29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:10 

راجا پور يا راجوڙي

شين سئنگ پونچ مان اسهيو ۽ ڏکڻ-اوڀر ڏس تي چار سو لي يا ستهٺ ميل پنڌ هلي، ڪو-لو-شي-پو-لو Ko-lo-She-Pu-Lo يا راجاپور (2.1) پهتو، جنهن کي ڪجهه وقت ٿيندو جو مان راجوڙي جي روپ ۾ سڃاتو اٿم، جيڪو ڪشمير کان ڏکڻ ڏس تي واقع آهي. بيان موجب ان جو گهيرو چار هزار  لي يا ڇهه سو ستهٺ ميل آهي،هي انگ اکر حقيقت کان ٻيڻا آهن. پر اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن راويءَ جي ڪنارن تائين جابلو علائقي کي هن ۾ شامل ڪبو ته گهيرو وڃي ذري گهٽ ساڳيو رهندو. اسان کي ڪشمير جي ڏيهي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته هن ماٿريءَ جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر واريون ننڍڙيون رياستون ڪشمير جون ڏن ڀرو هيون. اهڙو ڪو سبب نه آهي جو سمجهي سگهجي ته شين سئنگ جي زماني ۾ اهي آزاد ملڪ هئا.

راجوڙيءَ جو اصل علائقو هم چورس آهي. سندس هر پاسو چاليهه ميل آهي. اتر کان پيرپنچال اولهه کان پونچ، ڏکڻ کان بمبر Bimbar ۽ اوڀر کان رهاسي Rehasi ۽ اکنور (202) آهن. پر جيڪڏهن هن جي دنگ کي اوڀر پاسي کان چناب تائين ۽ ڏکڻ پار کان ميداني علائقي تائين وڌائبو ته مذڪوره ننڍڙيون رياستون هن ۾ شامل ٿي وينديون.ان هوندي به سندس گهيرو ٻه سو چاليهه ميل ٿيندو ۽  رستي سان وڌي وڃي ٽي سو ويهه ميل ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪشمير جي ڏن ڀرو هنن جابلو رياستن جي سرحد اوڀر طرف راويءَ تائين وڌائبي ته نقشي تي گهيري جو فاصلو  چار سو ويهه ميل ۽ رستي سان پنج سو سٺ ميل ٿيندو.

ڪشمير جي وچين دور وارين تاريخن ۾ راجوڙي جو ذڪر گهڻو ملي ٿو. پر يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ جڏهن هو هڪ آزاد ملڪ هو ۽ اتان جي ڏيهي راجائن جو راڄ هو ته سندس ذڪر رهندو به وڌيڪ ملي ٿو. پندرهين صديءَ ۾ ڪشمير جو حڪمران مسلمان هو، جنهن هتان جي هندو راجائن جو خاتمو ڪيو. ڪشمير جي راجا گلاب سنگهه وري سندس پونئرن جو خاتمو آندو. هو سن 1846ع ۾ انگريز حڪومت سان ڪانگڙا ۽ راجوڙيءَ جي مٽاسٽا ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.

پنجاب جا جابلو علائقا

چيني ياتري پنجاب جا جابلو علائقا ڪجهه گهمي ڏٺا هئا. انهن بابت مون به پنهنجي طرفان معلومات جي ميڙا چونڊي ڪئي آهي. جنهٿن جو تت ڏيڻ چاهيان ٿو.

عام خيال اهو آهي ته پنجاب جي جابلو علائقي ۾ ٻاويهه مسلمان ۽ ٻاويهه هندو سرداريون آهن. مسلمان سرداريون چناب کان اولهه ۽ هندو سرداريون چناب کان اوڀر ۾ واقع آهن. هن کي پراڻي دور ۾ ٽن گروهن ۾ ورهايو ويو هو. انهن مان هر هڪ ملڪ ان راجا جي نالي مشهور هوندو هو، جنهن جا ننڍڙا ملڪ ڏن ڀرو هوندا هئا، جيڪي ڪشمير، ڊوگرا ۽ تريگارتا  (Trigartta) هئا. پهريون ملڪ ڪشمير جي ماٿري تي مشتمل هيون. ٻئي ملڪ کي ڄمون سڏيون ويندو هو. ان ۾ جهلم کان راوي تائين ننڍڙيون رياستون شامل هيون. ٽيون جلنڌر جو ملڪ هو، جنهن ۾ راويءَ کان ستلج تائين موجود ننڍڙيون رياستون شامل هيون.

ٽنهي ملڪن جي صورتحال ستين صديءَ کان اڳ ائين هئي جهڙيءَ ريت مٿي بيان ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ راوي کان اوڀر پار واريون رياستون ڪـشمير کان الڳ ۽ آزاد هيون، پونچ، اراسا ۽ راجوڙي جو ذڪر به اهڙي طريقي سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جهڙوڪر اهي ڪي آزاد ملڪ هجن ۽ ڪشمير جي ماتحت هجڻ کان اڳ ۾ سندن پنهنجا راجا هئا. تريگارتا ملڪ جو ڪشمير جي تاريخن ۾ ذڪر ائين ڪيو ويو آهي، ڄڻ ته اهو هڪ آزاد ملڪ هو. هن علائقي جي تاريخي بيانن مان معلوم ائين ٿئي  ٿو ته جلنڌر جي جابلو علائقن جا ننڍڙا حڪمران هڪ گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.

هيٺ هڪ پنوتري ڏجي ٿي، جنهن ۾ ڪشمير يا پنجاب جي الهندي جابلو علائقي جي نالن ۽ ان جي ماتحت علائقن جو وچور ڏنو ويو آهي:

کاڪابامبس

(Khaka Bambus)

(1) ڪشمير

(2) جهلم جي ڪناري سان گنگال (Gingal)

 (3) مظفر آباد

(4) ڪنهار ندي جي ڪناري سان ڪاغان

(5) ڳڙهي

افغان

(6) پاکلي ندي جي ڪناري سان راش (Rash)

(7) دور (Dor) نديءَ جي ڪناري سان ڌانتاوار

(8)گنڊ ڳڙهه (Gand grah)

(9) سنڌوءَ جي ڪناري سان دار بند (Dar band)

(10) توربيلا (Torbela)

گڪر (Gakars)

(11) جهلم ڀرسان- ڦاڙ والا (Pharwala)

 (12) جهلم جي ڪناري سان سلطان پور

        (13) هارو نديءَ تي خانپور

کاڪا بامبا جو راجا ’بارامولا‘ کان هيٺ جهلم جي ماٿري ۽ ڪشمير کانا تر-اولهه طرف ڪنهار نديءَ جي سڄي ماٿريءَ جو حڪمران هو. هتان جا رهاڪو سڀ مسلمان آهن ۽ گهڻو انهن مسلمانن جي نسل مان آهن، جيڪي قديم زماني ۾ افغان حملي آورن سان گڏ آيا هئا ۽ هتي رهجي ويا هئا.

افغان سردار پاکلي ۽ دور (Dor)نديءَ جي ماٿرين وارن ايراضين جا حڪمران آهن، جيڪي ڪشمير جي ڏکڻ-اولهه پاسي واقع آهن. اهي سڀئي مسلمان آهن. سندن آبادڪاري ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿي. ابوالفضل جو بيان آهي ته اڪبر جي دور کان اڳ پاکلي جو راجا ڪشمير جو ڏن ڀرو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته تيمور پنهنجي فوج جو ٿورو حصو هن علائقي ۾ رهايو هو، جن جو اولاد هن علائقي (203) ۾ رهي ٿو. گڪر نسل جا سردار، جهلم جي ماٿري ۽ هارو نديءَ جي مٿئين پاسي جا حڪمران آهن، جيڪو ڪشمير کان ڏکڻ-اولهه پاسي واقع آهي. اهي به سڀ مسلمان آهن. اهي تازي دور ۾ هندن مان مسلمان ٿيا آهن. تيمور جي دور تائين سندن نالا هندن وارا هوندا هئا. هنن گهڻي زماني کان وٺي هنن علائقن تي قبضو ڪيو آهي. هي آريانه هئا. پر توراني نسل سان واسطو رکن ٿا. منجهن اهو رواج آهي ته گڪر، گڪر ذات مان سڱ وٺندو ۽ ڏيندو آهي. هي رسم هندن جي مذهب خلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ اها رسم منع ڪيل آهي ته ڪو به پنهنجي قبيلي مان شادي ڪري نه ٿو سگهي. هنن اڀرندي دوآبي جا گهڻا ڀاڱا پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيا آهن. جهڙوڪ: گجر خان ڀرسان گليانا (Guliana) ۽ بال ناٿ جبل جي وٺ وارو بگيال (Bugial) واري جوءَ وغيره. ستين صديءَ ۾ جڏهن شين سئنگ هتي آيو هو، ته اهي علائقا ڪشمير جي جابلو ايراضي سان لاڳاپيل ڪو نه هئا. توڙي جو اهي ڪشمير جا ڏن ڀرو هئا. هيٺ پنوتري ڏجي ٿي، جنهن مان واضع ٿيندو ته ڪهڙيون رياستون وچ ڄمون يا پنجاب جي جابلو علائقي ۾ شامل هيون.

هندو           (1) ڄمون چناب کان اڀرندي پاسي

                (2) ڀائو (Bhao)

                (3) چناب جي ڪناري سان رهاسي

                (4) اڪنور (Aknor)

(5) پونچ ندي جي ڪناري سان پونچ

(6) ٽوهي نديءَ جي ڪناري سان راجوڙي

(7) پونچ نديءَ جي ڪناري سان ڪوٽلي

(8) ٽڪرين جي ڪڇ ۾ بمبر

(9) بمبر ڀرسان کاريالي (Khariali)

(10) چناب جي مٿئين ڀاڱي سان ڪشت وار Kashtwar

(11) ڪشتوار کان ڏکڻ طرف ڀدر وار

هندو

(12) ڀدر وار کان اولهه طرف چانني Chaneni

(13) چانني کان ڏکڻ پاسي بندرالتا Bandralta

(14) بندرالتا کان ڏکڻ-اولهه سامبا Samba

هندو

(15) بندرالتا جي ڏکڻ جسورتا

(16) جسورتا ڀرسان تيري ڪوٽ Tiri kot

(17) بندرالتا جي ڏکڻ مانڪوٽ Mankot

(18) بادوال Badwal يا وادي واسا Vaddiwasa

(19) بلاوار Ballawar يا بسو هلي Bisohli

ڄمون ۽ڀائو جي شهرن جو بنياد ٻن ڀائرن رکيو هو، جيڪي ٽوهي نديءَ جي ڪنارن سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آباد آهن. مذڪوره ندي پاڻيءَ جو هڪ ننڍڙو وهڪرو آهي، جيڪو ٽڪرين جي ڪڇ ۾، چناب سان وڃي ملندو آهي. مسلمانن جي تاريخ ۾ ڄمونءَ جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو. اهو تڏهن کان وٺي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن تيمور هتان جي راجا کي زوريءَ مسلمان ڪيو هو. ان راجا جو اولاد اڳين صديءَ تائين هتي جو حڪمران رهيو. رنجيت سنگهه جي دربار جا ٽي مکيه راڄوڙ، گلاب سنگهه، ڌيان سنگهه ۽ سچيت سنگهه ان گهراڻي سان تعلق رکن ٿا. هاڻي گلاب سنگهه جو پٽ ڪشمير جو راجا آهي. ان سان گڏ پنجاب جي وچ ۾ اولهه وارا جابلو علائقا به هن جي ماتحت آهن.

رهاسي اڪنور جا سردار به ڄمون واري شاهي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا ۽ ان حڪمران جا ڏن ڀرو هئا. پونچ ڪڏهن ڪڏهن آزاد به رهي آهي. پر جيئن ته اها رياست ڪشمير جي ڀرسان آهي، ان ڪري سندس آزاد حيثيت پنهنجي پاڙيسري سگهاري ملڪ جي رحم ڪرم تي رهي آهي. راڄوڙي ۽ ڪوٽلي ڪشمير جي شاهي گهراڻي جي ڦريءَ مان ٻن خاندانن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ اهي قديم دور کان وٺي سندن ڏن ڀرو رهنديون پئي آيون. وچين دور ۾ جڏهن هتان جا حڪمران هندو هئا ته ڪوٽلي پونچ جو حصو هئي. ڇاڪاڻ ته اها پونچ جي ماٿريءَ جو هڪ ڀاڱو آهي. بمبر ۽ کاريالي چڀ يا چڀان جو حصو آهن ۽ اهي ڪانگڙا ۽ جلنڌر جي سوم وسني راجائن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيون آهن. پراڻي دور ۾ بمبر جو نالو ايڏو مشهور ڪو نه هو. پر ان جي جاءِ تي چڀان Chibhan گهڻو ڄاتو سڃاتو ويندو هو. شريف الدين جي تاريخ تيموريءَ ۾ هن کي جڀال Jibhal ڪري لکيو ويو آهي. فرشته جي بيان موجب بمبر جي راجا هائونس Howns وارو (2.4) شاهي گهراڻو 1486 ع ڌاران مسلمان ٿيو هو. پر هتان جا گهڻا هندو سردار مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجا هندڪا نالا رکندا هئا. اهو نه سمجهيو وڃي ته سندن نالا ساڳيا هندن وارا هئا تنهن ڪري اهي مسلمان ڪو نه هئا. ڪشتوار ۽ ڀدوار، ڪشمير کان ڏکڻ-اوڀر طرف چناب جي مٿئين حصي ۾ سندس ٻنهي ڪنڌين سان آمهون سامهون آباد ۽ ڪشمير جا ڏن ڀرو هئا. اهڙيءَ ريت وچ واري حصي جي نون سردارن وٽ تيرهن ننڍڙيون رياستون هيون. انهن مان مسلمانن جون ٻاويهه رياستون جڙيون. عام طور تي هن علائقي کي پنجاب جي جابلو علائقي جوالاهيون اڌ چيو ويندو هو. باقي اٺن رياستن جي سردارن يا حڪمرانن بابت مون کي ڄاڻ ڪانه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن مان گهڻا سک شاهي جي دور جي اڳياڙي ۾ ختم ٿي ڪشمير جو حصو بڻجي ويا هئا. جسروتا Jasrota جابلو علائقي جي ٻاهرئين پاسي جو حڪمران هو. ڪنهن زماني ۾ هن جي رياست جي چڱي خاصي اهميت  هوندي هئي. اتان جا سردار پنجاب جي جابلو علائقي جي راجپوتن سان سڱاونديون ڪندا رهندا هئا. پر مون کي هن جو ذڪر ڪنهن به تاريخ ۾ ڪو نه مليو آهي. ڪنهن زماني بالاوار (Ballawar) ۽ بدوال هڪ راجا ڪالاسا پٽ تڪا (Tukka) جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيون. سندس ذڪر راجا ترنجيني (2.5) (Tarangini) واري باب ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن کي والاپور (Balla pur) جو حڪمران به چيو ويندو آهي. سندس نالو راجائن جي ٻنهي گهراڻن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي 1027ع کان 1810ع تائين راڄ ڪندا نظر اچن ٿا. اها به حقيقت آهي ته وادي واسا (Vaddi Vasa)  جو ذڪر به ساڳئي تاريخ ۾ هڪ الڳ علائقي جي حيثيت ۾ ڏسڻ ۾ ايندو (206) پ ان جي حڪمران جو نالو نظر ڪو نه ايندو. هن مان اندازو ٿئي ٿو ته والاپور رياست جو حصو هوندو. شجرن جي ٻن فهرستن جي نالن کي ڀيٽائي ڏسجي ٿو ته هن جي مرتئي کان پوءِ سندس رياست به ختم ٿي وئي هوندي. پڪ اها به ٿئي ٿي ته اها رياست ڪشمير جي سياست ۾ گڏمس ٿي وئي آهي. جهڙيءَ ريت ڀر واري رياست چئوبا (Chauba) جي حڪمران کي ڪشمير جي راجا آنتا (Anata) قتل ڪري سندس ملڪ کي ڪشمير سان ملائي ڇڏيو هو. انهن حالتن کي نظر ۾ رکي مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته رياست کي به ساڳي دور ۾ ڪشمير سان ملايو ويو هوندو.

اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي ته وچين علائقي جي جن حڪمرانن جو شجرو مون کي هٿ آيو آهي، تن جي نک بمبر جي راجا کان سواءِ وڃي سورج ونسي راجائن سان ملي ٿي. ڄمون، جسروت ۽ بالاوار ۽ ٻين ننڍين اٺن رياستن جي حڪمرانن جي نک وڃي سورج سان ملي ٿي. ڀر وارا راجپوت حڪمان سندن اها دعويٰ مڃيندا آهن.

هيٺ ڏنل پنوتريءَ ۾ رياست جا نالا ۽ سندن جاءِ وقوع پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي چناب جي اوڀارئين ڀاڱي يا جلنڌر واري حصي ۾ موجود هيون.

سوم ونسدي

(1) ڪانگڙا يا ڪاٽوچ (Katoch)

(2) ڪانگر ڏکڻ اولهه گلر (Guler)

(3) جسوال

(4) ڏاترپور Datar Pur جيڪا بياس جي هيٺئين پاسي واقع هئي.

(5) سيبا Siba

سورج ونسي

(6) راجي جي ڪناري سان واقع-چمبا

(7) بياس جي مٿئين ڀاڱي سان واقع ڪلو Kullu

پانڊيا

(8) بيانس جي وچ واري ڀاڱي سان آباد-منڊي Mindi

(9) مندي کان ڏکڻ پار سکيت Sukhet

(10) راوي ۽ بياس جي وچ تي نورپور

(11) نورپور کان اوڀر پار ڪوٽلا Kotila

(12) ڪوٽليهار Kotlehar

مٿي بيان ڪيل ٻارهن رياستن مان پنجن کان وڌيڪ اهڙيون رياستون به آهن جيڪي جلنڌر جهڙي شاهوڪار ملڪ جي محالن جيتريون مس وڏيون آهن، جيڪي هن علائقي جي جابلو ايراضيءَ ۾ وڪوڙيل آهن. بياس ۽ ستلج وارو دو آبو مذڪوره رياستن تي مشتمل آهي. راوي کان وٺي ڊولاڍار Doaladhar جبل جي ڏکڻ تائين ۽ سکيت ۽ منڊي جي دنگ وارو حصو به هنن ۾ شامل سمجهڻ گهرجي. نورپور، ڪوٽلا، ڪوٽليهار، منڊي، سکيت واريون ايراضيون ڪنهن زماني ۾ هڪ راجا جي راڄ ۾ هونديون هيون. ڪنهن زماني ۾ پنجاب جي اوڀر جابلو علائقي ۾ چار رياستون، جهڙوڪ: جلنڌر، چمبا، ڪلو ۽ منڊي هونديون هيون.

جلنڌر

جڏهن هن علائقي ۾ مسلمان اچي آباد ٿيا ته جلنڌرا جي قديم حڪمراني سوڙهي ٿي وڃي جابلو علائقي تائين محدود ٿي، جنهن کي مشهور قلعي ڪانگر جي نالي پٺيان ڪانگڙا سڏيو ويندو هو. هن علائقي کي ڪاٽوچ نالي سان به ڪوٺيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ جي خبر ڪانه آهي. هن کي تربگارتا (207) جي نالي به سڏيو ويندو هو، جيڪو سنسڪرت جو لفظ آهي، پراڻن ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ به اهو لفظ ملي ٿو.

چيني ياتري (208) ستينءَ صديءَ ۾ جلنڌر جو ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته هن علائقي جي اولهه کان اوڀر ڊيگهه هڪ هزار لي يا هڪ سو ستهٺ ميل ۽ اتر کان ڏکڻ ويڪر اٺ سو لي يا هڪ سو ٽيٽيهه ميل آهي، جيڪڏهن اسان هن  ويڪر کي صحت جي ويجهو سمجهنداسون ته اتر کان چمبا جي رياست، اوڀر کان منڊي ۽ سکيت ۽ ڏکڻ-اوڀر کان ستادرو، جلنڌر جي ملڪ ۾ شامل سمجهڻ گهرجن. آخر ۾ بيان ڪيل علائقو ستلج جي اوڀر پاسي واقع آهي، جيڪو اتر هندستان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. منهنجو ويچار آهي ته اهو علائقو جلنڌرا جي ملڪ ۾ شامل هوندو. جيڪڏهن اسان هن علائقي کي شامل ڪنداسون ته هن ملڪ جي ايراضي ايتري ٿي ويندي جيتري چيني ياتري بيان ڪئي آهي.

شين سئنگ واري دور ۾ هن علائقي جي راڄڌاني جلنڌرا هو. سندس بيان موجب ان شهر جو گهيرو ٻارهن لي يا ٻن ميلن کان ڪجهه مٿي هو. هيءُ هڪ قديم شهر آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به شڪ شبهو نه آهي. ٽالمي به هن شهر جو ذڪر ڪلنڊرائين (Kulindrine)  جي نالي سان ڪيو آهي، جنهن جو صحيح تلفظ سلندرائين (Sulendrine) آهي، ڇاڪاڻ ته پونالي ٻوليءَ ۾ K  ۽ E جو اچار هڪ ٻئي سان بدلائي سگهبو آهي. پدما پراڻ (209) جي بيان موجب جلنڌرا هتان جي راجا دائيتا (Daetya) جي ملڪ جي راڄڌاني هئي. هي راجا جوڳ پچائي اهڙو طاقتور ٿي ويو هو جو هن کي ڪير به جيتي ڪو نه سگهندو هو. نيٺ شو ديوتا هن کي، ٺڳي ڪري ماري ڇڏيو ۽ سندس مئٿ کي يوجيني (Yogini) نالي هڪ ڏائڻ ڳڙڪائي وئي. ڏيهي پراڻ (210) ۾ هن ڪهاڻيءَ کي ٻئي نموني سان لکيو ويو آهي. ان جو بيان آهي ته شو ديوتا هن کي شڪست ڏني ۽ هڪ وڏو پٿر اڇلي کيس ماري ڇڏيو. هن جي وات مان باهه جا شعلا بکڻ لڳا جيڪو جولا مکيءَ هيٺان پيو هو. سندس پٺي دوآبي جي مٿئين حصي جي هيٺان هئي، جنهن کي جلنڌرا پيٺا يا جلنڌرا اپيٺ چيو ويندو آهي. سندس پير وري دو آبي جي هيٺئين حصي جي هيٺان دٻجي ويا، جيڪو ملتان جي اوسي پاسي ۾ هو. اڪبر بادشاه هن ڏندڪٿا کي دوآبن جي نالن ۾ ڪتب آندو آهي ۽ ۽ ستلج ۽ بياس جي دوآبي کي بست جلندر يا بٽ جلندر Bit Jallandher سڏيو آهي. پر ان جي بدران هي دوآبو ساب نالي سان هجي ها، جهڙيءَ ريت باري دوآبو آهي، جنهن ۾ بياس ۽ راوي جا پهريان اکر پاڻ ۾ ملايا ويا آهن يا جيئن چج دوآبو آهي.

جلنڌرا ۽ ڪانگڙا جو شاهي گهراڻو، هندستان جي پراڻي خاندان مان آهي. سس راما چندر کان وٺي اڳتي ڏنل شجرو راجپوتانا جي طاقتور گهراڻي ۾ ڏيکاريل نالن جي فهرست کان، اسان جي خيال مطابق  شجري ۾ ڏنل نالن سان وڌيڪ سهمت آهي. هن گهراڻي جون مختلف ڇاڙهون دعويٰ ڪنديون آهن ته سندن تعلق سوم ونسي پيڙهيءَ سان آهي. سندن اها به دعويٰ آهي ته سندن وڏا مهاڀارت واري جهيڙي ۾ دريو ڌن جو پاسو ۽ پانڊون جا مخالف هئا، تنهن زماني ۾ ملتان سندن وڏن جي حڪمرانيءَ هيٺ هو. شڪست کان پوءِ پنهنجو ملڪ سندن هٿان نڪري ويو. ان کان پوءِ سس راما چندرا جي اڳواڻيءَ ۾ هنن جلنڌرا واري دوآبي ۾ وڃي پنهنجو راڄ قائم ڪيو ۽ ڪانگڙا نالي قلعو اڏايائون. سڪندر جي جنگي مهم بياس کان  اڳتي وڌي ڪانه سگهي. پر بياس جي هن پار واري راجا ڦيگيلاس Phegelas (211) يا فيگايس Phegaeus سندس آڻ مڃي هئي ۽ هيءُ جلندر دوآبي جو حڪمران هو. پنجين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ڪشمير جي راجا (212) تري گارنا وارو علائقو راجا پراواريسا کي ڏنو هو. ستين صديءَ ۾ جڏهن شين سئنگ هتي آيو ته هتان جي راجا اتيتو U-ti-to  يا اديتا (213) Udita هن جو کليءَ دل سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ مهيني تائين سندس ٽهل ٽڪور ڪندو رهيو، جنهن کي پيڙهيءَ جي پنوتريءَ ۾، مان آديما Adima سمجهان ٿو. هن کان هڪ سو سٺ سال پوءِ 804ع جي هڪ لکت موجب جلنڌرا جي راجا جو نالو جايا چندرا Jaya chandra ملي ٿو، شجري موجب جيامالا چندرا ۽ آديما Adima کان پوءِ ستون راجا آهي. آخر ۾ ڪشمير جي راجا آونتا 1081ع 1028ع اندر چندرا (214) جي ٻن ڌيئرن سان شادي ڪئي هئي، جيڪو ان زماني ۾ جلنڌرا جو راجا هو. سندس نالو ڪانگڙا جي راجائن جي شجري ۾ اندرا چندرا لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هنن حقيقتن مان اسان کي معلوم ٿيندو ته مسلمانن جي فتح کان ڪيتريون صديون اڳ جلنڌرا هڪ آزاد ملڪ هو.

گولر Guler، جسوال، ڌاترپور ۽ سيبا جا حڪمران، ڪانگڙ جي راجا جي پيڙهيءَ مان آهن. گولر يا هريپور جي رياست راجا هري چندرا جي دور ۾ آجپو ماڻي ورتو هو. هيءُ راجا سن 1400ع ۾ هن ملڪ جو حڪمران هو. تنهن کان پوءِ هن ڪانگڙا جي حڪومت پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڪرما چندرا جي حوالي ڪئي هئي. ٻين رياستن جو بنياد ڪڏهن پيو، تنهن جو پتو ڪو نه آهي. منهنجو ويچار آهي ته اهي رياستون مسلمانن جي اچڻ تائين پنهنجي اباڻي ملڪ جون ڏن ڀرو هيون. محمود غزنوي جي ڪانگڙا فتح ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي کين آزاد ملڪ قائم ڪرڻ جو وري وجهه ملي ويو هو.

فرينچ سياح ٿيوناٿ (215) دهليءَ جي شهنشاه جي حڪمرانيءَ جو ذڪر ڪندي اسان کي ٻڌائي ٿو ته هندستان ۾ ڪيترائي رجا آهن، جيڪي مغل شهنشاه جي ڏن ڀرو نه آهن. مان سمجهان ٿو ته انهن راجائن جا ملڪ دهليءَ کان دور جابلو علائقي جي وچ ۾ ڪاٿي هوندا. پر اهي راجا جن جون رياستون جابلو علائقن کان ٻاهر هيون، سي مغل شهنشاه جي ضرور ماتحت هئا. ٿيوناٽ اسان کي وڌيڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته  آيود Ayoud يا هائود Haoud جو علائقو مغل شهنشاهيت ۾ شامل آهي، ان ۾ ڪيتريون اتريون رياستون جهڙوڪ ڪاڪاريس Caucares، بانڪش Bankish، نگر ڪٽ Nagar cut ۽ سيبا شامل آهن. مان سمجهان ٿو ته ڪارڪريس ضرور گڪر وارو علائقو هوندو، جيڪو جهلم کان اولهه واري جابلو علائقي جو هيٺيون ڀاڱو آهي. ٽيري (216) Tarry هن کي ڪاڪاريس Caucares وارو علائقو ٿو سڏي ۽ چوي ٿو ته هن ايراضيءَ جا مکيه شهر ڊيڪالي Dekalee ۽ پرهولا Purhola آهن. شايد سندس اشارو ڊنگالي Dangali ۽ ڦاڙوالا Pharwala ڏانهن آهي. بانڪش Bankush ٽيري وارو (217) Banchish آهي، جنهن جو مکيه شهر بشور Bishur (پشاور) آهي، جيڪو ڪشمير کان اوڀر پر ٿورو ڏکڻ (هتي اولهه پڙهڻ گهرجي) طرف واقع آهي ۽ سنڌوءَ جي وهڪري سبب هن کي الڳ آهي. نگرڪٽ Nagar cut، ڪانگڙا يا نگر ڪوٽ Nagar Kot آهي. ابوريحان (218) به هن کي ساڳي نالي سان سڏيو آهي. محمود غزنويءَ جڏهن هي شهر فتح ڪيو هو تڏهن هو ساڻس هتي گڏ هو. سيبا ڪانگڙا ڀرسان ڪا ننڍي رياست ڪانه آهي، جهڙيءَ ريت اسان ان کي سمجهيو آهي، پر گنگا درياه جي ڪناري سان هڪ علائقو آهي. ٽيريءَ موجب جنهن جو مکيه شهر هردوار (يا هرد وارا) آهي. هتان درياه جبلن ۾ ور وڪڙ لنگهندو آهي. هنن احوالن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته اولهه پاسي پشاور کان اوڀر پاسي گنگا درياه تائين جابلو علائقي جو هيٺيون پاسو دهليءَ جي شهنشاه جو ماتحت هو. جنهن علائقي کي ٿيوناٽ ايود Ayoud يا هائود Haoud سڏي ٿو، تنهن جو آءُ فقط اندازو ڪري سگهان ٿو ته اهو لفظ هماوات Himavat يا هموات Himwat  جي بگڙيل صورت آهي. هي هماليہ جبل جو هڪ مشهور نالو آهي، يونان وارن هن جبل جو نالو ٻن نمونن جي هِجي ۾ ايموڊوس ۽ ايموس ڪري لکيو آهي.

چمپا يا چمبا

چمبا هڪ وڏو علائقو آهي، جنهن ۾ راوي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن سميت سندس ماٿري، ان کان سواءِ لهول Lahul  ۽ ڪشتوارجي وچ واري ۽ چناب جي مٿئين حصي واري ايراضي به شامل آهي. شين سئنگ هن جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي. شايد هن چيني ياتريءَ مذڪوره علائقي کي ڪشمير سان شامل ڪري ڇڏيو آهي. هن جي قديم راڄڌانيءَ جو نالو ورماپور يا برماپور هو، جيڪو ٻڌل Budhil نديءَ جي ڪناري سان واقع آهي، هتي اسان کي ڪيترا عاليشان خوبصورت مندر ۽ ڪنجهي مان ٺهيل ڏاند جي پوري مورتي ڏسڻ ۾ ايندي هنن حقيقتن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي علائقو سکيو ستابو هو ۽هتان جا حڪمران ڌرمي هوندا هئا. لکت موجب اهي تاريخي عمارتون نائين ۽ ڏهين صدي عيسوي سان واسطو رکن ٿيون. ڪشمير جي ڏيهي تاريخ ۾ هن جو ذڪر چمبا Champa جي نالي سان ڪيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شجري کي به ڀِيٽائي ڏٺو ويو آهي ته صحيح نظر اچي ٿو. سن 1028ع ۾ 1031ع جي وچ ڌاران هن علائقي تي ڪشمير جي راجا آونتا (219) حملو ڪيو هو، جنهن چمپا جي راجا سالا Sala کي هارايو ۽ هوُ مارجي ويو. سندس پٽ چمپاوتي ديويءَ جي نالي پٺيان، نئين راڄڌانيءَ جو نالو چمپاپور رکيو. جيڪو اڃان تائين به هن علائقي جو مشهور ۽ مکيه شهر آهي ۽ ان کي چمبا Chamba جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ڪشمير جي راجا ان کان پوءِ چمبا گهراڻي جي راجائن سان سڱاونديءَ وارو ناتو (220) ڳنڍيو. ڪشمير تي مسلمانن جي حملي کان پوءِ هيءُ ننڍڙو ملڪ آزاد ٿي ويو. هلندڙ صديءَ (221) جي اڳياڙيءَ دوران گلاب سنگهه حملو ڪري ان کي پنهنجو ڏن ڀرو بڻايو. اهڙي ريت سندس آزاد حيثيت ختم ٿي وئي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org