29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:12 

راجا سوفيٽس جي ملڪ بابت پراڻا تاريخي حوالا ڏاڍا متضاد آهن اسٽرئبو (244) جو بيان هن ريت آهي: ”ڪن موءرخن ڪاٺيا Kathaea ۽ سوپيٿس جي ملڪ کي جهلم ۽ چناب درياه جي وچ واري علائقي ۾ ٻڌايو آهي. ڪن وري لکيو آهي ته اهو علائقو چناب جي ويجهو پر راويءَ واري پاسي آهي، جيڪو پورس جي پانٽي پورس ٻئي جو ملڪ هو. سڪندر کيس قيد ڪيو هو. سندس ملڪ کي گندارس Gandaris جي نالي سڏيو ويندو هو. منهنجو خيال آهي ته اهو نالو هاڻوڪو گوندل –بر Gundal-bar يا گوندر-بر Gtundar-bar آهي. بر هڪ اهڙو لفظ آهي جيڪو هر دوآبي جي وچ  واري علائقي کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو پاسي وارن ٻنهي دراهن جي پاڻيءَ جي پهچ کان پري هوندو آهي. اهڙي ريت سندل Sandal-bar   يا سندر بر  Sandar-bar به اهو علائقو آهي جيڪو جهلم ۽ چناب جي وچ تي آهي. گوندل بر جو مٿيون پاسو، جنهن ۾ هاڻي گجرات اچي وڃي ٿو. ان پورس جي حڪمرانيءَ ۾ شامل هو، جنهن سڪندر سان مقابلو ڪيو هو. جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ڀڄي وڃي گنداريءَ  Gandaridae  وارن وٽ سر بچاءُ ڪيو هو. ڪن تبصره نگارن هن نالي کي بدلائي گنگاري ڊاءِ ڪري سمجهيو آهي، يعني گنگا جي ڀرپاسي وارو علائقو.  منهنجو ويچار آهي ته ڊايوڊورس  (245) جي ڪتاب ۾ ڏنل نالو شايد صحيح آهي. گنداري ڊاءِ اشارو ضرور گندارس جي اوسي پاسي جي رهواسين ڏانهن هوندو، جيڪي سوفيٽس جي رعيت هئا.

 هن راجا جو ملڪ رڳو جهلم ۽ چناب واري دوآبي تائين محدود ڪو نه هوندو. هن بابت اسٽرئبو Strabo (246) جو بيان ته، ”سوفيٽس جي ملڪ ۾ لوڻ جو جبل موجود آهي جيڪو سڄي هند سنڌ لاءِ ڪافي آهي.“ هي تاريخي اشارو ان جابلو سلسلي ڏانهن آهي. جنهن کي لوڻ وارن جبلن جو سلسلو Salt Rangs سڏيو ويندو آهي. ان سان گڏ سنڌ ساگر دو آبي جو مٿيون پاسو به سوفيٽس جي راڄ ۾ شامل هوندو هو. هن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن راجا جو راڄ اولهه پاسي کان سنڌوءَ جي ڪٺار کان وٺي، اوڀر ۽ چناب جي ڪنڌين تائين قائم هو، جنهن ۾ پنڊ دادن خان ۽ شاهپور وارا موجوده علائقا به اچي وڃڻ ٿا. پليني جي ڪتاب ۾ به هڪ اهڙو جملو موجود آهي، جنهن مان پڻ سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته لوڻ جون اهي قيمتي کاڻيون راجا سوفيٽس يا سوپيٽس جي راڄ جي حدن اندر موجود هيون. جيڪڏهن هن ملڪ جي نالي ۾ رڳو ٻن اکرن جي مٽ سٽ ڪئي وڃي ته  جيڪر سڄو مونجهارو نبري وڃي، جنهن هيل تائين سڀني ماڻهن کي گائون مائون ڪري وڌو آهي. پليني Pliny جو بيان آهي ته :”سڪندر اعظم جڏهن هند-سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ته البانيا Albania  جي راجا کيس هڪ ڪتو سوکڙي ڪري ڏنو، جيڪو وڏي قد ڪاٺ جو هو، جنهن سڪندر جي سامهون شينهن ۽ هاٿيءَ تي حملو ڪيو ۽ کين ماري مڃايائين. (247) هن ڪتاب جي اتاري ڪرڻ واري سولينس Solinus (238) به ساڳي ڳالهه ورجائي آهي ۽ ملڪ جو نالو به ساڳيو ڏنو اٿس. اسٽرئبو، ڊايو ڊورس ۽ ڪرٽس جي متفق بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر کي سوکڙيءَ طور شڪاري ڪتا راجا سوفيٽس ڏنا هئا ۽ ضرور اهو ئي البانيا جو راجا هوندو. مان هتي هيءُ صلاح ڏيندس ته ان لفظ کي ليبانيا پڙهيو وڃي ۽ اڳيان اکر ڪڍيا وڃن. ان کان پو AABAN جو لفظ مٽجي AABAN ٿي پوي ٿو، جيڪو سنسڪرت جي لفظ لوڻ Salt lavana ڏانهن اشارو ڪري ٿو. پليني (249) هن لوڻ واري جبل کي اورومينس Oromenus جي نالي سان سڏيو آهي. وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هن ملڪ جي راجا کي سون ۽ موتين کان وڌيڪ اپت هن جابلو لوڻ مان ٿيندي آهي. گهڻو ڪري هيءُ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ روءماڪا (Raumaka) ڏانهن اشارو آهي، پنڊتن جي ٻڌايل معنيٰ موجب اهو لوڻ جيڪو رما (Ruma) ملڪ جي ٽاڪرو علائقي مان آندو ويندو آهي. ايڇ.ايڇ.ولسن رما کي سامڀر (250) (Sambhar) سڏي ٿو ۽ روءما جي معنيٰ ”لوڻ“ ٻڌائي ٿو. امڪان آهي ته هيءُ لفظ سامڀر ڍنڍ سان لاڳاپيل هجي.جيڪا راجپوتانا ۾ به آهي ته پنجاب جي لوڻ واري جابلو سلسلي ۾ به موجود آهي. (251)

سڪندر جي موءرخن سوفيٽس راجا جي ملڪ جي ماڻهن بابت گهڻي ڪجهه ڄاڻ محفوظ ڪري ڇڏي آهي. ڪرٽس (252) (Curtius) جو بيان آهي ته هو ڏاڍو سهڻو هو. ڊايوڊورس (253) ٻڌائي ٿو ته سندس قد ڇهه فوٽ هو. مون وٽ هڪ سڪو آهي، جيڪو يوناني ڪاريگر جو ٺهيل ڀائنجي ٿو. مهر واري پاسي تي ماڻهوءَ جو هڪ مٿو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي خود (Helmet) پاتل آهي. سڪي جي پٺئين پاسي ڪڪڙ ڏسجي ٿو، جيڪو بيٺل آهي. مٿس لکت هن ريت آهي:  WQPToY

منهنجو خيال آهي، جنهن لاءِ موزون سبب به آهي ته هيءُ سڪو سوفيٽس راجا سان لاڳاپو رکي ٿو. سندس مهن جي منجي ڏاڍي ڊولائتي سهڻي، سوڀياوان ۽ نمايان نظر اچي ٿي. سندس رعيت به سونهن ڪري سڀني کان نرالي هوندي هئي. ڊايو ڊورس چوي ٿو ته اهي ماڻهو پنهنجي سونهن کي بچائڻ واسطي ڪوجهن ٻارن کي ڄمڻ سان ئي ماري ڇڏيندا هئا. اسٽرئبو ڪاٺيا قبيلي لاءِ به ساڳي ڳالهه ٻڌائي ٿو. سندس وڌيڪ بيان آهي ته اهي ماڻهو بادشاهه به اهو چونڊيندا هئا، جيڪو سڀني کان وڌيڪ سهڻو هوندو هو (254). منهنجو خيال آهي ته سندس اشارو سوفيٽس جي رعيت ڏانهن آهي. ڇاڪاڻ ته سانگلا واري جابلو علائقي جو ڪو راجا هوندو ئي ڪو نه هو، جتي ڪاٺيا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سوفيٽس جي رعيت ۽ ڪاٺيا قبيلي جي ماڻهن بابت مختلف موءرخن جا بيان منجهيل  آهن. ان لاءِ منهنجو خيال آهي ته سوفيٽس جي رعيت ۽ ڪاٺيا قبيلي وارا ماڻهو هڪڙي ڳالهه آهن. بيان مان پڪ اها ٿئي ٿي، ٻنهي نياتن جا ماڻهو ڀرسان رهندا هئا. سندن اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون ساڳيون هونديون هيون ۽ هو ڪاٺ ۽ سونهن سوڀيا ۾ هڪ جهڙا لڳندا هئا. مان ويچار ڪري هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اهي ماڻهو ٻين کان الڳ ساڳيءَ ڪُر ۽ نيات سان واسطو رکندا هئا.

بڪي ڦالا يا دلاور

جن ماڳن تي سڪندر ۽ راجا پورس جي ويڙهاند ٿي هئي، تن بابت وقت جي سڄاڻ ۽ سچيت ماڻهن پروڙيو پرجهيو سوچيو ۽ لوچيو آهي. ايلفن اسٽون (255) جهڙو ڏاهو ماڻهو انهن ماڳن کي جلال پور جي سامهون سمجهي ٿو. برنس (256) جو ويچار هو ته اهي ماڳ جهلم جي ڀرسان آهن. ان جو ڪارڻ اهو ٻڌائي ٿو ته مذڪوره ماڳ تاتار کان ايندڙ رستي تي آهي ۽ سندس خيال پٽاندر سڪندر به اهو ساڳيو گس وٺي آيو هوندو. سن 1936ع ۾ جنرل ڪورٽ (257) سان هن مامري بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي. هو فوجي سکيا جي ڏس ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. پنجاب ۾ گهڻو عرصو رهڻ ڪري کيس هنن ماڳن جي مشاهدي ۽ مطالعي لاءِ هڪ سونهري وجهه مليو هو. ان ڪري کيس پنهنجي الڳ نقطه نظر هو. هو ٻڌائي ٿو ته سڪندر جهلم ڀرسان فوجي وانڍ هنئي هئي. هن کيلي پتم Khilipatam کان درياهي سفر شروع ڪيو هو،  جيڪو جهلم کان ٽي ڪوهه يا ڇهه ميل مٿان آهي. سندس خيال موجب سڪندر ۽ راجا پورس جي جنگ جهلم کان اٺ ميل اوڀر، جاباندي Jabanadi ڀرسان پٽي ڪوٽي Patti-koti وٽ لڳي هئي. نڪايا جو ماڳ ويسا Vessa يا بيسا Bessa جي ڀرسان آهي، جيڪو پٺي ڪوٺ يا پٽي ڪوٽ کان ٽي ميل ڏکڻ-اوڀر آهي. سرڳواسي لارڊ هارڊنج Lord Hardinge هن موضوع ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. هن سن 1846ع ۾ مون سان ٻه ڀيرا ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. هو مون سان متفق هو ته سڪندر پنهنجي فوجي وانڍ انهن ماڳن تي هنئي هئي، جن جي اوسي پاسي اڄ جلال پور جو شهر آباد آهي. ٻئي سال جنرل (258) سڪندر ۽ راجا پورس جي جنگي ميدان بابت هڪ تحقيقي مقالو لکيو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته سڪندر پنهنجي فوجي وانڍ جهلم ڀرسان هنئي هئي ۽ سندس دشمن راجا پورس جي فوجي وانڍ پار سامهون ان جاءِ هئي جتي هاڻي اورنگ آباد جي فوجي وانڍ پار سامهون ان جاءِ هئي درياهي سفر ڀوڻا Bhuna کان شروع ڪيو هو، جيڪو جهلم کان ڏهه ميل مٿي آهي. ٻنهي ڌرين جي جنگ پڪرال Pakral ڀرسان لڳي هئي، جيڪو سکچين پور Sukchenpur کان ٽي ميل اتر آهي. اهو سال 1863ع تائين  جئين جو تئين پيو رهيو. ان وقت مون کي پنجاب جي دوري ڪرڻ جو وجهه ملي ويو، جنهن ناتي جلال پور کان جهلم تائين جهلم درياه جا ڪنارا ڪنڌيون جاچي پرکي ڏٺم.

سڪندر جي چرپر بابت احوال اورڻ کان اڳ آءُ بهتر ائين ٿو سمجهان ته جلال پور کان وٺي جهلم تائين درياه جي ڪٺار سان جيڪي ماڳ آهن، تن جي وارتا ڪريان. مان مذڪوره ماڳن وٽ اولهه طرف کانپهتو آهيان، تنهن ڪري احوال به ان نقطه نظر سان ڪندس. اسان کي جڏهن پڪ ٿيندي ته اهو ماڳ بڪي ڦالا جي ڏنل احوال سان هڪ جهڙائي رکي ٿو ته ان کان پوءِ اسان صحيح نموني سان فيصلو ڪري سگهنداسين ته سڪندر جي فوجي وانڍ جهلم ويجهو هئي يا جلال پور جي ڀرسان. هن بحث ۾ جيڪو فاصلو ڪتب آندو ويو آهي، سو مون پاڻ ماپيو آهي (259)

جهلم جو شهر، جهلم درياه جي اولاهين ڪنڌيءَ سان ۽ جلال پور کان اتر-اوڀر ٽيهن ميلن جي پنڌ تي ۽ لاهور کان هڪ سو ميل پري اتر، اتر-اولهه طرف آهي. قديم شهر هڪ وڏي دڙي جي صورت ۾ ڏسجي ٿو، جيڪو موجوده شهر جي اولهه پاسي آهي. دڙي جي همچورس ماپ تيرهن سو فوٽ ۽ اوچائي ٽيهه فوٽ کن ٿيندي، چوڌاري سروٽن جا ڍير ۽ ٺڪراٺو پيو ڏسبو. همچورس دڙي کي مان قلعي جا ٿرڙ سمجهان ٿو، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن کي پٽا Puta سڏيو ويندو آهي. مينهن پوڻ کان پوءِ ڪئين سڪائروار ٿي پوندا آهن. پر اهڙا سڪا مان ٿورا هٿ ڪري سگهيس، جن جو واسطو هند-سٿين جي راجائن، ڪابل جي برهمڻ حڪمرانن ۽ ڪشمير جي بادشاهن جي ٽڪسالن (ضرب خاص) سان آهي. جنرل ڪورٽ ۽ ائبٽ جي بيان مطابق هن کان اڳ ساڳئي دور ۾ ان کان به قديم دور سان لاڳاپيل سڪا به هتان لڌا ويا آهن. هن حقيقت مان اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته هيءُ شهر پهرين صدي عيسويءَ ڌاري به موجود هو. هيءُ قديم شهر اتر پنجاب جي ٻن مکيه رستن مان هڪ جي ڪناري تي اڏيل هو. صورت حال اهڙي مناسب آهي جنهن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته هن شهر جي تعمير به ڪنهن قديم دور ۾ ٿي هوندي. منهنجي خيال جي پٺڀرائي هن حقيقت مان ٿئي ٿي ته پراڻي دڙي جي کوٽائيءَ مان وڏي ڪارپ جو سرون نڪتيون آهن.

داراپور(Darapur) ڀرسان هڪ پراڻي شهر جا نشان مليا آهن، جنهن جو برنس (270) ۽ ڪورٽ (271) به ذڪر ڪيو آهي. جيڪو جهلم کان ويهه ميل هيٺ ۽ جلال پور کان 01 ميل مٿي درياء جي اولهه ڪناري سان ڏسڻ ۾ ايندو. چيو وڃي ٿو ته اهو شهر 1832ع ڌاران ڦٽي ويو. يعني ان دور ۾ مذڪوره وسنديءَ دلاور جا اهي ماڻهو پنهنجا ڪک ڇڏي اولهه پاسي هڪ ٽڪريءَ تي موجود هڪ دڙي تي وڃي پنهنجا گهر اڏي ويٺا. ان وقت کان اڳي هن ماڳ کي چنڊ نالي سڏيو ويندو هو. جنهن جي معنيٰ آهي دڙو. پر هن ماڳ جو اصلي نالو ادام نگر (Udam Nagar) يا ادينا نگر (Udina Nagar) هو. برنس هن کي ساڳئي نالي سان به سڏي ٿو. ڪورٽ هڪ ڏانهن به ڀيرا اشارو ڏنو آهي، پر نالو ڪو نه کنيو اٿائين، پر پوءِ هن کي گاجي راکي (Gagirakhi) سڏي ٿو ۽ وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هن ڦٽي جا کنڊر جلال پور ۽ داراپور جي وچ ۾ جهلم درياء جي ڪناري سان پکڙيل ڏسي سگهجن ٿا سندس بيان موجب مذڪوره ڦٽل شهر جا ٿرڙ ڇهه ست ميل ڊگها آهن. منهنجي ويچار پٽاندر هن ٿرڙ ٻن ڌار ڌار ڦٽل شهرن جا آهن ۽ ماڻهن انهن کي هڪ ڦٽل شهر جا ٿرڙ سمجهيا آهن ۽ مامرو منجهي پيو آهي انهن مان هڪڙا کنڊر ته گيرجهڪ (Gerjhak) جا آهن، جنهن کي ڪورٽ گاجي راکي ڪري لکيو آهي. هيءُ قديم ماڳ جلال پور کان اتر هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي دڙي جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. ماڻهن هن جي ڊيگهه گهڻي وڌائي ٻڌائيندا آهن. داراپور هتان اٺ ميل ميل کن پري ٿيندي. ٻنهي جي وچ تي اونهون گهارو آهي، جنهن کي ڪانڊار (Kandar) ڪري سڏيندا آهن. ان سان گڏ ڪي اتاهيون ۽ اڀڪپريون به آهن، جن جي اولاهينءَ ڪڇ ۾ دلاور آباد آهي. برنس هن قديم ماڳ جي ڊيگهه ”ٽي يا چار“ ميل ٻڌائي ٿو. پر مون کي پڪ آهي ته اهو وڌاءُ آهي. مون کي وڏي جاکوڙ ڪرڻ جي باوجود مذڪوره ماڳ جي ڊيگهه هڪ ميل ۽ ويڪر اڌ ميل کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. اهي ٿرڙ ٻن وڏن دڙن جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جن جي وچ تي اڌ ميل کن جيتري وٿي آهي. ٻه ننڍڙا دڙا به ٻنهي وڏن دڙن جي وچ ۾ تي ڏسڻ ۾ ايندا. ڏاکڻيون دڙو جنهن تي دلاور آباد آهي، تنهن جي مٿي همچورس پکيڙ 500 فوٽ ٿيندي. هيٺ تري ۾ 1100 کان 1200 فوٽ ۽ اوچائي 50 کان 60 فوٽ آهي. اتر وارو دڙو جنهن تي داراپور Darapur آباد آهي، تنهن جي هم چورس پکيڙ 600 فوٽ ۽ اوچائي 20 کان 30 فوٽ آهي. ٻنهي دڙن جي وچ تي ساري ڌرتي سروٽن ۽ ٺڪرين سان ڍڪيل ڏسڻ ۾ ايندي ۽ سمجهيو ويندو آهي ته اهي کنڊر هڪ ئي ڦٽي جا آهن. دلاور جي وسنديءَ جا گهر دڙي مان کوٽيل ڊگهين سرن مان جوڙيا ويا آهن. انهن وڏين سرن جون ٻه ماپون آهن. سرن جي هڪ وَڙَ جي ماپ سوا اٺ باءِ ساڍا يارهن ضربيان ٽي انچ آهي. ٻيو وڙ به ساڳيءَ ماپ جو آهي، پر ٿولهه اڌ گهٽ اٿس. دلاور واري دڙي مان کوڙ سارا پراڻا سڪا لڌا ويا آهن. جلال پور جي بازار ٺاهڻ لاءِ هن دڙي مان سرون ڪڍيون ويون هيون، جهڙيءَ ريت پنڊ دادن خان جي اڏاوت لاءِ جوب ناٿن نگر جون سرون ڪتب آنديون ويون هيون. هتان مون کي مختلف دورن جهڙوڪ هند-سٿين جو پهريون دور، ڪابل جي برهمڻ حڪمران جو دور، ڪشمير جي راجائن وارو دور، هزارا ڪرلڪي Karluki خاندان حسن ۽ سندس پٽ محمد جا سڪا هٿ لڳا. هن حقيقت مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته هيءُ شهر عيسوي سن کان اڳ ٻيءُ صديءَ ۾ آباد ٿيو آهي. چيو ويندو آهي ته هن شهر جو بنياد راجا ڀرتي Bharati رکيو، جنهن جي دور جو ڪو به پتو ڪو نه آهي. مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته جنهن ماڳ تي دلاور اڏيل آهي، سو جهلم درياء واري رستي جي ڏيٺپي تي ڏاڍو اهم آهي. هتان اولهه کان ايندڙ رستو ٽڪرين تان هيٺ لهي ميداني علائقي ڏانهن وڃي ٿو مذڪوره جاءِ بنهار Bunhar نئن جي ڇوڙ کان ٿورو هيٺ آهي. صورت حال جي اهميت سمجهي سگهجي ٿو ته هي وسندي ڪنهن قديم دور کان آباد هئي.

جلال پور جي وسندي جهلم درياء جي اولهه ڪناري انهيءَ هنڌ واقع آهي جتي ڪنڊا وارو گهارو اچي جهلم جي پراڻي پيٽ سان دلجي ٿو. درياه جو هاڻوڪو وهڪرو پراڻي پيٽ کان ٻه ميل پري آهي. پر وچ وارو علائقو توڙي جو وڻن سان ڪٿان ڪٿان ڍڪيل آهي، پر پوءِ به وارياسو پيو لڳندو. هن شهر کي اڪبر بادشاهه جي نالي پٺيان جلال پور سڏيو ويو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هي شهر سندس دور ۾ گهڻو وڌيو ويجهيو هو. جڏهن جهلم پنهنجو وهڪرو مٽي ويو ۽ پاسي ۾ پنڊ دادن جو به بنياد پيو ته هن جو به زوال شروع ٿيو. هاڻي منجهس 738 گهر ۽ آدمشماري چار هزار کن آهي. پراڻن کنڊرن کي ڏسي ائين ڀائنجي ٿو ته هيءُ ڪڏهن موجوده شهر کان ٽيڻو چوءڻو وڏو هوندو. گهر لوڻ واري جابلو سلسلي جي صفا اوڀارئين ڇيڙي وٽ ۽ آخري لاهيءَ ۾ ٺاهيل آهن. هيءُ ٽڪري رستي وٽان هوريان هوريان مٿي ٿيندي وڃي  150 فوٽ جي اوچائيءَ تي پهچي ٿي. هن جو اصلي نالو گيرجهڪ آهي. ابوالفضل آئين اڪبريءَ (292) ۾ هن کي ڪير چاڪ Kairchak ڪري لکيو آهي، جيڪو سنڌ ساگر دو آبي ۾ موجود آهي. اسانکي ثابتي ملي ٿي ته ان دور تائين مٿس اهو نالو قائم رهيو ۽ بعد ۾ ڦيرائي ان جو نالو جلال پور رکيو ويو. پر هتان جا ماڻهو اڃا به ”منگل دي“ نالي هڪ ٽڪريءَ تي موجود کنڊرن کي گيرچڪ سڏيندا آهن، جيڪا جلالپور شهر کان يارهن سو فوٽ مٿي اوچي آهي. هتان جا ماڻهو ڳالهيون ٻڌائيندا آهن ته گيرچڪ شهر اولهه اتر-اولهه ڏس تي باگهڙ والا Baghar wala تائين پکڙيل هو، جيڪو يارهن ميل فاصلو ٿئي ٿو. هيءُ به هڪ اهڙو وڌاءُ آهي جيڪو ماڻهو اڻڄاڻائيءَ کان پراڻن شهرن لاءِ هرو ڀرو ڪندا آهن. هن ڳالهه ۾ ته ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش ئي ڪانه آهي ته شهر اولهه پاسي گهڻي فاصلي تائين وڌيل ضرور هو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ طرف اڌ ميل جي فاصلي تائين ٺڪراٺو پکڙيل ڏسبو، هن شهر جي اپراچينتا بابت ڪنهن کي شڪ ڪو نه آهي. هتان لڌل سڪا سڪندر کان پوءِ سندس جانشين جي دور جيترا ڪو نه آهن. منهنجو ويچار آهي ته اهو شهر ان دور کان وڌيڪ جهونو آهي. ڇاڪاڻ  ته ڏکڻ-اوڀر پاسي وٽان هيٺ لهندڙ رستو ايترو اهم آهي جو سمجهه ۾ اچي ٿو ته ان شهر جي اڏاوت جي لوڙ تمام آڳاٽي جڳ ۾ ئي محسوس ڪئي وئي هوندي. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته هيءُ شهر رامائڻ وارو گريوراجا Girivraja ماڻهن جي ٻڌايل ڳالهين ۾ رڳو هڪ راجا ڪام ڪام ارٿا Kam kam aratha جو محفوظ رهجي ويو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو مونگ Mong شهر جي بنياد رکندڙ راجا موگا Moga جو ڀاڻيجو هو. مغل بيگ (263) هن جو نالو گير جيهاڪ Gir Jehak لکيو آهي. هتان جي ڪي ماڻهو هن لفظ جي هجي ائين لکندا آهن، ڄڻ اهو گيري-زوهاڪ Giri-zohak هجي، يعني زوهاڪ جي ٽڪري. پر عام هجي ۽ اچار جيهاڪ آهي.

جهلم کان جلال پور تائين درياء جي وهڪري جو رخ اتر-اوڀر کان ڏکڻ اولهه ڏي آهي. ان جوءِ منجهان درياء ٻن پورو ڇوٽ ٽڪرين وچان لنگهندو آهي، جن مان هڪ کي ٽيلا Tila ٻيءُ کي پڀي Pabhi سڏيندا آهن. ٽيلا جو سلسلو ٽيهه ميل ڊگهيو آهي، جيڪو منگلا کان هيٺ اوڀر واري موڙ کان وٺي، جلال پور کان ٻارهن ميل اتر بنهار نئن جي پيٽ تائين درياء جي اولاهين ڪنڌي ڏئي يڪو هلندو اچي ٿو. ٽيلاجي معنيٰ ٽڪريءَ جي چوٽي يا ٽڪري آهي. هن ٽڪريءَ جو سڄو نالو گورکناٿ-ڪا-ٽيلا Gorakhnath-ka-tila آهي. ان جو اصلي ۽ جهونو نالو بال ناٿ ڪاٽيلا Bae nath ka tila آهي. هن ٽڪريءَ تي اهي ٻئي نالا چوٽيءَ تي موجود مندر جي ڪري پيا آهن. هن مندر جو پهريون نالو بالناٿ هو جيڪو سورج ديوتا جي پوڄا سان لاڳاپيل هو. بعد ۾ هن جو نالو مٽائي گورگناٿ رکيو ويو ۽ منجهس شو ديوتا جي پوڄا ٿيندي آهي. مغل بيگ جنهن 1884ع کان 1794ع تائين هن علائقي جي سروي ڪئي، سو هن کي جوڳيون-دي-ٽٻي Jogion-di-ibi سڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته سندن گروءَ جو نالو بيل ناٿ Bilnath هو. اهڙيءَ ريت ابوالفضل (264) هن کي بالنات جو تڪيو “Cell of balnat” سڏي ٿو، جتي سندس چيلا به رهندا هئا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڃان تائين به ڪي ماڻهو هن کي جوڳي-ٽيلا سڏيندا آهن. مون کي ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته بالناٿ وارو نالو به سڪندر واري دور کان گهڻو پراڻو آهي. ڇاڪاڻ ته پلوٽارڪ Plutarch (265) جو بيان آهي ته جڏهن راجا پورس سڪندر سان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ فوج گڏ ڪري رهيو هو ته شاهي فوج جا هاٿي وٺي ان سج جي ٽڪريءَ ڏانهن ڀڳا جتي سورج ديوتا جي پوڄا ٿيندي هئي ۽ انساني آواز ۾ هنن چيو: ”اي مهاراجا! تون گيگا شين Gegasions جي پونير سڪندر سان جنگ نه ڪر، ڇاڪاڻ ته گيگاشين مشتري ديوتا جووَ Jove جي ڦريءَ مان آهن.

”سج جي ٽڪري“ بال ناٿ-ٽيلا ڏانهن اشارو آهي، پر پلوٽارڪ وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته: ”:بعد ۾ ان ٽڪريءَ کي هاٿين واري ٽڪري سڏيو ويندو هو.“ بال ناٿ نالي جي هيءَ ٻي ثابتي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪي ماڻهو هن کي بيل ناٿ به سڏيندا آهن ۽ مغل بيگ به هن ٽڪري کي بيل ناٿ لکيو آهي. ميسڊونيا وارا جيڪي ان وقت تازو ايران مان آيا هئا، تن هن لفظ کي فيل ناٿ يا پيل ناٿ، بيل کي فيل يا پيل يعني هاٿي سمجهڻ لڳا. سڪندر جي فوجي وانڍ جهلم ڀرسان هجي يا جلال پور جي نزديڪ پر هيءَ ٽڪري جهلم کان پنجاه ميل جي فاصلي تائين وڏي اهميت رکي ٿي ۽ مون کي پڪ آهي ته هن ٽڪريءَ ضرور سڪندر جو ڌيان ڇڪايو هوندو. هن جي سڀني کان اوچي چوٽي سمنڊ کان 3242 فوٽ ۽ درياء کان 2500 فوٽ مٿي آهي.

پڀي Pabhi جو جابلو سلسلو جهلم درياه جي اوڀر ڪناري سان آهي، جيڪو بمبر کان راسل Rasul تائين ٽيهارو ميل کن ڊگهو آهي. هي سلسلو اتاهون گهٽ آهي. سندس اوچي ۽ اوچي چوٽي سمنڊ کان 1400 فوٽ ۽ درياه جي سطح کان 500 فوٽ مٿي آهي، هن ٽڪريءَ جي ٻنهي پاسن کان ايتري ته ڀڳل ٽٽل ۽ اڀڪپري آهي جو وڏن جبلن کان به پار ڪرڻ ۾ ڏکي آهي. پنجاب جي فتح ۽ انگريزن جي اچڻ تائين هن ٽاڪرو علائقي مان هڪ رستو هوندو هو، جيڪو راسل کان پنج ميل اتر-اوڀر کوري لڪ Kohri Pass وچان ايندو هو. ٻيو هڪ پير چارو هوندو هو، جيڪو جهلم کان ڏهه ميل پري ڏکڻ- اوڀر کاريان جي لڪ مان لنگهندو هو. هاڻي هڪ مکيه رستو کاريان جي لڪ وچان لنگهندو آهي پر وڏن وسڪارن ۾ اهو بند ٿي ويندو آهي.

سڪندر، اولهه پاسي کان وڌي اچي جهلم درياهه جي ڪنڌيءَ تائين پهتو هو.ا ڳتي چرپر لاءِ وٽس ٻه رستا هئا، جن کي پوءِ بابر مٿئين ۽ هيٺئين رستي ۾ نروار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌوءَ کان حسن ابدال يا شاهه ڍيري Shahdheri تائين هڪ رستو آهي. شاه ڍيري کان ٻه رستا نڪرن ٿا. مٿيون رستو مارگالا لڪ کان لنگهي راولپنڊي، مانڪيالا Manikyala، ڌامڪ Dhamak ۽ باڪرلا Bakarla تائين پهچي ٿو ۽ اتان کان ڪهان Kahan نئن اڪري، ٽاڪرو سلسلي جي هڪ لنگهه مان وڃي روهتاس پهچي ٿو. بعد ۾ جهلم جو ميداني سنئون علائقو شروع ٿئي ٿو. باڪرلا کان هڪ پير چارو Foot path به جهلم ڏانهن ويندو آهي، جيڪو روهتاس کان ڇهه ميل اتر-اوڀر هڪ ٽاڪرو سلسلي مٿان لنگهي ٿو. هيءُ گس اٺن ۽ گهوڙن وسيلي سفر لاءِ ڏاڍو ڀوائتو آهي، پر پانڌين لاءِ پڻ ڏاڍو اڻانگو آهي. شاه ڍيري کان روهتاس ۽ جهلم تائين هيءُ مٿيون رستو، 94 ميل هوندو هو. هاڻي هيءُ دڳ روهتاس ۽ ڌامڪ Dhamak وارو ٻه وڪڙ ڪاٽي 87 ميل ٿي ويو آهي. هيٺيون رستو شاهه ڍيري يا ٽيڪسيلا مارگالا جي لڪ مان لنگهي جنگي Jangi رسي ٿو ۽ اتان کان چونترا Choantra کان ٿيندو ڊڍمال پهچندو آهي. هتان ٻه دڳي ٿيندي آهي. ڏکڻ ڏانهن ويندڙ دڳ، چڪوال پوءِ لوڻ-کاڻين کان ٿيندو پنڊ دادن خان ۽ احمد آباد رسي ٿو. ٻيو دڳ اوڀر ڏانهن اسهندو آهي، جيڪو آسانوٽ Asanot وٽان مٽي ۽ بنهارنئن کان اڪري راسل جي سامهون دلاور پهچندو آهي يا وري آسانوٽ ۽ ونگ Vang کان مٽي جلال پور پهچي ٿو. ٻنهي جو پنڌ ايڪيهه ميل ٿيندو ۽ ڪل فاصلو 118 ميل آهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو لوڻ واري جبل جي ڪڇ مان سڌو جلال پور ايندو ته هي فاصلو چار ميل گهٽجي114 ميل ٿي ويندو آهي. هنن ٻن رستن کانسواءِ هڪ ٽيون دڳ به آهي، جيڪو ماڻڪيالا جي چوٽيءَ کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف مندرا Mandra وٽان مٿئين رستي کان ڇڄندو آهي، جيڪو چڪوال، پنڊ دادن کان مٽيندو  جلال پور پهچندو آهي. شاه ڍيري کان جلال پور تائين هيءُ رستو 114 ميل آهي. جيڪڏهن لوڻ واري جبل جي ڪڇ وٽان ماڻهو سڌو جلال پور ايندو ته ڪل فاصلو وڃي 112 ميل بيهندو. مذڪوره ٽنهي دڳن سان فاصلو 109، 114 ۽ 112 ميل ٿئي ٿو ۽ وچولو پنڌ 112 ميل آهي.

ٽيڪسيلا کان جهلم درياه تائين فاصلو پليني (266) به ٻڌايو آهي، جيڪو سڪندر اعظم جي سرميرن ڊايوگينٽس ۽ بيٽن مطابق 120 رومي ميل آهي، جيڪي تقريبا 110 انگريزي ميل جي برابر ٿيندا. هيءُ حساب سمٿ جي ”ڊڪشنري آف انٽيڪئٽيز“ مطابق آهي. جن هن ۾ هڪ رومي ميل انگريزي 0.9193 ميل برابر ڏيکاريو ويو آهي، جيئن ته پليني جا سڀئي نسخا ميلن جو هڪ جيترو انگ ڏيکارين ٿا، تنهن ڪري اسان هن رستي جي ماپ به اها قبول ڪريون ٿا. هن ثابتيءَ جي آڌار تي پڪ ٿئي ٿي ته سڪندر ٽيڪسيلا کان وٺي جهلم جي ڪٺار تائين هيءُ دڳ وٺي سفر ڪيو هو ۽ اتي پهچي پنهنجي فوجي وانڍ هنئي هئائين. جيڪڏهن اسان هن فاصلي کي مٿي ڏنل شاه ڍيري کان جهلم واري رستي کي بنا ڪنهن هٻڪ جي رد ڪري ڇڏينداسين، ڇاڪاڻ ته ٻنهي فاصلن ۾ 16 ميلن جي وٿي ۽ ويڇاندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر جلال پور واري فاصلي ۾ ٻن ميلن جو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيون به ڪي اهڙيون حقيقتون آهن، جيڪي جهلم واري فاصلي جي خلاف معلوم ٿين ٿيون. اسٽرئبو (267) جو بيان آهي ته : ”سڪندر جي جهلم درياء ڏانهن سفر جو طرف گهڻي پنڌ تائين ڏکڻ رهيو. ان کان پوءِ اوڀر ڏس تي هلڻ لڳو ”جيڪڏهن نقشي تي سنڌوءَ تي اوهند Oh ind واري ماڳ تان هڪ ليڪ ڪڍي ٽيڪسيلا کان جهلم تائين پهچائي اڳتي وڌائبو ته اها گجرات، ۽ سوڌرا Sodhra وٽان لنگهي جالنڌر ۽ سرهند وٽ وڃي پهچندي. هي گنگا ماٿريءَ ڏانهن ويندڙ سڌو رستو آهي، جيڪو سڪندر اعظم وٺي سگهيو ٿي. پر هيءُ دڳ صفا اتر وارو پاسو وٺي وڃي ٿو جيڪو اسٽرئبو طرفان ڏنل واضح بيان جي خلاف آهي، پر جيڪڏهن اسان سمجهون ته سڪندر جلال پور وارو رستو اختيار ڪيو هوندو ته اها مشڪل ڪجهه آسان ٿي وڃي ٿي ۽ اوڀر طرف ڏانهن ويندڙ رستي ۾ 25 دگرين جو واڌارو اچي وڃي ٿو (268) . جهلم واري رستي اختيار ڪرڻ خلاف ٽيون دليل به آهي، جيڪو اڳين ٻن دليلن جيترو اهم ته ڪو نه آهي، پر پوءِ به اضافي شاهديءَ طور هن جي پنهنجي اهميت ضرور آهي. ائرين جو بيان آهي ته ”درياه رستي فوج نڪايا وٽان پنهنجو سفر شروع ڪيو هو، جيڪو هاڪاري ٽئين ڏينهن اچي راجا سوفيٽس جي راجڌاني پهتو.“ مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته راجا سوفيٽس جي راڄڌاني جوب ناٿ نگر يا احمد آباد هو، جيڪو اڄ به جلال پور کان ٽن ڏينهن جي ٻيڙين جي سفر جيترو پري آهي، پر اهو ماڳ جهلم کان ڇهن ڏينهن جي سفر جيتري پنڌ تي ٿيندو. مٿيون شاهديون جيتري قدر جلال پور جي فائدي ۾ آهن، ايترو وري جهلم جي خلاف آهن، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سڪندر اعظم پنهنجي فوجي وانڍ جلال پور ۾ هنئي هئي.

هاڻي اسان کي جاچي پرکي ڏسڻو پوندو ته جلال پور جي اوسي پاسي درياء ۽ علائقو، سڪندر جي درياه سان اڳتي وڌڻ، راجا پورس سان جنگ جوٽن وارن بيانن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو يا نه. ائرين (269) جي بيان مطابق،”فوجي وانڍ کان 150 اسٽاڊيا يا ساڍا 18 ميل مٿي ڌرتيءَ جي هڪ ٺوٺ درياء ڏانهن وڌيل هئي، مٿس گهاٽو گجگاه ٻيلو نظر ٿي ايو، ان جي بلڪل سامهون ٻيٽ هو. ڪرٽس (280) پڻ اهڙي ٻيٽ جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو گهاٽي ٻيلي سان ڍڪيل هو ۽ جنگ دوران لڪ ڪرڻ لاءِ ڏاڍو ڪرائتو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ، ”فوجي وانڍ ڀرسان ٽڪرين جي وچ تي هڪ اونهون گهارو هو، جنهن نه رڳو پيادي فوج کي پوريءَ ريت لڪائي ڇڏيو هو، پر ان ڪري گهوڙيسوار به نظر ڪو نه ٿي آيا، پر ائرين (271) جي حوالن وسيلي اسان کي پتو پوي ٿو ته اهو گهارو درياه ويجهو ڪو هو. ڇاڪاڻ ته، ”سڪندر درياه جي ڪناري کان ٿورو پنڌ اڳتي نڪري ويو هو، انهيءَ لاءِ ته جيئن دشمن ائين نه سمجهي ته هو ٻيٽ ۽ درياه ۾ وڌيل ڌرتيءَ جي ٺوٺ تي موجود ٻيلي ڏانهن وڌي رهيو آهي.“ جلال پور جي اتر هڪ اهڙو گهارو آهي، جيڪو مذڪوره ٻنهي موءرخن جي بيان سان هڪجهڙائي رکي ٿو. اهو گهارو ڪنڊار نئن جو پيٽ آهي. جيڪو ڇهه ميل کن وهي جلال پور وٽ وارياسي پَتَ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو آهي. مٿئين طرف هيءُ گهارو لنگهڻ جوڳو آهي. پر جهلم ڏانهن وڃڻ لاءِ اڪرڻ ايڏو سولو ڪو نه ٿيندو. ڪنڊار نئن جو منهن سمنڊ جي مٿاڇري کان 1080 فوٽ ۽ درياء جي سطح کان 345 فوٽ مٿي آهي. اهو رستو ٽي ميل کن اتر-اولهه هڪ ٻئي  گهاري سان ملندو آهي، جنهن جو نالو ڪاسي (Kasi)آهي. پوءِ وري ٺونٺ وڪڙ ڪري 2/1-4 ميل کن اوڀر طرف هلي ٿو. بعد ۾ ڏيڍ ميل کن ڏکڻ هلي دلاور کان هيٺان جهلم سان ملي وڃي ٿو. جلال پور کان هي سڄو فاصلو 18 ميل کن ٿيندو.هن گهاري واري رستي سان مون پاڻ به سفر ڪيو آهي، انهيءَ مقصد سان ته جيئن ڏسجي ته سڪندر اعظم اها امڪاني پيش قدمي ڪيئن ڪئي هوندي. مون کي هن رستي لهي چڙهي ۽ پويون اڌ وري واريءَ مان ڏوري ڏاڍو ٿڪجي پيس. اهو گهارو درياء کان ڪجهه وٿيرڪو آهي ۽ ائين آهي جهڙيءَ ريت ائرين لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪاسي نئن وارو ڪٿ جهلم کان ست ميل پري ٿيندو. ان نئن وارو گهارو وڌيڪ اونهو آهي، جهڙيءَ ريت ڪرٽس بيان ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن نئن جي ٻنهي پاسن کان هڪ سو کان اڍائي سو، ڪٿي ٽي سو فوٽ اوچيون ٽڪريون آهن. مين معلومات مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن گهاري ۾ مکيه ٽي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي قديم موءرخن جي بيانن سان هڪ جهڙيون آهن.(272)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org