ٻيو ماڳ سرڪوپ
Sara Kups
آهي. يعني ڪان وارن تلاءُ جيڪو مهاتما ٻڌ جي تير
هڻڻ سان پيدا ٿي پيو هو. فاهيان ڪرڪو چند جي ڄمڻ
واري جاءِ کي نا-پي-ڪيا
Na-Pi-Kia
سڏيو آهي. پر ٻڌڌرم جو تذڪرن (622) ۾ ان جاءِ کي
ڪشيم وتي
Kshem vati
يا کيم وتي
Khem vati
ڪوٺيو وڃي ٿو. (623) سري لنڪا جي ٻڌ تذڪرن ۾ (624)
ڪرڪو چند لاءِ حوالو آهي ته اهو ميکل
Mekhala
جي راجا ڪشيما
Kshema
جو پروهت
Pruohat
هو. فاهيان جي بيان موجب اهو ماڳ ڪپل کان هڪ يوجن
يا ست ميل اتر-اولهه پاسي هو. پر شين سئنگ ٻڌائي
ٿو ته مذڪوره ماڳ 50 لي يا پوڻا نو ميل ڏکڻ هو.
هن ماڳ بابت مذڪوره بيانن کان سواءِ ٻي ڪابه
معلومات ڪانه آهي، تنهن ڪري چئي ڪو نه ٿو سگهجي ته
ٻنهي مان ڪهڙو بيان سچو ۽ ڪهڙو ڪوڙو آهي. منهنجي
جاچ پڙتال موجب ڪڪوئا
Kakua
نالي هڪ ماڳ آهي، جيڪو نگر کان
پورا اٺ ميل اولهه پاسي آهي، تنهن ڪري مان فاهيان
جي بيان کي وڌيڪ ويساهه جوڳو سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته
ڪڪو، ڪرڪو جي پالي شڪل آهي. شين سئنگ جي بيان موجب
ان شهر کي ڪلواري خاص
Kalwari khas
جي اوسي پاسي جاچڻ کپي، جيڪو نگر کان ست ميل ڏکن
ڏس تي آهي.
ساڳيءَ ريت ڪنڪ مني جي ڄمڻ واريءَ جاءِ جي
جاگرافيائي بيهڪ بابت فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. فاهيان
ٻڌائي ٿو ته اها ڪرڪو چند جي ڄمڻ واري جاءِ کان
ڏکڻ طرف هئي. پر شين سئنگ ان کي اتر اوڀر ٻڌائي
ٿو. فاصلي بابت ٻنهي جا بيان هڪ جهڙا آهن، جنهن
لاءِ شين سئنگ جو بيان آهي ته 30 لي يا 5 ميل آهي،
جڏهن ته فاهيان هڪ يوجن کان گهٽ فاصلو ٻڌائي ٿو،
جيڪو 5 يا6 ميل ٿي سگهي ٿو، سري لنڪا جي ٻڌ تذڪرن
۾ هن ڳوٺ جو نالو سوڀ وتي-نگر لکيل آهي. (625) ٿي
سگهي ٿو ته اهو ڳوٺ سوڀي-پُرس
Subhay-pursa
هجي، جيڪو ڪڪوئا
Kakua
کان ساڍا ڇهه ميل ڏکڻ-اولهه ۽ نگر کان ساڳئي فاصلي
تي ڏکڻ-اولهه آهي.
اهڙيءَ ريت سر-ڪوپ جي طرف ۽ فاصلي ۾ به فرق ڏسڻ ۾
اچي ٿو. فاهيان جو بيان آهي ته هيءُ ماڳ ڪپل کان
30 لي يا 5 ميل ڏکڻ-اولهه پاسي آهي. شين سئنگ
فاصلو ٻڌائي ٿو. پر طرف ڏکڻ-اوڀر چئي ٿو. مان
سمجهان ٿو ته هن مامري ۾ پڻ فاهيان صحيح آهي.
ڇاڪاڻ ته شين سئنگ سر-ڪوپ کان لمبيني باغ جو فاصلو
80 يا 90 لي يا 13 کان 15 ميل ٻڌائي ٿو، جنهن بابت
آءُ اڳي ئي ٻڌائي آيو آهيان ته اهو ڪپل کان اوڀر ۽
روهيني يا ڪوهان نديءَ جي ڪناري واقع هو. جيڪڏهن
سر-ڪوپ يا ڪان وارو تلاءُ واجڌانيءَ جي ڏکڻ-اوڀر
پاسي هو ته پوءِ لمبيني باغ جو فاصلو ڇهن ستن ميلن
کان هرگز وڌيڪ نه هئڻ گهرجي. ان ڪري سر-ڪوپ جي
امڪاني جاگرافيائي بيهڪ سرواڻ پور
Sarwan pur
نالي ڳوٺ ويجهو هئڻ کپي، جيڪو نگر کان پورا ساڍا
پنج ميل ڏکڻ-اولهه پاسي آهي.
ماڳ سڃاڻڻ بابت ڏنل بيانن مان هن نتيجي تي پهتو
آهيان ته قديم ڪپل وارو ماڳ نگر آهي. پر مان
علائقي جو اهو ڀاڱو پاڻ وڃي اکئين ڪو ڏٺو آهي ۽ ان
ماڳ بابت جيڪا معلومات ملي آهي سا منجهيل آهي. مان
سمجهان ٿو ته آخري فيصلو تڏهن ڪري سگهبو جڏهن مان
پاڻ وڃي اهي نگر وارا ماڳ ڏسان ۽ کوجنا ڪريان ۽
اوسي پاسي وارا واهڻ وسنديون دڙا ۽ ڀڙا جاچيان،
پرکيان. ان وقت تائين هن نتيجي کي حقيقت جي ويجهو
سمجهڻ کپي.
رام گرام
سفرنامن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻئي چيني ياتري ڪپل
کان لمنو
Lanmo
پهتا هئا، جيڪو هندستان جي ٻڌ تذڪرن موجب رام گرام
وارو ٿاڪ آهي. فاهيان جي بيان موجب اهو پنج يوجن
يا پنجويهه ميل فاصلي تي اوڀر طرف هو. (626) شين
سئنگ نه رڳو ساڳيو نالو ٻڌائي ٿو ته پر فاصلو 200
لي يا سوا 33 ميل ڏيکاري ٿو. (726) ٻنهي ياترين جو
ٿوري فاصلي تي اتفاق آهي، پر مان به سمجهان ٿو ته
اهو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. ان کان پوءِ ٻئي ڄڻا
انوم
Anoma
نديءَ جي ڪناري ڏانهن سفر ڪن ٿا. جن جو فاصلو
فاهيان کان ٽي يوجن يا ايڪويهه ميل آهي. شين سئنگ
100 لي يا اٽڪل 16 ميل ٻڌائي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪپل
کان انوم نديءَ تائين فاهيان مطابق فاصلو اٺ يوجن
يا 56 ميل ۽ شين سئنگ جي بيان موجب 300 لي يا 50
ميل ٿئي ٿو پر ٻڌن جي هندستاني تذڪرن پٽاندر ڇهه
يوجن يا 43 ميل آهي ۽ مان به هن بيان کي صحيح
سمجهان ٿو ڇاڪاڻ ته موجوده دور واري انومي
Anomi
ندي نگر کان 40 ميل اوڀر طرف موجو آهي. شايد هيءَ
اها ساڳي ندي هجي جنهن کي ٻڌ تذڪرن ۾ انوم
Anoma
ندي ڪري لکيو ويو آهي ۽ هن نديءَ جي سڃاڻپ لاءِ
هيٺ بحث ڪيو ويو آهي.
چيني ياترين جي بيانن موجب رام گرام وارو ماڳ نگر
کان انوم نديءَ ڏانهن ويندي 3/2 جيتري پنڌ يعني
چار يوجن يا 28 ميلن جي اوسي وارن ٿاڪن وٽ. ان
جاگرافيائي بيهڪ موجب مون کي ديو ڪلي
Deokali
نالي هڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿو (628) جيڪو کنڊرن جي هڪ
دڙي تي آباد آهي. زمين جي سروي ڪرڻ وقت هن دڙي کي
گهڻو ڪتب آندو ويو آهي. مهاونسو
Mahawanso
جي تحرير مطابق اتي رام گامو جي اسٽوپا هئي. جيڪا
گنگا جي ڪناري اڏيل هئي ۽ پاڻيءَ جي چاڙهه سبب ڊهي
ناس ٿي وئي. (629) مسٽر لئڊلي
Mr.Laidlay
ته اڳي ئي اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته مذڪوره درياهه
گنگا نه ٿو ٿي سگهي. امڪان آهي ته اهو گهاگر يا
ٻيو ڪو اتر وارو وڏو درياهه هجي. مان سمجهان ٿو ته
سري لنڪا جي تذڪرن ۾ گنگا جو نالو هروڀرو ڏنو ويو
آهي. ٻڌ ڌرم جي سڀني ڪتابن جو هن ڳالهه تي اتفاق
آهي ته مهاتما گوتم جون متبرڪ شيون اٺن پتين ۾
ورهيايون ويون هيون جن مان هڪ پتي رام گرام جي
ڪوسل وارن کي ملي. ڪوسل وارن انهن شين مٿان اسٽوپا
تعمير ڪرايو هو. ٿورن سالن کان پوءِ مگڌ جي راجا
اجتسترو
Ajatasatru
مهاتما جي باقي رهيل متبرڪ شين جون ست پتيون ميڙي
چونڊي ڪٺيون ڪري مٿن راڄ ڳڙهه وارو اسٽوپا اڏايو
هو. باقي انهن شين جي اٺين پتي رام گرام واري
اسٽوپا ۾ رهي. ان اسٽوپا کي گنگا وهائي کڻي وئي.
متبرڪ شيون هڪ دٻليءَ ۾ رکيل هيون جيڪا لڙهي وڃي
سمنڊ ۾ پئي. اتفاق سان ناگ جا پاڻيءَ جي ديوتائن
کي هٿ اچي وئي جن کي کني اچي پنهنجي راجا جي حوالي
ڪئي. هن راجا تبرڪ جي دٻليءَ مٿان هڪ اسٽوپا تعمير
ڪرائي. سري لنڪا جي راجا دٿ گاميني
Kutthagamini
(137ع کان 161 ق. م) جي ڏينهن ۾ هڪ ٻڌ ڀڪشو جنهن
جو نالو سونو تارو
Sonutaro
هو، جي ڪرامت سان ناگ راجا کان ورتي ۽ سري لنڪا ۾
ان مٿان مهٿپو،
Mahothupo
نالي هڪ اسٽوپا جوڙائي. (630) هيءَ ڳالهه چيني
ياترين جي بيانن کان گهڻو مختلف آهي. ٻنهي سيلانين
رام گرام وارو ماڳ سري لنڪا جي مذڪوره راجا دٿ
گاميني کان ڪئي صديون پوءِ ڏٺو هو. هنن ڏٺو ته اهو
اسٽوپا بلڪل صحيح ۽ سالم هو پر ندي ڪانه هئي.
فاهيان (631) پنجين صديءَ جي شروعات ۾ اسٽوپا
ڀرسان پاڻيءَ جو هڪ تلاءُ ڏٺو جنهن ۾ ناگ ويٺل هو.
جيڪو لڳاتار اسٽوپا ڏانهن نهاري رهيو هو. شين سئنگ
ستين صديءَ جي وچ ڌاران هتي آيو هو. (632) هن ساڳي
اسٽوپا صحيح ۽ سالم حالت ۾ ڏٺي. صاف ۽ شفاف پاڻيءَ
جو تلاءُ ڏٺو هن اهو به ڏٺو ته ان پاڻيءَ ۾ ڪيترا
نانگ تري رهيا هئا. جيڪي ماڻهوءَ جو روپ ڌاري
اسٽوپا جي ياترا ڪندا هئا. (633) ٻئي ياتري اهو به
ذڪر ڪن ٿا ته راجا اشوڪ مهاتما ٻڌ سان لاڳاپيل اهي
متبرڪ شيون پنهنجي راجڌانيءَ ڏانهن کڻائي وڃن ٿي
چڍاهيون پر نانگ راجا جي تنبيهه ڪرڻ تي هن ائين ڪو
نه ڪيو هو. نانگ کيس اهو به چيو ته جيڪڏهن تون ٻل
چاڙهڻ سان روحاني خوشي حاصل نه ٿو ڪري سگهين ته
پوءِ ڀلي اسٽوپا ڊاهي متبرڪ شيون کڻي وڃ مان توکي
ڪو نه روڪيندس. سري لنڪا جي ٻڌ تذڪرن موجب نانگ
راجا جي اها ساڳي گفتگو راجا اشوڪ بدران ٻڌ ڀڪشو
سوني تاري ڏانهن منسوب ڪئي وئي آهي ۽ ساڳيءَ ريت
نانگ کيس اهي متبرڪ شيون سري لنڪا ڏانهن کڻي وڃڻ
کان منع ڪئي هئي. (634) مان سمجهان ٿو ته رام گرام
ڀرسان اصل ۾ پاڻيءَ جو اهو تلاءُ هوندو. پر سري
لنڪا جي تذڪرن ۾ وڌاءَ کان ڪم وٺي ان کي درياهه
لکيو ويو آهي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن تلاءَ ۾
رهندڙ راجا نانگ مذڪوره متبرڪ شيون درياهه وسيلي
کڻي سمنڊ ۾ رهندڙ راجا نانگ جي محلات ۾ پهچائي ۽
اتان سري لنڪا جي ڪهڙي به ٿاڪ تي رسائڻ ۾ آساني
ٿئي. تنهن ڪري سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته سري لنڪا
واري ڏند ڪٿا ۾ درياهه جو هجڻ تمام ضروري هو ڇو ته
ان کان سواءِ اهي شيون سمنڊ ۾ سري لنڪا تائين پهچڻ
ڏکيون هيون. پر ٻن ياترين جي ڌار ڌار اکين ڏٺي
شاهدي موجود آهي،جن ڪيتريون صديون پوءِ اسٽوپا کي
صحيح حالت ۾ ڏٺو هو. انهن شاهدين جي ڀيٽ ۾ سري
لنڪا جي تذڪرن واري شاهدي ڪابه حيثيت ڪانه ٿي رکي.
مان سمجهان ٿو ته سري لنڪا جي تذڪرن ۾ بيان ٿيل
حقيقت ته اهو ماڳ گنگا جي ڪناري آهي، سو غلط آهي،
تنهن ڪري رد ڪرڻ کپي. ان جي ڀيٽ ۾ چيني ياترين جو
بيان ته اتي نانگن جو تلاءُ هو، اهو سچ سمجهڻ
گهرجي. اهڙيءَ ريت درياهه واري خيال کان اسان جي
جند آجي ٿي وئي. هتي ڏٺو وڃي ته ديوڪلي ۽ ٻڌ تاريخ
جي مشهور ماڳ رام گرام کي هڪ ٿاڪ سمجهڻ ۾ ڪابه
غلطي ڪانه آهي. فاهيان جي اچڻ واري زماني ۾ هي شهر
ڦٽو ڀڙڀانگ لڳو پيو هو ۽ ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل فقط
هڪ اڏاوت موجوده هئي، جيڪا ستين صديءَ جي وچ تائين
هلندي آئي. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ اتي رڳو هڪ سرا
منير ٻڌ پروهت
Budhmank or Sramanera
رهندو هو. جيڪو ان مڙهي کي پيو هلائيندو هو.
انوم ندي
ٻڌ ڌرم جي تاريخ ۾ انوم ندي گهڻي مشهور ۽ معروف
آهي. ڇاڪاڻ ته هتي شهزادي سڌارت سنياسين وارو وڳو
پاتو هو. هتي ئي هن پنهنجا ڊگهيا وار ڪتري ٺوڙهو
ٿي پنهنجي ٽهلين ۽ داسن کي موٽي وڃڻ جي آگيا ڏني ۽
پنهنجي شاهي گهوڙو به واپس ڪري ڇڏيو هو. (635)
برمي ۽ سري لنڪا (636) جي تذڪرن مطابق اهو ماڳ ڪپل
کان ٽيهه يوجن يا 210 ميل پري هو. اهو فاصلو غلط
خيال تي ٻڌو ويو آهي ته اها ندي ڪپل ۽ راج ڳڙهه جي
وچ تي هئي ۽ ٻنهي ماڳن جي وچ ۾ سٺ يوجن جو فاصلو
آهي. لليتا وستار (637) جي ٿٻيٽي ترجمي ۾ اهو
فاصلو ڇهه يوجن يا 42 ميل ٻڌايو ويو آهي. هيءُ
فاصلو ترجمي ۾ اهو فاصلو ڇهه يا 42 ميل ٻڌايو ويو
آهي. هيءُ فاصلو فاهيان ۽ شين سئنگ جي ٻڌايل فاصلي
کان گهٽ آهي. اڳين سيلانيءَ هڪ ئي پنڌ ۾ ٻه فاصلا
يوجن جي حساب سان ٻڌايا آهن. جڏهن ته پوئين
پانڌيئڙي ٻنهي فاصلن جو پنڌ لي جي حساب سان ٻڌايو
آهي. اهي فاصلا اندازا سمجهي سگهجن ٿا. اهڙيءَ ريت
فاهيان جو پنج يوجن ۽ ٽي يوجن جو ڪٿيل فاصلو ساڍا
چار يوجن ۽ اڍائي يوجن فاصلو آهي ۽ شين سئنگ جو
انوماني فاصلو 200 لي ۽ 100 لي آهي، جنهن جو جوڙ
300 هجڻ کپي. پر اصلي فاصلو 180 لي ۽ 80 لي آهي.
فاهيان واري فاصلي جو جوڙ ست يوجن يا 49 ميل ٿئي
ٿو ۽ شين سئنگ جو اصلي فاصلو 260 لي بيهي ٿو، جيڪو
43 ميلن جي برابر آهي. انهن ٻنهي جي ڀيٽ ۾ لليتا
وستار جو ڏنل فاصلو اصلي پنڌ جي ويجهو آهي. جيڪو
سارو يوجن ۾ ڏنو ويو آهي.
جڏهن شهزادي سڌارٿ ويراڳي حياتيءَ جي شروعات ڪئي
ته هن ڪپل کان راڄڳڙهه ڏانهن ويندي ويسالي
Vaisali
واري سڻڪ ورتي هئي. اهو طرف اوڀر. ڏکڻ-اوڀر ٿيندو.
هو ديوڪلي کان لنگهي سنگرام پور کان هيٺان وڃي
انوم نديءَ تي پهتو هو. هيءُ ماڳ ان جاءِ تي آهي
جتان ٿورو هيٺ هلي انوم ندي انومير
Anumiyar
ڍنڍ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي آهي. (638) انومي
Anumi
جي وهڪري جو عام رخ اتر-اولهه کان ڏکڻ-اوڀر آهي.
نگر کان اهو فاصلو 40 يا 45 ميلن جي وچ تي آهي.
اها سڻڪ سنگرام پور کان مٿان ندي پار نه ڪندي هئي
ڇو ته اهو فاصلو 40 ميلن کان گهٽ هو. نه ڍنڍ مان
هڪ ڇاڙهه نڪري راپتي نديءَ ۾ اچي پوندي هئي.
جيڪڏهن هيءَ ڄاڻ صحيح آهي ته مذڪوره سڻڪ انومير
ڍنڍ جي منهن کان مٿان ندي پار ڪندي هئي.
آومي
Aumi
يا سنسڪرت جو لفظ اومي
Avami
جي معنيٰ هلڪي، ننڍي يا غير اهم آهي. هڪ نديءَ جي
نالي جي نقطه نگاهه کان هن جي ننڍي ماپ ڏيکاريندڙ
هڪ بياني نالو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڀر
پاسي ۾ ٻيون هن کان تمام وڏيون نديون آهن. نقشي تي
ڏسڻ سان اهو معلوم ٿيندو ته انومي راپتيءَ جي
پراڻي پيٽ مان وهندي نظر ايندي، جنهن کي هيءَ ندي
دو مريه گنج
Dumariya Ganj
وٽان ڇڏي وئي آهي. انومي نديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ڇاڙهه
کي ٻڌ نالي
Budh Nali
يعني پراڻو وهڪرو سڏيو ويندو آهي. هي وهڪرو بانسي
Bansi
جي اوسي پاسي کان شروع ٿيندو آهي. مينهوڳيءَ جي رت
۾ راپتيءَ مان ٻه ان دلدلي نالي وسيلي پاڻي ملندو
آهي. هن حقيقت مان پوري پڪ ٿئي ٿي ته انومي نديءَ
جو بليهر
Balehar
ڀرسان ٻڌنالي سان سنگم واري ٿاڪ کان هيٺ انومي
نديءَ جو وهڪرو راتي جي پراڻي پيٽ کان لنگهندو
آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن نديءَ جو امي يا
اوَمي نالو بلڪل صحيح آهي ڇو ته راپتي جي وهڪري جي
پيٽ ۾ هيءَ وهڪرو تڇ سمان آهي ۽ نالي جي معنيٰ به
اها ئي آهي يعنيٰ غير اهم.
لليتا وستار موجب مهاتما گوتم هيءَ ندي انووئنيه
Anuvaineya
(639) علائقي جي منييه
Maneya
ڳوٺ وٽان پار ڪئي هئي. هن ڳوٺ جو نالو اڻ ڏٺو، اڻ
ٻڌو معلوم ٿئي ٿو، پر علائقو اهو ساڳيو انائولا
Anaola
آهي جيڪو انومي نديءَ جي هيٺئين پاسي ۽ اولهه طرف
واقع آهي، سنگرام پور ۽ ائومير ڍنڍ به هن علائقي ۾
موجود آهي. انووئنيه جي معنيٰ جيڪو وينيه نديءَ جي
ڪناري جي ويجهو يا ان جي وهڪري جي هيٺئين پاسي
واقع هجي. هيءُ لفظ وينو
Venu
مان نڪتل ٿو ڀائنجي. انگريزيءَ ۾ هن جي معنيٰ
ٿيندي
Bambu
جيڪڏهن هن لفظ جي معنيٰ صحيح آهي ته ان جو مفهوم
ٿيندو
Bem buveve
ان جو هم معنيٰ لفظ بانسي ڪناري سان بانس گهڻو
هوندو آهي يا وري بانسي شهر ڀرسان رهندي آهي.
برما ۽ سريلنڪا جون ڏند ڪٿائون هڪ جهڙيون ڏسڻ ۾
اچن ٿيون. سندن بيان آهي ته جڏهن راجڪمار سڌارٿ
نديءَ جي ڪناري پهتو ۽ پنهنجا ٽلهيا ۽ داس ۽
سواريءَ وارو گهوڙو اتان موٽائي موڪليا هئائين ۽
ماڻهن کان نديءَ جو نالو پڇيو هئائين ته کيس ٻڌايو
ويو ته ان جو نانءُ انوم آهي. اهو ٻڌي مهاتما
نديءَ جي نالي بابت پنهنجي راءِ جو اشارن ۾ اظهار
ڪيو هو پر ترجمي واري ان جو نالو مختلف لکيو آهي.
برما جي ڏندڪٿا موجب (640) ان نديءَ جو نالو اناؤم
Anauma
هو. اهو نالو ٻڌي راجڪمار پنهنجي راءِ جو اظهار
هن ريت ڪيو هو ته ”مان جنهن رستي تي پهچڻ جي خواهش
ڪري رهيو آهيان ان اهم رستي جي لائق ٿي
ڏيکاريندس.“ تنهن کان پوءِ راجڪمار ان ڀوائتي
جانور گهوڙي کي اڙي هنئي جنهن هڪ زبردست ڇال ڏئي
ذڪر ڪيو آهي. (641) سندس بيان آهي ته راجڪمار
نديءَ وٽ پهچي پاڻ سان گڏ راڄوڙن کان نديءَ جو
نالو پڇيو جن کيس وراڻيو ته هن نديءَ جو نالو انوم
يعني اعليٰ، اوچي يا معزز وغيره آهي. هن اهو نالو
پنهنجي باري ۾ سٺو سوڻ سمجهيو. ترنر سري لنڪا جي
اتڪٿ ٻڌوانسو (642)
Athakatha Budhawanso
جي حوالي سان ڪجهه تفصيل سان احوال ڏنو آهي. سندس
بيان آهي ته راجڪمار ساڻس گڏ هڪ راڄوڙي چندوءَ کان
نديءَ جو نالو پڇيو.
”هن نديءَ جو نالو ڇا آهي؟“
”سرڪار هن نديءَ جو نالو ازم آهي.“ چندوءَ وراڻيو.
”پر منهنجي ترتيب ۽ درجه بندي ۾ ڪابه انوم
(گهٽتائي) نه هوندي.“ راجڪمار چيو . پوءِ هن گهوڙي
کي اڙي هڻي نديءَ تان ڇال هڻڻ جو اشارو ڏنو. ٽرنر
وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته انوم لفظ ۾ ذو معنيٰ اشارو آهي
پر ٻڌ ڌرم جي ڪتابن ۾ هي ذومعنيٰ اشارو طبيعت جي
ڪڙائي به ڏيکاري ٿو. مان سمجهان ٿو ته ٽرنر غلطيءَ
وچان هن لفظ انوم جي معنيٰ گهٽتائي
Inferiorty
سمجهيو آهي. پر هن لفظ جي صحيح منعيٰ ان جي ابتڙ
آهي جنهن کي پادري بنگئيٽ
Bingaudet
۽ هارڊي بلڪل ٺيڪ سمجهيو آهي. برما ۽ سري لنڪا جي
ٻڌ تذڪرن مطابق ان نديءَ جو نالو انوم
Anoma
يعني اوچي محترم يا شان و شوڪت واري. راجڪمار به
پنهنجي راءِ جو ائين اظهار ڪيو هوندو ته منهنجو
ترتيب ۽ درجه بندي ۾ شان ۽ رتبو هوندو پر موجوده
دور ۾ هن نديءَ جو نالو اؤمي
Aumi
آهي جنهن جي معنيٰ آهي گهٽ
Inferior
ٽرنر جي ترمي ۾ لفظ گهٽتائي
Inferior
ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جنهن
ڪتاب تان اهو فقل ڪيو آهي تنهن ۾ نديءَ جو نالو
ضرور اوما
Oma
يا ائوما
Auma
هوندو. مونکي پتو نه آهي ته صحيح پڙهڻي ڇا آهي؟
جڏهن راجڪمار کي ٻڌايو ويو ته پڇيل نديءَ جو نالو
اوما
Auma
گهٽتائي آهي ته راجڪمار پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي
چيو هو ته منهنجي ترتيب ۽ درجه بندي ۾ انوم يعني
شان و شوڪت ۽ عظمت هوندي. جيڪڏهن هن نديءَ جو اصلي
نالو انوم هوندو ته اهو سمجهڻ ڏکي ڳالهه آهي. ته
اهو بدلجي ائومي ڪيئن ٿي ويو؟ جنهن جو مفهوم ۽
مطلب ئي ابتو آهي. پر جيڪڏهن هن جو اصلي نالو
اؤمي يعني راپي جي غير اهم ڇاڙهه جي ناتي سان
هوندو ۽ ٻڌ ڌرم وارن مٽائي انوم رکيو هوندو ته ڏسڻ
۾ اچي ٿو ته ان کي وري اصلي نالي پٺيان اومي سڏڻ
هڪ فطري ڳالهه آهي. هن مان هيءَ حقيقت به ظاهر ٿي
پوي ٿي ته هن نديءَ کي اؤمي نالي پٺيان سڏڻ ٻڌ ڌرم
جي زوال کان پوءِ جو عمل هوندو.
ٻڌن واري انوم ۽ موجوده دور واري اومي هڪ نديءَ جا
ٻه نالا آهن، سان تصديق هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته
جنهن هنڌ تان راجڪمار مذڪوره نديءَ تان اڪريو هو،
تنهن ٿاڪ ڀرسان تمام ٿوري فاصلي اندر اوڀارئين
ڪناري سان موجود ٽن ٿاڪن جا نالا اهڙي شاهدي ڏين
ٿا ته نديءَ پار اڪري راجڪمار پنهنجي گهوڙي تان
لٿو ۽ پنهنجي ٽهلئي چندڪ کي ڪپل ڏانهن واپس وڃڻ جو
چيائين. (643) ان جاءِ تي چندڪ نيو-رتن
Chandak Nevarttana
نالي هڪ اسٽوپا تعمير ڪئي وئي هئي. جنهن کي چندڪ
جي واپس ورڻ جي جاءِ به سڏيو ويندو هو. هن ٿاڪ کي
عام ٻوليءَ جي لهجي ۾ چند برت
Chand bartta
به ڪوٺيو ويندو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو ٿاڪ
چندولي
Chandooli
ڳوٺ جي روپ ۾ نديءَ جي اوڀارين ڪناري تي وامير ڍنڍ
جي منهن وٽ ۽ گورکپور کان ڏهه ميل ڏکڻ اڄ به موجود
آهي. اتي راجڪمار پنهنجي تلوار کڻي وار ڪپي مٿي
اڇلايا هئا. جيڪي ديوتائن جهٽي ورتا هئا. ان جاءِ
تي ديوتائن جي اسٽوپا تعمير ڪئي وئي جنهن جو نالو
چد-پتي ڳڙهه
Chad-Pati-Graha
رکيو ويو هو. جنهن جي معنيٰ آهي وارن جو ڍير. هن
نالي کي مختصر ڪري چند-چوريه
Chureya
آهي. جيڪو چندولي
Chandooli
کان ٽي ميل اتر پاسي آهي. ٽين ڳالهه ته هتي
راجڪمار شاهي ويس وڳا جن کي ڪاسايه
Kasaya
سڏيو ويو آهي، لاهي فقيراڻو لباس ڪڍيو هو. اهو
اعليٰ لباس ڪاشي يا بنارس جو ٺهيل هو. جنهن جاءِ
تي ڪپڙا مٽايا ويا هئا ان جاءِ تي به اسٽوپا تعمير
ڪيو ويو هو، جنهن کي ماڻهو ڪاسايه گرهن
Kasaya Grahan
سڏيندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي لاٿل لٽا ڪپڙا. مان
هن ماڳ کي ڪسيير
Kaseyar
ڳوٺ سمجهان ٿو جيڪو چندولي کان ساڍا ٽي ميل
ڏکڻ-اوڀر آهي. مان پنهنجي هن خيال جي پٺڀرائي لاءِ
شين سئنگ جي بيان کي شاهدي طور پيش ڪريان ٿو ته
لاٿل ڪپڙن وارو اسٽوپا چندڪ جي واپس ورڻ واري ٿاڪ
کان اوڀر پاسي آهي. هي اسٽوپا ان ماڳ کان سڌو سئون
مخالف طرف آهي. جنهن کي مان مٿي چورهيه جو ماڳ سڏي
آيو آهيان،جيڪو ڪاسايه کان ڇهه ميل اتر پاسي
ٿيندو. هن ڳالهه مان اهو سمجهڻ گهرجي ته جنهن ماڳ
کي مان سڃاڻڻ جي دعويٰ ڪئي سوئي نڪري پيو. باقي
ٻيا ٻه ماڳ جيڪي شين سئنگ جي ٻڌايل جاگرافيائي
بيهڪ سان ٺهڪي اچن ٿا سي گهڻو ڪري صحيح آهي.
پپل وڻ
Pippala Vana
ٻئي چيني ياتري انوم نديءَ کان اسٽوپا جي ياترا
لاءِ رواني ٿيا جيڪا پپل وڻ
Pippala Vana
ڀرسان ڇار جي ڍير وٽ تعمير ٿيل هئي. چيو ويندو
آهي ته هي ان چتا جي ڇار آهي جنهن تي مهاتما گوتم
جي ارٿيءَ کي اڳني سنسڪار ڪيو ويو هو. ان شهر ۾
رهندڙ موريه
Moriya
ڪل جي ماڻهن مهاتما جي رکَ وٺڻ لاءِ ڪجهه دير سان
گذارش ڪئي هئي، پر پوءِ به سندن اهڙي گذارش پوري
ڪئي وئي هئي. فاهيان جو بيان آهي ته اها اسٽوپا
انوم نديءَ کان چار يوجن يا اٺاويهه ميل اوڀر پاسي
هئي. شين سئنگ جي بيان مطابق اهو 180 يا 190 ميل
لي يعني 30 کان 32 ميل فاصلو آهي ۽ طرف به
ڏکڻ-اوڀر ٿو ٻڌائي فاهيان شهر جو نالو ڪو نه ٿو
ڏسي پر برما (644) ۽ سري لنڪا جي ٻڌ تذڪرن ۾ (645)
هن ڳوٺ جو نالو پپل وڻ يا پپل وڻ جو ٻيلو لکيو ويو
آهي. ٿٻيٽ جي دولو (646)
Dulva
۾ هن ٿاڪ جو نالو نينگروڌ
Nyngrodha
يا بڙ جا وڻ تحرير ٿيل آهي. شين سئنگ به نينگروڌ
ٻيلي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته ان ڇار جي ڍير وٽ
جيڪا اسٽوپا تعمير ٿيل هئي تنهن ويجهو انهن وڻن جو
ٻيلو هو. اهو ماڳ هن اکئين وڃي ڏٺو هو. تنهن ڪري
سندس شاهديءَ کي سري لنڪا جي تذڪرن جي تحرير جي
ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي موجوده دور ۾ هن نالي
سان ڪو به ٿاڪ نظر ڪو نه ٿو اچي. پر شين سئنگ جنهن
طرف جو ذڪر ڪيو آهي. اوڏانهن انهيءَ قسم جا وڻ
ضرور ڏسجن ٿا، جيڪي قديم ماڳ سهنڪٽ
Sahankat
جي چوڏس هڪ گهاٽي جهنگ جي صورت ۾ نظر ايندا. بچانن
Buchanan
هن ماڳ جو ذڪر ڪيو آهي، جتان کيس مهاتما گوتم جون
ڪيتريون مورتيون هٿ لڳيون هيون. (647) ٻڌ ڌرم جي
اوج واري زماني ۾ هيءَ ماڳ ضرور وسندڙ هوندو. نقشي
جي سڌيءَ ماپ مطابق چندولي گهاٽ
Chandoolighat
کان هن جو فاصلو ويهه ميل کان گهٽ ڪو نه ٿيندو
ڇاڪاڻ ته وچ تي پاڻيءَ جون نديون جام آهن. هن ماڳ
جي جاگرافيائي بيهڪ به بلڪل ائين نظر ايندي جهڙيءَ
ريت شين سئنگ ڇار جي ڍير واري اسٽوپا جي ٻڌائي
آهي. مون وٽ اهڙي پڪي شاهدي ڪانه آهي جيڪا هن
ڳالهه جي تصديق ڪري سگهي پر جيڪڏهن سري نگر ڪولوئا
Srinagar Kolua
جي پوئين ڀاڱي کي ڪوئل
Koil
يعني ڪوئلو سمجهيو ته به ان جو امڪنا ٿي سگهي ٿو ۽
مان سمجهان ٿو ته ائين ڪو نه آهي. مان پنهنجي بيان
۾ هي اضافو ڪرڻ گهران ٿو ته سهنڪٽ کان ڇار واري
ڍير جي اسٽوپا کان ڪوسي نگر
Kusinagar
به ساڳئي اتر-اوڀر طرف آهي، جهڙيءَ ريت ڪسيه آهي ۽
شين سئنگ جو بيان به اهائي حقيقت ڏيکاري ٿو.
ڪوسينگر
Kusinagara
فاهيان جو بيان آهي ته ڪوسينگر ڇار واري اسٽوپا
کان ٻارهن يوجن يا 84 ميل اوڀر طرف آهي. جيڪڏهن هن
جو تحرير ڪيل وئسالي ۽ بنارس جي فاصلن تي ويچاريو
ته اهو فاصلو ناممڪن ڏسڻ ۾ ايندو. (648) بدقسمتيءَ
جي ڳالهه اها آهي ته شين سئنگ پنهنجي روايت جي
برخلاف هتي فاصلي جا انگ اکر ڪو نه ڏنا آهن هو فقط
هن بيان تي اڪتفيٰ ڪري ٿو ته هن اتر-اوڀر طرف هڪ
گهاٽي جهنگ وچان تمام گهڻو سفر ڪيو، جنهن ۾ جهنگلي
ڍڳا ۽ هاٿي تمام گهڻا هئا ۽ ڌاڙيلن جو انگ به گهٽ
ڪو نه هو. سهنڪٽ جي اوڀر ۽ اتر پاسي اهڙو گهاٽو
جهنگ اڄ به موجود آهي. گورکپور جي اتر ۽ ترائي
Taraiواري
ٻيلي ۾ هاٿي اڄ به جهجا ڏسبا. ولسن پهريائين ڪسيه
کي ڪوسيگر سمجهيو هو ۽ اهو خيال اڃا سوڌو قائم
آهي. هيءُ ڳوٺ گورکپور کان پورا پنجٽيهه ميل اوڀر
هڪ چودڳي تي ڏسڻ ۾ ايندو (649) نقشي جي سڌي ماپ
مطابق هيءُ ماڳ سهنڪٽ کان 28 ميل اتر-اوڀر ٿيندو
پر سڻڪ جي پنڌ موجب ان جو فاصلو 35 ميل آهي. تنهن
ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو فاهيان جي ٻڌايل فاصلي
ٻارنهن يوجن بدران رڳو پنج يوجن آهي. هن ماڳ جي
بيهڪ کي بنارس جي فاصلي وڌائڻ ۽ وئسالي جي فاصلي
گهٽائڻ کان سواءِ اتر-اوڀر طرف اڳتي وڌائي ڪو نه
ٿو سگهجي شين سئنگ اڳيون فاصلو 700 لي يا 117 ميل
۽ پويون فاصلو فاهيان پنجويهه يوجن يا 170 ميل
لکيو آهي. اهي ٻئي اندازا ڪسيه جي جاگرافيائي بيهڪ
سان ٺهڪي اچن ٿا. مان پڪ سان چوان ٿو ته فاهيان جو
ٻڌايل ٻارهن يوجن فاصلو غلط آهي. آنرڌو
Anrudhwa
جو ماڳ نقشي جي سڌي فاصلي مطابق بنارس کان 111 ميل
اتر-اتر-اوڀر طرف آهي جيڪو سڻڪ جي سفر موجب 120
هوندو. ڪسيه کان وئنسالي 140 ميل پري آهي. هن سڻڪ
سان مان پاڻ به سفر ڪيو آهي. انگريز سرڪار ڪوشش
ڪري هن رستي کي وڌيڪ سڌو ڪيو آهي. ورن وڪڙن واري
پراڻي سڻڪ سان اهو فاصلو 160 ميلن کان ڪڏهن به گهٽ
ڪو نه هوندو.
شين سئنگ جي زماني ۾ ڪوسينگر قلعي جون ڀتيون ڊهي
ناس ٿي ويون هيون. شهر ۾ ماڻهو به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ
رهندا هئا پر هن شهر جي ڊٺل گهرن جون پراڻيون
پيڙهيون 12 لي يا ٻن ميلن جي گهيري کان ڏسجي رهيون
هيون. آنرڌو ۽ ڪسيه جي وچ تي موجود ٿرڙ ڪافي
ايراضيءَ ۾ پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندا. ڪي کنڊر ته شهر کان
ٻاهرين ڏسڻ ۾ ايندا. هاڻي ته ان جي مقرر حد بندي
به ڪري ڪانه ٿي سگهجي. امڪان اهو نظر اچي ٿو ته
آنرڌو ڳوٺ کان اتر. اوڀر پاسي جيڪي دڙا ۽ ڀڙا آهن،
سي هن قديم شهر جا ٿرڙ آهٿن. اهو ماڳ جتي مهاتما
گوتم کي نرواڻ مليو هو تن جي پتن پارن مان معلوم
ٿئي ٿو ته اهي ان اسٽوپا وارا ٿاڪ آهن جن کي
مئٿ-ڪور-ڪا-ڪوٽ
Matha-Kuar-Ka-Kot
يعني مئل شهزادي جو ڪوٽ سڏيو ويندو آهي. اها جاءِ
جتي سندس مئٿ کي اگني سنسڪار ڪيو ويو هو اتي به
ديو سٿان
Devisthan
نالي هڪ وڏي اسٽوپا تعمير ڪئي وئي هئي. بيان ڪيل
پهريون ماڳ آنرڌو ڳوٺ کان اتر-اولهه ۽ ڇوٽا گنده
يا هرنيه وتي
Heranya vati
جي پراڻي پيٽ سان اولهه پاسي آهي، جيڪا مينهوڳيءَ
جي رت ۾ اڃا به وهي ايندي آهي. پويون ٿاڪ هن ڳوٺ
کان اتر-اوڀر طرف ۽ مٿي بيان ڪيل نديءَ جي پراڻي
پيٽ کان اڀرندي پاسي آهي. ڪسيه ڀرسان موجوده ڦٽي
کي هاڻي رڳو مئٿ-ڪور
Matha-Kuar
سڏيو ويندو آهي، يعني مئل راجڪمار. مسٽر لسٽن
Mr.Liston
هن ٿاڪ جو نالو ماٽ
Mata
لکيو آهي، پر ڀرسان بشنپور
Bishanpur
جي هڪ برهمڻ مون ڏانهن مئٿ
Matha
جي هجي مطابق تحرير لکي موڪلي. هن لفظ جي هجي مٿ
Matha
يا مئٿ
Math
مان نڪتل ٿي ڀائنجي جنهن جي معني آهي مارڻ
Kill.
ان ڪري مان مئٿ ڪور جو ترجمو مئل راجڪمار ڪيو آهي.
جنهن لفظ جو اشارو مهاتما ٻڌ جي وفات ڏانهن آهي،
ٻڌڪي ٻوليءَ ۾ هن مهاتما جي نرواڻ حاصل ڪرڻ کان
پوءِ چئي سگهجي ٿو. شين سئنگ هن کي ويراڳين واري
وڳي ڍڪڻ کان پوءِ راجڪمار سڏيو آهي. مان سمجهان ٿو
ته مهاتما جي ٻڌ بڻجڻ کان پوءِ هن کي ڪنهن به
راجڪمار جي نالي سان ڪو نه سڏيو آهي. اهو به ممڪن
ڪو نه آهي ته ان کان پوءِ کيس عام ماڻهو به انهيءَ
لقب سان سڏيندا هجن. شين سئنگ جي بيان مان اهو پتو
پوي ٿو ته جنهن جڳهه تي مهاتما پر لوڪ پڌاريو هو.
اتي پڪو وهار يا مڙهي بنائي وئي هئي. جنهن ۾
مهاتما جي اها مورتي رکي وئي، جنهن ۾ کيس موت جي
بستري تي ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس مٿو اتر ۽ پير
ڏکڻ طرف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اها هڪ فطري ڳالهه هئي ته
مهاتما جي ڪوسينگر ۾ اهڙي مورتي پوڄا لاءِ وڏي وٿ
هوندي. پڙهيا لکيا ٻڌ هن مورتي کي ضرور نرواڻ ورتي
سڏيندا هوندا. پر مان سمجهان ٿو ته سڀني طبقن جا
ماڻهو هن مورتيءَ کي مئل راجڪمار جي مورتي سڏيندا
هوندا ته ڪئت نه آهي. تنهن ڪري مان هن خيال جو
آهيان ته ڪسيه جي ٿرڙ تي جيڪو مئٿ ڪور جو نالو
چنبڙيل آهي سو مهاتما گوتم جي وفات ڏانهن هڪ سڌو
اشارو آهي. ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن موجب جنهن ويساک جي
چوڏهين تاريخ عيسيٰ کان 543 سال اڳ ڳڪو سينگر ۾
هيءُ جهان تياڳيو هو، اهو نانءُ اڃا سوڌو ڳنڍيو
اچي ٿو، جنهن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ڪسيه
مهاتما گوتم جي وفات جي جڳهه آهي.
ککند
Khakhundho
ڪهائون
Kahaon
شين سئنگ ڪوسينگر مان بنارس ڏانهن روانو ٿيو هو ۽
ڏکڻ-اولهه 200 لي يا 33 ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪ
وڏي شهر پهتو جتي هڪ برهمڻ رهندو هو جيڪو مهاتما
جو وڏو معتقد هو، (650) جيڪڏهن مٿئين طرف ۽ فاصلي
تي ويچار ڪنداسون ته ردر پور
Radrapur
ڀرسان سهنڪٽ جو شهر ڏسڻ ۾ ايندو پر هن ماڳ کي اڳي
ئي پپل وڻ واري ماڳ طور سڃاتو ويو آهي ۽ ان سان گڏ
بنارس واري وڏيءَ سڻڪ تي به واقع ڪو نه آهي. اها
ڳالهه به ته اها سڻڪ ردرپور وٽان مَٽي به ڪانه
سگهندي هوندي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته مذڪوره سڻڪ
راپتي ۽ گهاگر ندي کان پار ڪانه ويندي آهي. پر
راپتيءَ ۽ گهاگر جي سنگم کان هيٺيان ڪٿان اڪرندي
آهي. ماڻهن جي روايت مطابق گهاگر جو پراڻو وهڪرو
ڪهائو ن کان چار ميل ڏکڻ مهيلي
Mahili
وٽان ٻنهي ندين جي سنگم واري ٿاڪ کان ست ميل هيٺان
هوندو هو. ڪسيه کان مهيلي گهاٽ ڏانهن ويندڙ سڻڪ
کوکنڊ
Khukhunda
۽ ڪهائون
Kahaon
وٽان گذرندي هئي. هنن ٻنهي ٿاڪن جي اوسي پاسي
ڪيترا ئي ٿرڙ نظر ايندا. ڪسيه کان کوکنڊ جو ماڳ 28
ميل ۽ ڪهائون وارو ٿاڪ 35 ميل پري آهي. ٻئي ماڳ
هندن جا شهر هئا. کوکنڊ جو دڙو وچين دور سان تعلق
رکي ٿو. باقي ڪهائون وارو دڙو سڪندا گپت جي زماني
جو ٿي سگهي ٿو، جيڪو شين سئنگ جي زماني کي ڪيئي
صديون اڳ ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري مان هن ڳالهه جو
قائل آهيان ته ڪهائون وارو ماڳ شين سئنگ جو بيان
ڪيل شهر آهي جنهن جو ڪسيه کان موجوده فاصلو چيني
ياتريءَ جي ڏنل پنڌ سان سهمت آهي، پر کوکنڊ واري
فاصلي (651) سان ٺهڪي ڪو نه ٿو اچي.
پاوا يا پدرون
سري لنڪا جي ٻڌ تذڪرن مطابق پاوا
Pawa
اهو آهي. جتان مهاتما ڪهي اچي ڪوسينگر پهتو ۽ اتي
وفات ڪيائين. هن ماڳ جو ٻيو ڀيرو ذڪر ڪاسيپ
Kasyapa
جي سفر ۾ تڏهن ڏسون ٿا جڏهن هو مهاتما جي مئٿ کي
اگني سنسڪار ڪرڻ لاءِ ڪوسينگر وڃي رهيو هو. پاوا
اهو مشهور ماڳ آهي جنهن کي مهاتما جي متبرڪ شين
مان اٺون حصو مليو هو. سري لنڪا جي تذڪرن مطابق
هيءُ ماڳ ڪوسينگر کان ٻارهن ميلن جي پنڌ تي (652)
گندڪ نديءَ واري پاسي آهي. هاڻي جيڪڏهن ڏسبو ته
ڪسيه کان ٻارهن ميل اتر-اتر اوڀر پدرون يا پدر-وڻ
Padara-Vana
نالي هڪ دڙو آهي جيڪو سروٽن سان ڍڪيو پيو آهي.
منجهائس مهاتما ٻڌ جون ڪيتريون مورتيون هٿ لڳيون
آهن. پدر-وڻ پدرپن جو نالو سولائي سان پرين يا
پبن يا پاوا ۾ تبديل ٿي سگهندو . ٿٻيٽ جي ڪهگيور
Kahgyur
(653) ۾ هن ماڳ کي دگ پچن
Dig pachan
لکيو ويو آهي، پر جيئن ته هن نالي جي معنيٰ ڪانه
ڏني وئي آهي، تنهن ڪري چئي ڪو نه ٿو سگهجي ته هن
لفظ جي اصليت هندستاني آهي يا سندس واسطو ٿٻيٽي
ترجمي سان آهي. پاوا ۽ ڪوسينگر جي وچ تي ڪڪولٿا
Kukultha
يا ڪڪوکا
Kukukha
نالي هڪ ندي هوندي هئي (654) جتي مهاتما پاڻي پيئڻ
۽ وهنجڻ لاءِ جهٽ کن ترسيو هو. هي ضرور باڌي
Badhi
يا برهي
Barhi
يا بنڌي نالا
Bandi Nala
هوندي جيڪا ڇٽيهه ميل وهي ڪسيه کان ٽي ميل هيٺ
کاٻي پاسي کان اچي ڇوٽا گندڪ يا هرڻ نديءَ ۾ ڇوڙ
ڪندي آهي. |