29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:23   

مان گرجارا علائقي جي احوال ۾ گرجارا ڪُر جي راجا جي لکت جو حوالو بيان ڪري چڪو آهيان. ان لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته ساڪا سال 380 يا 458ع ڌاران گوجر راجا علائقا فتح ڪندو جي بربدا نديءَ تائين پهتو هو. ان ساڳئي سال يا ان کان پوءِ سن 163ع ۾ سري دتا ڪوسلي (506) Sri Datta kusali جمبو سار ڀرسان اڪرور سوار ۾ ڪن برهمڻن کي زمينون عطا ڪيون هيون. منهنجي خيال ۾ اڪرورسوار، ڀڙوچ، جي سامهون نربدا جي ٻئي پار اهو ٿاڪ هوندو جنهن کي هاڻي آڪيل سر Akelsar  جي نالي سان سڏيندا آهن، پر ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ساڪا سال 394 يا 472ع کان اڳ چالڪيه راجا کين شڪت ڏئي پوئتي کنڀات تائين هٽائي ڇڏيو هوندو. ڇاڪاڻ رته چالڪيه گهراڻي جي وجيه نالي هڪ راجا انهن ساڳين برهمڻن کي کنڀات ۽ ڀڙوچ جي وچ تي جمبوسار ۾ زمينون عطا ڪيون هيون. هنن بيانن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته گوجر، جن پنجين عيسوي ڌاران هن علائقي جي اترئين پاسي جي والار ڪئي هئي، اهي ٻه صديون پوءَ پنهنجي سياسي سگهه وڃائي چڪا هئا. ڇاڪاڻ ته شين سئنگ جي دور ۾ گرجارا راجا جي گاديءَ تي هڪ ڪشتريا Kshatriya ويٺل هو. پر پوءِ به آبو پرپت جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ گوجر ڪل جي ماڻهن جو انگ تمام ججهو ڏسڻ ۾ ايندو. هن علائقي جي پهرئين مسلمان فاتح علاؤالدين خلجيءَ جي فوجي مهندار الف خان به  انهلڙواڙا ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيو هو، جيڪو گوجر ڪل جي ماڻهن جو ڏنُ هو. منهنجو ويچار آهي ته  هن ئي دور ۾ دهليءَ شهنشاهيت جي ان نئين صوبي جو نالو گجرات ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيئن ته سوراشٽريه وارو علائقو به نئين صوبي جو حصو هو، تنهن ڪري ان کي به هن ساڳيءَ نالي گجرات سان سڏيو ويو. هن معاملي ۾ منهنجو ويچار آهي ته علائقي جو هي نالو ڪنهن ڪَلَ جي ماڻهن جي نالي پٺيان نه پر سياسي سهوليت خاطر رکيو ويو هو. هئملٽن (507) جو بيان آهي ته مالوا خانديش جي ڪن حصن کي اڳي ئي گجرات نالي سان سڏيو ويندو هو. مارڪوپولو هن اپٻيٽ نما علائقي جي نچووندي ڪرڻ لاءِ هڪ کي سومناٿ ۽ ٻئي علائقي کي گجرات سڏي ٿو جيڪو تاڻا Tana کان اتر سامونڊي ڪناري سان موجود آهي ۽ حد بنديءَ موجب اهو گهٽ وڌ صورت ۾ ڀڙوچ وارن علائقن تي مشتمل هو. موجوده دور ۾ هن اپٻيٽ جا گهڻا رهواسي گجرات جي نالي کان به واقف ڪو نه آهن ۽ ان کي سورٺ ۽ ڪاٺيواڙ (508) سڏيندا آهن. پويون نالو مرهٽن جو رکيل ٿو ڀائنجي.

شين سئنگ جي بيان موجب بلڀي جي راجڌاني جو گهيرو 30 لي يا پنج ميل هو. هن قديم شهر جو ٿرڙ پهريائين ٽاڊ ڳولي لڌو هو. پر ماڳ تي وڃي ان کي اکين سان ڪو نه ڏٺو هئائين. (509) ڊاڪٽر نڪول سن (510) Dr. Nchollsan اهو ٿاڪ ٻه ٽي ڀيرا ڏٺو آهي. سندس بيان آهي ته مذڪوره ٿرڙ ڀون نگر کان 18 ميل اولهه-اتر- اولهه پاسي وئل Wale نالي هڪ ڳوٺ ويجهو آهن. هتان جا ماڻهو هنن کنڊرن کي اڃا تائين واميلا پورا سڏيندا آهن جيڪو والمي يا ولڀي پورا جو بگڙيل اچار آهي. کنڊر وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندا. منجهس ڊگهين سرن جي استعمال کان سواءِ ڪاٻي شيءَ نظر ڪانه آئي آهي. اڪبر جي دور ۾ اهي کنڊر وڌيڪ چٽا هوندا. ڇاڪاڻ ته ابوالفضل (511) کي ٻڌايو ويو هو ته سروج Sirouj پربت جي ڪڇ ۾ هڪ قديم شهر اهڙو زبون حال آهي جو ان جو مرمت ڪانه ٿي سگهي پر جنهن وايو منڊل ۾ اهي کنڊر آهن سو ڏاڍو سهڻو آهي. مابد چين Mabid chin ۽ گهاگا Ghoga بندر والا علائقا منجهس شامل آهن. گهوگا بندر جي نزديڪي بذات خود هڪ وڏي سڃاڻ آهي ته اهي ماڳ قديم شهر بلڀي جا آهن، جيڪي گهوگا کان 20 ميل پري آهن.

شين سئنگ جو ستين صديءَ ۾ بلڀي ملڪ لاءِ بيان آهي ته ان جو گهيرو 6000 لي يا هڪ هزار ميل هو، جيڪو حقيقت جي بلڪل ويجهو آهي، جيڪڏهن اسان هن ۾ سورت ۽ ڀڙوچ وارا علائقا ۽ سوراشٽريه وارو اپٻيٽ شامل ڪنداسون ته فاصلو ذري گهٽ ساڳيو وڃي بيهندو، پر چيني ياتريءَ جو هن علائقي وارو احوال ڪجهه اڻ پورو ۽ غلط آهي، تنهن ڪري پنهنجي ٻڌيءَ کان به ڪجهه ڪم وٺڻو پوندو ۽ جيڪي حقيقتون هو ڇڏي ويو آهي يا ڪٿي غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو اٿائين ته انهن کي صحيح ڪرڻو پوندو. مثال طور: هو اهو ڪو نه ٿو ٻڌائي ته ڀڙوچ سندس زماني ۾ هڪ آزاد ملڪ هو يا ڀر وارن ملڪن مالوا، بلڀي يا مهاراشٽريه جو ڏن ڀرو هو، پر جيئن ته هن ان اپٻيٽ نما ملڪ ۾ موجود هو تنهن ڪري ممڪن ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ستين صديءَ ڌاران بلڀي جي راڄ ۾ شامل هوندو. هن ڏس ۾ ٽالمي جو بيان  آهي ته بريگزا Barygaza لاريڪي Larike  نالي ملڪ جو حصو آهي ۽ شين سئنگ واري دور ۾ بلڀي ملڪ جي ٻئي نالي طور ڪتب ايندو هو. ابن حوقل (512) جي بيان موجب ڏهينءَ صديءَ ۾ اهو بلڀيءَ جي ملڪ جو حصو هو جنهن جي راجڌاني انهلواڙا هئي. پر هن شهر جو بنياد شين سئنگ جي اچڻ کان وڌ ۾ وڌ هڪ صدي  ۾ اهو  بلڀيءَ جي ملڪ جو حصو هو جنهن جي راجڌاني انهلواڙا هئي. پر هن شهر جو بنياد شين سئنگ جي اچڻ کان وڌ ۾ وڌ هڪ صدي اڳ رکيو  ويو هو تنهن ڪري مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ڀڙوچ بلڀيءَ جو مشهور ملڪ جو گهيرو ممڪن آهي ته هڪ هزار ميل ٿي ويندو.

 سوراشٽريه

شين سئنگ جو بيان آهي ته سو-لا-چا Sy-la-cha يا سورٺ جو علائقو بلڀي راڄ ۾ شامل هو. سندس راجڌاني بلڀيءَ کان 83 ميل يا 500 لي اولهه پاسي ۽ يو-چين-تا پربت يا اجنتا جبل جي ڪڇ ۾ هئي. اجنتا Ujjanta پالي قسم جي سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ جهونا ڳڙهه ڀرسان گرنارواري جبل جو ٻيو نالو آهي. اجنتا جو نالو گرنار جي ردر دام Rudra Dama ۽ سڪندا دپتا Skanda Gupta وارين ٻنهي لکتن ۾ موجود آهي، پر هيءَ اهم حقيقت ترجمي کان رهجي وئي. (513) هن مشهور جبل جو ذڪر سوراشٽريه جي راجڌانيءَ جي جاگرافيائي بيهڪ جي ڄڻ پڪ ڪرائي ڇڏي آهي ته اهو جهونا ڳڙهه يا ياون ڳڙهه ۾ هو، جيڪو بلڀيءَ کان 87 ميل اولهه پاسي آهي ۽ شين سئنگ به گهٽ وڌ ساڳيو فاصلو ٻڌايو آهي. هن چيني ياتريءَ جو بيان آهي ته جبل گجگاهه ٻيلي سان ڍڪيو پيو آهي. سندس صاف ٿيل پاسي کان بي شمار ڪوٺيون ۽ ورانڊا نظر ايندا. سندس هيءُ ذڪر پوسٽنس جي بيان سان ساڳيائپ رکي ٿو (514) جنهن 1838ع ۾ ڏٺو هو ته اتي ڪستاڦل Custardapple جا وڻ جام هئا ۽ جبل جي ڪڇ ۾ کرچي کوٽي ڪوٺيون بنايون ويون هيون، جن کي ٽيڪ لاءِ همچورس قسم جا ٺلهه ڏنل هئا. مٿان ڇت تراکڙي ڏسڻ ۾ پئي آئي ۽ تعمير سادي هئي. اپٻيٽ جي هن ڀاڱي ۾ مذڪوره علائقي کي اڃا به سورٺ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي جيڪو ايراضيءَ ۾ تمام ننڍڙو آهي ۽ گجرات جي ڏهن ڀاڱن مان هڪ آهي. (515) اڪبر جي دور ۾ اپٻيٽ جي ڏاکڻين وڏي پاسي کي هن نالي سان سڏيو ويندو آهي، ابوالفضل جي بيان موجب جيڪو هڪ پاسي کان گهوگا بندر کان آراموراءِ  Aramroy تائين ۽ ٻئي پاسي کان سيرڌر Sirdhar کان ڊيو Diu بندر تائين پکڙيل هو. (516) هن علائقي جو نالو ٽيري Terry (517) جي تصنيف ۾ محفوظ آهي، جنهن جي ڏنل معلومات کي جهانگير جي درٻار ۾ مڃتا ملي هئي. سندس بيان موجب سورت جو مکيه شهر جهونا ڳڙهه هو. علائقو تمام ننڍو هو ۽پر شاهوڪار ڏاڍو هو. ڏکڻ پاسي کان سمنڊ هوس. سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿ و ته ان دور ۾ گجرات ۾ شامل ڪو نه هو ڇاڪاڻ ته ٽيري جي بيان مان ئي ائين لڳي ٿو ته گجرات کان الڳ هو.

ستينءَ صديءَ ۾ شين سئنگ جو بيان آهي ته سورٺ يا سوراشٽريه جو چوڌاري گهيرو 4000 لي يا 667 ميل هو ۽ اولهه پاسي مو-هي Mo-hi نديءَ جي ڪٺار سان وڃي لڳندو هو. پاڻيءَ جي هن وهڪري کي مالوا جي ماهي Mahi ندي سمجهيو ويندو آهي، جيڪا کنڀات جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي آهي. (518) اسان هن سڃاڻ کي صحيح سمجهون ٿا. هن بيان مان اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته شين سئنگ جي زماني ۾ سڄي اپٻيٽ واري علائقي کي سورٺ سڏيو ويندو هو، جنهن جي ڏنل ماپ مان به ٿئي ٿي. جيڪا هن اپٻيٽ جي ڏکڻ-اولهه واري پاسي يعني ڪڇ جي رڻ کان کنڀات تائين ٻڌائي آهي. بلڀي توڙي جو تمام گهڻو مشهور هو پر پوءِ به 640ع تائين ساري اپٻيٽ کي سورٺ نالي سان سڏيو ويندو هو.

ڀڙوچ يا باري گزا Bary gaza

 

ستينءَ صديءَ ۾ پو-لو-ڪي-چي-پو Po-lu-kie- Che-po  يا بارو ڪاچوا Barukachwa واري علائقي جو چوڏس گهيرو 2400 کان 2500 لي يا 400 کان 417 ميل هو. ان جي راجڌاني نئه –مو-ٿو Nai-Mo-Tho يا نربدا نديءَ جي ڪٺار سان سمنڊ ويجهو قائم هئي. هن مليل معلومات مطابق ٿاڪ جي سڃاڻ سولي ٿي پئي آهي ته اهو ناليرو سامونڊي بندر ڀڙوچ آهي. سنسڪرت ۾ هن بندر کي ڀرگو ڪڇ Bhirgu Kachha چيو ويندو آهي. آڳاٽي تحرير مطابق برهمڻن جي لکت ۾ هن کي ڀروڪڇ Bharu Kachha سڏيو ويو آهي، پر پوئين طرز وارو نمونو عام  رواج هيـٺ هو. ٽالمي ۽ پيريپيلس جي مصنف به اهو ساڳيو نالو لکيو آهي. شين سئنگ جي ٻڌايل چوڏس گهيري جي فاصلي مان هن علائقي جي سنڌي جو پتو پئجي سگهي ٿو ته مذڪوره علائقو اتر ماهي نديءَ (815) کان ڏکڻ دامان Daman تائين، اولهه کنڀات جي نار کان اوڀر ساهيادريSahydri  جبل تائين پکڙيل هو. شين سئنگ جي سفرنامي جي متن مطابق بلڀي ۽ ڀڙوچ ڏکڻ سوراشٽريه اولهه ۽اجين وچ هندستان ۾ آهي. مان سمجهان ٿو ته سندس اهو بيان ڪجهه منجهيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سندس اولهه هندستان سان لاڳاپيل احوال ۾ به ڪري آيو آهيان. بلڀي ۽ ڀڙوچ کي به مان اولهه هندستان ۾ سمجهان ٿو ڇاڪاڻ ته  هي ايراضيون سوراشٽريه جي وڏي علائقي جا ڀاڱا آهن. منهنجي هن خيال جي پيريپيلس جو بيان به پٺڀرائي ڪري ٿو. سندس بيان هن ريت آهي: ”باريگزا کان هيٺ سامونڊي ڪنارو ڦري ڏکڻ طرف دکن آباديز Dakhinabadez ڏانهن وڃي ٿو، جنهن کي ڏيهي ماڻهو دکنوس (520) Dahkanos  چوندا آهن.“

وچ هندستان

هن چيني ياتريءَ جي بيان موجب وچ هندستان وارو علائقو ستلج کان گنگا نديءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي مٿين پاسي تائين ۽ ٻئي پاسي کان هماليه جبل کان نربدا ۽ مهاندي تائين پکڙيل آهي. هيءُ علائقو هندستان جي مشهور ۽ شاهوڪار ايراضين تي مشتمل آهي جنهن ۾ گنگا جي ڇوڙ واري يعني بنگال واري ايراضي شامل ڪانه آهي. (521) ستين صديءَ ۾ هندستان ۾ ستر ملڪ هئا. شين سئنگ ستٽيهه يعني اڌ کان وڌيڪ وچ هندستاني علائقي ۾ هئا. شين سئنگ اهي سڀئي ايراضيون گهمي ڏٺيون هيون. سندس پيرن جي نشانن سان اولهه کان اوڀر هلي سندس ڏنل هيٺين شهرن جو بيان ڪندس:

(1) سٿانيسور         Sthaneswara

(2) بئرات             Bairat

(3) سروگهنا           Srughna

(4) امداوار             Madawar

(5) ابراهم پورا                Brahmpura

(6) گوويسانا          Govisuna

(7) آهي ڇتر          Ahichhatra

(8) پيلوسان           Pilosana

(9) سانڪيس                 Sankisa

(10) مٿر              Mathura

(11) قنوج            Kanoj

(12) ايوٽو             Ayuto

(13) هيمڪا          Haymukha

(14) ڪوسمبي               Kosambi

(15) پرياڳ           Prayag

(16) ڪوساپور                Kusapura

(17) وئساک          Vaisakha

(18)سراوستي                 Sravasti

(19) ڪپل            Kapila

(20) ڪسي نگر              Kusinagra

)21) وارنسي         Varanasi

(22) يوڌا پتي پور            Yohdapatipura

(23) وئسل            Vaisala

(24) ويرجي           Virji

(25) نيپال            Nepala

(26) مگڌ             Magadha

(27) هيرانيا پروت            Hiranya parvata

(28) چمپا            Champa

(29) ڪانجول                Kanjol

(30) پاؤنڌرا ورڌان            Paundra Vardhana

(31) ججهوتي                Jajhoti

(32) مهيش وار پور           Maheshwara pura

(33) اجين            Ujain

(34) مالوا             Malawa

(35) کيدا يا کيئرا            Kheda or Khaira

(36) آنند پور          Ananda Pura

(37) وردي يا ايدر             Vadari or Eder

اسٿانيسور

ستين صديءَ ۾ سا-تا-ني-شي-فا-لو يا اسٿانيسورجو شهر پنهنجي ملڪ جي راجڌاني هو جنهن جو چوڏس گهيرو 7000 لي يا 1167 ميل هو. ملڪ جي راجا جو نالو ڪو نه ڏنو ويو آهي پر اهو ٻڌايو ويو آهي ته قنوج جو راجا هرش ورڌان Harsha Vardhana جو ڏن ڀرو هو، جيڪو ان دور جو وچ هندستان واري علائقي جو ناليرو راجا هو. شين سئنگ سندس ملڪ جي پکيڙ تمام گهڻي ٻڌائي آهي، تنهن مان سمجهان ٿو ته ستلج کان وٺي گنگا (522) تائين پکڙيل هوندو. سندس ملڪ جو اتريون حصو سنڌ ستلج جي هري-ڪي-پتڻ کان سڌو گنگا وٽ مظفر نگر ماڳ تائين هوندو. دنگ ڪجهه ڏنگو ڦڏو هوندو جيڪو ستلج تي پاڪ پٽڻ کان شروع ٿي ڀٽنير  Bhatner ۽ نار نول Narnol کان ٿيندو گنگا ويجهو انوپ شهر Anupshahar تي وڃي کٽندو هو. مٿي بيان ڪيل گهيري مطابق ڪل فاصلو 900 ميل ٿئي ٿو جيڪو چيني ياتريءَ طرفان ڏنل ماپ کان اٽڪل چوٿون حصو گهٽ آهي، پوري ويساهه سان چئي سگهجي ٿو ته ملڪن جي دنگ جون اهڙيون ماپون وڌائي ٻڌايون ويون آهن. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته فاصلو انومان ڪري ٻڌايو ويندو هو. ٻيو ته ڏيهي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جي حدن جي فاصلي وڌائڻ جي به عادت هوندي آهي. ان کانسواءِ شين سئنگ جي ڄاڻ ۾ به ڪجهه کوٽهڙ آهي جيڪو وچ هندستان جي ستٽيهه علائقن مان هر هڪ کي جدا ملڪ ٻڌئاي ٿو. نه ته حقيقت اها هوندي ته ننڍيون رياستون وڏن ملڪن سان شامل هونديون. تنهن ڪري وسهان ٿو ته  گوويسانا ۽ آهي ڇاترا جون رياستون بلڪل ننڍڙيون هونديون ۽ مدوار ملڪ سان شامل هونديون. اهڙيءَ ريت ويساک ۽ ڪوسا پور يا گنگا دو آبي وارا ننڍڙا ملڪ  جهڙو آيوٽو، هيامُڪا، ڪوسمبي ۽ پرياگ قنوج جي حدن ۾ شامل هجڻ گهرجن. ڪسي نگر، ڪاپيلا جو وڌيري ۽ کيدا مالوا جو آٽوٽ انگ هجڻ گهرجن، ڪيترن ئي مثالن ۾ وري ائين به ڏٺو ويو آهي ته سؤ جا جاءِ تي هزار لکيو ويو آهي. مان  هيءُ اشارو گنگا دوآبي جي هيٺئين علائقي جي ننڍن ملڪن ڏانهن ڏئي رهيو آهيان. پرياگ يا الهه آباد جو گهيرو 5000 لي يا 833 ميل ٻڌايو ويو آهي ۽ ڪوسبي جو گهيرو وري 6000 لي يا هڪ هزار ميل آهي، جيڪو الهه آباد کان فقط ٽيهه ميل پري آهي. هنن ٻنهي مثالن ۾ موجود فاصلي جو انگ گهٽائي هڪ جو فقط 500 لي يا 83 ميل ٻئي جو 600 يا 100 ميل بيهاريان ٿو ۽ هيءَ ماپ ئي هنن ننڍڙن علائقن جي گهيري سان ٺهڪي بيهندي. مون کي پڪ آهي ته اهي ننڍڙا علائقا ڏنل ماپ کان هر گز وڌيڪ ڪو نه هوندا، ڇاڪاڻ ته سندن چوڌاري مشهور ۽ سگهارن ملڪن جون سرحدون هيون. هنن ٿورين ٿڪين غلطين کانسواءِ شين سئنگ جون ڏنل ماپون عام طور تي صحيح آهن.

اسٿانيسور يا ٿانيسر Thanesar جو شهر ۽ قلعي جو ڦٽي جي چوٽي ٻارهن سؤ فوٽ همچورس ٿيندي. پوئين دور سان لاڳاپيل شهر اوڀر پاسي هڪ دڙي تي اڏيل آهي. بابري Babari نالي ٻيو شهر وري اولهه پاسي ٻئي دڙي تي ڏسڻ ۾ ايندو. هنن شهرن جي گڏيل اولهه کان اوڀر ڊيگهه هڪ ميل ۽ ويڪر ٻه هزار فوٽ ٿيندي. ٽنهي شهرن جو ڪل گهيرو 14000 فوٽ يا پوڻي ٽن ميلن کان گهٽ آهي جيڪو شين سئنگ جي ٻڌايل ماپ ويهه لي يا ساڍن ٽن ميلن جي لڳ ڀڳ آهي، پر ڊٺل جڳهن جي ڪريل سرن جي پکيڙ ۽ ماڻهن جي ٻڌايل روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن جي حملي کان اڳ موجوده شهر ۾ نظر ايندڙ وڏي وٿي ۽ دارا Dara نالي ڍنڍ به ان جي ايراضيءَ ۾ شامل هوندي هئي. جيڪڏهن اصليءَ شهر جي ايراضيءَ کي ڏسبو ته ان جي هر پاسي کان ماپ هڪ ميل وڃي بيهندو جيڪو چيني ياتريءَ جي بيان ڪيل ماپ کان ٿورو وڌيڪ آهي. روايتن مطابق هن قلعي جي تعمير دليپ نالي هڪ راجا ڪرائي هئي. جيڪو پانڊون کان پنج پيڙهيون اڳي ۽ ڪورو ڦري مان  هو. اهو به چيو ويندو آهي ته هن قلعي کي 52 برج هئا، جن مان ڪجهه اڃا به سلامت آهن. اولهه پاسي کان ڪچو قلعو اٿس، جنهن جي رستي کان مٿي اوچائي سٺ فوٽ کن ٿيندي، پر قلعي جي اندرين پاسي اها ڀت چاليهه  فوٽ اتاهين هوندي. سارو دڙو وڏين سرن جي ٽوٽن سان سٿيو پيو آهي. ٽن کوهن جي موجودگيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه  قديم شيءِ هتي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي.

ٿانيسر يا اسٿانيسور، اسٿانا اسوار Aswara يا مهاديو جي رسڻ جي جاءَ مان يا اسٿانا ۽ اسوار جي مرڪب يا اسٿان ۽ سر مان ورتي وئي ٿي ڀائنجي ۽ سر جي معنيٰ ڍنڍ آهي. هندستان ۾ هيءُ شهر تمام آڳاٽي جڳهه سان لاڳاپو رکي ٿو ۽ گهڻو مشهور به آهي، پر هن شهر جي نالي سان ويساهه جوڳي پهرين لکيل معلومات شين سئنگ ڏني آهي، جيڪا 634ع سان واسطو رکي ٿي. ممڪن آهي ته ٽالمي به سندن بتن ڪئسار Batan Kaisara جي نالي سان هن شهر جو ئي ذڪر ڪيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته هن شهر جو ذڪر ساٽن ائسارا Satanausara جي نالي سان ڪيو ويو هجي، ڇاڪاڻ ته هي لفظ سنسڪرت جي لفظ اسٿانيسوار جي ويجهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر هي ماڳ مهاديو جي مندر ڪري نه پر پانڊون جي تاريخ جي ناتي سان گهڻو مشهور آهي، ڇاڪاڻ ته مهاديو جي پوڄا، مها ڀارت جي جهونجهارن واري دور کان گهڻو پوئين زماني سان اوسطو رکي ٿي. ٿانيسر جي چوڏس سر سوتي ۽ دريشدو جي درياهن وچ تي موجود علائقي کي ڪورو ڪشيترا Kuru Kshetra نالي سڏيو ويندو آهي يعني ڪورو جو علائقو. چيو ويندو آهي ته هن سنياسي ٿانيسر شهر جي ڏکڻ پاسي موجود ڍنڍ جي ڪناري تي ويهي ڪيترا سال تپسيا ڪئي هئي.هندو ڌرم ۾ هن ڍنڍ کي پاڪ پوتر سمجهيو ويندو آهي. مذڪوره ڍنڍ کي وايو-سر Vayava-Sar ۽ پون سر-Pavan Sar به سڏيو وڃي ٿو. پهريون بنيان ڪيل نالو هڪ برهمڻ تان پيو اٿس، جيڪو هن ڍنڍ جي ڪناري تي ويهي پوڄا پاٺ ڪندو هو ۽ گهڻو ٻل چاڙيهدنو هو. ٻڻيو نالو پرسو-رام Paraso –ram جي نالي پٺيان پيو اٿس، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ان جاءِ تي کشترين Khatriyan جو رت وهايو هو. اهو به چيو ويندو آهي ته پويان ٻئي نالا مٿس واءَ جي ديوتا جي نالي پيا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪورو بيراڳي ٿي هتي اچي تپمسيا ڪئي هئي ته ڍنڍ جي پاڻيءَ تي هيانءَ ٺار ٿڌڙي هير پئي گهلندي هئي. هيءَ ڍنڍ ياترين لاءِ هڪ وڏو  تيرٿ بڻيل آهي، پر هن ڍنڍ جي چوڌاري هڪ وسيع علائقي ۾ ڪورون ۽ پانڊون ۽ ٻين قديم جهونجهارن سان لاڳاپيل ڪيترا پوتر آسٿان آهن، تنهن ڪري هن علائقي کي مهان سمجهيو ويندو آهي، عام اعتقاد اهو آهي ته تيرٿ جا اهڙا پوتر آسٿان 360 آهن. پر ڪورو کشترا مهاتما Kuru Kshetra Mahatma واري پنوتري List ۾ انگ رڳو 180 آهي. جن مان اڌ يا 90 تيرٿ اتر پاسي سرحد تي درياهه جي ڪناري ڏسڻ ۾ ايندا. هن فهرست ۾ تيرٿ جا ڪيترا اهم آسٿان نظر ڪونه ٿا اچن. جهڙوڪ پندري Pundri ۽ ناگا هردا، باسٿلي Basthali ۾ وياساسٿلا Vyasasthala، بالو Balu ۾ پاراسر تيرٿ ۽ نرانا Narana، ڀرسا ساگا Sagga ۾ وشنو تيرٿ وغيره. منهنجو ويچار آهي ته تيرٿن جو جيڪو انگ 360 ٻڌايو ويو آهي سو شايد وڌايل هجي.

چڪر Chakra يا ڪورو ڪشيتر واري علائقي کي ڌرم ڪشيتر وارو علائقو به سڏيو ويندو آهي، يعني پاڪ علائقو، جنهن کي شين سئنگ چمپ دو بونهيور Champ du bonheur سڏيو آهي. سندس زماني ۾ تيرٿن سان لاڳاپيل اهو علائقو ٻه سؤ لي تي مشتمل هوندو هو، (523) جنهن کي هو 40 لي في هندستاني يوجنا موجب 4 ڪوه فاصلو سمجهي ٿو. فاصلي جي عام ماپ موجب اهو پنڌ ويهه ڪوه ٿيندو. اڪبر جي دور ۾ هن علائقي کي وڌائي چاليهه ڪوهه بنايو ويو هو. (524) جڏهن مان اتي ويو هوس ته موجوده علائقو 40 ڪوهن ۾ پکڙيل هو. ان علائقي جي عام مشهور پکيڙ ته 40 ڪوهه هئي، پر مسٽر بؤرنگ Mr. Bowring ان کي باقاعدي ڪڇي ماپي ڏٺو هو ته اهو واقعي 40 ڪوهه هو. شين سنگ جنهن علائقي جو ذڪر ڪيو هو. سو ست اٺ ميل في يوجنا Yojana جي حساب سان 35 يا 40 ميل مس هوندو. پر ابو الفضل جنهن علائقي جو ذڪر ڪيو آهي. سو ڏيڍ بادشاهي ميل في ڪوه جي حساب  سان 153 ملين کان گهٽ ڪونه ٿيندو. سر هينري اليٽ اڍائي بادشاهي ميل في ڪوهه ۾ سمجهي ٿو. ان حساب سان اهو علائقو هڪ سؤ ميل کان به وڌي ويندو. انهن مختلف انگن اکرن کي هڪ ساريڪو بنائڻ لاءِ چيني ياتريءَ جي بيان واري فاصلي کي بدلائي چار سؤ لي يا ڏهه يوجنا ڪرڻو پوندو. جيڪو چاليهه ڪوهه يا اسي ميلن جي برابر ٿيندو. ابوالفضل جا لکيل چاليهه ڪوهه هندستاني ٻه ميل في ڪوهه جي حساب سان ٻڌا ويا آهن. مان چيني ياتريءَ جي ڏنل انگن اکرن ۾ ڦير گهير ڪري پاڻ کي مطمئن سمجهان ٿو، ڇو جو هن جي ڪري ڪيترا تيرٿ جهڙوڪ؛ سرسوتي جي ڪناري سان پريٿودڪ Prithudaka يا پيهوئا Pehoa ڪئوسيڪي وارو سنگم Kausiki Sangam يا ڪئوسيڪي ۽ دريشدوتي جي سنگم وارو آسٿان، پر خود دريشدوتي مذڪوره علائقي کان ٻاهر نڪري وئي آهي. ومان پراڻ Vamana Purana جو بيان آهي ته مقدس علائقي اندر هئي.

درگ- ڪشيتري، ڪورو ڪشيتري، سترنتا يائر

Drigh-Kshetre, Kru- Kshetri, Satrauta yire

نديا ستاير، دريشدوته، پنيايا، سچيروڌ، ساه

Nudyistire Drishadvatah Punyayah Suchiodhasah

جنهن جي معنى هيءَ آهي ته ”اهي پوتر ندي دريشدوتي جي ڪناري ڪروڪيشتر جي پوتر کيتر ۾ سترنتا جو وڏو ٻلوان ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس ڳڻ ڏاڍا وڻندڙ آهن.“ هن نديءُ جو مهاڀارت جي وانا پرا ۾ Vana Parva واري اڌياءَ ۾ به ذڪر ملندو، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته هيءَ ندي ان پوتر کيتر جو ڏاکڻيون سنڌو آهي. (525)

دکشينينا سر سوتيا دريشدوتي اترينا-چا

Dakhshinena Sarasvatya Dirshadvaty uttarena cha

يه وسنتي ڪورو ڪشيتري تي وسنتي تريو شتاپي

Ye vasanti kuru kshetre re vasanti trirahtape

معني: ”جيڪي سروسوتي کان ڏکڻ ۽ درويشدوتي کان اتر وسن رسن ٿا سي ڄڻ ته سرڳ ۾ آهن.“ هنن بيانن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شين سئنگ جي زماني ۾ مذڪوره مقدس علائقو دريشدوتي تائين پکڙيل هو، تنهن ڪري هن علائقي جي سندس ٻڌايل پکيڙ 200 لي يا 20 ڪوهه بلڪل غلط آهي.

مهاڀارت جي هڪ ٻئي شلوڪ ۾ هن مقدس علائقي جي حدن بابت اڃا به وڌيڪ چٽو بيان موجود آهي.(526)

تدرتنوڪا ارتنو ڪيور ياد نترم رام مردنان – چا،

ڀاچا ڪنو ڪاسيا- چا، اتت ڪورو ڪشيترا سمانتا

پنجڪم پتامه سويترا ويديرو چياتي

”اهو علائقو جيڪوم رتنوڪا، ارتنوڪارام هردا ۽ ڀاچا ڪنوڪا جي وچ تي آهي تنهن کي ڪورو ڪشيترا، سمانتا پنچڪا ۽ پتامه جو اتر ويدي (يا براهما) وارو علائقو سڏيو ويندو آهي. هتي جيڪو صفا پويون لفظ برهما ويدي آهي. تنهن جو مطلب برهما ورت آهي. اسان کي اهڙي ٻي شاهدي منو Manu جي شاستر ۾ به موجود ملندي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان مقدس علائقي جي پکيڙ دريشدوتيءَ تائين هوندي هئا: (527)

سرسوتي دريشدوتيور ديوا نديوريا دنترم، تنديوا نير ميترم ديسان برهما ورتان پراچا ڪشتي

سروستي ۽ دريسڊوتيءَ جي وچ واري کيتر کي برهما ورت چيو ويندو آهي ۽ اهو علائقو ديوتائن بنايو آهي.

ڪورو ڪشيترا واري وڏي ڍنڍ پنهنجي شڪل صورت ۾ بيضوي آهي. اوڀر کان اولهه سندس ڊيگهه 3546 فوٽ ۽ ويڪر 1900 فوٽ کن ٿيندي. ابوريحان ان جو ذڪر ڪيو آهي. (528) ورها مهرا Vrha Mihira جي حوالي سان سندس بيان آهي ته چنڊ گرهڻ وقت ٻين ڍنڍن جو پاڻي اچي ٿانيسر جي هن ڍنڍ ۾ پوندو هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو چنڊ گرهڻ وقت هن ڍنڍ ۾ سنان ڪندو ته ان وقت ٻين ڍنڍن ۾ سنان جي ڀيٽ ۾ کيس گهڻو اجر حاصل ٿيندو.

ورها مهرا جو هيءُ خيال اسان کي 500ع واري ان دور ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جڏهن ٿانيسر واري هيءَ ڍنڍ ڪنن ڪر ڀريل هوندي هئي. پر پراڻن جي ڏند ڪٿا موجب اهو واقعو پانڊون کان گهڻو اڳ جو آهي. چ چيو ويندو آهي ته ڪورون ۽ پانڊون جو ابو ڏاڏو جنهن جو نالو ڪورو هو سو ويراڳ ڪري هن ڍنڍ جي ڪناري ويهي تپسيا ڪندو هو. ڪورو ماڳ تي پرسورام ڪشترين ۽ پورون کي ماري مات ڪيو هو ۽ پنهنجي ديوي اروسي Urvasi وڃائي ويٺو هو. نيٺ کيس ڪورو ڪشيٽرا وٽ آڪا شواڻي ڪنوار ملي، جيڪا سرڳ جي ٻين چئن ديون سان گڏ ان سر  ڪنول گلن سان کيڏي رهي هئي، پر گهوڙ-منهين- Horse Headed داڌييانچ Dadhyanch يا داڌيچا Dadhicha جو قصو ته پورون کان به آڳاٽو ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جو حوالو اسان کي رگويد Rigved (529) ۾ به ملي ٿو، جنهن جي هڏن مان اندر ديوتا نون ورتائن Vritras کي نوي ڀيرا نگهو سار ڪيو هو. ويد جي هڪ حاشيي نويس جو هن ڏند ڪٿا بابت بيان آهي ته اندر ديوتا جڏهن گجگوڙ ڪيو  هو ته گهوڙي جو منهن ٺهي پيو هو ۽ آسون Aswin بنا سر جي داڌيانچ لاءِ پيش ڪيو. انهيءَ لاءِ جيئن کين مهاڄاڻ Science  سيکاري سگهي . هن ڏند ڪٿا موجب داڌيانچ پنهنجي سڄي حياتي آسوراس وارن لاءِ ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو. جيڪي  هن ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي تمام گهڻو وڌي ۽ پکڙجي ويا هئا.

هن قصي جو هڪڙو ٽڪر هن ريت به آهي: ”اندر پڇا ڪئي ته اهو ڪيڏانهن ويو؟ ڇا هن مان ڪا به شيءِ ڪانه بچي؟ کيس ٻڌايو ويو ته ان جو گهوڙي جهڙو منهن بچي ويو آهي، پر پتو ڪو نه آهي ته اهو ڪٿي آهي؟ پوءِ ان جي ڳولا ڪئي وئي. نيٺ هڻندي هڻندي ڪورو ڪشيتا جي کيتر ۾ موجود سريناوت Saryanavat جي ڍنڍ مان وڃي ڳولي لڌائونس. منهنجو ويچار آهي ته ڪورو ڪشيترا واري پوتر سر جو هيءُ ٻيو نالو آهي ۽ پتو پوي ٿو ته هيءُ ڍنڍ رگويد جي زماني کان وٺي پوتر سمجهي ويندي هئي. امڪان اهو به آهي ته چڪر-تيرٿ يا اهو ٿاڪ جتي وشنو پنهنجي چڪر سان ڀيشم کي نگهوسار ڪيو هو سو اصلي اهو ماڳ هجي جتي اندر وريتائن کي ناس ڪيو هو ۽ اهي هڏا جن جو اشارو پانـڊون ڏانهن ڪيو ويو آهي، سي آڳاٽي ڏند ڪٿا وارا وريترائن Vritran جا هجن. هن ڳالهه جي پـٺڀرائي لاءِ مان هي بيان ضرور ڪندس ته چڪر-تيرٿ آستي پور يا هڏن واري ٿاڪ جي بنهه ويجهو آهي. سن 634ع ۾ ايڏا هڏا چيني ياتريءَ کي به ڏيکاريا ويا هئا، جننهن جو چوڻ آهي ته اهي هڏا تمام ڊگها آهن. (530) جڏهن مان مذڪوره هڏن جي پڇا ڳاڇا ڪئي ته مون کي اهڙي معلومات ملي ڪانه سگهي، پر ان ميدان ۾ آسٿي پور يا هڏن واري جاءِ اڃا به ظاهر آهي، جيڪا شهر جي اولهه ۾ ۽ آئوجس-گهاٽ Aujas-Ghat ويجهو آهي.

پيهوئا يا پريٿوداڪ

Pehoa, or prithudak

پيهوئا جو قديم شهر ٿانيسر کان 14 ميل اولهه سرسوتي نديءَ جي ڪـٺار سان آباد آهي. هن ٿاڪ تي اهو نالو پريٿو چڪر ورتي prithu-chakra-vartti ڪري پيو آهي، جنهن کي چيو ويندو آهي ته هو پهريون ماڻهو آهي جيڪو راجا بنيو هو. (531) وشنو پراڻ جي قصي موجب جڏهن هو ڄائو هو ته هن سنسار جي هر ساهه واريءَ شيءِ ۽ انياءَ اپراڌ هئا، هو تن جون پاڙون پٽڻ آيو هو. ساڳي پراڻ ۾ هڪ ڳالهه اها آهي ته راجا وينا Vena کي ڪوڙهه ٿي پيو هو. پر سرسوتي ۾ وهنجڻ سان چڱو ڀلو ٿي ويو هو. جڏهن هن راجا پرلوڪ پڌاريو ته سندس پريٿو ان جي ڪريا ڪرم جو بندوبست ڪيو. اڳني سنسڪار ڪرڻ کان پوءِ ٻارهن ڏينهن تائي سرسوتيءَ جي ڪناري تي ويهي هر ايندڙ ويندڙ کي پنهنجي هٿ سان پاڻي پياريندو رهيو، تنهن ڪري ان ماڳ تي پريٿو داڪ جو نالو پئجي ويو ۽ داڪ يا اداڪ Udaka جي معنيٰ آهي پاڻي. ٿوري وقت کان پوءِ هن راجا اتي شهر تعمير ڪرايو، جنهن تي به نالو پريٿو  داڪ پئجي ويو. پريٿو داڪ وارو تيرٿ ڪورو ڪشيٽرا مهاتميا ۾ اهميت رکي ٿو ۽ اڃا به ان جي ياترا ڪئي ويندي آهي.

آمين Amin

 ٿانيسر کان ڏکڻ، ڏکڻ-اوڀر پنج ميل هڪ وڏو دڙو آهي، جنهن کي آمين جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن بابت برهمڻن جو چوڻ آهي ته آڀيمنيو کيرا Abhimanyu Khera جي ننڍي شڪل آهي، جنهن  جي معنيٰ آهي، آڀيمنيو جو دڙو جيڪو ارجن جي پٽ جو

 نالوآهي، هن ماڳ جو هڪ ٻيو نالو چڪراڀيو Chakrabhyu به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي”قطارن ۾ بيٺل فوج“ ڇاڪاڻ ته آخري جنگ کان اڳ ۾ هن ٿاڪ تي پانڊون ڪورون خلاف پنهنجي فوج گڏ ڪئي هئي. هن جاءَ تي جئدرٿ آڀيمينون کي نگهو سار ڪيو هو ۽ ٻئي ڏينهن وري ارجن جئدرٿ کي قتل ڪري ڇڏيو. اهو به چيو ويندو آهي ته  هتي آڏيتي Aditi ويهي پٽ ڄمڻ لاءِ تپسيا ڪئي هئي ۽ پوءِ سوريه نالي کيس  هڪ پٽ ڄائو هو. مذڪوره دڙي جي اتر کان ڏکڻ ڊيگهه  2000 فوٽ ويڪر 8000 فوٽ ۽ اوچائي 25 کان 30 فوٽ آهي. دڙي جي چوٽيءَ تي آمين نالي هڪ ڳوٺ آهي جنهن ۾ گوئر Gaur جاتيءَ جا برهمڻ رهندا آهن. هتي آڏيتي Aditi ۽ اوڀر پاسي سورهيه ڪُنڊ Surrya Kund نالي هڪ ٿاڪ به آهي، جتي سوريه ڄائو هو. سوريه مندر وري اولهه پاسي آهي. پٽ جون سوالي عورتون آچر ڏينهن آڏيت مندر جي ياترا لاءِ وينديون آهن ۽ ان کان پوءِ سورج ڪنڊ وٽ سنان ڪنديون آهن.

بئرات

شين سئنگ جي بيان موجب هي ٿاڪ پو-لي-پي-تو- لو Po-li-ye-To-Lo نالي هڪ راجڌاني هو. ايم ريناڊ هن کي پارياترا Paruyatra يا بئرات سمجهي ٿو جيڪو 500 لي يا 83 ميل مٿرا کان اولهه  ۽ شي-تو-تو-لو- She-To-To-Lo (532) يا ستادرو يا ستلج واري ملڪ کان 800 لي يا 134 ميل کان ٿورو گهٽ ڏکڻ پاسي هو. مٿرا کان ٻڌايل فاصلي ۽ طرف مان چٽيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته اهو ماڳ بئرات آهي، جيڪو شين سئنگ جي بيان موجب مٽسيا Matsya جي قديم راجڌاني هو، توڙي جو اهو ماڳ چيني ياتريءَ جي بيان جي برخلاف ڪولو Kullu کان هڪ سوء ميل کان به وڌيڪ ڏکڻ پاسي آهي، پر مان ستادرو ۽ اتر هندستان جي بيهڪ وچ ۾ اهڙي فرق جي اڳي ئي وضاحت ڪري آيو آهيان.

ابوريحان محمود غزنويءَ جو سهيوڳي هو. هو ٻڌائي ٿو ته ڪرزات Karzat جي راجڌاني نرانا Narana مٿرا کان 48 فرسنگ اولهه پاسي هئي. (533) جيڪڏهن ساڍا 3 ميل في فرسنگ جي حساب سان ليکو ڪبو ته ڪل فاصلو 98 ميل ٿئي ٿو، جيڪو شين سئنگ جي ٻڌايل پنڌ کان 14 ميل وڌيڪ آهي. مختلف مسلمان موءرخن جي بيانن مان پتو پوي ٿو ته ڪرزات Karzat جي راجڌاني نرانا ۽ بئرات جي راجڌاني نرايانا ۾ ڪو به فرق ڪو نه آهي ۽ مٿرا کان مذڪوره ماڳ جي فاصلي جو فرق گهڻي اهميت ڪو نه ٿو رکي. ابوريحان جي بيان موجب نران يا بزان  Bazana کي مسلمان نارائڻ Narayan سڏيندا هئا. جيڪو اڄ به  نارائڻ پور جي روپ ۾ بئرات کان ڏهه ميل اتر-اوڀر طرف موجود آهي. هو قنوج کان نران Narana ڏانهن وڃڻ لاءِ به ڌار ڌار سڙڪون ٻڌائي  ٿو. هڪ مٿرا کان ٿيندي اتي پهچي ٿي جيڪا ڊيگهه ۾ 56 فرسنگ يا 122 ميل آهي. ٻي سڙڪ جمنا جو ڏکڻ ڏئي اتي پهچندي آهي، جيڪا 88 فرسنگ يا 304 ميل ڊگهي ٿيندي. (534) مٿي بيان ڪيل پوئين سڙڪ سان هي منزلون آهن: پهرين منزل 18 فرسنگ يا 63 ميل، ٻي منزل سڪينا 18 فرسنگ يا ساڍا 59 ميل، ٽين منزل جندر Jandar 18 فرسنگ يا 63 ميل، چوٿين منزل راجوڙي Rajauri 15 يا 17 فرسنگ يا 45 يا ساڍا 59 ميل ، پنجين منزل بزان يا نران 20 فرسنگ يا 80 ميل، پهرين منزل جو ته خاص طور ذڪر ڪيو ويو آهي ته اها قنوج کان ڏکڻ- اولهه پاسي آهي، جنهن کي هڪ دم ئي سڃاڻي سگهجي ٿو ته اهو ٿاڪ جمنائي آسي گهاٽ آهي، جيڪو 6 ميل ايٽاوا Eatwa کان ڏکڻ ۽ قنوج کان 63 ميل ڏکڻ-اولهه پاسي آهي. ٻيءَ منزل جو نالو سهينا Sahina آهي پر اتفاقي طور  نقطن جي اچي وڃڻ  ڪري لفظ جي هجي بدلجي وئي آهي.  مون کي سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته اها منزل سهينا Sahina آهي جيڪو مشهور وڏي ۽ قديم شهر جو نالو آهي، پر هاڻي کنڊر لڳو پيو آهي. هي ماڳ گواليار کان 25 ميل اتر طرف ٿيندو. آسي گهاٽ کان سندس فاصلو 56 ميل آهي. ٽينءَ منزل جو نالو ايم- ريناڊ مطابق جندرا ۽ سر هينري اليٽ موجب چندرا Chandra آهي، پر مان چندران بدران حندون Hindon جي پڙهڻي صحيح سمجهان ٿو. ان جو سهانيا Suhaniya کان چمبل دريا تي کتري گهاٽ Kheatrighat رستي فاصلو 70 ميل ٿيندو. چوٿين منزل جو نالو راجوڙي Rajori آهي ۽ ان جو اڃا به ساڳيو نالو هلندو اچي. جيڪا ماچيري  Macheri کان 12 ميل ڏکڻ-اولهه ۽ حندون کان 50 ميل اتر- اولهه طرف آهي. اتان کان نارائڻ پور ۽ بئرات ڏانهن ويندڙ رستو الوار Alwar يا ماچيري وارين ٽڪرين مان لنگهندو آهي. تنهن ڪري صحيح فاصلي جو پتو پئجي ڪو نه سگهندو آهي. لٿوگراف تي ڇاپيل نقشي جي ماپ في انچ اٺ ميل ڏني وئي آهي. ان حساب موجب  جيڪڏهن ليکو ڪجيٿو ته فاصلو 60 ميل بيهي ٿو جيڪو ابوريحان جي ٻڌايل فاصلي 20 فرسنگن يا 80 ميل ميل جي ويجهو ٿئي ٿو.

ابوريحان ٻيءَ سڻڪ مطابق پنڌ هن ريت بيان ڪري ٿو ته نران، ميواڙ واري چتور کان 25 فرسنگ اتر، ملتان کان 50 فرسنگ اوڀر، ۽ انهلواڙ کان 60 فرسنگ اتر-اوڀر طرف آهي. (535) هن بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته بئرات کان هنن ماڳن جي بيهڪ ته ٺيڪ آهي پر اڌ کان گهڻن ماڳن جو فاصلو ڄڻ گهڻو گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مثال طور نران ۽ چتور جي وچ وارو 25 فرسنگ فاصلو ٻڌايو ويو آهي. تنهن کي جرنل Quarter master general جي ڪرايل ماپ مطابق به اهو فاصلو ٻه سوء ساڍا سترهن ميل بيهي ٿو. رشيد الدين پنهنجي تاريخ ۾ ابوريحان جو اقتباس شامل ڪيو آهي، پر ان مان چتور واري فاصلي کي ڪڍي ڇڏيو اٿائين، ان جو ڪارڻ اهو ٿي سگهي ٿو ته تاريخ هند ۾ ڪي ڳالهيون ڇڏجي ويون هونديون يا اڻ چٽيون ۽ منجهيل هونديون. ملتان کان نران جو فاصلو 50 فرسنگ ٻڌايو ويو آهي، جيڪو صحيح نه آهي، پر ان کي درگذر ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته وارياسي رڻ پٽ وچان فوج جو لنگهي وڃڻ تمام ڏکيو هو، تنهن ڪري فاصلي جو اندازو ڪيو ويو هوندو، انهلواڙ ۽ بئرات جي وچ تي هڪ ماڳ آهي، مان ان بابت سمجهاڻي ڏيندس، هنن مختلف رستن جي ڀيٽ مان مون کي بزان يا نران سڃاڻڻ ۾ تر جيترو به شڪ ڪو نه رهيو آهي ته اهو ماڳ ڪرزات يا گجرات ۽ نارائڻ پور بئرات يا وئرات Vairat جو راڄ گاديءَ وارو شهر هو. فرشته ۾ بيان ڪيل پويون نالو قبرات Kivrat جي هجي ۾ لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڊوء Dow قيرات Kairat برجس Briggs وري مسلمانن جي ويرات Virat وئرات Vairat ٻنهي جي هڪ غلط هجي بئرات ڏني آهي.

ويرات Virat مٽيسا جي راجڌاني هوندو هو. هندو ڏندڪٿا موجب هي اهو ماڳ آهي جتي دهليءَ يا اندرا پراسٿا Indra prastha مان نڪرڻ کان پوءِ پانڊو اچي ٻارهن ورهيه ٽڪيا هئا. ان جوءِ جا ماڻهو به جوڌا ۽ جهونجهار هوندا هئا. منوشا ستر ۾ هيءَ هدايت ڏني وئي آهي ته :”فوج جي مهڙ ۾ اندر پراسٿا ڀرسان ڪورو ڪشيترا جي جوءِ جا جوڌا رکيا وڃن يا مٽيسا يا ويرات، پنچالا Panchala ڪانيا ڪبجا Kanya Kubja يا مٿرا جي علائقي سوراسينا Surasena جا ماڻهو رکيا وڃن. (536) هن شهر جي اتر ۾ هڪ ميل جي فاصلي تي هڪ ننڍڙي ٽڪري آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ان جي چوٽيءَ تي ڀيم ڀانڊو رهندو هو. ان ٽڪريءَ ۾ سادي سڌي قسم جي بيشمار بلورن جا دوڳرا نظر ايندا. جيڪي ٻاهرئين پاسي اکن مينهن پوڻ ڪري گسي گول ٿي ويا آهن. اهي وڏا دوڳلا پٿر قدرتي طور پاڻ ڦاٽي پيا آهن ۽ اتي رهڻ جوڳيون جايون بڻجي پيون آهن. اهڙين جاين مان هڪ جڳهه ڀيم گفا به آهي، جيڪا اهڙي ٿلهي پٿر اندر آهي جنهن جو قطر 60 فوٽ ۽ اوچائي 15 فوٽ آهي. ڀتيون به سنهيون سڌيون هڪ ڪريون نه پر ڏم ڏم آهن، ساڳئي قسم جون پر ٿوريون سوڙهيون ڪوٺيون ڀيم جي ڀائرن جون به آهن. اتي ڪي برهمڻ به رهندا هئا ۽ اتي ڀيٽا طور ايندڙ ٿورين گهڻين شين تي پيا ڏکيو سکيو پيٽ گذر ڪندا هئا، پر سندن جسم جان مان ثابت ٿيندو آهي ته سندن اهڙو بيان سمورو ڪوڙ آهي. ڀيم جي گفا کان هيٺ ننڍڙي کڏ آهي، جنهن جي چوڌاري ننڍڙي ڀت ڏني وئي آهي. مينهن وسندو آهي ته اها کڏ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي جيڪا 15 فوٽ ڊگهي، 5 فوٽ ويڪري ۽ 10 فوٽ اونهي آهي. آءُ جڏهن  10 نومبر تي اتي پهتس ته اها سڪل هئي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org