ٺٽي جو شهر ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو، پر
سامينگر ۽ ڪليان ڪوٽ وارو قلعو ڪنهن جهوني جُڳ سان
لاڳاپو رکن ٿا. ماڻهن جو اهو ويساهه ڪو غلط به ڪو
نه آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ماڳ ڇوڙ واري ننڍي علائقي
جو مرڪزي ٿاڪ هو. ملڪ جي واپاري ڏيتي ليتي جي هتي
نگراني ٿيندي هئي ۽ مٿي ٽڪريءَ تي ٺاهيل قلعو
بچاءَ جو ڪم ڏيندو هو، ليفٽيننٽ وڊ Leiut
Wood
پنهنجي راءِ جو هن ريت اظاهر ڪري ٿو. (445) ”ٺٽي
جي جاگرافيائي بيهڪ واپار لاءِ ڏاڍي سجهائتي آهي.“
معلوم ائين ٿئي ٿو ته ٺٽي کان اڳي به هتي ڀرپاسي ۾
ڪاٿي اهڙو واپاري مرڪز ضرور هوندو، هيءَ ڳالهه پڻ
ٻڌائي ڀرپاسي ۾ ڪاٿي اهڙو واپاري مرڪز ضرور هوندو،
هيءَ ڳالهه پڻ ٻڌائي ٿو ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي
وارو مٿيون پاسو هميشه بدلبو رهيو آهي ۽ جڏهن
درياهه پنهنجو وهڪرو بدلايو ته ان سان مکيه شهر به
بدلجي ڪو ٻيو وڃي ٿيو آهي.“ ان ڪري ماڳن مٽجڻ ڪري
شهرن جا نالا به بدلجي ويا. تنهن ڪري منهنجو ويچار
آهي ته ٺٽي جو شهر عرب جاگرافيدانن جي ”منحاباري“
پيريپلس جي مصنف جي ”مين نگر“ واري جاءِ تي آباد
ڪيو ويو ٿو ڀائنجي (446).
سڀئي عرب موءرخ ۽ جاگرافيدان هن ڳالهه تي متفق آهن
ته منحارباري سنڌوءَ جي اولاهين ڪٺار سان آباد هو
۽ اتان کان ديبل ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. ٺٽي جي
جاگرافيائي بيهڪ به اها ساڳي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ
جي اولاهين ڪنڌءَ سان ۽ لاڙيبندر کان چاليهن ميلن
يا ٻن ڏينهن جي فاصلي تي آباد آهي. مان هيٺ هيءَ
ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته لاڙيبندر ديبل کان
تمام ٿوريءَ وٿيءَ تي آباد هو. منحاباري جي نالي
کي منحاباري ۽ منجاري جي ٻن جدا صورتخطين ۾ لکيو
ويو آهي. منهنجو ويچار آهي ته ان ٿاڪ جو اصلي نالو
منڊاباري
Mundabari
يا منداواري
Mundawari
آهي، جنهن جي معنيٰ ”سمن جو شهر“ آهي. هن نالي جي
پٺڀرائي هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته عيسوي سن جي
شروعات واري زماني کان وٺي امڪان آهي ته منڊ (1)
جي نيات جي ماڻهن ڇوڙ واري علائقي کي آباد ڪيو هو
(447). ادريسيءَ جو بيان آهي ته مندنيات وارا
بهادر آهن. انهن ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آهي جيڪي
سنڌ ۽ هنڌ جي دنگ تائين پکڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اتر
طرف الور ۽ اولهه پاسي مڪران، اوڀر ۾ مهيل Famhal
(يا عمرڪوٽ) جي وچ واري برپٽ علائقي ۾ به آباد
آهن. ڀاڳيا آهن. وٽن چوپائي مال جا ڌڻ آهن. ويئن
ولهارن ۾ وتندا آهن چرندا. هو وانڍن ۾ رهندا آهن.
اڄ هتي سڀاڻي هتي جتي به گاهه ڏسن، اتي لڏا لاهي
ويهي رهن. سندن انگ ججهو آهي (449). رشيد الدين ته
سنڌ ۾ کين تمام قديم سمجهي ٿو. سندس بيان موجب ميد
Med
۽ زت Zat
ٻئي حام بن نوح جي ڦريءَ سان واسطو رکن ٿا جيڪي
مهاڀارت واري دور کان به گهڻو اڳ سنڌ ۾ رهندڙ
ماڻهن جي ڦريءَ سان لاڳاپو رکندا هئا. هن نالي کي
مختلف صورتخطين جهڙوڪ: مير Mer،
ميد Med،
۽ مند Mand
لکيو ويندو آهي ۽ اهو ساڳين صورتخطين ۾ اڄ به نظر
اچي ٿو. مان مذڪوره هجي ۾ مند Mind
جو اضافو ڪندس. ڇاڪاڻ ته مسعوديءَ پنهنجي تصنيف ۾
اهو لفظ ڪتب آندو آهي (450). مان سمجهان ٿو ته هي
اهو ئي نالو آهي جنهن کي قديم دور جي موءرخن ميدي
Medi
۽ مندروئي
Mandrueni
ڪري لکيو آهي. ان کانسواءِ اهي قبيلا آمون درياه
جي ڪنڌين ڪنارن سان به رهندا هئا، جن کي لئٽي
Lati
سڏيو ويندو هو. پليني ٻنهي جو گڏائي نالو کنيو
آهي. امڪان آهي ته اهي ساڪا Saka
يا هنڌ-سٿين هجن جيڪي بعد ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پنهنجو
راڄ ڪري ويٺا هئا. شايد هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن
کي ()1امڪان آهي ته هي شروعارتي دور سان لاڳاپيل
عرب موءرخن مند يا زط ڪري لکيو آهي، جن ستين صدي
جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ تي راڄ ڪيو هو.
هن نالي جي مختلف قسمن جي هجي مختلف قسمن جي اچارن
جي ڪري آهي. مان شاهپور ۽ جهلم وارن علائقن جا ٻه
وڏا نقشا ڏٺا آهن، جيڪي ڪجهه سال اڳ هندستان جي
سرويئر-جنرل ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. پوئين نقشي ۾
جهلم جي ڪناري سان ۽ جلال پور کان ڇهه ميل مٿان
ميريالا
Meriala
۽ اڳئين نفشي ۾ منڊيالي
Mandiali
نالي هڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾ ايندو. ابوالفضل هن ساڳئي ئي
ٿاڪ کي ميرالي Merali
۽ فرشته ميريالا
Meriala
لکيو آهي. ولفورڊ جي سرويئر مغل بيگ به هن ماڳ جو
نالو منڊيالا
Mandiala
قلمبند ڪيو آهي. پڇڻ تي مونکي اهو ساڳيو نالو ٻين
مختلف ماڻهن به ٻڌايو. جنرل ڪورٽ جي جوڙيل نقشي ۾
وري مامريالا
Mamriala
لکيو ويو آهي.
مين نگر شهر جو نالو به هن نيات جي ماڻهن سان
لاڳاپو رکي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي مين جو شهر.
مذڪوره شهر ٻي صديءَ عيسويءَ ڌاران سنڌ جي لاڙ
واري ڀاڱي جي راڄڌاني هو. مين Min
سٿين ٻوليءَ جو نالو آهي، جيڪو اسان کي سجستان يا
ساڪا ستيني
Sakastene
جي علائقي خاراڪس Kharax
جي آئيسدور Isidor
شهر مان هٿ آيل هڪ فهرست وسيلي معلوم ٿيو آهي. سنڌ
۾ اهڙي نالي ملڻ ڪري اهو ويساهه ٿئي ٿو ته هتي
سٿين جي حڪمراني رهي آهي. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو
ته مين نگر جا رهواسي پارٿين هئا. سٿين ۽ پارٿين
هڪ ٻئي جا ويري هئا ۽ هڪ ٻئي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ
ننهن چوٽيءَ جو زور لائي رهيا هئا (451). پارٿين
ڪل جا ماڻهو سهائي سٿين Sahae
Scythians
جي ڦريءَ مان هئا ۽ آمون درياهه جي ڪنڌين ڪنارن
سان گذاريندا هئا، جن سنڌو ماٿري کي هند-سٿين جو
نالو ڏنو هو. هڪ ٻئي سان سندن وير به نالي چڙهيل
هو. جنهن کي عرب موءرخن جي تصنيفن ۾ ميد ۽ جت جي
نالي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
مين نگر جي اصلي جاگرافيائي بيهڪ جو پورو پتو ڪو
نه آهي ٿوري گهڻي معلومات آهي جيڪا هن ماڳ جي تعين
ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اسان جي رهنمائي ڪندي. ٽالمي ٻي صدي
عيسويءَ جو جاگرافيدان آهي پر سندس تصنيف ۾ اهو
نالو نظر ڪونه ايندو. منهنجو ويچار آهي ته ان وقت
ڌاران هن راڄڌانيءَ تي اهو نالو ڪو نه پيو هوندو
پر قوي امڪان اهو آهي ته ٽالمي نئين نالي بدران هن
شهر جي پراڻي نالي کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. جيڪڏهن
مان مين نگر کي مين جي شهر ۽ مندا باري کي ”مند
ماڻهن جي جوءِ“ جي روپ ۾ صحيح سڃاتو آهي ته پوءِ
هن-سٿين جي راڄڌاني ٺٽو ئي ٿي سگهي ٿو. ادريسيءَ
(452) جو بيان آهي ته منحاباري ترائي ۾ اڏيل هو.
جنهن جي چوڌاري وهندڙ پاڻي ۽ باغ ئي باغ هئا.
ڪئپٽن هئملٽن (453) ٺٽي جو ذڪر هوبهو ساڳيو ڪيو
آهي. سندس بيان آهي ته هيءَ شهر وسيع ايراضيءَ تي
پکڙيل آهي. ماڻهن درياهه مان واهه کوٽي شهر ڀرسان
پاڻي آندو آهي، جيڪو باغن لاءِ به ڪتب آندو وڃي
ٿو. پير يپلس جي مصنق (454) موجب ”وڏا واپاري ٻيڙا
بار بريڪي وٽ بيهندا آهن. اتان کان پوءِ ٻيڙن
وسيلي مال لڏي درياهه ذريعي راڄڌاني پهچايو ويندو
آهي.“: موجوده دور ۾ به ائين ڪيو ويندو آهي.،
تجارتي مال اچي لاڙيندو تي لهندو آهي. اتان کان
واپاري پنهنجي سهنجهائيءَ پٽاندڙ خشڪيءَ يا درياه
وسيلي کڻي ٺٽي پهچندا آهن. مين نگر جي جاگرافيائي
بيهڪ ڪجهه منجهائي بيان ڪئي وئي آهي ۽ فقط ايترو
لکيو ويو آهي ته سمنڊ کان ڪجهه ويٿرڪي آهي (450).
اهڙو بيان ماڳ جي تعين ڪرڻ ۾ ڪابه واهر ڪري ڪو نه
ٿو سگهي. پر جيڪڏهن اهو ٺٽي جي ٿاڪن وٽ آهي جهڙي
ريت مان سمجهان ٿو ته پوءِ اهو ٽالمي جو بيان ڪيل
شهر سئو سيڪانا
Sousikana
ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي مان سوسي گام Susi
Gama
يا سو Su
ڪل جي ماڻهن جو جوڙيل شهر تصور ڪريان ٿو. لفظ جي
هن ڦير گهير جي هيءَ حقيقت به پٺڀرائي ڪري ٿي ته
مند يا ميد نيات جا ماڻهو سو Su
يا آبڙ Aber
نالي هڪ ڪل جي ڦري سان تعلق رکن ٿا. هنن پنهنجي
ان ڪُرِ جي ماڻهن کي سوسيانا
Susiana
جو نالو ڏنو، جيڪا فرات جي ڇوڙ وٽ رهندي هئي. ٻين
لفظن ۾ جنهن کي آبيرا Abira
سڏيندا هئا سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ رهندي هئي (456).
مئڪمرڊو جو بيان آهي ته ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ مين
نگر ملتان هيٺ هو ۽ حڪمران آگري Agri
ذات جو هڪ ماڻهو هو جيڪو سڪندر اعظم جي پيڙهيءَ
مان هو. مذڪوره شهر لوهاڻي درياهه جي ڪناري سان ۽
بهمانا کان گهڻو پري به هو ۽ ان پرڳڻي ۾ موجود هو
جنهن کي هاڻي شهدادپور سڏيندا آهن. هيءَ ڳالهه شڪ
کان خالي ڪانه آهي ته پوسٽنس ۽ اليٽ به لکت جي هن
ٽڪريءَ تي ڪو به تبصرو ڪو نه ڪيو آهي. نظر ائين
اچي ٿو ته اليٽ گهڻو ڪري تحفتہ الڪرام جا حوالا
ڪتب آندا ۽ مئڪمرڊو کي مخفي طور ڪم آندواٿس (457)
مان هتي هن ڳالهه جو اضاف ضرور ڪندس ته جنهن آگري
ذات کي مئڪمرڊو سڪندر جي پيڙهيءَ مان سمجهي ٿو،
تنهن کي هت هيٺين ذات تصور ڪيو ويندو آهي ۽ سندس
ڌنڌو لوڻ ٺاهڻ هوندو آهي. ان کانسواءِ مان ننڍڙي
عام رواجي شهر کي هند-سٿين جي راڄڌاني ڪو نه ٿو
سمجهان پر کيس فقط مين ڪل جي ماڻهن جو تعمير ڪرايل
شهر سمجهان ٿو.
بار بريڪي –امپوريم
Barbarike
Emporium
يا ڀنڀور
Bhambura
ڀنڀور يا ڀنڀوراءِ جو ڦٽل شهر گهاري واري کاري جي
مٿين پاسي اڏيل هو. هتان جا ماڻهو چوندا آهن ته
هيءَ سنڌ جو نهايت قدم سامونڊي بندر هوندو هو
(258) هاڻي ته سڃ پئي ٿي واڪا ڪري. ڊٺل گهرن جي
پيڙهين جا ٺنڊ ۽ پراڻي قلعي جي برجن ۽ ڪوٽن جا
اهڃاڻ اڃا به چٽا آهن. چيو ويندو آهي ته ڏهين صدي
عيسويءَ ۾ هيءُ ڀنڀوراءِ نالي هڪ راجا جي راڄڌاني
هو. هتان جي ماڻهن جي روايتن مطابق سنڌو صفا
اولاهيون ڦاٽ ڀنڀو جي ڀر ڏي وهندو هو. جيڪو ٺٽي
کان هيٺان سنڌوءَ جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندو
هو (459). مئڪمرڊو طبقات اڪبريءَ جي حوالي سان
ٻڌائي ٿو ته اهو ڦاٽ اڪبري دور ۾ ٺٽي جو اولهه ڏي
وهندو هو. ساڳي حقيقت لاءِ سر اليٽ وري (460) مسٽر
اين ڪرو N.Crow
جو حوالو ڏنو آهي، جيڪو ٺٽي ۾ برٽش ريزيڊنٽ طور
گهڻو وقت ترسيو هو. مسٽر ڪرو، سن 1800ع ۾ لکيو آهي
ته گذريل پنجويهن سالن دوران ٺٽي کان ٿان سنڌوءَ
جو وهڪرو گهڻو ڦيرو ڪري ويو آهي، جنهن ڪري شهر ڇوڙ
واري ٽڪنڊي علائقي جي حدن کان ٻاهر نڪري ويو آهي.
ڪڏهن درياهه بلوچستان طرف وارين ٽڪرين ڀرسان
وهندو هو. هن بيان مان اهو پتو پوي ٿو ته گذريل
صديٺءَ جي پوئين اڌ تائين به گهاري وارو وهڪرو
سنڌوءَ جو انتهائي اولاهيون وهڪرو هوندو هو.
مئڪمروڊو جو بيان آهي ته پوريءَ ريت سڪي وڃڻ کان
گهڻو اڳ گهاري واري ڦاٽ جهازراني جوڳو ڪو نه رهيو
هو. اهو ئي سبب آهي جو ڀنڀور ۽ ديبل 1250ع ڌاران
اجڙي ناس ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ ان ڦاٽ جو منهن
لٽي ڇڏيو هو (461). مون پاڻ به کوجنا ڪئي آهي ته
جنهن مان پتو پيو ته جڏهن خوارزم شاه 1221ع ۾ سنڌ
تي ڪاهي آيو ته ديبل موجود هو، پر 1333ع ڌاران ڦٽي
ويو. ان زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ آيو ته لاهري بندر
ڏوري اچي ڏٺو هئائين ، جيڪو ديبل جي ڦٽي وڃڻ کان
پوءِ اڏيو ويو هو.
مئڪمرڊو ماڻهن جي روايتن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي
ته سنڌوءَ جي مذڪوره اولاهين ڦاٽ کي ساڱرو سڏيو
ويندو هو. سندس سمجهه مطابق هي اهو ڦاٽ آهي جنهن
کي ٽالمي ساگپا اوسٽيم Sagapa
Ostium
لکي ٿو. اهو ڦاٽ سندس دور ۾ سنڌوءَ جو نهايت
اولاهيون وهڪرو هوندو هو. مئڪمرڊو جي سوچ مطابق
قوي امڪان اهي ته سنڌوءَ جو هي اهو الهندو ڦاٽ
آهي، جنهن وسيلي سڪندر اعظم هاڪاري وڃي سمنڊ تائين
پهتو هو. تيار ٿيل تازن نقشن مان معلوم ٿيندو ته
ٺٽي ۽ گهاريءَ جي وچ تي هن ڦاٽ الهندي پاسي وري ٻي
هڪ ڇاڙهه ڇڏي آهي، جيڪا اڳين وهڪري مان ويهه ميل
پوري ڇوٽ تي وهندي ڏکڻ ڏانهن موڙو کائي لاڙيبندر
کان ٿورو هيٺ مکيه وهڪري سان ملندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
مذڪوره ڇاڙهه ڀنڀور کان ٻه يا ٽي ميل پري ڏکڻ وارو
پاسو ڏئي وهندي هئي، تنهن ڪري هن شهر تائين پٽي
Piti،
ڦونڊي Phundi،
ڪيار Kyar
۽ پنٽياڻي
Pinteani
ڦاٽن وسيلي هاڪاري پهچي سگهبو هو. مٿين بيانن جي
پڙهڻ کانپوءِ منهنجو ويچار آهي ته نه رڳو نڀڀور جو
شهر بارڪي Barke
آهي، جيڪو جسٽين جو بيان مطابق سڪندر واپس ورڻ وقت
تعمير ڪرايو هو، پر هي اهو شهر به آهي، جنهن کي
ٽالمي باباري
Barbari
۽ پيريپلس جي مصنف بار بريڪي- امپوريم
Barbarike Emporium
لکيو آهي. (462) پيرپر، جي مصنف اهو به لکيو آهي
ته سندس دور ۾ سنڌوءَ جو رڳو وچون وهڪرو جهاز
رانيءَ لاءِ هو، جنهن سان هاڪاري باربريڪي-امپوريم
پهچي سگهبو (463) ۽ ٻيا ڇهئي ڦاٽ تانگها هئا ڇو ته
منجهن واري ڀرجي وئي هئي. گهاري ڦاٽ 200ع ۾ ئي
پاڻي گهٽ اچڻ شروع ٿي ويو هو. وچيون وهڪرو، جنهن
کي ٽالمي کريفون اوسيٽم (Khariphon
Ostium
سڏي ٿو. سو اڪيلو جهازراني جي لائق هوندو هو. مان
کريفون ڦاٽ کي ’ڪيار‘ نالي وارو موجوده ڦاٽ سمجهان
ٿو. اهو ان ماڳ وٽان وهندو نظر ايندو. جتي گهاري
کان ڏکڻان ايندڙ ڦاٽ اچي مکيه وهڪري سان لاري بندر
ويجهو اچي ملندو آهي.
مٿئين بحث وسيلي مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته
گهاري کان اتران مٽيندڙ ڦاٽ سنڌوءَ جو اولاهيون
وهڪرو هوندو هو ۽ هن ڦاٽ وسيلي سڪندر ۽ نيرڪوس
هاڪاري وڃي سمنڊ تائين نڪتا هئا سنه 200ع ڌاري هن
وهڪري گهاري کان ڏکڻان پنهنجو پيٽ جوڙي ورتو هو.
جيڪو وڌيڪ ڏکڻ ڏس تي موڙو کائي لاڙي بندر کان ٿورو
هيٺ سنڌوءَ جي مکيه وهڪري سان وڃي ملندو هو.
پيريپلس جي مصنف جي دور ۾ تجارتي ٻيـڙا هن ئي
وهڪري سان هاڪاري باربريڪي پهچندا هئا ۽ اتي سامان
لاهي ٻيٺڙين ۾ لڏي مين نگر پهچايو ويندو هو، جيڪو
تنهن زماني ۾ لاڙ جي راڄڌاني هو. ٻن ٿوري عرصي کان
پوءِ هن وهڪري ۾ به پاڻي تمام ٿورو اچڻ لڳو.
اٺينءَ صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حملو
ڪيو ته باربريڪيءَ جي جاءِ اچي ديبل والاري هئي ۽
سنڌ جي مکيه بندر بڻجي چڪو هو. پر گهاري ڀرسان
وهندڙ ڦاٽ ته تيرهين صدي عيسوي تائين به وهندو
رهيو. ليڪن ايترو ٿورو هو جو منجهن ٻيڙا هاڪاري ڪو
نه سگهندا هئا ۽ ان کان پوءِ اهو هميشه لاءِ سڪي
ويو.
ديبل سنڌي يا ديبل
ديبل جيڪو وچين دور ۾ سنڌ جو اهم تجارتي مرڪز ۽
سنڌوءَ جي ڪناري آباد هو، ان جي جاگرافيائي بيهڪ
بابت اڃا ڪا اتفاق راءِ قائم ٿي ڪانه سگهي آهي.
ابوالفضل ۽ ٻين مسلمان موءرخن ديبل کي ٺٽي سان
منجهائي وچڙائي ڇڏيو آهي. پر پڪ آهي ته جڏهن اهي
مصنف پنهنجون تاريخون لکي رهيا هئا ته ديبل جو ڪو
وجود ئي ڪو نه هو. منهنجو ويچار آهي ته ان زماني ۾
ٺٽي شهر کي ديبل ٺٽه ڪري سڏيندا هئا ۽ مـذڪوره
موءرخ به ان ڪري غلط فهميءَ جو شڪار ٿي ويا.
ساڳيءَ ريت براهمانا يا برهمڻ آباد کي وري ديبل
ڪانگڙا (Debal
Kangra)
۽ ديبل کي وري ديبل سنڌي جي نالي سان سڏيو ويندو
هو. ديول يا ديبل جي سڌي سئين معنيٰ مندر آهي،
تنهن ڪري ديبل سنڌيءَ جي معنيٰ ٿيندي اهو مندر
جيڪو سنڌي نالي شهر جي ڀر ۾ هجي. ميجر برٽن جو
بيان آهي ته ٺٽيءَ جي شالن کي اڃان تائين ديبلي
شالون سڏيو ويندو آهي. هن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي
ٿي ته ديبل اها جاءِ هئي جتان واپارين کي ٺٽي جون
شالون ملنديون هيون. اهڙو مثال ملتاني مِٽي جو
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ملتان جي مٽي يا آرمينيائي
مٽي
Armeniahbole
وغيره، مختلف شين تي نالا انهيءَ واسطي سان پوندا
آهن جتان اهي واپارين کي ملنديون آهن، نه ته جنهن
کي ملتان جي مٽي سڏيو ويندو آهي سا سنڌوءَ جي
اولاهين پاسي ديري غازي خان ڀرسان ٽڪرين مان ملندي
آهي. مثال طو هندستان جي مس Indian
Ink
آهي، تنهن جو نالو هندستان جي ناتي سان آهي، هاڻي
اها شيءَ ڪٿان به ملندي ته ان کي هندستاني مس نالي
سڏيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اها مس پهريائين هندستان مان
لڌي هئي. توڙي جو اها مشهور ڳالهه آهي ته اها مس
هاڻي چين ۾ تمام گهڻي ٺهندي آهي. سر هينري اليٽ
پويون سڄاڻ ماڻهو آهي جنهن سنڌ جي جاگرافيءَ تي
تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، سو ديبل کي ڪراچيءَ جي ماڳن
تي ٻڌائي ٿو، پر مان مسٽر ڪرو جي ويچار سان سهمت
آهيان جيڪو سنڌ ۾ ڪيترن سالن تائين برٽش ريزيڊنٽ
طور رهي چڪو آهي. سندس چوڻ آهي ته ديبل ڪراچيءَ ۽
ٺٽي جي وچ تي ڪاٿي موجود هوندو (464). سندس ويچار
ان ڪري به وزندار آهي جو مئڪمروڊو9 ۽ سر هينري
اليٽ به سندس پٺڀرائي ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ”هن سنڌ
جي جاگرافي بابت ڏيهي مانهن کي پڇا ڳاڇا ڪري سوچ
ويچار کان پوءِ ڪو نتيجو قائم ڪيو هوندو.“ سر
هينري اليٽ چچ نامي جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ لکيل
آهي ته سرانديپ جا ٻيڙا توائي ٿي اچي ديبل بندر
نڪتا هئا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ديبل بندر
ساونڊي ڪناري سان موجود هو. اتي مٿن تنگامرا
Tangamara
نيات جي ڪن سامونڊي ڌاڙيلن حملو ڪيو جيڪي ڪراچيءَ
کان لاڙيبندر تائين سڄي سامونڊي ڪناري سان آباد
هوندا هئا. هن بيان مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته
جيڪڏهن ديبل ڪراچيءَ ۽ لاڙيبندر نه آهي، ته پوءِ
ان جي جاگرافيائي بيهڪ لاءِ مٿين ٻنهي ماڳن جي وچ
تي واجهائي سگهجي ٿو.
سر هينري سمجهي ٿو ته ڪراچي ئي ديبل بندر هو ۽
پنهنجي خيال جي پٺڀرائي لاءِ بلاذري جو حوالو پيش
ڪري ٿو جنهن ۾ چيل آهي ته سن 15هه ۽ 626ع ۾ حڪيم
پنهنجي ڀاءُ مغيره کي ديبل واري سامونڊي ڪناري
ڏانهن روانو ڪيو پر جيئن ته ليون شهر City
of lyons
ليون Lyons
واري کاريءَ جي ڪناري ڪو نه آهي تنهن ڪري اهو
ضروري سمجهڻ نه کپي ته ديبل بندر به هروڀرو ديبل
واري سامونڊي ڪناري سان هوندو. ابن جردازبه جو
بيان آهي ته اهو سنڌوءَ جي ڇوڙ کان ٻه فرسنگ مٿي
هو، پر مسعودي ان کي رهندو به وڌائي ٻن ڏينهن جو
پنڌ ٻڌايو آهي (465). ديبل سنڌوءَ جي ڪناري سان
آباد هو تنهن ڪري ان کي ڪراچي واري ٿاڪ تي سمجهڻ
غلط آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته اهو سامونڊي ڪناري سان
آهي، ٻيو ته اهو سنڌوءَ جي ڇوڙ کان گهڻو پري به
آهي. اسان جاق جيڪي به ذريعا آهن تن سڀني جو بيان
آهي ته ديبل مهراڻ جي اولاهينءَ ڪٺار سان آباد هو،
جيڪو سنڌوءَ (466) جو مکيه وهڪرو هوندو هو. ٿي
سگهي ٿو ته بگهاڙءَ ڦاٽ هجي جيڪو لاڙيبندر کان
لنگهي پنهنجي ڦاٽن جهڙوڪ پٽي، ڦنڊي، ڪيار ۽
پٽياڻيءَ وسيلي وڃي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. مئڪمرڊو
به ڏيهي ذريعن کي حوالي طور ڪتب آندو آهي سندس
خيال آهي ته ديبل سنڌوءَ جي ساڱري نالي ڦاٽ تي
آباد هو، جيڪو ڀنڀور ڀرسان مٽيندو هو. انهن احوالن
موجب ديبل بگهاڙ جي اولهه پاسي ان ٿاڪ وٽ هوندو،
جتي گهارو يا ساڱرو ڦاٽ اچي بگهاڙ سان سنگم ڪندو
هو، تنهن ڪري ديبل جي جاگرافيائي بيهڪ مذڪوره سنگم
جي ويجهو اوڏو، لاڙيبندر کان پنج ميل اتر، ڀنڀور
جي ماڳن کان سترهن ميل ڏکڻ-اولهه ۽ پٽي پٽياڻي
ڦاٽن جي ڇوڙن کان ٽيهه ميل پري هئي. ڀنڀور جي هيءَ
جاگرافيائي بيهڪ سر هينري اليٽ جون اهي گهرجون به
پوريون ڪري ٿي ته ديبل ڪراچيءَ ۽ لاڙيبندر جي وچ
تي ڪٿي آباد هو جتي تنگامرا نيات جا ماڻهو رهندا
هئا. اها بيهڪ وري اهڙي به آهي جيڪا مسٽر ڪرو جي
بيان مطابق ڪراچيءَ ۽ ٺٽي جي وچ تي به آهي ۽ هي
انهن ايراضين جو سچو بيان آهي جيڪي درياهه جي
وهڪري سان نظر اينديون. ڇوڙ واري علائقن ۾ ڦاٽن جو
هڪ مهاڄار ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي هڪ ٻئي کي ڪپيندا
هيڏانهن جو هوڏانهن پيا ويندا ڏسبا. انهن مان هيءُ
اڪيلو ڦاٽ آهي، جنهن تي ديبل جو بندر ممڪن ٿي سگهي
ٿو.
بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته ڇوڙ جي هن علائقي کي
اڃا تائين ڪنهن سونجهڙيو ٿي جاچيو پرکيو ئي ڪو نه
آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اسان هيل تائين هن آڳاٽي
شهر جا ٿرڙ ڏسي ڪو نه سگهيا آهيون. ابن بطوطه جڏهن
1333ع ۾ سنڌ آيو هو ته پراڻا پڊ وڃي پنهنجين اکين
سان ڏوري ڏٺا هئائين. هن به ديبل بندر جي
جاگرافيائي بيهڪ اها ساڳي ٻڌائي آهي. جيڪا مان پاڻ
به ديبل ڏانهن منسوب ڪري رهيو آهيان (467). ان جو
ڪارڻ اهو آهي ته سندس بيان گهڻي اهميت رکي ٿو،
تنهن ڪري ان بيان جو سڄو ٽڪرو هتي پيش ڪري رهيو
آهيان: ”ان کان پوءِ مان سنڌوءَ وسيلي لاهريءَ
روانو ٿيس. هي شهر ان ٿاڪ تي آباد آهي، جتي سنڌو
هندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هيءُ هڪ وڏو بندر آهي
جتي ايران، يمن ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ جهاز اچي
بيهندا آهن. هن شهر کان ٿورو ميلن جي وٿيءَ تي
ڪنهن آڳاٽي شهر جا ٿرڙا آهن جتي ماڻهن ۽ جانورن جي
شڪلن جهڙا بيشمار پٿر ڏسڻ ۾ ايندا . هتان جا ماڻهو
سمجهندا آهن ته سندن چوڻ موجب مؤرخن جو خيال آهي
ته ڪنهن زماني ۾ هتي هڪ شهر هوندو هو، جنهن جي
رهواسين جي ڪجهه ڀاڱي جا ڪرتوت ڪڌا هئا. تنهن ڪري
خدا تعاليٰ مٿن ڏمرجي سندن شڪليون بدلائي ڇڏيون.
ڪن جي صورت جانورن جهڙي، ڪن جي گاهن ٻوٽن جهڙي ۽
اناج جي شڪل پٿرين جهڙي ٿي وئي. حقيقت به اها آهي
ته هتي اهڙين پٿرين جا ڍير نظر ايندا جن جي شڪل
صورت اناجمن جهڙي پئي ڏسبي آهي.“ اهو ناس ٿيل شهر
جتي ماڻهن ۽ جانورن جي شڪلين جهڙا پٿر ڏسڻ ۾ اچن
ٿا سو منهنجو ويچار آهي ته ديبل جو ماڳ آهي، جيڪو
ڪنهن زماني ۾ وڏي واپاري منڊي هئي. مئڪمرڊو جو
بيان آهي ته جڏهن ديبل اجڙي ويو ته اتان جا رهواسي
لڏي پلاڻي اچي لاهري بندر ڀيڙا ٿيا (467). هن باري
۾ ڪئپٽن هئملٽن جو بيان آهي ته لاڙيبندر کي
پٿرائون قلعو هو جيڪو پروچن ۽ مڪرانين جي ڦرلٽ کان
واپاري وکر جو بچاءُ ڪندو هو. منهنجي خيال ۾ سندس
هيءُ ويچار صحيح آهي ته ديبل جا رهواسي لڏي اچي
لاڙيبندر ۾ اجها اڏي ويٺا، ديبل جي تعمير وارو
سارو سامان ڍوئي اچي پنهنجون جايون جوڙيائون ۽
قلعي جي به اڏاوت ڪيائون، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو
ته لاِڙيبندر جي قلعي ۾ جيڪو به ڪجهه مال ڪتب آندو
ويو هو، سو ديبل جي قلعي کي ڊاهي آندو يوو هو جنهن
جي باقيات ابن بطوطه کي 1333ع ۾ اچرج ۾ وجهي ڇڏيو
هو.
ابن بطوطه جي هن احوال کي الف ليليٰ
Alabian Nights
جي هڪ قصي سان ڳنڍيان ٿو جيڪو زبيده سان لاڳاپيل
آهي. قصو هن ريت آهي ته ان عورت ٻيڙين ۾ سوار ٿي
بصري هاڪاريو ۽ ويهن ڏينهن کانپوءِ هندستان جي هڪ
وڏي شهر ۾ اچي لنگر هنيو هئائين. شهر ۾ پهچي هن
ڏٺو ته راجا راڻي ۽ شهر جا سڀ ماڻهو پنڊ پاهڻ بڻجي
ويا آهن پر هڪ ماڻهو بچي ويو هو، جيڪو راجڪمار هو.
هن جي سندس راڻيءَ مسلمان شهزادي جيان پرورش ڪئي
هئي. هيءَ ڏند ڪٿائي ڪهاڻي راجا دلوراءِ ۽ سندس
ڇٽي جي ڳالهه سان هڪجهڙائي رکي ٿي، جنهن کي سنڌ
جي مؤرخن پنهنجي تصنيفن ۾ جاءِ ڏني آهي (429).
سندن بيان موجب جڏهن ڌرتي ڌڏڻ ڪري براهمانا ناس
ٿيو ته فقط ڇٽو اڪيلو بچي نڪتو هو. پنجاب جي مکيه
شهرن جي تباهيءَ بابت به اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون
وڃن ٿيون جهڙيون اسان کي سنڌ ۾ ٻڌڻ ۾ آيون آهن، پر
الف ليليٰ جي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ڏيک چٽيل آهي تنهن جو
واسطو هوبهو سنڌ جي ڪنهن شهر سان آهي، پر جيئن ته
تنهن زماني ۾ سامونڊي ڪناري سان وڏي ۾ وڏو شهر رڳو
ديبل هو ۽ اهو هڪ اهڙي تجارتي منڊي هو، جنهن سان
عربن جو واپاري لاڳاپو هو، تنهن ڪري ڀائنجي ٿو ته
هندستان جو اهو وڏو شهر ديبل هوندو جتي زبيده سڀني
ماڻهن کي پند پهڻ ٿيل ڏٺو هو.
مئڪمرڊو جو بيان آهي ته براهمانا جي تباهي سن
140هه ۽ 757ع ۾ ٿي ۽ زبيده
Zobeide
جي ڪهاڻي جو دور خليفه هارون رشيد جي دور سان
واسطو رکي ٿو، جنهن 786ع کان 809ع تائين حڪومت
ڪئي، تنهن ڪري ٻنهي ڏند ڪٿائي ڪهاڻين کي سڃاڻڻ ۽
سمجهڻ ۾ هيءُ دور مونجهاري جو سبب ڪو نه ٿو بڻجي.
اهو به امڪان آهي ته ديبل بندر بگهاڙ واري وهڪري
سان هجي، جيڪو ان زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو
هوندو هو، جنهن جو نالو هو ديبل سنڌي يعني سنڌوءَ
جي ڪناري تي تعمير ٿيل ديبل، ڪئپٽن هئملٽن (470)
جي بيان مان اتفاقي طور هڪ حقيقت واضع ٿي آهي ته
سنڌي نالي سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ هوندو هو. هتان جي
ماڻهن کي اهو نالو هاڻي ياد ڪو نه رهيو آهي، جنهن
مان ڪنهن دور ۾ چڱيرو پاڻي وهندو هو ۽ ستن منهن
وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انکي ديولي
Divelle
يا ستن ڇوڙن وارو ڦاٽ به سڏيو ويندو هو. هن بيان
مان هڪ حقيقت واضح ٿئي ٿي ته سنڌوءَ جو هڪ ڦاٽ
لاڙيبندر تائين به ويندو هو جنهن جو نالو ديبلي يا
ديبل وارو ڦاٽ هو، جيڪو هئملٽن جي دور 1699ع
تائين بهٿ موجود هو ٻيءَ ڳالهه اها به ته منهنجو
انومان آهي ته سنڌوءَ جي هن ڦاٽ جو ٻيو نالو پٽي
به هوندو هو. هيءُ اهو ساڳيو ڦاٽ آهي جنهن کي
ٽالمي سنٿن-اوسٽيم
Sinthon ostium
لکيو آهي، جيڪو اولهه پاسي سان ڳڻپ موجب سنڌوءَ جو
ٻيو نمبر ڇوڙ هو. پٽيءَ وارو وهڪرو بگهاڙ جو هڪ
ڇوڙ آهي ۽ هيءَ حقيقت ديبل جي بيهڪ بابت ٻڌايل
منهنجي انومان سان پوري ٺهڪي بيهي ٿي، جنهن کي مٿي
بيان ڪيل سڀني ذريعن جي پـٺڀرائي حاصل آهي.
پر هئملٽن اهو به لکيو آهي ته لاڙيبندر پاڻ به
اجڙي ناس ٿي ويو. هاڻي ڌاراجا
Dharaja
بندر آهي، جيڪو ڇوڙ واري پٽيءَ جي اولاهين اڌ ۾
لاڙيبندر کان ٿورو ميلن جي فاصلي تي اوڀر طرف آهي.
ڪڇ
ستينءَ صديءَ ۾ سنڌ جو چوٿون صوبو ڪڇ هو، جيڪو
اڪبر جي دور تائين سنڌ سان ڳنڍيل هو. شين سئنگ جو
بيان آهي ته اهو علائقو سنڌ جي راڄڌانيءَ کان 1600
لي يا 267 ميل ڏکڻ اوڀر پاسي آهي (471). تنهن
زماني ۾ سنڌ جي راڄڌاني الور هئي. جيڪا بکر ويجهو.
۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان آباد هئي. هڪ چيني ياتري
پنهنجي سفر جو رستو هن ريت ٻڌائي ٿو ”الور کان ڏکڻ
براهمانا 700 لي پوءِ پٽاسيان 300 لي جيڪو برهمانا
کان ڏکڻ اولهه پاسي آهي. بعد ۾ ڪڇ 700 لي جيڪو ڏکڻ
ڏس تي واقع آهي. ڪل فاصلو 1650 لي ٿئي ٿو. جيڪڏهن
عام طرف ٻڌبو ته ڏکڻ اولهه بدران ڏکڻ وڃي بيهندو.
جيڪو ڪڇ جي جاگرافيائي بيهڪ سان ٺهڪي اچي ٿو. شين
سئنگ هن علائقي جو نالو او – تين – يو – لو –O-
Teen-Po-Lo
ٻڌائي ٿو. ايم جولين هن جي معنى آڌيا وڪيلا
Adhyavakila
يا آتيا وانا ڪيلا
Atyanvakela
ٻڌائي ٿو. هن لفظ لاءِ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ نه
ايم جولين ٻڌائي ٿو ۽ نه وري ايم – وائوين – ڊي-
سئنٽ مارٽن. منهنجي ويچار پٺيان چيني ياتريءَ جو
اشارو آدوم بابتيرا
Audumbatria
يا آدوم باڙا
Audumbara
آهي، جنهن لاءِ پروفيسر لئسن (Lassen)
جو خيال آهي ته اهو ڪڇ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪل جو
نالو آهي. پليني هن کي اودمبوراءِ (Odomoborae)
سڏيو آهي (473) پر موجوده دور ۾ ڪڇ اندر انهيءَ
ڪُر جي نالي ڪوبه قبيلو موجود ڪونه ڏسبو.
هن صوبي جو ڪل گهيرو 5000 لي يا 833 ميل ٿيندو.
مان سمجهان ٿو ته اهو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. سندس
گهيري جو انگ تڏهن وڃي پورو بيهندو. جڏهن ان ۾ رڻ
جي اتر واري نگرپارڪر وارو علائقو شامل ڪبو. گهڻو
ڪري هيءَ جوءِ هميشه ڪڇ سان گڏ رهي آهي. ڪڇ جو
ڀاڱو آهي ۽ ان سان اڄ به شامل آهي. هن علائقي جو
اتريون پاسو عمرڪوٽ کان ڪوهه آبوءِ تائين ڇڪبو ته
ست سؤ کن ميل کن ٿيندو. سندس راڄڌاني جو نالو ڪي-
ٽسي- شي- فا- لو-(Kie-Tsi-Shi-Fa-Lo)
هو، جنهن جو گهيرو 30 لي يا پنج يل هو. ايم جولين
هن چيني اچار جو مطلب کيجسواڙ (Khajiswara)
ٻڌائي ٿو. پر پروفيسر لئسن ان جو مطلب ڪئڇس واڙ (Kachcheswara)
سمجهي ٿو.پر جيئن ته ٽسي (Tse)
چيني پد ٽ اکر جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن سان زبان
جي چوٽي تارون سان لڳندي آهي، تنهن ڪري مننجو
ويچار آهي ته ان جو ملهه به ٽ اکر جهڙو آهي. ان
نقطه نگاهه کان هن لفظ جو اچار ڪوٽيسوار (Kotiswara)
ٿيندو. جيڪو ڪڇ جي اولاهي پاسين هندن جو مشهور
تيرٿ گاهه آهي. منهنجو خيال آهي ته چيني ياتريءَ
به هن ئي جڳهه جو بيان ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته شهر جي
ذڪر کان پوءِ تيرٿ جو به بيان ڪيو اٿائين. هيءُ
ٿاڪ ملڪ جي اولهه پاسي سنڌوءَ جي ڪناري، سمنڊ جي
ويجهو آهي (474). هن ياتريءَ شهر جي جاگرافيائي
بيهڪ جو جنهن نموني بيان ڪيو اٿائين. تنهن مان
ائين ٿو ٿئي ته اهو ڪوٽيسر آهي. جيڪو سنڌوءَ جي
ڪوري ڦاٽ ۽ هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري تي آباد آهي.
هن ڳالهه جي پٺڀرائي سندس بيان مان ٿئي ٿي ته هن
شهر جي وچ ۾ شِوَ جو مندر به هو. هن شهر جو نالو
ڪوٽي + اسوار (Koti
+ Iswara)
يعني هڪ ڪروڙ اسوار آهي. هن نالي جو اشارو انهن
بيشمار ننڍڙن پٿرن ڏانهن آهي. جن جي شڪل صورت لنگم
(Lingam)
جهڙي آهي. اسوار شو جو مشهور نالو ۽ لنگم سندس
علامت آهي.
ايم – وائيون ڊي سئنٽ هن راڄڌاني کي ڪراچي سمجهي
ٿو، پر اروڙ کان سندس فاصلو 1300 لي يا 217 ميلن
کان وڌيڪ ڪونه ٿيندو ۽ هن لفظ جو رڳو شروعاتي پد
چيني اچار سان ميل کائي ٿو. هن علائقي بابت شين
سئنگ جو بيان آهي هيٺاهون آهي ۽ منجهس پاڻي جي
ڇاڇر نظر ايندي ۽ زمين ڪلراٺي آهي. هيءَ چٽو پٽو
ذڪر ڪڇ جي هيـٺاهين جوءِ جو آهي. جنهن جي معنى آهي
ته گيچڻ يا ڌٻڻ ۾ ڪلڙاٺو رڻ. رڻ کي سنسڪرت ۾ ارينا
(Irina)
چيو ويندو آهي ۽ ڪڇ
[1] جي معنى
آهي ڌٻڻ (Morass).
هن علائقي جو پورو اڌ گپڻ گيچڻ ۽ پاڻيءَ جي ڇاڇر
والاريون بيٺي آهي. جيڪڏهن هن جوءِ کي ڪراچي جي
اوسي پاسي واري خشڪ وارياسي ايراضي سمجهيو ويندو
ته غلط ٿيندو. ڪوٽيسر جي ڏکڻ پاسي به پاڻيءَ ڄَرَ
آهي جيڪا ميلن ۾ پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندي.
سنڌوءَ جي اولهه پاسي وارو علائقو
قديم مؤرخ هن ڳالهه تي متفق آهي ته سنڌوءَ جي
هيٺئين پاسي ۽ اولهه طرف واريءَ جوءِ ۾ ڪنهن
جهنگلي ڪُر جا ماڻهو رهندا هئا. جن کي آرابي (Arabii)
يا آريبٽاءِ (Arabitae)
۽ اوريٽاءِ يا هوريٽاءِ (Horitae)
سڏيو ويندو هو. اهي ٻئي قبيلا سنڌي بڻ جي ڪنهن
ڦريءَ مان هئا. ائرين جي بيان مطابق آرابي قبيلي
جا ماڻهو سنڌ جي صفا آندي ڇيڙي ۾ اولهه پاسي رهندا
هئا. اسٽرئبو پڻ ساڳيءَ ريت بيان ڪري ٿو ته اهو
سنڌ جو صفا آخري حصو هو.. (485) پر اوريٽاءِ جي
قبيلي بابت ٻنهي جو بيان آهي ته اهي سنڌ جي حد کان
ٻاهر رهندا هئا. ڪرٽس جو بيان آهي ته هوريٽاءِ سنڌ
جي حدن اندر رهندا هئا. (486) ڊايوڊورس چوي ٿو ته
اهي سنڌين جهڙا لڳن ٿا. ائرين به اها ڳالهه قبول
ڪري ٿو ته ٻيٽن تي رهندڙ اوريناءِ قبيلي جا ماڻهو
سنڌين جهڙا ويس وڳا ڍڪيندا هئا ۽ جنگي هٿيار به
ساڳيا ڪتب آڻيندا هئا. پر سندن ٻولي ۽ رسم رواج
ڪجهه مختلف هئا. شين سئنگ ستينءَ صدي ۾ هتي آيو
هو. جنهن جو چوڻ آهي ته انهن جي ٻولي رسم رواج لٽا
ڪپڙا سنڌين جهڙا هئا ۽ سندس مشاهدو وڌيڪ ويساهه
جوڳو آهي: هن جو بيان آهي ته لئنگ- ڪي –لو (Lang
–Kie—lo)
ڪوٽيسر کان 2000 لي يا 233 ميل اولهه طرف ۽ ڪڇ جي
علائقي اندر آهي. هتان جي ماڻهن جا رسم رواج ڪڇي
ماڻهن جهڙا آهن، سندن ٻولي به ٿوري فرق سان ڪڇين
جهڙي آهي (477). سندن اٿڻ ويهن به عام هندستانين
جهڙو آهي. منهنجو ويچار آهي ته اوريٽاءِ ۽
آربيٽاءِ قبيلن جا ماڻهو سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾
شامل ڪري سگهجن ٿا توڙي جو اهي تاريخي دور کان وٺي
هن سياسي حدن کان ٻاهر رهيا آهن. حضرت عيسيٰ کان
ڇهه سؤ سال اڳ ڌارين جا ڏن ڀرو هئا ۽ شين سئنگ جي
دور تائين ٻارهن سؤ سالن پوءِ به ايران جي سياسي
اثر هيٺ رهندا آيا. هن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي
گنجائش ڪانه آهي ته هي قبيلا سنڌي نسل سان لاڳاپيل
ڪو نه آهن. مان جڏهن اوريٽاءِ بابت ڳالهائيندس ته
اهڙي ڇنڊ ڇاڻ ضرور ڪندس.
آرائين يا آرابيٽاءِ- هن ڪل جي ماڻهن کي ائرين
آرابي Arabii،
ڪرٽس آرابيٽاءِ، ٽالمي آربيٽي Arbiti،
ڊايوڊورس آمبري ٽاءِ
Ambritae
۽ اسٽرئبو آربيز Arbis
سڏيو آهي. هن ڪُر تي اهو نالو ان ڪري پيو جو اهي
آرابس Arabis
آربس Arbis
يا آرابس
Arabius
درياهه جي ڪنارن سان رهندا آهن، پاڻيءَ جو اهو
وهڪرو کين اوريٽاءَ قبيلي جي علائقي کان الڳ ڪري
ڇڏيندو آهي (478). نير ڪوس جي روزنامچي (ڊائري)
مان جيڪڏهن سڪندر جي اڳرتي رڌڻ جي ڀيٽوار ڇنڊڇاڻ
ڪبي ته پتو پوندو ته سرحد ڏيکاريندڙ پاڻيءَ جو اهو
وهڪرو پورالي نديءَ جو آهي، جيڪو لس ٻڻيلي جي
موجوده علائقي مان وهي سون مياڻيءَ وٽان سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪندو آهي. ڪرٽس جو بيان آهي ته سڪندر پـٽالا
کان آربيٽاءِ جي اوڀارين دنگ تائين نون ڏينهن جي
پنڌ کان پوءِ رسيو (479) ۽ پنج ڏينهن وڌيڪ پنڌ ڪري
ان علائقي جي اولاهين سنڌي تي پهتو. حيدرآباد کان
ڪراچي 114 ميل ۽ اتان کان سون مياڻي 50 ميل آهي
(480) ۽ اڳيون فاصلو فوج جون نو منزلون ۽ پويون
پنڌ چار يا پنج منزلون ٿيندو. منهنجو ويچار آهي ته
ڪراچي آرابيٽاءِ واري علائقي جي واڀارئين سنڌي وٽ
آهي ۽ اها حقيقت انهن سڀني کوجنا ڪندڙن جي بيانن
مان ورتي وئي آهي، جيڪي ٽالمي جي ڪولاڪا Kolaka
ماڳ ۽ نيرڪوس جي ڪروڪالا
Krokala
ٻيٽ کي هڪ هنڌ ڪري سمجهن ٿا، جتي نير ڪوس پنهنجي
بحري فوج کي هڪ ڏينهن لاءِ ترسايو هو ۽ اهو ڪراچي
واري اپسمنڊ ۾ هو. وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته
ڪروڪولا ٻيٽ آرابيءَ واري علائقي کان ٿورو ويٿرڪو
مگر سمنڊ اندر سنڌوءَ جي الهندي ڇوڙ کان سوا 17
ميل پري هو. اهو فاصلو سنڌوءَ جي گهاري ڦاٽ ۽
ڪراچي جي وچ ۾ پنڌ سان سهمت آهي. تنهن ڪري اسان کي
سمجهڻ کپي ته سڪندر جي دور کان وٺي اڄ تائين
ايڪيهن صدي سامونڊي ڪنارو پنج يا ڇهه ميل اڳتي
وڌيو آهي. هن ڳالهه جي پٺڀرائڱي هن حقيقت مان به
ٿئي ٿي، ته جنهن علائقي ۾ ڪراچيءَ جو شهر آهي،
تنهن کي اڄ سوڌو ’ڪرڪالا‘ سڏيو ويندو آهي.