29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:31   

شين سئنگ به ساڳئي طرف ۽ ساڳئي فاصلي تي انهن جهرڻن جي موجودگيءَ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي اڃا سوڌو موجود آهن. فاهيان وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اهي پنج ئي ٽڪريون شهر جي چوڌاري قلعي جو ڏيک ڏين ٿيون. اهو بيان هو بهو راج گريهه جي قديم شهر سان ساڳيائپ رکي ٿو. جنهن کي هتان جا رهواسي راج گير Raja Gir به سڏيندا آهن. ٽرنر به سري لنڪا جي پالي حوالن جي ناتي سان ساڳيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ پنجن ٽڪرين جا هن ريت نالا ڏنا آهن: گهجهه ڪٽو Gijjha Kuto، اسيگلي Isigili، ويڀارو Webharo ويپلو Wepullo ۽ پاندو Pandawo. (698) مهاڀارت مطابق سندن نالا هي آهن: وئهر Vaihara، وارهه Varaha، وريشڀ Vrishabha، رشيگري Rishiiri ۽ چئتوڪ (699) Chaitvaka موجوده دور ۾ وري مٿين ٽڪرين جا نالا هيئن ڏسڻ ۾ ايندا: بئڀر گيري Baibhargiri ، ويپولوگيري Vipulogiri، رتن-گيري Ratangiri، اديه گيري ۽ سوناگيري Sonagiri.

بئڀار ٽڪري Mount Baibhara  تي جين ڌرم جي لکيل متن تي ڪڏهن بئڀارا جو نالو به ڏسڻ م اچي ٿو ته ڪڏهن وري  ويوهار Vyavahara به نظر ايندو آهي. هن ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي ته اها پالي حوالن واري ويڀارو ٽڪري ئي آهي، جنهن جي پاسي ۾ ست پني Satta Panni جو غار هو ۽ ان جي سماهون ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل پهريون سائنود Synod 543 ق.م  اڏيو ويو هو. منهنجو خيال آهي ته اهو غار ٽڪريءَ جي ڏکڻ پاسي سون ڀانڊار جي موجوده نالي سان اڃا به قائم آهي، پر شين سئنگ جي بيان موجب ان غار کي ٽڪريءَ جي اتر پاسي ڏسڻ کپي. ٿٻيٽ جي دولو Dulva مطابق اهو نيه گروڌ Nyagrodha يا بڙ وارو غار لکيل آهي. (700)

رتن گيري سون ڀانڊار عار کان هڪ ميل سر اتر آهي. هيءَ صورتحال فاهيان جي بيان مطابق پپل وڻ واري غار سان ٺهڪي اچي ٿي، جتي مهاتما ٻڌ ماني کائڻ کان پوءِ ويهي ڌيان ۽ گيان ڪندو هو. اهو ماڳ پهرين سائنود کان 5 يا ڇهه لي، اٽڪل هڪ ميل اوڀر پاسي هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سونا گيري ٽڪري اها آهي جنهن کي پالي حوالن ۾ پنڊاؤ Paudao ٽڪري سڏيو ويو آهي. جنهن لاءِ  چيو ويندو آهي ته منجهس مهاتما ٻڌ رهندو هو. لليتا وستار ۾  هن کي جبلن جو راجا ڪوٺيو ويو آهي. رتل گيري ٽڪريءَ تي ٺهيل جين-مندرن ڏانهن ويندڙ رستو پڪو آهي جنهن سان جين ڌرم جا پوئلڳ مٿين مندر ڏانهن ويندا آهن. مهاڀارت ۾ هن کي رشبگيري سڏيو ويو آهي.

پالي حوالن ۾ وپول Vipula ٽڪريءَ کي ويپولو Vepullo سڏيو ويو آهي. هن ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪڏهن وڏي اسٽوپا يا چئٽا هوندي هئي جيڪا هاڻي ڊهي ڍير ٿي وئي آهي. شين سئنگ به هن ماڳ جو ذڪر ڪيو آهي. مان  سمجهان ٿو ته اها مهاڀارت واري چئتيڪ Chaityaka آهي. باقي ٻين ٽڪرين بابت مون کي ڪابه ڄاڻ ڪانه آهي، پر ايترو ضرور چوندس ته انهن جي چوٽين تي به جين مندر جا اهڃاڻ آهن.

ٽڪرين جي وچ تي موجوده شهر جو ذڪر فاهيان به ڪيو آهي، جيڪو اوڀر کان اولهه 5 يا6 لي ۽ اتر کان ڏکڻ 7 کان 8 لي هو.

ان حسان سان سندس گهيرو ساڍا چار ميل هو. شين سئنگ هن جو گهيرو 30 لي يا 5 ميل ٻڌائي ٿو. هن مطابق شهر جو ڊگهو پاسو اولهه کان اوڀر آهي. منهنجي جاچ پڙتال مطابق قلعي جو گهيرو 14500 فوٽ يا اٽڪل ساڍا چار ميل آهي، جيڪو ٻنهي چيني ياترين جي بيانن جي وچ تي آهي. ٻنهي سيلائين جي بيانن ۾ واضح فرق شهر جي ڊيگهه واري پاسي جي طرف بابت آهي. ٻنهي مان هر هڪ نيڪپئي Nekpai ۽ Enbankment جي اوڀر پاسي کان ماپ ورتي هوندي. (هن پاسي جو بيان ميجر ڪٽو Major Kittoe به ڪيو آهي.) اهڙيءَ ريت ماپ وٺندا اتر-اولهه پاسي هليا ويا هوندا. جيڪڏهن اها ماپ پانچ-پانڊو Panch-Paundu ڪنڊ وٽان ورتي وڃي ها، ته قلعي جي ماپ وارو طرف اولهه-اتر-اتر-اولهه ٿئي ها ۽ ڊيگهه جي ماپ به 8000 فوٽ بيهي ها، پر جيڪڏهن ماپ توره ديوي Torah Devi مندر وٽان ورتي وڇي ها، ته طرف اتر-اتر-اولهه ۽ ماپ9000 فوٽن کان ڪجهه سرس ٿئي ها. مٿي مان فاهيان جي بيان جو حوالو ڏئي آيو آهيان، ته شهر جي چوڌاري نظر ايندڙ پنج ئي ٽڪريون ان جي چوڌاري ڪوٽ جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، شين سئنگ جو بيان به ساڳيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اهي اتاهيون ٽڪريون قلعي جي ڀتين کان ٻاهر چئن ئي پاسن کان ڦري اچن ٿيون. سندن گهيرو 150 لي يا 25 ميل ٿيندو. پر مان 150 لي بدران رڳو پنجاهه لي يا اٽڪل سوا اٺ ميل سمجهان ٿو، اها تصهيح ڪرڻ ان ڪري به ضروري آهي جو منهنجي ورتل ماپ مطابق ان کي ڀيٽائي ڏسڻو آهي. ٽڪرين جي وچ ۾ سڌو فاصلو هن ريت آهي:

(1) بئڀار کان وپول 12000 فوٽ

(2) وپول کان رتن 4500 فوٽ

(3) رتن کان اديه 7500 فوٽڍ

(4) اديه کان سونا 7000 فوٽ

(5) سونا کان باري ڀار 9000 فوٽ

ڪل جوڙ 41000 فوٽ

هيءَ ماپ اٺن ميلن کان ٿورو گهٽ ٿيندي، پر جيڪڏهن ٽڪرين جي لاهين چاڙهين کي به ان ۾ شامل ڪبو ته پوءِ اها ماپ شين سئنگ جي بيان ويجهو بيهندي، جنهن کي صحيح ڪري 50 لي بيهاريو ويو آهي. هن پراڻي قلعي جي ڀتين کي ٻاهرئين پاسي کان ڪڇي ماپ ورتي وئي آهي. جن جا ڪٿي ڪٿي اهڃاڻ اڃا به محسوس ڪري سگهجن ٿا. مان قلعي جي انهن ڀتين کي وپلو گيري ۽ رتن گيري کان نيڪپئي بند تائين ۽ اتان کان اديه گيري کان ڏکن پاسي ماٿري واري کليل جاءِ کان وڍي سونا گيري معلوم ڪري ورتو آهي. ماٿريءَ جي کليل پاسي اهي ڀتيون اڃا چڱيءَ حالت ۾ آهن ۽ ماپي ڏٺوسون ته سندس ويڪر 13 فوٽ هئي. شين سئنگ جو ڏنل 25 ميل گهيرو هن ريت پورو ڪري سگهجي ٿو ته هن قلعي جي اوڀر پاسي کي گيريڪ Giryek جي ماڳ تائين ڇڪي وڃبو. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي ساڳي ئي قلعي جا نشان گرييڪ ٽڪريءَ وٽ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. امڪان آهي ته شين سئنگ هنن ٻاهرين ڀتين کي گهيري جي ماپ ۾ شامل ڪيو هجي پر ائين ڪرڻ سان گهيري جي ماپ گهڻي وڌي ويندي ۽ شين سئنگ جي بيان سان ٺهڪي ڪانه بيهندي ته ”شهر جي پاسن کان چوڌاري اتاهيون ٽڪريون.“ گرييڪ واري ٽڪري گهڻو پري آهي ۽ قديم شهر راج گريهه جي پاسي ۾ ڪانه آهي.

راج گير وارا ڪوسي پاڻي جا جهرڻا سرستي Sarsuti نالي پاڻيءَ جي هڪ ننڍي وهڪري جي ٻنهي پاسن کان ڏسڻ ۾ ايندا، جن مان اڌ بئڀار ٽڪري جي اوڀارئين پاسي ۽ تري وٽان نڪرندا آهن ۽ باقي جهرڻا وپول ٽڪريءَ جي اولهه پاسي ۾ آهن. مٿي ذڪر ڪيل اڳين جهرڻن جا نالا هن ريت آهن:

(1) گنگا جمنا Ganga Jumna (2) اننت رکي Anant Rakhi (3) سپت رکي  Sapt Rakhi (4) برهم-ڪنڊ Barhm Kund (5) ڪسيپ رکي Kasyapa Rakhi (6) بياس ڪنڊ Biyas-Kund (7) مرڪنڊ-ڪنڊ Markand-Kund. هنن سڀني کان وڌيڪ ڪوسو جهرڻو سپت رکي آهي. وپول ٽڪري وارا ڪوسا جهرڻا آهن: (1) سيتا ڪنڊ Sita Kund (2) سورج ڪنڊ Soraj Kund (3) گڻس ڪنڊ Genes Kund (4) چندرما ڪنڊ Chandrama Kund (5) رام ڪنڊ Ram Kund (6) سرنگي رکي ڪنڊ Sringgi Rikhi Kund. بيان ڪيل آخري جهرڻي تي مسلمانن قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ان جو نالو بدلائي چيل شاه جي نالي پٺيان مخدوم ڪُنڊ رکيو ويو آهي. مسلمانن جو هيءُ مشهور بزرگ آهي جنهن جو مقبرو هن جهرڻي جي ويجهو ٿيندو. چيو ويندو آهي ته هن جو اصلي نالو چلوو Chilwa هو. ذات جو آهير هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هندو مان مسلمان ٿيو هو.

قديم شهر جي اتر-اوڀر پاسي اٽڪل 15 لي يا اڍائي ميل پري شين سئنگ جي بيان ڪيل مشهور ٽڪري آهي، جنهن جو نالو گريڌر ڪُٽا Gridharkuta يعني ڳجهه چوٽي سڏي ٿو. فاهيان جو بيان آهي (701) ته اها نئين شهر کان 15 لي يا اڍائي ميل ڏکن اوڀر پاسي هئي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٻئي چيني ياتري ڳجهه –چوٽي جي مامري ۾ متفق آهن، جيڪا موجوده دور جي سئلا گيري Saila Giri ٽڪريءَ جي نهايت اتاهين چوٽي، پر مان اهو ڪو نه ٻڌو سڻيو ته هن ٽڪريءَ ۾ ڪو غار به آهي. فاهيان هن کي ڳجهه نالي غار واري ٽڪري Hill of Vuitures سڏي ٿو ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته اتي ڪيترا ٻيا به غار هئا. جنهن ۾ ارهن Arhans گيان ڌيان ۾ ويٺا هوندا هئا. مان سمجهان ٿو ته اهي ٽڪريءَ جي پاسي ۾ ٺاهيل ڪمرا هوندا، جن جون ڀتيون ڪري پيون آهن ۽ سندن نالا به ماڻهن کان وسري ويا هوندا. هنن ٻنهي ذريعن جي شاهدي اهڙي پڪي آهي، جو شڪر ته ڪري ئي ڪو نه ٿو سگهجي. امڪان آهي ته اڳتي ٿيندڙ کوجنا هنن غارن جي باري ۾ ڪو ڏس پتو ٻڌائي.

راجگريهه

فاهيان راجگريهه واري ماڳ کي پراڻي شهر کان چار لي يا اٽڪل منو ميل اتر پاسي ٻڌائي ٿو. هن جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ فاصلي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو راجگير Raja Gir جو پراڻو قلعو آهي. چيو ويندو آهي ته راجگريهه جو شهر راجا سري نڪ Srenika جوڙايو هو. هن شهر کي اجاتسترو جي پيءُ بمبسار پٺيان به سڏيو ويندو هو. جيڪو مهاتما گوتم جو سهيوڳي هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته مذڪوره شهر جو بنياد 560 ق.م کان اڳ رکيو ويو هو. شين سئنگ جي زماني (649ع-642ع) ۾ هن شهر جي قلعي جون ٻاهريون ڀتيون ڀڄي پيون هيون پر اندريون اڃا سلامت هيون ۽ آباد علائقي جو گهيرو 20 لي يا سواءِ ٽي 3 ميل هو. هي بيان منهنجي ڪيل جاچ پڙتال ۽ ماپ مطابق آهي جيڪقا ٽن ميلن کان ٿورڙي گهٽ آهي.

بچانن نئن راجگريهه قلعي کي ڏنگو ڦڏو پنج ڪنڊو سڏي ٿو ۽ قطر 12000 گز  ٻڌائي ٿو. مان سمجهان ٿو ته اها ڇاپي جي غلطي آهي. جيڪا حقيقت ۾ فقط 1200 گز هجڻ کپي ۽ ان حساب سان گهيرو 11300 فوٽ يا اڍائي ميل بيهي ٿو، پر هي اندرين ماپ آهي منهنجي ماپ موجب اها 13000 فوٽ آهي، منهنجي خيال موجب هي قلعو  ڦڏي پنج ڪنڊي جي شڪل تي آهي، جنهن  جو هڪ پاسو ڊگهو ۽ باقي  چار پاسا هڪ جيترا آهن. کاهين کان ٻاهران واري ماپ موجب ڪل گهيرو 14260 فوٽ يا ٽن ميلن کان ٿورو گهٽ ٿيندو. ڏاکڻي ٽڪري تي 20000 فوٽ ڊگهي ۽ 1500 فوٽ ويڪري ايراضي هن کان الڳ ڪري اتي ننڍو قلعو جوڙيو ويو آهي. گهڻن هنڌن تي پٿرن جون ڀتيون اڃا به سلامت آهن. امڪان آهي ته ڪم جو واسطو ڪنهن پوئين دور سان آهي. بچانن به اهڙو اشارو ڏنو آهي. منهنجو خيال آهي ته هي نئين شهر جو قلعو آهي، جنهن تي وقت جو اثر ڪجهه گهٽ ٿيو آهي. ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته ڀتيون ٿلهيون آهن ۽ اوساري به سوچي سمجهي ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته اهو ٻين جڳهن کان وڌيڪ  اهم هو ۽ فوجي ضرورتن جي پيش نظر هن جي مرمت به ڪئي ويندي هوندي پر ان جي ڀيٽ ۾ گهرن جي ڀتين ڏانهن ڌيان گهٽ ڏنو ويو هوندو يا ٿي سگهي ٿو ته اهي وڌيڪ خرچ کائينديون هجن.

نالند

راجگير کان 7 ميل سر اتر بڙاگاؤن نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيترا تلاءُ ۽ دڙا ڏسڻ ۾ ايندا. هتان مون کي ٻين جڳهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهڻيون ۽ ججهيون مورتيون هٿ لڳيون. بڙاگاؤن وارو ٿرڙ ايتري ته وسيع ايراضي ۾ پکڙيل هو، جو ڊاڪٽر بچانن جو خيال هو ته اهو ماڳ ضرور راجا جو رهائش گاه رهيو هوندو. بهار جي هڪ جين ڌرم جي پنڊت کيس ٻڌايو ته اهو ٿاڪ راجا سرينڪ Srenika جي راجڌاني هوندو هو ۽ ان کان اڳي به سندس وڏڙن جي راجڌاني به انهيءَ شهر ۾ رهندي آئي هئي. برهمڻن مطابق اهو ماڳ ڪنڊيل پور Kundil Pur شهر جو ڦٽو آهي ۽ رڪمڻي جي جنم ڀومي هجڻ ڪري گهڻو مشهور آهي، جيڪا ڪرشن مهراج جي گهر وارين مان هڪ هئي. پر رڪمڻي ودرڀ Vidarbha يا برار Berar جي راجا ڀيشم جي ڪنيا هئي. سمجهڻ م اچي ٿو ته برهمڻ غلطيءَ وچان برابر کي بهار سمجهيو آهي جيڪو بڙا گاؤن کان فقط ست ميل پري آهي.تنهن ڪري مون کي برهمڻن جي هن ڳالهه تي اعتبار ڪو نه ٿو اچي. هن کان سواءِ به مان پڪيون ثابتيون ڏيندس تهب بڙاگاؤن وارو ٿرڙ نالند ماڳ آهي. جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٻڌ ڌرم جي علمي نقطه نگاه جي ڪري ساري هندستان ۾ مشهور هو.

فاهيان نالو Nalo نالي هڪ ڳوٺ کي اڪيلي ٽڪري Isolated Rock کان هڪ يوجن يا ست ميل پري ٻڌايو آهي، جنهن کي ساڳئي پنڌ تي پري هو. (702) هيءُ بيان بڙاگاؤن جي جاگرافيائي بيهڪ سان ساڳيائپ رکي ٿو، يعني اهو گرييڪ ۽ راجگريهه کان ستن ميلن جي پنڌ تي واقع آهي.سري لنڪا جي بڌ تذڪرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نالند راجگريهه کان ست ميل پري آهي. وري شين سئنگ جو بيان آهي ته نالند ٻڌ گيه واري پپر وٽ کان 7 يوجن يقا 49 ميل پري آهي. (703) سڻڪ سان فاصلو بلڪل ايترو ٿيندو. پر جيڪڏهن نقشي موجب سڌي ماپ ڪبي ته مذڪوره پنڌ 40 ميل ٿيندو. سندس بيان موجب اهو به آهي ته مذڪوره  ماڳ راجگريهه کان اتر ۾ 30 لي يا پنج ميل پري آهي. هي  طرف ۽ فاصلو به بڙاگاؤن جي جاگرافيائي بيهڪ سان ساڳيائپ ڏيکاري ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو فاصلو پراڻي قلعي جي صفا اتر پاسي کان ڪڇبو ته بلڪل ايترو ئي ٿيندو. آخري ثابتي وري اها به آهي ته هتان ٻه لکتيون اهڙيون هٿ لڳيون آهن جن مان پتو پوي ٿو ته هن ٿاڪ کي نالند سڏيو ويندو هو.

شين سئنگ جو بيان آهي ته هي ماڳ مهاتما ٻڌ جي سچي چيلي ۽ ساچي هٿ ساريپتر Sariputra جي جنم ڀومي آهي.پر مون کي سندس هي بيان صحيح ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته هن چيني ياتريءَ جيڪو مفصل احوال ڏنو آهي تنهن ۾ هن پاڻ ڏيکاريو آهي ته ساريپتر ڪلپنڪ Kalapinaka ۾ ڄائو هو، جيڪو نالند کان اندر-سل-گوها Indra-Sila-Guha جي وچ تي ۽ نالند کان چار ميل ڏکڻ –اوڀر تي هڪ ٿاڪ هو. نالند لاءِ به چيو ويندو آهي ته اهو مهامو گلان Maha Mogalan جي جنم ڀومي آهي، جيڪو ماتما ٻڌ جو هڪ مشهور مک چيلو هو، پر هيءَ ڳالهه به صحيح ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي ڇاڪاڻ ته شين سئنگ جي بيان موجب هيءُ عظيم انسان ڪليڪ Kulika ۾ ڄائو هو، جيڪو نالند کان اٺ نَوَ لي يا ڏيڍ ميل کن ڏکڻ-اولهه پاسي هو. مان هي سمجهان ٿو ته اهو ماڳ ميل کن ڏکڻ-اولهه پاسي هو. مان هي سمجهان ٿو ته اهو ماڳ جگديسپور Jagdispur ويجهو هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي جيڪو بڙاگاؤن کان ڏيڍ ميل کن ڏکڻ-اولهه پاسي ٿيندو.

بڙاگاؤن وٽ ڪيترا دڙا ڏسڻ ۾ ايندا جن تي سروٽن جا ڍير نظر ايندا. انهن مان وڌيڪ چٽا ماڳ موڙيال (مخروطي) ڍٻ وارا دڙا آهن، جيڪي اتر کان ڏکڻ ڏس تي هلندا ويندا ڏسبا آهن. اهي اتاهان دڙا نالند ڀرسان جوڙيل وهارن جا ٿرڙ آهن. انهن سڀني مان وڏو وهار ته جلدي سڃاڻي سگهجي ٿو، جيڪو پڪ ن سروٽن جي دڙن جي وچ تي آهي. سندس ماپ 1600 فوٽ ڊيگهه ۽ 400 فوٽ ويڪر آهي. اتر موجود کليل جڳهن مان پتو پئجي سگهي ٿو ته اهي ڇهن ننڍن وهارن جا اڱڻ آهن. شين سئنگ جو بيان آهي ته اهي سڀئي هڪ وانگاڙي اندر آهن ۽ سندن اٺ اڱڻ آهن، ڇهن مان پنج وهار هڪ ئي گهراڻي مان پنجن راجائن جا جوڙايل هئا، جيڪي هڪ ٻئي کان پوءِ راڄ سنڀاليندا آيا. ڇهين وهار وري انهن جانشينن ٺهرائي هئي. جنهن کي وچ هندستان جو راجا چيو ويندو هو.

وهار جي ڏکڻ پاسي هڪ تلاءُ هوندو هو، جنهن ۾ نالند نالي هڪ نانگ رهندو هو. ان ڪري هن ماڳ کي ان نانگ جي نالي پٺيان نالند سڏيو ويندو هو. موجوده دور ۾ به هڪ وهار جي ٿرڙ جي ڏکڻ پاسي هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي ڪرديه پوکر Kardiya pokhar سڏيو ويندو آهي ۽ اهو نالند جي جاگرافيائي بيهڪ سان ساڳيائپ رکي ٿو، تنهن ڪري امڪان اهو نظر اچي ٿو ته نانگ وارو تلاءُ به اهو ساڳيو آهي.

مان نالند جي احوال کي سندس چوڌاري خوبصورت ۽ شاندار تلائن جي ذڪر کان سواءِ ختم ڪرڻ ڪو نه چاهيندس. هن ٿرڙ جي اتر-اوڀر پاسي کان گدي-پوکر Gidi pokhar پن سوڪر پوکر Pan sokar pokhar نالي تلاءُ آهي، جن مان هر هڪ ميل کن ڊگهو آهي. سندس ڏکڻ پاسي کان اندرا پوکر Indra pokhar آهي، جنهن جي ڊيگهه اڌ ميل کن ٿيندي. باقي ٻيا سڀ تلاءَ ننڍا آهن، جيڪي خاص ذڪر ڪرڻ جي لائق ڪو نه آهن.

 

اندر-سيل-گوها

گيه جي اوسي پاسي کان ٻه جابلو سلسلا ٿين ٿا جيڪي پور وڇوٽ تي اتر-اوڀر هلندا پنچان Panchana ندي تاس 36 ميل ڊگها آهن ۽ گرييڪ ڳوٺ جي سامهون اچي کٽن ٿا. ڏکڻ ۽ اوڀر وارو سلسلو گهنو اتاهون ڪو نه آهي، پر اتريون سلسلو گهڻو اتاهون آهي ۽  پنچان نديءَ وٽ پهچي هڪدم ختم ٿي وڃي ٿو ۽ اتي هن سلسلي جون نهايت اوچيون ٻه چوٽيون نظر اينديون. اوڀر واري هيٺاهين چوٽي تي پڪ سرو ۽ نهرو ٺلهه نظر ايندو، جيڪو جرسنڌ-ڪا-بئٺڪ Jarassandha-Ka-baihtak نالي مشهور آهي. ڪي ماڻهو هن کي جر سنڌ جو تخت به سڏيندا آهن. هن سلسلي  جي الهندر پاسي واري چوٽي وڌيڪ اوچي آهي، جنهن کي گرييڪ سڏيو ويندو آهي. سندس شڪل بيضوي آهي، جتي ڪيترين ڊٿل جاين جا کنڊر ڏسڻ ۾ ايندا. هن مٿاهين ۽ بيضوي شڪل جهڙي چوٽيءَ تي جيڪا سڀ کان اتاهين جاءِ آهي، تنهن تي وهار جي اڏاوت جا اهڃاڻ ڏسبا. اوڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ  اڀڪپري ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جيڪا ٺلهن وسيلي ٺاهيل ڪمرن مان هلندي مٿي پهچندي آهي. ٻنهي چوٽين کي ڳنڍڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺاهيون ويون آهن. ڪنهن زماني ۾ اها ڏاڪڻ ٽڪريءَ جي تري تائين هلي ويندي هئي. ڏاڪڻ واري رستي ڀرسان اتاهين چوٽين تي ۽ رستي جي وڪڙن وٽ اسٽوپائن جون اڏاوتون نظر اينديون، جن جو قطر 5 کان 6 فوٽ ۽ ڪن جو ٻارنهن فوٽ ٿيندو. مٿينءَ ڏاڪڻ جي تري وٽ ۽ جر سنڌ ٺلهه کان 59 فوٽ پري هڪ سؤ فوٽ همچورس تلاءُ ٺاهيو ويو آهي،  جنهن  جو ڪجهه حصو کوٽي ۽ ڪجهه حصو بند ٻڌي تيار ڪيو ويو آهي. ٻيو تلاءُ ٿوري پنڌ تي اتر پاسي آهي، جيڪو کوٽائي ڪري بنايو ويو آهي ۽ اتان نڪتل پٿرن کي جڳهه جي اڏاوت ۾ ڪم آندو آهي. مذڪوره ٻئي تلاءَ هاڻي سڪي ويا آهن.

گرييڪ ڳوٺ کان ٻه ميل ڏکڻ-اولهه طرف ۽ جر سنڌ ٺلهه کان هڪ ميل پري ٽڪريءَ جي ڏکڻ پاسي هڪ قدرتي گفا آهي، جيڪا بانگنگا Banganga نديءَ جي تري کان 250 فوٽ مٿي ٿيندي. مذڪوره گفا جو نالو گڌدوار Gudhadwar  آهي عام ماڻهن جو خيال آهي ته هيءَ گفا جر سنڌ ٺلهه سان ڳنڍيل آهي، ٽارچن وسيلي کوجنا ڪئي وئي ۽ ڏٺو ويو ته اهو هڪ قدرتي گهارو هو. جيڪو جر سنڌ ٺلهه مٿي وڃي رهيو هو، جنهن جي ڊيگهه 98 فوٽ مس هئي. ان گفا جي منهن جي ڊيگهه 17 فوٽ ۽ ويڪر 10 فوٽ هئي ۽ آخري ڇيڙي وٽ تمام سوڙهو هو. غار پٿرن سان سٿيل ڏسبو ۽ هوا گرم هئي. معلوم ائين ٿيندو ته ڄڻ اهو ٻئي پاسي کان بند آهي. هتي ڀوري رنگ جي اڀڪپرين چوٽين تي بي شمار ڳجهون ويٺل ڏسڻ ۾ اينديون. مان انهن ڳجهن جا ڪجهه کنڀ غار جي منهن وٽان کڻي ورتا هئا.

گرييڪ جا قديم آٿار بلڪل ائين لڳا. جهڙيءَ ريت فاهيان جي بيان ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن ته اهي جدا ۽ الڳ ٽڪريءَ تي موجود آهن، جتي اندر ديوتا مهاتما گوتم کان ٻائيتالهن نقطن تي مختلف سوال ڪيا هئا. شين سئنگ ان ماڳ کي اندر سلگهه Indra silguha سڏيو آهي ۽ ان جو اشارو به ساڳيءَ حقيقت ڏانهن آهي.

گرييڪ جي جاگرافيائي بيهڪ طرف ۽ فاصلو اهڙو آهي، جنهن مان اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته اهو اندر سل-گهه وارو ماڳ آهي، هن لفظ گرييڪ جي نالي جي معنيٰ جو اڃا ته پتو پئجي ڪو نه سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته سندن مطلب گري+ايڪا Giri+eka هڪ ٽڪري هجي. هيءَ اها ئي ٽڪري آهي جيڪا فاهيان موجب الڳ ۽ اڪيلي آهي.

ٻئي سيلاني هن ڳالهه تي متفق آهن ته مذڪوره غار ٽڪريءَ جي ڏکڻ پاسي آهي. سندس بيان سان ساڳيائپ رکندڙ اهو غار گڌ-دوار Gudha-Dwar آهي. هن غار جو مان اڳي ئي بيان ڪري آيو آهيان ته گڌ-دوار سنسڪرت جو لفظ گرڌروار Gurdhrawar آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڳجهن جو لنگهه. هن پٿر تي اهو نالو ان ڪري رکيو ويو آهي جو ان تي اندر ديوتا خاڪو ڪڍي مهاتما کان 42 سوال پڇيا هئا. فاهيان پنهنجي بيان ۾ اضافو ڪيو آهي ته اندر ديوتا پٿر تي اهڙو خاڪو پنهنجي آڱر سان ليڪيو هو.

فاهيان جي بيان موجب اها الڳ ۽ اڪيلي ٽڪري مگڌ جي راجڌاني ۽ تليپتر کان اٺ يوجن يا 56 ميل ڏکڻ-اولهه ۽ نالند کان هڪ يوجن يا ست ميل اوڀر طرف واقع هئي. شين سئنگ نالند کان اڳتي ويندي ڪيترائي تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽيا هئا. سندس اهڙن تيرٿن جي ڏنل طرفن ۽ فاصلن مان اهو نتيجو نڪري سگهي ٿو ته اندر سل-گهه نالند کان 47 لي يا اٽڪل پوڻا 7 ميل اوڀر-ڏکڻ-اوڀر طرف آهي. بڙا گائون ۽ گرييڪ جو فاصلو نو ميل ۽ طرف ڏکڻ-اولهه کان ايندي آهي. جيڪڏهن اسان سندس بيان ڪيل طرف ڏکڻ+اوڀر+اوڀر، ڏکڻ+ڏکڻ+اوڀر ۽ اوڀر+ڏکڻ +اوڀر ڪري پڙهنداسين ته عام طرف ڏکڻ-اوڀر ٿي پوندو ۽ فاصلو به اٺ ميل وڌي ويندو ۽ بيان حقيقت جي ويجهو پهچي ويندو. ائين ڪرڻ سان اسان جيڪا فاصلي کي صحيح ڪرڻ جي صلاح ڏني، تنهن جي ڄڻ ته پٺڀرائي ٿي وڃي ٿي.

 

بهار

گرييڪ جي هن الڳ ۽ اڪيلي ٽڪريءَ جي ياتيرا ڪري چيني سيلاني اتر-اوڀر طرف روانو ٿيو ۽ 150 يا 160 لي يا 25 کان 27 ميل سفر ڪري ڪپوٽيڪ Kapotika يا ڪبوتر-وهار پهتو هو. اتان کان اڌ ميل کن ڏکڻ ۾ هڪ اتاهين ٽڪري هئي، جنهن جي چوٽيءَ تي اولوڪيٽشوار Avalokiteshwara نالي هڪ نهايت وڏو وهار جوڙيل هو. هن وهار جي چوڏس پٿرايون اڏاوتون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. جيڪڏهن متن ۾ لکيل 160 لي بدران رڳو 60 يا 10 ميل پڙهيا وڃن ته پوءِ منهنجي خيال ۾ اهو ماڳ بهار آهي، جيڪو گرييڪ کان يارهن ميل کن اتر-اتر+اوڀر طرف واقع آهي،  (704) اسان جن نقشن ۾ هن لفظ جي هجي بيهار Behar لکيل آهي ۽ اهو ڪافي آهي ته انهيءَ ماڳ تي ڪڏهن ٻڌن جو وهار هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، ج نهن وسيلي مون کي هڪ قسم جو پڪ ٿئي ٿي ته اولوڪيتشوار وارو وهار انهيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي اسان بهار سڏيون ٿا. هاڻي ان ٽڪري جي چوٽي قديم ٿرڙن سان ڍڪيل ڏسڻ م ايندي. زير بحث ٽڪري بهار جي شهر کان اتر-اولهه پاسي آهي، جنهن جي اتر پاسي تي اڀڪپري چوٽي نظر ايندي. ڏکڻ واري پاسي کان لاهوندي اٿس ۽ پٿر قدرتي طور ائين ٻاهر نڪتل آهن جو هڪ چاڙهي بڻجي پئي آهي. هاڻي ان چوٽيءَ تي مسلمانن پنهنجيون جڳهون جوڙي ورتيون آهن. پر پوءِ به انهن ٿرڙن تان مهاتما گوتم جي مورتين ۽ مڃتا وارين اسٽوپائن جا ڀڳل ٽوٽا مون کي هٿ لڳا هئا.

ڪبوتر وهار کان هي ياتري ڏکڻ-اوڀر طرف روانو ٿيو 40 يا 70 ميل سفر ڪري هڪ وهار وٽ اچي نڪتو، جيڪو هڪ الڳ ۽ اڪيلي ٽڪريءَ تي جوڙيل هو. طرف ۽ فاصلي جي نقطه نظر کان هيءُ ماڳ تيتراءُ Titarawa دڙو آهي، جيڪو بهار کان 7 ميل ڏکڻ-اوڀر طرف ٿيندو، تيتراءَ جي معنيٰ تتر دڙو آهي. هن ماڳ وٽ هڪ تلاءُ نظر ايندو. ج نهن  جي ڊيگهه ٻارنهن سو فوٽ ٿيندي. دڙي جي اتر پاسي سروٽن  جا ڍير ڏسبا. ٿرڙ جي شڪل صورت همچورس آهي، تنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ڪنهن وهار جو ڦٽو آهي.

هتان کان شين سئنگ اتر-اوڀر طرف روانو ٿيو 700 لي يا 12 ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ گنگا جي ڏکڻ ڪناري سان موجود هڪ وڏي ڳوٺ وٽ اچي نڪتو. پر جيئن ته ڪناري جو ويجهي ۾ ويجهو ٿاڪ به 25 ميل پري آهي، جيڪڏهن مٿئين انگ ۾ 100 لي جو واڌارو ڪنداسين ته اهو فاصلو لڳ ڀڳ 29 ميل ٿيندو ۽ اهو فاصلو گرييڪ ۽ ڪبوتر وهار واري سفر مان ڪٽيو ويو هو.

مان مٿيون ٻئي تصحيحون مناسب سمجهيون آهن. ڇاڪاڻ ته شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته ڪپوٽيڪ وهار ويجهو ٽڪري نهايت اتاهين هئي. پر بهار ۽ تيتراو جي اتر کان اتر-اوڀر ۾ منهنجي ڄاڻ مطابق ڪابه ٽڪري ڪانه آهي. تنهن ڪري شين سئنگ جي بيان کي ملڪي صورت حال مطابق بنائڻ لاءِ مٿي ڏنل هڪ فاصلي کي گهٽائڻو ۽  ٻئي کي وڌائڻو پوندو. گرييڪ کان اوڀر-اتر-اوڀر ۽ 25 ميل پري شيخ پور نالي هڪ ٽڪري آهي، جنهن جي اوچائي 665 فوٽ ٿيندي. هن ٽڪريءَ لاءِ چئي سگهجي ٿو ته متان اها ڪبوتر وهار واري ٽڪري هجي.  پر هن ٽڪريءَ کي ڪبوتر وهار واري ٽڪري سمجهڻ سان ان کان پوءِ واري سفر جي رخ ۽ رستي ۽ فاصلي ۾ به فرق اچي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته گنگا کان شيخ پور 20 ميل پري آهي. تنهن ڪري مان هن جي مقابلي ۾ بهار واري ماڳ کي وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو. ٻنهي حالتن ۾ ان ڳوٺ کي گنگا ڪناري درياپور Darya pura ڀرسان ڳولڻ گهرجي. جيڪو فاصلي موجب مونگير Mongir کان 34 ميل اولهه طرف آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org