عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته ساڪيت ۽ اجوڌيا
ساڳيو ماڳ آهي، پر جيتريقدر مون کي ڄاڻ آهي ته هن
ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي ثابتيون ڪو نه ڏنيون
ويون آهن. ڪرماڊي ڪوروس
Csomade Koros
هنن ماڳن بابت ڳالهائيندي (600) فقط سڪيتن يا
ايوڌيا
Saketana orAyadhya
چيو آهي. ايڇ-ايڇ-ولسن
H.H. Wlsain
پنهنجي سنسڪرت واري ڊڪشنري ۾ ساڪيت کي ايوڌيا جو
شهر سڏي ٿو، پر رامائڻ ۽ رگهوونس (601)
Raghuvansa
جي تحريرن ۾ اهڙا ٽڪرا ضرور ملندا، جن ۾ ساڪيت نگر
کي راجا سرت ۽ سندس پٽن جي راجڌاني چيو وي ندو آهي
۽ اها ئي وڏي ۾ وڏي ثابتي آهي. ان کان سواءِ لکنؤ
جي هڪ برهمڻ کي رامائڻ جو هڪ شلوڪ ٻڌايو:
ساڪيتام نگرم راج نامن دسر ٿوبلي،
تاسمئي ديا ميا ڪنيا ڪيڪئي نام توجنا.
Aswajit
پنهنجي ڌيءُ ڪيڪئي جو سڱ ساڪيت نگر جي راجا دسرت
کي ڏيڻ جو ٻول ڪري ٿو.
رامائڻ جي بيان موجب ايڌويا يا ساڪيت جو قديم شهر،
سريو
Sarayu
يا سرجو
Sariu
نديءَ جي ڪناري سان آباد هو. چيو ويندو آهي ته
مذڪوره علائقو ٻارنهن يوجن يا ذري گهٽ هڪ سؤ ميلن
جي گهيري ۾ هو. پر ان کان 12 يوجن بدران 12 ڪوهه
يا 24 ميل پرهڻ کپي. امڪان آهي ته هن شهر جي
چوڌاري باغن جو ايترو گهيرو هوندو. گپتار گهاٽ
Guptar Ghat
الهندي ۽ رام گهاٽ اڀرندي پاسي آهي. ٻنهي ۾ ڇهن
ميلن جي وٿي آهي. جيڪڏهن ان وٿيءَ ۾ شهر جي ڀر
وارا ڳوٺ ۽ باغ وغيره شامل ڪيا وڃن ته هن شهر جو
گهيرو وڃي 24 ميل بيهندو جيڪو مٿي بيان ڪيل ننڍيءَ
ماپ جيترو آهي. موجوده دور ۾ هن شهر بابت ماڻهن جو
خيال آهي ته رام گهاٽ ۽ گپتار گهاٽ اڀرندو ۽
الهندو سنڌو آهي. ڏاکڻيون دنگ ڀدسرا
Bhadasra
ڀرسان ڀرت کنڊ
Bharat Khund
وارو ماڳ ٻڌائن ٿا جيڪو ڇهه ڪوه يا 12 ميل پري
هوندو. پر ڏسڻ ۾ ايندو ته انهيءَ ايراضيءَ اندر
هندن جا سڀئي تيرٿ موجود آهن ۽ هندن جو خيال آهي
ته قديم زماني ۾ اهي سڀئي پوتر آسٿان شهرن جي حدن
اندر هوندا هئا، پر حقيقت ائين ڪانه آهي. آئين
اڪبري جو بيان آهي ته هن شهر جي ڊيگهه هڪ سؤ
اٺيتاليهه ڪوه ۽ ويڪر ڇٽيهه ڪوه آهي. (402) بيان
مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ شهر گهاگهر درياهه
جي ڏکڻ پاسي ساري ائوڌ واري علائقي تي مشتمل هو.
هتي ظاهر ظهور وڌاءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. برهمڻن
جو چوڻ آهي ته سري رام چندر جي شهر لاءِ بارهن
يوجن يا اٺيتاليهه ڪوه ايراضي تمام ٿوري آهي.
برهمڻن رڳو سؤ ميل کن جو واڌارو ڪري وڌايل انگ جو
پورائو ڪيو آهي.
اجو ڌيا جو موجوده شهر جنهن جي اتر-اوڀر پاسي کان
هڪ ٿرڙ آهي ڊيگهه ۾ ٻه ميل ۽ ويڪر ۾ منو ميل
ٿيندو، پر هن ماڳ جي اڌ تي به ماڻهو آباد نظر ڪو
نه ايندا. سڄي ايراضي ويران پئي لڳندي. هتي نه
اتاهان دڙا ڏسبا ۽ نه وري پٿرن جا ٺلهه نظر ايندا،
جيڪي قديم شهرن جا خاص اهڃاڻ هوندا آهن. باقي
پنجهونءَ جا ننڍا ڍير تمام گهڻا آهن جتان پڪيون
سرون چونڊي ڀر واري شهر فيض آباد جي تعمير ۾ ڪتب
آنديون ويون آهن. مسلمانن جو هيءُ شهر جن هن جي
ڊيگهه اڍائي ميل ۽ ويڪر هڪ ميل ٿيندي. تنهن جي
اڏاوت اجوڌيا جي پراڻي سامان مان ڪئي وئي آهي. هنن
ٻنهي شهرن جي گڏيل آبادي جي ڪل ايراضي ڇهه ميل
همچورس مس ٿيندي جيڪا سري رامچند جي پراڻي
راجڌانيءَ جي اڌ جيتري آهي. فيض آباد شهر ۾ رڳو هڪ
اهڙو پڪو مقبرو آهي جنهن ۾ خوبصورت سرن جو استعمال
ڪيو ويو آهي. اهو ڀائو بيگم
Bhao Begum
نالي هڪ عورت سان واسطو رکي ٿو. مذڪوره عورت وارن
هيسٽنگس
Warren Hastings
هڪ مشهور ڪيس هلايو هو ۽ ماڻهن هن مامري کي ڏاڍو
مشهور ڪيو هو. هي شهر (فيض آباد) ائوڌ جي پهرين
نواب جي ڏينهن ۾ هن علائقي جي راجڌاني به رهيو. پر
آصف الدوله ”سن 1775ع“ هن شهر کي ڇڏي وڃي ٻي شهر
کي راجڌاني بنايو.
ستين صديءَ ۾ وسياک شهر جو گهيرو 16 لي يا اڍائي
ميل هو يا ائين کڻي چئجي ته موجوده دور جي شهر جي
اڌ جيترو هو ۽ ان جي آدمشماري به موجوده دور جي
ٽئين حصي يا اڌ جيتري هوندي. شين سئنگ جي بيان
موجب هن علائقي جو گهيرو 4000 لي يا 667 ميل هو.
مان سمجهان ٿو ته گهيري بابت انگ اکر به گهڻا
ٻڌايا ويا آهن.مان اڳي ٻڌائي آيو آهيان ته چيني
ياتريءَ سفر واري رستي سان جن علائقن جون ايراضيون
ٻڌايون ويون آهن، سي ايترون ته وڌيڪ ٻڌايون ويون
آهن، جن جي صحيح هجڻ جو ڪو امڪان ئي ڪو نه آهي.
تنهن ڪري هن مثال ۾ به 4000 لي بدران فقد 400
سمجهان ٿو جيڪي گهاگر ۽ گومتي ندين جي وچ تائين
محدود سمجهان ٿو.
سروستي
اجوڌيا جي قديم علائقي کي سروج يا گهاگر ندي ٻن
اڌن ۾ ونڊي ڇڏيندي آهي. اترئين پاسي کي اتر ڪوسل
Uttara Kosala
۽ ڏاکنين اڌ کي بنوڌ
Banaodha
سڏيو ويندو آهي. انهن مان هر هڪ کي وري ٻن علائقن
۾ ورڇيو ويو آهي. بنوڌ جي علائقن مان هڪ کي
پڇم-رات
Pachham-Rat
يعني اولهه وارو علائقو ۽ ٻئي کي پورب-رات
Purab-Rat
يعني اوڀر وارو علائقو سڏيو وڃي ٿو. اهڙي ريت اتر
ڪوسل جا به ٻه ڀاڱا آهن، جن مان هڪ کي، جيڪو ريتي
Rapti
کان ڏکڻ آهي، گاد
Gauda
يا گوندا
Gonda
ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ٻيو رپٽي کان اتر پاسي آهي، تنهن
جو نالو ڪوسل آهي. ڪي ماڻهو هن کي راوتي
Rawati
به سڏيندا آهن ۽ ائوڌ ۾ مشهور نالو هي آهي. هنن
مان ڪن علائقن جا نالا پراڻ ۾ لکيل ڏسبا. ويو پراڻ
Vayu Purana
۾ لکيل آهي ته لوا
Lava
پٽ سري رامچند اتر ڪوسل تي راڄ ڪندو هو پر مٽسيه
Matsya
لنگ
Linga
۽ ڪرم
Kurma
پراڻن جو بيان آهي ته سراوستي گاد
Gauda
واري علائقي ۾ هئي. جڏهن اسان کي پتو پوي ٿو ته
گاد اتر ڪوسل جو هڪ ڀاڱو آهي ته اهي سڀ فرق ختم ٿي
وڃن ٿا. سراوستي جا ٿرڙ به حقيقت ۾ گاد علائقي
اندر ئي لڌا ويا آهن، جنهن کي نقشن ۾ گوندا ڪري
لکيو ويو آهي. هن علائقي جي پکيڙ جو پتو راپتي تي
بلرام پور جي نالي منجهان ئي ٿي وڃي ٿو. هن ٿاڪ کي
ڪنهن زماني ۾ رام ڳڙه ٿاڪ سڏيو ويندو هو. منهنجو
خيال آهي ته گاد برهمڻ ۾ گادتگس
Gauda Tagas
بنيادي طور هن ئي علائقي سان تعلق رکندا هوندا ۽
سندس واسطو بنگال جي وچين دور سان تعلق رکندڙ گاد
علائقي سان نه هوندو. هن نالي وارا برهمڻ گهاگري
جي ساڄي ڪناري اجوڌيا ۽ جهانگير آباد، کاٻي ڪناري
گوند، پکپور
Pakhpur
جئسني
Jaisni
۽ اجوڌيا ۽ گورکپور جي ٻين علائقن ۾ به ڏسڻ ۾
ايندا آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته بنوڌ يا ائوڌ
جي راجڌاني گهاگر درياهه کان ڏکڻ پاسي هوندي ۽
سراوستي گهاگر جي اوڀر پاسي واري ائوڌ علائقي يا
اتر ڪوسل جي راجڌاني هوندي.
سراوستي شهر جنهن کي ٻڌ ڌرم جي ڪتابن ۾ گهني شهرت
حاصل آهي تنهن جي جاگرافيائي بيهڪ اسان جي سڄاڻ
عالمن کي گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو هو. انهن جو ڪجهه
ڪارڻ چيني ياترين جي بيانن ۾ تضاد آهي ۽ ڪجهه ڪارڻ
ائوڌ علائقي جو معتبر نقشي جو نه هجڻ آهي. مان
پنهنجي ويساک يا اجوڌيا جي احوال ۾ سري لنڪا جي
ڪتابن ۾ موجود ساڳيا حوالا ڏئي، فاهيان ۽ شين سئنگ
جي بيان ڪيل طرفن ۽ فاصلن ۾ فرق ڏيکارڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي ۽ ان نتيجي تي پهتس ته فاهيان جيڪو سنڪيسا
کان فاصلو ۽ شاچي يا نتيجي تي پهتس ته فاهيان جيڪو
سنڪيسا کان فاصلو ۽ شاچي يا ساڪيت کان طرف ٻڌايو
آهي ٻئي غلط آهن. اسان کي سري لنڪا جي ٻڌ ڌرم وارن
ڪتابن شين سئنگ جي سفرنامي وسيلي مليل ڄاڻ موجب
سراوستي جو ٿاڪ ساڪيت يا اجوڌيا کان اتر پاسي هو
يا ائين چئجي ته اهو اتر ڪوسل واري علائقي ۾ هو
جنهن جي شاهدي برهمڻن جا چار پراڻ به ڏين ٿا.
فاهيان جو اهڙو پنهنجو بيان به آهي ته شيوي
Shewei
يا سويت
Sewet
ڪوسل واري علائقي ۾ هئي. هنن ڳالهين ڪري پڪ ٿئي ٿي
ته سراوستيءَ جو ماڳ ساڪيت يا اجوڌيا کان اتر پاسي
ٿورن ڏينهن جيتري سفر تي ڳولڻ گهرجي. فاهيان جي
بيان موجب اهو فاصلو اٺ يوجن يا 56 ميل هو. شين
سئنگ اهو فاصلو وڌائي 500 لي يا 83 ميل ٻڌائي ٿو.
(603) پوئين چيني ياتريءَ 40 چيني لي يوجن جي
حساب سان فاصلي جو ليکو ڪيو آهي. پر اسان ان کي
صحيح ڪري 350 لي يا 58 ميل بنايون ٿا، انهيءَ لاءِ
ته جيئن ٻي چيني سيلائيءَ جي فاصلي جي انگن اکرن
سان ڪجهه مطابفت رکي. هي فاصلو رپتي جي ڪناري تي
اجوڌيا جي پنڌ سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جنهن کي
ساڪيت-ماهيت
Saket-Mahet
به سڏيو ويندو آهي. مان هنن ٿرڙن منجهان مهاتما
گوتم ٻڌ جو وڏو بت لڌو هو، جنهن تي سراوستي جو لفظ
لکيل هو. تنهن ڪري مونکي شين سئنگ جي ڏنل فاصلي
500 لي کي گهٽائي 350 لي ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ ڪانه ٿئي
ٿئي. ساهيٽ جو ٿرڙ اڪائون
Akaona
۽ بلرام پور جي وچ تي، اڪائون کان پنج ميل ۽
بلرام پور کان ٻارنهن ميل پري بهڙائچ
Bahraich
۽ گوند جي بلڪل وچ تي آهي. (604) انهن جي شڪل
وصورت ٻيج جي چنڊ جهڙي آهي. قطر جي ڊيگهه ميل کن
ٿيندي. اتر-اوڀر رپتي جي ڪناري وارو پاسو اندر ئي
کاڌل اٿس. اولاهيون پاسو سڌو سر اتر هليو وڃي ٿو.
ڏاکڻيون حصو مني ميل تائين سڌو آهي. قلعي جي
اوچائي گهٽ وڌ ڏسبي. اولهه پاسي واري ڀت 30 کان 40
فوٽ اتاهين آهي. باقي ڏکڻ ۽ اوڀر واريون ڀتيون 25
کان 30 فوٽ مس ٿينديون. سڀ کان اتاهون اتر –اولهه
ڪنڊ وارو چبوترو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان
پنجاه فوٽ مٿي ٿيندو. اتر-اوڀر وارو پاسو جيڪو
اندر تي کاڌل آهي تنهن جي راپتي
Rapti
جو وهڪرو گهڻو بچاءُ ڪندو هو، جيڪو هاڻي فقط چاڙهه
جي رت ۾ وهڻ شروع ڪندو آهي. هن قلعي جي ڊگهن پاسن
کان بچاءَ واسطي کاهي کوٽيل هئي. ان کاهيءَ جي
ڪجهه حصي تي ڏکڻ-اولهه واري پاسي اڌ ميل کن جي
ڊيگهه ۾ اڃا سوڌو پاڻيءَ جي ڇر ڏسبي آهي. قلعي جي
ڀت جي اوسي پاسي وڏيءَ ماپ جي سرن جي ٽوٽن جا ڍير
نظر ايندا. وڏيءَ ماپ جون اهڙيون سرون پراچينتا
جون خاص نشانيون هونديون آهن. مون هڪ جاءِ کان
سواءِ ڪٿي به پڪي ڀت جا اهڃاڻ ڪو نه ڏٺا، جنهن مان
پڪ پوي ٿي ته ڪچي قلعي جي مهاڙيءَ ۾ پڪيون سرون
هنيون ويون هيون. ان کان سواءِ اولاهان چبوترا به
پڪا ٺاهيل هوندا. قلعي جي اولي سميت ڀت جو ٿورو
حصو مونکي نديءَ واري پاسي ڏانهن سالم حالت ۾ بيٺل
ڏسڻ ۾ آيو. جنهن جي ويڪر ڏهه فوٽ هئي. منهنجي ماپ
مطابق ان ڪچي قلعي جو سارو گهيرو 7300 فوٽ يا سوا
3 ميل هو. شين سئنگ به هن قلعي جو گهيرو 20 لي يا
سوا ٽي ميل ٻڌائي ٿو جيڪو مٿي بيان ڪيل ماپ سان
ٺهڪي اچي ٿو، پر چيني ياتري هن ماڳ کي بادشاهي محل
سمجهي ٿو. نظر ائين اچي ٿو ته جنهن زماني ۾ سيلاني
هن ماڳ تي پهتو هو ته شهر ويران هو ۽ ماڻهو لڏي
ڪيڏانهن هليا ويا هئا ۽ ڪنهن غلط سبب ڪري هو ساري
شهر کي شاهي محلات سمجهي ويٺو هو. اها به پڪ ٿئي
ٿي ته قلعي کان ٻاهر عام ماڻهن جون وسنديون ڪو نه
هيون ۽ چوڏس ڏٿوريون اڏاوتون هيون. جتي ڪنهن عام
ماڻهوءَ جو رهڻ ڏاڍو مشڪل هو. تنهن ڪري مان پوري
پڪ سان چئي سگهان ٿو ته ڪنهن غلط فهميءَ وچان هن
ساري شهر کي شاهي محلات سمجهيو ويو آهي. اهڙي غلط
فهمي اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ بلڪل ڪافي آهي ته ستين
صدي عيسويءَ ۾ جڏهن چيني ياتريءَ منزلون ماري اچي
هي ماڳ ڏٺا هوندا ته هتي ويراني ۽ بربادي کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو ۽ ڪڏهن وري اهو زمانو
هو جو هن شهر جي هاڪ هنڌين ماڳين پکڙيل هئي. سن
400ع ۾ فاهيان جو بيان هن شهر جي آدمشماري ٿوري
ٻڌائي ٿو، پر سري لنڪا جي ڪتابي حوالن مان معلوم
ٿئي ٿو ته سن 275ع کان 302ع تائين کير ڌار
Khira dhara
نالي هڪ سگهارو راجا سواٿي پور
Sawathipur
تي راڄ ڪندو هو. هن بيان مان سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿو
ته سراوستي چوٿين صدي دوران زبون حاليءَ جو شڪار
ٿي وئي هئي. جيڪڏهن اسان هن شهر جي تباهيءَ کي سن
310ع ۾ گپتا گهراڻي جي زوال سان واڳيون ته ڪو غلط
ڪو نه ٿيندو.
چيو ويندو آهي ته سراوستي شهر جو بنياد سورج وسي
گهراڻي جي راجا سراوست (605) رکيو هو. سندس پيءُ
جو نالو يووناسوا
Yuvonasawa
هو جيڪو سوريه
Surya
جي ڏهين پيڙهيءَ مان هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته
هن شهر جو بنياد هندستان جي ڏندڪٿائي دور ۾ رکيو
ويو هو، جيڪو رام کان به گهڻو اڳ آهي. امڪان آهي
ته ان قديم زماني ۾ اهو اجوڌيا جو هڪ حصو اهو،
جنهن تي لاوا
Lava
پٽ رام راڄ ڪندو هو. ان کان پوءِ سراوستي جو نالو
گم ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ گوتم ٻڌ واري دور ۾ وري ظاهر
ٿئي ٿو. تنهن زماني ۾ هي شهر پراسينا جيت
Prasenajit
پٽ مها ڪوسل
Maha Kosala
جي راجڌاني هوندو هو. مذڪوره راجا ٻڌ ڌرم اختيار
ڪيو هو ۽ زندگيءَ جو باقي عرصو مهاتما جو دوست ۽
نگهبان ٿي رهيو، پر سندس پٽ ويروڌڪ
Virudhaka
ساڪيه
Sakya
ڦريءَ جي ماڻهن کان بڇان ڪندو هو، تنهن ڪري هن مٿن
هلان ڪئي. سندس گهر ۾ جيڪي پنج سؤ ساڪيه ڇوڪريون
رهنديون هيون تن کي ڪهرائي ڇڏيائين. اهو ڪلور ڏسي
مهاتما گوتم اها اڳ ڪٿي ڪئي ته هن کي هڪ هفتي اندر
باه ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي. ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن اها اڳ
ڪٿي پنهنجي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري ڇڏي آهي، جيڪا مقرره
مدت اندر پوري ٿي هئي. يارهن سون سالن کان پوءِ
جڏهن ٻڌ ڌرم جو معتقد شين سئنگ هتي پهتو ته کيس
اهو تلاءُ به ڏيکاريو ويو ، جنهن ۾ باهه لڳڻ کان
پوءِ راجا ويرڌڪ ڊوڙي وڃي سر بچاءُ ڪيو هو . (606)
مهاتما کان پنج صديون پوءِ راجا ڪنشڪ جي زماني ۾
هن شهر بابت ذڪر ٻڌون ٿا. شين سئنگ جو بيان آهي ته
سراوستي جو راجا وڪرمه دتيا
Vikramditya
(وڪرما جيت) ٻڌن کان گهڻو تنگ ڪيو هو. ان زماني ۾
منورهت
Manorhita
جنهن وڀاس شاستر
Vibhasha Shastra
جيوهتيا ڪئي هئي، ڇڪاڻ ته هن برهمڻن کان بحث ۾ هار
کاڌي هئي. وڪرما جيت کان پوءِ سندس هڪ چيلي وسو
بنڌو
Vasu bandhu
سڀني برهمڻن کي بحث ۾ ماري مات ڪيو هو. انهن ٻنهي
راجائن جي دور کي سن 79ع کان 120ع تائين سمجهي
سگهجي ٿو. هن کان پوءِ سروستي تي پنهنجي ملڪي
راجائن راڄ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سن 275ع کان 319ع
تائين اسان کي راجا کير-ڌار ۽ سندس ڀائٽي جي راڄ
جو ذڪر ملي ٿو. (607) هن حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ شبهي
جي گنجائش ڪانه آهي ته ان وچ واري عرصي دوران
مگڌجا گپت گهراڻي جا راجائون سراوستي تي راڄ ڪندا
هئا. ڇاڪاڻ ته ڀر واري ساڪينسيه سندن اباڻو ملڪ
هو. وايو پراڻ جو بيان آهي ته گپت گهراڻي جا راجا
انهن ملڪن تي راڄ ڪندا هئا جيڪي پرياڳ، ساڪيت ۽
مگڌياش گنگا جي ڪناري سان واقع آهن. (608) هن کان
پوءِ سراوستي جو هوريان هوريان زوال شروع ٿيو. سن
400ع ڌاران هن مشهور شهر ۾ رڳو ٻه سؤ گهر هئا ۽ سن
623ع ۾ ته ڀرڀانگ ٿي ويو. موجوده دور ۾ قلعي جي
ڦاٽڪن جي رهوارين جي اوسي پاسي چئون پچئون ڏسڻ ۾
ايندي نه ته سارو ٿرڙ اهڙو گهاٽو جهنگل ڏسبو جنهن
۾ لنگهڻ ئي مشڪل آهي.
هن شهر جا نالا به ڌار ڌار ڏسڻ ۾ ايندا. فاهيان
هن جو نالو شي-وي لکيو آهي. شين سئنگ جيڪو نالو
لکيو آهي سو چيني ٻوليءَ جي پدن مطابق
شي-لو-فا-سي-تي-
She-Lo-Fa-Si-Ti
آهي، ڇاڪاڻ ته شيوي پالي ٻوليءَ ۾ ساوٿي،
Sawathi
جي اڌ نالي سويت
Sewet
جي ٿوري بگڙيل صورت آهي ۽ هي نالو سري لنڪا جي
ڪتابن ۾ تمام گهڻو نظر ايندو. اهڙيءَ ريت موجوده
نالو ساهيٽ
Sahet
پاليءَ ساويٽ
Sawet
جي بگڙيل شڪل آهي. ماهيٽ
Mahet
جي سمجهاڻيءُ بابت آءُ ڪجهه به ٻڌائي ڪو نه ٿو
سگهان. مان سمجهان ٿو ته اهو مذڪوره نالي جو تريني
اضافو آهي جنهن جو هتان جا هندو ڏاڍا شوقين آهن
جهڙوڪ الٽ پلٽ وغيره. گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته
ساهيٽ ماهيٽ اها صحيح معنيٰ آهي. يعني مڪمل ويران
۽ تباهي. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اصلي نالو
سيت-ميٽ
Set-Met
آهي. منهنجو خيال آهي ته اهو نالو سويٽ جي بگڙيل
شڪل آهي. امڪان اهو به آهي ته ساهيٽ-ماهيٽ متان
سيٽ-ميٽ جي ڊگهي شڪل صورت هجي. هن ويران شهر ڀرسان
پير بران
Pir Baran
جي مسلمان مجاور ٻڌايو ته هن ٿاڪ جو اصلي نالو
ساويتري
Savetri
هو ۽ هيءُ اچار نيپالي ٻوليءَ جي اچار جي بلڪل
ويجهو ڏسجي ٿو ۽ ڪنهن حد تائين پڪ ٿئي ٿي ته هن
قديم شهر جو اصلي نالو به اهو ئي هوندو.
شين سئنگ جو بيان آهي ته سروستي ديس جو گهيرو 4000
لي يا 667 ميل هو جيڪو گهاگر درياهه کان وٺي جبل
جي ڪڇ تائين حقيقي علائقي جي ماپ کان بڻيو آهي. پر
هي ياتري پنچال جي به ساڳي پکيڙ ٻڌائي ٿو. ٿي سگهي
ٿو ته ان زماني ۾ ملڀوم
Malbhurn
۽ اتر واري کاچي
Khachi
جي ٽڪرائتي ايراضي به هن علائقي سراوستي ۾ شامل
هجي. اهڙيءَ ريت سراوستي جو ملڪ هڪ پاسي کان
هماليه جبل کان گهاگر ندي تائين ۽ ٻئي پاسي اولهه
طرف کان ڪرنالي
Karnali
نديءَ کان وٺي اوڀر ڍولگيري
Dhoolagiri
ٽڪرين ۽ فيض آباد تائين پکڙيل هوندو. ليکي مطابق
هن علائقي جو گهيرو وڇي 600 ميل ٿيندو. جيڪو شين
سئنگ جي اندازي جي بلڪل ويجهو آهي.
ڪپل
Kapila
سفر نامن مطابق ٻئي چيني ياتري سراوستي مان سڌو
ڪپل ڏانه ن روانا ٿيا آهن. هيءُ ماڳ سڄي هندستان ۾
گهڻو مشهور هو جو مهاتما گوتم اتي ڄائو هو. شين
سئنگ ٻڌائي ٿو ته مذڪوره ٿاڪ 500 لي يا 83 ميل
ڏکڻ-اوڀر پاسي هو. (609) پر فاهيان جي بيان موجب
اهو ساڳئي طرف تيرهن يوجن يا 91 ميل پري هو. (610)
هتي هڪ يوجن يا ستن ميلن جو فرق ڏسجي ٿو، جيڪو
گهڻو ڪري ڪنهن مونجهاري جي ڪري آهي ڇاڪاڻ ته ڪپل ۽
ڪرڪو چنده
Karku Chaundh
جي ڄمڻ واري هنڌ ۾ هڪ يوجن جي وٿي آهي. فاهيان ڪپل
پهچڻ کان اڳ ڪرڪو چند جي جنم واري جاءِ تي پهتو
هو، پر شين سئنگ پهريان ڪپل ۽ پوءِ ڪرڪو چند جي
جنم واري جاءِ تي ويو هو. هن ٿاڪ کي ڪڪوئا
Kakua
جي نالي سان سڃاڻي سگهجي ٿو، جيڪا نگر کان اٺ ميل
اولهه پاسي آهي. نگر کي مان ڪپل نگر سمجهان ٿو ۽
فاهيان جي بيان تي ويساهه ڪريان ٿو. ساهيٽ ۽ نگر
جي وچ ۾ فاصلو ساڍا 81 ميل آهي. ساهيٽ کان اشوڪ
پور جو سڻڪ سان فاصلو تقريبا 42 ميل هو. اشوڪ پور
کان نگر 39 ميل پري آهي ۽ اهو فاصلو هندستان جي
ائٽلس نقشي مطابق سڌو ماپيو ويو آهي. هن جابلو
علائقي جي ورن وڪڙن واري سڻڪ سان پنڌ 85 ميلن کان
ڪڏهن به گهٽ ڪو نه ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته فاهيان جي
بيان مطابق 90 ميل فاصلو صحيح هجي.
شين سئنگ اندازو ڪري هن ملڪ جو گهيرو 4000 لي يا
667 ميل ٻڌائي ٿو جيڪو هن علائقي جي پکيڙ سان ٺهڪي
اچي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ علائقو گهاگر ۽ گندڪ
Gaundak
جي وچ تي فيض آباد کان درياهن جي سنگم تائين پکڙيل
هو. نقشي جي سڌيءَ ماپ موجب پکيڙ 550 ميل ٿئي ٿي
جيڪا سڻڪ سان وڌي وڃي 600 ميل ٿيندي. (611)
ڪپل جي نالي جو اڃا تائين پتو نه پيو آهي پر مليل
معلومات مطابق هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ جي بلڪل
ڀرسان پهچي سگهجي ٿو. ٿٻيٽ سان لاڳاپيل ٻڌ ڌرم جي
تاريخي احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪپل وستو يا
ڪپل نگر جو بنياد سورج ونسي ڪُر جي مشهور جهونجهار
گوتم رکيو هو. (612) مذڪوره شهر ڪوسل جي علائقي ۾
روهڻي
Rohini
نديءَ ويجهو هڪ ڍنڍ جي ڪناري سان اڏيو ويو هو.
اهڙيءَ ريت نگر يا نگر خاص چندتال
Chandatal
جي اوڀر ڪناري هڪ وڏي واهڙ ڪوهان
Kohana
ڀرسان اڏيو هو، جيڪو راپتيءَ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو آهي.
هي شهر گهاگهر نديءَ جي ٻئي پاسي ائوڌ جي اترئين
ڀاڱي ۾ آهي، تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته اهو ڪوسل ۾
آهي. هن جو سراوستي کان طرف ۽ فاصلو بنهي چيني
ياترين جي بيان سان ٺهڪي اچي ٿو. اولهه پاسي کان
سنڌ
Sindh
نالي پاڻيءَ جو وهڪرو اٿس جيڪو وهي اچي ڍنڍ ۾ ڇوڙ
ڪندو آهي. هن نالي جي معنيٰ آهي پورو يا پوتر ۽ هي
نالو هميشه قديم زماني جي مهاپرشن (عظيم انسانن)
کي سڏيو ويندو هو. مان سمجهان ٿو ته هن مثال ۾ هي
نالو ڪپل جي مهاپرش گوتم ڏانهن اشارو آهي، جنهن جي
رهائش گاهه به هن ڍنڍ جي ڪناري ۽ شهر جي سامهون
هو. مهاتم گوتم جا پوئلڳ به هن جي ڀرپاسي ۾ رهڻ
لڳا هئا، پر سندن ڳئن جي رنڀن سندس ڌيان ۽ گيان ۾
رخنو ٿي وڌو، تنهن ڪري هو اتان لڏي ڍنڍ جي اڀرندي
ڪناري تي سامهون اچي ويٺو اهڙيءَ ريت ڪپل نگر جي
اڏاوت شروع ٿي وئي.
چيني سيلانين ۽ سري لنڪا جي تذڪرن ۾ روهيني نديءَ
جي جاگرافيائي بيهڪ چڱيءَ ريت واضح ڪئي وئي آهي.
فاهيان جو بيان آهي (613) ته لون-منگ
Lun-Ming
يا لمبيني
Lumbini
نالي شاهي باغ جتي مهاتما ڄائو هو ڪپل کان پنج لي
يا لڳ ڀڳ سوا ميل اوڀر پاسي هو. شين سئنگ هن باغ
کي لا-فا-ني
La-Fa-Na
نالي (614) سڏي ٿو جيڪو ڏکڻ اوڀر طرف وهندڙ هڪ
نديءَ جي ڪناري تي موجود هو. ماڻهو مذڪوره نديءَ
کي تيل
River of oil
جي ندي ڪوٺيندا هئا. سري لنڪا جي تذڪرن مطابق
روهيني ندي ڪپل ۽ ڪولي
Koli
وچا وهندي هئي. (615) پويون ماڳ گوتم ٻڌ جي ماءُ
مايا ديوي جي ڄمڻ جو هنڌ هو. هن ٿاڪ کي ويا گهرپور
V ya ghar pur
به سڏيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي چيتي جو شهر،
(616) مايا ديوي پير لهڻ واسطي هڪ جاءِ ويهڻ وقت
پنهنجي ماءُ پيءُ سان ملڻ ڪولي وڃي رهي هئي. ٻنهي
شهرن جي وچ تي سال
Sal
نالي وڻن جو هڪ باغيچو هو ۽ اتي لمبيني
Lambini
نالي هڪ وڏو وڻ هو جتي ٻنهي ڳوٺن جا ماڻهو اچي
ڪچهريون ڪندا هئا. مايا ديوي ساهي پٽڻ لاءِ ان وڻ
جي ٿڌيءَ ڇانو ۾ ويهي رهي ۽ اتي ئي سندس پٽ مهاتما
گوتم ٻڌ ڄائو هو. ٻئي هنڌ وري هن ريت لکيل آهي ته
هڪ سال پاڻيءَ جي ڏڳاهي ۽ ڪپل ۽ ڪوليءَ جا ماڻهو
روهيني نديءَ جي پاڻيءَ جي ورهاست تي اچي جهيڙي ۾
پيا هئا ڇاڪاڻ ته هر هڪ ماڻهو پنهنجي سارين جي پوک
پچائڻ ۽ بچائڻ جا جتن ڪري رهيو هو. (617) هن بيان
مان پتو پوي ٿو ته روهيني ندي اها هئي جنهن کي
هاڻي ڪوهان سڏيو ويندو آهي، جيڪا موجوده دور ۾ به
نگر کان ڇهه ميل ڏکڻ-اوڀر پاسو ڏئي وهندي آهي.
نقشي ۾ پاڻيءَ جي هن وهڪري کي ڪوئان
Kooana
۽ ڪئان
Quana
جي هجي ۾ لکيو ويو آهي. بچائن
Buchanan
وري هن کي ڪوين
Qoyane
لکي ٿو. (618) سندس بيان آهي ته هيءُ ڏاڍي ٺاهوڪي
پر ننڍي ندي آهي. سندس ڇاڙهون هن علائقي جو
ڏاکڻيون ڀاڱو آباد ڪنديون آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي
ٿو ته اها روهيني ندي هوندي جنهن سان ٻڌ ڌرم جي
تذڪرن جا بيان ٺهڪي اچن ٿا.
ڪولي جي جاگرافيائي بيهڪ ۾ شڪ ٿئي ٿو پر امڪان آهي
ته اهو ام ڪوهل
Am Kohil
وارو ماڳ هجي جيڪو نگر کان پورا يارهن ميل اوڀر ۽
ڪوهان نديءَ کان اٽڪل ٽي ميل پري ٿيندو. نگر کان
ڪوهل ڏانهن ويندڙ سڻڪ موڪسون
Mokson
نالي هڪ ڳوٺ جي سامهون درياهه تان اڪري ٿي. ٿي
سگهي ٿو ته هيءَ ماڳ لمبيني وارو مشهور باغ هجي
ڇاڪاڻ ته ڪنهن زماني ۾ هن کي پرادا موڪش
Prada Moksha
”نهايت خوبصورت“ نالي سان به سڏيو ويندو (219)
پوئين دور ۾ هيءُ نالو موڪش
Moksha
يا موڪشن
Mokshan
ڪوٺيو ويو هو. شين سئنگ جي سفر نامي ۾ لکيل
مرڪشن
Markshan
نالو تيل واري نديءَ ڏانهن اشارو آهي ڇاڪاڻ ته
سنسڪرت ۾ ان لفظ جي معنيٰ تيل آهي. ابوالفصل
مهاتما ٻڌ جي ڄمڻ واري جاءِ کي موڪت
Mokta
جي نالي سان سڏي ٿو. (620) منهنجي خيال ۾ اها
موڪس
Moksa
جي غلط پڙهڻي آهي.
نگر کي قديم ڪپل سمجهڻ جي بي وڏي ثابتي اها آهي
ته نگر جو موجود راڄوڙ گوتم راجپوت گهراڻي سان
لاڳاپو رکي ٿو. ان سان گڏ نگر ۽ اموره
Amorhaهن
ڪل جي ماڻهن جا اهم مرڪز آهن. هن کان علاوه گوتمبه
Gautamiyaتاجپوتن
جو ملڪ به هيءُ علائقو آهي، جن لاءِ چيو ويو آهي
ته اهي گوتم راجپوتن جي ڦريءَ سان واسطو رکن ٿا.
ڪپل وستوءَ جي ساڪيه ڪُر لاءِ چيو ويندو آهي ته
اهي به گوتم راجپوت آهن. ساڪيه مني
Sakya muni
لاءِ به چيو ويندو آهي ته مهاتما ٻڌ جيان سندس
واسطو به برما سان هو. ونسلت
Vansalata
جي پُر تحرير مطابق (621) گوتم راجپوت ارڪ بنڌو
Arkabandahu
جي پُر مان آهن. هڪ ٻڌامر سنها
Amara
sindhu
جي لکيل ڪتاب امر ڪوش
Amarakosha
مطابق مهاتما گوتم ٻڌ جو هڪ نالو ارڪ بنڌو به هو.
نگر جو ماڳ مان اکيئن ڪونه ڏٺو آهي پر مون کي
ٻڌايو ويو آهي ته اهو هڪ وڏو دڙو آهي. جيتي سروٽن
جا دير ڏسڻ ۾ ايندا. ڀر پاسي ۾ پڪين جڳهن جا اهڃاڻ
ملن ٿا. پنجين صديءَ جي شروعات ۾ فاهيان ڪپل جو
ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته: ان زماني ۾ به اتي ٿورا
ڀڪشو رهندا هوندا، جن جا ڏهه ويهه گهر هوندا. شهر
جو ڪو نانءُ نشان ڪونه هوندو ۽ ٻارنهن سو سالن
تائين هيءُ شهر ويران رهيو. ستين صديءَ جي وچ ڌارن
شين سئنگ به هن شهر کي ڀڙيانگ ڏٺو هو. کيس اهو به
پتو پئجي ڪونه ٿي سگهيو ته سندس اصلي پکيڙ ڪيتري
هوندي، تنهن ڪري ائين چئي ڪونه ٿو سگهجي ته ننگر
جي قديم وسنديءَ جا ٿوڙو وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل
ڪونه آهن. ان ڪري هي ماڳ ڪپل ٿي ڪونه ٿو سگهي. پر
مون کي پورو يقين آهي ته نگر وارو ماڳ ڪپل ئي آهي.
هن سڃاڻ کي اوسي پاسي وارن ٿاڪن جي نالن جي شاهدين
وسيلي پڻ ثابت ڪري سگهجي ٿو، جيڪي قديم زماني ۾ ٻڌ
ڌرم تاريخ ۾ مقدس سمجهيا ويندا آهن يعني منهنجو
اشارو ڪرڪو چند
Krokuchanda
۽ ڪڻڪ
Kanaka-Muni
ڏانهن آهي جيڪي قديم دور جا ٻڌ هئا. |