29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:26   

شين سئنگ جي اچڻ واري زماني ۾ قنوج راجا هرش ورڌن Harsh Vardhana هو جيڪو اتر هندستان جي نهايت سگهارو حڪمران هو. چيني ياتريءَ کيس في-شي Fei-She يا وئسا Vasisa سڏي ٿو. امڪان آهي ته هن کيس وئس بئس راجپوت بدران وئس بئس هندو سمجهيو هوندو. جن جو ڌنڌو واپار ڪرڻ آهي. جيڪڏهن هو وئس راجپوت نه هجي ها ته مالوا ۽ بلڀي حڪمران ساڻس مٽي مائٽي نه ڪن ها. بئس راجپوتن جو ملڪ بسئوار Baiswara لکنئو کان کارا ماڻڪ پور Khara Manak Pur  تائين پکڙيل آهي. اهڙيءَ ريت سارو ڏکڻ ائوڌ سندن حڪمرانيءَ ۾ شامل سمجهڻ گهرجي.

بئس راجپوتن جي دعويٰ آهي ته اهي مشهور راجا ساليواهن Salivahan جي ڦريءَ سان واسطو رکن ٿا، جيڪو ڪنهن زماني ۾ گنگا نديءَ جي ڪناري تي واقع ڊانڊيا-کير Daundia Khera جو راجا هوندو هو. قنوج جي ويجهڙائي ڪري ۽ پنهنجي ابي ڏاڏي جي ناتي سان هن گنگا دوآبي جي سڄي علائقي تي پنهنجي دعويٰ ڪئي، جيڪو دهليءَ کان وٺي الهه آباد تائين پکڙيل نظر ايندو، پر هنن جي شجري جون فهرستون بلڪل اڻپوريون آهن. ٿي سگهي ٿو ته اهي غلط به هجن، تنهن ڪري سندن شجري موجب خاندان جو ڪو به ماڻهو راجا هرش ورڌن جي گهراڻي سان پاڻ کي ڳنڍي ڪو نه سگهندو.

مان راجا هرش جي راڄ کي 670ع ۽ 650ع جي وچ تي سمجهان ٿو. مان سندس دور کي هيـٺين شاهدين جي آڌار تي قائم ڪيو آهي: شين سئنگ هن جو بيان ڪيو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته سندس مرتيو 650ع ڌاران ٿيو هوندو. (569) ٻڻي شاهدي به سندس اهو بيان آهي ته راجا هرش راجگاديءَ تي ويهڻ سان ساڍن پنجن سالن تائين لڳاتار جنگ ڪندو رهيو ۽ ان کان پوءِ ٽيهن سالن تائين امن امان سان راڄ ڪيائين. هن چيني ياتريءَ ساڳيو بيان چين ورڻ وقت ب ورجايو آهي. سندس چوڻ آهي ته اهڙي ڄاڻ کيس پاڻ راجا ڏني هئي ته مان ٽيهن سالن کان به مٿي حڪومت ڪئي آهي. راجا کيس وڌيڪ ٻڌايو ته هو هر پنجين سال سڀا Assembly ڪوٺائيندو آهي ۽ اهڙيون ڇهه سڀائون سڏائي چڪو آهي. سين سئنگ جي مختلف بيانن مان پتو پوي ٿو ته هو چين سن 640ع ڌاران موٽيو هو. سندس بيان موجب راجا هرش ٽيهن سالن کان مٿي ۽ پنجٽيهن سالن کان گهٽ راڄ ڪيو هو ۽ هڪ اندازي مطابق 510ع کان 605ع جي وچ ڌاران راڄگاديءَ تي ويٺو هوندو. ٽين ڳالهه اها آهي ته سن 607ع ڌاران هرش جي سن جي شروعات ٿي هئي. ابوريحان جي حوالي سان پتو پوي ٿو ته مٿرا ۽ قنوج وارن علائقن ۾ يارهين صديءَ جي شروعات واري زماني تائين راجا هرش واري سنن ڳڻڻ جو رواج هو. (570) هنن حقيقتن مان هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته راجا هرش جنهن سن 607ع ۾ قنوج ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو سو قنوج جو مهاراجا هرش ورڌن هو، جنهن مذڪوره علائقي تي ستين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪومت ڪئي هئي.

جيڪڏهن قديم قنوج بابت شين سئنگ جي بياننن ۾ قنوج مان لڌل شين کي ڀيٽائي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته نهايت افسوس سان چوڻو پوندو ته مان يقين سان ڪو به ماڳ سڃاڻي ڪو نه سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مسلمانن هندن هر اهڃاڻ کي ڊاهي ناس ڪري سڃاڻ کان ئي پري ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن جي روايت مطابق هيءُ قديم شهر راڄگهاٽ ڀرسان  حاجي هرمين Haji Harmayan جي درگاهه کان وٺي ڏکڻ ميران ڪاسراءِ Miran Ka Sarai تائين پورن ٽن ميلن تائين پکڙيل هوندو هو. اولهه طرف ڪپتيه Kaptya  مرڪند نگر Makrand Nagar آباد هو. هي ٻئي ڳوٺ حاجي هرمين جي درگاهه کان ٽي ميل پري آهن. اوڀر پاسي کان هن شهر جي حد گنگا جي پراڻي پيٽ تائين آهي، جنهن کي هتان جا ماڻهو ڇوٽي گنگا سڏيندا آهن. نقشي ۾ هن کي ڪالي ندي ڏيکاريو ويو آهي. ماڻهن جو بيان آهي ته ڪنهن زماني ۾ ڪالي يا ڪالي ندري ندي سنگي رامپور Sangi rampur يا سنگرامپور Sangrampur جي ڀرسان وڃي گنگا سان ملندي هئي. پر سوين سال اڳ گنگا هن ماڳ وٽان الهندو رخ اختيار ڪيو هو ۽ ڪالي نديءَ جو پاڻي ان جيو پراڻو پيٽ ڏئي وهندو هو. اهو پراڻو پيٽ سنگرامپور ۽ ڪالي نديءَ جي وچ تي اڄ به موجود آهي. مان هن ويچار جو آهيان ته هن معاملي ۾ ماڻهن جو عام خيال آهي صحيح آهي ته پاڻيءَ جو اهو وهڪرو جيڪو سنگرارام پور کان ميندي گهاٽ Mhandi Ghat ڏانهن ويندي قنوج وٽان گذرندو آهي تنهن ۾ فقط ڪالي ندي جو پاڻي هوندو آهي، پر ان پراڻي پيٽ ۾ ڪڏهن گنگا جو مکيه وهڪرو گذرندو هو. فاهيان ۽ شين سئنگ جي سفرنامي جا حوالا ٻڌائن ٿا ته قنوج جو شهر گنگا جي ڪناري تي هوندو هو. سندس اهڙن بيانن جي تصديق نه رڳو ماڻهن جي روايتن وسيلي ٿئي ٿي پر گنگا جو پراڻو پيٽ به ساڳي شاهدي ڏئي ٿو جنهن کي هتان جا ماڻهو ڇوٽي گنگا سڏيندا آهن.

قنوج جو موجوده شهر پراڻن ماڳن جي اترئين ڇيڙي وٽ تعمير ٿيل  ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ قلعي واري جوءِ به شامل آهي. هاڻي سندس حدون هن ريت آهن: اتر پاسي کان حاجي هرمين جي درگاهه، ڏکڻ اولهه کان تاج با Taj Baj جو مقبرو ۽ ڏکڻ-اوڀر کان مخدوم جهانيان جو مقبرو ۽ مسجد. گهر به ڇڊا پاڊا نظر ايندا. اهڙيءَ ريت قلعي اندر به گهرن جو انگ ٿورو آهي. شهر جي آبادي همچورس ميل ڏسڻ ۾ ايندي پر آدمشماري 16000 کان وڌيڪ ڪانه ٿيندي. مذڪوره قلعو گهڻي مٿاهينءَ تي اڏيل آهي ۽ سندس شڪل صورت ٽڪنڊي آهي. سندس اترينءَ ڪنڊ تي حاجي هرمين جي درگاهه، ڏکڻ-اولهه کان اجيه پال جو مندر ۽ ڏکڻ-اوڀر واريءَ ڪنڊ کان هڪ وڏو برج آهي جنهن کي ڪسيم ڪالي برج Kshem Kali Burj سڏيو ويندو آهي. هر هڪ پاسي جي ڊيگهه 4000 فوٽ ٿيندي. هن جي اتر-اولهه واري پاسي کان هڪ اونهون گهارو آهي، جيڪو سندس گهڻو بچاءُ ڪندو آهي. اتر-اوڀر واري پاسي کان ڇوٽا گنگا آهي. ڏکڻ  واري پاسي کان کيس کاهيءَ جو بچاءُ هوندو، جيڪو هاڻي شهر جي اچ وڃ لاءِ مکيه رستو بڻجي پيو آهي. جيڪو اجيه پال مندر ڀرسان پُل وٽان شروع ٿي ڪشيم ڪالي برج وٽ اچي دنگ ڪري ٿو. اوڀر-اتر واري پاسي وڏو دڙو اٿس، جيڪو نديءَ واري هيٺاهين پاسي کان 60 يا 70 فوٽ اتاهون ٿيندو. گهاري واري پاسي کان ان جي اوچائي 40 يا 50 فوٽ ٿيندي. البت ڏکڻ ڏس کان اجيه پال مندر کان هيٺان سندس اوچائي 30 فوٽن کان مٿي ڪانه ٿيندي. پر بالا پير وٽان 40 فوٽ اتاهون ٿيندو. فوجي نقطه نگاهه کان هن شهر جي بيهڪ تمام اهم آهي. توبن جي استعمال کان اڳ قنوج جو قلعو ضرور بي انتها سگهارو هوندو. ماڻهو چون ٿا ته هن قلعي کي ٻه ڦاٽڪ هوندا هئا. جن مان هڪ اتر پاسي حاجي هرمين جي درگاهه وٽان ۽ ٻيو ڏکڻ –اوڀر طرف ڪشيم ڪالي برج ڀرسان هوندو هو، پر اهي ٻئي ڦاٽڪ درياهه ڏانهن کلندا هئا، تنهن ڪري اها پڪ ٿئي ٿي ته هڪ ڦاٽڪ اهڙو هوندو، جيڪو خشڪيءَ ڏانهن به کلندو هوندو ۽ اهو ڏکڻ-اولهه واري پاسي ڏانهن هوندو. قلعي جي بيهڪ موجب ان کي گهڻو ڪري اجيه پال مندر ويجهو ۽ رنگ محل جي ڀتين هيٺان هجڻ گهرجي.

پراڻين روايتن مطابق قديم شهر ۾ 74 محلا هوندا هئا. 25 محلا ته موجوده شهر ۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موجوده دور جو شهر مني ميل تي پکڙيل آهي ۽ منجهس 25 محلا آهن ته قديم شهر جيڪو 84 محلن تي مشتمل هوندو، سو ضرور اڍائي همچورس ميلن ۾ پکڙيل هوندو. شين سئنگ به هن شهر جي ساڳي ماپ ٻڌائي آهي. سندس بيان آهي ته هن شهر جي ڊيگهه 20 لي يا ساڍا ٽي ميل ۽ ويڪر منو ميل هئي. جيڪڏهن هنن ٻنهي ماپن کي پاڻ ضرب ڪجي ته جواب اڍائي همچورس ميل ٿيندو. پراڻا ماڳ به پکيڙ ۾ هن ٻڌايل ماپ جيترا ٿيندا ۽ پراڻا سڪا به انهن پراڻن پڊن تان لڌا ويا آهن جن جي قنوج ڪا ڪمي ڪانه آهي. واپارين جو چوڻ آهي ته سڪا قلعي اندر بالا پير ۽ رنگ محل واري ٿاڪ، قلعي جي ڏکڻ-اوڀر پاسي مخدوم جهانيان وٽان سڻڪ تي واقع مرند نگر وٽان ۽ ٻن ڳوٺن سنگهه ڀواني Singh Bhawani ۽ ڪٽلپور Kutlupur جي ماڳن تان جام لڀندا آهن. راجگير Rajgir نالي هڪ دڙو آهي، جيڪو قنوج کان ٽي ميل ڏکڻ-اوڀر ٿيندو، جتان ٻن ماڳن جي ڀيٽ ۾ سڪا تمام گهڻا لڌا ويا آهن. انهن سڀني ڳالهين تي جيڪڏهن ويچاربو ته اهو معلوم ٿيندو ته جنهن قديم شهر جو شين سئنگ ذڪر ڪيو آهي، سو حاجي هرمين ۽ ڪشيم ڪالي برج کان وٺي گنگا (جنهن کي هاڻي ڇوٽي گنگا سڏيو ويندو آهي) جي ڪناري ڏکڻ-اوڀر طرف هلي سڻڪ تي واقع مڪرند نگر سان وڃي دنگ ڪندو، جنهن جي ڊيگهه ٽي ميل ۽ ويڪر هڪ ميل آهي. ڪٿي ٿوري گهٽ به هئي. ٿرڙ به انهن حدن اندر ڏسڻ ۾ ايندو، جتي ڪڏهن قنوج جو مشهور شهر آباد هوندو.

ايوٽو Ayuto

قنوج کان نڪري ٻنهي چيني ياترين ڌار ڌار سڻڪون ورتيون آهن۔ فا-هيان هتان کان سڌو-چي Sha-Chi (گهاگهرا درياهه ڪناري فيض آباد ڀرسان اجوڌيا جو ماڳ) ڏانهن روانو ٿيو هو. شين سئنگ گنگا جو ڪنارو وٺي پرياڳ Prayag يا الهه آباد اسهيو هو. پر ٻنهي سيلانين جي پهرين منزل هڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. فا-هيان جو پنهنجي چرپر بابت احوال هن ريت آهي ته هو گنگا اڪري هولي Holi نالي هڪ ٻيلي کان ٽي يوجنا يا 21 ميل ڏکڻ پنڌ ڪري هڪ اهڙي ماڳ تي پهتو، جتي ڪيتريون ئي اسٽوپائون تعمير ٿيل ڏسڻ ۾ آيون ٿي، جيڪي انهن ٿاڪن تي اڏيل هيون، جتي مهاتما گوتم رهيو، ويٺو يا گهميو هو، (571) شين سئنگ جو بيان آهي ته هو 1000 لي يا 17 ميل پنڌ ڪري هڪ شهر انوا-ڪولا Nava-deva-Kula پهتو، جيڪو گنگا جي اوڀر ڪناري سان آباد هو. اتان کان هو ڏکڻ اوڀر طرف هڪ ميل سفر ڪري اشوڪ جي تعمير ڪرايل اسٽوپا وٽ پهتو هو، جنهن جي اوچائي هڪ سؤ فوٽ هئي. هن کان سواءِ ٻڌ ڌرم جي مشهور چئن بزرگن جا نالا به اتي يادگار هئا. (572) منهنجو ويچار آهي ته اهي ٻئي ٿاڪ هڪ ئي ماڳ آهن، جيڪو نوبت گنج Nobat ganj  جي ويجهو ۽ اسن ندي Isan river جي سنگم کان مٿان تنمائو گهاٽ Nanmow ghat جي سامهون واقع هو. پر مذڪوره ٿاڪ جي اوسي پاسي اهڙا يادگار نظر ڪو نه ايندا. انومان ٿئي ٿو ته گنگا ان کي پائي کڻي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ندي جي سنگم کان هيٺان گنگا جا ڪنارا ۽ اوسا پاسا ووڙي ولاڙي چڱيءَ پر ڏٺا آهن. ڪنهن زماني ۾ ننمائو کان گنگا جو گهڻن ميلن تائين وهڪرو ڏکڻ هوندو هو پر ٻه ٽي سؤ سال ٿيندا جو اهو هڪرو بدلجي ويو آهي. پهرئين مرحلي ۾ اهو وهڪرو ڏکڻ-اوڀر چار پنج ميل هليو، پوءِ ڏکڻ –اولهه ڏانهن لڙي ويو ۽ ايترو ئي فاصلو هلي پنهنجي پراڻي پيٽ ۾ وهڻ لڳو. ان ڪري ٻنهي وهڪرن جي وچ تي ڇهه ميل ڊگهو ۽ چار ميل ويڪرو هڪ پيٽ بڻجي پيو هو. شين سئنگ نوا-ديوا-ڪولا کي انهيءَ پيٽ ۾ موجود ٻڌائي ٿو. مان ويچار ڪري هن نتيجي تي پهتو آهيان ته شهر ۾ ٻڌن جا آثار گنگا درياه پنهنجي وهڪري بدلائڻ دوران وهائي کڻي ويو آهي.

هن ٿوري پنڌ ۾ غلطي ان ڪري ٿي آهي جو فاصلو ڪوهن بدران يوجنا ۾ لکيو ويو آهي، نه ته جيڪر پنڌ پؤڻ تي وڌيڪ لکيو وڃي ها. جيڪڏهن نوا-دويا-ڪولا جي فاصلي ۾ اهڙي ساڳي غلطي ڪئي وڃي ها ته فاصلو 17 ميلن بدران 25 لي يا 4 ميلن کان ٿورو وڌيڪ ٿئي ها. قنوج کان ڏکڻ-اوڀر پاسي چئن ميلن جي پنڌ تي ڇوٽا گنگا جي ڪناري ديو ڪالي Deokali نالي هڪ مشهور ماڳ آهي، جيڪڏهن اسان هن نالي مان پهريان ٻه پد ”نوا“ ڪڍنداسون ته هن ماڳ جو نالو اهو ساڳيو بيهندو، جيڪو چيني ياتري لکيو آهي. شين سئنگ نوا-ديوا-ڪولا کان نڪري 600 لي يا 100 ميل ڏکڻ هو، جنهن جو گهيرو 20 لي يا ٽن ميلن کان ڪجهه وڌيڪ هو. ايم. جولين ۽ ايم. ڊي سئنٽ مارٽن ٻئي هن ماڳ کي ايوڌا سمجهن ٿا، جيڪو ڪنهن زماني ۾ شري رام چندر جي راجڌاني هو. مان ان لفـظ جي امڪاني پڙهڻي ايوڌا مڃان ٿو، پر هن ڪري ساڻن سهمت نه آهيان، جو اهو ماڳ گهاگرا جي ڪناري ۽ قنوج کان سر اوڀر پاسي آهي. ليڪن شين سئنگ جي بيان مطابق هن پنهنجو  سفر ڏکڻ-اوڀر طرف ڪيو آهي. اهو به امڪان آهي ته هن سيلاني وڏي درياهه لاءِ گنگا جو نالو ڪتب آندو آهي. جهڙيءَ ريت اسان گهاگهرا لاءِ ڏسون ٿا. پر هن معاملي ۾ چيني ياتريءَ ڏکڻ-اوڀر طرف جو خاص ذڪر ڪيو آهي، جيڪو گنگا درياهه جي وهڪري سان ٺهڪي اچي ٿو ۽ پڪ ٿئي ٿي ته اهو وهڪرو گنگا جو هو ۽ شين سئنگ جو مطلب به اهو هو، پر گنگا ڪناري سان ٻن مشهور قنوج ۽ پرياڳ جي وچ ۾ ايترو ڊگهو سفر به ڏکيائي پيدا ڪري وجهي ٿو. هن ياتريءَ جي بيان موجب هو پهريائين 100 لي پنڌ ڪري نوا-ديوا-ڪولا پهتو، بعد ۾ 600 لي پنڌ ڪري ايوٽو رسيو، اتان 300 لي ٻيڙين وسيلي سفر ڪري هيه مکه Haya Mukha پهتو ۽ آخر ۾ 700 لي پنڌ ڪري پرياگ ڀيڙو ٿئي ٿو. هن فاصلي جو ڪل جوڙ 1700 لي يا  283 ميل بيهي ٿو، جيڪو اصلي فاصلي کان 600 لي يا هڪ سؤ ميل وڌي وڃي ٿو. پر هن فاصلي مان 300 لي يا 50 ميل پاڻي رستي سفر ڪيو ويو هو. ويچاري ڏسبو ته اصلي وڌيل سفر به 85 يا 90 ميل ٿيندو. اها ڳالهه به شڪ کان خالي نه آهي ته اهو 300 لي وارو سفر پاڻي سان نه پر سڻڪ سان لاڳاپيل هجي. اسان کي هتي فقط اهو سمجهڻ گهرجي ته شين سئنگ جيڪو سفر ٻ ڌايو آهي، تنهن ۾ هڪ سؤ ميل وڌيڪ لکجي ويو آهي. هن غلطيءَ کي هن ريت دور ڪري سگهجي ٿو ته چيني ياتريءَ، لکڻ هڪڙا انگ اکر چاهيا هوندا. پر کانئس لکجي وري ٻيا ويا هوندا يعني 60 لي يا 90 ميلن جو فرق  ۽ ٻي غلطيءَ موجب 630 لي يا 106 ميلن جو فرق ٿئي ٿو. جيڪڏهن شين سئنگ جي فاصلي کي هن ريت صحيح ڪبو ته قنوج ۽ پرياڳ جي وچ ۾ فاصلو 180 ميل ٿئي ٿو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ اهو ئي حقيقي فاصلو آهي.

اهڙيءَ ريت پهرئين مفروضي مطابق هو ياتري نوا-ديوا-ڪولا کان ايوٽو ڏانهن سفر ڪندي 60 لي يا 10 ميل ڏکڻ-اوڀر پنڌ ڪري ڪاڪوپور Kakupur نالي هڪ قديم ماڳ وٽ پهتو هوندو جيڪو سوراجپور Seoraj Poor کان هڪ ميل اتر ۽ ڪانپور Cawnpur کان ويهه ميل اتر-اولهه آهي. اتان ڪاڪوپور کان ڊانڊيا-کير تائين ٻيڙيءَ وسيلي سفر ڪيو هوندائين، جيڪو 300 لي يا 50 ميل هوندو. شين سئنگ اهو فاصلو 700 لي يا 116 ميل ٻڌائي ٿو، جيڪو صحيه آهي. ٻئي مفروضي مطابق هن ياتريءَ پوئين حصي وارو سفر کارا Hkara کان پاپا مائو Papamow تائين پاڻيءَ وسيلي 50 ميل ڪيو هوندو ۽ اتان کان پرياڳ فقط 8 ميل خشڪي رستي آهي. جيڪو 70 لي برابر ٿيندو. هيءَ حقيقت پوئين مفروضي جي پٺڀرائي ڪري ٿي ته کارا کان پاپا مائو اوڀر-ڏکڻ طرف آهي. ڪاڪوپور کان بانڊيا-کير ڏکڻ-اوڀر پاسي ٿيندي، جنهن مان ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهو طرف شين سئنگ جي بيان ڪيل سفر جي طرف سان هڪ جهڙائي ڪو نه ٿو رکي، جيڪو پنهنجي سفر جو رخ اوڀر طرف ٻڌائي ٿو. مان پهرئين مفروضي کي  صحيح سمجهان ٿو، جنهن ۾ ايوٽو جي مکيه شهر کي ڪاڪوپور جي ٿاڪ وٽان ۽ هميه مکه جي ڊانڊيا کير وٽ سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر آهي ته پويون ماڳ گهني عرصي تائين بئس راجپوتن جي راجڌاني رهندو آيو آهي. مان ڪجهه هن ڳالهه کان به متاثر آهيان ته ڪاڪوپور ٿٻيٽ جي ڪتابن وارو ماڳ باگود Agud يا واگود Vagud نه هجي. (573) هن حوالي موجب اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ساڪيا Sakya گهراڻي جو هڪ ماڻهو شامپڪ Shampaka ڪاپيلا مان ملڪ نيڪالي ملڻ کان پوءِ مهاتما گوتم جا وار مبارڪ ۽ ننهن جا ذرا کڻي اچي باگود ۾ آباد ٿيو هو ۽ انهن جي مٿان چئتيه Chaitya ٺاهي مجاور بڻجي ويهي رهيو هو. ان کان پوءِ کيس باگود جو راجا بنايو ويو. راڄگاديءَ تي ويهڻ واري ويل کان وٺي هن سن ڳڻڻ جي شروعات ڪئي هئي. باگود جي جاگرافيائي بيهڪ جا ڪي به اهڃاڻ ڪو نه ٿا ملن. پر هن کان سواءِ ٻيو اهڙو نالو ڪو نه آهي، جيڪو ساڻس هڪ جهڙائي رکندو هجي. منهنجو خيال آهي ته شين سئنگ وارو ايوٽا يا ايوڌا  اها ئي ساڳي جڳهه آهي. ٻنهي نالن ۾ ساڳيائپ نظر ايندي. ٻنهي ٿاڪن لاءِ اهو چيل آهي ته مهاتما گوتم جا وار ۽ ننهن مبارڪ اتي موجود هئا ۽ اهي هن ماڳ جي سڃاڻ لاءِ سگهار سبب آهن.

قنوج جا ماڻهو ڪاڪوپور کان چڱيءَ ريت واقف آهن. کين پوري ڄاڻ آهي ته ڪنهن زماني ۾ اهو هڪ وڏو شهر هوندو هو. کين پنهنجو راجا ۽ راجڌاني هئي. هيءُ ماڳ بٿور Bitur کان 10 ميل يا 5 ڪوهه اتر-اولهه پاسي آهي. ٻن جڳهن جي وچ تي هيءَ اها مڳهه  آهي. جنهن کي پنج- ڪوسي پترا ئپالارنيه Panj-Kosi bhirar utpatarnya سڏيو ويندو آهي. يعني اٽپلارنيه واري اها جاءِ، جنهن جو پنج ڪوهه گهيرو آهي. ڪاڪوپور وٽ پراڻي قلعي جا اهڃاڻ آهن، جن بابت چيو ويندو آهي ته اهي ڇترپور Chhatr pur نالي هڪ قلعي جا آهن، جنهن جو بنياد اٽڪل نَو سؤ سال اڳ راجا ڇڙپال چانڊيل Chndel رکيو هو. هن شهر ۾ درونا جي پٽ اسواٿاما Aswathama ۽ ڪشيريسوار مهاديو Kshires Wara Mahadeva نالي ٻه مندر آهن، جن تي ساليانو ميلو لڳندو آهي. هن ماڳ لاءِ اهي مختصر احوال ڪافي آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته اڳئين زماني ۾ هيءُ شهر گهڻو اهم سمجهيو ويندو هو. ان سان گڏ اسواٿاما نالي مان پتو پوي ٿو ته هن ماڳ جو مهاڀارت واري دور سان واسطو آهي.

شين سئنگ جي بيان مطابق ايوٽو جو گهيرو 5000 لي يا 833 ميل هو. (574) اهو ايترو ته وڌائي ٻڌايو ويو آهي. جو بنا ڪنهن هٻڪ جي رد ڪري سگهجي ٿو. اسان کي 5000 لي بدران 500 لي يا 83 ميل پڙهڻ گهرجي. انهن انگن اکرن مطابق مذڪوره علائقو ڪاڪوپور ۽ ڪانپور جي وچ واري ايراضيءَ تائين محدود ٿي ويندو. ائين ڪرڻ سان هيه مکه Haya Mukha علائقي جي جاءِ نڪري پوندي.

هيه مکه

ڪجهه وقت ايوٽو ۾ رهن کان پوءِ شين سئنگ ٻيڙي وسيلي گنگا سان 300 لي يا 50 ميل سفر ڪري او-يي-مو-کي O-ye-mu-khi پهتو، جيڪو هن نديءَ جي اترئين ڪٺار سان واقع هو. ايم-جولين هن ٿاڪ جو نالو هيه مکه پڙهيو آهي. (575) جنهن جي معني ”گهوڙ منهون“ پر هن کي آيو مکه Ayomukha به پڙهي سگهجي ٿو، جنهن جي معنيٰ ٿيندي لوهه-منهون Iron-face هن قسم جو نالو قديم دانوَن Danavas جو هوندو هو، جيڪي ڪشيپKashyapa  جي پرجا پتيءَ کي دنو Danu نالي هڪ گهر واريءَ مان ڄاوا هئا. هنن ٻنهي قسمن جي نالن جي نقطه نگاهه کان هن قديم شهر ۾ ڪو  به اهڃاڻ ڪو نه ملندو. پر جيڪڏهن مان ايوٽو کي ڪاڪوپور سمجهڻ ۾ صحيح آهيان ته پوءِ اها پڪ سمجهڻ کپي ته هيه مکه، ڊانڊيا کير آهي، جيڪو گنگا جي اتر ڪناري سان آباد ڏسڻ ۾ ايندو. شين سئنگ هن شهر جو گهيرو 20 لي يا ٽن ميلن کان ڪجهه وڌيڪ ٻڌائي ٿو پر ڊانڊيا-کير جي ايتري وڏي پکيڙ ڪنهن به دور ۾ نظر ڪانه ٿي اچي. هتي قديم قلعي جا اهڃاڻ ڏسجن ٿا جنهن جي ايراضي 385 فوٽ همچورس آهي. منجهس ٻه جايون آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ڪنهن دور جي راجا ۽ راڻيءَ جون آهن. عام طور مشهور ڳالهه اها آهي ته ڊانڊيا-کير بئس راجپوتن جي راجڌاني رهيو آهي، جن ائوڌ جي هڪ علائقي کي بئس وار Baiswara  جو نالو ڏنو هو. اها به پڪ پوي ٿي ته ڪنهن زماني ۾ هن ماڳ جي گهڻي پکيڙ هوندي هئي. ڊونڊيا Dondia يا ڊانڊيا Daundia جي معنيٰ دهلائي  يا دهلاري Drum beater آهي. هن  ٿاڪ تي اهو نالو هن ڪري پيو هوندو جو هڪ دهلاري فقير هن کير يا دڙي تي اچي جهوپڙي جوڙي هوندي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهو نالو تڏهن پيو هوندو، جڏهن اهو وسندڙ شهر ويران ٿي ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ آباد شهر تي دهلاري فقير جو نالو نه ٿو پئجي سگهي. ڌار ڌار نالي ڪري ڊانڊيا کير ۽ هيه مکه جي سڃاڻ ۾ ڪو به مونجهارو ڪو نه ٿو ٿئي.

شين سئنگ جو بيان آهي ته هيه مکه جو گهيرو 2500 لي يا 417 ميل هو، جيڪو منهنجي خيال ۾ تمام گهڻو آهي، پر ڊانڊيا کير ڪنهن زماني ۾ بئس راجپوتن جي راڄڌاني هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سائي ندي Sai river ۽ گنگا جي وچ وارو ڪانپور کان وٺي مانڪپور ۽ سلون Salon تائين بئس وار وارو علائقو ڊانڊيا-کير ۾ شامل هوندو. ان کان پوءِ به هن ساري علائقي جو گهيرو 200 ميل ٿيندو. هن حقيقت مان اها پڪ ٿئي ٿي ته شين سئنگ جي زماني م مذڪوره علائقو گنگا کان ڏکڻ ڏانهن به پکڙيل هوندو. منهنجي ويچار مطابق امڪاني حدون هي ٿي سگهن ٿيون: اتر کان گهاگهرا درياهه ۽ ڏکن کان جمنا هوندي. ٽاڊ به هن ڳالهه جي پٺڀرائي ڪري ٿو. (576) سندس بيان آهي ته بئسوار جو علائقو دوآبي ۾ هڪ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل هو. ان جي هڪ پاسي گنگا ۽ ٻئي طرف جمنا وهندي هئي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org