29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:22   

نيرڪوس جڏهن ڪرڪوالا وٽان سڙهه سنڀاهي اسهيو ته مائونٽ اروس (Maunt Eros) (منهوڙو) سندس ساڄي ۽ تراکڙو ننڍڙو ٻيٽ سندس کاٻي پاسي هو. اهو چٽو پٽو ڪراچي بندر ڏانهن لنگهه واري علائقي جو بيان آهي. ان کان پوءِ ڪيترن ننڍن وڏن ماڳن تي بيهندو نيٺ اچي مورنٽو بار (Morontobara) جي ٿاڪ وٽ رسيو، جنهن کي هتان جا ماڻهو عورتن جو اجهو يا بندر سڏيندا هئا (492). هتان سندس فوج ٻه رستا اختيار ڪيا. انهن  مان هڪ 70 اسٽاڊيا ۽ ٻيو 120 اسٽاڊيا هو ۽ انهن جي آرابس ندي جي ڇوڙ وٽ پهچڻ تائين ڊيگهه 22 ميلن کان وڌيڪ ڪانه هئي. پاڻيءَ جو  اهو وهڪرو آرابي ۽ اوريٽاءِ جي قبيلي وارن ماڻهن جي وچ تي دنگ جو نشان هو. مان مورنٽو بارا کي مئاري (Muri) يا راس مئاري (Ras Murai)  يا راسمرنزي (Cape Monze) سمجهان ٿو، جيڪا پٻ جبل جي ڇيڙي وٽ آهي. بارا يا باري معنيٰ اجهو يا بندر. ’مورنٽو‘ فارسيءَ جو لفظ آهي جنهن جو مفهوم آهي مرد ۽ ان جو ؤنٽ مهرين (Mahrin) آهي، جيڪو ڪشميري ٻوليءَ ۾ اڃا به محفوظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: عورت. ان بندر يا اجهي (Haven) کي ڳولي لهڻ لاءِ مونزي راس ۽ سون مياڻيءَ جي وچ تي کوجنا ڪرڻي پوندي ۽ ان جي ماڳ جي تعين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. نيرڪوس جي هاڪارڻ بابت جيڪو احوال ائرين ڏنو آهي، تنهن ۾ ڏنل فاصلي جي ناتي سان مان سمجهان ٿو ته اهو ماڳ بحر (Bahar) نالي نئن جي ڇوڙ وٽ هجڻ کپي، جيڪا راس مونزي ۽ سون مياڻيءَ جي وچ اچي سمنڊ ۾ پوندي آهي. جيڪڏهن مان هن ڳالهه ۾ درست آهيان ته مئاري (Muari) مورنٽو بارا جو اختصار آهي ته پوءِ راس مونر ڀر واري بندر تان نالو ورتو ويو هوندو. نيرڪوس آرابس نديءَ جي موڙ وٽ سون مياڻي آهي. هن بابت پاٽنجر جو بيان آهي ته ”هي سامونڊي پاڻيءَ جو اهڙو بهترين تلاءَ آهي، جتي وڏي ۾ وڏا ٻيڙا بيهاري سگهجن ٿا.

اوريٽاءِ يا هوريٽاءِ

آرابس ندي اڪرڻ کان پوءِ سڪندر برپٽ منجهان سڄي رات سفر ڪندو رهيو، تانجو صبح جو هڪ آباد علائقي ۾ اچي پهتو. هڪ ننڍڙي نديءَ وٽ پهچي فوجي وانڍ هڻي، پٺيان ايندڙ فوج جي اوسيئڙي ۾ ويهي رهيو جيڪا هيفاشن Hephaestion جي مهنداريءَ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي. ائرين جو بيان آهي ته جڏهن اهو لشڪر پهتو ته سڪندر ملڪ جي اندرئين علائقي ڏانهن پيش قدمي ڪري هڪ ننڍي ڳوٺ وٽ پهتو جيڪو اوريٽاءِ قبيلي وارن جي راڄڌاني هو ۽ جنهن جو نالو رامبا ڪيا Rambakia هو. سڪندر هن ڳوٺ جي وايو منڊل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس خيال آيو ته جيڪڏهن هن کي ترقي وٺرائجي ته  هڪ ڏينهنوڌي وڏو شهر ٿي ويندو پوءِ هن هيفاشن کي اهڙو تاڪيد ڪيو  (484). سڪندر جي ويجهي اچڻ تي اوريٽاءِ وارن سندس آڻ مڃي جنهن اوپولو فينس Apoollophanes کي اتان جو گورنر ۽ ليوناٽس Leonats کي ان جو ٻانهن ٻيلي مقرر ڪيو. کيس اهو به تاڪيد ڪيائين ته نيرڪوس جي بحري فوج جو انتظار ڪري ۽ نئين تعمير ٿيندڙ شهر ۾ ماڻهن کي آباد ڪري. سڪندر جي اسهڻ شرط اوريٽاءِ جي ماڻهن يونانين خلاف بغاوت شروع ڪئي ۽ گورنر اپولوفينس کي قتل ڪري ڇڏيائون، پر ليوناٽس مٿن حملو ڪري کين شڪست ڏني ۽ سندن اڳواڻن کي نگهوسار ڪري ڇڏيائين  (485). نيرڪوس سندس شڪست واري ميدان کي ڪوڪالا Kokala  لکيو آهي، جيڪو آرابس ۽ ٽوميرس Tomerus ندين جي وچ تي سامونڊي ڪناري سان آباد هو. پليني پوئين نالي واري نديءَ کي ٽونبيراس Tonberos (489) سڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته سندس ڀر وارا علائقا سرسبز ۽ آباد هئا.

هنن بيانن مان سمجهان ٿو ته اوريٽاءِ يا هوريٽاءِ يا ويوٽيريٽاءِ Veoteritoe  (ڊايوڊورس جي لکڻ مطابق) جا ماڻهو اهي آهن جيڪي اگهر Aghor نديءَ جي ڀرپاسي آباد هئا، جن کي يونان وارن آگوريٽاءِ Agoritae يا آريٽاءِ Aoritae ڪري اچاريو هوندو ۽ نڙيءَ مان نڪرندڙ آواز بدران وسرڳ آواز کي ترجيح ڏني هوندي. جيڪو اوريٽاءِ جي لفظ جي ابتدائي حصي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن نديءَ جي تري ۾ ڪي جهرڻا نظر ايندا، جن مان ڇڊي گپ ڦوهارو ڪيون پئي ٻاهر نڪرندي آهي. هتان جا ماڻهو هنن کي رامچندر ڪي ڪوپد (Ramchandra-ki-kup) يعني رام چندر جا کوهه سڏيندا آهن. هتي ٻه قدرتي گفائون آهن، هڪ کي ڪاليءَ جي ٻيءَ کي هنگلاج هنگولا ديويءَ جي غفا سڏيو ويندو آهي. هي ڳاڙهي ديوي (Red Godess) آهي ۽ ڪاليءَ ديويءَ جو ٻيو روپ آهي. پر اگهور نديءَ جي ماٿري ۾ موجود تيرٿ سان لاڳاپيل سڀ شيون رام سان تعلق رکن ٿيون. سڀئي ياتري مڙي سڙي اچي رام باغ (Ram Bagh) وٽ گڏ ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ ته رام ۽ سيتا بنواس ڀوڳڻ جي شروعات هتان ڪئي هئي ۽ هتان هلندا هلندا وڃي گورک واري تلاءِ وٽ پهتا هئا. ڪجهه وقت ترسڻ کان پوءِ سري رام ٽونگا ڀيرا (Tongabhera) ۽ بعد ۾ اڳتي روانو ٿيو هو. اتان کيس پوئين پير واپس ورڻ جو چيو ويو ۽ کيس اهو به چيو ويو ته هنگلاج پنهنجي فوج وٺي وڃي. مان رام باغ  ان ماڳ کي سمجهان ٿو، جنهن کي ائرين رام ’باڪيا‘ سڏيو آهي ۽ ٽونگابارا پاڻيءَ جو اهو وهڪرو آهي، جنهن کي پليني ٽونبيري ۽ ائرين ٽوميرس سڏي ٿو. رام باڪيا ماڳ ڀرسان ئي ان شهر جي ڳولا ڪرڻ گهرجي جنهن جو بنياد سڪندر پاڻ رکيو هو ۽ ليوناٽس کي حڪم ڪيو ويو هو ته مذڪوره شهر کي آباد ڪري گهڻو ڪري هيءُ اهو شهر آهي، جنهن جو  بزنٽيئم (Byzantium) جي اسٽيفانس (Stephanus) ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته  ميلاني (Melane) ڀرسان سڪندر جي نالي سان هيءُ سورهون شهر هو (497). نيرڪوس اوريٽاءِ جي اولاهين ڪنڌي کي ان ٿاڪ وٽ ٻڌائي ٿو، جنهن کي ميلانا (Malana) سڏيندا هئا، جنهن کي مان ميلانا وارو اپسمنڊ سمجهان ٿو، جيڪو راس ميلانا کان اوڀر طرف آهي ۽ اگهور نديءَ کان  ويهه ميل اولهه طرف اڄ به موجود آهي. ڪرٽس ۽ ڊايوڊورس (498) ٻنهي جو بيان آهي ته هن شهر جو بنياد سڪندر رکيو هو، پر ان جو نالو ڪو نه ٿا ٻڌائن. ڊايوڊورس جو بيان رڳو ايترو آهي ته هن شهر جو بنياد سمنڊ ڀرسان هڪ سمجهائتي هنڌ تي رکيو ويو هو ۽ سمنڊ جون ويرون وٽس پهچي ڪو نه سگهنديون هيون.

سنڌوءَ جي اولاهين ڪناري کان گهڻو پري رام باغ نالي ماڳ جو ملڻ جنهن جو سڪندر واري قديم دور سان لاڳاپو هجي، سا ڏاڍي اچرج جهڙي ڳالهه آهي. هن حقيقت مان نه رڳو اهو پتو پوي ٿو ته ان قديم زماني ۾ هندو ڌرم ايتريءَ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل هو، پر ان سان گڏ رام جي بندواس ڀوڳڻ وارو قصو پڻ قديم آهي. ان ڳالهه جو به  امڪان  ڪو ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هندو ڌرم جي زوال کان پوءِ سري رامچندر ۽ چيلي جو نالو ان ٿاڪ تي رکيو ويو هجي (489). ٻڌ ڌرم  جي زور  واري زماني ۾ سنڌوـءَ جي اولهه پاسي ڪيترا ئي  علائقا هندو ڌرم جي اثر هيٺ هئا، جنهن اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻوليءَ تي گهڻو اثر ڇڏيو هوندو. منهنجو ويچار آهي ته ٻڌ ڌرم سڪندر جي حملي کان پوءِ  هڪ سگهه ٿي اڀريو ۽ رامباڪيا Rambakia  داراگشتا سڀ کان وڌيڪ آڳاٽو آهي.

شين سئنگ جي بيان مطابق اهو سڀئي علائقن جو هڪڙو نالو لانگا-ڪي-لو Langa-Kie-Lo هو، جنهن کي ايم جولين (Julien) لانگالا ڪري پڙهي ٿو. پر ايم ڊي سئنٽ مارٽن هن لفظ کي لانگا Langa (لانگاهه؟) قبيلي جو نالو سمجهي ٿو. منهنجي نظر ۾ اها ڳالهه شڪ کان خالي ڪانه آهي ته هي نالو ايترو پراڻو به ٿي سگهي ٿو. وشنو پراڻ مان ٻيو نالو لانگالا Langala به ملي ٿو. پر منهنجي خيال ۾ اهو جانگلس Jangalas نالي جو ٻيو روپ آهي ۽ ڪورو جانگلس لفظ کان هڪدم پوءِ نظر اچي ٿو. شين سئنگ لانگه-ڪي-لو جي راڄڌاني ڪڇ  واري ڪوٽيسر کان 2000 لي يا 323 ميل اولهه پاسي ٻڌائي ٿو. هن حوالي  مطابق هي شهر هندي وڌي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڃي بيهندو. ان ڪري صحيح طرف اتر-اولهه ٿيندو. هن فاصيل ۽ طرف کي جيڪڏهن نظر ۾ رکبو ته لاڪوريان La- Korian جو هڪ ٿرڙ آهي، جيڪو مئسن قلات ۽ خضدار جي وچ تي ڳولي لڌو هو (490). پراڻن نقشن ۾ هن شهر جو نالو رڳو لاڪورا Lakura  آهي، جنهن جو اچار چيني ياتريءَ تمام صحيح طريقي سان لکيو آهي. لانگه ڪي لو Lang-Kie-Lo يا لنڪارا Lankara (491). مئسن جو بيان آهي ته هن ماڳ وارو قلعو ويڪڙو، ڪشادو ۽ مضبوط هو ۽ سندس بناوت ۾ ڏاڍي ڏاهپ نظر اچي ٿي. قلعي جي مضبوطيءَ ۽ ان جي جاگرافيائي اهم بيهڪ جي نقطه نظر کان ائين ڀانئجي ٿو ته هي پنهنجي زماني جو هڪ وڏو شهر ۽ ملڪ جي راڄڌاني هوندو. چيني ياتريءَ جي بيان مطابق هن علائقي جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيترا هزار لي هئي. هن ڳالهه مان اهو پڻ واضع ٿئي ٿو ته اهو بلوچستان جو علائقو هوندو ۽ لاڪورا کان اڄ واري قلات جي راڄڌاني رڳو سٺ ميل اتر طرف آهي. ستين صديءَ ۾ راڄڌانيءَ جو نالو سو-نيو-لي-شي-فا-لو Su-neu-li-Shi-fa-lo هو، جنهن جو گهيرو 30 لي يا پنج ميل هو. چيني ٻوليءَ جي اچار موجب ايم جولين هن لفظ جو اچار سونورسوار Sunuris Wara ٻڌائي ٿو پر ان جي معنيٰ ڪو نه ٿو ٻڌائي. پر شين سئنگ شوَ جي مندر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته اهو وچ شهر ۾ آهي. مان سمجهان ٿو ته  چيني ترجمو سمڀورسور Sambhuriswara ٿي سگهي ٿو، جيڪو شوَ جو مشهور نالو آهي جنهن جي معنيٰ آهي  ديوتائن جو ديوتا، هن مان ائين سمجهه ۾ اچي ٿو ته مندر جو نالو به اهو ئي هوندو. ان کان سواءِ لانگه ڪي لو يا لنڪار هن صوبي جي راڄڌاني به ٿي سگهي ٿو.

گرجارا

 

شين سئنگ اولهه هندستان ۽ هن ملڪ کي ٻي بادشاهي سڏي ٿو ۽ سندس نالو ڪيو-چي-لو Kiu-Che-Lo يا گرجارا ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته بلڀي Balbhi کان 1800 لي يا 300 ميل اتر ۽ اجين کان 28000 يا 467 ميل اتر-اولهه پاسي آهي. سندس راجڌاني جو نالو پي-لو-مي-لو  Pi-Lo-Mi-Lo يا بالمير Balmer ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو بلڀي جي دڙي کان پورو 300 ميل اتر طرف آهي ۽ اجين کان سڌو فاصلو 350 ميلن کان مٿي ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن رستي سان وڃبو ته اهو فاصلو 400 ۽ 500 ميلن جي وچ تي وڃي بيهندو، ڇاڪاڻ ته پانڌيءَ کي اراولين ٽڪرين جي اتران جمران ڦرڻو پوندو يا وري ڏکڻئون انهلواڙا کان چڪر ڪاٽي اچڻو پوندو. ان ملڪ جو گهيرو 8000 لي يا 833 ميل هو، تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته موجوده بيڪانير، جيسلمير ۽ جوڌپور جو وڏو علائقو منجهس شامل هوندو، ان جي سنڌي کي گهٽ وڌ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته ان جي اتر واري دنگ بلر Balar يا سردار ڪوٽ کان جونجهنو Junjhnu تائين هڪ سؤ ٽيهه ميل اوڀر پاسي کان جونجهنو کان آبو جبل تائين اڍائي سؤ ميل، ڏکڻ کان ابوجبل کان عمر ڪوٽ تائين هڪ سؤ ست ميل ۽ اولهه طرف کان عمرڪوٽ ۽ بلر تائين ٽي سؤ ڏهه ميل آهي. موجوده انگن اکرن موجب سڄي علائقي جو گهيرو 860 ميل ٿئي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ شين سئنگ جي ڏنل فاصلي جيترو وڃي بيهي ٿو.

آڳاٽي دور جي عرب جاگرافيدانن جزر Juzr جرز Jurz ملڪ جو نالو ڏنو آهي، جنهن جي جاگرافيائي بيهڪ تي نظر رکڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته هي اهو علائقو آهي جنهن کي شين سئنگ ڪيو-چي-لو ملڪ جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي، ملڪ جي نالي ۾ ڪجهه شڪ ٿئي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته عربي لکت ۾ ان نالي تي ٽٻڪا نظر ڪو نه ٿا اچن، تنهن ڪري ان جو اچار حزر ۽ حرز يا خرز ۽ خرزبا يا جرز بنجي پوي ٿو. پر ان جي جاگرافيائي بيهڪ بابت ڪو به هٽکٽو ڪو نه آهي  ۽ مختلف صورتحال جي نظر کان اهو علائقو راجپوتانان آهي. اهڙيءَ ريت تاجر سليمان سن 850ع ۾ (492). بيان ڪري ٿو ته حرز Harz جي اولاهين پاسي طافيق يا طاقين هو. منهنجي خيال ۾ اهو پنجاب جو پراڻو نالو آهي. هن علائقي ۾ چانديءَ جون ڪاٺيون هونديون هيون، تنهن ڪري وٽس هندستان جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ گهوڙيسوار فوج هوندي هئي.اهي ڳالهيون بنا ڪنهن شڪ و شبهي جي راجپوتانا ڏانهن اشارو ڪن ٿيون جنهن جي اتر-اولهه ۽ پنجاب آهي. هندستان ۾ وٽس ئي چانديءَ جون ڪاٺيون آهن تنهن ڪري گهوڙيسوار فوج به جام هوندي اٿس.

ابن خرزادابہ (493) (وفات 912ع) جو بيان آهي ته حرز جي ملڪ ۾ طاطري سڪو استعمال هيٺ هو. ابن حوقل جنهن 977ع (494) ۾ ڪتاب لکيو، تنهن جو چوڻ آهي ته اهڙا سڪا گنڌارا ۾ ڪم ايندا هئا، جنهن ۾ پنجاب وارو علائقو به تڏهن شامل هو، ساڳي ڳالهه بلهارا يا گجرات لاءِ به چوي ٿو. اتفاق سان اسان کي اهو به پتو پوي ٿو ته اهو ساڳيو سڪو سنڌ ۾ به رواع هيٺ هو، ڇاڪاڻ ته معلوم ٿئي ٿو ته 170هه يا 725ع ۾ سنڌ جي سرڪاري خزاني ۾ هڪ ڪروڙ اسي لک طاطري درهم موجود هئا. (495) ان سڪي جو ملهه مختلف بيان ڪيو ويو آهي. ان جي تور ½ 8/ 1 1 کان  ½ 1 درهم يا 45 گرامن کان 72 گرام هوندي هئي. هن سڄي وچور مان پتو پوي ٿو ته اهي هند سٿين دور سان لاڳاپيل چانديءَ جا ڏنگا ڦڏا سڪا هوندا هئا ڇاڪاڻ ته مٿن ساساني طرز جي هندستاني لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهن سڪن جي شروعات سٿين يا تاتاري حڪمرانن ڪئي هئي. جيڪي تنهن زماني ۾ ڪابل ۽ اتر هندستان تي راڄ ڪري رهيا هئا.ا هي سڪا هاڻي ڪابل ۽ پنجاب ۾ تن ملن ٿا، پر سنڌ، راجپوتانا ۽ گجرات مان به پڻ هٿ لڳا آهن، ڪرنل اسٽئڪي Cal.Staey انهيءَ ورن جا سڪا راجپوتانا مان لڌا هئا. پر مون کي ته اهڙا سڪا سڀني مذڪوره ملڪن مان هٿ لڳا هئا. تور ۾ ڪي 50 ۽ ڪي وري 68 گرامن جا آهن. دور جي لحاظ کان پنجين ڇهين صدي عيسويءَ کان وٺي محمد غزنويءَ جي زماني تائين هلندا آيا آهن. مذڪوره سڪا گهڻو ڪابل جي برهمڻ حڪمرانن جي سڪن سان گڏ هٿ لڳا آهن. اها ڳالهه مسعوديءَ جي بيان سان ٺهڪي اچي ٿي جنهن جو بيان آهي طاطري سڪن سان گڏ ٻيا سڪا به رواج هيٺ هئا جن کي گنڌارا ضرب ڪيو ويندو هو. (496) پوين بيان ڪيل سڪن کي مان ڪابل جي برهمڻ حڪمرانن سان لاڳاپيل سمجهان ٿو. هن گهراڻي سن 850ع ڌاران پنهنجو ڪابل ۾ راڄ شروع ڪيو هو يعني مسعوديءَ کان ڪو ٿورو وقت اڳ ۾ 915ع کان 950ع تائين قائم رهيو. مان اهي طاطري يا هند-ساساني سڪا اراولي جابلو سلسلي جي اوڀر پاسي وچ هندستان ۽ گنگا دو ابي جي اترئين پاسي وارن علائقن مان به لڌا آهن، پر سندس انگ تمام ٿورو آهي. وچين دور ۾ اتر هندستان جو عام سڪو واره Varaha هوندو هو، جنهن جي هڪ پاسي سوئر جي ۽ ٻئي پاسي وشنو جي تصوير هئي ۽ تور ۾ 55 کان 65 گرام هئا. سڪن جي  هن جاچ پرک کان پوءِ مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته عرب جاگرافيدانن جي نقطه نظر موجب حزر يا جزر جو ملڪ امڪاني طور اولهه راجپوتانا ٿي سگهي ٿو.

ادريسي (497) ابن خردازبه جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته جزر يا حزر اتان جي راجائن جي مورثي لقب به هوندو هو ته ملڪ جو نالو  به هوندو هو. هيءُ بيان منهنجي سڃاڻ جي پٺڀرائي ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته جزر يا گزر يا گوجر Gujar  هڪ ئي ڳالهه آهي. هن ڪُر سان لاڳاپيل ماڻهن جو انگ تمام جهجهو آهي، جيڪي اولهه-اتر هندستان ۽  پنجاب ۾ هنڌين ماڳين پکڙيل نظر ايندا. گجرات واري اپٻيٽ تي هن ڪُر جي ماڻهن جو انگ تمام گهڻو ملندو. جهوني جڳ ۾ هن علائقي کي سوراشٽريه سڏيو ويندو هو ۽ ٽالمي هن کي سوراستريني  Surastrene لکيو آهي. بڙدا مان لڌيل هڪ ٽامي جي پليٽ تي هڪ لکت موجب کيس سن 812ع تائين هن نالي سان سڏيو ويو آهي. (894) سوراشٽريه راجائن جي ذڪر ۾ گرجارا جو نالو  ٻه ڀيرا ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ پتو پوي ٿو ته اهو هڪ آزاد هڪ هو. 770ع ڌاران سوراشٽريه جي اندرا نالي هڪ راجا گرجارا جي راجا کي شڪست ڏني هئي. پر پوءِ هن هٿ پير هڻي پنهنجو راڄ وري  ورتو هو. سن 880ع ۾ راجا اندرا جي پٽ گرجارا جي راجا خلاف مالوا جي راجا جي سهائتا ڪئي هئي. هنن بيانن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته گرجارا جو راجا ان دور تائين وڏي طاقت جو مالڪ هو. سندس ملڪ جو نالو سوراشٽريه کان الڳ نظر اچي ٿو ۽ اهو گهراڻو شين سئنگ جي دور 640ع کان پوءِ به ٻه صديون راڄ ڪندو رهيو آهي. هنن ڳالهين مان اهو به پتو پوي ٿو ته گرجارا، مالوا ۽ سوراشٽريه ڀرسان هوندو هو جيڪو فقط راجپوتانا ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي مان شين سئنگ جي بيان منجهان ئي پڪيءَ ريت سڃاڻي ورتو هو.

ستينءَ صديءَ دوران چيو وڃي ٿو ته اتان جو راجا تسا- تي- لو Tsa-Ti-Lo يعني ڪشتريه هو، پر پتو پوي ٿو ته هن کان ٻه صديون اڳ مهارا شٽريه جي اتر ۾ گرجارا گهراڻي جو ڪو راجا راڄ ڪندو هو. ان دور جي هڪ لکت مان ڄاڻ ملي ٿي ته پئٿان Paithan جي ٻالڪيه راجا ۽ گرجارا جي راجا جنهن جي ملڪ جو نالو ڏنل ڪو نه آهي ٻنهي زمين ڏيڻ بابت ڪا لک پڙهه ڪئي هئي. (499) مذڪوره لکتن جو ترجمو پروفيسر ڊائوسن ڪيو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته اهي لکتون وڪرماجيت جي زماني سان واسطو رکن ٿيون. هن دور کي بنا ڪنهن ثابتيءَ جي ڇهين صديءَ کان اڳ واري دور سان ڳنڍيو ويو آهي، تنهن ڪري مٿس ويساهه ڪرڻ کان ڪجهه هٻڪان ٿو. چالڪيه خاندان جي راجا پلاڪيسي Puakesi، آريه ڀٽ ۽ واره مهرا Varaha Mihra قديم لکتن ۾ ساڪا دور جو ذڪر نظر ايندو. پلاڪيسي واري لکت ساڪا سال 411 يا 489ع جي برابر آهي تنهن  ڪري منهنجو ويچار آهي ته چالڪيه گهراڻي جي راجا وجي Vijaya جي شروعاتي زماني سان لاڳاپيل ساڪا سال 394ع واري لکت به ساڳئي دور سان لاڳاپيل سمجهڻ گهرجي. گرجارا جي راجائن جون سهيوڳي لکتون جيڪي ساڪا سال 380هه ۽ 385ع سان واسطو رکن ٿيون تن جو ضرور عيسوي پنجين صديـءَ جي وچ سان لاڳاپو هجڻ کپي. ٽامي جي پليٽن تي اهي سڀئي لکتون احمد آباد ڀرسان کئدرا Khaidra جي ماڳ تان هٿ لڳيون آهن. گرجارا راجا جي پهرين لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته راجا انهن برهمڻن کي زمين جا ڪي ٽڪرا عطا ڪيا آهن جيڪي جمبوسار Jambushapa شهر کي ڇڏي اچي هڪ ڳوٺ سريشپا دراڪا Sirishapa Draka   ۾ آباد ٿيا هئا جيڪو اڪرور سوار Akrureswara جي علائقي ۾ شامل هو. پنج سال پوءِ   سان لاڳاپيل وري ٻي لپڙهه آهي جنهن ۾ ذڪر آهي ته جن برهمڻن کي زمين ڏني وئي تن کي وري جمبوسوار ۾ رهڻو پوندو. ساڳئي ريت چالڪيهب لک پڙهه ۾ (جيڪا نو سال پوءِ جي آهي) اها ڳالهه لکيل آهي ته مذڪوره برهمڻ حقيقي طور جمبوسار ۾ ئي رهندا هئا. مون کي پڪ آهي ته هيءُ کنڀات ۽ بڙوچ جي وچ وارو شهر جمبوسار  Jambosir آهي. اهو شهر مهاراشٽريه جي چالڪيه راجا جي راڄ ۾ هو. گرجارا راجا جو ملڪ کنڀات کان اتر طرف هوندو، جيڪو راجپوتانا ٿي سگهي ٿو. جنهن کي مان شين سئنگ جي احوال ۽ ٻين شاهدين جي آڌار تي اها ئي جاگرارفيائي بيهڪ ڏني آهي.

 ولڀادرا مابلڀي

مشهور شهر بلڀيءَ جو ٿرڙ گجرات اپٻيٽ جي اوڀر پاسي ڀون نگر جي ڀرسان آهي، جن مان ٽاد Tad کي پنجين صدي عيسويءَ سان لاڳاپيل هڪ لکت ميل آهي جنهن ۾ هن کي ولڀادرا Valabhadra جو نهايت سهڻو ملڪ ڪري لکيو ويو آهي (500) پر ڏيهي تاريخن ۽ ماڻهن جي روايتن ۾ هن شهر جو نالو بلڀي آهي. شين سئنگ واري زماني ۾ به هن شهر کي بلڀيءَ نالي سان سڏيو ويندو هو. پنهنجي سفر نامي ۾ هن کي فا-لا-پي يعني بلڀي ڪري لکيو آهي. قديم زماني ۾ گجرات واري اپٻيٽ کي سوراشٽريه ڪري ڪوٺيو ويندو هو. مهاڀارت ۽ پراڻن ۾ سندس اهو نالو آهي. ٽالمي هن جو نالو سوار شٽريني Surashtrene لکيو آهي پر پيلس جي مصنف به اهو ساڳيو ڪتب آندو آهي. پلينيءَ هتان جي رهواسين کي سؤراٽراٽاءِ Suarataratae يا وراٽاٽاءِ Varatatae  جي بگڙيل هجي ۾ لکيو آهي. ملڪ جي نالي جي تبديليءَ جو اشارو اسان کي ساڪا سال 734 ۽ 812ع جي هڪ لکت ۾ نظر اچي ٿو، جنهن جو واسطو راجا ڪارڪا Karka  جي دور سان آهي جنهن جي ابي ڏاڏي گووندا Govinda  کي سوراشٽڙيه ملڪ جي راجائن جو وڙ سمجهيو ويندو آهي. جڏهن هن شهر جو زوال آيو ته ملڪ به ڄڻ سوراج وڃائي (1-5) ويٺو. ڪارڪا راجا جي پيءُ جو نالو لاٽيس وار Lateswara هو، جنهن جي نالي مان ئي پتو پوي ٿو ته  اهو بلڀي جو راجا هو. شين سئنگ به ٻڌائي ٿو ته بلڀي کي پي-لو-لو يا اتريون لار Lara  به سڏيو ويندو هو. جنهن جو سنسڪرت ۾ عام اچار لاٽ Lata  آهي، پر جيئن ته ڪارڪا گورندا جي پيڙهي مان پنجون راجا هو تنهن ڪري اهو ممڪن ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي ته سندس زماني ۾ هن گهراڻي جو پراڻو نالو سوراجيه يا سوراشٽريه هن علائقي تي پئجي ويو هوندو. مذڪوره علائقي تي اهو نالو ستينءَ صديءَ جي وچ ڌاران پيو هوندو ته ڪئت ناهي. هن سڄيءَ ڄاڻ جو جيڪڏهن ڀيٽوار مطالعو ڪبو به ته معلوم ٿيندو ته هن علائقي جو سوراشٽريه وارو قديم نالو سن 319ع ڌاران ختم ٿي ويو آهي. ان سمي ڌاران ساه Sah گهراڻي جي حڪمرفاني ختم ٿي وئي هئي ۽ ان جي جاءِ ولڀا Vallabhas  گهراڻي جو راڄ شروع ٿي چڪو هو ۽ راڄڌاني جيڪا اڳي جهونا ڳڙهه هئي سا ڦيرائي ولڀي ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ابوريحان جي بيان مطابق جڏهن سن 319ع ۾ بلڀي دور شروع ٿيو ته گپتا گهراڻي جو زوال اچي ويو جنهن جا گجرات واري علائقي مان سڪا تمام گهڻا هٿ لڳا آهن، تنهن ڪري 319ع واري سال کي بلڀي راڄ جي قيام جو سال سمجهڻ گهرجي ۽ ان ئي دور ۾ بلڀي شهر جي پيڙهه جو پٿر به رکيو ويو هو.

ڏيهي تاريخن ۾ ماڻهن جي روايتن مطابق بلڀي جي تباهي سهوت سال 570 ۾ ٿي جيڪو عيسوي سن 523 ٿئي ٿو. اهو وڪرمي سن مطابق آهي، پر جيڪڏهن ساڪا سال موجب حساب ڪبو ته عيسوي سن 658 ٿيندو. ڪرنل ٽاڊ جو بيان ڪيل ايڳون سن پڌرو آهي. شين سئنگ بلڀي ۾ سن 640ع ۾ آيو هو جيڪو ساڪا واري سال سان سمنک لڳي ٿو. جيڪڏهن هي بيان صحيح آهي ته  بڙدا مان لڌيل ٽامي جي پليٽ واري راجا گووندا پنهنجي گهراڻي جي حڪمت ۽ پنهنجي ملڪ جي سرشٽريه نالي کي ٻيهر قائم ڪيو هو. جيئن ته هيءَ راجا ڪارڪا جي ڏاڏي جو پڙڏاڏو هو. جنهن جو راڄ  812ع تائين قائم هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هو راڄگديءَ تي ستين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ ويٺو هوندو يعني 650 کان 775 جي وچ ڌاران ۽ اهو ئي دور 658ع واري سال  سان کائي ٿو، جيڪو ڏيهي تاريخن ۽ ماڻهن جي روايتن مطابق بلڀي جي تباهي ۽ گجرات ۾ بلڀي گهراڻي جي راچ جي انت جو سال آهي.

بلڀي مان نڪرڻ کان هڪ صدي کن پوءِ بلڀي گهراڻي جي هڪ سرڪردي ماڻهوءَ چتورم پنهنجي نئين راڄ جو بنياد رکيو جنهن جو نالو باپا Bapa يا باپاڪا  Bapaka هو. سندس پٽ گوهيلا Gohila يا گوها دتيا Goha ditya پنهنجي ڪُر کي گوهيوات  Guhiwat يا گاهي لاٽ Gahi lat  جو نئون نالو ڏنو جيڪو اڄ سوڌو هلندو اچي. ساڳي ئي سمي ۾ (502) چاولا گهراڻي جي بن راجا Ban Raja (معنيٰ جهنگل بدراجا( آبو پربت کان ستر ميل ڏکڻ ڏس تي سرسوتي درياه ڪناري آنلوار پتڻ Analwara Pattan  نالي هڪ شهر جو بنياد رکيو هو جيڪو پوءِ اولهه هندستان جي هڪ مشهور شهر جي نالي ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سن 760ع کان ڪجهه ٿورو اڳي گجرات جي پهلوا Pahlava گهراڻي جا راجا ڪرشن ايلاپور جو قلعو تعمير ڪرايو هو. لکت موجب جنهن جي سونهن ديوتائن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو. منجهس هڪ مندر ٺهرائي شو ديوتا جي مورتي رکرائي هئائين، جنهن کي چنڊ جو نشان ڏئي سينگاريو ويو هو. هنن رهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته ايلاپور، سومناٿ وارو مشهور شهر هوندو جيڪو گجرات واري اپٻيٽ جي راجڌاني سان گڏ پٽڻ سومناٿ به سڏيو ويندو هو. هن قديم شهر لاءِ پوسٽنس (503) جو بيان آهي ته ”پٽڻ جو مشهور شهر اڳتي وڌيل ڳچيءَ ڌرتيءَ تي اڏيل هوندو جنهن ۾ بندر جو ڏاکڻو حصو ۽ ويراوال Verawal واري اسپمنڊ واري جوءِ شامل هئي“ مان ايلاپور ۽ ايلوار Elawar  کي هڪ جاءِ سمجهان ٿو. هندستان ۾ نالي جي اهڙيءَ مٽا سٽا جو عام رواج آهي. اهڙيءَ ريت ايلاپورا جو ايلاوار ۽ بدلجي وڃڻ سڀاويڪ لڳي ٿو. پٽڻ سومناٿ شِو ديوتا جي مورتي ڪري گهڻو مشهو هو. ان مورتيءَ جي مٿي تي چنڊ جو نشانو لڳل هوندو هو، تنهن ڪري کيس سومناٿ ڪري سڏيو ويندو هو جنهن جي معنيٰ  آهي چنڊ جو ديوتا. هيءُ نالو شهر جو نه پر مندر جو هوندو هو جنهن کي هاڻي ويرا وال ڪوٺيو ويندو آهي.

اسان کي سومناٿ بابت آڳاٽي ۾ آڳاٽو احوال محمود غزنويءَ جي حلي جي احوال مان ملي ٿو. (504) فرشته جي بيان مطابق سومناٿ جو قلعو هڪ ننڍڙي اپٻيٽ تي ٺاهيل هو جنهن جي ٽن پاسن کان سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائينديون هيون. تنهن زماني ۾ راجا هتي رهندو هو ۽ نهروالا (جيڪو پوءِ بدلجي انهلراڙا ٿي ويو) تڏهن گجرات جو دنگئي شهر هوندو هو. هيءُ احوال ڏيهي تاريخن سان ميل کائي ٿو جن مطابق انهلواڙا جي چاولا گهراڻي جي حڪومت ساڪا سال 998 يا 94ع تائين قائم رهي، ان کان پوءِ ملڪ جو راڄ چالڪيه گهراڻي جي مولا Mula راجا جي هٿ ۾ آيو جيڪو سومناٿ ۽ انهلواڙا جو هڪ سگهارو ۽ ناليرو راجا ٿي گذريو آهي.

محمود غزنويءَ جي حملي کان پوءِ حڪمران گهراڻو سومناٿ کي ڇڏي وڃي انهلواڙا کي راجڌاني بنايو. محمد غوري ۽ سندس جانشين ايبڪ (505) جي زماني ۾ گجرات جي راجڌاني انهلواڙا ۾ قائم هئي ۽ 697هه يا 1297ع تائين به رهندي آئي. ان زماني ۾ علاؤالدين محمد خلجيءَ گجرات تي حملو ڪيو هو، جنهن نهروالا يا انهلڙاواڙا کي فتح ڪري دهلي سلطنت سان ملائي ڇڏيو.

هن سڄي مٽا سٽا واري سمي دوران فرشته هن ساري اپٻيٽ جهڙي علائقي کي موجوده نالي جيان گجرات سڏي ٿو. ابوريحان هن نالي جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي توڙي هن انهلواڙ ۽ سومناٿ جو نالو به لکيو آهي. گجرات جو پهريون ڀيرو نالو اسان کي رشيد الدين جي مجمل التواريخ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن پنهنجي تصنيف 1310ع ۾ لکي پوري ڪئي هئي، يعني مسلمان بادشاهه جي گجرت فتح ڪرڻ کان تيرهن سال پوءِ مان اڳي ئي احوال اوري آيو آهيان ته شين سئنگ واري دور ۾ فقط اولهه راجستان کي گجرت جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ جڏهن ليٽسوار جي راجا ڪارڪا سن 812ع ۾ زمين عطا ڪرڻ واري لک پڙهه ڪرائي هئي ته ان وقت تائين به اهو سوراسٽر جو هڪ علائقو هو. هن دور ۾ 1310ع ۾ پنجن صدين جو فرق آهي.  هن علائقي تي گجرات نالي پوڻ جو قوي امڪان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته دهليءَ جي حڪمرانن قنوج ۽ اجمير کي فتح ڪري دهلي سلطنت سان ملائي ڇڏيو ۽ مسلمانن اتر راجپوتانا ۽ گنگا ماٿريءَ جي مٿئين پاسي جي راٺوڙن ۽ چهواڻن کي ڏکڻ طرف ڌڪي ڇڏيو. اسان کي معلوم آهي ته سموت 1283 يا 1226ع تائين راٺور پالي Pali کان ٻامڙ تائين آباد هئا. راٺوڙن جي هن علائقي جي ولار ڪري گوجر ڪُر جا ماڻهو پنهنجا قديم اباڻو ديس ڇڏي ڏکڻ انهلواڙا، پٽڻ ۽ ايدر وڃي آباد ٿيا هوندا. حقيقت اها آهي ته راٺوڙن ماروڙا مان گوهيلن کي ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪي لڏپلاڻ ڪري هن اپٻيٽ جي اوڀارئين پاسي وڃي آباد ٿيا هئا. معلوم ائين ٿيندو ته هن علائقي تي گجرات نالو گوهيلواڙن جي ڪري پيو آهي. اڪبر جي دور تائين گوجر ڪُر جا ماڻهو هن علائقي جي اندرينءَ ايراضي تائين ڪو نه پهتا هئا ڇاڪاڻ ته ابوالفضل سورت سرڪار جي مختلف قبيلن جو ذڪر ڪيو آهي پر اتي گوجرن جو بيان ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو، تنهن ڪري هن وڏي صوبي تي گجرات نالي پوڻ جو ڪو ٻيو سبب جاچڻ گهرجي، جنهن کي هنن پوريءَ ريت والاريو به ڪو نه آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org