29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:14   

هن احوال ۽ چيني ياتريءَ جي بيان کي جيڪڏهن ڀيٽائي ڏسبو ته اسان ٻن ماڳن کي سڃاڻڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين. هڪ ته اهو موجوده زماني جو شهر آهي، جيڪو کنڊرن جي وچ تي ميل کن ۾ پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندو. مان هن کي هڪ ٽڪري سمجهان ٿو ۽ چيني ياتريءَ جي بيان سان به سهمت آهي. ماڻهن سربچاءَ خاطر ميداني علائقي کان وڌيڪ هن ٽڪريءَ کي اهميت ڏني ۽ مٿي وڃي پنهنجا جهڳا جوڙيا. ٻيو ماڳ راجا اشوڪ جو ٺهرايل اسٽوپا آهي. جيڪو وچ شهر واريءَ ٻڌ مڙهيءَ کان ميل کن اتر-اولهه طرف ٿيندو. مان سمجهان ٿو ته هيءَ اها اتر-اولهه واري ٽڪري آهي، جنهن کي منڊا-ڪا-پورا سڏيو ويندو هو. ان ٽڪريءَ جي اتر الهندي پاسي واري چوٽي ڪجهه اتاهين آهي جيڪا ٽڪنڊي ڳوٺ جي وچ کان 4000 فوٽ يا منو ميل کن پري آهي. ٽڪري جي اتر ۽ الهندي وارو پاسو گهڻي پنڌ تائين ٺڪرائي ۽ سروٽن سان سٿيو پيو آهي. هن وايو منڊل مان ڀائنجي ٿو ته مذڪوره شهر ٻنهي پاسين پکڙيل هو. هن قديم شهر جي پکيڙ سوا ميل يا ڏيڍ ميل کان وڌيڪ ڪانه ٿيندي، يا ائين کڻي چئجي ته هن شهر جي جيڪا پکيڙ شين سئنگ ٻڌائي آهي تنهن جو اڌ ٿيندي.

ساڪالا Sakala بابت برهمڻن جا حال احوال پروفيسر لئسن Lassan مهاڀارت مان ميڙي چونڊي پنهنجي تصنيف ”پينٽا پوٽاميا انڊيڪا“ (582) Penta Potamia indica ۾ ڏنا آهن. ان تصنيف مطابق ساڪالا Sakala مدرا Madra جي راڄڌاني هوندي هئي. هتان جي رهاڪن کي جرتيڪا Jartika ۽ بهيڪا Bahika سڏيو ويندو هو. هيءُ شهر راويءَ يا اراواتي جي اولهه پاسي هڪ نئن اپاگا Apaga جي ڪنڌيءَ سان آباد هوندو هو. شهر جو لنگهه اوڀر پاسي کان هو. کبڙن جي گهاٽن وڻن وچان لنگهندڙ پيچرا ڏاڍا سهڻا پيا لڳندا هئا. اصلي سٽ هن ريت آهي:

سامي-پيلو ڪريرانم ونيشو سکاوارت ماسو

Sami-pilu kari ranam vaneshi sukla Vartmasu

پنجاب جي هن علائقي ۾ کبڙ جو جهنگگ تمام گهڻو آهي. پرچنا دوآبي ۾ ته رهندو به گهڻو آهي، پر کبڙن وچان لنگهندڙ انهن خوبصورت پيچرن لنگهندي چيني ياتري ڌاڙيلن هٿان پنهنجو سامان ڦرائي ويٺو هو. مهاڀارت جي مٿئين بيان کي شين سئنگ جي 630ع واري لکيل بيان ۾ 1863ع ۾ لکيل منهنجي احوال کي ڀيٽائي ڏٺو ويو. هن ساڪلا مان رواني ٿيڻ وقت اوڀر طرف سفر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کبڙن جي گهاٽي جهنگ مان لنگهيو، جنهن کي هو پو-لو-شي Po-lo-she سڏي ٿو. اتان لنگهندي هن سان گڏ سڀني ماڻهن جو سامان ڌاڙيل ڦري ويا (682). نومبر 1863ع ۾ مان به ساڪلا ۾ اوڀر کان داخل ٿيو هوس ۽ اوڏانهن ويندڙ رستو کبڙن جي گهاٽي جهنگ مان لنگهي رهيو هوس، جيڪو گهڻي ايراضيءَ تي پکڙيل هو. مان پنهنجا تنبو به ٽڪري جي ڪڇ ۾ وڃي هڻايا. رات جو ٽي ڀيرا ڌاڙيل منهنجي تنبوءَ ڀرسان آيا، پر منهنجي ڪتي کين ڊوڙائي ڇڏيو. ايم جولين M.Julien  چيني ياتري جي بيان ڪيل وڻن پو-لو-شي کان سواءِ پالسايا ڌاڪ وڻ Dhak tree جو ذڪمر ڪيو آهي. جيڪو پڻ صحيح آهي. پر شين سئنگ جي اچڻ کان اڳ ۾ ان کان پوءِ به هتي کبڙن جو جهنگ هو، تنهن ڪري آءُ پو-لوشي کي کبڙن جو جهنگ ٿو سمجهان، جيڪو صحيح به آهي. منهنجو اندازو آهي ته چيني ياتريءَ جي زندگيءَ جي احوال جو مرتب، کبڙن جي نالي ۽ جهنگ کان شايد اڻ ڄاڻ هو، تنهن ڪري هن پيلو Pilu جي جاءِ تي پالسا Palasa لکيو آهي. شين سئنگ به کبڙ بدر4ان هر هنڌ پالسا لکيو آهي. هو شايد سمجهي ٿو ته هن ائين ڪري هڪ وڏي غلطي درست ڪري ورتي آهي.

هن علائقي کي مادر-ديس  Madr-Des سڏيو ويندو آهي. يعني اهو علائقو جتي مدرا نيات جا ماڻهو رهندا آهن. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو علائقو بياس کان وٺي جهلم تائين پکڙيل آهي. پر ڪي چون ٿا ته مذڪوره علائقي جي حد جهلم کان فقط چناب تائين آهي. جيتري قدر اپاگا نئن جو تعلق آهي ته مان هن کي اياڪ ندي Ayak Nadi سمجهان ٿو. پاڻيءَ جو هيءُ هڪ ننڍڙو وهڪرو آهي،جيڪو سيالڪوٽ جي اتران ڄمونءَ جي ٽڪرين مان وهي هتي رسندو آهي. سيالڪوٽ کان اياڪ ندي الهنو رخ اختيار ڪري سوڍر Sodhra ڀرسان لنگهي ٿي. مينهوڳيءَ رُت ۾ جڏهن منجهس پاڻي گهڻو ٿي ويندو آهي ته سندس واڌو پاڻي وڃي چناب ۾ پوندو آهي. تنهن کان پوءِ هن جو منهن ڏکڻ-اولهه ٿي ويندو آهي ۽ بنڪا Banka نندن وا Nandanwa مان مٽيندو ڀوتلا Bhutala پهچي ٿو ۽ اسرور جي اوسي پاسي تائين سندس وهڪري جو رخ اهو ساڳيو رهندو آهي. انهن ماڳن وٽ هن جو وهڪرو ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائجي ويندو آهي ۽ سانگلا والاٽٻا جي اڍائي ميل ڏکڻ ۾ اهي ٻئي ڇاڙهون پاڻ ۾ وري ملي وينديون آهن. هن جووهڪرو روينيو کاتي جي نقشن ۾ سانگلا کان 15 ميل ڏيکاريو ويوآهي. ان علائقي ۾ پ اڻيءَ جي هن وهڪري کي ننان وا Nananwa واهه سڏيو آهي. اسرور جي هڪ ڏاهي ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو ته هن ننان-وا واهه جو پيٽ 20 ڪوهه اڳتي ڏکڻ- اولهه وڃي  جاچي ڏٺو آهي. اهو به چيائين ته هن هميشه ماڻهن کان ٻڌو آهي.  منهنجي خيال ۾ پاڻيءَ جو هيءُ اهو وهڪرو آهي، جنهن کي ائرين ”ننڍي نئن “Small rivaler”  سڏيو آهي. هيءُ وهڪرو چناب کان 100 اسٽاڊيا، يا ساڍا 11 ميل اوڀر، جهلم (287) سان سنگم واري جاءِ کان هيٺ آهي. جنهن ڀرسان سڪندر پنهنجي فوجي وانڍ هنئي هئي. تنهن ڪري چئي سگهجي  ٿو ته ان زماني ۾ اياڪ وارو وهڪرو سانگلا کان گهڻو هيٺ رهندو هو ۽ راويءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اسرور جي ماڻهوءَ به مون کي ائين ٻڌايو. هاڻي اسرور ۽ سانگلا جي وچ تي اياڪ وارو وهڪرو سدائين سڪل رهندو آهي. ڪنهن زماني هن وهڪري جو پاڻي اسرور کان 24 ميل مٿي ڍاڪ والا Dhakawala تائين پهچندو هو، جيڪو شاهجهان جي دور تائين هلندو آيو. ان زماني ۾ سندس پٽ دارا شڪوه هتان هڪ واه کوٽائي شيخوپورا جي اوسي پاسي پنهنجي شڪار گاه ڏانهن پاڻي ڪاهي ويو هو. پاڻيءَ جي ان وهڪري کي به اياڪ يا جهيلري Jhilri واه سڏيو ويندو هو.

ساڪلا جي لاءِ جيڪي ٻڌ روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، سي ٻڌ ڌرم جي تاريخ سان لاڳاپيل ٿيون ڏسجن. ماڻهن واتان هتي هڪ ڏند ڪٿا به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته راجا ڪوسا (882) Kusa جي زال پراڀاوتي Prabhavati کي کڻڻ لاءِ ست راجا سگال Sagal ويا هئا. راجا کي خبر پئجي وئي، هو هاٿيءَ تي سوار ٿي شهر جي ٻاهران وڇي سندن سامهون ٿيو ۽ ڏاڍيان رڙ ڪري چيائين ”ڪوسان مان آهيان“ انهن لفظن جو ايڏو پڙاڏو ٿيو جو ساري جڳ ٻڌو. ستن بادشاهن کي ايترو ته ڀوء ٿيو جو ڀڄي هليا ويا. ٿي سگهي ٿو ته هن ڏند ڪٿا جو اشارو ابا-ڪپا Awba-kapa جي ستن ڀائرن ۽ ستن ڀينرن ڏانهن هجي، جيڪو سانگلا کان 40 ميل اوڀر پاسي آهي. عيسوي سن کان اڳ ساگال Sagal  راجا ملندا Milinda جي راڄڌاني هو. هيءُ راجا ناگا سينا (289) Nagasena جي ڏاهي دشمن طور سڀني ٻڌ ملڪن ۾ مشهور آهي، ان جي ملڪ کي يانا Yana يا ياوانا Yavana سڏيو وڃي ٿو، جنهن مان اسان کي اهڃاڻ ملي ٿو ته سندس لاڳاپو يونانين سان يا هند-سٿين سان هو. هن سان گڏ اهو به چيو وڃي ٿو ته ناگا سينا مهاتما ٻڌ کان 400 يا 500 سال پوءِ ٿيو آهي، تنهن ڪري راجا ملندا جي زماني جو پورو پتو پئجي ڪو نه ٿو سگهي. راجا ملندا جو پنهنجو بيان آهي ته هو السادا Al Sadda ۾ ڄائو هو، جيڪو ساگال Sagal  کان 200 يوجنا Yojana يا 1400 ميل پري هو. تنهن ڪري سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته هو ڌاريو هو. فاصلو تمام گهڻو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته سندس ڄمڻ جي جاءِ سڪندر واري اوپياني Opiane آهي، جيڪا ڪابل جي اتر ۾ 40 ميل ۽ هندوڪش جبل جي ڪَڇ ۾ آهي. ٿوري عرصي کانپواءِ ساڪالا Sakala وارو علائقو، مهرڪل Mahir Kul يا Milir Kul جي راڄ سان شامل ٿي ويو. هو مگڌ جي راجا بالادتيہ (Baladitya) سان جنگ ڪري پنهنجو سارو راڄ ڀاڳ وڃائي ويٺو. ٿوري وقت کانپوءِ فاتح راجا کيس آجو ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هن دغا ڪري ڪشمير وارو علائقو هٿ ڪري ورتو. ان کان پوءِ ساڪالا جي باري ۾ 633ع تائين ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. ان زماني ۾ شين سئنگ هتي آيو هو. سندس بيان آهي ته ٽسي-ڪيا هڪ وڏي ملڪ جي راڄڌاني آهي. جيڪو هڪ پاسي کان سنڌوءَ کان وٺي بياس تائين ۽ ٻئي پاسي جبل جي ڪڇ کان وٺي ان جاءِ تائين جتي پنج درياهه پاڻ ۾ ملن ٿا. پکڙيل آهي.

سانگلا بابت معياري حوالا اسان کي ائرين ۽ ڪرٽس ذريعي ملن ٿا. ڪجهه ذڪر وري ڊايو ڊورس وسيلي به ملي ٿو. ڪرٽس جو بيان آهي ته :”هيءُ هڪ وڏو شهر آهي. هن شهر جو بچاءُ نه رڳو قلعو ڪري ٿو، پر پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ جي ڪري به محفوط آهي. اها ڇر تانگهي نه پر اونهي هئي، سڪندر جي حملي دوران هن شهر جي ڪيترن رهواسين هن ڇر  کي جهاڳي اڪرڻ بدران تري پار ڪيو هو. ائرين هن کي ڍنڍ سڏي ٿو. پر اهو به چوي ٿو ته اها ڪا خاص اونهي ڪانه هئي، قلعي جي ڀرپاسي ۾ هئي ۽ قلعي جو هڪ ڦاٽڪ انهيءَ طرف کان لکندو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته شهر قدرتي طور محفوظ جاءِ هئي ۽ ماڻهن به ڪوشش ڪري ان کي وڌيڪ محفوظ بنايو هو. يعني پاڻيءَ سان ڀريل ڍنڍ ڀرسان ۽ سرن جو ٺهيل مضبوط قلعو هو. شهر جي ٻاهران هڪ ننڍي ٽڪري به هئي، جنهن تي ڪاٺيا جي قبيلي گاڏين جون ٽي قطارون بيهاري پنهنجي فوجي وانڍ جو بچاءُ ڪيو هو. اها ٽڪري مان سڃاڻي ورتي آهي، جيڪا اتر-اولهه طرف تي موجود آهي، جنهن کي منڊاپا پور (Mundapa Pur)  سڏيو ويندو آهي. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اها ٽڪري شهر واري قلعي کان ٻاهران هوندي، ڇاڪاڻ ته سروٽا ۽ ٺڪريون گهڻي هنڌ تائين پري ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿيون اچن.

 مان سمجهان ٿو ته ٽڪريءَ واري وانڍ انهن ماڻهن قائم ڪئي هئي، جن يونانين جي خوف کان اوسي پاسي کان لڏي هتي اچي سر بچاءَ ڪيو هوندو. ڇاڪاڻ ته شهر ۾ اڳي ئي ڳتيل آبادي هئي ۽ سندن رهڻ لاءِ وڌيڪ جاءِ ڪانه هوندي، اها ٽڪري ضرور قلعي جي ڪوٽ ڀرسان هوندي. ڇاڪاڻ ته جڏهن يوناني فوج گاڏين جي ٺاهيل ٻي قطار کي ڀڃي ڇڏيو ته هو قلعي جي ڦاٽڪ اڪري اندر هليا ويا ۽ پٺيان ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيائون. تنهن ڪري سمجهن ۾ ائين اچي ٿو ته ٽڪريءَ تي ٽن پاسن کان گاڏين جون قطارون بيهاريون ويون هونديون ۽ چوٿون پاسو کليل ڇڏيو ويو هوندو، جيڪو شهر واري پاسي کان هوندو. اهڙيءَ ريت عارضي طور مذڪوره ٽڪري شهر جو ڄڻ حصو بڻجي ويئي هئي. سوڙهه پوڻ جي حالت ۾ ٽڪريءَ کي موجود ماڻهو قلعي ۾ اندر وڃي پنهنجو سربچاءَ به ڪري پئي سگهيا. بچاءَ خاطر جيڪي گاڏيون ڪتب آنديون ويون هيون، سي سڪندر جي فوج جي قبضي ۾ اچي ويون هيون، تن جو انگ فقط 300 هو. هن صورتحال مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته ٽڪري به ننڍي هوندي. جيڪڏهن في قطار ۾ هڪ سو گاڏي هوندي ۽ في گاڏي ڏهه فوٽ جاءِ والاريا هوندا. اها هڪ هزار فوٽ ماپ ٽڪريءَ جي ٽن پاسن جيتري هوندي. پنجاه فوٽن جي وٿيءَ تي جيڪڏهن گاڏين جي اهڙي ٻي قطار بيهاري وئي هوندي ته ان ٻارهن سو فوٽ جاءِ والاري هوندي. اهڙيءَ ريت گاڏين جي ٽينءَ قطار چوڏهن سو فوٽ والاريا هوندا يا اها ايراضي هڪ ميل جو چوٿين حصي کان ٿورو وڌيڪ به ٿي سگهي ٿي ۽ ايتري ايراضي ”منڊاپا پورا“ ٽڪريءَ جي آهي. مون کي پنهنجي هن سڃاڻ تي گهڻو ڪجهه اعتماد آهي. ڇاڪاڻ ته بعد ۾ ٽالمي به ساڳيءَ ريت ان ڍنڍ جي ڀرسان گاڏين جي هڪ قطار ائين بيهاري ڏٺي هئي، جهڙيءَ ريت سڪندر جي دور ۾ سندس فوج کي روڪڻ لاءِ بيهاري وئي. انهيءَ مقصد سان ته جئين گاڏين جي انهيءَ قطار جي ڊيگهه معلوم ڪري سگهجي ۽ اهو به سمجهي سگهجي ته 17 فوٽ في گاڏيءَ جي حساب سان 300 گاڏيون، 5000 فوٽ کان وڌيڪ جاءِ ته ڪو نه ٿيون والارين. اهڙيءَ ريت جڏهن حسان لڳائن سان ته معلوم ٿيو ته 300 گاڏيون 6000 فوٽ کان به وڌيڪ ڊگهي جاءِ والاري بيٺيون. ان جو ڪارڻ اهو هو ته ڍنڍ جي ڪناري وڻن جو انگ ججهو هو. اهم ڳالهه اها آهي ته منهنجي سروي موجب گاڏين جي ٻاهرينءَ قطار واري ڊيگهه اها ساڳي ۽ بلڪل صحيح هئي. مينهوڳيءَ جي موسم ۾ جڏهن هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندي آهي ته ان جي پکيڙ مٿي ڏنل ماپ مطابق ٿي ويندي آهي. اتي مون کي قلعي چوڌاري کوٽيل کاهيءَ ۾ دمدمي جا ڪي اهڃاڻ ڏسڻ ۾ ڪو نه آيا،ل جن جي چوڌاري فوج ڦيرائي سڪندر شهر تي ڪڙو چاڙهيو هو. پر مان سمجهان ٿو ته گذريل ٻن هزارن سالن ۾ وسندڙ مينهن اهڙا نشان گهڻو وقت اڳيئي ميساري ڇڏيا هوندا.

ڪاٺيا ڪُو جي ماڻهن شهر مان رات جي وڳڙي ۾ ڍنڍ وسيلي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر گاڏين واريءَ رنڊڪ جيڪا هنن پاڻ سڪندر جي حميل کي روڪڻ لاءِ بڻائي هئي. کين به روڪي ڇڏيو. سڪندر جي فوج کي جڏهن سندن ڀڄڻ جي کڙڪ پئجي وئي ته کين ڊوڙائي قلعي اندر ڇڏي آيا. قلعي جي ڀتين کي کاٽ هڻي ڪيرائي قلعي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾  آئرين مطابق ڪاٺيا قبيلي جا 17000 ماڻهو قتل ٿيا ۽ 70000 قيد ڪيا ويا. ڪرٽس جو بيان آهي ته 8000 ماڻهو قتل ٿيا. مان سمجهان ٿو ائرين جا ڏنل انگ اکر غلط آهن. هن اهي انگ اکر ڏنا ئي غلط آهن يا وري وڌاءَ کان ڪم ورتو اٿائين. ڇاڪاڻ ته شهر تمام ننڍڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن 500 يا 400 همچورس فوٽ في ماڻهوءَ کي ڏجن ته هن شهر ۾ وڌ ۾ وڌ 12000 ماڻهو رهي سگهن ٿا. جيڪڏهن سمجهون ٿا اوسي پاسي جي ٻيڻن يا ٽيڻن ماڻهن ڀڄي اچي هتي سر بچاءُ ڪيو هوندو ته پوءِ ماڻهن جو انگ وڌ ۾ وڌ 30000 هجڻ گهرجي. تنهن ڪري مان ائرين جي ڏنل انگ کي 7000 قتل ۽ 17000 قيدي سمجهان ٿو جيڪو مناسب به لڳي ٿو. اهو انگ ڪرٽس جي بيان ۾ ڏنل انگ سان سهمت به آهي ۽ سندس ڏنل انگ اکر ڪجهه ممڪن به لڳن ٿا.

ڪرٽس ۾ ائرين ٻئي موءرخ هن ڳالهه تي متفق آهن، ته سڪندر جهلم پار ڪري پوءَ سانگلاتي ڪاهي ويو هو. تنهن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته سانگلا جو قلعو راويءَ جي اوڀارئين طرف واقع هو. پر شين سئنگ وڌيڪ تفصيل سان ماپون ڏنيون آهن. مهاڀارت جو بيان به نروار نظر اچي ٿو. نالن ۾ ساڳيائپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تنهن ڪري هنن کي وڌيڪ اهميت هجڻ کپي. ائرين ۽ ڪرٽس جو بيان آهي ته سڪندر گنگا ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو، پر کيس پتو پيو ته ڪاٺين ۽ ٻين ماڻهن هڪو ۽ اتحاد قائم ڪيو آهي. سندس ارادو آهي ته جيڪڏهن سڪندر هنن طرف وڌيو ته اهي سڀ گڏجي ساڻس مهاڏو اٽڪائيندا. سڪندر کي جڏهن هي سڻس ڪنين پئي ته هو گنگا ڏانهن وڌندڙ لشڪر کي ساڻ ڪري ڪاٺين تي ڪاهي ويو. هن بيان مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر پهريائين گنگا ڏانهن وڌي رهيو هو، پر پوءِ ارادو بدلائي وڃي سانگلا تي حملو ڪيو هئائين. هن جڏهن ايشيا تي حملو ڪيو هو ته پنهنجي رٿابندي ۽ حڪمت عملي يڪسان ۽ غير متبدل بنائي  هئي ۽ ان رٿابنديءَ تحت پنهنجي دشمن کي پٺيان زنده ڪو نه ڇڏيندو هو. جڏهن هن ايران تي حملو ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ته ان کان اڳ ۾ لشڪر کي وٺي وڃي صور Tyre تي ڪڙو چاڙهيائين. اهڙيءَ ريت جڏهن دارا جي قاتل بيسس Bessus جو پيڇو ڪري رهيو هو، ان کي اڌ ۾ ڇڏي درانجيانا Drangiana ۽ آرچوسيا Archosia کي فتح ڪرڻ لاءِ  واجهه وجهي رهيو هو  ته اوڏاهين ويندڙ سڌي رستي کي ڇڏي آوءرنوس Aornos تي وڃي ڪڙو چاڙهيائين. ڪاٺيا قبيلي تي حملو به ان قسم جو لڳي ٿو ۽ کيس هنن ئي پاڻ تي حملو ڪرڻ لاءِ اڀاريو هو. هنن به صور، درانجيانا ۽ بازاريا جي ماڻهن جيان سڪندر جي مقابلي کان لهرايو ٿي، پر پڪو پهه ڪيو هئائون ته جيڪڏهن سڪندر مٿن ڪهيو ته پوءِ هو مڙس ٿي ساڻس منهن ڏيندا. تن ڏينهين سڪندر راويءَ جي اوڀرندي ڪناري واري علائقي ۾ موجود هو. درياه پار اڪري ٻئي ڏينهن اچي پم پراما Pim prama نالي هڪ شهر وٽ ترسيو. انهيءَ لاءِ ته جيئن سندس اڳيون ٿڪل فوج ساه پٽي. ٽئين ڏينهن اچي سانگلا پهتو. سندس اڳيون ٻه منزلون ڊگهيون يعني 25 ميلن جون هونديون. باقي پوئين منزل عام هوندي، جيڪا 12 يا 15 ميلن واري ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته راوي جي ڪٺار سان سڪندر واري پهرينءَ منزل کان سانگلا 60 يا 65 ميل پري هوندو. اهو ساڳيو فاصلو لاهور ۽ سانگلا ٽڪريءَ جي وچ ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته لاهور جو شهر، سڪندر جي ان فوجي وانڍ جي اوسي پاسي آهي، جيڪا هن راوي اڪري ڪناري ويجهو قائم ڪئي هئي ۽ اتي ئي هو جو ڪاٺيان قبيلي جي باغيانه سرگرمين بابت کيس اطلاع مليو هو. تنهن ڪري مان پوري اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته سڪندر گنگا تي ڪاهڻ جو ارادو ترڪ ڪري، راوي اڪري پوئتي موٽيو ۽ سانگلا جي ماڻهن کي اچي سندن سرڪشيءَ جي سيکت ڏنائين.

تاڪي ۽ اسرور

اسرور جو ذڪر ته مان مٿي ڪاٿي ڪري آيوآهيان.امڪان آهي ته اهو شهر شين سئنگ جو ٻڌايل ماڳ، ٽسي-ڪيا آهي، جيڪو 633ع ڌاران پنجاب جي راڄڌاني هو. مذڪوره ماڳ لاهور کان پنڊي ڀٽيان ڏانهن ويندڙ رستي کان ٻه ميل کن ڏکڻآهي، جيڪو لاهور کان 45 ۽ پنڊي ڀٽيان کان 64 ميل پري ٿيندو (290) جيڪڏهن رستي سان سفر ڪبو ته هي ٿاڪ سانگلا کان 19 ميل وٿيرڪو آهي. جيڪڏهن علائقي مان سڌو سفر ڪبو ته پنڌ 16 ميلن کان وڌيڪ ڪو نه ٿيندو. هن جي قديم تاريخ بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه ملي آهي. پر ماڻهو چوندا آهن ته هن جو اصلي نالو اُدم نگر Udam nagar هو. ڪي ماڻهو هن کي ادانگري Uda nagari به سڏيندا آهن. صدين تائين اهو ماڳ ڦٽل هو. پر اڪبر جي دور ۾ ان کي وري آباد ڪيو ويو. ان زماني ۾ اگر شاهه Ugar Shah ڊوگر هتي دڙي تي هڪ مسجد تعمير ڪرائي، جيڪا اڃان تائين موجود آهي. هيءُ ماڳ گهڻو آڳاٽو ڏسجي ٿو، جنهن جي تصديق ڊگهين سرن مان ٿئي ٿي جن جي ماپ 3x.1x18 انچ آهي. اهڙيون سرون کنڊرن ۾ هر جاءِ تي پکڙيل ڏسبيون. ان کان سواءِ مينهن وسڻ کان پوءِ هند-سٿين دور جا سڪا به جام لڀندا آهن. هنن ڳالهين ڪري سمجهه ۾ اچي ٿو ته هيءُ ماڳ عيسوي سن کان هڪ صدي اڳ جيترو پراڻو آهي. سندس جاگرافيائي بيهڪ ڪري مان ڀانيان ٿو ته هيءُ ماڳ سڪندر اعظم جو پم پراما آهي.

اسرور جا کنڊر هڪ وڏي دڙي تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جي پکيڙ 15600 فوٽ يا 3 ميل آهي. دڙي جو اتاهون پاسو اتر-اولهه وارو آهي. جتي ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي دڙي جي اوچائي 59 فوٽ کن ٿيندي. منهنجي ويساهه موجب هي دڙي جو قديم پاسو آهي، جنهن جي پکيڙ 600x 400 فوٽ ٿيندي ۽  سنوت ۾ سڌو نظر ايندو. هن ايراضيءَ ۾ هڪ قديم کوهه به آهي، جنهن جي ويڪر 21 فوٽ ٿيندي. ڀائنجي ٿو ته ان کي ڪيترن سالن کان استعمال نه ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي سڪل آهي. شاهي محلات جي چوڌاري وڏا دڙا ڏسڻ ۾ ايندا. جن جي اوچائي 25 فوٽ آهي.  سندن ڪل پکيڙ8100 يا ڏيڍ ميل ٿيندي. شڪل صورت مان ائين ڀائنجي ٿو ته ڪو قلعو آهي. دڙا شڪل ۽ گول ۽ اوچا آهن. ڏسڻ م ائين ايندا ته ڄڻ ناس ٿيل چبوترن يا منارن جا دڙاآهن. هن امڪاني قلعي جي اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي ٻي ايراضي جي اوچائي درن کان 10 يا 15 فوٽ هيٺڀرو آهي. پر پکيڙ ۾ قلعي واري ايراضيءَ کان ٻيڻي ٿيندي. امڪان آهي ته متان اهو سهر هجي. اتي مون کي ڪنهن به قديم عمارت جو نانءُ نشان نظر ڪو نه آيو. ڇاڪاڻ ته اتان سرون ڪڍي اسرور ۾ موجود اگر شاهه جي خانگاهه جي اڏاوت ۾ ڪم آنديون ويون آهن. باقي مسجد جي چوڌاري ڪڍيل ڇت ۾ ٽن مختلف ماپن جون سرون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. ڪي اهڙيون سرون به نظر آيون جن جي ماپ 15x10x3 هئي. منڍي ۾ ڪجهه وڏيون ننڍيون هيون. ويڪر منڍو 2/1-10 ۽ سوڙهو منڍو 10 انچ هو. اهي سرون کوه جوڙڻ يا سٽوپا ٺاهڻ ۾ ڪم اينديون آهن، پر گهڻوڪري اهي کوهن ٺاهڻ ۾ ڪم آڻبيون هيون. ڇاڪاڻ ته هتي موجود کوهه جنهن جي ويڪر 21 فوٽ آهي، تنهن ۾ به اهڙيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. اسرور هاڻي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جنهن ۾ 45 گهر مس ٿيندا.

شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته ٽسي-ڪيا سڪالا (Sakala) کان 14 يا 15 لي يا 2/1 ميل اتر-اوڀر طرف آهي. پر جاچي ڏسبو تهب اهڙيءَ جاگرافيائي بيهڪ تي ڪو به پراڻو شهر ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو. پر امڪان آهي ته صحيح انگ اکر 114 يا 115 هجڻ گهرجن، جيڪي 19 ميل ٿين ٿا ۽ اهو روڊ رستي فاصلو اسرور ۽ سانگلا وچ ۾ به ٿيندو. جيڪڏهن رستي کان سواءِ سڌ ڪبو ته ڪل پنڌ وڃي 16 ميل بيهندو ٽسي-ڪيا جي پکيڙ 20 لي ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا ٽن ميلن کان ٿورو وڌيڪ ٿيندي. اسرور جي منهنجي ٻڌايل ماپ سان پورو ٺهڪي اچي ٿي، جيڪا 15600 فوٽ يا 3 ميل کن آهي. شين سئنگ جي سفر واري زماني ۾ هتي ڏهه مڙهيون هونديون هيون. انهن مان ڪي ٿوريون ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل هيون نه ته گهڻن جو هندو ڌرم سان واسطو هو. شهر کان اتر-اوڀر ڏهه لي يا گهٽ وڌ ٻن ميلن جي فاصلي تي راجا اسوڪا جو جوڙايل ٻڌ اسٽوپا هو، جنهن جي اوچائي 200 فوٽ هئي. چيو ويندو آهي ته هتي مهاتما ٻڌ ڪجهه وقت رهيو هو ۽ منجهس ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل ڪي متبرڪ شيون رکيل هيون، منهنجي خيال ۾ هيءُ اسٽوپا اهوآهي، جيڪو اسرور جي اتر ۾ ٻه ميل، ٺٽ سيدان Thata syadon جي ويجهو ۽ سالار Salar جي ڀرسان هڪ ننڍي دڙي جي صورت ۾ موجود آهي.

ران-سي يا نارا سِنها

 ٽسي-ڪيا کان پوءِ، شين سئنگ، اوڀر پاسي نا-لو-سينگ-هو Na-lo-seng-ho يا نارا سنها ڏانهن اسهيو هو. ان ماڳ کان پوءِ، پو-لو-شي Po-lo-She پيلو Pilu يعني کبڙن جي جهنگ مان لنگهيو هو ۽ کيس ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي ڦريو هو. اهڙو ذڪر مٿي اچي ويو آهي. منهنجو ويچار آهي ته نارا سنها جوقديم شهر ران-سي Ran-si وارا دڙا آهن، جيڪي شڪره پورا کان 9 ميل ڏکڻ ۽ اسرور کان 25 ميل اوڀر-ڏکڻ-اوڀر آهن ۽ لاهور کان به ساڳئي پنڌ تي اولهه طرف آهن. (291) سي Si سنهه Sinh جي مختصر شڪل آهي. ران ۽ نار اهڙا لفظ آهن، جن جا اچار هڪ ٻئي سان مٽ سٽ ٿي سگهندا آهن. جهڙيءَ ريت رانود Ranod مان ناروه Narod بڻجي ويو. هي گواليار علائقي جو مشهور شهر آهي. جيڪو نارواڙ Narwar کان 35 ميل ڏکڻ ڏس تي آهي. روهيلکنڊ يا ڪٽيهار Katehar جي راڄڌانيءَ به اهڙو مثال آهي جيڪا نکلور Nakhlor مان بدلجي لکنور  Lakhnor بڻجي وئي. ران- سي ۽ نارا- سنها ۾ نه رڳو جاگرافيائي بيهڪ جي هڪ جهڙائي آهي، پر سندن نالن ۾ ڪجهه ساڳيائپ ڏسجي ٿي. هي سڃاڻپ وڏي اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن وسيلي شين سئنگ جي ان بيان جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته سانگلا راويءَ جي اولهه پاسي آهي. ان جي بدران پراڻي دور جا موءرخ مذڪوره ماڳ راويءَ جي اوڀر پار ٻڌائن ٿا.

ران- سي جا ٿرڙ هڪ وڏي دڙي تي موجود آهن، جنهن جي اتر کان ڏکڻ ڊيگهه 600 فوٽ ۽اوڀر کان اولهه 500 فوٽ ٿيندو اوچائي ڪٿي 20 ته ڪٿي 25 فوٽ آهي. سڄو دڙو وڏي ماپ جي سرن جي ٽوٽ سان ڀريو پيو آهي. هتان شورو ٺاهيندڙ ڪاريگرن کي سڪا تمام ٿورا هٿ لڳا آهن. پنجاب جي پراڻن دڙن جهڙوڪ ملتان شور ڪوٽ ۽ هڙاپا مان شورو تمام گهڻو لڀندو آهي. شورو لڀندو به انساني آباديءَ جي دڙن مان آهي. هن مان اسان کي اها ثابتي ملي ٿي ته ران – سي هڪ قديم شهر آهي، پر قدرتي دڙو نه آهي. ماڻهو اتي گند غلاظت به اڇليندا هئا. صدين گذرڻ کان پوءِ ان جاءِ تي شورو پيدا ٿيڻ لڳو. ران-سي ۾ نوگجا Naogaja نالي هڪ مقبرو به آهي. جنهن جي معنيٰ آهي نَوَ گز. مان سمجهان ٿو ته اهو مهاتما گوتم جو بت آهي، جيڪو ليٽيل صورت ۾ هتي موجود آهي. گوتم ٻڌ جي وفات يا نرواڻ کانپوءِ سندس بت کي هن صورت ۾ رکيو ويو ٿو ڀائنجي. سرن ۽ گاري گپ سان ايڏن وڏن بتن ٺاهڻ جو رواج اڃان سوڌو ربما ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي بت پراڻن دڙن ۾ هوبهو ائين ڏسبا آهن، جهڙيءَ ريت نوگجا جو مقبرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. چيو ويندو آهي ته جنهن وقت مهاتما ٻڌ وفات ڪئي هئي ته سندس منهن اوڀر طرف هو. ان ڪري جيڪي نرواڻ سان لاڳاپيل بت آهن، تن کي اتر ڏکڻ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ ته جيئن سندن منهن اوڀر طرف رهي. اهڙيءَ طرح مسلمانن جون قبرون به اتر ڏکڻ طرف هونديون آهن. مان سمجهان ٿو ته اڳئين زماني ۾ جڏهن مسلمان جنگ ۾ ماريا ويا هوندا تن کي ٻڌن جون اهڙيون قبرون اڳيئي تيار ٿيل مليون. مان هن موضوع تي اڳتي گهڻو ڪجهه لکيوآهي ۽ رانسي جي قدامت لاءِ ٻي ثابتي هيٺ به ڏني وئي آهي.

امباڪپي يا آماڪاٽِس

امبا ۽ ڪپي ٻن مختلف دڙن جا نالا آهن. اها قديم شهرن جي باقيات آهي، جيڪي ڪنهن زماني ۾ هڪ ڀاءُ ڀيڻ جي نالي پٺيان آباد هئا. مان هنن بابت ڳالهه ماڻڪيالا جي قصي ۾ اڳيئي ڪري آيو آهيان. ڏند ڪٿا موجب هڪ ڪٽنب جا ٽي ڀائر هئا، جن جا نالا سيرڪپ Sir-Kap سِر سُڪ Sir-Suk ۽امبا هئا. کين چار ڀينر ڪالپي، Kalpi ڪاپَتي Kapti منڊي Munde   ۽ منڊيهي Mandehi نالي هيون. انهن مان هر هڪ رانسي جي ڀرسان ۽ شڪوه پورا جي ڏکڻ ۾ شهر آباد ڪيو. انهن سڀني شهرن جي ٿرڙن جا بيان هيٺ ڏجن ٿا.

پهريون: سيرڪپ جو دڙو بالاڙه Balarh ڳوٺ جي ويجهو ۽ شڪوه پور کان ڇهه ميل ڏکڻ پاسي آهي. هيءُ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي ته بالاڙه جو نالو سنڌ ساگر ڏند ڪٿا ۾ سير ڪپ سان لاڳاپيل نظر اچي ٿو، جنهن ۾ بالاڙه کي راجا جي گاديءَ جو هنڌ ٻڌايو ويو آهي.

ٻيو: سير سُڪ جو دڙو شڪوه پورا کان ساڍا 3 ميل ڏکڻ ۽ سيرڪپ دڙي کان اڍائي ميل اتر طرف آهي.

ٽيون: امبا جو دڙو جيڪو هاڻي هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. سوشڪوه پورا کان 9 ميل ڏکڻ ۽ ران- سي کان هڪ ميل اوڀر پاسي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

چوٿون: ڪاپتي يا ڪانپتي جو دڙو آهي. هي نالو ٻنهي صورتن ۾ لکيو ۽ اچاريو ويندو آهي. هيءُ دڙو امبا کان اڍائي ميل اوڀر ۽ لاهور ڏانهن ويندڙ هڪ پراڻي رستي تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

پنجون: ڪالپي دڙو. هيءُ هڪ ننڍو ۽گهٽ اوچو دڙو آهي، جيڪو ڀوءِ پور Bhui pur نالي هڪ ڳوٺ ويجهو، سير ڪپ ۽ امبا نالي دڙن جي وچ ڏسبو آهي.

ڇهون: منڊي جودڙو باگـــهه بچا Bagh-Bachha نئين ڪناري، ران-سي ۽ امبا دڙن کان 8 ميل ڏکڻ پاسي آهي.

ستون: هيءُ دڙو، جيڪو هاڻي هڪ ڳوٺ جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو، سو امبا ۽ ڪاپتي کان ڏکڻ-اوڀر ۽ ٻنهي کان ساڍا 3 ميل پري ٿيندو.

مٿيان سڀئي دڙا ڀاڳ-بچانئنه جي اولهه ڪناري سان ڏسبا آهن ۽ لاهور کان 25 ميلن جي پنڌ تي اولهه پاسي آهن. هيءُ ڳوٺ، جنهن جو ذڪر اسان هاڻي مٿي ڪري آياسين، سو ضلع لاهور جي نقشي ۾ ڏسي سگهجي ٿو. پر درن جا نشان سارڪ پور (Sarak pur) واري وڏي نقشي ۾ لڳايا ويا آهن. مان اڳي ڪٿي اهڙو ذڪر ڪري آيو آهيان،ته ڀاڳ- باچنئنه چيتي جي ستن بکايل ٻچن واري ڏند ڪٿا سان لاڳاپيل آهي، جن جا نالا مٿي ڏنل ستن دڙن تي رکيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان ڳالهه کي اسان هتي ورجايون ٿا، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه سنڌ ساگر دو آبي ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن زماني ۾ سيالڪوٽ جو هڪ راجا هوندو هو، سنديس نالو رس لو (Rasalu) هو. هڪ ڏينهن هو سير ڪپ سان ڍاري راند کيڏي رهيو هو. ٻنهي ۾ اها ڳالهه طئي ٿي هئي ته جيڪو هارائيندو، تنهن جو سر وڍيو ويندو. راند سير ڪپ هاريو. راجا رسلوءَ سيرڪپ جو سر ڪو نه وڍيو، ان جي بدران کانئس ڌيءُ ڪوڪيلا (Kokila) جو سڱ ورتائين. هتان جا ماڻهو هن ڳالهه کي بلڪل سچو سمجهندا آهن. ڪنهن ماڻهوءَ هن ڳالهه تي بيت به چيا آهن، جن مان هڪ ڏوهيڙو هيٺ ڏجي ٿو:

امبا ڪاپاپڻي لڙائي

ڪلپي ڀيڻ ڇڙواڻ آئي

هيءُ ڏوهيڙو اسان کي اهڙي چاڻ ڪو نه ٿو ڏئي، ته ٻنهي ڀائرن وچ ۾ جهڳڙو ڪهڙيءَ ڳالهه جي ڪري ٿيو. ان کان سواءِ هيءُ ڏوهيڙو ستن ڀائرن ۽ ڀيرن جي ڪابه ڄاڻ ڪو نه ٿو ڏئي. پر مان سمجهان ٿو ته امبا ۽ ڪلپي نالا گهڻو ڪري ٽالمي جي دور جيترا قديم آهن. ڇاڪاڻ ته هو ٻڌائي ٿو ته آماڪيٽس (Amakats) يا آماڪيپس (Amakapis)  جو شهر، راويءَ جي الهندي پاسي ۽ لابوڪلا (Labokla) يا لاهور جي بلڪل ويجهو هو (292).

امبا وارو دور همچورس نو سو فوٽ ٿيندو ۽ سندس اوچائي 25 کان 30 فوٽ آهي. ويڪر واري پاسي کان اٽڪل 600 فوٽن تائين سڄي ايراضي ٺڪراٺي سان ڀري پئي آهي. هن قديم شهر جي ساري پکيڙ 8000 فوٽ يا 3 ميل همچورس ٿيندي. دڙي جو مٿاڇرو وڏين سرن جي ٽوٽ سان ڇانيو پيو آهي، جن مان هڪ اڪريل سرجا ٽڪرا به مليا. ان سان گڏ مون کي هتان چاهين رنگ جو هڪ پٿر ٺڪر لڌو. هن دڙي تي مون کي سانگلا ۽ ڪرنا (Karana) ٽڪرين جيان اهڙا نشان مليا، جن مان سمجهيم اهي لوهه جون کاڻيون هيون. هتان جي ماڻهن ٻڌايو ته اهو شهر راجا امبا اٽڪل 1800 يا 1900 سال اڳ تعمير ڪرايو هو، جيڪو عيسوي سن جي شروعات وارو زمانو آهي. هن ڳالهه جي ڪري چئي سگهجي ته هيءُ دور ٽنهي ڀائرن هشڪا (Hushkka)، جشڪا (Jashka) ۽ ڪنشڪا جو سهيوڳي هوندو. هيءُ راجا هند- سٿين جي يوچي (Yuchi) يا ’ڪـشن‘ ڦريءَ سان واسطو رکن ٿا. مان چاهيان ٿو ته هن ڦريءَ جي راجئن لاءِ ٻه ٻول ڳالهايان. پر جيڪڏهن سندن ڪُر ۽ ڦريءَ کي نروار ڪبو ته بحث گهڻو ڊگهو ٿي ويندو.

لوهاوار يا لاهور

هيءُ مشهور ۽ وڏو شهر نو سوء سالن تائين پنجاب جي راڄڌاني رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته راما جي پٽ لاوا (Lava) يا لو (lo) هن شهر جو بنياد رکيو هو. تنهن ڪري هن کي لوهاوار (Lohawar) سڏيو ويندو هو. ابو ريحان به هن کي انهيءَ نالا سان سڏيو آهي. موجوده دور ۾ هن شهر کي لاهور نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو. هن شهر کي مذڪوره نالي سان پهريائين مسلمانن سڏڻ شروع ڪيو. هاڻي ته سڄيءَ دنيا ۾ انهيءَ نالي سان ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. مسٽر ٿارنٽن (Mr. Thornton) هن شهر جي مفصل تاريخ لکي آهي. سندس خيال آهي ته لاهور ٽالمي جي لابوڪلا (Labokla) آهي. منهنجي خيال ۾ هو بلڪل صحيح آهي. هن لفظ جا پهريان ٻئي پد لابو (Labo). لاوا (Lava) جي نمائندگي ڪن ٿا.پر مان لفظ جي پڇاڙي ڪلا (Kla) لڪا (lka) يا لاڪا (Laka) ۾ تبديل ڪرڻ چاهيان ٿو. اهڙيءَ ريت سڄو لفظ ٿيندو لابو لاڪا (Labolaka) جنهن جو ڏيهي اچار ٿيندو: ”لاوا لاڪا“ يعني ”لاوا جي رهڻ جي جاءِ.“

شين سئنگ ته لاهور جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي، پر اسان کي پڪ آهي ته هو تاڪي (Taki) کان جالنڌر وينديد هتان ضرور مَٽيو هوندو، پر ايترو سو ٻڌائي ٿو ته تاڪيءَ جي اڀرندي دنگ سان واقع هڪ وڏي شهر ۾ هيءُ پورو هڪ مهينو ترسو هو (303) . پر اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته ان ملڪ جي اوڀر وارو سنڌو راوي تائين نه بياس درياء تائين هو. تنهن ڪري ان وڏي شهر کي بياس جي ڪنڌين ڪنارن سان جاچڻ گهرجي. وڏو امڪان آهي ته اهو شهر قصور جو هوندو. اسان کي ’لاهور‘ نالي جو ذڪر پهريون ڀيرو محمود غزنويءَ حملي دوران ملي ٿو. ان زماني ڪابل ماٿريءَ جا برهمڻ حڪمران پشاور ۽ اوهند ۾ رهندا هئا. انهن راجائن اتان نڪرين پهريائين جهلم ڪناري ڀيرا ۽ راڄڌاني قائم ڪئي. پور وري اچي لاهور ۾ پير پختا ڪيائون. فرشته راجا جئپال ۽ سندس پٽ انندپال کي لاهور جو راجا ٿو سڏي. هنن پيءُ ۽ پٽ، ٻنهي مهمود غزنويءَ سان زبردست مقابلا ڪيا هئا. سنه 1031ع ڌاري هن برهمڻ خاندان جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ لاهور ۾ محمود غزنوي طرفان مقرر ڪيل گورنر (304) رهڻ لڳو. جڏهن سنه 1152ع غور جي افغانن بهرام شاهه کي غزني مان ڪڍي ڇڏيو ته سندس پٽ خسرو اچي لاهور وسايو. لاهور ۾ سندس گهراڻي جي حڪومت ٻن پيڙهين تائين مس هلي ۽ آخري حڪمران خسروءَ کي 1186ع ۾ گرفتار ڪيو ويو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org