هندستان جي اولهه پاسي کان، اوهند کان مٿان اٽڪ
کان وٺي سمنڊ جي ڇوڙ تائين سنڌوءَ جو فاصلو ساڍا
نو سو ميل کن ٿيندو. پاڻيءَ سان اهو پنڌ وڃي
ٻارنهن سو ميل بيهندو. اتر واري پاسي سنڌوءَ کان
پاٽنا تائين يارنهن سو ٽيتاليهه ميل آهي، جيڪو فوج
جي چرپر وارن ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. اهو فاصلو،
سنڌوءَ کان پاليبوٿرا تائين ويندڙ شاهي رستي کان
فقط ڇهه ميل ننڍو آهي. هن رستي جو ذڪر ميگاس ٿينز
جي ذريعي سان اسٽرئبو بيان ڪيو آهي. هن کان اڳتي
وارو فاصلو گنگا مان ٻيڙين وسيلي طئي ڪيو ويو.
جيڪو ڇهه هزار اسٽاڊيا يا ڇهه سو اڻانوي انگريزي
ميل ٿئي ٿو، جيڪو درياهه جي اصلي ڊيگهه کان فقط نو
ميل وڌيڪ آهي. گنگا جي ڇوڙ کان وٺي راس ڪماري
تائين نقشي ۾ ڏنل فاصلو سورهن سو ميل آهي. جيڪڏهن
کاڌل سامونڊي ڪناري کي ويچار هيٺ آڻبو ته فاصلو
رستي جي پنڌ جيان اڃان به ڪجهه وڌي ويندو. جيڪو
منهنجي سوچ مطابق ڇهين پتي وڌيڪ بيهندو. ان ڪري هن
سامونڊي ڪناري جي حقيقي ماپ وڃي ارڙهن سو ڇاهٺ ميل
ٿيندي. نقشي موجب راس ڪماري کان سنڌوءَ جي ڇوڙ
تائين ٽن هزارن اسٽاڊيا جو فرق بيهي ٿو، جيڪو ساڍا
ٽي سو ميل آهي. نقشي ۾ ڏنل فاصلي ۽ حقيقي پنڌ جي
وچ ۾ گهڻو ڪري فرق کنڀات ۽ ڪڇ جي کارين ڪري آهي.
سڄي فرق لاءِ اها حقيقت ئي ذميوار آهي يا ائين کڻي
چئجي ته هن فاصلي جي فرق جو وڏو حصو هنن کارين
ڪارڻ آهي.
هن حقيقت جي پٺڀرائي ميگاس ٿينز جا ڏنل انگ اکر به
ڪن ٿا، جنهن ڏکڻ طرف سامونڊي ڪناري کان وٺي هماليا
جبل تائين پنڌ جي ماپ جو انومان ويهه هزار اسٽاڊيا
ٻڌايو آهي. (8) جيڪو ٻه هزار ٻه سو اٺانوي انگريزي
ميل وڃي بيهي ٿو. راس ڪماريءَ کان وٺي هندوڪش جبل
تائين سڌو فاصلو اڻويهه سو پنجاه ميل آهي. (9)
جيڪڏهن رستي جي وڪڙن واري ڇهين پتي ان ۾ جوڙ ڪبي
ته ڪل انگ وڃي ٻاويهه سو پنجهتر ميلن جي برابر
بيهندو، جيڪو ميگاس ٿينز جي ڏنل فاصلي جي ويجهو
آهي. ڏٺو وڃي ته اسٽرئبو جو ڏنل هيءُ فاصلو راس
ڪماريءَ کان سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين ڏنل فاصلي کان هڪ
هزار اسٽاڊيا وڌيڪ آهي. جنهن مان اهو معلوم ٿيندو
ته ڏاکڻين سامونڊي ڪناري جي ڏنل ماپ ۾ ڪاٿي ٽاڪاڻو
آهي. اهو ٽاڪاڻو هن ريت ڪڍي سگهجي ٿو ته ٻنهي
سامونڊي ڪنارن جو فاصلو هڪ جيترو سمجهيو وڃي،
ڇاڪاڻ ته راس ڪماريءَ کان سنڌوءَ ۽ گنگا جا ڇوڙ هڪ
جيتري فاصلي تي آهن. هن خيال موجب ساري هندستان جو
گهيرو ايڪهٺ هزار اسٽاڊيا ٿيندو. ڊايوڊورس (10)
Diodorus
به انهيءَ خيال جو آهي، جيڪو چوي ٿو ته هندستان جي
اولهه کان اوڀر اٺاويهه هزار اسٽاڊيا ۽ اتر کان
ڏکڻ ٻٽيهه هزار اسٽاڊيا وڃي بيهندي.
هن کان پوئين دور ۾ لکيل مهاڀارت ۾ هندستان جي شڪل
صورت هڪ جهڙن پاسن واري ٽڪنڊي جهڙي ٻڌائي وئي آهي.
راس ڪماريءَ کي ٽڪنڊي جي چوٽي ٻڌايو ويو آهي. ان
ٽڪنڊي کي وري چئن ننڍين ٽڪنڊين ۾ ورهايو ويو آهي.
(11) راس ڪماريءَ کي ان ٽڪنڊي جي مٿين ڪنڊ ۾ ترليڪ
(تري واري ليڪ
Base)
هماليا جبل جي قطار کي سمجهيو ويو آهي. هتي نه
پکيڙ ڏني وئي آهي ۽ نه وري ڪن ماڳن جو ئي ذڪر ڪيو
ويو آهي. پر هندستان جي ننڍن نقشن مان نقشي نمبر 2
۾ مان هڪ جيترن پاسن وارو ٽڪنڊو ڪڍيو آهي. جنهن جي
ليڪ دوارڪا ۽ گجرات وچان ۽ اوڀر طرف کان گنجناءِ
Ganjane
وٽان لنگهي ٿي. ان جي ٽنهي پاسن تي ور ٽي ٽڪنڊا
ڪڍيل آهن. جيڪي اتر-اولهه، اتر-اوڀر ۽ ڏکڻ طرف ڏسي
سگهجن ٿا. اهڙيءَ ريت اسان هڪ وڏي ۽ هڪ جيترن پاسن
واري ٽڪنڊي جون غزنيءَ ڏانهن اتر – اولهه حدون
وڌائبيون ۽ هڪ ڪنڊ راس ڪماري ۽ ٻي ڪنڊ آسام جي
ساديا
Sadiya
کي مقرر ڪنداسين ته اها شڪل صورت ڄڻ ته هندستان جي
ٺهي پوندي. اسان جو اندازو آهي ته مهاڀارت پهرين
صدي عيسوي ۾ لکي پورو ڪيو ويو هو. ان زماني ۾
سنڌوءَ جي الهندي ڪناري سان موجود ملڪ انڊو – سٿين
حڪمرانن جي هٿ هيٺ هئا. ان هوندي به انهن علائقن
کي به هندستان جي اصلي حدن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
هندستان بابت ٻيا به ڪي بيان آهن، جن مطابق
هندستان کي نون کنڊن يا نون ڀاڱن ۾ ورڇيو ويو آهي.
اهڙو پهريون ذڪر علم نجوم جي ماهرن پاراسرا
Para
sara
۽ واراها – مهرا
Varaha-
Mihira
ڪيو آهي. اهي ٻئي قديم دور سان واسطو رکن ٿا. (12)
ان ڪري پراڻن جي لکڻهارن کين ماخذ بڻايو آهي. هن
جوڙجڪ موجب پنچالا وچ هندستان جو مکيه علائقو هو.
مگڌا اوڀر علائقي جو، ڪالنگا
Kalenga،
ڏکڻ – اوڀر، آونتا
avanta
ڏکڻ، انارتا
Anarta
ڏکڻ – اولهه، سنڌو – سوويرا، اولهه، هرا هائرا
Harahaura،
اتر – اولهه مدرا، اتر ۽ ڪائونندا
Kauninda
ان کان اتر – اوڀر واقع هو. (13) واراها
Varaha
جي اصلي ڪتاب ۽ ڏنل اختصار ۾ سنڌ سوويرا بابت ڪي
اختلاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جتي هن ملڪ کي انارتا (14)
Anarta
جي ڏکڻ – اولهه پاسي ڏيکاريو ويو آهي. اها غلطي
يارهينءَ صدي ۾ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته
ابوريحان وراها جي اختصار جي اقتتباس ۾ اهڙا نالا
ڏئي انهن کي ڄڻ محفوظ ڪري ورتو آهي. اهي نالا
اهڙيءَ ترتيب سان ڏنل آهن، جهڙيءَ ريت اسان کي
”بريهات – سنهيٽا“
Brihat
Sanhita
۾ موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿا (15) اهڙا تفصيل مارڪنديه
پراڻ
Markandyapurana
۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪو ٻڌائي ٿو ته سنڌ سوويرا ۽
انارتا ڏکڻ – اولهه پاسي هئا. (16)
مان بريهات سنهيٽا جي ڏنل وچور کي، برهمنڊا
Brahmanda،
مارڪنڊا،
Markanda،
وشنو
Vishnu،
وايو
Vayu
۽ مٽسيه
Mat
sya
جي لکيل پراڻن سان ڀيٽائي ڏٺو آهي. مون کي معلوم
ٿيو آهي ته انهن ۾ ڪي قدر ورجاءُ آهي. نالا ڪجهه
اڳتي پوئتي ٿي ويا آهن. ۽ پڙهڻيون ڪجهه مختلف آهن.
پر حقيقي طور سڀيئي هڪ آهن. (17) مثال طور سڀئي
پراڻ نون کنڊن يا حصن جو بيان ڪن ٿا، سندن نالا
ڏين ٿا. انهن سان رڳو برهمنڊا ۽ مارڪنڊيا انهن نون
ڀاڱن ۾ موجود ننڍن علائقن جا نالا به ڏين ٿا.
وشنو، وايو ۽ مٽسيه جا لکيل پراڻ مهاڀارت سان سهمت
آهن، جيڪي فقط پنجن حصن جو تفصيلي ذڪر ڪن ٿا ۽
سندن نالا وغيره به ڏين ٿا. مثال طور وچ وارو ڀاڱو
۽ ٻيا مکيه چار حصا. انهن نون حصن جا نالا، جيڪي
مهاڀارت ۽ پراڻن ۾ آهن. سي وراها – مهرا جي ڏنل
نالن کان بلڪل مختلف آهن، پر اهي مشهور نجومي
ڀاسڪر آچاريه جي ڏنل نالن سان سهمت آهن.
(18)
انهن سڀني ۾ ترتيب هڪ جهڙي آهي. مثال طور اندرا،
ڪسيرومت
Kaserumat،
تمرپرنا
Tamra
Parna،
گاڀستي مت
Gabhsati mat،
ڪماريڪا
Kumarika،
ناگا
Naga،
سؤميا
Soumya،
ورونا
Varuna
۽ گنڌاروا
Gandharva.هنن
کي سڃاڻڻ لاءِ ڪو ڏس پتو ڪونه ڏنو ويو آهي ۽ اهي
”وراها مهرا“ جي بيان ڪيل نون ڀاڱن جي نالن کان
ماڳهين ٻيا آهن. ڇاڪاڻ ته اندرا اوڀر، ورونا
اولهه، ڪماريڪا وچ، ڪيسرو ضرور اتر هوندو. وايپو ۽
برهمنڊا جي پراڻن ۾ به اهو ذڪر موجود آهي. ڏسڻ ۾
اچي ٿو ته هندستان جا پنج ڀاڱا عيسوي صدي جي
شروعات ۾ مشهور هئا. چين کان آيل پانڌيئڙن ۽ مصنفن
به ائين لکيو آهي. وشنو جي پراڻ موجب (19) وچ وارو
علائقو ڪرس
Kurus
۽ پنچالا جي قبيلن اچي ولاريو هو. اوڀر ۾ ڪامروپا
يا آسام هو. ڏکڻ ۾ پنڊراس
Pundras،
ڪالنگا ۽ مگڌ هئا. اولهه ۾ سوراشترا، سورا
Suras،
اڀيرا،
Abhira،
اربودا
Arbuda
ڪاروشا
Karusha،
مالوا، سوويرا ۽ سنڌوا آن. اتر ۾، هُن
Huna،
سالوا
Salwa,
ساڪالا
Sakala،
راما
Rama
ابا شيتا
Abashita
۽ پراستڪا آهن.
ٽالمي جي جاگرافي ۾ هندستان جي شڪل صورت بگاڙي وئي
آهي. ٻنهي طرفن کان سامونڊي ڪنارا اچي راس ڪماريءَ
وٽ ملن ٿا ۽ سندن ٺاهيل ڪنڊ گوني ڪنڊ کان به ننڍي
آهي. پر ٽالمي ان کي هڪ ئي سامونڊي ڪنارو ڏيکاريو
آهي. ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ کان وٺي ويندي گنگا جي ڇوڙ
تائين سڄي سامونڊي ڪناري کي سڌو ڪري ڏيکاريو آهي.
هي غلطي گهڻو ڪري ان سبب آهي جو ٽالمي رستي جي
فاصلي ۽ نقشي ۾ ڏنل فاصلي جي اندازي ڪرڻ ۾ غلطي
ڪئي آهي. پر مکيه ڪارڻ هيءُ سمجهه ۾ اچي ٿو ته
خشڪيءَ جي فاصلي کي سمنڊ جي سفر کان وڌائي پيش ڪيو
آهي. (20)+
جيڪڏهن سامونڊي سفر جو فاصلو به ساڳيءَ ريت وڌايو
وڃي ها ته ان جو اندازو به ساڳئي نموني ڪيو وڃي
ها، جهڙيءَ ريت هن خشڪيءَ جي سفر جي فاصلي جي گهٽ
وڌ اندازي ڪري شهر پنهنجي اصل جاين کان گهڻو پري
اوڀر طرف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيئن غلطيون ورجائيندو
رهيو تيئين هو وڌيڪ اڀرندي هليو ويو. ان جو نتيجو
اهو وڃي بيٺو آهي جو هندستان جي اڀرندي طرف واري
جاگرافي کي ڏاڍو بگاڙي خراب ڪري ڇڏيو اٿائين. اهڙو
مثال ٽيڪسيلا جو به آهي، جيڪو باري گازا
Barygazaکان
گهڻو پري ڪري سر اتر آهي، پر هن مذڪوره شهر کي هن
کان 11 درجا اوڀر تي بيهاريو آهي. ٽيڪسيلا ۽
پاليبوٿرا جي وچ تي ماپ ڪرڻ کان پوءِ سڌ پئي ته
گنگا جو ڇوڙ،سنڌوءَ جي ڇوڙ کان اٺٽيهه درجا اوڀر
طرف آهي. اهڙيءَ ريت ويهن درجن جو صحيح فرق وڃي
بيهي ٿو. ساڳيءَ پليٽ جي تصوير نمبر 4 (Fig
4)
آهي. جنهن مان ٽالمي جي ڪتاب جاگرافي آف انڊيا مان
هڪ نقشو ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن نقشي جو غور سان
مطالعو ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌوءَ ۽ گنگا جي
ڇوڙن جو اٺٽيهن درجن مان فاصلو گهٽائي وڃي ويهن
درجن تي بيهاريو ويو آهي. راس ڪماريءَ واري ٿاڪ کي
گهڻو پري هيٺ ڏکڻ ڪڍي ڇڏيو ويو آهي ۽ جاءِ به اهڙي
تي ڏيکاري وئي آهي جو صحيح ته ڄڻ نظر ئي ڪانه ٿي
اچي. هو ٽيڪسيلا کي 125 درجن تي ۽ پاليبوٿرا کي
143 درجن تي ڏيکاري ٿو، يعني ٻنهي جي وچ تي 18
درجن جو فرق آهي. منهنجي خيال ۾ هن ۾ ٽين پتي وڌيڪ
آهي. اسان کي معلوم آهي ته شاه ڊيري
Shah
Dheri
72 درجن ۽ 53 فوٽن ۽ پاٽنا 85 درجن ۽ 17 فوٽن تي
واقع آهي. ٻنهي ۾ 12 درجن ۽ 24 فوٽن جو فرق آهي.
جيڪڏهن سر هينري رالن سن
Henry
Rawlinson
مطابق 10/3 وارو اصول لاڳو ڪبو ته ٽالمي وارا 18
درجا وڃي 12 درجا ۽ 36 فوٽ بيهندا ۽ ڊگهائي ڦاڪ
موجب اهو فرق وڃي ٻارهن فوٽ ٿيندو.
چين وارن کي هندستان جو پتو
Han
هن گهراڻي تي شهنشاه ووتي
Wuti
جي زماني ۾ ۽ ٻي صدي قبل مسيح ۾ پيو
(21)
ان زماني ۾ هندستان کي يائون – تو
Youn-tu
يا يين-تو
Yin-tu
جيڪو هندو ۽ سنتو
Sintu
يا سنڌو
Sindhu
آهي، سڏيندا هئا. ان کان پوءِ وري هن کي ٿيان – تو
Thian-tu
سڏيندا رهندا (22). ڀائنجي ٿو ته هيءُ مورخ متوان
لن
Matwan
lin
به هتان ئي ورتو آهي. ٿئينگ
thang
گهراڻي جي بادشاهن جي ڪاغذن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
هندستان پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. هي گهراڻو ستينءَ
صديءَ ۾ چين تي حڪمراني ڪندو هو. انهن حصن جا نالا
اوڀاريون، اولاهيون، اتريون، ڏاکڻيون ۽ وچون هو ۽
انهن کي پنج انڊيز
Five
Indies
جي نالي سان سڏيو ويندو هو. مون کي پتو ڪونه ٿو
پوي ته ملڪ کي پنجن حصن ۾ ورهائڻ وارو طريقو ڪڏهن
استعمال ڪيو ويو هو. پر ان بابت پراڻي ۾ پراڻو ڏس
پتو اسان کي سنه 477ع ۾ ملي ٿو (23) ان زماني ۾
اولهه هندستان جي راجا، چين جي حڪمران ڏانهن
پنهنجو سفير موڪليو هو. وري سن
503ع
۽ 504ع ۾ هن راجا جي نقش قدم تي هلندي اتر ۽ ڏکڻ
هندستان جي راجائن به پنهنجا پنهنجا سفير چين
روانا ڪيا (24) هئا. چين جي قديم ڪتابن ۾ هندستان
جي حصن ڀاڱن جو ذڪر موجود ڪونه آهي. پر ان جي ڌار
ڌار صوبن جو ذڪر ضرور ملندو، باقي اهڙي لکت ڪانه
ملندي ته ڪهڙو صوبو ڪٿي ۽ ڪهڙي طرف آهي. اهڙيءَ
ريت اسان کي سن 428ع ۾ ڪپل
Kapila
جي راجا يو – گائي
Yue
gai
۽ سنه 455ع (25) ۾ گنڌارا جي راجا جو پڻ ذڪر ملي
ٿو. هن مان اسان کي اها به ڄاڻ ملندي ته هندستان
کي مگڌ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. اهو هندستان
جي نهايت شاهوڪار ۽ دولتمند صوبي جو نالو آهي.
ڪنهن زماني ۾ هن کي ”برهمندا جي حڪومت“ نالي به
سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ اهو قبيلو
گهڻو آباد هو (26) هنن بادشاهن مان پهرئين نالي
وارو حڪمران ٻيءَ يا ٽينءَ صديءَ عيسوي ڌاران هتي
راڄ ڪندو هو. ان زماني ۾ هندستان جي وڏي حصي تي
گپتا گهراڻي جي حڪومت هئي.
ستين صدي عيسويءَ ۾ هندستان ايندڙ چيني ياتري شين
سئنگ
Hwen
Tsang
به هندستان جي حصن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن حصن جا
نالا اوڀاريون، ڏاکڻيون، اولاهيون، اتريون ۽ وچون
ٻڌائي ٿو، جهڙيءَ ريت اهي هڪ ٻئي سان طرفن جي ناتي
سان لاڳاپيل هئا (27) مذڪوره ياتري هن ملڪ جي شڪل
ستين تاريخ جي چنڊ جهڙي ٻڌائي ٿو. جنن جو ويڪرو
پاسو اتر ۽ نهايت سوڙهو پاسو ڏکڻ ڏانهن آهي. ٽالمي
جي جاگرافي ۾ به هندستان جي شڪل صورت ائين آهي. پر
وڌيڪ صحي بيان هڪ چيني سياح فاهه - ڪاءِ – لي – تو
Fah-kai-lih-to
جو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته هن ملڪ جو سوڙهو پاسو
ڏکڻ ۽ ويڪرو پاسو اتر طرف آهي.“ وري چرچو گهٻو
ڪندي اڳتي چوي ٿو؛ ” هتان جي رهواسين جا مهانڊا به
پنهنجي ملڪ وانگي آهن.“ (28) شين سئنگ جو چوڻ آهي
ته هندستان جو گهيرو ”نوي هزار لي“ آهي (29)، پر
اهو حقيقي انگن اکرن کان به ٻيڻو آهي. پر چين جي
سرڪاري ڪاغذن ۾ (30) هندستان جو گهيرو ٽيهه هزار
لي لکيل آهي. جيڪڏهن اسان انگريزي ميل ۾ ڇهه لي جو
حساب ٻڌنداسون ته هندستان جي هي ماپ تمام ٿوري
آهي. چيني ياتريءَ اهو فاصلو رستي جي پنڌ جي ماپ
مطابق ڏنو آهي پر جيڪڏهن فاصلو نقشن تان ورتو ويو
هوندو، جنهن جو امڪان به آهي ته پوءِ هيءَ امڪان
به آهي ته هڪ لي ”Li“
۾ ڏهه سو اڻاسي ڏهائي ٻارنهن 1079.12
فوٽ جو ماپو رکيو ويندو هوندو. اٺين صديءَ ۾
Li
جو اهو ماپو هوندو هو. ان ليکي سان ٽيهه هزار لي
وڃي ڇهه هزار هڪ ٽيهه انگريزي ميل بيهندا. اها ماپ
اسٽرئبو جي ڏنل انگن اکرن کان ست سو چوهٺ ميل گهٽ
آهي، جيڪا هن سڪندر جي دور تي لکيل ڪتابن مان ورتي
هئي ۽ اهڙي ساڳي ماپ ميگاس ٿينز ۽ پئٽروڪلس جي
ڇپيل ڪتابن ۾ به موجود آهي.
چين جا ماڻهو هندستان جي پنجن ڀاڱن کي پنج هندستان
Five
Indies
ڪري سڏيندا هئا. اهي هن ريت هئا جيڪي نقشي نمبر 1
۾ ڏسي سگهجن ٿا؛
(1)
اتر هندستان، سڄي پنجاب، ڪشمير، اوسي پاسي جي
جابلو علائقي، سنڌوءَ کان پار اوڀر افغانستان،
ستلج ۽ سرسوتي درياه جي وچ تي موجود علائقن تي
مشتمل هو.
(2)
اولهه هندستان، سنڌ، راجپوتانا جي اولاهين حصي،
ڪڇ، گجرات ۽ نربدا جي ڇوڙ واري سامونڊي ڪناري واري
علائقي تي مشتمل هو.
(3)
وچ هندستان ۾ هي علائقا شامل هئا:
گنگا جي سڄي ماٿري – دوآبي جي سري تائين ٿانيسر
وارو علائقو – هماليا جبل کان وٺي نربدا جي ڪناري
تائين سارو علائقو
(4)
اوڀر هندستان ۾ آسام، بنگال، گنگا جي ڇوڙ وارو
علائقو، سمبل پور، اوڙيسا ۽ گنجم.
(5)
ڏکڻ هندستان اولهه کان ناسڪ (Nasik)
تائين اوڀر کان گنجم تائين ۽ هيٺ ڏکڻ راس ڪماريءَ
تائين پکڙيل هو. ان کان سواءِ موجوده دور وارا
بهار، تلنگانا، مهاراشٽر، ڪون ڪان (Konkan)،
حيدرآباد (دکن)، ميسور ٽراونڪور، ويندي نربدا ۽
مهاندي جي ڏکڻ تائين سارا علائقا منجهس شامل هئا.
چين وارن هندستان کي پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو هو. جيڪو
هتان جي ڏيهي جوڙجڪ کان وڌيڪ سولو هو، جنهن جا نو
حصا هئا. جهڙيءَ ريت وراها مهرا ۽ پراڻن ذڪر ڪيو
آهي. اها ڳالهه پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته اهو
طريقو هندن کان ورتو ويو آهي، جيڪي پنهنجي ملڪ کي
ڪنول گل جيان سمجهندا آهن. وچ تي وچ هندستان وارو
علائقو ۽ اٺن پنکڙين جيان چوڌاري ٻيا علائقا
ڏيکاريا ويندا آهن (31) چين واري جوڙجڪ ۾ وچين حصي
جي چوڌاري چار ٻيا علائقا ڏيکاريا ويندا آهن. جيڪو
وڌيڪ سولو ۽ ياد رکڻ جوڳو به آهي ۽ مان به ان کي
ئي موجوده بيان ۾ ورجايان ٿو.
شين سئنگ هندستان ۾ ستين صديءَ عيسوي ۾ آيو. ان
زماني ۾ هندستان اسي بادشاهين ۾ ورهايل هو. (32)
هڪ هڪ کي پنهنجو جدا حڪمران هو. ڪي راجائون وڏن
ملڪن جا ڏن ڀرو به هئا. اهڙيءَ ريت اتر هندستان ،
ڪابل، جلال آباد، پشاور، غزني ۽ بنو جي علائقن تي
مشتمل هو. اتان جا سڀئي حڪمران ڪاپيسا(Kapisa)
جي مهاراجا جا ڏن ڀرو هئا، جنهن جي راڄڌاني گهڻو
ڪري چاريڪار (Charikar)
يا اليگزينڊريا (سڪندريه) ۾ هئي. اصلي پنجاب ۾،
ٽيڪسيلا جو جابلو علائقو، سنگهارا پور، اراسا (Urasa)
پونچ ۽ راجوڙي شامل هئا. جيڪي ڪشمير جي راجا جي
ماتحت هئا. ٻيا ميداني علائقا هئا. انهن جي وسعت ۽
طاقت جو اندازو هن مان به ڪري سگهجي ٿو ته هن اتر
– اولهه طرف ڪشمير تي ان کان پوءِ ڏکڻ اولهه
مهاراشٽريه جي راجا به ڏکڻ اوڀر طرف گنجم تي
زبردست حملا ڪيا هئا. (33) هيءُ راجا ستينءَ عيسوي
صديءَ جي پهرئين حصي ۾ هندستان جي مذڪوره حدن جو
هڪ مشهور حڪمران هو.
ڏکڻ هندستان وارو علائقو ستن هڪ جيترن ملڪن ۾
ورهايل هو، جيڪي هي هئا:
اتر ۾ مهاراشٽرا ۽ ڪوسالا – وچ ۾ ڪالنگا، انڌارا،
ڪون ڪانا، ڌاناڪاڪتا (Dhanakakta)
۽ ڏکڻ ۾ جوڙيا، درويدا ۽ مالاڪوتا (Malakuta)
جا ملڪ هئا. هن سان اسي ملڪن وارو چڪر پورو ٿئي ٿو
جنهن ۾ ستين صدي عيسويءَ دوران هندستان ورهايل هو.
اتر هندستان – 1
هندستان جون قدرتي سرحدون، هماليه جبل، سنڌو ۽
سمنڊ آهن. پر اولهه پاسي کان ڪيترن ئي طاقتور
حڪمرانن هن سرحد کي بار بار پئي اورانگهيو آهي.
سڪندر کان وٺي ويندي تمام پوئين دور تائين ڪن
مصنفن اوڀر آريانا
(Ariana)،
جنهن ۾ افغانستان جو وڏو حصو اچي وڃي ٿو. تنهن کي
به هندستان جو ڀاڱو ڀانيو آهي. اهڙيءَ ريت پليني
(35) چوي ٿو ته ”ڪيترا مؤرخ سنڌوءَ کي هندستان جي
سرحد ڪونه ٿا سمجهن. پر ان سان گيدورسي (Gedrosi)،
آرچوٽاءِ (Archotae)،
آري (Arii)
۽ پئرپامي سٽئڊاءِ جا چار ملڪ به ڳنڍين ٿا. اهڙيءَ
ريت ڪابل نديءَ کي هندستان جي حد قرار ڏيندا آهن.“
(36) اسٽرئبو جو به اهڙو ساڳيو خيال ڏسڻ ۾ اچي ٿو
۽ چوي ٿو ته ”هندستان وارن سنڌوءَ جي ڪناري سان
آباد ملڪن کي والاري ڇڏيو آهي. جيڪي اڳ ۾ ايران جي
ملڪيت هئا. سڪندر آرياني
(Ariani)
جو علائقو کانئن فتح ڪري اتي پنهنجا ماڻهو وسايا
هئا. پر سيليوڪس نيڪاٽر اهو علائقو شاديءَ بدلي
چندر گپتا جي حوالي ڪري ڇڏيو هو ۽ ان جي عيوضي ۾
پنج سو هاٿي ورتا هئائين. هيءُ موريا گهراڻي جو
مشهور راجا چندر گپتا آهي، جنهن جي پوٽي آسوڪا، ٻڌ
ڌرم جي واڌاري واسطي ٻڌ ڀڪشو پرچار لاءِ ڏيهان ڏور
موڪليا هئا. السندا (Alasadda)
يا اليگزينڊر ائڊ ڪاڪسم (Alexandria
ad Caucasum)
ان يوناني علائقي جي راڄڌاني هو، جنهن کي يونا (Yona)
سڏيندا هئا. اهو به اسوڪا جي حڪمرانيءَ ۾ پرپري
پنڌ تي واقع هو. شين سئنگ جو بيان آهي ته اوسي
پاسي ڪيترائي اسٽوپا ٺهيل هئا. جيڪي اسوڪا جي
ڪوششن سان ٺهرايا ويا هئا. اسان کي هن ڳالهه جي
پوري ثابتي ملي آهي ته هندستان وارن ٽين ۽ چوٿين
صدي قبل مسيح ۾ افغانستان ڪابل ماٿريءَ تي وڃي
قبضو ڪيو هو. هندستان جو پورو قبضو باختري يوناني
سڪن تي هندستاني لکت 100ع يا ان کان پوءِ واري دور
تائين به هلندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اها لکت ٻن ٽن صدين
تائين گم ٿي وڃي ٿي. پر سفيد هنس
White
Huns
واري دور يعني ڇهين صدي ۾ اسان کي ٻيهر ڏسڻ ۾ اچي
ٿي. ان کان پوءِ ستين صديءَ عيسويءَ ۾ چيني ياتري
شين سئنگ آيو هو، جنهن وسيلي اسان کي پتو پوي ٿو
ته ڪاپيسيا
Kapisa
جو حڪمران کشتريه يا چندر راجپوت هندو هو. ڏهين
صدي عيسوي ۾ ڪابل ماٿريءَ تي هڪ هندو برهمڻ حڪمران
هو. سندس حڪمراني محمود غزنويءَ جي شروعاتي دور
تائين هلي. تنهن ڪري اسان کي اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته
اوڀر افغانستان جي هن دور واري انساني آبادي انهن
پراڻن هندستاني آبادڪارن جو اولاد هئي ۽ هو ٻڌ ڌرم
جا پوئلڳ هئا. غزنوي جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا. سي
هنن ٻڌن کان نفرت ڪندا هئا ۽ کين قتل ڪرڻ کي
پنهنجي روحاني راحت ۽ فرض سمجهندا هئا. اهڙين
ڳالهين ڪري بت پرستي ختم ٿي وئي ۽ هندستاني نسل
جيڪو صدين تائين اوڀر آريانا ۾ آباد هو سو به
هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.
اتر هندوستان
ڪائوفو
Kaofu
يا افغانستان
ڪيتريون صديون عيسوي سن کان اڳ ۽ ان کان
پوءِ سنڌوءَ کان پار اتر هندستان جا علائقا جن
هندستاني مذهب ۽ ٻوليءَ جو غلبو هو، تن ۾ باميان
کان وٺي قنڌار تائين اولهه طرف سارو افغانستان ۽
بولان لڪ تائين ڏکڻ پاسي وارو علائقو به شامل هو.
اهو وڏو خطو ڪنهن زماني ۾ ڏهن (37) ملڪن ۾ ورهايل
هوندو هو. انهن مان مکيه ملڪ هي هئا:
اولهه ۾ ڪابل ۽ غزني، اتر ۾ لامغان ۽ جلال آباد،
اوڀر ۾ پشاور ۽ سوات – اتر – اوڀر طرف بلور
Bolor
۽ ڏکڻ ۾ بنو ۽ اوپوڪين
Opokien.
هن سڄي ساري علائقي جو گڏيل نالو ڪائوفو
Kaofu
هوندو هو، جنهن لاءِ بيان آهي ته ٻين صدي قبل مسيح
۾ هي علائقو پارٿين، هندستانين ۽ ڪپين
Kipin
جي ساڪاءِ
Sacae
جي وچ ۾ ورهايو ويو هو. ان بيان موجب ڏکڻ – اولهه
وارو قنڌار (38) جو علائقو پارٿين، پشاور، سوات ۽
بنو وارو اڀرندو علائقو هندستان وارن کي مليو.
ڪابل کان اتر – اولهه، غزني لامغان ۽ جلال آباد
وارا علائقا سيٿين جي ساڪاءِ قبيلي جي حوالي ڪيا
ويا . نالي جي هڪجهڙائي ۽ جاگرافيائي صورتحال مان
معلوم ٿئي ٿو ته ڪائوفو، ڪابل آهي. هن ڳالهه کي
سياسي طور تي صحيح سمجهي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪابل
جون الهندي پاسي سرحدون پارٿيا ڏانهن ۽ اڀرندي
هندستان ڏانهن وڌي سگهن ٿيون. تنهن ڪري چيني ماڻهن
جي نقطه نظر موجب ڪائوفو جو علائقو ساري موجوده
افغانستان تي مشتمل آهي. لغوي طور اهو به امڪان
آهي ته ٻنهي لفظن جي معنى هڪ جهڙي هجي. ڇاڪاڻ ته
يو چي يا توچاري
Tochari
جي پنجن قبيلن مان هڪڙي جو نالو ڪائوفو
Kaofu
هو، جن هن شهر تي قبضو ڪري پنهنجو نالو ڪائوفو
رکيو هو ۽ اهو ٻي صدي قبل مسيح وارو زمانو هو.
چيني مصنفن جي هن بيان جي پٺڀرائي سڪندر جا مورخ
به ڪن ٿا، جن ”اورٽوس پانا“
Ortospana
شهر جو ذڪر ڪيو آهي، پر ڪابل شهر جو نالو به ڪونه
کنيو اٿائون. ٽالمي ئي پهريون شخص آهي، جنهن هن
شهر ڪابل جو نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي ۽ لکي ٿو ته
اورٽوس پانا يا ڪابورا
Kabura،
پئروپنمساڊاءِ
Paropnmisadai
جي راڄڌاني آهي. هن حقيقت کي نظر ۾ رکي مان هن
نتيجي تي پهتو آهيان. اورٽو سپانا هن ملڪ جي
راڄڌاني جو اصلي نالو هو. سڪندر پنهنجي حملي دوران
هن جو اهو نالو مٽائي اليگزينڊريا رکيو هو. ان کان
پوءِ انڊو – سٿين حڪمران وري ساڳيو نالو رکيو.
ستينءَ صدي عيسويءَ دوران جڏهن ڪاپيسيني
Kapisene
جي راڄڌاني اوپياني
Opiani
هو ته سندس نالو وري تبديل ڪيل ٿو ڀائنجي.
ڪاپيسيني يا آپياني
چيني ياتريءَ جي لکت موجب ڪياپسي
Kiapishe
يا ڪاپيسيني
Kapisene
جي چوڌاري گهيرو چار هزار لي يا ڇهه سو ڇاهٺ ميل
آهي. جيڪڏهن اسان هن ماپ کي ٿورو گهٽ وڌ يا صحيح
سمجهون ته هي علائقو ڪافرستان، غوربند ۽ پنجشير
واريون ايراضيون پاڻ ڏانهن گهلي وٺندو. ڇاڪاڻ ته
اهي ٽئي ڄڻ ته گڏيل علائقا آهن ۽ ٽنهي جو گهيرو ٽي
سو ميل مس ٿيندو. ڪياپشي بابت وڌيڪ بيان آهي ته هن
علائقي جي چوڌاري جبل آهن. اتر طرف کان هڪ برف پوش
جبل اٿس، جنهن جو نالو پو – لو – سي – نا
Po-lo-se- na
آهي ۽ باقي ٽن پاسن کان ڪاري رنگ جون ٽڪريون آهن.
پولوسينا جو نالو زنداويستا (39)
Zenda Avesta
۾ بيان ڪيل جبل پاريش
Paresh
يا اپارسين
Aparasin
سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. يونان وارن هن کي
پئروپاميسس
Paropamisus
نالي سان سڏيو آهي، جنهن هندوڪش
Indian Caucasus
جي جابلو سلسلي کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو آهي. شين
سئنگ اسان کي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته راڄڌاني کان اٽڪل
پنج سو لي يا ٽيٽيهه ميل پري اتر اولهه طرف، هڪ
جبل آهي، جيڪو برف سان ڇانيل آهي. سندس چوٽيءَ تي
مٿي هڪ وڏي ڍنڍ موجود آهي. ڏسجي ته اهو پاڻ هندوڪش
جبل آهي، جيڪو چاريڪار
Charikar
۽ اوپياني کان پنجٽيهه ميل اتر – اولهه طرف موجود
آهي. مان ته گهڻائي هٿ پير هنيا آهن پر مون کي
ڪنهن اڌوري سڌوري ڪتاب مان معلوم ڪونه ٿيو آهي ته
افغانستان جي هن علائقي ۾ ڪا ڍنڍ به موجود آهي. |