي. (107)

بازار هاڻي رستم شهر ڀرسان، ڪالپان يا ڪالي پاني نديءَ جي  ڪناري سان هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جيڪو هڪ پراڻي هندو شهر جي دڙي تي اڏيل آهي. هتان جا ماڻهو چوندا آهن ته اهو دڙو بازار نالي شهر جو آهي. هيءُ ڳوٺ جي جاءِ وقوع ڏاڍي مکيه هنڌ تي آهي ۽ سنڌوءَ ۽ سوات جي وچ پنڌ تي موجود آهي. انهيءَ ڪري قديم زماني کان وٺي سنڌوءَ ۽ ڪابل درياء جي وڏن مکيه شهرن سان واپار رستي ڳنڍيل رهيو آهي. هن  شهر جو نالو بازار يا منڊي به پنهنجي نقطئه نظر سان اهم آهي، جنهٿن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قديم زماني ۾ ڪو تجارتي شهر هو. هن ماڳ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي مون کي گمان ٿئي ٿو ته هي ماڳ گهڻو ڪري بازاريا Bagaria آهي. پر نالي جي هڪ جهڙائي ۽ سندس جاءِ وقوع مان ته اهو گمان پڪ ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ يقين ٿئي ٿو ته هي ئي اهو بازاريا جو شهر هو، جنهن جو سڪندر گهيرو ڪيو هو. هن جي پٺڀرائي هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته سندس ويجهڙائيءَ ۾ دانتالڪ جبل آهي. شايد اهو ئي ساڳيو جابلو سلسلو آهي، جنهن کي يونان وارن مونٽس ڊيڊالي Montes Daedali ڪري لکيو آهي. هاڻي اهو پالي ٻوليءَ جو ”داتا لوڪ“ Dattalok لفظ بڻجي ويوآهي. جسٽين (108) هن ڊئڊالي جبل بابت ٻڌائي ٿو ته اهو جبل ڪليوفس Cleofis يا ڪليوپس Cleopes جي راڻيءَ جي ملڪ جي دنگ سان واقع آهي. ڪرٽس جي بيان موجب اها راڻي مساگا جي راجا آساڪئئس جي ماءُ هئي (اها سندس غلطي آهي-اصل ۾ سندس زال هئي) مان اڳ ۾ اهڙو بيان ڪري آيو آهيان ته داتا لوڪ ٽڪڙيءَ ۾ هڪ غار هو، جتي راجا سدانا وڃي رهندو هو. شين شئنگ به ان غار جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نالو ڪشمير غار ٻڌايو اٿس، جيڪو بازار کان اٺ ميل کن اتر- اوڀر ڏس تي آهي. جڏهن يونان وارن سوات جي مساگا مان بازار تي حملو ڪيو هوندو. هنن سڀني حقيقتن ڪري مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اهو ماڳ پڪ ئي پڪ سڪندر وارو بازاريا آهي ۽ اوهند وارو ماڳ ايمبوليما آهي، جنهن جو بيان اڳ ۾ اچي چڪو آهي.

راڻي- گهاٽ Rani-gat قلعي جي کنڊرن جي پراڻي ماڳ جي آراناس طور سڃاڻ، منهنجي خيال ۾ پوري ڪانه آهي. مان قبول ڪريان ٿو ته ڪي ڳالهيون کُٽن ضرور ٿيون. سن 1848ع ۾ منهنجي اندازو هو ته راڻي گهاٽ قلعي واري جبل جي عمودي ماپ هڪ هزار کن فوٽ ٿيندي. مسٽر لووينٿل منهنجي ان اندازي جي تائيد ڪئي آهي. پر ائرين (109) ان جي ماپ يارنهن اسٽاڊيا يعني ڇهه هزار ڇهه سو ستيتاليهه فوٽ ڏني آهي. جڏهن مان پنهنجي اندازي واري ماپ ائرين جي ڏنل انگن اکرن سان ڀيٽائي ٿو ڏسان ته پنهنجي سڃاڻ واري ڪوشش کان گهٻرائجي ٿو وڃان. مان سمجهان ٿو ته ائرين ماپ ٻڌائڻ ۾ گهڻي وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي. فلاس ٽراٽس (110) Philos Tratus هن جي ماپ وري پندرهن اسٽاڊيا ٻڌائي ٿو. ڊايو ڊورس (111) هنن ٻنهي کان ٻه رتيون ڪسر آهي ۽چوي ٿو ته ان جبل جي اوچائي سورهن اسٽاڊيا آهي، جيڪا نو هزار ست سو اٺ فوٽ ٿئي ٿي. هو مذڪوره جبل جي تري جو گهيرو هو سو اسٽاڊيا ٻڌائي ٿو، جيڪو ائرين جي ڏنل ماپ کان اڌ جيترو آهي. مان سمجهان ٿو  ته ان جي اوچائي به ان نسبت سان هوندي. اسان ان کي سورهن بدران فقط ڇهه اسٽاڊيا پڙهون ته مناسب ٿيندو، جيڪا فوٽن جي حسان سان نو هزار ست سو اٺ بدران ٽي هزار ڇهه سو چاليهه فوٽ بيهندي. هن مان اها پڪ ٿئي ٿي ته ڊايوڊورس جي ڏنل انگن اکرن ۾ ڪاٿي ٽاڪاڻو آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ سو اسٽاڊيا يا سٺ هزار ڇهه سو پنجهتر فوٽ جي گهيري ۾ قطر Diameter اڻوويهه هزار ٻه سو فوٽ ٿئي ٿو، جيڪو وڌ ۾ وڌ اوچائيءَ ۾ نو هزار ست سو اٺ کان ٻيڻو آهي ۽ ان جو لاه Seope 45 درجن تي ٿيندو. ان حساب سان ٽڪري سڌي سنوت واري مٿاڇري بدران صفا نوڪدار هجي. هن معاملي ۾ ائرين جو بيان آهي ته  هن ٽڪري جي چوٽـيءَ تي کيتي ڪئي ويندي هئي. اسان جي هنن ٻنهي مصنفن ۾ گهڻو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. منجهن ايڏو وڌاءُ ڏسڻ م اچي ٿو جو ڦير گهير ڪري صحيح ڪرڻ جو امڪان به گهٽ نظر اچي ٿو، منهنجو خيال آهي ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏنل ماپ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ٻي ڳالهه ته ٽڪري جي اُوچائي کي اڀڪپري بدران لهنواري ماپ به سمجهون ٿا آراناس واريءَ ٽڪريءَ جي اوچائي ۽ ويڪرائي پوءِ به جبرالٽر کان ٻيڻي وڃي ٿي بيهي، جنهن جو تري ۾ گهيرو ست ميل ۽ اوچائي سورهن سو فٽ اٿس.

گواليار جي وڏي قلعي جو مثال به آهي. هڪ انگريز سيلانيءَ وليم فنچ William funch جو بيان آهي ته هي قلعو اڀڪپري ۽ نوڪدار ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ان جو گهيرو ڇهه ڪوهه آهي. ڪي چون ٿا ته يارهن ڪوهه اٿس. ويلم فنچ هتي شاهي ميل Imperial ڪوهن جو استعمال ڪيوآهي، جيڪو ڏيڍ ميل جو هوندو آهي. ان حساب سان گواليار قلعي جو گهيرو نو ميل يا پنجن ميلن جي ٻيڻ ٿي سگهي ٿو. هن قلعي لاءِ عام مشهور آهي ته سندس گهيرو مٿينءَ ماپ کان چوڻو  وڌيڪ آهي. انهن انگن اکرن ۾ فرق گهڻو ڪري هن ڪري آهي جو شاهي ميل ڪجهه وڏا آهن. پر اڪبري ميل وري انهن کان به وڏا يعني ٻيڻا وڏا آهن. هتير گواليار قلعي جو گهيرو چوڏنهن يا پندرنهن ميل ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو حقيقت کان ٽيڻو وڌيڪ آهي. فنچ گواليار جي مٿين اوچائي بيان ڪو نه ٿو ڪري، فقط ايترو ٻڌائي ٿو ته: ”هي قلعو ناروار (Narwar) کان وڌيڪ اڀڪپرو آهي، جنهن جي اوچائي هڪ ميل کان مٿي آهي. اهو به حقيقي ماپ کان ٻيڻ تي وڌيڪ ٻڌائي ٿو. هتي مذڪوره سياح اڀڪپرائيءَ جي ڳالهه ڪري ٽڪريءَ جي اوچائي ٻيڻ تي وڌيڪ  ٻڌائي ٿو. پر  آرناس جي معاملي ۾ يونان وارن وڌيڪ ماپ ٻڌائي  پنهنجي فتح جي شان کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ ڊايوڊورس جي ڏنل ماپ سورنهن اسٽاڊيا ۽ ائرين جي ڏنل ماپ يارنهن اسٽاڊيا، ان ڪري آهي جو سندن ذريعن به انگ چوءڻا يا گهٽ ۾ گهٽ ٽيڻ تي وڌيڪ ٻڌايا آهن. يعني ڊايوڊورس، جنهن کي به پنهنجو ذريعو يا ماخذ بڻايو، تنهن حقيقي ماپ کي چئوڻ تي وڌيڪ ٻڌايو آهي ۽ ائرين جي ماخذ ٽين يا گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻي وڌيڪ لکي آهي. ان حساب سان جيڪي سورنهن اسٽاڊيا يا يارنهن اسٽاڊيا اوچائي ٻڌائي وئي آهي، سا سوا ٽي يا چار اسٽاڊيا يا ساڍا پنج اسٽاڊيا هوندي، جيڪا ٽيويهن سون کان چوٽيهه سون فوٽن جي وچ تي وڃي بيهي ٿي ۽ لهواريءَ صورت ۾ اها ماپ مناسب ٿيندي. گهيري کي به اسان گهٽائي پنجاهه اسٽاڊيا بيهاريون ٿا، جيڪو وڃي سوا پنجن ميلن جي برابر ٿيندو. ماپ گواليار قلعي جي چوڌاري نڪتل رستي کان فقط ٽيهه هزار ٽي سو فوٽ وڌيڪ ٿيندي. ٽي فوٽ لهواري چاڙهي وڃي ٻه فوٽ عمودي چاڙهي ٿيندي، ان حساب سان، ٽيويهه سو جي لهواري چاڙهي وڃي ٻارنهن سو پنجاهه فوٽ عمودي چاڙهي ٿيندي. ڪتابن ۾ لکيل فرق کي سمجهائڻ واسطي ڏنل انگن اکرن کي گهٽائڻ منهنجو مقصد نه آهي. منهنجو ارادو فقط اهو آهي ته جيئن ٻنهي ڪتابن ۾ ڏنل وڌايل ماپ کي گهٽائي اعتبار جوڳو بنائي سگهجي.

آرناس متعلق سڀيئي بيان اهڙا آهن جنهن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته اها ٽڪري تمام اتاهين ۽ اڀڪپري آهي. جسٽن هن کي  نهايت اتاهين ۽ هيٺ مٿاهينءَ واري ٽڪري (112) ٿو سڏي.ڊايو ڊورس اسٽرئبو، ائريل، ڪرٽس ۽ فلاس ٽراٽس هن کي ”جبل تي اڏيل قلعو“ سمجهي ٿو. آرناس قلعي جي خاص خوبي ۽ سڃاڻپ اها هئي ته اهو جبل تي ٺهيل هو ۽ ان جو مٿاڇرو9 سئون سڌو نه پر هيٺ مٿاهون (Rugged) هو. ائرين جو بيان آهي ته مٿي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ نهايت ڏکيو رستو هو، جيڪو ماڻهن پاڻ گهڙي تيار ڪيو هو. مٿي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هڪ جهرڻو هو، جنهن جو پاڻي تمام سٺو ۽ ٿڌو هو. وڏو ٻيلو ۽ کيتيءَ لائق گهڻي ڪجهه زمين هئي. هزار کن ماڻهن جي هر لاءِ گهڻي هئي. هندستان ۾ هن اصطلاح کي ڪتب آڻڻ جو عام رواج آهي. هر جيتري زمين جو مطلب اهو هوندو آهي ته ايتري زمين جنهن کي هڪ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ کيڙي سگهندو هجي. ننڍي ۾ ننڍو هر ڪاهڻ جيترو زمين جو ٽڪرو هڪ سو همچورس فوٽ هوندو آهي. جنهن جي ڪل ماپ ڏهه هزار هم چورس فوٽ وڃي بيهندي. هزار ماڻهن جي حساب سان اها زمين هڪ ڪروڙ همچورس فوٽ ماپ ٿئي ٿي ۽ ڊيگهه ۾ منڍي جي ماپ مطابق اها چار هزار فوٽ ڊيگهه ۽ منڍي ۾ ٻه هزار پنج سو فوٽ ٿيندي. يعني هڪ ميل ڊگهي ۽ اڌ ميل ويڪري يا ٻه ميل ڊگهي ۽ ميل جو چوٿون حصو موڪري. گواليار قلعي جي پکيڙ  به ايتري آهي، جيڪڏهن گواليار جيترو وڏو قلعو الهندي هندستان جي دنگ ساقن هجي ها ۽ مسلمان فاتحن جي به مٿس مهر جي نظر پئجي وڃي ها وري جنرل ڪورٽ ۽ جنرل ائبٽ جهڙن محققن جي مهرباني ٿي وڃي ها ته رنگ لڳي وڃن ها. آرناس جبل تي هزار هرن جيتري زمين جي موجود هجڻ جو ذڪر به مان سمجهان ٿو ته سڪندر جي موءرخن جو وڌاءُ آهي ۽ اهو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن سڪندر کي وڌ ۾ وڌ سورمو ڪري پيش ڪجي. مان اها ڳالهه قبول ڪريان ٿو ته مٿي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ فقط هڪ رستو هو. اهو به مڃان ٿو ته مٿي هڪ جهرڻو هو، جنهن جو پاڻي ڏاڍو عمدو هو. ڇاڪاڻ ته اهو قلعو مضبوط فوجي ڇانوڻي هو. پر هن چوڻ کان ڪيٻايان ٿو ته اتي هزار جيتري ته ٺهيو پر هڪ سو جيتري زمين به ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته مون کي هن ڳالهه جو اعتبار ئي ڪو نه ٿو اچي ته اهڙي خشڪ علائقي ۾ مٿي ٽڪريءَ تي هزار هرن جيتري آباد زمين به هوندي ۽ پوءِ اهڙو اهم ماڳ ماڻهو ڇڏي هليا ڇو ويا؟

آرناس جي ماڳ کي ووڙي ولاڙي لهڻ واسطي اهڙن هنڌن کي ڏسڻو پوندو، جن کي آرناس واريون خوبيون ۽ خاصيتون هونديون، پر بدقسمتيءَ سان ان جو دائرو تمام محدود آهي. ان جو سبب اهو آهي ته يورپ وارن اهڙين وصفن وارا ماڳ تمام ٿورا ڏٺا آهن. مهابان واري ٽڪريءَ کي به آرناس سمجهيو پئي ويو، جنهن بابت هن کان اڳ ۾ بحث ڪري آيا آهيون، منهنجي خيال ۾ ٻيا امڪاني ماڳ هي ٿي سگهن ٿا.

(1) تخت بهائيءَ جا ٿرڙ.

(2) ڪارامار (Karamar) جي اڪيلي ۽ اتاهين ٽڪري.

(3) پنچيري واري ٽڪري

(4) راڻي- گهاٽ جي قلعي وارا ٿرڙ.

ذڪر ڪيل ماڳن مان پهريون ٿاڪ هڪ اڪيلي ٽڪري آهي، جيڪا بازار ۽ هشت نگر جي اڌ پنڌ تي واقع آهي. مسٽر لووينٿل جو بيان آهي ته هي خشڪ ٽڪري آهي ۽ اوچائي به گهڻي ڪانه اٿس. سندس شڪل ڪنهن همچور جا ٽي پاسا پئي ڏسڻ ۾ ايندي ۽ کليل پاسو اتر- اولهه ڏانهن (113) اٿس. ٽڪنڊي ماپ مطابق تخت بهائي سمنڊ جي سطح کان 1859 فوٽ ۽ يوسف زئي جي ميداني علائقي کان ساڍا ڇهه سو فوٽ مٿي آهي. مسٽر لووينٿل هن جي چاڙهي ڏاڍي سولي ٿو ٻڌائي ته سنڌوءَ کان گهٽ ۾ گهٽ پنجٽيهه ميل پري آهي. پر هن کي هڪدم ان ڪري رد ڪري سگهجي ٿو ته سندس چاڙهاڪو سولو آهي. ٻيو ته اهو ايمبوليما کان به گهڻو پري آهي. بازار کان ڇهه ميل ڏکڻ ۽ اولهند کان ارڙهن ميل اتر-اولهه ڪارامار جي اڪيلي ۽ جدا بيٺل ٽڪري آهي. سمنڊ جي سطح کان هن جي اوچائي ٽي هزار چار سو اسي فوٽ ۽ يوسف زئي ميداني علائقي کان ٻه هزار ٻه سو اسي فوٽ بلند آهي. جيڪڏهن هن جبل جي چوٽيءَ تي ڪنهن پراڻي آباديءَ جا نشان آهن ته هن تي غور ڪري سگهجي ٿو. پر حقيقت اها آهي ته مٿس ڪنهن قديم آباديءَ جا کنڊر وغيره ڪون ه آهن، نه وري هتان جا ماڻهو ڪي اهڙيون روايتون ڪن ٿا. ساڳيءَ ريت پنج پير واري ٽڪري آهي. سندس اوچائي ڪجهه گهٽ آهي، سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار هڪ سو چاليهه ۽ يوسف زئي ميدان جي مٿاڇري کان سندس بلندي فقط نوسو چاليهه فوٽ آهي. ان جي چوٽي نوڪدار آهي ۽ مٿان فقط هڪڙي ٺهيل جڳهه جا نشان اٿس، جيڪا پنج پير ڏانهن منسوب ٿيل آهي، جيڪي مسلمانن جا پنج بزرگ آهن، انهن مان قديم بهاوءالدين ذڪريا ملتاني آهي، جنهن کي عام طور تي بهاوءالحق ڪري سڏيندا آهن، پر هندن جو چوڻ آهي ته اها جڳهه پهريائين پنجن پانڊون ڏانهن منسوب ٿيل هئي، جن کي مهاڀارت ۾ پنج ڀائر ڪري سڏيو ويو آهي. منهنجي نظر ۾ آخري ۽ امڪاني هنڌ راڻي- گهاٽ قلعي جي ٿرڙن وارو ماڳ آهي. سن 1848ع ۾ هيءُ ٿاڪ ڏوري وڃي ڏٺو هيم سن 1863ع ۾ گشت ڪندي ارادو ڪيو هيم ته جيڪر وري وڃي اهي ساڳا ٿاڪ ٿرڙ ڏسان پر برما جي سرحدن تي اوچتو جنگ ڇڙي پئي ۽ مون کي اوڏاهين وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪرڻو پيو. سن 1848ع ۾ جيڪو ٿورو گهڻو مواد مون ڪٺو ڪيو هو. ان جي ناتي سان ٻه اکر چئي سگهان ٿو، پر هن ماڳ بابت ڪو مواد ڇپجي عوام جي آڏو ڪو نه آيو آهي ۽ ٻيو ته مسٽر لووينٿل کان سواءِ اتي ڪو ٻيو اڃان پهچي ڪو نه سگهيو آهي. ان ڪري ايترو چئي سگهجي ٿو ته منهنجو مواد ڪورو آهي. راڻي- گهاٽ جو قلعو نوگرام نالي هڪ ڳوٺ ڀرسان موجود  اتاهين ٽڪريءَ تي آهي، جيڪو بازار کان ٻارهن ميل ڏکڻ- اوڀر ۽اولهند کان سورهن ميل اولهه آهي. تنهن ڪري هن قلعي جي جاءِ وقوع آرناس قلعي سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. هيءُ ٽڪر مهابان جابلو سلسلي جي ڪڙي آهي، هن جي تري جي اتر کان ڏکڻ ماپ ٻن ميلن کان مٿي آهي ۽ ويڪر اڌ ميل کن ٿيندس. ٽڪري جي پکيڙ ٻارهن  سو فوٽ ڊيگهه ۽ اٺ سو فوٽ منڍو آهي. سن 1848ع ۾ هن جي اوچائيءَ جو اندازو هڪ هزار فوٽ ڪيو هيم. پر ماڻهن متفق طور تي روايت ڪن ٿا ته سندس اوچائي پنج پير کان وڌيڪ آهي، جيڪا ٻارهن سو فوٽن کان گهٽ ڪانه ٿيندي. ٽڪريءَ جي پاسن تي پٿرن جا وڏا دوڳ ڏسڻ ۾ ايندا، جنهن مان سمجهه ۾ ايندو ته ڏاڍي هيٺ مٿاهين اٿس ۽ مٿي وڃڻ جوڳي به ڪانه آهي. مٿي وڃڻ لاءِ فقط هڪ رستو ڏسڻ ۾ آيو. جيڪو ماڻهن ڪٽي ٺاهيو هو. ٻيو رستو به آهي، پر اهو ڏاڍو ڏکيوآهي. آرناس واري قلعي لاءِ به ائين چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سڪندر جو هڪ جنرل ٽالمي اهڙن دوڳن ۽ نوڪدار پٿرن مان جوڙيل هڪ خطرناڪ (114) ڏکئي رستي سان چڙهي مٿي پهتو هو، باقي سڪندر عام رستي سان پنهنجي فوج وٺي آرناس جي قلعي تي حملو ڪيو هو. جيڪو ماڻهن مٿي وڃڻ لاءِ هٿ سان ٽڪي تيار ڪيو هو. (115) ان قلعي جي ڊيگهه پنج سو فوٽ ۽ ويڪر چار سو فوٽ آهي. اوڀر پاسي کان سواءِ چوڌاري ديواريون ڏنل اٿس ان پاسي کان مهابان جي جابلو سلسلي جي هڪ ٽڪري ديوار وانگر اڙ ڏئي بيهي ٿي جيڪا اتر ڏانهن وڌندي وڃي ٿي ۽ هوريان هوريان مٿي به ٿيندي وڃي ٿي. هن جابلو قلعي جا پاسا چوڌاري رهڙيل صاف ٿيل ڏسڻ ۾ ايندا. ٻن پاسن کان قلعو گهارن رستي ٽڪرين کان الڳ آهي. اتر وارو گهارو يا کاهي هڪ سو فوٽ هيٺ گهري آهي. اولهه پاسي کان ان جي اونهائي پنجاهه فوٽن کان هڪ سو پنجاه فوٽ ٿيندي. قلعي جي اتر- اولهه واري ڪنڊ تي کاهين پا گهارن جي پاسي سان بند يا دڪا ٻڌل نظر ايندا. انهن بندن ٻڌڻ جو مقصد پاڻيءَ کي روڪي بيهارڻ هو. ان ڪري الهندي گهاري ۾ پاڻيءَ جو هڪ وڏو تلاءُ بڻجي پيو هو. اتر واري گهاري ۾ راڻي-گهاٽ واري وڏي پٿر ۽ قلعي جي وچ تي ٽي همچورس کوهه آهن ۽ اتر- اولهه واري پاسي هڪ کوهه هيٺ به هوندو. مان سمجهان ٿو ته اڃان به ڪو بند هوندو، جيڪو قلعي جي ٻاهرئين پاسي هوندو. قلعي جي ٻاهرئين پاسي جو گهيرو ساڍا چار هزار فوٽ يا هڪ ميل کان ٿورو گهٽ آهي.

مسٽر لووينٿل قلعي جو ذڪر هن ريت (116) ڪيو آهي. ٽڪري جي چوٽي سنوت واري آهي، جيڪا چڱي موچاري ويڪري ڪشادي آهي. ٽڪريءَ جي ڪناري سان چوڌاري مضبوط قلعو اڏيل آهي ۽ جڳهون به  تعمير ڪيون ويون آهن. جڳهون پٿرن جي وڏن دوڳن کي گهڙي تيار ڪيون ويون آهن. اوساري گچ گاري سان تمام سريلي نموني سان ڪيل آهي. وڏن پٿرن جي دوڳن ۾ ٿيل وٿيون ننڍڙن پٿرن سان ڏاڍي سهڻي نموني سان ڀريون ويون آهن. اوساريءَ جو اهڙو سهڻيءَ ڪاريگري وارو ڪم مون سنڌوءَ جي پرئين پار به ڏٺو آهي. هن بيان ۾ مان هي واڌار به ڪندو هلان ته خوبصورتي ۽ مضبوطيءَ واسطي منڍي ۽ لام وارا بار واري سان هنيا ويا آهن. سڀ ڀتيون ڊهي ناس ٿي ويون آهن. باقي ٻاهرين ڀتين جا اهڃاڻ معلوم ڪري سگهجن ٿا. ڏکڻ ۽ اولهه پاسي واريون ڀتيون ڪنهن اوچائيءَ جي حد تائين اڃا به بيٺيون آهن ۽ سندن حالت ڪجهه چڱيري آهي. ڏکڻ- اولهه وارو مکيه ڦاٽڪ قديم طرز جيان وڌائي هڻي ونگ جيان ٻڌل ڏسڻ ۾ معلوم ٿين ٿا. قلعي جي ديوار ڏانهن ويندڙ رستو مٿي سڌو عمودي چڙهندو نظر ڪو نه ٿو اچي، پر ٿوري فاصلي تائين ساڄي طرف تي ڪجهه لهناوري نموني ويندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان کان پوءِ ٿورو کاٻي طرف تي لاڙو کائي هڪ ننڍڙي ڪوٺيءَ ڏانهن وڃي ٿو. اتان وري ساڄي طرف تي موڙو کائي اڳتي وڃي هڪ اهڙيءَ جڳهه ۾ داخل ٿئي ٿو. جنهن کي قلعي جو اڱڻ سڏجي ته صحيح ٿيندو. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهو رستو اصل پٿر جا بار وڌائي هڻي تجرب نموني ٺاهيو ويو هو جيڪو ڄڻ ته ڪرنگهي سان ونگ بڻجي ويو. صفا آخري بار سڌا رکيا ويا هيا، ان ڪري پري کان هڪ مستطيل شڪل جي اڏاوت بڻجي پئي هئي. هن تعمير ۾ اهي خاص ڳالهيون مسٽر لووينٿل به معلوم ڪيون هيون، جنهن جو بيان آهي ته اها تعمير ڪرنگهي واري ضرور هئي، پر وچ واري جاءِ ڪجهه سڌي هئي، ان ڪري مستطيل ٿي نظر آئي. اولهه کان به ساڳي قسم جو رستو ڏسڻ ۾ آيو. پر اهو گند ڪچري سان ايترو ته ڀريو پيو هو، جو ويجهو وڃي جاچي ڏسڻ ئي مشڪل هو ته اهو ڪهڙي طرف وڃي رهيو هو.

وچ واري قلعي ۾ خوبصورت عمارتن جي اڏاوت ٿيل هئي، مان سمجهان ٿو ته اهو ڪنهن بادشاهه جو محلات هو. پوڄا پاٽ لاءِ ڀرسان ننڍڙا مندر به ٺهيل هئا. اتر پاسي کان ڏاڪڻ به ڏسڻ ۾ آئي ٿي، جيڪا هيٺ ٽڪريءَ جي ٻئي نمبر مٿاڇري ڏانهن وڃي رهي هئي. منهنجي خيال ۾ اهو شاهي محلات جو ٻاهريون اڱڻ هو. محلات جو مٿيون اڱڻ ڊيگهه ۾ ٻه سو ستر ۽ منڍي ۾ هڪ سو فوٽ هو. هيٺيون اڱڻ ڏاڪڻ سميت اڌ جيترو يعني 130x100 فوٽ هو. اها کليل ايراضي چوڏس هر ماپ جي مورتين ۽ بتن جي ڀڳل پرزن سان ڀري پئي هئي. انهن مان گهڻيون مهاتما گوتم ٻڌ جون مورتيون هيون، جيڪي پرچار واري ويٺل ۽ بيٺل طرز ۾ هيون. ڪن ۾ وري هن کي پپل جي وڻ هيٺان فڪر ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. مهاتما جي ماتا مايا (Maya) جي مورتي به هئي، جنهن کي سال (Sal) وڻ هيٺان بيٺل ڏيکاريو ويو هو. ٻين مورتين جا پرزا پٽ تي پکڙيل ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي ڪنهن ڌرم سان لاڳايپل ڪو نه هئا. مثال طور ماڻهوءَ جي قد جيتري وڏي مورتي جنهن کي مٿان مئسوڊونيا جو ننڍو چوغو پيل هو جيڪو آڏو ڇاتي وٽان بند ٿيل هو، جهڙيءَ ريت عام طور پائي آڏو بند ڪيا ويندا آهن. ڪن مورتين جون فقط ڇاتيون هيون جن تي چوغا ڍڪيل ۽ هار پاتل ۽ سينگاريل سنواريل هئا، جن جي ٻنهي سرن جي ملڻ واري جاءِ تي اهڙي جانور جي تصوير هئي، جنهن جو مٿو ماڻهوءَ جهڙو، چار  پير اڏامڻ لاءِ پاسن ۾ پر هئا. اهي سڀ مورتيون ڪاري- نيري رنگ جي نرم مٽيءَ تي ڪنهن تکي اوزار سان اڪريل هيون. اهي ڀرڻيون هيون. ٿوري ڌڪ لڳڻ سان پرزا ٿي ويون ٿي. بت شڪن مسلمانن هنن کي سولائيءَ سان ڀڃي ڀوري ڇڏيو. پر انهن مورتين جو مٿاڇرو ٺاهوڪي نموني سان صاف ڪيل ۽ چمڪايل هو، تنهن ڪري انهن جا ڪجهه ٽڪرا تباهه ٿيڻ کان بچي ويا آهن. انهن ڀڳل مورتين مان هڪ مهاتما ٻڌ جو سرُ هو. جنهن مٿان وار گهنڊيدار معلوم ٿي رهيا هئا جيڪو ڏاڍو خوبصورت ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مهاتما گوتم جو اهو بت جمال ڳڙهيءَ مان هٿ آيو هو. مون سنگ تراشي جي فن جي نقطه نظر سان سڄي هندستان ۾ اهڙو بت ڪاٿي به ڪو نه ڏٺو . سندس منهن تي ماٺ ۽ ڳنڀيرتا يوناني فن جو هڪ نادر نمونو هئي. سندس منهن جي سڄي سونهن هندستاني کاڏي ڪري غارت ٿي وئي آهي.

مان اڳ ۾ به اها ڳالهه ڪري آيو آهيان ته راڻي گهاٽ واري ٽڪريءَ جي چوڌاري نوڪدار پٿرن واريون ٽڪريون موجود آهن. انهيءَ ڪري مٿي قلعي تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو هو. انهن مان ڪي پٿر ته تمام وڏا آهن. اهڙا پٿر جيڪي مٿي آهن تن کي ٽڪي ننڍڙيون ڪوٺيون بنايون ويو آهي. انهن پراڻن يادگارن مان مسٽر لووينٿل کي اهڙيون شيون ڏاڍيون اهم لڳن ٿيون. ڪي اهڙيون ڪوٺيون اندرئين پاسي ساديون آهن. ڪن کي وري دريون ۽ جارا رکيل آهن. ڏسڻ ۾ ائين آيو ته قلعي جي ڏکڻ پاسي موجود ٽڪريءَ تي اهڙيون ڪوٺيون ججهي انگ ۾ هيون. ماڻهن انهن کي ”اناج جي واپاريءَ جو گهر“ Katri-kar ٿي سڏيو. پر مون کي اهو پتو پئجي ڪو نه سگهيو ته ان جي ڪارج ڪهڙو هو. ان جو لنگهه به تمام سوڙهو ٺاهيو ويو هو. مون کي ته ائين پئي لڳو ته اهو ڪنهن ڀڪشو وغيره جو اوتارو هو. اناج جو هٽ ته لڳوئي ڪو نه ٿي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بيٺل وڻن بابت لووينٿل جو خيال آهي ته اهي زيتون ۽ مينديءَ جا وڻ آهن. سن 1847ع ۾ مذڪوره ٽڪريءَ تي چوڏس ڊگها وڻ موجود هئا.

مان هرو ڀرو هن ڳالهه تي ڳت ڏئي ڪو نه بيٺو آهيان ته اهو ماڳ آرناموس جو آهي. پر جيڪڏهن اسان فقط ايترو مڃيون ته يوناني موءرخن گهڻي ڌاءَ کان ڪم ورتو آهي ته پوءِ اسان کي اهو پتو ضرور پوندو ته آراناس جو جيڪو منجهيل سنجهيل بيان آهي سو راڻي گهاٽ قلعي سان تمام گهڻي هڪ جهڙائي رکي ٿو. منهنجي ڌيان ۾ ٻيو ڪو به اهڙو ماڳ ڪو نه آهي، جو ايتري قدر آراناس جي قلعي سان هڪ جهڙائي رکندو هجي. ويڪر واريءَ وصف کان سواءِ ٻنهي ۾ ٻيون سڀ ڳالهيون هڪ جهڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سندس جاءِ وقوع، بازار ۽ اوهند يا بازار ۽ ايمبوليما جي وچ تي آهي، جنهن بابت ڪنهن کي به اعتراض ڪو نه آهي. ان ماڳ کي ”راجا وار“ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو، جنهن مان اهو سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته مذڪوره شهر ان راجا جي نالي پٺيان ٺاهيل هو. هن ڳالهه مان اهو به پتو پوي ٿو ته هيءُ حقيقت به يونان وارن جي آرناس ويجهو پهچڻ لاءِ هڪ ڪڙي آهي. هن جي اوچائي- چوڌاري نوڪدار پٿرن يا ٽڪرين جي موجودگي، مٿي پهچڻ ۾ ڏکيائي- مٿي ويندڙ رستو ماڻهن ٽڪي هٿ سان ٺاهيو آهي.پاڻي جي جهرڻي جي موجودگي- انهن گهارن جو هجڻ جنهن جبل کي قلعي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ٻنهي ۾ هڪ جهڙائي رکن ٿيون. مٿي قلعي جي ويڪرائي ۾ به ڪو گهڻو فرق موجود ڪو نه آهي. ان ڪري مان پوريءَ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته هيءُ راڻي گهاٽ جو قلعو ئي آرناس آهي. ويڪرائي واري نڪتي تي يونانين جي وڌائي پيش ڪيل ماپ ۽ حقيقي ماپ ۾ ڪجهه فرق آهي. پر هن مامري ۾ اسٽرئبو جي قول کي هتي وسارڻ نه گهرجي. جنهن جو بيان آهي ته  آرناس جي فتح کي سڪندر جي خوشامدڙين گهڻو وڌائي پيش ڪيو آهي. هيءَ حقيقت به يا رکڻ گهرجي ته سڪندر آساڪئنس تي حملو ”تهه سياري“ (117) ۾ ڪيو هو. ٽيڪسيلا ۾ مئسوڊوينا، چيٽ جي شروع ۾ آيو هو تنهن ڪري اندازو اهو ٿئي ٿو ته آرناس تي حملو وچ سياري ۾ ڪيو ويو هوندو. ان وقت مهابان جبل جنهن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان ست هزار چار سو ايڪهتر فوٽ بلند آهي ۽ ٻيا اوسي پاسي وارا جبل به برف سان ڍڪيل هئا. تنهن ڪري اسان کي اها پڪ ٿئي ٿي ته يارهن  اسٽاڊيا يا يوسف زئي واري ميداني علائقي کان ڇهه هزار ڇهه سو چوهتر فوٽ ۾ سمنڊ جي سطح کان ست هزار اٺ سو چوهتر فوٽ بلند جبل يونان وارن وڌائي پيش ڪيو آهي. ڏٺو ويو آهي ته  هتي سياري جي رُت ۾ جيڪو جبل  يوسف زئي ميدان واري مٿاڇري کان ٻه هزار اٺ سو فوٽ ۾ سمنڊ جي سطح کان چار هزار فوٽ مٿي هوندو آهي ته اهو به برف سان ڍڪيل هوندو آهي. يونان وارن جو پنهنجو بيان آهي ته آرناس جي چوڌاري جبل تي برف ڄميل هئي. پر آرناس لاءِ ماٺ آهن. سندن هن خاموشي مان ائين سمجهجي ٿو ته آرناس تي برف ڄميل ڪانه هئي. ان ڪري سندس اوچائي ايتري اتاهين ڪا نه هئي، جيتري وڌائي ٻڌائي وڃي ٿي. اها حقيقت مهابان واري ٽڪري سان به لاڳو ٿئي ٿي ۽ انهن جبلن سان لاڳو سمجهڻ کپي، جن جي چار هزار فوٽ بلندي آهي. سڀئي قديم مورخ هن ڳالهه تي متفق آهن ته آرناس جي چوڌاري نوڪدار ٽڪريون هيون. شڪل صورت ۾ اڀڪپرو ۽ مٿي وڃڻ لاءِ هٿرادو بڻايل فقط هڪ پيچرو هو. مهابان وارو جبل قديم مورخن جي بيان ڪيل وصفن مان هڪ وصف جو به مالڪ ڪو نه آهي. اهو هڪ وڏو جبل آهي، جنهن جو چاڙهوڪو ڏاڍو سولو آهي. سندس ويڪرائي، سڪندر جي خاشامدڙين جي وڌايل ماپ کان ٻيڻي وڌيڪ آهي. سندس نالو به آراناس سان هڪ جهڙائي ڪو نه ٿو رکي. ان کان سواءِ راجا وار ۽ راڻي گهاٽ بابت جيڪي ماڻهو روايتون ڪندا آهن، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ماڳ آراناس ئي آهي.

پاراش وارا يا پـشاور

هاڻي جنهن وڏي شهر کي پشاور جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، تنهن جو پهريون ڀيرو ذڪر فا-هيان سن 400ع ۾ ڪيو آهي. هيءُ چيني ياتري هن شهر جو نالو فو-ليو-شا (118) Fo-leu-sha ٻڌائي ٿو. هن شهر کي وري سنگ –ين سن 502ع ۾ ڏٺو هو. ان زماني ۾ گنڌار جو بادشاه ڪپين Kipin يا ڪوفين جي بادشاه سان جنگ ۾ مصروف هو، جيڪو هاڻوڪي ڪابل ۽ غزني وارن علائقن جو راجا هو. سنگ-ين هن شهر جي نالي جو ذڪر ڪو نه ٿو ڪري پر ان کي راڄڌاني سڏي ٿو ۽ٻڌائي ٿو ته اتي ڪيا-ني-سي –ڪيا يا ڪنسڪه بادشاه جو ٺهرايل هڪ وڏو اسٽوپا موجود آهي. سندس سڃاڻپ لاءِ اهڙا پڪا پار پتا ئي ڪافي آهن. (119) جڏهن شين سئنگ سن 630ع ۾ هتي آيو ته هتان جو شاهي خاندان ختم ٿي چڪو هو ۽ علائقو ڪاپيسا Kapisa يا ڪابل جو ڏن ڀرو هو. پر راڄڌاني جنهن کي هي پو-لو-شا-پو-لو Pu-lu-sha-pu-lo سڏي ٿو، سو ان وقت به هڪ وڏو شهر هو، جنهن جي پکيڙ چاليهه لي يا پوڻا ست ميل هئي (120) هنن کان پوءِ مسعودي ۽ ابو ريحان ڏهينءَ يارهين صديءَ ۾ هن شهر جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس نالو پاراشوار ٻڌائن ٿا. ان کان پوءِ سورهينءَ صديءَ وري بابر هن جو ساڳي نالي سان ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس سڄي ڪتاب ۾ اهو ئي نالو ملندو. هن شهر جو نئون نالو اڪبر جي دور ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. کيس نيون شيون پيدا ڪرڻ جو خفت هو. هن جو قديم نالو پاراشوار جنهنجي مطلب ۽ معنيٰ جي کيس ٻيٽ هئي ڦيرائي پشاور ”يعني سرحدي شهر“ رکي ڇڏيو. ابوالفضل هن شهر جا ٻئي نالا ڏٺا آهن (121).

”پاراش وار“ جي شهر کي مهاتما گوتم ٻڌ جي پنڻ واري ڪشڪول (ڪستو) ڪري نهايت ادب ۽ احترام جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. ٻي ڳالهه اها هئي ته هن شهر جي ڏکڻ پاسي اٺ يا نو لي يا ميل سوا پنڌ تي پيل جو پوتر وڻ هوندو هو. هن وڻ جي هڪ سو فوٽ اوچائي هوندي هئي ۽ ڇانو ۾ گهڻي ۾ پکڙيل هوندو هو. چيو ويندو آهي ته هي وڻ ايترو پراڻو آهي، جنهن وقت ٻڌ ڌرم جي هڪ ڀڪشو جنهن جو نالو ساڪ Sak هو،  هڪ وڏي راجا ڪنشڪ جي اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ته هيءُ ڀڪشو تنهن مهل ان پپل جي ڇانو هيٺان ويٺل هو. فاهيان هن وڻ جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي. پر سن-ين هن پپل جو بيان ڪيو آهي ۽ ان کي فو هو- ٿي Pho-thi يعني ٻُڌي وڻ ڪري لکي ٿو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هي وڻ چوڏس پکڙيل آهي. سندس گاهٽن پنن آسمان کي ڍڪي ڇڏيو آهي. ان وڻ جي ڇانو ۾ ٻڌ سنتن جون مورتيون رکيل هونديون هيون. سندس بيان آهي ته هي پپل پاڻ راجا ڪنشڪ پوکيو هو. ان وڻ هيٺان ٽامي جو هڪ ٿانو پوريو هو، جيڪو موتين سان ڀريل هو، مٿانس اسٽوپا جي تصوير اڪريل هئي. کيس ڊپ هو ته ماڻهو سندس مئي پڄاڻا سندس مقبري مان اها دولت چورائي کڻي ويندا. هن وڻ کي سن 1505ع ۾ بابر پاڻ هلي وڃي ڏٺو هو. سندس بيان آهي ته: ”اهو بيگرام جو هڪ عظيم الشان وڻ آهي. جڏهن هن کي خبر پئي ته ان کي ڏسڻ لاءِ هڪدم روانو ٿيو“ (122) . اهو وڻ ان زماني ۾ پندر4هن سو سالن کان گهٽ پراڻو ڪو نه هوندو. پر ابوالفضل (123) جڏهن 1594ع ۾ پشاور ڀرسان گور-ڪتري Gor-katri جو ذڪر ڪري ٿو ته ان پپل جي وڻ جو بيان ڪو نه ٿو ڪري. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته مذڪوره وڻ ڪجهه عرصو اڳ پراڻي ٿيڻ ڪري ناس ٿي ويو هوندو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org