ڇپائيندڙ پاران
سنڌ ۽ هنڌ جي قديم جاگرافيءِ بابت مواد ته ڪتابن ۾
آيل آهي، پر اهو هڪ ته جزوي آهي ۽ ٻيو ٽٽل حالت ۾
ملي ٿو. هيءُ اهڙو موضوع آهي، جنهن ۾ ڪنهن به خطي
جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ حد جو ذڪر تسلسل ۽ ربط سان
ڪيو ويندو آهي. ڇو ته هر دور ۾ هر خطي جون
جاگرافيائي حدون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ضرورت
ان ڳالهه جي هئي، ته هر خطي جي تاريخ جاگرافي
مختلف دورن مان حاصل ڪري هڪ ڪتاب تيار ڪيو وڃي.
جيڪو جاگرافيءَ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ
ڪارآمد ثابت ٿئي. جيئن ته هيءُ موضوع محنت گهرندڙ
۽ چيڙهالو آهي. تنهنڪري ان کي هٿ ۾ کڻڻ به هڪ اهڙي
ئي مَ ڇڏو ماڻهوءَ جو ڪم هو. جيڪو گوڏو ٻڌي ويهڻ
جي هام هڻي ڄاڻي. مسٽر ڪننگهام اهو چئلينج قبولي
قلم کنيو ۽ ڏاڍي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هن ڪتاب جو
مواد تيار ڪيو. هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ هزار جي لڳ
ڀڳ ريفرنس ورتا ويا آهي. ان سموري ڪم دوران محقق
کي يقينن ڪافي ڪتبخانا گهمڻا پيا هوندا ۽ اڪيچار
ڪتاب نظر مان ڪڍڻا پيا هوندا.
بورڊ، مسٽر ڪننگهام جي انهيءَ محنت کي قدر جي نظر
سان ڏسندي هن جو سنڌي ترجمو نهايت قابل مترجم،
محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب کان ڪرايو. هڪ ٻوليءَ
کي ٻي ٻوليءَ ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم به اوترو ئي
مشڪل ٿئي ٿو جيترو تحقيقي ۽ تخليقي ڪم. محترم عطا
محمد ڀنڀري صاحب هي ترجمو نهايت ئي لگن سان ڪيو
آهي. هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿيندو ته
مصنف ۽ مترجم ٻنهي صاحبن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم
ڪيتري احسن طريقي سان نڀايو آهي. بورڊ هن ڪتاب کي
ڇپي پاڻ تان هن خطي جو ڪجهه احسان لاٿو آهي.
ڄام شورو، سنڌ
اعجاز احمد منگي
اڱارو 26 ذي الحج 1428هه
سيڪريٽري
بمطابق، 16 جنوري 2006ع
سنڌي
ادبي بورڊ
مهاڳ
سنڌ – هنڌ جي قديم جاگرافي
سنڌ – هنڌ جي جاگرافيءَ کي پنهنجي سهوليت خاطر ڌار
ڌار ڀاڱن ۾ ورڇيو ويو آهي. هر هڪ ڀاڱي کي ان وقت
جي مذهب ۽ حڪومت جي نالي پٺيان سڏيو ويو آهي، جيڪو
برهمڻ، ٻڌ ۽ مسلمان دور تي مشتمل آهي. برهمڻ دور
کي ان وقت شروع ڪيو ويو آهي جڏهن آريا هندستان تي
ڇائنجي ويا ۽ پهريون ڀيرو پنجاب جي ڌرتيءَ تي
والار ڪئي هئي. ان کان پوءِ وري ٻڌي پنهنجي ٻاري
ٻڌي، پير پختا ڪيا ۽ سياسي سگهه جو سهرو سر تي
ڌريائون. اهو سندن تاريخ جو قبل از تاريخ سان
لاڳاپيل دور آهي يا تاريخ جي ناتي سان اهو زمانو
قديم چئي سگهجي ٿو. ان سمي ملڪ ۾ ويدن واري ڌرم جي
ساري ۽ سرسي هئي.
هندستان جي قديم جاگرافي، ٻڌ ڌرم جي اوسر ڪمال ۽
زوال واري دور تي مشتمل آهي، جيڪو مهاتما گوتم ٻڌ
کان وٺي شروع ٿئي ٿو ۽ محمود غزنويءَ جي حملن
تائين هلي ختم ٿئي ٿو. هن وچ واري عرصي جو وڏو حصو
هن ملڪ تي ٻڌ ڌرم ڇانيو رهيو.
هندستان جي جديد جاگرافي يا مسلمان دور، اسلامي
سگهه جي اوسر ۽ملڪ تي ڇائنجي وڃڻ واري دور تي
مشتمل آهي، جيڪو محمود غزنويءَ کان هلي پلاسيءَ جي
جنگ تائين ختم ٿئي ٿو. ۽ اهو ساڍا ست سو سال آهي.
ان زماني ۾ مسلمان هندستان جي مهان سياسي سگهه
هئا. ويدن جي دور جي ڏنل مثالن کي موضوع بڻائي،
ايم – ووين ڊي سئنٽ مارٽن
M.Vivien de saint Martin
هڪ جدا تصنيف لکي آهي. هن قديم دور تي ليکڪ موصوف
ڏاڍو ڪارائتو مضمون لکيو آهي (1) جنهن جو هندستان
جي پراڻي جاگرافيءَ سان واسطو آهي. هن مان اسان کي
معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن جاکوڙ ۽ کوجنا ڪجي ته ويدن
جي شلوڪن مان به گهڻي لاڀائتي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.
قديم دور سان لاڳاپيل ٻيو ٿورو گهڻو مواد اسان کي
ايڇ. ايڇ. ولسن (H.H.
Wilson)
جي تصنيف ”آريانا ائنٽيڪئا“ (Ariana
Antiqua)
۽ پروفيسر لئسن(Lassen)
جي ڪتاب، ”پينا پوٽاميا انڊيڪا“
(Penta
potamia Indica)
مان ملي سگهي ٿو. هنن ڪتابن ۾ مواد گهڻو
اتر-اولهه هندستان جو ملندو. قديم هندستان(2) جي
جاگرافيءَ جي ناتي سان پروفيسر لئسن جو ڪتاب
ڪارائتو آهي. پر هن کان وڌيڪ ڄاڻ اسان کي ايم. ڊي
سئنٽ مارٽن جي لکيل ٻن مضمونن مان ملي ٿي. هڪ
مضمون هندستان جي جاگرافيءَ بابت آهي ۽ يوناني ۽
لاطيني ذريعا سندس مواخذ آهن. ٻيو مواد اسان کي
سندس لکيل ضميمي (Appendix)
مان ملي ٿو. جيڪو هن جولين (Julian)
طرفان چيني سياح شين سئنگ (3) (Hewn
Tsang)
جي حياتي ۽ سفرنامي جي ڪيل ترجمي سان شامل ڪيو هو.
هن ايڏي جاکوڙ ۽ کوجنا ڪئي آهي جو شين سئنگ جي
بيان ڪيل ٿاڪن ٿاڻن جي گهڻي قدر سڃاڻ ٿي وئي آهي.
۽ باقي ٿورا وڃي ڪي رهيا آهن. هن اهڙي ته سهڻي
نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي جو جتي اسان جا نقشا ڪارگر
ثابت نه ٿيا، اتي سندس مضمونن جا بيان اسان لاءِ
هن سڳر سان سونهان بڻيا ۽ تن جي سهائتا ۽ آڌار سان
ٿوري پنڌ تي وڃي گهربل پڊن تي پهتاسين.
ٽئين يا پوئين دور لاءِ مسلمان ملڪن جون جهجهيون
تاريخون موجود آهن. جيسيتائين مون کي ڄاڻ آهي ته
ڪنهن جتن ڪري اها جاکوڙ نه ڪئي آهي ته پندرهينءَ
صدر ۾ جڏهن تيمور حملو ڪيو ته هندستان ۾ ڪيتريون
آزاد رياستون موجود هيون. خاص نقشن نه هئڻ ڪري هن
دور جي تاريخ گهڻو مُنجهيل آهي. ڇاڪاڻ ته اهو پتو
ڪونه ٿو پوي ته مسلمانن جي مختلف ملڪن جهڙوڪ:
دهلي، جونپور، بنگال، مالوا، گجرات، سنڌ، ملتان ۽
هندن جي ملڪن جهڙوڪ:
گواليار ۽ ٻين آزاد رياستن جون ان دور ۾ سرحدون
ڪهڙيون هيون. مان کوجنا واسطي ٻڌ دور يا هندستان
جي قديم جاگرافيءَ جي موضوع جي چونڊ ڪئي آهي. مون
کي ويساهه آهي ته هن کوجنا ۾ مون کي ڏکيائي ڪانه
ٿيندي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هندستان ۾ نوڪري ڪرڻ
واري عرصي دوران مان جاچ پڙتال سان لڳو پيو هوس.
هندستان ۾ جيڪي ڄاتل سڃاتل ٿاڪ ٿاڻا هئا، تن جي
مون کي پوري پڪ آهي ته ڪٿي آهن.
مان سڄاڻ ۽ سچيت سونهان ساڻ کنيا آهن، جيڪي چوٿين
صدي قبل مسيح سڪندر جي حملي وارا رند ۽ راهون ۽
ستين صدي عيسوي واري چيني سياح شين سئنگ
Hwen
Tsang
جي پنڌن پيچرن جا پيرائتا احوال ڏيندا. هن چيني
ياتريءَ جو سفر به سڪندر جي جنگي مهم جيان هندستان
جي قديم جاگرافي ۽ تاريخ واسطي گهڻو اهم آهي.
مئسوڊونيا جي هن جهونجهار جي حملن جو واسطو سنڌو ۽
ان جي ڀرتي ڪندڙ درياهن جي ماٿرين سان آهي. ٻي
معلومات هن پاڻ ميڙي چونڊي هٿ ڪئي هئي. هن سان گڏ
سندس دوستن به اهڙي معلومات لاءِ پنهنجي پارئون هٿ
پير هنيا هئا. ان کان سواءِ شام جي سلوڪڊ بادشاهن
Seleukid Kingsطرفان
مقرر ڪيل سفير هندستان ڏانهن پيا ايندا ويندا هئا.
سي پنهنجي طرفان پيا هٿ ڪندا هئا، جنهن ڪري گنگا
ماٿري سان گڏ اپٻيٽ جي اتر اوڀر ۽ اولهه ڪناري کان
گهڻو واقف ٿي ويا هئا. ان سان گڏ ملڪ جي اندرين
علائقن کان به گهڻو واقف ٿي ويا هئا. هن ورن جي
ڄاڻ ۾ واڌارو ٽالمي
Ptolemy
جي پڇا ڳاڇا تمام گهڻو ڪيو آهي. سندس اهي احوال ان
ڪري به اهم آهن جو هو سڪندر ۽ چيني ياتري شين سئنگ
جي وچ واري (4) دور سان واسطو رکي ٿو. هن زماني ۾
اتر – اولهه هندستان جو وڏو حصو انڊ – سيٿن جي هٿ
هيٺ هو.
ٽالميءَ کان پوءِ اسان جا اعلى درجي ۽ ويساهه
جوڳيءَ معلومات جا ذريعا ختم ٿي وڃن ٿا. ان کان
پوءِ اسان پنهنجي کوجنا ۽ جاچ پڙتال تي آسرو رکون
ٿا ۽ پراڻيون پوريل لکتون ڳولي لهي جاگرافيءَ جي
ٽڪرن ٽوٽن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جا جتن ڪريون ٿا يا هندن
جي پراڻن مان ڪي اڻ چٽا ۽ ڌنڌاٽيل ٽڪرا پڙهي حقيقت
کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جي ڀاڳين پنجين،
ڇهين ۽ ستين صدي عيسوي ۾ چيني ٻڌ ياتري اچن ٿا،
جيڪي پنهنجي سهائي جي اهاءَ سان هن اونداهي دور کي
روشن ڪري ڇڏين ٿا. انهن جي وڙائتي واهر ۽ سهائتا
سان هندستان جي قديم جاگرافيءَ جا ٽڙيل پکڙيل ذرا
پرزا ميڙي چونڊي گڏ ڪري وٺون ٿا. چيني ياتري فا –
هيان
Fa –
Hian
ٻڌ ڀڪشو هو، جنهن سن 399ع کان 413ع تائين، سنڌوءَ
جي مٿئين ڀاڱي کان وٺي گنگا جي ڇوڙ تائين اتر
هندستان جو سفر ڪيو، افسوس جي ڳالهه اها آهي جو
سندس سفرنامو مختصر آهي ۽ ان جو فقط سندس ڌرم سان
لاڳاپيل پوتر آسٿانن ۽ پوتر شين سان واسطو آهي. پر
هن ڇا ڪيو آهي جو مکيه ٿاڪن ۽ ٿاڻن کان طرف ۽ پنڌ
جي فاصلي جو وچور ٻڌايو اٿائين ان ڪري سندس هي
اختصار به ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. ٻيو چيني
ياتري سنگ – ين
Sung-Yun
هو، جنهن 502ع ڌاران سفر ڪيو پر سندن احوال ڪابل
ماٿري ۽ اتر پنجاب سان لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري اهي
ڪجهه گهٽ اهميت رکن ٿا. ٻي ڳالهه اها به آهي ته
سندن لکڻين ۾ جاگرافيءَ سان واسطو رکندڙ ڄاڻ ڪانه
آهي. (5)
ٽيون چيني ياتري شين سئنگ آهي. هي به ٻڌ ڀڪشو هو.
هن پنهنجي زندگيءَ جا پندرهن سال هندستان ۾ هن
مقصد سان گذاريا ته جيئن پنهنجي ٻڌ ڌرم جي ڪتابن
جو چڱيءَ ريت مطالعو ڪري سگهي. ان ارادي سان هن ٻڌ
ڌرم سان واسطو رکندڙ سڀئي پوتر آستان ڀيٽيا هئا.
هن ياتريءَ جي سفرنامي جي ترجمي واسطي اسان ايم
اسٽانس لاس جولين
M.Stanislas Julien
جا ٿورائتا آهيون. جنهن اڻ ٿڪ پورهئي، اٽل ۽ پاڻ
ارپڻ واري ارادي سان ويهه سال لڳاتار سنسڪرت ۽
چيني ٻولي سکڻ ۾ گذاريا، انهيءَ نيت سان ته جيئن
هن چيني ياتريءَ جو سفرنامو صحيح طريقي سان ترجمو
ڪري سگهي (6) شين سئنگ 639ع کان 645ع تائين
هندستان جو سفر ڪندو رهيو. هن عرصي دوران هو ڪابل
کان ڪشمير ويو، گنگا ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ جا ٿاڪ
ڏٺائين ۽ نيپال کان مدراس ويجهو ڪنچاپور تائين به
ويو. هي ياتري مئي سن 630ع ۾ اتر – اولهه کان
باميان
Bamian
طرف ڪابل جي حدن ۾ پهتو هو. گهمندو گهٽندو پنهنجي
پسند جي شهرن ۾ رهندو، نيٺ ٻئي سال جي اپريل مهيني
۾ اوهند وٽان اچي سنڌو پار ڪئي هئائين. هو ڳپل وقت
ٽيڪسيلا ۾ ٽڪيو ۽ چوڌاري ٻڌ ڌرم جا پوتر آستان
ڀيٽيائين. اتان کان پوءِ هو ڪشمير اسهيو، جتي هو
پورا ٻه ورهيه ترسيو، اتي پنهنجي ڌرم سان واسطو
رکندڙ ڪتابن جو مطالعو ڪيائين. اتا پورب پار پنڌ
ڪري سانگالا
Sangala
جا ٿرڙ ڏٺائين، جيڪو سڪندر جي زماني جي تاريخن جو
مشهور شهر هو . ان کان پوءِ مطالعي جي مقصد سان
چوڏهن مهينا چينا پتي
Chinapati
۽ چار مهينا جولانڌارا
Jolandhara
۾ رهيو. تنهن کان پوءِ سن 635ع ۾ سرءُ جي رت ۾
ستلج پار اڪريو. بعد ۾ سندس سفر جو احوال ڏنگو ڦڏو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو اوڀر ڏانهن سڌو هلندي
ياترا واسطي ڪنهن ڌرمي آستان ڏانهن لڙي پوي ٿو.
ڪڏهن ته وري وڪڙ ڪري موٽي به ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو
سندس اڻ ڏٺو ڏيهه هو ۽ اڳتي وڃي کيس پتو پوندو هو
ته ڪو ڌرمي آستان سندس زيارت کان رهجي ويو آهي.
اهڙيءَ ريت هو مٿرا وٽ پهچي وري اتر – اولهه ڏانهن
لاڙو ڪري ٻه سئو ميل پنڌ هڻي ٿانيسر وٽ پهتو. اتان
وري هو اوڀر طرف هلي ٿو ۽ جمنا درياءَ تي سروگهنا
Srughna
نالي ٿاڪ وٽان لنگهي، گنگا جي ڪناري آباد شهر گنگا
دوارا
Gangadwara
کان ٿيندو پنچالا يارو هيلکند جي راڄڌاني آهڇترا
Ahichhtra
وڃي نڪتو. اتان هلي گنگا پار ڪري دوآبي جي مشهور
شهرن سنڪيسه
Sankisa
قنوج ۽ ڪوسمبي
Kosambi
کي به ڏوري ڏٺائين. بعد ۾ اتر طرف هلي ائوڌ جي
شهرن ائوڌيا ۽ سروستيءَ جي ڀلاري ڀونءِ ڀيٽيائين.
هنن ماڳن جي اوڀر طرف پنڌ پڄائي وڃي ڪپل وسو ۽ ڪسي
نگرا
Kusinagara
پوتر پڊن تي پهتو، جتي مهاتما ٻڌ ڄائو ۽ وفات ڪئي
هئي. ڪپل وستوءَ جون زيارتون ڪري وري الهندي بنارس
ڏانهن موٽيو. هي اهو ماڳ آهي جتي مهاتما ٻڌ پنهنجي
ڌرم جي پهرين سکيا ڏني هئي. اتان کان هن وري اوڀر
طرف ترهٺ
Tirhut
جي حدن ۾ موجود مشهور شهر وئساليءَ
Vaisali
جي زيارت ڪئي. اتي ڪجهه وقت ترسڻ
کان پوءِ نيپال روانو ٿيو ۽ وري موٽي وئسالي پهتو.
اتان گنگا اڪري پراڻي شهر پٽالي پترا
Pataliputra
يا پالي بوترا
Palibothra
۾ اچي زيارتون ڪيائين. اتان کان پوءِ سفر ڪري گايا
Gaya
جي چوڌاري ڪيترن مشهور آستانن جون زيارتون ڪيائين.
هن ”ٻڌ گايا“ ڀرسان هڪ انجير جو وڻ هو، جنهن هيٺان
مهاتما ٻڌ پورا پنج سال ويهي غور ۽ فڪر ڪيو هو.
هتان کان پوءِ هي چيني ٻڌ پورا پنج سال ويهي غور ۽
فڪر ڪيو هو. هتان کان پوءِ هي چيني ٻڌ ڀڪشو گريئيڪ
Giriyek
نالي هڪ ٽڪرائتي علائقي ڏانهن روانو ٿيو، جتي گوتم
ٻڌ اندر ديوتا کي پنهنجي ڌرم جا متا سمجهايا هئا.
انهن زيارتن کان پوءِ هو مگڌ جي پراڻي شهر
ڪساگراپور
Kusagarapura
به ويو ۽ اتان کان هڪ شهر راجا گريها
Raja g
riha
پهتو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ مگڌ جي راڄڌاني هو.
نالنندا
Nalnanda
۾ تعمير ٿيل ٻڌ جي مشهور اسٽوپا ڏٺائين. سڄي
هندستان جي ٻڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ وڏي ۾ وڏي پاٺ
شالا به هئي. هتي هو پندرنهن مهينا ٽڪي سنسڪرت
ٻولي سکڻ لڳو. سن 638ع جي پڇاڙيءَ ڌاران هن وري به
اوڀر طرف سفر شروع ڪيو ۽ گنگا جو ڪنارو ڏئي وڃي
موداگري
Modagiri
۽ چمپا پهتو. ان کان هلي درياءُ اُڪري اتر طرف
هليو ۽ پندرا وارڌانا
Pundra
Vardhana
يا پبنا ۽ ڪاما روپا
Kamarupa
يا آسام ڏانهن نڪري ويو.
هندستان جي صفا اوڀر واري علائقي ۾ پهچي هن ڏکڻ ڏس
ڏانهن منهن موڙيو ۽ ساماٽاٽا
Samatata
يا جيسور ۽ تامراليپتي
Tamralipti
يا تاملوڪ مان لنگهي سن 639ع جي شروعات ۾ وڃي
اودرا يا اوڙيسا پهتو هو. سندس سفر جو رخ اڃا به
ڏکڻ هو ۽ گنجم
Ganjam
۽ ڪالنگا
Kalinga
کان ٿيندو، هو وري اتر – اولهه طرف روانو ٿيو ۽
هندستان جي پوري وچ تي موجود شهر ڪوسالا يا برار
اچي نڪتو، تنهن کان پوءِ ڌانا ڪاڪاتا يا امرا واتي
ڏانهن ويندي انڌرايا تلنگانا وٽان گذريو. ان دور ۾
ڌانا ڪاڪاتا جي ڀرسان ڪستنا
Kistna
ندي وهندي هئي. هن ٻڌ ڌرم جي مطالعي واسطي ڪافي
وقت هتي گذاريو ۽ سن 640ع جي اڳياڙي ۾ هتان روانو
ٿيو. ان کان پوءِ سندس سفر جو رخ ڏکڻ طرف تي ڪانچي
پور
Kanchipura
يا ڪانجوي رام
Konyeve ram
ڏانهن ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ دراويدا
Dravida
علائقي جي راڄڌاني هو. بعد ۾ سندس سفر جي ڏکڻ وارو
رخ ختم ٿي وڃي ٿو. شايد کيس اتي اها سڻس پئي ته
سري لنڪا ۾ وڳوڙ ڪاهي پيو آهي ۽ اتان جي راجا جو
تازو تازو مرتيو ٿيو هو. هي بيان ڏانهن املهه آهي،
جنهن مان هن ياتريءَ جي ڌار ڌار جڳهن پهچڻ جي
پٺڀرائي ٿي سگهي ٿي. مون پنهنجي ليکي به مختلف
جڳهين جي وچ ۾ فاصلي جو حساب ۽ ڪن ٿاڪن تي ترسڻ
واري وقت جو ڪاٿو لڳائي ڇڏيو آهي (7) سريلنڪا ۾
وڳوڙي وايومنڊل راجا بونا – مو – گالان
Buna
Mu –Galan
جي مرتئي کان پوءِ پيدا ٿيو، جيڪو 639ع ۾ هار کان
پوءِ قتل ڪيو ويو هو. اندازو آهي ته جڏهن ڪانچيپور
۾ رهندو هو ته اتي سري لنڪا جي وڳوڙي وايومنڊل
ڪارڻ لڏ پلاڻ ڪري آيل ڀڪشو کيس مليا هوندا ۽
پنهنجي ملڪ جي ڳنڀير صورتحال جو ساڻس ذڪر ڪيو
هوندائون. معلوم ائين ٿو ٿئي ته سري لنڪا ۾ وڳوڙي
وايومنڊل پيدا ٿيڻ سان هنن ٻڌ ڀڪشن پنهنجي وطن جا
وڻ ڇڏيا هوندا ۽ڪانچيپور ۾ سن 640ع جي اڳياڙيءَ
ڌاران پهتا هوندا. اهي سال ۽ تاريخون آهن، جيڪي
مون هن ٻڌ ياتريءَ جي سفر جي فاصلن سان ڀيٽائي
بيهاريون آهن، جيڪي صحيح به لڳن ٿيون.
دراويدا کان شين سئنگ اتر ڏانهن سفر شروع ڪيو ۽
ڪون ڪانا
Konkana
۽ مهاراشٽريا مان گذري نربدا نديءَ تي آباد ڀروچ
پهتو:
اتان کان اجين، بلڀي
Balbhi
۽ ٻيا ننڍا وڏا ملڪ گهمندو گهتندو سن 641ع جي
پڇاڙيءَ ۾ اچي سنڌ ۽ ملتان جي ڀونءِ ڀيٽيائين.
اتان کان پوءِ وري لم ڏئي وڃي مگڌ ڏيهه پهتو، جتي
نلندا ۾ ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل مشهور مٺ مهڙيون،
اسٽوپا ۽ خانقاهون هيون. اتان کان وري هو تلا ڌاڪا
Tladhaka
ويو، جتي ان زماني جو مشهور ٻڌ ڀڪشو پراج ڀنڊارا
رهندو هو. اتي هو ٻه مهينا ٽڪيو ۽ ٻڌ ڌرم سان
لاڳاپيل منجهيل مسئلن جو کانئس حل به پڇيائين . هو
ٻيو ڀيرو ڪامروپ يا آسام به ويو، جتي هو مهينو کن
ٽڪي پيو. سن 643ع جي شروعات ۾ هو وري پٽالي پترا
به ويو، جتي هو پنهنجي دور جي مشهور راجا هرشا وار
ڌنا سان وڃي سندس ڪئمپ ۾ مليو، جنهن سان سندس ڏن
ڀرو ٻيا ارڙهن ننڍا ننڍا راجا گڏ هئا، جيڪي مهاتما
ٻڌ جي وفات جي رسم وڏي جوش جذبي سان ملهائي رهيا
هئا. هيءُ چيني ٻڌ ياتري هن وڏي اجتماع سان گڏ
پٽاليپترا مان روانو ٿيو ۽ پرياگا
Prayaga
۽ ڪوسمبي مان ٿيندو. وڃي ڪنوج رسيو. مختلف جڳهين
تي جيڪي ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل وڏن ڏينهن جون رسمون
ٿيون، تن جي ذري پرزي جو احوال ڏيڻ ڪونه وساريو
اٿائين. انهن حقيقتن مان اسان کي اها پر پوي ٿو ته
تن ڏينهين هڪ عام ماڻهو ٻڌ ڌرم جون ريتون رسمون
ڪهڙي نموني ادا ڪندو هو. قنوج مان هن راجا هرش
وارا ڌانا کان موڪل ورتي ۽ جالنڌارا
Jalandhara
جي راجا اڌيتا سان گڏجي اتر – اولهه رخ تي سفر ڪرڻ
لڳو سندس راڄڌاني ۾ هو مهينو کن ترسيو. هن ڀيري
سندس سفر جي رفتار ڍري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته
هاڻي هن سان گڏ مهاتما ٻڌ جون مورتيون ۽ ڌرم جا
ڪتاب ۽ ٻيون به گهڻيون ئي ڌرمي شيون هيون جيڪي
هاٿين تي لڏيل هيون. (8) پنجاهه کن قلمي نسخا ته
اوهند يا اتاخاندا
Uta
Khanda
وٽان سنڌو پار ڪندي ناس ٿي ويا هئا. هن ياتريءَ
سنڌو به هاٿيءَ چڙهي پار ڪئي هئ. سنڌوءَ کي اهڙي
طريقي سان ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروريءَ ۾ ئي پار ڪري
سگهبو آهي. ان کان پوءِ برف رجڻ ڪري درياهه ۾
چاڙهه اچي ويندو آهي. منهنجو انومان آهي ته هن
سنڌو سن 643ع جي پڇاڙيءَ ۾ اڪري هوندي. هن
اتاخاندا ۾ پنجاهه ڏينهن ترسي سنڌو جي پاڻي ۾ ناس
ٿيل ڪتابن جي جاءِ تي ٻيا ڪتاب هٿ ڪيا. بعد ۾
ڪاپيسيا
Capisa
جي راجا سان گڏجي لامغان
Lamghan
روانو ٿيو. هن سفر ۾ کيس مهينو کن لڳي ويو هوندو.
تنهن ڪري انومان آهي ته هو لامغان ۾ 644ع مارچ
مهيني جي وچ ڌاران پهتو هوندو. يا ٿي سگهي ٿو ته
جڏهن هندوڪش جبل جا لنگهه لنگهڻ جوڳا نه رهيا
هوندا، تنهن رت کان ٽي مهينا کن اڳ ۾ اتان مٽيو
هوندو. هيءَ حقيقت ڪافي آهي جنهن مان اسان سمجهي
سگهون ٿا هڪدم ڏکڻ ڏانهن پندرنهن ڏينهن سفر ڪري
فالانا يا بنو جي علائقي ۾ ڇو آيو ۽ ڪابل ۽ غزنيءَ
کان ٿيندو جولاءِ جي شروع ۾ ڪاپيسيا پهتو هو. هو
هتي پهتو ته ٻڌ ڌرم جون ريتون رسمون ملهائجي رهيون
هيون. اندازو آهي ته هن ڪاپيسيا وچ جولاءِ سن 644ع
ان اڳ ڪونه ڇڏيو هوندو. چوڏن سال اڳ جڏهن هو
باميان کان هندستان جي حدن ۾ پهچي رهيو هو ته به
اهائي ساڳي موسم هئي. ڪاپيسا مان هو پنجشير ماٿري
مان اڪري خواڪ
Khawak
لڪ مان لنگهي آنديراب
Anderab
آيو هوندو. معلوم ٿئي ٿو ته اهو آنديراب ۾ جولاءِ
جي پڇاڙيءَ ۾ پهتو هوندو اها برفاني لڪ لتاڙڻ
واسطي شروعاتي موسم هوندي. اهڙي ريت جبلن جون
چوٽيون ۽ وچان ينن ۽ ينڙن جا پيٽ ڄميل برف سان
ڇانيل ڏٺائين ۽ اتان گذريو. سال جي پڇاڙيءَ واريءَ
رت ۾ ڪا شغر، يارڪند
Yarkand
۽ ڪوتان
Kotan
پهتو ۽ آخر سن 645ع جي چيٽ جي چڱيريءَ رت ۾ هو خير
سان اولهه چين جي راڄڌانيءَ ۾ وڃي رسيو.
هي شين سئنگ جي سفر جو هڪ مختصر احوال آهي، جيڪو
اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي، پر ان ۾ هندستان جي
سفر جو ذڪر گهڻي تفصيل سان ڏنو ويو آهي. جيسيتائين
منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي ته هندستان بابت ڪنهن به
سياح هن ياتريءَ کان وڌيڪ تفصيل نه ڏنا آهن.
بچانان هئلمٽن
Buchanan Hamlilton
به هن ملڪ جي ذري پرزي جي احوال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. پر ان جو واسطو اتر هندستان جي گنگا ماٿريءَ
جي هيٺين علائقن ۽ ڏکڻ ميسور واري ايراضيءَ سان
آهي. جئڪيومانٽ
Jacquemont
جو سفر به ڪن محدود علائقن تي مشتمل آهي. هن فرينچ
ڏاهي ماڻهوءَ جو گهڻو ڪري واسطو جيالاجي ۽ باٽنيءَ
جي موضوعن سان هو، تنهن ڪري سندس هندستان جو سفر
جاگرافيائي متعلق گهٽ نظر اچي ٿو. اتر هندستان جو
سفر جاگرافي متعلق گهٽ نظر اچي ٿو. اتر هندوستان
جو سفر جاگرافي متعلق گهٽ نظر اچي ٿو. اتر هندستان
جو سفر مون به گهڻو ڪيو آهي. پشاور کان سنڌوءَ جي
ڪناري سان آباد ملتان ۽ اتان کان رنگون ۽ پروم
Prome
هوڏانهن ڪشمير ۽ لداخ کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين
۽ اتان هلي نربدا جون ڪنڌيون ڪنارا گهمي گهتي ڏٺا
اٿم. مون ڏکڻ هندستان ڪونه گهميو آهي. اولهه
هندستان مان رڳو ممبئي ڏٺي اٿم. مشهور غارن مان
ايلورا، اجنتا ۽ ڪانهري
Kanhari
وارا غار ۽ گفائون ڏٺيون آهن. هندستان ۾ ٽيهن کان
وڌيڪ سالن جو عرصو نوڪري ڪندي گذاريو اٿم، ان ساري
عرصي دوران جڏهن به واندو ٿيندو هوس ته هندستان جي
تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي سوچيندو ويچاريندو هوس. اتي
رهائش جا پويان چار سال ته منهنجو ڌنڌو ۽ موضوع ئي
اهي مضمون هئا. ڇاڪاڻ ته هندستان جي حڪومت مون کي
قديم آثارن جو سروير
Surveyor
مقرر ڪيو هو ۽ حڪم ڪيو ويو هو ته مان ملڪ جي پراڻن
پڊن، ٿاڪن ۽ ٿرڙن جي جاچ ڪري حڪومت کي اهڙي ڄاڻ
ڏيان. مون کي ملڪ جي جاگرافيائي مطالعي جو سونهري
وجهه مليو هو ۽ ان جو ڀرپور لاڀ پرايم ۽ پنهنجي
لياقت کي پرکي ڏسڻ جو به ڏسڻ جو به موقعو مليو هو.
قديم آثارن سان لاڳاپيل حقيقتون اڃا گهڻيون لڪل
آهن پر مون کي خوشي هن ڳالهه جي آهي ته منهنجي
کوجنا (تحقيق) هن ڏس ۾ ڏاڍي سوڀاري ثابت ٿي، جو ان
جي سهائتا سان قديم هندستان جي مشهور شهرن جو ڏس
پتو پيو. اهي سڀئي ماڳ مڪان ايندڙ صفحن ۾ بيان ڪيا
ويندا، پر انهن مان ڪن اهم ماڳن جو ذڪر هتي به ڪرڻ
گهران ٿو انهيءَ مقصد سان ته مون هي ڪم بنا اڳواٽ
تياريءَ جي شروع ڪونه ڪيو آهي.
1)
آراناس
Aornos
هڪ مشهور جبل، جيڪو پنهنجي حملي دوران سڪندر فتح
ڪيو.
2)
ٽيڪسيلا – هي شهر اتر – اولهه پنجاب جي راڄڌاني
هو.
3)
سانگالا
Sangala.
وچ پنجاب ۾ ٽڪريءَ تي اڏيل هڪ قلعو، جنهن کي سڪندر
فتح ڪيو.
4)
سروگهنا
Srughna-
جمنا درياءَ جي ڪناري سان آباد هڪ شهر.
5)
آهي ڇاترا
Ahichhatra-
اتر پنچالا جي راڄڌاني
6)
بئرات
Bairat
دهليءَ جي ڏکڻ ۾ متسه
Matsya
علائقي جي راڄڌاني.
7)
سنڪيسه
Sankisa-قنوج
ڀرسان اها مشهور جاءِ جتي مهاتما ٻڌ آسمان تان هيٺ
زمين تي لٿو هو.
8)
سراواستي – راپتي جي ڪناري هڪ مشهور جڳهه، جتي
مهاتما ٻڌ پرچار ڪندو هو.
9)
ڪوسمبي
Kosambi-الله
آباد ڀرسان جمنا جي ڪناري آباد هڪ شهر
10)
پرماوتي – هن تي ڀاواڀتي
Bhavabhuti
شاعري ڪئي آهي.
11)
وئسالي
Vaisali-
هي ماڳ پٽنا کان اتر ڏس تي واقع آهي
12)
نالندا
Nalanda
ٻڌ ڌرم جي مشهور پاٺ شالا جيڪا سڄي هندستان ۾
مشهور هوندي هئي.
سنڌ-هنڌ جي
قديم جاگرافي
يونانين جي احوال مان پتو پوي ٿو ته هندستان وارن
کي پنهنجي ملڪ جي شڪل صورت ۽ پکيڙ جي ڄاڻ هئي.
اسٽرئيو (1) (Strabo)
جي حوالي موجب سڪندر اعظم اهڙن ماڻهن کي پاڻ وٽ
گهرائي کانئن سندن ملڪ جي پڇا ڳاڇا ڪئي هئي. جن کي
ساري ملڪ بابت ڄاڻ هئي. اهي احوال شاهي بادشاهن جي
خزانچيءَ زينوڪلس (Zenokles)
بعد ۾ سربستي نموني پئٽروڪلس کي ٻڌايا. سيلوڪس
نيڪاٽر (Seleukus
Nekotor)
جي حڪمرانيءَ هيٺ اتر شام جي ڪن صوبن جو حاڪم هو.
انٽيوڪس ساٽر (Antiochus
Soter)
جي زماني ۾ به کيس ساڳين علائقن جو حاڪم بحال ڪيو
ويو هو. هن جيڪا به هندستان ۽ ٻين اوڀارين علائقن
بابت ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. سا ايڏي ته کري ۽ سچي هئي
جو بعد ۾ اراٽوس ٿينز ۽ اسٽرئبو ان کي پنهنجو ماخذ
بنايو هو. ٻيو حال احوال اسٽاٿمي (2) (Stathmi)
يا روزانو پيش قدميءَ بابت جيڪا ڏهاڙي (ڊائري)
مسوڊوينا جي امينٽاس (Amintas)
رکي هئي. ان تان به فائدو ورتو ويو هو. ان ڏهاڙي
جي سچائي جي پٺڀرائي ميگاسٿينز (Megas
thenes)
به ڪئي هئي. جيڪو پاڻ جڏهن سليوڪس نيڪاٽر جي طرفان
سفير هو. تڏهن پالبوٿرا(Plibothra)
پاڻ ڏٺو هئائين. اهڙين سچين ۽ کرين لکڻين جي آڌار
تي اراٽوس ٿينز ۽ ٻيا مصنف هندستان کي گهٽ وڌ پاسن
سان چوڪنڊو بيان ڪن ٿا. جنهن جي اولهه ۾ سنڌو
وهندو آهي. اتر کان جبل اٿس، اوڀر ۽ اتر پاسي کان
سمنڊ آهي.(3) اولهه وارو پاسو ماپ ۾ ٻين کان ننڍو
آهي. پئٽروڪلس جو اندازو آهي ته اهو پاسو ٻارنهن
هزار اسٽاڊيا ۽ اراٽوس ٿينز جو چوڻ آهي ته تيرنهن
هزار اسٽاڊيا (4) آهي. هن ڳالهين تي سڀئي متفق آهن
ته سڪنن جنهن ماڳ وٽان پل جوڙائي هئي. اتان کان
ويندي سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ڊيگهه هڪ هزار يا
يارنهن سو اڻونجاهه انگريزي ميل آهي. پر انهيءَ
فاصلي تي سندن اتفاق راءِ ڪونه آهي. جتان سنڌو
برفاني علائقن مان گذرندي آهي. جيڪو ان پل کان وٺي
مٿي هماليا يا ڪاڪس
Caucus
us
يا پئروپاميسيس
Paropamisus
واري علائقي تي مشتمل آهي. سنڌوءَ کان وٺي
پاليبوٿرا تائين ملڪ جو اولهه کان وٺي اوڀر ڪل
فاصلو ڏهه هزار اسٽاڊيا يا يارنهن سو اڻونجاهه
انگريزي ميل آهي. پاليبوٿرا کان وٺي سمنڊ تائين
ڇهه هزار اسٽاڊيا يا ڇهه سو اڻانوي انگريزي ميل
فاصلو ٿيندو. اهڙي ريت سنڌوءَ کان گنگا جي ڇوڙ
تائين ڪل فاصلو سورهن هزار (5) اسٽاڊيا يا ارڙهن
سو اٺٽيهه انگريزي ميل آهي. پليني
Pliny
(6) موجب پاليبوٿرا کان وٺي گنگا جي ڇوڙ تائين فقط
637.5 رومي ميل فاصلو آهي. پر سندس ڏنل انگن اکرن
تي ويساهه ڪري ڪونه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهي غلط
آهن. مان سندس ڏنل فاصلي کي وڌائي 737.5 رومي ميل
بيهاريان ٿو. جيڪي وڃي 678 انگريزي ميل ٿيندا.
گنگا جي ڇوڙ کان وٺي راس ڪماري
Cape
Comorian
تائين اوڀارئين سامونڊي ڪناري جو
فاصلو سورهن هزار اسٽاڊيا يا ارڙهن سو اٺٽيهه
انگريزي ميل آهي. راس ڪماريءَ کان ويندي سنڌوءَ
تائين ڏاکڻون (يا ڏکڻ –اولهه وارو) سامونڊي ڪنارو
ٽي هزار اسٽاڊيا آهي. (7) جنهن جو ڪل جوڙ وڃي
اڻويهه هزار اسٽاڊيا يا ايڪيهه سو ٽياسي انگريزي
ميل ٿئي ٿو.
هندستان جي هن پکيڙ کي جڏهن سڪندر واري مليل
معلومات سان ڀيٽائي ڏسجي ٿو ته ٻئي ٺهڪي بيهن
ٿيون. هن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته قديم
هندستان وارن کي به پنهنجي ملڪ بابت ڪيڏي کري ۽ تر
ڄاڻ هئي. |