يارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ هن شهر کي محمود
غزنوي به فتح ڪيو هو. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هن ماڳ
مسلمان دور ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. سندس جاگرافيائي
بيهڪ به اهڙي ته مناسب آهي جو ڪنهن به دور ۾ ڦٽي
ناس ناهي ٿيو.
برهمانا يا برهمڻ آباد
سنڊومان جي فتح کان پوءِ سڪندر خشڪيءَ رستي سفر
ڪري درياهه تي پهتو جتي سندس درياهي فوج سندس حڪم
موجب هن جي اوسيڙي ۾ ويٺي هئي. ان کانپوءِ سنڌوءَ
جي لهواري وهڪري مطابق هاڪارڻ لڳو ۽ چوٿين ڏينهن
ان شهر ۾ پهتو جتان سابس يا سامبس (Sabus)
(404) جي بادشاهي ڏانهن ويندڙ سڙڪ نڪرندي هئي.
جڏهن سڪندر اعظم الور (ميوسي ڪئنس جي راڄڌاني) مان
پنهنجي دريائي فوج کي ڇڏي اوڪس ڪئنس (Oxykanus)
تي حملو ڪيو هو ته ان وقت راجا سابس (سامبس) راجا
سابس جي راڄڌاني سنڊومانا تي ڪاهڻ جو سندس ارادو
ڪو نه هو. ڇاڪاڻ ته اتان جي راجا سابس سندس آڻ مڃي
هئي ۽ کيس سنڌوءَ جي ڪٺار سان موجود ٽاڪرو علائقي
جو حڪمران مقرر ڪيو هو (405). مان سمجهان ٿو ته
سڪندر اعظم پنهنجي دريائي لشڪر کي راڄڌاني اوڪسي
ڪئنس ڀرسان ئي درياء وٽ سندس انتظار ڪرڻ جو حڪم
ڏنو هوندو. منهنجي خيال ۾ اهو ماڳ جتي دريائي لشڪر
سڪندر جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هوندو سو ڪاٺوڙ ۽ تجل کان
هيٺ ناري واري ماڙيجا (Marija)
ڍنڍ هوندي.(1) ماڙيجا ڍنڍ وارو ماڳ منهنجي ويچار
مطابق جتي سڪندر جي درياهي فوج سندس اوسيئڙي ۾
ترسي هئي، سوپراڻي برهمڻ آباد شهر کان سڌو سٺ ميل
۽پاڻيءَ رستي نوي ميل آهي. اهو پنڌ ٻيڙين وسيلي
چئن ڏينهن ۾ پورو ڪري سگهجي ٿو. مٿئين بيان مان
اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته برهمانا جو شهر برهمڻن
جو آباد ڪيل هو ۽ سڪندري مورخ به اهڙي شاهدي ڏين
ٿا. برهمڻ آباد جي راجا سڪندر جي آڻ مڃي هئي. پر
هتان جي ماڻهن قلعي جا دروازا بند ڪري ڄڻ سڪندر
خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو. خاص جنگي حڪمت عملي
اختيار ڪري، برهمڻ آباد جي ماڻهن کي قلعي کان ٻاهر
آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جن سڪندري فوج سان مڙس ٿي
چوٽ ڏني. جنهن ۾ سڪندر جو مشهور سپهه سالار ٽالمي
زهريلي تلوار سان گهائجي پيو هو(406). ٽالمي جي
گهائجڻ مان پتو پوي ٿو ته هي شهر هر ماتيلاءِ هو
جيڪو ڊايوڊورس جي بيان سنڌوءَ جي ڪٺار سان برهمڻن
جو آخري شهر هو (407) هتي اسان کي هر ماتيلاءِ جو
لفظ نظر اچي ٿو جيڪو برهماٿالا
Brahmathala
يا برهمانا سٿالا
Brahmana-Sthala
جي اچار سان هڪجهڙائي رکي ٿو. يونانين سمجهندا
آهن. اهو ساڳيو برهما ديوتا آهي جيڪو سنڌ وارن جي
اصلي لنگم جو ديوتا مڃيو ويندو آهي. هن شهر جو
اصلي ۽ قديم نالو بيانن مان اهو نتيجو ڪڍيو اٿم ته
برهمڻ جي جنهن شهر کي سڪندر فتح ڪيو هو، سو پنهنجي
نالي ۽ جاگرافيائي بيهڪ ڪري اهو برهمڻ آباد جو
مشهور شهر آهي.
سنڊومانا جي فتح کان پوءِ افسوس جو ائرين جو بيان
تمام مختصر آهي. هو رڳو ايترو ٻڌائي ٿو ته سڪندر
هن شهر تي ڪاهي ويو، فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪو به
برهمڻ سڪندر جي فوج جي ور چڙهيو، ان کي قتل ڪيو
ويو ڇاڪاڻ ته سڪندر خلاف بغاوت جي باهه هنن ئي
ڀڙڪائي هئي. ائرين جو هيءَ بيان ڊايوڊورس جي بيان
سان سهمت آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته سڪندر بغاوت جي
باهه ٻارڻ وارن جو قتل عام ڪرائي ڏاڍو خوش ٿهيو،
باقي عام ماڻهن کي معاف ڪيو ويو هو.“ جيڪڏهن هنن
بيان جي ڀيٽوار ڇنڊڇاڻ ڪبي ته پتو پوندو ته
هرماتيلاءِ يا برهمانا ميوسي ڪئنس جي راڄ ۾ شامل
هو. ڪرٽس جو به بيان آهي ته هتان جو راجا، سڪندر
اعظم جي آڻ مڃي چڪو هو.ا ئرين ٻڌائي ٿو ته هن راجا
بغاوت ڪئي هئي. ڊايوڊورس وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سڪندر
اعظم انهن کي سخت سزا ڏني هئي. جن ماڻهن کي بغاوت
ڪرڻ لاءِ هـشي ڏئي اڀاريو هو. اهي سڀئي حقيقتون
ميوسيڪئنس سان ٺهڪي اچن ٿيون، جنهن پهريائين ته آڻ
مڃي پر پوءِ بغاوت ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس
ٽياس تي ٽنگيو ويو. ساڻس گڏ انهن برهمڻ کي به ڦاسي
چاڙيهو ويو جن کيس بغاوت لاءِ ڀڙڪايو هو. هيءَ
سڃاڻ اهميت رکي ٿي ڇاڪاڻ ته هن بيان مان پتو پوي
ٿو ته راجا ميوسيڪئنس جو راڄ مٿان کان وٺي ڇوڙ
واري علائقي جي مٿئين پاسي تائين سڄي سنڌو ماٿريءَ
تائين پکڙيل هو. جنهن ۾ اوڪسي ڪئنس ۽ سامبس جو راڄ
شامل ڪو نه هو. هن راجا جي حڪومت هڪ وڏي علائقي تي
مشتمل هئي، سڪندر اعظم کي مليل اطلاعن مان به اهڙي
ثابتي ملي ٿي جن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته مذڪوره
علائقو ساري هندستان ۾ وڌيڪ شاهوڪار آهي. اهڙن
اطلاعن مان اسنا کي اها به سڻس ڪنيسن پوي ٿي ته
راجا سامبس جا راجا ميوسيڪئنس سان سٺا لاڳاپا ڪو
نه هئا ڇاڪاڻ ته راجا ميوسيڪئنس جي ملڪ جي ڏاکڻين
سرحد راجا سامبس جي اولاهينءَ دنگ سان ملي رهي
هئي، ان ڪري منجهن سرحدي تڪرار هلندڙ هو. جنهن
شهر ۾ ٽالمي کي زهر ٻڏل تيرن جا گهائو ڌڪ رسيا
هئا. تنهن شهر جي راجا جو نالو جسٽين
(Justin)
(408) آمبيگر (Ambiger)
ٻڌائي ٿو جيڪو گهڻو ڪري ميسيڪئنس راجا جو صحيح
نالو هوندو. هيءَ ميوسيڪاني جو حڪمران هو ۽
برهمانا جو علائقو به سندس راڄ ۾ شامل هو.
ڏک جي ڳالهه اها آهي ته موءرخ ٽالمي جيڪي به نالا
بيان ڪيا آهن سي سڀئي برهمانا شهر جي نالي سان
ٺهڪي ڪو نه ٿا اچن. پارابلي
Parabali
جو نالو ڪنهن حد تائين جاگرافيائي بيهڪ ۽ ڪجهه
نالي جي هڪجهڙائي جي نقطه نگاهه کان برهمانا سان
ملي اچي ٿو. ڇاڪاڻ تجه هن لفظ جا پهريان ٻه پد پرب
(Parab).
برم (Baram)
کان مختلف ڪو نه آهن. لفظ جي پڇاڙي الي (Ali)
برهماٿالا يا هرماتيلاءِ جي لفظ ۾ موجود ٿالا جي
نمائندگي ڪري ٿو. ٽالمي جي بان کان پوءِ اسان
برهمانا جو ذڪر ڪٿي به ڪو نه ٿا ٻڌون. پر ڇهه
صديون کن پوءِ عرب دور ۾ سندس ذڪر نظر اچي ٿو.
ڏيهي تاريخن مان اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته راءِ
گهراڻي جي دور ۾ (507) کان 742ع تائين) برهمانا
سنڌ جي چئن سرڪارين مان هڪ هئي ۽ ان علائقي جي
راڄڌاني هئي (409) راجا ڏاهر جڏهن 670ع ۾ سنڌ جي
راڄڌاني تي ويٺو ته به هن براهمانا پنهنجي علائقي
جي راڄڌاني وارو شهر هو. سنڌوءَ جڏهن اتور کي
تباهه ڪري ڇڏيو ته هن براهمانا کي پنهنجي ملڪ جي
راڄڌاني بنايو هو. شين سئنگ سن 641ع ۾ سنڌ آيو هو،
جنهن جي سفر نامي جو ذڪر اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي. ان
جي زماني ۾ به سنڌ چئن سرڪارين ۾ ورهايل هئي انهن
کي سهوليت خاطر سرو، وچولو، لاڙ ۽ ڪڇ سرڪارين جا
نالا ڏنا ويا آهن. مان سري واري علائقي جو الور
واري باب ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان
[1]ٻي سرڪار
اوفان (M.Stanislas
Julien)
چيني ٻوليءَ جي پدن مطابق هن جو ترجمو آوندا
(Avanda)
ڪري ٿو، پر ان جوا صل هڪجهڙو لفظ ڳولي لهڻ ڏاڍي
ڏکي ڳالهه آهي. منهنجي خيال ۾ اهو برهمانا آهي،
جنهن کي ڪيترن ئي نالن سان اچريو ويندو آهي.
جهڙوڪ: باهمانا، ٻهڻ، بابنا، بانڀڻا، (410) وغيره،
برهمڻ آباد ڀرسان منصوره شهر جو ذڪر ڪندي ابن حوقل
لکي ٿو ته سنڌي ماڻهو منصوره کي بامي واڻ(Bamiwan)
سڏيندا آهن (411). جنهن کي
ادريسي ڦيرائي ميرمان (412) (Mirman)
لکيو آهي. پر ان سان گڏ واندڻ (Wandan)
۽ ڪاندڻ (Kandan)
(413) جا نالا به قلمند ڪيا آهن. مان سمجهان ٿو ته
اهي بامن وا (Bamanwa)
جي بگڙيل شڪل آهن يا جهڙيءَ ريت سنڌي اچاريندا آهن
جهڙوڪ وامن وا (Vamanwa)
يا وان وا (Vanwa)
وغيره. چيني ٻوليءَ جو پد فان (Fan)
برهما لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي ۽ اها هڪ ڄاتل
سڃاتل حقيقت آهي ۽ ان نالي جي ننڍي شڪل آهي، جيڪا
هن ڳالهه تي به روشني وجهي ٿي ته آوندا به به
بهمنوا يا برهمڻ آباد جي ڪجهه بدليل شڪل آهي.
مسلمانن جي فتح کان جلدي پوءِ براهمانا جي جاءِ
منصوره اچي ولاري، بلاذري جي بيان موجب هن شهر جو
بنياد سنڌ جي فاتح محمد بن قاسم جي پٽ عمرو رکيو
هو (414). اهو عباسي خاندان جي ٻئي خليفي المنصور
جي زماني (774-753ع) ۾ جڙي راس ٿيو، پر مسعوديءَ
(415) جو بيان آهي ته هيءَ شهر بني اميه خلافت جي
دور ۾ تعمير ڪرايو ويو. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو امير
جمهور هو جيڪو دور ۾ تعمير ڪرايو ويو،. تن ڏينهن ۾
سنڌ جو امير جمهور هو جيڪو 744ع کان 749ع تائين
هتان جو گورنر رهيو ۽ پنهنجي پيءَ منصور نالي
پٺيان هن شهر کي اڏايائين. هيءُ شهر برهمڻ آباد جي
ڀرسان تعمير ڪرايو ويو هو، تنهن ڪري ابن حوقل،
ابوريحان ۽ ادريسي پنهنجي بيانن ۾ هن کي ساڳيو شهر
ڪوٺيو آهي. ابن حوقل جا لفظ هن ريت آهن: ”منصوره
کي سنڌي ٻوليءَ ۾ باميوان
Bamiwan
سڏيندا آهن (412). ابو ريحان چوي ٿو ته: ”منصوره
جو اصلي نالو بامنوا
Bamanwa
هو، پوءِ ان کي همن آباد
Hamanabad
سڏيو ويندو هو . ”جيڪڏهن هن لفظ جي ابتدائي ڀاڱي ۾
ب جو اکر ملائبو ته بهمن آباد جڙي پوندو ۽ اهو اکر
غلطيءَ وچان رهجي ويل ٿو ڀائنجي. هيءُ شهر سنڌوءَ
يا مهراڻ جي اوڀارين ڇاڙهه تي وسايو ويو هو.
مذڪوره شهر جي ڊيگهه ۽ ويڪر هڪ هڪ ميل هئي.
اهڙيءَ ريت سندس گهيرو چار ميل ٿئي ٿو. مختلف
جڳهن کان ڏينهن واريءَ مسافريءَ جو ليکو ڪري سندس
جاگرافيائي بيهڪ کي هالا جي او سي پاسي بيهاريو
ويو آهي. اهو ماڳ ملتان کان ٻارنهن ڏينهن جي پنڌ
تي ۽ منصوره کان سڌو ديبل چئن ڏينهن جي مسافريءَ
تي هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ملتان کان سمنڊ
تائين جيڪو فاصلو هو، برهمڻ آباد کان سمنڊ تائين
پنڌ ان جو ٽيون حصو هو ۽ اهو فاصلو هالا جي اوسي
پاسي وڃي بيهي ٿو.
ان ساڳي جاگرافيائي بيهڪ ۾ مسٽربيلاسس ڪنهن جهوني
جُڳ سان لاڳاپيل هڪ ٿرڙ لڌو آهي، جيڪو وسيع
ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته
اهو پنهنجي دور جو ڪو وڏو شهر هو. اسان مذڪوره
دلچسپ شهر جي ڄاڻ لاءِ مسٽربيلاسس- Mr.
Bellasis
جا ٿورائتا آهيون. مذڪوره ڦٽل شهر سنڌوءَ جي پراڻي
پيٽ جي ڪٺار سان، حيدرآباد کان ستيتاليهه ميل
اتر-اوڀر، هالا کان اوڀر يا اوڀر-اتر-اوڀر اٺاويهه
ميل ۽ اڀرندي ناري کان ويهه ميل اولهه طرف آهي
(417). هيءُ ماڳ ٻانڀڙ-ڪا-ٺل-
Bambhra-ka Thul
جي نالي سان مـشهور آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ناس
ٿيل ٺلهه. هن ڦٽي واري ايراضيءَ ۾ سرن جي ٽوٽن
مان ٺهيل هن ٺلهه جو ڪو ڀاڱو اڃا سلامت بيٺل نظر
ايندو آهي. هن ٿرڙ کي جنهن جاکوڙي جوان ڳولي لڌو
تنهن جو چوڻ آهي ته شهر جي کنڊرن جي شڪل صورت ائين
آهي جهڙيءَ ريت اڳيئن شهر جي گهرن جي جوڙ هئي جن
هن جي دڙي تي پويون شهر وسايو ويو هو. ماپڻ کان
پوءِ معلوم ٿيو ته هن شهر جو چوڏس گهيرو چار ميل
کن ٿيندو. هن ٻانڀڙ-ڪا-ٺـل کان سواءِ هتان کان ڏيڍ
ميل کن جي فاصلي تي هڪ ٻيو ڦٽل دڙو پڻ آهي جنهن کي
ماڻهو دلوراءِ جو دڙو سڏيندا آهن. هي ماڳ هتان جي
آخري راجا جي رهائش گاه هو. ان ماڳ کان وري پنج
ميل کن پري ڏيپر نالي رهندو هو. هنن ٿرڙن جي وچ تي
ڪن وسندين جا اهڃاڻ آهن جيڪي کليءَ ايراضيءَ ۾
گهڻو ڏور تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ٻانڀڙا-ڪا-ٺلهه جي
چوڌاري قلعي جي هڪ تعمير ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن تي
منارن ۽ برجن جي اڏاوت جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڪبر
بادشاهه جي دور تائين هن قلعي جا نشان ڪجهه وڌيڪ
چٽا هئا. ابو الفضل جي بيان مطابق هن قلعي ۾ هڪ
سوء چوڏهن برج هئا ۽ هر برج جي وچ تي هڪ طناب
جيتري وٿي هئي (418). ان زماني ۾ ماپ هڪ مقرري
نوڙيءَ سان ڪئي ويندي هئي. اڪبر بادشاه نوڙيءَ
بدران لڪڙن کي لوهن ڪڙن سان ڳنڍي هڪ مقرر ماپ کي
ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏنو هو. مذڪوره طناب جي ماپ سٺ
الهيٰ گز هوندي هئي ۽ هر گز جي ڊيگهه ٽيهه انچ
مقرر هئي. اهڙيءَ ريت هر طناب جي ماپ وڃي ڏيڍ سوء
فوٽ بيهي ٿي. جيڪڏهن هن کي 140 کان ضرب ڪبو ته
21000 فوٽ جواب ٿئي ٿو جيڪو اٽڪل چار ميل فاصلو
ٿئي ٿو. ابن حوقل جو بيان آهي ته منصوره جو شهر
همچورس گهيرو وڃي چار ميل بيهندو. اهڙيءَ ريت مسٽر
بيلاسس جي بيان موجب ٻانڀڙا-ڪا-ٺل جي ايراضي به
گهٽ وڌ چار ميل ٿيندي، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته
اهو منصوره وارو ماڳ آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ
جي راڄڌاني هو.
[2] باقي
براهمانا يا برهمڻ آباد جو اصلي شهر دلوراءِ جي
دڙن وارو ماڳ آهي، جيڪو هن وڏي دڙي کان ڏيڍ ميل کن
پري ٿيندو.
مسٽر بيلاسس، جنهن هن شهر کي ڳوي لڌو. تنهن جو چوڻ
آهي ته اهو ماڳ ئي برهمانا يا برهمڻ آبايد پاڻ
آهي، پر مسٽر ٿامس اختلاف جو اظهار ڪري ٿو (429).
ڇاڪاڻ ته هتان کوٽائي ۽ کوجنا ڪندي وچين دور سان
لاڳاپيل سڪا لڌا آهن. ان کان اڳ واري سنڌي دور سان
لاڳاپيل سڪن جو انگ تمام ٿورو آهي. اهي سڪا ٻين
علائقن مان به ڪي ايڪڙ ٻيڪر لڌا آهن. ۽ منجهن هڪ
سُرائي به ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. تنهن ڪري ڪنهن مقرر
دور جو تعين ڪرڻ ڏکيو آهي. هتان جيڪي به سڪا لڌا
ويا آهن. تن جو سنڌ جي عرب گورنرن سان تعلق آهي ۽
هر سڪي تي پاسي سان منصوره جو لفظ لکيل نظر ايندو.
جيتري قدر منهنجي ڄاڻ جو واسطو آهي ته مان هنن سڪن
مان ڪو سڪو ڪو نه ڏٺو، جنهن جو ڪنهن سنڌي راجا سان
لاڳاپو هجي. افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته مسٽر
بيلاسس، دلوراءِ نالي ٿرڙ جي خاطر خواهه کوٽائي ۽
کوجنا ڪانه ڪئي، نه ته جيڪر کيس وڌيڪ قديم دور سان
لاڳاپيل نادر شيون هٿ لڳي وڃن ها.
هتان جي مورخن جا بيان ۽ ماڻهن جون روايتون
ٻڌائين ٿيون ته هي شهر راجا دلوراءِ جي ڪلورن ڪري
ڌرتيءَ ڌڏڻ کان پوءِ ناس ٿي ويو هن راجا جي دور
بابت يقين سان ڪجهه به چئي ڪو نه ٿو سگهجي مڪمروڊو
سندس زمانو 140هه يا 757ع ٻڌائي ٿو (403). انهيءَ
سمي راجا دلوراءِ جو ڀاءُ ڇٽو حج ڪري واپس وريو
هو. پر اسان کي تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته
منصوره ڏهين صديءَ جي شروعات ۾ به پنهنجي اوج تي
هو ۽ مسعودي ۽ ابن حوقل ان دور ۾ هتي پاڻ آيا هئا.
تنهن ڪري پڪ ٿئي ٿي ڌرتيءَ ڌڏڻ وارو واقعو سنه
650ع کان پوءِ جي ڳالهه آهي. اهو به چيو ويندو آهي
ته دلوراءِ ۽ ڇٽو ٻئي منصوره يا برهمڻ آباد جي
راجا يا امير جا پٽ هئا. ان سان گڏ ويساهه ڪرڻ
ڏکيو آهي ته جڏهن منصوره تي عرب گورنرن جي حڪومت
هئي ته ساڳي زماني ۾ سنڌي راجا به اتي راڄ ڪري
رهيو هو. حقيقت اها آهي ته پنجاب جي ڦٽل ـشهرن
بابت ساڳئي قسم جي ڏند ڪٿا ٻڌائي ويندي آهي ۽ چيو
ويندو آهي ته شور ڪورٽ هڙاپا ۽ اتريءَ جا شهر
پنهنجن راجائن جي ڪلورن ڪري ناس ٿي ويا. سنڌ ۾
ڀنڀور، براهمانا ۽ الور لاءِ به ائين چيو ويندو
آهي. تلمبا جي تباهيءَ بابت به ساڳئي ڪهاڻي، گهڙي
وئي آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اهو نسورو ڪوڙ آهي.
ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي سر اتي وڃي کوجنا ڪئي پتو پيو
ته ان شهر جي تباهي ان ڪري ٿي جو راوي پنهنجو
وهڪرو بدلائي وئي هئي. مسٽر بيلاسس جي کوجنا مان
پتو پيو آهي ته برهمانا ڌرتي ڌڏڻ ڪري ناس ٿي وئي
هئي. ماڻهن جا هڏاوان پڃرا گهرن جي ٻنڀن وٽ دبالٽ
ٿيل ڏسڻ ۾ آيا. جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته ماڻهن
ڪنهن آفت کان ڀڄڻ جا جتن ڪيا هجن، ڪن جا هڏا اندر
ڪريل حالت ۾ ڏسڻ ۾ آيا (421). شهر کي ساڙي تباهه
ڪو نه ڪيو ويو ٿو ڀائنجي. ڇاڪاڻ ته رچرڊس جو بيان
آهي ته سڙيل ڪاٺ جي ڪوئلن جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ ڪو نه
آيا.، ڀتين تي به باه جا نشان ڪو نه آهن، ان جي
برخلاف ماڻهن جا هڏاوان پڃرا، گهرن جي ڪوٺين جي
ڪنڊن مان اهڙي ريت مليا آهن ڄڻ اهي ڪنهن هائسي ۾
سراپجي ويا هجن. امڪان آهي ته جنهن وقت ڌرتي ڌڏي
رهي هئي ته هو پنهنجي گهرن جي ڪوٺين اندر ڊپ کان
ڄڪ هڻي ويٺا رهيا ۽ مٿانئن سندن ئي گهرن جون ڀتيون
ڪرنديون رهيون، اهڙيءَ ريت جو جيئري ئي دٻالٽ ٿي
سر کنئي جيڪا ڪن هن ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ ۾ اندر گتل
هئي. جڏهن هن اها سر مٿي کنئي ته ماڻهوءَ جي
کوپريءَ جي هڏيءَ جو ڪجهه حصو ان سان چنبڙيل هو.
مسٽر بيلاسس جيان سندس خيال آهي ته هيءُ شهر
ڌرتيءَ جي ڌڏڻ ڪري تباهه ٿي ويو آهي.
ٻانڀڙا-ڪا –ٺلهه واريءَ ايراضيءَ مان به عربن جي
دور سان لاڳاپيل سڪا لڌا، عمر هباري واري زماني جي
پايو رکندڙ جمهور بن منصور جي دور کان وٺي عمر
هباري واري زماني سان تعلق رکن ٿا. المسعودي به
عمر هباري جي دور ۾ سنڌ آيو هو (423) تنهن ڪري پڪ
سان چئي سگهجي ٿو ته مذڪوره شهر 750ع کان 940ع
تائين آباد هو.
مٿين حقيقتن مان منهنجي ان بيان جي پٺڀرائي ٿئي ٿي
جنهن ۾ چئي آيو آهيان ته جڏهن مسعودي ۽ ابن حوقل
ڏهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ سنڌ آيا هئا ته هيءُ شهر
پنهنجي اوجڪ تي هو. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هن
شهر جي تباهي ڏهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ سن 970ع
کان اڳ ڪانه ٿي هوندي. اها حقيقت به آهي. ڇاڪاڻ ته
يارهين صديءَ عيسويءَ جي شروعات ۾ ابوريحان هن شهر
جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان کان ٿورو پوءِ ادريسيءَ
قزويني ۽ رشيد الدين جو به اهڙو بيان آهي جنهن مان
سڌ پوي ٿي ته هي سندن دور ۾ پڻ آباد هو. پر پويان
موءرخ نه بلڪ مرتب آهن ۽ انهن ٻين جي ڪتابن تان
ميڙا چونڊي ڪري حقيقتون گڏ ڪيون آهن، تنهن ڪري
سندن ڏنل احوال ڪنهن اڳئين دور سان واسطو رکن ٿا.
باقي ابو ريحان سان واسطو رکندڙ تاريخي حوالا
اصلي ۽ بنيادي آهن، ڇاڪاڻ ته هو هندستان جون
ٻوليون ڄاڻيندو هو ۽ سمجهڻ کپي ته سندن قلمبند ڪيل
حقيقتون کريون ۽ سچيون آهن ته منصوره جو شهر سندس
دور تائين وسندڙ هو. هو سنڌ جي رستن بابت بيان
ڪندي ٻڌائي ٿو ته (424) ”الور کان برهمنوا يا
المنصوره ويهن فرسنگن جي فاصلي تي آهي. اتان کان
لوهراڻي
Lohrani
ٽيهه فرسنگ پري ٿيندو جيڪو درياهه جي ڇوڙ وٽ هڪ
ماڳ آهي.“ هن مان پتو پوي ٿو ته ابوريحان جڏهن سن
1031ع ۾ پنهنجي تاريخ لکي رهيو هو ته منصوره آباد
هو. محمود غزنويءَ جي سنڌ تي حملي جو احوال
اوريندي فقط هڪ موءرخ منصوره جو مختصر ذڪر ڪيو
آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ منصوره
آباد ضرور هو پر زبون حاليءَ جو شڪار هو نه ته
سنڌ جي راجڌانيءَ واري هن شهر جي شاهوڪاري هن ڦورو
۽ هٻڇي
Rapacious
حڪمران کي ضرور مٿس ڌرتي ڌڏڻ وارو واقعو جنهن شهر
کي ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو سو يارهين صدي جي شروع ٿيڻ
کان اڳ واري دور سان لاڳاپو رکي ٿ و. اهو به امڪان
آهي ته شهر جي تباهيءَ کان پوءِ نڪري ويل ماڻهو
دٻالٽ ٿيل اچي ساڳي هنڌ آباد ٿيا هوندا. پر ڌرتيءَ
ڌڏڻ ڪري قلعو ۽ گهر ڊهي دڙو بنجي ويا هوندا تنهن
ڪري کين عدم تحفظ جو احساس ٿيو هوندو، ان سان گڏ
پاڻيءَ به هوريان هوريان گهٽجڻ شروع ڪيو هو ۽
ماڻهو اتان وري لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني ۽ شهر وڌيڪ
تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو، سن 416هه 1025ع ڌاران
سومناٿ جي حملي کان پوءِ محمود سنڌ مان لنگهيو ۽
منصوره تي حملي ڪرڻ بدران سيوهڻ کان ٿيندو سنڌو
غزني هليو ويو هو.[3]
اسان کي ابن اثير جو رڳو ايترو احوال ڏسڻ ۾ اچي ٿو
ته هن حڪمران سنڌ لاءِ هڪ مسلمان گورنر مقرر ڪيو
هو.
لاڙ
شين سئنگ جي بيان مطابق پٽاسيلا
Pitasla
يا لاڙ واري علائقي جو گهيرو ٽي هزار لي يا پنج
سوء ميل هو، جيڪو حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين
ساري ڇوڙ واري علائقي جي گهيري واريءَ ماپ سان
سهمت آهي. اهو اوڀر طرف عمرڪوٽ ۽ اولهه پاسي راس
مونزي Cape
Monz
واري جابلو علائقي تائين پکڙيل آهي. ان نقطه نگاه
کان لاڙ واري علائقي جي مختلف پاسن جي ماپ هن ريت
ٿي سگهي ٿي. اولهه پاسي واري جابلو علائقي کان وٺي
عمرڪوٽ تائين هڪ سو سٺ ميل. ان ساڳيءَ جاءِ کان
راس مونزي تائين پنجاسي ميل، مونزي راس کان سنڌوءَ
جي ڪوري کاري تائين هڪ سو پنجٽيهه ميل، ڪوري کاري
کان عمرڪوٽ تائين هڪ سو چاليهه ميل. جيڪڏهن هنن
سڀني پاسن جي ماپن جو جوڙ ڪبو ته گهيرو پنج سو ميل
وڃي بيهندو. هن علائقي جي زمين بابت چيو ويندو آهي
ته اها وارياسي ۽ ڏنگاشي آهي. ڀاڄيون ۽ اناج جام
ٿيندو هو، پر موجوده دور جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڦل
۽ ڦول گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا.
سڪندر جي زماني ۾ لاڙ جو مشهور ۽ اهم پٽالا Patala
هوندو هو، پر ڇيو ويندو آهي ته هن لاڙ ۾ گهڻي وقت
ترسڻ دوران ٻين به ڪيترن ئي شهرن جو بنياد رکيو هو
(425). ڇاڪاڻ ته هو پورب جي واءُ جي اوسيڙي ۾ ويٺو
رهيو انهيءَ لاءِ تج جيئن وطن ڏانهن ورڻ ويل کيس
ٻيڙن هاڪارڻ ۾ سولائي ٿئي. بدقسمتي جي ڳالهه اها
آهي ته ان دور جي موءرخن انهن شهر جا نالا قلمبند
ڪو نه ڪيا آهن. رڳو اڪيلو جنسٽين Justin
آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته واپسيءَ ۾ هن بارس Barce
نالي هڪ شهر تعمير ڪرايو هو (426) جنهن جو بيان
اڳتي ايندو. ٽالمي به ڪيترن شهرن جهڙوڪ: بار بارا
Barbara،
سوء سيڪانا
Sousikana،
بونس Bonis
۽ ڪولاڪا Kolaka
جو ذڪر ڪيو آهي. هنن مان پهريون شهر بار بارا پيري
پيلس
Periplus
وارو باربريڪي
Barbarike
۽ جسٽين وارو بارس معلوم ٿئي ٿو. پيري پلس جي مصنف
جي زماني ۾ لاڙ جي راڄڌاني مين نگر
Minnagara
هوندو هو. ڏيساور جا واپاري باربريڪا وارو درياهي
وهڪرو ڏئي مٿي اچي مين نگر پهچندا هئا. ستين صديءَ
جي وچ ڌاران شين سئنگ پٽسيلا يا پٽالا جو ذڪر ڪري
ٿو. اٺين صديءَ واري محمد بن قاسم جي حملي جا
موءرخ ديبل ۽ نيرون ڪوٽ شهرن جي نالن جو واڌارو ڪن
ٿا. ڏهين صديءَ جا عرب جاگرافيدان شهرن جي نالن جي
هن مختصر فهرست ۾ مخاناري
Manhatare
منحاباري
Manhabari
يا منجاباري
Manjabari
(427) جي نالي جو اضافو ڪن ٿا، جيڪو سنڌوءَ جي
اولهه پاسي ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي ان ٿاڪ تي
هو، جتان ديبل ڏانهن ويندڙ رستو درياه پار ڪندو
هو. مان انهن شهرن جو سندن جاگرافيائي بيهڪ مطابق
اتر کان ڏکڻ وارن ماڳن جو بيان ڪريان ٿو. شروعات
پٽالا سان ڪئي ويندي جيڪو ڇوڙ وٽ آهي.
پٽالا- نيرون ڪوٽ
مئڪمروڊو، مئسن، برٽن ۽ ايسٽ وڪ (428) جو خيال آهي
ته حيدرآباد ئي نيرون ڪوٽ آهي. سر اليٽ جو خيال
آهي ته نيرون ڪوٽ جهرڪ شهر جي ڀرسان هوندو، ڇاڪاڻ
ته سندن خيال موجب ان ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ هتان
جي ڏيهي موءرخن جي بيانن سان سهمت آهي. حيدرآباد
جو نالو پوئين دور سان واسطو رکي ٿو، پر ماڻهو هن
کي نيرون ڪوٽ به سڏيندا آهن. هن ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي
ڳالهه ڪانه آهي ته هيءُ اهو ماڳ آهي جنهن کي عرب
جاگرافيدانن نيرون يا نيرون ڪوٽ جي نالي سان ذڪر
ڪيو آهي. ابوالفدا Abul
Feda
جي بيان موجب اهو ماڳ ديبل کان پنجويهه ۽ منصوره
کان پندرهن فرسنگ پري آهي. جيڪو اصطخري ۽ ابن حوقل
جي بيانن سان ڪنهن حد تائين سهمت آهي. ابن حوقل جو
بيان منجهيل آهي. هو چوي ٿو ته نيرون منصوره ۽
ديبل جي وچ تي آهي پر منصوره جي ويجهو آهي. مذڪوره
ماڳ سنڌوءَ جي اولاهين ڪنڌيءَ سان آباد هو. شهر
ننڍو هو. پر تعلقو نهيات سگهارو هوس. حيدرآباد جو
شهر برهمڻ يا منصوره جي ڦٽل دڙي کان چوهتر ميل پري
آهي ۽ لاهري بندر کان سندس فاصلو ساٺيڪو ميل کن
ٿيندو. هن ٻڌايل فاصلي مطابق نيرون ڪوٽ جهرڪن واري
ماڳن کان وڌيڪ حيدرآباد سان ٺهڪي ٿو بيهي. موجوده
دور ۾ سنڌوءَ جو ميکه وهڪرو حيدرآباد کان اولهه
پاسي وهندو آهي، پر اسان کي خبر آهي ته هن وهڪري
جي اوڀارين ڇاڙهه ڦليلي تنهن زماني ۾ مکيه وهڪرو
هوندو هو. مئڪمرڊو (429) جو خيال آهي ته سنڌوءَ جي
مکيه وهڪري جو رخ بدلائي حيدرآباد کان اولهه وهڻ
وارو واقعو 1000هه ۽ 1592ع ۾ ٿيو آهي. ان ئي دور ۾
نصرپور زبون ٿي وئي هئي، جنهن جو بنياد 751هه ۽
1350ع ۾ رکيو ويو هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن
شهر پنهنجي اوج جو زمانو تمام ٿورو ڏٺو. نصرپور
لاءِ ابو الفضل جو بيان آهي ته (430) مذڪوره شهر
ٺٽي صوبي جي هڪ محال جو مکيه شهر آهي. منهنجو خيال
آهي ته تنهن زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو نيرون
ڪوٽ يا حيدرآباد جو اوڀايون پاسو ڏئي وهندو هوندو
۽ اڪبر جي شروعاتي دور تائين وهڪرو ائين وهندو آيو
هوندو.
نيرون ڪوٽ جو شهر هڪ ٽڪريءَ تي اڏيل هو ۽ ڀرسان هڪ
وڏي ڍنڍ هوندي هيس. محمد بن قاسم جي حملي وقت سندس
ٻيڙيون اچي منجهس بيٺيون هيون. سر هينري ايليٽ جو
خيال آهي تجه جهرڪن واري ٽڪريءَ ئي نيرون واري
ٽڪري آهي جيڪا سنڌوءَ جي اولهه پاسي آهي ۽ اها ڍنڍ
هيلايا ڀرسان ۽ جهرڪ کان ڏکڻ ڪينجهر ڍنڍ آهي. پر
ڪينجهر ڍنڍ جو سنڌوءَ سان ڪو لاڳاپو موجود ڪو نه
آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اها ڪينجهر ڍنڍ
ڪانه آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم جا ٻيڙا اچي بيٺا
هئا. هتي هاڻي اهو اهم دليل پنهنجي اصلي حيثيت
وڃائي ڇڏي ٿو جنهن جي ناتي نيرون ٽڪريءَ کي
حيدرآباد بدران جهرڪن ڀرسان سمجهڻ جو سبب بنايو
وڃي. سر هينري (431) اها ڳالهه به قبول ٿو ڪري ته
ڪنهن ماڳ جي يقين ڪرڻ ۾ وايو منڊل اهم ڪردار ادا
ڪندو آهي. ٻين ماڳن جهڙوڪ ديبل ۽ منصوره جو به
ساڳيو حال آهي. جن تي اڃا اتفاق راءِ پيدا ٿي ڪو
نه سگهيو آهي. هو صاحب ڪراچيءَ کي ديبل ۽ منصوره
کي حيدرآباد سمجهيو ويٺو آهي. انهن ماڳن جي تعين
ڪرڻ سان گڏ اهو به سمجهي ٿو ته نيرون ڪوٽ جهرڪ شهر
وٽ موجود هو. جڏهن هو ”سنڌ ۾ عرب“ تي هڪ مضمون لکي
رهيو هو ته بيلاسس سنڌ جو هڪ پراڻو ماڳ
ٻانڀڙا-ڪا-ٺل ڳولي لڌو هو، جنهن جو جاگرافيائي ماڳ
بلڪل ائين هو جهڙيءَ ريت ڪيترو وقت اڳ مسٽر
مڪئمرڊو برهمڻ آباد لاءِ لکي ويو هو. ان ماڳ جي پڪ
جهڙي سڃاڻپ به ٿي وئي آهي ته مذڪوره ٿاڪ منصوره يا
برهمڻ آباد جو آهي، تنهن ڪري بلاذري ۽ چچ نامه جي
نيرون ڪوٽ جو صحيح ٿاڪ نيرون ڪوٽ Niron
Kot
يا حيدرآباد ئي ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻانڀڙا-ڪا-ٺل
کان ستيتاليهه ميل ۽ لاڙي بندڙ کان پنجاسي ميل پري
آهي، جيڪو ابوالفدا جي بيان سان سهمت آهي، جنهن جو
چوڻ آهي ته: ”نيرون ڪوٽ برهمڻ آباد کان پندرهن
فرسنگ ۽ ديبل کان پنجويهه فرسنگ پري آهي. ان جي
ٻڌايل تعمير مطابق هيءُ ماڳ به ٽڪريءَ تي اڏيل
آهي. ۽ ان کي نيرون ڪوٽ پڻ سڏيو ويندو آهي. هيءُ
ٽڪري گنجي ٽڪر جي جابلو علائقي سان واسطو رکي ٿي،
جيڪا ڏيڍ ميل ڊگهي ست سوء گز ويڪري ۽ اسي فوٽ
اتاهين ٿيندي (432). موجوده قلعو مير غلام شاهه سن
182هه ۽ 1768ع ۾ جوڙايو هو (433). هن ٽڪريءَ جي
ٽئين ڀاڱي تي، ڏکڻ پاسي مذڪوره قلعو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
وچين ڀاڱي تي شهر جي مکيه بازار ۽ وڪڙن تي گهرن
جون اڏاوتون آهن ۽ اتر پاسي مزارون ۽ مقبرا ڏسڻ ۾
ايندا.
جڏهن 641ع ۾ چيني ياتري شين سئنگ سنڌ آيو ته هيءُ
ڪڇ جي راچڌاني ڪوٽيسر کان ست سو لي يا هڪ سوء
سترهن ميل اتر پنڌ ڪري پي-ٽو-شي-لو
Pi-To-Shi-lo
پهتو هو. (434). تان کان هو ٽي سوء لي يا پنجاهه
ميل سفر ڪري او-فان-چا پهتو، جنهن کي مان برهمڻ
آباد سمجهيو آهي. ايم جولين چيني پدرن موجب
پي-ٽو-شي-لو جو اچار پٽا سيلا
Pitasila
سمجهي ٿو. ان بدران مان هن لفظ کي پاٽاسلا
Patasla
سمجهان ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي ”تراکڙي چوٽيءَ واري
ٽڪري“. هيءُ مفهوم ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ جي مٿاڇري
سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. جنهن ٽڪريءَ جي تراکڙي
متاڇري تي حيدرآباد جو شهر اڏيل آهي (445). برٽن
جي بيان موجب نيرون ڪوٽ يا حيدرآباد کي پاتال پور
(Patal
pur)
پراڻي نالي سان به سڏيو ويندو هو، هيءُ ٿاڪ ڪوٽيسر
کان هڪ سو ويهه ميل اتر ۽ برهمڻ آباد کان
ستيتاليهه ميل ڏکڻ-اولهه طرف آهي. مان هن ماڳ کي
چيني ياتري واري شهر پٽاسيلا سمجهڻ ۾ تڪڙ به ڪو نه
ٿو ڪريان. هن ٽڪريءَ جي گهيري جي ماپ، ڏيڍ ميل
ڊيگهه ۽ ست سو گز ويڪر مطابق ٽي ميل ٿئي ٿي، جيڪا
شين سئنگ جي ٻڌايل گهيري (ويهه لي يا ساڍا ٽي ميل)
سان هڪجهڙائي رکي ٿي.
’پٽالاپور‘ ۽ ’پٽاسيلا‘ جي نالن مان چڱي ريت پتو
پوي ٿو ته حيدرآباد ئي اهو ماڳ آهي، جنهن کي سڪندر
واري دور ۾ پٽالا (Pattala)
سڏيو ونيدو هو.
[4] سڪندري
موءرخ هن ڳالهه تي متفق آهن، ته اهو ٿاڪ سنڌو جي
ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون پاسو هو. موجوده
دور جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون ڀاڱو
مٽيارن وارو قديم شهر آهي، جيڪو حيدرآباد کان
ٻارنهن ميل مٿي آهي. هن ٿاڪ وٽان ڦليلي ڦاٽ سنڌوءَ
جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. قديم زماني
۾ جڏهن پراڻ وارو وهڪرو الور کان نيرون ڪوٽ ڏانهن
ايندو هو ته پهريون ڦاٽ حيدرآباد وٽان ڇڏيندي هئي
۽ اهو وهڪرو مياڻي (Miani)
۽ ٽريڪل (Trikal)
وارن پيٽن مان وهي اڳتي ويندو هو يا وري هن ماڳ
کان پندرنهن ميل ڏکڻ—اولهه ڏئي ان ٿاڪ وٽ پهچندو
هو، جتي هاڻي ڦليلي ڦاٽ، گونيءَ کي ڏکڻ طرف ڇڏي
ٿورو اولهه ڀرو سورڪي ٽريڪل وٽان سنڌوءَ جي موجود
وهڪري سان وڃي سنگم ڪندو آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي
ٿو ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو مٿيون پاسو يا ته
حيدرآباد پاڻ هئي يا وري هن ماڳ کان پندرنهن ميل
اولهه-ڏکڻ پاسي اهو ٿاڪ هو، جتان سنڌوءَ جو اڀرندو
ڦاٽ گوني سنڌوءَ جي الهندي ڦاٽ ڦليلي کان ڇڄي ڌار
ٿيندو هو.
ٻين حقيقتن سان ڀيٽائي ڏسڻ کان پوءِ به ’پٽالا‘
جي جاگرافيائي بيهڪ معلوم ڪري سگهجي ٿي:
ٽالمي جي بيان موجب ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جو
مٿيون پاسو، ”لوڻي ٻاري“ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري ٿاڪ
ڪري کاري ۽ اوڪسي ڪانيا ماهورٽا جي وچ تي هو. هن
بيان تي ويچار ڪري ڏسبو ته پٽالا جو ٿاڪ حيدرآباد
ٿيندو[5]
ٻيو ته ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جي هيٺئين پاسي جي
ارسٽو بيولس (Arustobulus)
ماپ ورتي هئي، جيڪا هڪ هزار اسٽاڊيا يا هڪ سو
پندرنهن ميل هئي. نيرڪوس ارڙنهن سوء ۽ اونسي ڪريٽس
ٻه هزار اسٽاڊيا ٻڌائي ٿو (446) پر گهاري واري
سنڌوءَ جي اولاهين ڇوڙ کان وٺي صفا اوڀر واري ڪوري
کاري واري سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين مذڪوره هيـٺين
علائقي جي ماپ کي ٻين جي وڌايل ماپ کان وڌيڪ ترجيح
ڏيون ٿا. اوئنسي ڪرپٽس جو بيان آهي ته پٺٽالا ٻنهي
آخري ڇوڙن وارن ٿاڪن وٽان هڪ جيتري فاصلي تي هو،
جيڪو ڇوڙ کان هڪ هزار اسـٽاڊيا يا هڪ سوء پندرهن
يا هڪ سوء پنجويهه ميل پري هو. ان حساب سان پٽالا
گهاري کان هڪ سوء ڏهه 110 ميل ٿيندو ۽ ٻئي پاسي
ڪوري ڪريڪ کان حيدرآباد جو فاصلو هڪ سئو پنجٽيهه
ميل آهي. اهي ٻئي ماپون اوئنسي ڪريٽس طرفان ڏنل
ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي جي تري واري پاسي جي ماپ
سان هڪجهڙائي رکن ٿيون. ڇاڪاڻ ته سندس بيان آهي ته
ڇوڙ واري ٽڪنڊي جا ٽئي پاسا هڪ جيترا آهن. هنن
ماپن جو نتيجو اهو بيهي ٿو ته ان ڇوڙ واري ٽڪنڊي
علائقي جو مٿيون پاسو حيدرآباد يا ان جي اوسي پاسي
وڃي بيهي ٿو.
ٽين ڳالهه ته جيڪڏهن ائرين ۽ ڪرٽس جي بيانن جو
ڀيٽوار جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سڪندر جڏهن
براهمانا يا برهمڻن جي شهر ۾ ترسيل هو ته پٽالاجي
راجا وٽس اچي آڻ مڃي هئي. ان کان پوءِ سڪندر ٽي
ڏينهن درياهه ۾ آرام سان ويٺو رهيو جو کيس پٽالا
جي راجا جي ٿر ڏانهن ڀڄي وڃڻ جو پتو پيو (437).
سڪندر کي جڏهن اها ڪل ڪنين پئي ته پٽالا ڏانهن پيش
قدمي شروع ڪيائين. برهمڻ آباد کان حيدرآباد سڌو
پنڌ ستيتاليهه ميل آهي، پر جيڪڏهن نصرپور رستي سفر
ڪبو ته حيدرآباد جو پنڌ وڃي پنجونجاهه ميل بيهندو.
پر جيڪڏهن درياهه سان نصر پور وارو پاسو ڏئي
هاڪاربو ته اهو فاصلو اسي ميل ٿيندو.
[6]اندازو آهي
ته هن پهريان ٽي ڏينهن خشڪي رستي سفر ڏهه يا
ٻارنهن ميل في ڏينهن ۽ دريائي سفر ارڙنهن يا ويهه
ميل في ڏينهن جي حساب سان ڪيو ويو هوندو. ٽئين
ڏينهن خشڪيءَ رستي واري فوج حيدرآباد کان اڻويهه ۽
پاڻيءَ رستي ايندڙ فوج ڇويهه ميل پري هوندي ۽
چوٿين ڏينهن اهو فاصلو تڪڙو هلي پورو ڪيو ويو
هوندو.
پٽالا کان هن سنڌوءَ جي الهندي طرف واري ڦاٽ سان
هاڪاريو. جڏهن هنن چار سوء اسٽاڊيا يا ڇائيتاليهه
ميل سفر ڪيو ته بحري فوج جي ڪمانڊرن کي سمنڊ جي
هير جو احساس ٿيو. مان ان ماڳ کي جهرڪ سمجهان ٿو
جيڪو حيدرآباد کانس ڌو ٽيهه ميل۽ درياء مان
ڇائيتاليهه ميل ٿيندو. سڪندر اعظم اتان رهبر کنيا
۽ ڏاڍي اتساهه مان سفر ڪرڻ لڳو. نيٺ کيس سامونڊي
ويرن جو احساس ٿيو (437). سنڌوءَ ۾ سامونڊي ويرن
کي سٺ ميل کان مٿي محسوس ڪري سگهبو آهي، ان ڪري
منهنجو اندازو آهي ته اهو ماڳ گهاري واري الهندي
وهڪري وارو ڀنڀور هوندو. جيڪو سمنڊ کان سڌو
پنجٽيهه ميل ۽ پاڻي سان پنجاهه ميل ٿيندو. جهرڪن
کان خشڪيءَ رستي اهو فاصلو پنجاهه ميل ۽ پاڻي
وسيلي پنجهتر ميل ٿيندو. جيڪو ٽن ڏينهن اندر
خوشيءَ سان طئي ڪيو ويو هوندو.
مٿين بيان مان اهو معلوم ٿيندو ته پٽالا سمنڊ کان
گهڻو پري هو. وٽس سامونڊي وير جو اثر پهچي نه
سگهندو هو. يعني ٽن ڏينهن جي هاڪارڻ وارو فاصلو ۽
واڌ 400 اسٽاڊيا، حساب موجب اهو ڪل فاصلو 33+50+30
ڪل جوڙ ٿيندو 113 ميل جيڪو ارسٽو بيولس جي ڏنل
فاصلي 1000 اسٽاڊيا يا هڪ سئو پندرهن ميلن جي ذري
گهٽ برابر آهي.
هنن ٽنهي تفصيلن مان اسان کي ان ٿاڪ جو پتو پئجي
وڃي ٿو، جتي ڪڏهن پٽالا جو ماڳ هوندو هو. جنهن کي
شين سئنگ ستينءَ صديءَ ۾ پاٽسيلا سڏيو آهي ۽ کيس
اڄ به پٽالپور ڪوٺيو ويندو آهي. مان سمجهان ٿو ته
اسان کي حيدرآباد کي پٽالا سمجهڻ لاءِ اهي گهڻا
سگهارا سبب آهن.
سنڌوءَ جو احوال اوريندي (439) ائرين اسان کي
ٻڌائي ٿو ته ”هيءَ درياه پنهنجن ٻن ڦاٽن وسيلي ڇوڙ
جو ٽڪنڊو علائقو ٺاهيندو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ
۾ پٽالا سڏيو وڃي ٿو. ائرين هيءُ بيان نيرڪوس جي
حوالي سان ڏنو آهي، جيڪو ماڻهن سان لاڳاپن پيدا
ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ گهڻو وقت رهيو آهي. اسان کي اهو
قبول ڪرڻ گهرجي ته ان دور ۾ سنڌين جو سنڌوءَ جي
ڇوڙ واري علائقي بابت اهو ئي خيال هوندو. منهنجو
وچيار آهي ته پٽالا نالو ترم ڦول
Trumper-flower
تان ورتو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ان جو شڪل صورت گهگهيءَ
جهڙي ٿيندي آهي. سنڌوءَ جو اوڀاريون ۽ اولاهيون
ڦاٽ جنهن وقت سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن، تنهن وقت انهن
جي شڪل توتاري Tumpet
جي منهن جهڙي ٿي ويندي آهي.
مان بحث کي هن ڳالهه تي ختم ڪو نه ٿو ڪريان پر ٻئي
قديم شهر جي زير بحث نالي ڏانهن ڌيان ڏيڻ چاهيان
ٿو ۽ ان شهر جو نيرون ڪوٽ سان به ڪجهه لاڳاپو آهي.
اصطخري ان شهر جو نالو پيروز Piruz،
ابن حوقل قنزبور
Kannazbur
۽ ادريسي فيرابوز
Firabuz
ٻڌائي ٿو. ابن حوقل جي بيان موجب ديبل کان پيروز
جو فاصلو چار ۽ منحاباري کان ٻه ڏينهن هو. ابن
حوقل ۽ ادريسي ٻئي انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن.
قنزبور يا فيرابوز ڏانهن ويندڙ رستو منحاباري وٽان
لنگهندو هو، جيڪو سنڌوءَ جي اولاهين ڪٺار سان ۽
ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو، پر ديبل کان اهو
ماڳ چئن ڏينهن بدران چوڏهن ڏينهن ٻڌائن ٿا، توڙي
جو پهرين ٻن ڏينهن جو پنڌ مڪران کان مخالف طرف
ڏانهن ٻڌايو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن اسان چئن ڏينهن
واري ننڍي فاصلي ڏانهن ڌيان ڏينداسون ته اهو
نيرون ڪوٽ جي فاصلي سان هڪجهڙو نظر ايندو
[7] .جيڪو
سڀني کان آڳاٽي جاگرافيدان اصطخريءَ جي بيان مطابق
آهي. منهنجو ويچار آهي ته ديبل، لاڙي بندر جي
ويجهو اوڏو ڪا ٿي هو. منجاباري کي مان ٺٽي جي اوسي
پاسي سمجهان ٿو، جيڪو منهنجي خيال ۾ لاڙي بندر ۽
حيدرآباد جي وچ تي ڪاٿي هوندو هو. ابن حوقل جو
واضع بيان آهي ته منجاباري مهراڻ جي اولاهين ڪناري
آباد هو ۽ جيڪو ماڻهو ديبل کان منصوره ويندو ته هن
ماڳ وٽان درياء پار ڪندو. وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هيءُ
ماڳ مڪران کان مخالف طرف آهي.“ (450) بيان جي هن
اقتباس مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته منجاباري درياء جي
اولاهين ڪنڌيءَ سان وسندڙ هو ۽ ان سان گڏ نيرون
ڪوٽ ۽ پيروز قنزبور يا فيرابوز ڏانهن ويندڙ رستا
هتي اچي ملندا هئا. هتي منهنجو ويچار اهو آهي ته
پهريان نالا جيڪي منجاباري سان گڏائي ٻڌايا ويا
آهن سي نيرون ۽ پويان نالا نيرون ڪوٽ ڏانهن اشارو
ڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عربيءَ ۾ لکيل انهن نالن
کي ٿورو تبديل ڪبو ته گهربل نالا ملي ويندا. نظر
ايئن اچي ٿو ته مڪران واري علائقي ۾ اهڙو ڪو شهر
هو جنهن کي ذري گهٽ هڪ جهڙا ٻيا به نالا هوندا
هئا. بلادزيءَ جو بيان آهي ته محمد بن قاسم جڏهن
ديبل تي ڪاهيو هو، ته مڪران جي شهرق زبون (Kizbun)
وٽس آڻي جي هئي. جيڪڏهن هن نالي کي ابن حوقل واري
قنزبور (451) ۽ ادريسءِ جي فيرابوز سان ڀيٽائي
ڏسبو ته گهڻو ڪري پنجگور جو شهر معلوم ٿيندو ۽ ايم
ريناڊ (M.Reinoud)
جو به اهو ئي خيال آهي.
جهرڪ
هيءُ ننڍڙو شهر سڌوءَ جي ڪناري سان ٺٽي ۽ حيدرآباد
جي وچ تي هڪ اتاهينءَ جاءِ تي اڏيل آهي، منهنجي
خيال موجب جهرڪ شهر وچولي ۽ لاڙ جو دنگئي شهر آهي.
مان سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي کي وڌائي هن مقصد سان
حيدرآباد تائين آندو آهي ته جيئن يونانين جي پٽالا
۽ چيني ياتري جي پاٽيسيلا کي ڇوڙ جي قديم علائقي
جي حدن اندر آڻي سگهان. شايد هيءُ اهو ماڳ آهي.
جنهن کي خور (Khor)
يا الخور(Al-Khor)
سڏيو ويندو هو. جنهن لاءِ ادريسيءَ جو بيان آهي
ته اهو ننڍڙو سکيو ستابو ماڳ منجاباري ۽ فيرابوز
جي وچ تي هو، جيڪو هاڻوڪن ماڳن: ٺٽي ۽ نيرون ڪوٽ
جي وچ تي آهي. جهرڪ ميل هيٺ هڪ ننڍڙي ٽڪري آهي،
جنهن مٿان کنڊر ڏسڻ ۾ ايندا هتان جا ماڻهو هنن
ترڙن کي ”ڪافر ڪوٽ“ ڪوٺيندا آهن ۽ چوندا آهن ته
اهو شهر راجا مانجيراءِ
Manjira
(442) ٻڌايو هو. هن ٿرڙ جو مکيه ڀاڱو همچورس آهي،
جنهن اندر هڪ جيتري وٿيءَ تي ڀتين مان ٻاهر نڪتل
ٺلهه ڏسڻ ۾ ايندا آهن. چيو ويندو آهي ته اهي مندر
جا باقي بچيل حصا آهن انهن کنڊرن ۾ ٻڌ ڌرم سان
لاڳاپيل ڪن مورتين جا بچيل حصا آهن. انهن کنڊرن ۾
ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل ڪن مورتين جا ٽڪر ٽوٽا به نـظر
آيا. اتان ٿوري ئي پنڌ تي سنڌي لکت به ظر آئي،
جنهن جو لاڳاپو ڪنهن قديم دور سان ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
انهن مان رڳو پتراسا
Putrasa
۽ ڀڳواتسا
Bhagavatasa
جا لفظ مس پڙهي سگهيس، ٻيا به ڪي اهڙا لفظ هئا، جن
جا ڪي ڪنڊون پاسا به پڙهيم، انهن ڳالهين مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن ٿرڙ ۽ لکت جو لاڳاپو ٻڌ ڌرم سان آهي.
مين نگر، منجاباري يا ٺٽو
ٺٽي جو موجوده شهر سنڌوءَ جي الهندي ڇاڙهه کان ٽي
ميل اولهه ۾ هڪ هيٺاهينءَ جوءَ ۾ آباد آهي، هتان
چار ميل هيٺ سنڌوءَ جو الهندو ڦاٽ بگهاڙ سندس مکيه
وهڪري ساتا Sata
کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. ننڍڙي جهنگ جي موجودگيءَ
مان پتو پوندو ته اتي مٿاهين زمين آهي، جنهن جي
مٿان گهرن جي اڏاوت پئي نظر ايندي آهي ۽ سمجهه ۾
ايندو آهي ته اهو ماڳ ٻيءَ سرزمين کان ٿورو مٿڀرو
آهي (443). سن 1699ع ۾ ڪئپٽن هئملٽن به هنن ماڳن
تي آيو هو. سندس بيان آهي (444) ته هيءٌ شهر
سنڌوءَ جي اولهه پاسي ٻه ميل هڪ وسيع ايراضيءَ تي
پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندو. هن بيان جي ناتي سان معلوم
ائين ٿئي ٿو ته هيءَ شهر اصلي طور درياهه جي ڪٺار
سان وسايو ويو هوندو. جيڪو پوءَ هوريان هوريان
پرتي هٽندو ويو آهي. سندس نالي مان به ساڳي معنيٰ
نڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي جي معنيٰ آهي درياهه جو
ڪنارو، ٺٽي نگر مان مراد آهي اهو شهر جيڪودرياهه
جي ڪٺار سان آباد هجي ۽ سنڌ ۾ هيءُ شهر ٺٽي نگر جي
نالي سان مشهور آهي. سندس تعمير جي دور جو پتو ڪو
نه آهي، پر مئڪمرڊو جيڪو هنن مامرن ۾ کرو، سچو
ويساهه ۽ جوڳو آهي، تنهن جو بيان آهي ته هن شهر جو
بنياد 900هه ۾ 1495ع ۾ سمي سلطان ڄام نظام الدين
جي زماني ۾ پيو، جنهن کي عام ماڻهو ڄان نندو ڪري
ڪوٺيندا هئا. هن کان اڳ لاڙ واري علائقي جي
راڄڌاني سامينگر
Saminagar
هو، جيڪو سما گهراڻي جي راڄگدي هوندو هو. هيءُ ماڳ
ٺٽي کان ٽي ميل اتر-اولهه هڪ دڙي تي آباد هو.
مئڪمروڊو جو بيان آهي ته هن شهر جو بنياد دهليءَ
جي حڪمران علاوءالدين خلجيءَ جي دور ۾ پيو هو جنهن
سن 695هه کان 715هه ۽ 1295ع کان 1315ع تائين
هندستان تي راڄ ڪيو. ڀر واري ڪليان Kalyan
Kot
جي تعمير جو دور ته اڃا به آڳاٽو آهي، جنهن کي
تغلق آباد ڪري به سڏيو ويندو آهي. هيءُ قلعو ٺٽي
کان چار ميل ڏکڻ-اولهه طرف هڪ ٽڪريءَ تي ٺاهيو ويو
هو. مذڪوره قلعي جو ٻيو. نالو غازي بيگ تغلق جي
نالي پٺيان رکيو ويو آهي، جيڪو چوڏهين صديءَ جي
شروعات ۾ علاوءالدين طرفان ملتان ۽ سنڌ جو گورنر
هو.
[1]
اهي چار سرڪاريون هن ريت هيون:1- برهمڻ آباد
جنهن کي لوهاڻو9 علائقو سڏيو ويندو هو جيڪو
سمنڊ تائين پکڙيل هو. 2- سيوهڻ سرڪار، جنهن ۾
سيوستان، ٻڌيه.، جنگاڻ، روجهاڻ، ڪوهه پايه ۽
مڪران شامل هئا، 3-اسڪلنده جنهن ۾ پاٽيا وارا
علائقا شامل هئا ۽ ملتان کي سنڌ جو سرو چيو
ويندو هو. 4- ملتان جنهن ۾ ڪرور، اشهار،
برهمپور، ۽ تاڪيه وارا علائقا شامل هئا. (ڏسو
چچ نامو سنڌي ترجمو ص 22-32 مرزا قليچ جو
انگريزي ترجمو ص 11-21 ) (مترجم)
[2]
جنرل ڪننگهام پنهنجي هن ئي ڪتاب ۾ ص 226 ۾
ڪرٽس جي حوالي سان لکيو آهي ته هرماتيلاءِ جي
قلعبند فوج ۽ ماڻهن کي قلعي کان ٻاهر آڻڻ جون
اٽڪلون ڪيون ۽ هنن ٻاهر اچي سڪندر سان سخت
مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سندس جنرل ٽالمي کي هڪ
زهريلي تلوار جو گهاءُ رسيو هو. ماڻهن کي قلعي
کان ٻاهر آڻن جي اـٽڪل استعمال ڪرڻ مان هيءَ
ڳالهه چٽي ٿي وڃي ته برهمانا جي چوڌاري هڪ
قلعو هو اهو نهايت سگهارو هو. قلعي تي حملو
ڪري فتح ڪرڻ سڪندر لاءِ ڪجهه ڏکيو هو. ان ڪري
ماڻهن کي اٽڪل ڪري قلعي کان ٻاهر آندو ويو هو،
عربن به جڏهن برهمڻ آباد تي حملو ڪيو هو ته ان
کي فتح ڪرڻ کان نااميد ٿي ويا هئا. (ڏسو چچ
نامو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ص 293 ۽
انگريزي ترجمو مرزا قليچ بيگ ص 159 تاريخ سنڌ
اعجاز الحق قدوسي ص 188). هن مان به اها حقيقت
ثابت ٿئي ٿي ته منصوره شهر جي اڏجڻ کان صديون
اڳ براهمانا کي هڪ سگهارو قلعو هو. دلوراءِ
نالي واري شهر جي چوڌاري نظر ايندڙ قلعي جي
باقي رهيل ڀت ۾ جيڪي سرون آهن سي ماپ جي لحاظ
کان عربن کان اڳ واري سنڌ دور سان واسطو رکن
ٿيون تنهن ڪري پڪ ٿئي ٿي ته منصوره کي
براهمانا جي دڙي تي اڏيو ويو آهي. جنهن جي
چوڌاري اڳي ئي ڪوٽ ٺاهيل هو. جيڪڏهن براهمانا
دلوراءِ وارو شهر آهي. جتي قلعي نظر نه ٿو اچي
ته سڪندر سنڌين کي ٻاهر آڻڻ جي حڪمت عملي ڇو
اختيار ڪئي ۽ عرب به برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ
کان نااميد ڇو ٿيا؟ عربن لوهاڻي جي فوج هر
کائي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي هئي (ڏسو چچ نامو
سنڌي ترجمو ص 53، انگريزي ترجمو مرزا قليچ بيگ
ص33). مٿين بيانن مان اهو معلوم ٿيندو ته
برهمانا دلوراءِ نالي ٿرڙ وارن ٿاڪن تي نه پر
منصوره واري ماڳن تي هو. بنيلاسس جڏهن هن شهر
جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي ته مسجد جي هيٺيان مندر
جي تعمير ڏسڻ ۾ آئي. کوٽائي مان ابو به معلوم
ٿئي ٿو ته ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جي هيئين تهه
واريون ڪسيون منصوره جي دور واري گهرن جي نقشن
مطابق نه، پر پراڻي دور جي تعمير سان سنمک
هيون. (ڏسو ڪزنس جو ائنٽيڪئٽز آف سنڌ)
[3]طبقات
ناصريءَ جو حوالو آهي ته محمود غزنويءَ منصوره
وارو رستو اختيار ڪيو هو. (ڏسو ص 412 اردو
ترجمو غلام رسول مهر)
محمود غزنويـءَ جڏهن 1025ع ۾ سومناٿ تي حملي
کان پوءِ غزنيءَ ويندي سنڌ مان گذريو ته سنڌ
وارن ساڻس ڏاڍيون چوٽون ڏنيون. هن سان گڏ
سومناٿ مان لٽيل قيمتي سامان ٻيڙين تي لڏيل
هو. جڏهن منصوره وٽان لنگهيو ته مٿس حملو
ڪيائين. ان زماني ۾ حنيف نالي هڪ سومرو سردار
منصوره جو حڪمران هو جيڪو جنگ کان لنوائي
ڪيڏانهن هليو ويو. هو منصوره کي لٽي ڦري
غزنيءَ ڏانهن اسهيو ته سنڌي ملتان تائين سندس
ڪڍ ويا مٿس حملا ڪندا رهيا پر 1027ع واري
جوابي ڪارروائي مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته
سنڌين کيس سخت شڪست ڏني هئي، نه ته درياهي
لشڪر وٺي سنڌ تي حملي لاءِ خاص قسم جون
ٻيڙيون ٺهرائي سنڌين کان پلاند ڪو نه وٺي ها.
هن انتقامي ڪارروائي دوران سلطان محمود سنڌ جي
مسلمان، معصوم ٻارن ۽ عورتن جي قتل عام جو حڪم
ڏنو هو. سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ڪابه ساه
واري شيءَ زنده ڪانه ڇڏي هئي. معلوم ائين ٿئي
ٿو ته منصوره کي به ان زماني ۾ تباهه ڪيو آهي.
(وڌيڪ لاءِ ڏسو تاريخ سنڌ اعجاز الحق قدوسي ص
322-323۽324) جنرل ڪننگهام پنهنجي هن ڪتاب جي
ص 232 تي مسٽر بيلاسس ۽ رچرڊسن جو حوالو ڏيندي
لکيو آهي ته اتان جا ماڻهو گهر جي ڪوٺين اندر
ويٺل ۽ بيٺـل صورت ۾ دٻالٽ ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سندس اهڙو بيان ڪجهه غير فطري لڳي ٿو، ڇاڪاڻ
ته ڌرتي ڌڏڻ وقت ماڻهو ڪوٺين اندر لڪي مٿان
گهر ڊهڻ ۽ مرڻ جو اوسيڙو ڪو نه ڪندا آهن پر ان
آپدا کان ڊڄي ماڻهو گهر جي اڱڻ ۽ گهٽين ۾ اچي
سربجاءِ به ڪندا آهن. گهر جي ڪوٺين اندر تڏهن
سربچاءَ ڪيو ويندو آهي جڏهن ٻاهرين دشمن جو ڊپ
هوندو آهي ۽ شهر خونخوار فوج جي هٿن ۾ هوندو
آهي.هينري ڪزنس پنهنجي ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ ۾
ڌارئي حملي جو خدشو ڏيکاريو آهي. سندس چوڻ آهي
ته گهٽين ۾ ٽامي جا سڪا هاريل صورت ۾ نظر اچن
ٿا. ان زماني ۾ ٽامي جي سڪي کي وڏو ملهه هو ۽
هتان جو ڏيهي ماڻهو ثامي جا سڪا ائين ائين
ڪونه ڇڏي ها. اهو ڪم ڪنهن ڌاري فوج جو هوندو.
جڏهن کين قيمتي مال هٿ آيو هوندو ته پنهنجي
وطن ڏانهن ڏوريندي بار کان لهرائي ڦريل ٽامي
جا سڪا هاري ڇڏيا هوندائون. جيڪڏهن اسان مڃيون
ته منصوره جي تباهي فقط ڌرتي ڌڏڻ ڪري ٿي آهي
ته پوءِ به ماڻهن جا هڏاوان پڃرا بيٺل نظر اچڻ
شڪ کان خالي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڌرتي جي ڌوڏي ۾
ڀت ۽ ڇت ڪرندي ته ماڻهو جهٽڪي سان وڃي هيٺ
ڪرندو. ويچار جهڙي ڳالهه آهي ته ڀت ۽ ڇت ڪرڻ
کان پوءِ به ماڻهو بيهي ڪيئن سگهيو هوندو ؟
جيڪڏهن ماڻهن کي پيٽ ۾ تلوارون هڻي ماريو ويو
هجي ته صدين کان پوءِ سندن موت جو ڪارڻ پتو
ڪونه لڳي سگهندو. وقت جي لحاظ سان سلطان محمود
غزنويءَ جي حملي ۽ ڌرتي ڌڏڻ واري واقعي ۾ وٿي
نه هجي ۽ ٻئي واقعا گڏ به ٿي سگهن ٿا. (مترجم)
[4][4][4][4]
سڪندر جي دور ۾ سنڌو، حيدرآباد يا مٽيارين
وٽان نه مڙمندو هو. تنهنڪري حيدرآباد نه پٽالا
آهي نه سڪندر جي دوري جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي
علائقي جو مٿيون پاسو هو.
[5]
لوڻيءَ جو دائمي وهڪرو ختم ٿي ويو آهي. هاڻي
هڪ برساتي نئن آهي. ٽالمي وارو دور به اسلام
کان گهڻو اڳ واري زماني سان واسطو رکي ٿو. ان
دور جي پٽالا کي ان دور جي دريائي وهڪرن جي
ڪنڌين ڪنارن سان واجهائڻ کپي نه ڪ سنڌوءَ جي
حيدرآباد واري موجوده وهڪري جي ڪٺار سان.
سڪندري تاريخن مان پتو پوي ٿو ته هن
هرمايتلاءِ يا برهمڻ آباد کان هيٺ پراڻ درياء
وسيلي هاڪاريو هو. پراڻ جو پراڻو پيٽ اتر اوڀر
کان ڏکڻ-اولهه ڏانهن درياء وسيلي هاڪاريو هو.
پراڻ جو پراڻو پيٽ اتر اوڀر کان ڏکڻ-اولهه
ڏانهن ويندو ڏسبو. ان ۾ جيڪڏهن ارڙهين صديءَ
واري سنڌوءَ جي وهڪري کي به ڇڏي نصرپور وارو
پراڻو سنڌوءَ جو وهڪرو ڏسبو، ته اهو به غير
فطري لڳندو ۽ پاڻي پراڻ واري پراڻي وهڪري ۾
مٿي چڙهڻ بدران گونيءَ واري ڦاٽ ۾ وڃي داخل
ٿيندو. قديم زماني ۾ هاڪڙي جي اوڀرندي ڇاڙهه.
جيڪا براهمانا کان ميل اوڀر لنگهندي هئي سا
پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي ۽ براهمانا کان
گذرندڙ سنڌوءَ جو پاڻي به اوڀر-ڏکڻ اصل اڳي
وڃي پراڻ ۾ پوندو هو. اهڙيءَ ريت پراڻ جي
اڀرندي ڇاڙهه ڪڇ وچان ۽ الهندي ڇاڙهه ساڪري ۽
گهاري وارو پاسو ڏئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون.
ان زماني ۾ ڇوڙ واري ٽڪنڊي جو هيٺيون پاسو هڪ
سو پنجويجهه ميل هو جيڪو هاڻي ويهه ميل به ڪو
نه آهي. ان حساب سان ڇوڙ جو مٿيون پاسو
براهمانا ۽ پراڻ جي وچ تي ڪٿي هجڻ کپي. سڪندر
جي دور ۾ حيدرآباد وارو ٿاڪ ڇوڙ جو مٿيون نقطو
ڪو نه هوندو، تنهن ڪري ان کي پٽالا سمجهڻ شڪ
کان خالي ڪو نه آهي.
[6]
(1) سڀئي موءرخ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته
سن 1758ع ڌاران سنڌو پنهنجي نصرپور وارو وهڪرو
بدلائي اچي حيدرآباد ڀرسان وهڻ لڳو ۽
حيدرآباد شهر واري ٽڪريءَ کي ٻيٽ بنائي ڇڏيو
هئائين. غلام شاه ڪلهوڙي جو زمانو هو ۽ سندس
راجڌاني خداآباد ۾ هئي. هن حيدرآباد کي نظر ۾
رکي سن 1768ع ۾ اتي قلعو تعمير ڪرايو. قلعي جو
اڃا ڪجهه ڪم رهيل هو جو هو وفات ڪري ويو، هن
ڪتاب جي صفحي 236 تي انهي بيان جو حوالو ڏنو
ويو آهي ته سنڌوء نصرپور کان سن 1000هه ۾
1592ع ۾ وهڪرو بدلائي انڙپور ڏانهن ڪيو ويو.
جيڪڏهن اهو به سچ سمهون ته به سڪندر وارو
پٽالا حيدرآباد ٿي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته سڪندر
اعظم واري دور ۾ سنڌوءَ جو حيدرآباد وارو
وهڪرو موجود ئي ڪو نه هو (1) لهوارو دريائي
سفر عام طور تي ويهه ميل ڪٿيو ويندو آهي.
سڪندر اعظم کي برهمانا کان پٽالا تائين چار
ڏينهن لڳا هوندا. جن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته
سڪندر اعظم جي دور واري سنڌوءَ جي وهڪري سان
پٽالا، برهمانا کان چئن ڏينهن جي پنڌ تي هو.
فاصلي جو حساب ڪيو ته اهو 70 ميل ٿيندو.
پهرئين ڏينهن وارو سفر ڏهه ميل ٻڌجي ته به
پٽالا برهمڻ آباد کان ستن ميل پري ۽ اهو ان
دور واري وهڪري سان هوندو. (مترجم)
[7]
(1) هتي ديبل کان حيدرآباد جو سفر هڪ سئو
پندرهن ميل ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو درياهي رستي
کان ڇهن ڏينهن جو پنڌ آهي، ڇاڪاڻ ته پهرين
ڏينهن جو سفر ڏهه ميل باقي ڏينهن جو ويهه ميل
سفر جو حساب سان ڪيو ويو، پر مٿي نيرون چئن
ڏينهن جي پنڌ تي ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو حيدرآَباد
ٿي ڪو نه ٿو سگهي.(مترجم)