ملتان جي جاگرافي بيان ڪرڻ وقت هن صوبي مان
لنگهندڙ سڀني وڏن درياهن جي وهڪرن جي تبديلين کي
به ضرور نظر ۾ رکيو وڃي. تيمور ۽ اڪبر جي زماني ۾
سنڌوءَ ۽ چناب جو سنگم، مٺڻ ڪوٽ واري موجوده سنگم
کان 60 ميل مٿي اچ جي سامهون ٿيندو هو. رينيل
Renne
1788ع ”جاگرافي آف انڊيا“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو.
ان زماني ۾ به سنگم اهو ساڳيو هو. سن 1896ع ۾
ولفورڊ
Wilford
جو سروير مرزا مغل بيگ هن علائقي ۾ آيو، تنهن به
ٻنهي درياهن جي سنگم مٿي بيان ڪيل ٿاڪ تي ڏٺو هو.
پر هلندڙ صديءَ جي منڍ واري ڀاڱي ۾ اُچ کان 20 ميل
مٿي سنڌوءَ جو وهڪرو تبديل ٿي ويو ۽ سندس رخ
ڏکڻ-ڏکڻ-اولهه ڏانهن موڙوکائي هيٺ مٺڻ ڪوٽ وٽ پهچي
پنهنجي هڪ پراڻي پيٽ ۾وڃي داخل ٿيو.
موجوده دور ۾ راوي ۽ چناب جو سنگم ديوانا سندم
Diwano
Sanadin
جي ٿاڪ وٽ ٿيندوآهي، جيڪو ملتان کان 30 مٿي آهي.
پر سڪندر جي زماني ۾ انهن ٻنهي درياهن جو سنگم
مالي قبيلي جي راڄڌاني کان هيٺ ٿئي ٿو، جنهن کي
مان ملتان سمجهان ٿو. اهو پراڻو پيٽ اڃان به ڏسي
سگهجي ٿو ۽ ملتان واري علائقي سان لاڳاپيل نقشو به
موجود آهي. اهو پراڻو پيٽ درياه جي موجوده وهڪري
کان سراءِ سڌو
Sarai
siddhu
کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. اتان کان ڏکڻ، ڏکڻ-اولهه
ڏانهن 30 ميلن جو وڏووڪڙ ڪري پوءِ سر اولهه منهن
ڪري 18 ميل وهي ملتان پهچي ٿو۽ قلعي جي چوڏاري
ڦيرو ڪري ٿو. ملتان کان پنج ميل هيٺ سندس وهڪري جو
رخ الهندي هوندو آهي. پوءِ وري گهُنڊي هڻي
ڏکڻ-اولهه طرف ٿي ويندو آهي ۽ ڏهه ميل اڳتي وڃي
چناب ڪنهن پلاڻي ڍوري ۾ گم ٿي ويندو آهي، پر راوي
اڄ ڏينهن سوڌو پنهنجي قديم وهڪري سان وهندي ڏسبو
آهي. منجهس جڏهن وڏو چاڙهه هوندو آهي ته پاڻي
پراڻو پيٽ وڍي اچي ملتان پهچندو آهي. ٻن موقعن تي
ته مان پاڻ به ڏٺو آهي. اهي دريائي تبديليون ڪهڙي
دور ۾ آيون. تنهن جو پتو ڪو نه آهي. منهنجو ويچار
آهي ته محمد بن قاسم مٿان سنه 713ع ۾ ملتان فتح
ٿيڻ کان پوءِ اهي تبديليون آيون ٿيو ڀائنجن. پراڻن
واهن جي موجودگيءَ مان به سمجهي سگهجي ٿو ته درياء
جو مکيه وهڪرو گهڻو وقت پوءِ تيمور جي دور تائين
به وهندو رهيو آهي. اهو به امڪان آهي، ته تبديليون
اڪبر جي دور ۾ آيو هجن. ڇاڪاڻ ته ابوالفضل (339)
چناب ۾ جهلم ۽ چناب ۽ راوي جي سنگم جي پچ ۾ 27
ڪوهن، ۽ چناب راوي ۽ سنڌو-پنجاب سنگم جي وچ ۾ 60
ڪوهن جو فاصلو ٻڌائي ٿو. مذڪوره ندين جا اهي فاصلا
پوئين دور سان واسطو رکن ٿا.
ستلج ۽ بياس جو موجوده دور وارو سنگم سنه 1890ع
سان واسطو رکي ٿو. ان زماني ۾ ستلج ڌرمڪوٽ وٽان
پنهنجو رخ بدلائي هري-ڪي-پتڻ وٽ اچي بياس سان ملي
ويو. پر قديم زماني کان وٺي هنن ٻنهي وهڪرن جو
سنگم قصور ۽ فيرزو پور جي وچ تي ڀائو-ڪي –پتڻ
(Bhao ki-pattan)
وٽ ٿيندو هو. سنه 1555ع (340) ۾ جوهر به هن سنگم
جو ذڪر ڪيو آهي. سنه 1596ع ۾ ابوالفضل (341) به
ساڳيو ذڪر ڪيو آهي. ابوالفضل جي بيان مطابق توڙي
جو مٿين دريائن جو سنگم گهڻي وقت کان وٺي فيروز
پور وٽ ٿيندو رهيو آهي، پر پوءِ به بياس پنهنجي
اصلي پراڻي پيٽ ۾ وهندو رهيو آهي. سندس بيان هن
ريت آهي: ”فيروز پور وٽ اهي ٻئي درياء 12 ميلن
تائين گڏ هلي پوءِ چئن ڇاڙهن ۾ ورهائجي وڃن ٿا، جن
کي هُر، هاري، ڍنڍ ۽ نرني
(Nurni)
سڏيو ويندو آهي. اهي سڀئي وري ملتان ڀرسان پاڻ ۾
ملي هڪ وهڪرو بڻجي وينديون آهن.“ ستلج ۽ بياس
درياء جا اهڙن وهڪرن جا پراڻا پيٽ اڄ به موجود
آهن. جيڪي گڏيل ۽ منجهيل آهن. پتو ڪو نه پوندو ته
ڪهڙو پراڻو پيٽ ڪهڙي درياء جو هوندو. اهڙي قسم جا
پراڻا پيٽ ستلج ۽ بياس جي ڇڏيل واريءَ جي جي دڙن
جي وچ تي سڄي دوآبي ۾ هنڌپن ماڳين پيا نظر ايندا.
آئين اڪبريءَ جي گلئڊوئن
Gladwyn
واري ترجمي ۾ سندن نالا ڏسي سگهجن ٿا. پر فارسي
الف-ب اهڙي آهي، جنهن جي لکت ۾ اسم خاص ۾ سدائين
غلطيون هونديون آهن. مان هر
Har
واري وهڪري کي پارا
Para
۽ هاري کي راگــــــــهي
Raghi
۽ نرني کي سڪ نئن
Sukh-nai
سمجهان ٿو. اهڙيءَ ريت هڙاپا کان ڏکڻ ۾ بياس جا
ڪيترا پراڻا پيٽ اڄ به موجود آهن. ڍنڍ شايد ڌامڪ
Dhamak
يا دنڪ
Dank
آهي، جيڪو ستلج جو پراڻو وهڪرو آهي. جنهن کي
هيٺئين پاسي ڀٽياري
Bhatiyari
سڏيو ويندو آهي. جيڪو مئلسي، ڪهرور ۽ لوڌران کان
لنگهي چناب واري سنگم کان مٿان هن سان ملندو آهي،
اسان جن گهڻن نقشن ۾ بياس کي ڀٽياري جي هيٺئين
ڀاڱي ۾ وهندي ڏيکاريو ويو آهي. اتي سندس پراڻو پيٽ
ڏاڍو نروار بيٺو آهي، جيڪو شجاع آباد کان ويهه
ميل هيٺ چناب سان ملندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن جوصفا
ڏاکڻيون ڀاڱو ڀيٽياري واري ويجهي وڪڙ کان به ڏهه
ميل وٿيرڪو آهي.
درياهي تبديليون جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سي
هتان جي وهڪرن جون ڄڻ عام ڳالهيون آهن. اهي سدائين
پيا پنهنجا وهڪرا مٽائيندا آهن. هن مامري ۾ بياس
جي وهڪري جي تبديلي وڏي اهميت رکي ٿي، جنهن ستلج
سان ملي پنهنجو نرالو ۽ آجو نالو وڃائي ڇڏيو ۽
هاڻي ڄڻ ته ستلج سان ملي پنهنجو نرالو ۽ آجو نالو
وڃائي ڇڏيو ۽ هاڻي ڄڻ ته ستلج جي ڀرتي ڪندـڙ ڇاڙهه
بڻجي وئي آهي. ٻين درياهن جي وهڪرن جو تدبيليون به
گهٽ اهميت واريون ڪو نه آهن. اهڙي ريت چناب جي،
ڪالو وال
Kalowal
کان هيٺان ماٿري 30 ميل ۽ گگيرا ڀرسان راويءَ جي
ماٿري ويهه ميل آهي. ٻنهي درياهن جي دنگ سندن
ڇڏيل واريءَ جا دڙا آهن، جتي ڪنهن زماني ۾ هتان جا
قديم شهر آباد هئا. ملتان واري علائقي ۾ اهڙا قديم
ماڳ تمام گهڻا آهن. هاڻي اتي ڪو وڻي وانگي به ڪو
نه رهي. ماڻهن کان سندن نالا به وسري ويا آهن.
امڪان آهي ته جڏهن درياه پنهنجي وهڪرن جا رخ مٽائي
ويا ته ماڻهو به پنهنجا ماڳ مٽائي ڪک پن ٿي ويا،
قديم شهر تلمبا سان به ساڳيو هاڃو ٿو ڀائنجي. چيو
وڃي ٿو ته 150 سال اڳ راوي پنهنجو رخ مٽائي وئي.
ماڻهن تلمبا کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ جوءِ ۾ وڃي پنهنجا
ويڙها وسايا. ڇاڪاڻ ته راويءَ جي رخ مٽڻ ڪري شهر ۾
پاڻيءَ جو ڏوڳاهو ٿي ويو هو. هن کان گهڻو وقت اڳ
آٽري
Atri
سان به ساڳيون ڪلور ٿيو. هيءُ پراڻو شهر تلمبا کان
ويهه ميل اولهه-ڏکڻ-اولهه طرف هو. راويءَ جي ڪنهن
قديم وهڪري مان واهه کوٽي اتي پهچايو ويندو هو.
اهي اهم جايون جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪرڻ گهران ٿو
سي هيٺ ڏجن ٿيون:
باري دو آبه
(1) تلمبا
(2) آٽري
(3) ملتان
جالنڌرا پٽ سنگهم ڀرسان
(4) ڪهرور
(5) اُچ
هن مان چار ماڳ اهڙا مشهور آهن. جن جو بيان
هندستان جي تاريخ ۾ ملي ٿو. مان هنن شهرن ۾ آٽري
جو ذڪر به شامل ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو وسيع ايراضي
۾ پکڙيل هو. ٻيو ته هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ
گهڻي اهم آهي، تنهن ڪري سڪندر يا پنجاب جي ٻين
فاتحن جي نظر کان لڪي ڪو نه سگهيو هوندو.
تلمبا
تلمبا جو شهر ملتان کان 52 ميل اتر-اوڀر ۽ راويءَ
جي کاٻي ڪڙ سان آباد آهي. هن جي چوڌاري پڪ سرو
قلعو آهي. گهر به گهڻو ڪري پڪا آهن. جيڪي تلمبا جي
پراڻي قلعي مان سرون ڪڍي جوڙيا ويا آهن، جيڪو
موجوده تلمبا شهر کان هڪ ميل ڏکڻ ڏس تي واقع آهي.
مئسن (332) جو بيان آهي ته، ”هيءُ قديم زماني جو
ڪو مشهور شهر هوندو، جنهن کي هڪ مضبوط قلعو به
آهي.“ تيمور پنهنجي حملي دوران هن شهر کي هٿ ڪو نه
لاتو. ڇاڪاڻ ته سندس رٿيل پيش قدميءَ کي دير ٿي
وڃڻ جو خدشو هو. (333) اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي
ته برنس جي نظر مٿس ڪانه پئي. هن شهر جي قلعي جون
اوچيون ڀتيون ڏورانهيون ڏسبيون آهن. جيڪي سيلانيءَ
کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺنديون آهن. مان هن ماڳ تي ٻه
ڀيرا ويو آهيان. شهر کليل آهي، ڏکڻ
پاسي هڪ هزار فوٽ همچور هڪ مضبوط قلعو اٿس. قلعي
جي ٻاهرئين پاسي کان ٻه سو فوٽ ويڪرو ۽ ويهه فوٽ
اوچو مٽيءَ جو دمدمو آهي. ان جي مٿان وري به ويهه
فوٽ اوچي ڀت آهي. هنن ٻنهي ڀتين جي ٻاهرئين پاسي
وڏي ماپ جون پڪيون سرون 12x8x
½
2 انچ ٿڦيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. قلعي واري ڀت جي
اندرئين پاسي هڪ سو فوٽ ويڪري کاهي کوٽيل نظر
ايندي. قلعي جو اندريون پاسو همچورس 400 فوٽ
ٿيندو، جنهن جي چوڌاري چاليهه فوٽ ديوار نظر
ايندي، وچ تي ستر فوٽ کن اوچو چبوترو آهي. مٿس
چڙهي نظر ڪبي ته سارو شهر ۽ قلعو نظر ايندو. هتي
سروٽن جا ڍير ڏسڻ ۾ ايندا. قلعي جي ڀت جي مٿاڇري
تي اهڙا نشان نظر ايندا جن مان معلوم ٿيندو ته
انهن تي پڪيون سرون ٿڦيل هيون. اهڙي صورتحال ڏسي
ماڻهن جي بيانن جي به تصديق ٿئي ٿي، جن جو چوڻ آهي
ته قلعي جي ديوار جي ٻاهرين پاسن مان مٿاڇري تي
پڪيون سرون ٿڦيون ويون هيون. مان اڳي ئي مٿي ڪاٿي
ذڪر ڪري آيو آهيان ته اٽڪل ٽي سو سال اڳ ماڻهو هن
قديم قلعي کي ڇڏي هليا ويا هئا. ان جو سبب اهو هو
ته راوي پنهنجي وهڪري جو رخ مٽائي وئي هئي ۽
پاڻيءَ جي ٺهنب به شهر ڏانهن ڪا نه ٿي آئي. اها لڏ
پلاڻ سجاول خان لانگاه جي ڏينهن ۾ 1510ع کان 1825ع
تائين ٿي هئي، جيڪو ملتان جي حڪمران محمود خان جي
وزير جو نياڻو ۽ ان جي جانشين جو سالو به هو.
تلمبا جي قدامت ماڻهن جي ٻڌايل روايتن ۽ وڏيءَ
ماپ جي سرن مان ثابت ٿئي ٿي، جن جهڙيون وڏي ماپ
جون سرون ملتان جي جهوني قلعي ۾ ڪتب آندل آهن ۽
دڙي مان به اهڙيون ساڳيءَ ماپ واريون سرون مليون
آهن. قديم شهر کي تيمور لٽي ڦري ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو ۽
رهواسين جو قتل عام ڪيو. پر قلعو سندس قهر کان بچي
ويو . ان جو ڪارڻ اهو هو ته هڪ ته قلعو سگهارو هو
۽ ٻي ڳالهه اها هئي ته کيس جهٽ دهلي4 پهچڻ جي هورا
کورا لڳل هئي. هڪ عام روايت اها به آهي ته محمود
غزنويءَ تلمبا تي حملو ڪيو هو. گهڻو ڪري اها روايت
صحيح لڳي ٿي. ڇاڪاڻ ته ملتان ويندڙ سڌي رستي کان
ٿوري پنڌ تي واقع آهي. ساڳئي نقطه نگاه کان مان
سمجهان ٿو ته هيءُ شهر به انهن مان هڪ هوندو، جن
کي سڪندر فتح ڪيو هو. مئسن (334) ته اڳئي هن ڳالهه
جو اهڃاڻ ڏئي به چڪو آهي ته ”اهو شهر مالي نيات جي
راڄڌاني هو.“ ٻي ڳالهه ته هن قلعي ۾ برهمڻ رهندا
هئا، جن سڪندر سان مڙسيءَ سان مهاڏو اٽڪايو، جيڪو
کين ڏاڍو مهانگو به پيو هو، اهڙيون ڳالهيون مالي
راڄڌاني جي قلعي سان لاڳاپيل ڏيکاريون ويون آهن.
مان سندس بيان ڪيل ٻنهي ڳالهين سان متفق ڪو نه
آهيان. مان هن علائقي مان لنگهندڙ ان رستي جي
ڀيٽوار ڇنڊ ڇاڻ ڪندس، جنهن سان سڪندر گذريو هو.
مان ڪوٽ ڪماليا جي احوال ۾ مان ڪي مضبوط سبب ڏئي
آيو آهيان، ته هيءُ اهو شهر هو، جنهن کي سڪندر
جهلم-چناب سنگم واري ڦاڪ وٽان هلي پهريائين فتح
ڪيو هو (345). ائرين جو بيان آهي ته، ”سڪندر
پنهنجي فوج کي وسرام لاءِ ٿوري مهلت ڏني. پُهـهر
کن رات باقي هئي جو سڪندر فوج وٺي اڳتي وڌڻ لڳو ۽
پيش قدمي تيز رفتاريءَ سان ڪري رهيو هو ۽ صبح جو
اچي راوي وٽ پهتو. ڏٺائين ته مالي نيات جا ڪي
ماڻهو درياء پار ڪري رهيا آهن ته مٿن هڪدم حملو
ڪري ڏنائين ڪيترا ماڻهو قتل ٿي ويا. بعد ۾ هو
پنهنجي فوج سان درياء پار اڪريو. ٻيءَ ڀر به انهن
ماڻهن جو قتل عام ڪيائين ۽ ڪيترا جنگي باندي
بنايائين. پر پوءِ به ڪيترن ماڻهن ڀڄي وڃي هڪ قلعي
۾ سربچاءُ ڪيو، جيڪو پنهنجيءَ بيهڪ ڪري به سگهارو
هو ۽ ماڻهن به محنت ڪري ان کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو
هو.“ رات جا نوَ ڪلاڪ جيڪڏهن تيز رفتاريءَ سان سفر
ڪبو ته ويهه پنجويهه ميل سفر ڪري سگهجي ٿو. ڪوٽ
ڪماليا وٽان ايترو سفر ڪري ان ماڳ تي پهچي سگهجي
ٿو، جنهن جي سامهون راويءَ جي ٻيءَ ڀر تي تلمبا جو
شهر آهي. منهنجو اندازو آهي ته هن ماڳ وٽان ئي
سڪندر راوي اڪريو هوندو. مان پڪ سان سمجهان ٿو
هيءُ مالي ڪُر جي راڄڌاني نه پر تلمبا جو شهر آهي.
هن قلعي جي قدرتي مضبوطي اها هئي ته هو هڪ وڏي دڙي
تي ٺهيل هو. مضبوط دور هو هوس ماڻهن هن قلعي کي
محنت ڪري پڪين سرن سان اوساريو هو (643). ڪرٽس جو
بيان به ائرين سان سهمت آهي، جيڪو لکي ٿو ته،
”درياء جي ڪناري سان ٻي قوم پنجيتاليهه هزار پيادل
فوج وٺي مقابلي لاءِ تيار بيٺي هئي. سڪندر درياء
پار ڪري وڃي ساڻن جنگ جوٽي ۽ جنهن قلعي ۾ وڃي لڪا
هئا تنهن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائيني.“ ڊايو ڊورس به
ساڳي ڳالهه ورجائي ٿهو سندس بيان آهي ته اها قوم
آگالا ساءِ
(Agalassae)
هئي، جن چاليهه هزار پيادن ۽ ٽي هزار گهوڙيسوارن
سان سڪندر سان جنگ جوٽي هئي. اهي تاريخي حوالا
ظاهر ظهور هن ماڳ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جنهن جو قلعو
نهايت مضبوط ۽ راويءَ جي ڏائيءَ ڪٺار سان هو. هيءُ
بيان هڙاپا سان به لاڳو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان
جي جاگرافيائي بيهڪ به تلمبا جهڙي آهي. گهڻو ڪري
هڙاپا اهو شهر آهي، جنهن کي فتح ڪرڻ لاءِ پرڊيڪس
کي روانو ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ هيءَ به هڪ
حقيقت آهي ته اهو به ڪوٽ ڪماليا کان سورهن ميلن جي
فاصلي تي آهي، پر تلمبا لاءِ ڪي ٻيون ويساهه
جوڳيون شاهديون به آهن ته سڪندر مالي قوم جي
راڄڌاني ملتان تي حملو ڪري رهيو هو ۽ تلمبا
اوڏانهن ويندڙ مکيه رستي کان ٿوري پنڌ تي هو.
البت آگالاساءِ قوم جو نالو ڪجهه منجهائيندڙ آهي.
ائرين جو بيان آهي ته هن شهر جا ماڻهو مالي هئا،
پر اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڊايو ڊورس ۽ ڪرٽس
اوڪسوڊراڪاءِ ۽ مالي قوم جو ذڪر صفا پڇاڙيءَ ۾ ڪيو
آهي. جسٽين گيسٽياني
(Gesteani)
۽ آريسٽاءِ
(Arestae)
يا ڪاٺاءِ
(Kathae)
جو ذڪر گڏائي ڪيو آهي. تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته
اهي مالي يا اوڪسوڊراڪاءِ آهن، پر هنن کان سواءِ
ڪنهن ٻئي موءرخ هنن جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي. اگالا
(Agala)
يا اگالا ساءِ خود شهر جو به نالو ٿي سگهي ٿو.
ليڪن تلمبا نالي سان ٿوري به هڪ جهڙائي ڪانه اٿس ۽
اوسي پاسي ٻئي شهر جي نالي سان به ميل ڪو نه ٿو
کائي.
آتري
سڪندر مالي قوم تي حملن دوران جيڪو ٽيون شهر فتح
ڪيو هو، سو آتري هو. موءرخن جي بيانن مان به ائين
معلوم ٿئي ٿو. ائرين (337) جو بيان آهي ته، ”ان
کان پوءِ سڪندر پنهنجي فوج ساڻ ڪري برچماني
Brachimani
جي هڪ شهر تي حملو ڪيو. ڇاڪاڻ ته کيس پتو پيو هو
ته مالي قوم جا ڪي ماڻهو ڀڄي وڃي اُتي لڪا آهن.“
قلعي جي حفاظت ڪرڻ واري فوج شهر ڇڏي وڃي قلعبند ٿي
هئي. قلعي تي زبردست حملو ڪري ناس ڪري ڇڏيائين.
شهر کي باهه ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائي. شهر تي ڪڙي
چاڙهڻ مهل 5000 کن جنگي باندي بنايا هئائين. ايترو
ته ساهو ۽ سورهيه هئا جو ٻيو ڪير به کيس جيئرو هٿ
ڪو نه آيو. ڪرٽس (337) ۽ ڊايوڊورس (339) ٻنهي جو
بيان آهي، شهر کي باه ڏني وئي هئي. قلعي ۾ رهندڙ
فوج سڪندر سان ڏاڍي چوٽ کاڌي. ڊايوڊورس وڌيڪ ٻڌائي
ٿو ته ويهه هزار ماڻهن مان رڳو ٽي هزار باندي
بنايا ويا. باقي ٻيا وڙهندي پڙ تي پرزا ٿي ويا.
ڪرٽس جو بيان آهي ته سڪندر قلعي کي هٿ به ڪو نه
لاتو، منجهس پنهنجي فوج رهائي هئائين (340).
اهي سڀئي تاريخي حوالا ۽ شهر جي جاگرافيائي بيهڪ
بابت بيان قديم شهر آٽري
Atri
سان سهمت آهن، جيڪو تلمبا کان ويهه ميل
اولهه-ڏکڻ-اولهه طرف، ملتان ڏانهن ويندڙ رستي تي
ڏسڻ ۾ ايندو. قلعي جي بچيل ڀتين مان معلوم ٿيندو
ته قلعو ڏاڍو سگهارو هو. همچورس ماپ 750 فوٽ ۽
اوچائي 35 فوٽ ٿيندي. قلعي جي چوڏس کاهي کوٽيل ڏسڻ
۾ ايندي. قلعي جي وچ تي مناري جا نشان ڏسڻ ۾
ايندا، جيڪو 50 فوٽ اوچو ٿيندو. قلعي جي ٻن پاسن
کان شهر جا اهڃاڻ ملن ٿا، جنهن جي پکيڙ 1200 فوٽ
همچورس ٿيندي ۽ دڙي جي اوچائي 20 فوٽ آهي. سڄي دڙي
جي ڊيگهه 1800 فوٽ ۽ ويڪر 1200 فوٽ آهي. هن شهر جي
تاريخ بابت ڪابه روايت ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي آهي. جيئن
ته هن شهر جي اڏاوت ۾ وڏيءَ ماپ جون سرون ڪتب
آنديون ويون آهن، تنهن ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته تمام
گهڻو آڳاٽو آهي. هن پراڻي شهر جو نالو ڇا هيو؟
تنهن جو به پتو ڪو نه آهي. آٽري ته مذڪوره دڙي
ڀرسان هڪ ڳوٺ جو نالو آهي، جنهن جو واسطو ڪنهن
تازي دور سان آهي، جنهن جو بنياد آٽري وال سک
گهراڻو وڌو هو. جيڪڏهن هن ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ
قلعي جي اڏاوت ڏانهن ڏسجي ٿو يا ملتان ۽ تلمبا جي
وچ تي ان اهم ماڳ کي ڏسجي ٿو جنهن تي هيءُ شهر
قائم آهي ته اهو گمان ٿئي ٿو ته شايد هيءُ اهو ٿاڪ
ته نه آهي، جنهن کي برهمڻن جو شهر سڏيندا هئا. هتي
جي ماڻهن سڪندر سان ڏاڍي چٽا ڀيٽي ڪئي.
ڪرٽس هن شهر بابت ڪي خاص ڳالهيون به ٻڌائي ٿو. جن
بابت نه ائرين نه وري ڊايوڊورس ئي ڪو اشارو ڏنو
آهي، جيڪي ڳاڙهو ويچار لهڻن ٿيون. اهڙو ويچار
سڪندر سان گڏ ساٿين جي ڏنل بيان جي آڌار تي ڪريون
ٿا. سندس بيان آهي ته سڪندر ان قلعي جي چوڌاري چڪر
هڻڻ لاءِ ٻيڙي استعمال ڪئي هئي. هن قلعي جي چوڏس
ايتري ويڪري کاهي آهي، جو جيڪڏهن پاڻيءَ سان ڀرجي
ته ٻيڙي هلي سگهي ٿي ۽ ان کاهيءَ کي راويءَ جي
پاڻيءَ وسيلي ڀريو ويندو هو. ملتان جي قلعي جي
چوڌاري به اهڙي کاهي کوٽيل هوندي هئي. اڄ به
آٽريءَ ڀرسان قلعي جي چوڌاري کاهيءَ جا نشان نظر
اچن ٿا، جنهن کي ڪنهن واه وسيلي ڀريو ويندو هو.
اهڙي واهه جا نشان به ڀرسان موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
مون ڳڻي ڏٺا اهڙن پراڻن واهن جا ٻارنهن پيٽ ڏسڻ ۾
آيا، جيڪي آٽريءَ کان الهندي ۽ سراءِ سڌو کان ڏکڻ
پاسي راويءَ جي پراڻي پيٽ مان نڪتل نظر اچن ٿا.
تنهن ڪري مان هن ڳالهه جو قائم آهيان ته اهو
برهمڻن وارو شهر ئي آهي، جنهن جي چوڌاري کاهي
کوٽيل هئي، جنهن ۾ سدائين پاڻي بيٺل هوندو هو ۽
سڪندر قلعي مضبوطيءَ کي ڏسڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي
چوڌاري چڪر ڏئي آيو هو، پر ڪرٽس وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته
گنگا کان سواءِ هندستان جي ٻين وڏن درياهن جهڙوڪ
سنڌو، جهلم ۽ چناب جو پاڻي قلعي جي چوڏس کوٽيل
کاهيءَ ۾ اچي پوندو هو (341). مان سمجهان ٿو ته
هتي اتفاق طور لکت جو هڪ اهڙو ٽڪرو ملي ويو آهي،
جيڪو اهڙي ماڳ سان تعلق رکي ٿو جتي پنج درياه پاڻ
۾ سنگم ڪن ٿا. يا وري مصنف هڪ حوالي ۾ ٻن احوالن
کي گڏي ويو آهي، جن جو واسطو قلعي جي چوڏس کوٽيل
کاهي ۽ درياهن جي سنگم سان آهي. ڊايوڊورس به
درياهن جي سنگم جو ذڪر ڪيو آهي. پر اهو ڪو نه ٿو
ٻڌائي ته انهن درياهن جو پاڻي قلعي جي چوڌاري
کوٽيل کاهيءَ ۾ اچي پوندو آهي، تنهن ڪري امڪان آهي
ته ٽنهي درياهن جو احوال ڪرٽس جو پنهنجو گهڙيل
هجي.
ملتان
ملتان جو مشهور شهر راوي درياه جي ٻن ٻيٽن تي اڏيل
هوندو هو. پر هي درياه ڪنهن آڳاٽي سمي پنهنجو
وهڪرو مٽائي ويو. هاڻي راوي جو ويجهي ۾ ويجهو وڪڙ
به ملتان کان 30 ميلپري آهي. راويءَ ۾ هاڻي به
جڏهن چاڙهه ايندو آهي ته سندس اهو پراڻو پيٽ وهي
اچي ملتان پهچندو آهي. مان پاڻ ٻه ڀيرا ڏٺو آهي ته
راويءَ جي چاڙهه جو پاڻي وهي اچي ملتان جي قلعي جي
چوڌاري کوٽيل کاهيءَ کي ڀريو آهي (342). ملتان شهر
کي چوڌاري ڪوٽ آهي ۽ ڀرسان هڪ مضبوط قلعو اٿس،
جيڪو ڪڏهن راويءَ جي ڪناري تي آباد هو ۽ هن درياه
جو پاڻي شهر ۽ قلعي جي چوڌاري ڦري ايندو هو. ڪڏهن
وري ندي قلعي ۽ شهر وچان وهندي هئي. پراڻي شهر جا
ٻه ڀاڱا هئا جيڪي هاڻي ٻن دڙن جي صورت ۾ موجود
آهن، جن مان هڪ جي اوچائي اٺ ۽ ٻئي جي ڏهه فوٽ
ٿيندي. پر هاڻي اها اوچائي 45 کان 50 فوٽ آهي. هتي
اوچائيءَ ۾ 40 يا 35 فوٽن جو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته صدين کان وٺي شهر جو ٻُهر
۽ گند اتي اڇلايو ويو آهي. اتي مان ڪيترائي کوه
کوٽائي پڪ ڪئي جن مان ڇار، سروٽا ۽ ٻيون به اهڙيون
شيون مليون، جن جو ماڻهن جي وستين سان واسطو هوندو
آهي.
قلعي لاءِ ته فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهو ڏنگو
ڦڏو اڌ گول آهي. ان جو سڌو پاسو 2500 فوٽ آهي،
جيڪو اتر-اولهه ڏانهن آهي. ڦڏي پاسي جي ماپ 4100
فوٽ آهي، جيڪو شهر واري طرف آهي. ڪل چبوترا 46
اٿس، جيڪي چئن ڦاٽڪن جي پاسن وارن چبوترن سميت
آهن. جيڪڏهن ليکو ڪبو ته قلعي جو گهيرو وڃي 6600
فوٽ يا سوا ميل ٿيندو. شهر جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي،
جنهن ۾ قلعي جي ڏنگي ڦڏي پاسي جو 3/2 حصو اچي وڃي
ٿو، جيڪو ڊيگهه ۾ 4200 فوٽ ويڪر ۽ 2400 فوٽ ٿيندو.
ڊگهو پاسو ڏکڻ-اولهه پاسي اٿس. سڄي ڪوٽ جو گهيرو
جنهن ۾ شهر ۽ قلعو به شامل سمجهڻ گهرجي 15000 فوٽ
آهي، جيڪو ٽي ميل کن ٿيندو، جيڪڏهن ويجهين وستين
کي منجهس ڳنڍجي ته ڪل گهيرو ساڍا چار ميل آهي. هن
شهر جي گهيري جا پويان انگ اکر شين سئنگ جي ڏنل
بيان سان هڪ جهڙائي رکن ٿا، جنهن هن شهر جو گهيرو
ٽيهه لي يا پنج ميل ٻڌايو آهي (343). هن کان وڌيڪ
مان ايلفن اسٽون جي راءِ سان متفق آهيان. ڇاڪاڻ ته
سندس بيان آهي ته، ”ملتان جو گهيرو چئن ميلن کان
ڪجهه وڌيڪ آهي.“ جڏهن ايلفن اسٽون ۽ برنس ملتان جو
قلعو ڏٺو ته کاهي ڪانه هئي، جنهن کي ڪنهن زماني ۾
راويءَ جي پاڻي سان ڀريو ويندو هو (344). برنس جي
ملتان ڏسڻ کان ستت پوءِ راجا رنجيت سنگهه جي همت
ڀرئي گورنر سانوڻ مل قلعي جي چوڌاري وري کاهي
کوٽائي ڇڏي هئي. چيو ويندو آهي ته ملتان شهر جي
چوڌاري ڪوٽ، شاه جهان جي ننڍي پٽ مراد بخش ڏياريو
هو. سن 1854ع ۾ جڏهن مان ملتان جي چوڌاري ڏنل ڪوٽ
کي ڊهرايو ته پتو پيو ته اهو ڪوٽ ٻٽو هو. ٻاهرين
ڀت 4 فوٽ ۽ اندرين ڀت ساڍن ٽن کان چار فوٽ ٿلهي
هئي. (345) هن مان اهو پتو پوي ٿو ته شهزادي مراد
بخش رڳو ٻاهرين ڀت ڏياري هئي. سڄو ڪوٽ پڪين سرن ۽
گاري سان اوساريل هو. باقي سرن جي مهڙواري بار ۾
گاري بدران گچ ڪتب آندو ويو هو، جيڪو نوَ انچ کن
ٿلهو هو.
ملتان جا ڪيترائي نالا آهن ۽ انهن سڀني جو اشارو
ويشنو يا سورج ديوتا ڏانهن آهي. هتي سورج ديوتا
جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ قلعي جي وچ ۾ مٿاهينءَ
تي هن جي نالي هڪ مشهور مندر به هوندو هو. ابو
ريحان جو بيان آهي ته هن شهر جو نالو ڪسياپاپور
kasyapa pura،
هنساپور
hansapura،
ڀاڳا پور
Bhagpura
۽ سامباپور
Sambapura
هو. ٻن نالون جو اضافو مان به ڪريان ٿو، جيڪي آهن
پر هلادپورا
Prahladpura
۽ آديه سٿانا
Adyasthana
راويت آهي ته ڪساپاپور جو شهر ڪسياپا نالي هڪ راجا
اڏايو هو، جيڪو ڏهن آڏيته يا سورج ديوتائن جو پيءُ
هو، اهي ڏهه ئي پٽ آڏيتي
Aditi
نالي هڪ گهر واريءَ مان هئا. کيس ٻيءَ گهر واريءَ
ڏتي
Diti
مان به اولاد هو. جن کي دئتيا
Daitya
سڏيو ويندو هو. هن جو مرتئي کان پوءِ سندس وڏو پٽ
هرنيا ڪاسپو
Hiranya kasipu
گاديءَ تي ويٺو، جيڪو ديتيه هو. هن جو نالو سڄي
هندستان ۾ مشهور آهي. هن وشنو جي سگهه کي للڪاريو
هو. پوءِ تاراسن ها
nara sinha
نالي هڪ اوتار آيو. هرنيا ڪاسپو جو پٽ پرهلاد
ويشنوءَ جو وڏو پوڄاري هو. هن جي نالي پٺيان ملتان
کي پرهلادپور به سڏيو ويندو هو. بانا
bana
نالي سندس هڪ پڙ پوٽو هوندو هو، جيڪو آسور
Asur
بانا نالي وڌيڪ مشهور هوندو هو. هو ڪرشنا جو وڏو
مخالف هو، جنهن ملتان تي به قبضو ڪيو هو. شري ڪرشن
کي سامبا
samba
نالي هڪ پٽ هو، جيڪو کيس جامبوتيءَ نالي گهر
واريءَ مان هو. کيس ڪوڙهه ٿي پيو هو. هن ملتان
ڀرسان متراوانا
Mitra-vana
جي ڪنج ۾ ويهي سج جي پوڄا ڪئي. جڏهن کيس ڪوڙهه ڇڏي
ويو ته هن ملتان ۾ آڏيه سٿانا
Adya sthana
نالي هڪ مندر جوڙايو جنهن جي معنيٰ آهي، پهريون
مندر
First shrine
۽ مترا
Mitra
جو هڪ سونو بت ٺهرائي اتي رکرايائين
اهڙيءَ ريت سج جي پوڄا سامبا شروع ڪئي هئي، جيڪا
اڄ سوڌو ملتان ۾ هلندي پئي اچي.
شري
ڪرشن جي پٽ سامبا جي ڳالهه ڀاوشيه
Bhavishya
پراڻ ۾ لکيل آهي (342). ان ۾ ڄاڻايل آهي ته
متراوانا
Sungrove
چندر ڀاڳا يا چناب درياه جي ڪناري هئا. هن مان
معلوم ائي ٿئي ٿو ته اها ڪنهن آڳاٽي سمي جي ڳالهه
آهي، جڏهن راوي ملتان سان گهنڊي ڏئي وهندي هئي پر
اهڙيون ڳالهيون ئي ماڻهن کان وسري ويون آهن. اسان
کي ٻين ذريعن وسيلي به معلومات ملي آهي ته ملتان ۾
سج جي پوڄا تمام آڳاٽي زماني کان وٺي هلندي پئي
اچي. شين سئنگ اسان کي ٻڌائي ٿو ته اتي هڪ سهڻو
مندر هو ۽ منجهس سون جو هڪ بت رکيل هوندو هو، جنهن
کي ڏاڍو سينگاريو ٺاهيو ويندو هو. سڄي هندستان جا
راجا پنهنجون ڀيٽائون موڪليندا رهندا هئا. تنهن
ڪري عرب فاتح هن کي سوني مندر وارو شهر سڏيندا
هئا. المسعودي ملتان لاءِ ته اهو لکيو آهي ته سون
جو مرغ زار
Meadowof gold
(347) آهي. شين سئنگ هن شهر کي ميو-لو-سئن-پو-لو
Mue-lo-san-pu-lo
سڏي ٿو. ايم ووين دي سئٽ مارٽن
M.Vivien de st.martin
جي ترجمي موجب ”مولس ٿاني پورا
Mulas
thani pura
آهي. هتان جي ماڻهن هن جو نالو مولسٿانا
Mulas
thana
ٻڌائن ٿا. هن جو اچار مولاتانا
Mulatana
سان ڪجهه هڪ جهڙائي رکي ٿو، جيڪو ابو ريحان ڪشمير
جي هڪ مصنف تان حوالي طور ورتو آهي. مول
Mula
جي معنيٰ آهي اصليت، بڻ بڻياد-پاڙ اسٿان
Sthana
يا ٿان
Than
جو مطلب آهي ڪا جڳهه يا مندر
Shrine.
تنهن ڪري مول-سٿا جو مطلب ٿيندو مولا
Mula
جو مندر، جنهن کي مان سج جو ڪو اصلاحي نالو سمجهان
ٿو. امراڪوشا موجب سج جو هڪ نالو وارڌنا به آهي،
جيڪو مولاجي معنيٰ سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. تنهن ڪري
مان سمجهان ٿو ته وراڌنا لفٺظ جو لاطيني ٻوليءَ
جي لفظ ريڊڪس
Radix
يا ريڊيس
Radius
سان ضرور ڪو تعلق هوندو. پر ريڊڪس لفظ جي ڪا عام
پاڙ ڪانه آهي. پر ڪا خاص پاڙ جيڪا کائڻ لائق هجي.
جهڙوڪ موري وغيره. تنهن ڪري مولاجي به ساڳي معنيٰ
ٿي سگهي ٿي، تعني پاڙ، مولاڪا
Mulaka
يا مولي. مشڪل صورت جي نقطه نگاه کان موريءَ ۽ سج
جي ڪرڻن ۾ ڄڻ هڪ ڏٺي وائڻي ساڳيائپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ٻي ڳالهه اها به آهي ته ڦيٿي جي ارن کي به مولا ۽
لاطيني ٻوليءَ ۾ ريڊيس
Radius
سڏيو ويندو آهي. وسلن
Wilson
لکي ٿو ته مولا- سٿانا جو مطلب آهي آسمان
پولار-وايو منڊل ديوتا وغيره. انهن لفظن مان ڪو به
نالو سج تي رکجي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ساري وايو
منڊل جو ڄڻ حڪمران آهي.ا نهن سببن ڪري منهنجو
انومان اهو آهي ته مولا
Mula
فقط سج جو اصطلاحي نالو آهي، يعني ڪرڻن جو ديوتا.
انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته مولا-سٿانا جي سئين
سڌي معنيٰ ٿيندي سورج ديوتا جي مندر جو شهر. ڀاگاBhaga
۽ هنسا
Hansa
به سج جا مشهور نالا آهن. تنهن ڪري ڀاگاپور يا
هنساپور ملتان لفظ سان هڪ جهڙائي رکن ٿا. چيو
ويندو آهي ته ملتان جو گهڻو آڳاٽو نالو ڪسياپاپورا
Kasyapapura
آهي. پر عام طور تي هن لفظ کي ڪسياپپورا
Kasyappura
اچاريو ويندو آهي. مان سمجهان ٿو ته جنهن شهر کي
هيڪاٽايس
Hekataeus
ڪسپاپوروس
Kaspa
puros
۽ هيروڊوٽس، ڪسپاٽوروس
Kaspaturos
۽ ٽالمي ڪاسپيرا
Kaspeira
سڏي ٿو، سو ملتان جو ئي شهر آهي، ڪاسپيرا شهر جي
جاگرافيائي بيهڪ بابت چيو وڃي ٿو ته اهو شهر
سئنڊوڀاڳ
Sando
bag
يا چندر ڀاڳ ۽ رائوڊس
Rhuadis
يا راوي واري سنگم کان ٿورو مٿان ۽ راويءَ جي
پڇڙيءَ ۾ هڪ وڪڙ وٽ آباد هوندو هو. هتي ڪاسپيرا جي
بيهڪ اهڙي ٻڌائي وئي، جيڪا ڪسياپا پورايا ملتان
ساقن ساڳيائپ رکي ٿي، جيڪو راويءَ جي پراڻي وهڪري
جي ان وڪڙ وٽ آباد آهي، جتان هي وهڪرو ڏکڻ-اوڀر
طرف کان موڙو کائي اوڀر طرف رخ ڪري ٿو. هيءَ سڃاڻ
وڏي اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هن حقيقت جي
پٺڀرائي ڪري ٿي ته ملتان يا ڪاسپيرا راجا سپيرا
راجا ڪاسپيراءِ جي راڄ ۾ هوندو هو، جيڪو ڪشمير کان
وٺي مٿرا تائين پکڙيل هوندو هو. هن حقيقت مان ائين
سمجهي سگهجي ٿو ته هيءُ شهر ٻي صدي عيسوي جي وچ
ڌاران پنجاب جي مکيه شهرن مان هڪ هوندو. پر ستين
صدي ۾ هن شهر جو نالو مولا-سهٿانا يا ملتان ٿي وڃي
ٿو. عرب دور جي موءرخن کان ويندي ابوريحان تائين
اهو ساڳيو نالو نظر اچي ٿو، جيڪو سنسڪرت جي ڄاڻ
وسيلي ڏيهي ٻولي کان واقف ٿيو ۽ هن شهر جي ٻين
نالن جي به کيس ڄاڻ سڃاڻ ٿي، جن بابت مٿي ذڪر اچي
چڪو آهي. ڀاوشيه پراڻ
Bhavishya purna
آڏيه سٿانا يا ”پهريون مندر“ لاءِ ٻڌائي ٿو ته اهو
شري ڪرشن جي پٽ سامبا
Samba
ٺهرايو هو، جنهن ۾ سج جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. مان
سمجهان ٿو ته آڏيه،آڏتيه لفظ جو بگڙيل روپ آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي سج، هن لفظ جي عام ننڍڙي شڪل
آڏات آهي. ڪڏهن ته رکو ”آت“. به چيو ويندو آهي.
جهڙو آڏت وار يا آتوار، اهي سڀ آڏتيه وار جي بگڙيل
صورت آهن، يعني سج جو ڏينهن جنهن کي انگريزيءَ ۾
Sunday
سڏيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ پڻ سج جو ڏينهن
آهي، بلاذري جو بيان آهي ته اهو بت حضرت ايوب
Job
جو آهي. منهنجو ويچار آهي ته اهو لفظ آڏيت آهي،
جنهن جي عربي صورتخطي اديت
Adit
ٿيندي، جنهن کي غلطيءَ وچان ايوب ڪري پڙهيو ويو ٿو
ڀائنجي. پرهلادپورا يا پهلادپور جو اشارو نرسنگهه
Narsingh
اوتار جي مندر ڏانهن آهي، جنهن کي اڄ به پهلاد
پوري سڏيو ويندو آهي. برنس واري دور ۾ هيءُ مندر
ملتان ۾ تمام گهڻو مشهور هو. جڏهن جنوري 1894ع ۾
هن شهر تي ڪڙو چاڙهيو ويو هو ته بارودخاني جي
ڌماڪي سبب هن مندر جي ڇت ڊهي پئي هئي. پر ان کي
ٻيهر ٺاهي راس ڪيو ويو هو. مذڪوره مندر قلعي جي
اتر-اوڀر پاسي ۽ بهاوالحق ذڪريا ملتاني جي مقبري
ڀرسان آهي. سورج ديوتا جو مندر قلعي جي وچ تي
ٺاهيو ويو هو، پر اورنگزيب جي ڏينهن ۾ ان مندر کي
ڊاهي ناس ڪري، ان جڳهه تي جامع مسجد تيار ڪئي وئي.
ان مسجد کي سکن وري بارود خانو بنائي ڇڏيو ۽ 1849ع
تائين اها مسجد بارود خانو بني رهي. |