29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:1   

ڪاپيسيني جا ٻيا شهر

مان ڪاپيسيني علائقي جي انهن ٿورن شهرن جو ذڪر ڪري پنهنجو احوال ختم ڪندس، جن جو قديم مؤرخن پنهنجي ڪتابن ۾ احوال ڏنو آهي. پليني هڪ شهر جو هن ريت ذڪر ڪيو آهي.

”ائڊڪاڪاسم ڪئڊرسي اوپيڊم ائب اليگزينڊرو ڪنڊيٽم“ “ad Caucasum cadrusi, oppidum ab Alexandro Conditum” سولينس هن بيان کي ٿورو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پر ٻئي مصنف هن شهر کي ڪاڪيشيا جبل جي ڪڇ ۾ ٻڌائن ٿا. ان ۾ سولينس فقط ايترو واڌارو ڪري ٿو ته هي شهر اليگزينڊريا جي (57) ويجهو واقع هو. هنن ٻنهي جي ڏنل نشان پتن مان پڪ سان سمجهان ٿو ته ڪئڊرسي جو شهر پراڻي شهر ڪوراٽسKoratas جي ماڳن وٽ هو، جنهن جي ٿرڙ کي مئسن ڳولي لڌو هو، جيڪو بيگرام کان ڇهه ميل اوڀر - اتر ۽ ڪوهستان جي ڪڇ ۾، پنجشير درياءَ جي اترئين ڪناري تي واقع هو(58). اتان به اهڙيون وٿون هٿ لڳيون جيڪي عام طور تي قديم شهرن جي کنڊرن مان ملنديون آهن. ٿرڙ جا سڀيئي دڙا ٺڪراٺي سان ڇائنيا پيا آهن. پراڻا سڪا به پڻ گهڻا لڌا آهن. ٽڪرين جي پاسن اوسن ۾ اوساريءَ ۽ اڏاوت جو ڪم به ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن کي هتان جا ماڻهو ڪافر ڪوٽ سڏيندا آهن. تبصره نگارن سولينس تي الزام هنيو آهي ته هن پليني کي غلط سمجهيو آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن شي کي پليني ڪارڊس يا ڪئڊرسي سڏي ٿو. سو ڪو شهر نه پر قبيلي جو نالو آهي. جن جو ”اوپيڊم ائب اليگزينڊور ڪنڊيٽم“ مان مطلب اليگزينڊريا شهر آهي (59) پر فليمون هالند Philemon Holland هن جملي جو مطلب اڃا ڪجهه ٻيو سمجهيو آهي. سو هن ريت آهي:” ڪاڪيشيا جي هڪ ٽڪري مٿان ڪارڊسي جو شهر آهي، جيڪو مذڪوره سڪندر آباد ڪرايو هو.“ يونان وارن جو دستور رهيو آهي ته جن ماڻهن سان هنن جهيڙيو آهي تن کي سندن مکيه شهرن جي نالن پٺيان سڏيو اٿائون. جهڙوڪ ڪابورا Kabura ڪابولائي ٽاءِ Kabalitae ڊريپسا Drepsa  ۽ ڊريمپسياني Drepsiani ٽيڪسيلا مان ٽيڪيسلي، ڪاسيپرا ۽ ڪاسپيراءِ Kaspeiraei وغيره. اهڙيءَ ريت امڪان اهو آهي ته اهو ڪاڊروسيا شهر جو نالو هو ۽ اتان جي رهواسين کي ڪاڊرسي سڏيو ٿي ويو. هن اندازي جي پٺڀرائي هن ڳالهه مان به ملي ٿي ته نالي ۽ جاءِ وقوع جي لحاظ کان ڪورٽاسا پليني جي ڪاڊرسي يا ڪنڊرسي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو.

ٻين شهرن ۽ قبيلن جا نالا به ٽالمي لکيا آهن. پر انهن مان ڪي ٿورا مس سڃاڻي ٿا سگهجن. اسان سان نالن کان سواءِ ڪوبه ڏس پتي ڏيڻ وارو سونهون ساڻ ڪونه آهي. هڪ قبيلي جو نالو پارسي Parsi آهي. سندن شهرن جا نالا پارسيا Parsia ۽ پارسيانا آهن. مان هنن ماڻهن کي پاشائي Pashais سمجهان ٿو. جيڪي  پنجشير ماٿريءَ جا رهاڪو هئا. سندن قبيلي جو صحيح نالو شايد ته پنچير Panchir آهي. عرب پنچير جي هندستاني نالي پنجشير جي هِجي ۾ لکندا آهن، برنس، ليچ ۽ ٻين مصنفن پنجشير جي اصل هِجي لکڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ڏسجي ۽ انهن افغاني ”چ“ Ch جي اچار کي وائکي ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ ان کي ts ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ اهڙيءَ طرح پنجشير Pantsir جي هِجي ۾ لکيو آهي. عرب جي قديم جاگرافيدانن پنجهير Punjhir شهرَ جو ذڪر ڪيو آهي. ابن بطوطه قنڍوءَ Kundua کان پرروان (60) ڏانهن ويندي هڪ جبل پاشاءِ Pashai اڪريو، جنهن جو هن ذڪر به ڪيو آهي.

ٻيا قبيلا ارسٽو فيلي Arsto phyli نالي آهن، جيڪي خالص يوناني معلوم ٿين ٿا. امبتاءِ Ambautae جو هڪ قبيلو آهي، تنهنجو ته پتو ئي ڪونه ٿو پوي ته ان جو واسطو ڪهڙيءَ قوم سان هو. اڳي جن شهرن جو ذڪر ڪونه آيو آهي. سي اتر طرف آرٽورٽا Artoarta ۽ بارزارا Barzaura آهن. ڏکڻ طرف وري ڊراسٽوڪا Drastoka ۽ ناليبس Naulibis آهن. تن مان بارزارا ته بارزڪ شهر آهي، جيڪو پنجشير ماٿريءَ جو هڪ وڏو شهر آهي ۽ ناليبس غوربن جو شهر نيلاب آهي. ڊراسٽوڪا جو شهر گهڻو ڪري ڪوه – دامن جي ماٿري ۾ موجود درن (لڪن) Daras وٽ اڏيل ڪو شهر ٿي سگهي ٿو.

ڪوفيني يا ڪابل

ٽالمي پهريون ماڻهو آهي جنهن ڪابل واري علائقي جو پنهنجي تصنيف ۾ ذڪر ڪيو آهي، جتان جي ماڻهن کي هو ڪابوليٽاءِ ۽ سندن راڄڌاني کي ڪابورا سڏي ٿو، جنهن کي ڪڏهن اورٽوسپانا به ڪوٺيو ويندو هو. اسٽرئبو ۽ پليني به هن کي اورٽوسپانا ڪوٺين ٿا. هتان کان آرچوسيما جي راڄڌانيءَ تائين فاصلي جي ماپ سڪندر جي ماڻهن ڊايونيٽس Diognetes ۽ باشن Bation ڪئي هئي. پليني جي تصنيف جي ڪن نقلن ۾ ارٿاس پئنم Orthospanum به لکيل آهي. مسٽر ايچ-ايچ ولسن (61) هن حقيقت ڏانهن اشارو ڏنو آهي ۽ ان ۾ ٿوري تبديلي ڪري اورٿوس تانا Orthostana  ٻڌايو آهي. سندس چوڻ آهي ته هي لفظ سنسڪرت ٻولي سان واسطو رکي ٿو ۽ اصلي لفظ ارڌاس تانا آهي، جنهن جي معنى اعلى يا شاندار شهر “High place” Or “Lofty city” ٿي سگهي ٿي. چين جي ٻڌ ياتري شين سئنگ ڪابل کي به ساڳيو نالو ڏنو آهي. پر مون کي شهر آهي ته اتفاقي طور  علائقي ۽ راڄڌاني جي نالي ۾ مٽ سٽ جي غلطي ٿي وئي آهي. هيءُ ياتري غزنيءَ کان اتر هليو ۽ پنج سوء لي يا ستيا سي ميل پنڌ هلي فــــو لي- شي- سا_ ٽئنگ ، نا Fo- le shi-sa tang-na پهتو، جنهن جي راڄڌاني هو- في – نا Hu- phe –na هو. غزني ۽ ڪابل جي وچ ۾ فاصلو ٻن مختلف رستن وسيلي ڪڇيو ويو آهي، جيڪو هڪ سان ايڪاسي ۽ ٻئي سان ساڍا اٺاسي ميل  بيهي ٿو. تنهن ڪري هن ڳالهه ۾ ڪنهن کي شڪ  شبهي جي گنجائش ئي ڪانه آهي ته جيڪو شهر چيني ياتريءَ ڏوري وڃي ڏٺو هو سو ڪابل کان سواءِ ٻيو ڪو نه هو. ٻئي هنڌ وري هيءَ حقيقت بيان ڪئي وڃي ٿي ته باميان کان راڄڌاني ست سو لي يا هڪ سو سورهن ميل پري هئي. اهو بيان به ڪابل ۽ باميان جي وچ ۾ موجود فاصلي  سان ٺهڪي اچي ٿو. جيڪو هڪ سو چار ميل آهي ۽ اهو سڌو رستو آهي.

هن راجڌانيءَ جو جيڪو نالو چيني ياتريءَ ڏنو آهي سو ئي ايم. ووين ڊي مارٽن M. Viveinde Martin به ٻڌايو آهي يعني وارداس تانا  V ardastana۽ ان کي وردگ قبيلي جو علائقو قرار ڏنو ويو آهي ۽ علائقي کي هوپيان يا اوپيان جو نالو ڏنو اٿس. پر وردڪ قبيلي جو وردڪ ماٿريءَ سان لاڳاپو آهي ۽ ان ماٿريءَ تي نالو به وردڪ قبيلي ڪري پيو آهي. مذڪوره ماٿري لوه ڳڙه ندي جي مٿئين حصي ۾ ۽ ڪابل کان ڪجهه پنڌ ڏکڻ ۽ غزنيءَ کان چاليهه ميل اتر طرف آهي. هپيان اي اوپيان ڪابل کان ستاويهه ميل اتر طرف آهي. اهڙيءَ طرح هوپيان يا اوپيان وردڪ کان اٽڪل ستر ميل پري آهي (63) منهنجي تحقيقات موجب اهي ٻئي نالا ڪابل جي ڀرپاسن وارن علائقن سان واسطو رکن ٿا.

پروفيسر لئسن Lassan پنهنجي راءِ جو هن ريت اظهار ڪيو آهي ته ڪپين kipin جو نالو ٻين چيني ياترين ته گهڻو ڪتب آندو آهي، پر شين سئنگ جي سفرنامي ۾ ڪو نه ٿو ملي. ريميوسٽ Remusat جو خيال آهي ته ڪپين جو علائقو ڪوفس Kophes يا ڪابل درياه جي ڪناري سان واقع آهي. سندس هن راءِ کي قديم هندستان جي موضوع تي لکڻ وارن عالمن متفق راءِ سان قبول ڪيو آهي ته جنهن علائقي کي هاڻي ڪوفن Kophene سڏيو وڃي ٿو، سو برابر ڪابل درياه جي ڪناري سان موجودي هو. اچار جي لحاظ سان مان گذارش ڪندس ته چيني ياتري جنهن لاءِ هوفينا Hu-Phe-na جولفظ ڪتب آندو آهي، سو اهو ئي ڪپين Kipin آهي. مون کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهو علائقو ڪنهن زماني ۾ تمام گهڻو مشهور هو. پر شين سئنگ واري دور ۾ ايترو گهڻو اهم ڪو نه رهيو. بهرحال هو ان منجهان گذريو هو. پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هن، مذڪوره علائقي جو نالو ڪونه کنيو هوندو. هن کان علاوه اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شين سئنگ کان پوري صدي پوءِ به هيءَ علائقو هن ئي نالي سان مشهور هو (64) هن شڪ جو مان ته اڳ ئي اظهار ڪري آيو آهيان ته صوبي ۾ راجڌانيءَ جا نالا هڪ ٻئي سان تبديل ٿي ويا ٿا ڀائنجن. منهنجي شڪ جي وڌيڪ پٺڀرائي تڏهن ٿئي ٿي جڏهن نالن جي وري مٽا سٽا ڪجي ٿي ته مونجهارو پاڻ هرتو ختم ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت هو- في- نا ڪوفين يا ڪپين Kipin ۽ اهو ڪابل درياه تي موجود هڪ علائقي جو نالو آهي. فو- لي-شي- سا- ٽئنگ، يا اورڌا ستانا يا اورٽو ستانا آهي، جنهن لاءِ قديم ۽ تعبر ڪتابن ۾ ثابتيون موجود آهن ته اهو صوبي جي راڄڌانيءَ جو نالو هو. منهنجو خيال آهي ته چيني ياتري ڪوفين جو ترجمو هفنيا ڪيو آهي، جيڪو صحيح آهي. جيڪڏهن هپيان جو ترجمو هفيان ڪيو وڃي ها ته غلط ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان لفظ جي هڪ ماترا جي پوري نمائندگي ڪانه ٿئي ۽ حرف صحيح مان ”P“ جو اڪيلو اکر اچي لفظ ۾ بيهي ها. هپيان Hupian جو چيني زبان ۾ وزن لفظ هو- پي- يان- نا Hu-pi-yan-na وڃي ٿئي ها.

هن ڳالهه تي مسٽر وون ڊِي سئنٽ مارٽن اعتراض ڪيو آهي (65) ته اهو لفظ ارڌا ستانا Urdhastana نه آهي ۽ هڪ اندازو ڪري لفظن جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ۽ معنيٰ ته نڪري ئي ڪانه ٿي. پر مان انهيءَ معنيٰ ڪري بلڪل مطمئن آهيان ته هن لفظن جي پڙهڻي هيٺين سببن ڪري بلڪل صحيح آهي:

(1) اورٽو سپانا نالو فقظ پئرو پامساڊاءِ لاءِ مخصوص ڪونه آهي، پر اهو ڪرمانيه ۽ ايران- Persia ۾ به نه ڏٺو وڃي ٿو. تنهن ڪري هن جو وردڪ قبيلي سان ڪو لاڳاپو واسطو ڪونهي ڪو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهو ڪو اصلي نالو آهي، جيڪو ڪن حالتن جو بيان ڪري ٿو، اها ڄڻ هن ضرورت هئي جيڪا ارڌاس تانا جي نالي ڄڻ پوري ڪئي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ ”مٿاهين جاءِ“ ٿي سگهي ٿي ۽ اهو لفظ ان قلعي لاءِ ڪتب ايندو هو جنهن کي مٿي ڪنهن ٽڪريءَ تي تعمير ڪيو ويو هجي.

(2) هي لفظ بدلجي پورٽوس پانا  Portospana ٿي ويو، جنهن مان هن ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته اها هڪ بيان سان لاڳاپيل معنيٰ آهي، جنهن جو مان مٿي به ذڪر ڪري آيو آهيان. پشتو ٻوليءَ ۾ پورٽو Porto لفظ معنيٰ ”مٿاهين“ آهي. تنهن ڪري اها هڪ فطري ڳالهه هئي ته عام ماڻهن سنسڪرت لفظ ”ارڌا“ کان وڌيڪ ”پورٽو“ جو استعمال ڪيو.

اورٽو سپانا جي جاءِ وقوع اهڙي آهي جو سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ڪابل آهي. ان جي قلعي کي ”بالا حصار“ يعني High Fort سڏيو ويندو آهي. اهو ارڌاس تانا جو فارسي ترجمو آهي. سڪندر جي فتح کان اڳ ۾ هي شهر پنهنجي علائقي جي راڄڌاني هو. گهڻو وقت پوءِ به اهو ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. ڏهين صدي عيسويءَ تائين به ائين سمجهيو ويندو هو ته جيڪو بادشاهه ڪابل ۾ (66) اچي تخت نشينيءَ جي رسم ادا نه ٿو ڪري سو چڱيءَ ريت ملڪ هلائي سگهڻ جي لائق ڪو نه ٿيندو. هيڪٽايس جو هن شهر بابت بيان هن ريت آهي ته اوپيائي (67) جي شهرن ۾ هيءُ اهڙو شهر آهي جنهن ۾ بادشاهه رهندو آهي. پر اسان سندس نالي ۽ جاءِ وقوع جو ڪو به وچور ڏئي ڪو نه ٿا سگهون. ڏسڻ ۾ ته ائين اچي رهيو آهي ته هن مان مراد ڪابل ئي ٿي سگهي ٿو.

سائرس هٿان ڪاپيسا – Capisa تباه ٿيڻ کان پوءِ ڪابل کان سواءِ ٻيو اهڙو قابل ذڪر شهر رهيو ئي ڪو نه هو، جيڪو ملڪ جي راڄڌانيءَ جي لائق هجي. تنهن ڪري انهن حالتن کي نظر ۾ رکي ڪابل کي اوپيائي جي حدن ۾ شامل ڪيو ويو هوندو.

ان هوندي به اچرج هن ڳالهه تي ٿئي ٿو ته سڪندر جي دور وارين تاريخن ۾ ڪابل جو مورڳو ذڪر ئي ڪو نه ملندو. پڪ به پئي ٿي ته آرچو سيا Archosia کان اليگزينڊريا ڏانهن ويندي هن شهر منجهان ضرور لنگهيو هوندو. وڏو امڪان ان ڳالهه جو نظر اچي ٿو ته سڪندر باختر مان واپسيءَ وقت هن نئين شهر مان پيش قدمي ڪري پهرين منزل نڪائيا Nikaia ۾ ڪئي هئي. نونس Nonnus جو بيان آهي ته نڪائيا جي شهر جي اڏاوت پٿرن سان ڪيل هئي ۽ اوڏو ڍنڍ هئس. هن شهر کان درياه ۽ جهنگل جي ديوي نائيمف Nymph جي نالي پٺيان بئڪس Bacchus  شاعر استاڪيه سڏي گهٽ وڌ به ڳالهايو آهي (68) ڍنڍ جو شهرن ڀرسان موجود هجڻ اتر هنداستان يعني ڪابل کان وٺي ڪشمير تائين هڪ ضروري ڳالهه سمجهي ويندي آهي. هن شهر جو ٻيو نالو هندستانين جو موت Indian Killer يا Indo Phone به آهي. ڇاڪاڻ ته هئي بئڪس هندستانين جو گهڻو قتل عام ڪيو هو ۽ سوڀ ماڻي هئي. هندوڪش يا Indian Killer يا Indo Phane جي نالي مان سمجهي سگهجي ٿو، نونس کي هن لفظ جي معنيٰ جي چڱيءَ ريت خبر هئي.اهڙيءَ معنيٰ ٻڌڻ سان ئي هو ان لفظ کي ڪتب آڻي ٿو، انهيءَ مقصد سان ته جئين ڊايونيسس Dionysius جي هندستان جي فتح واري ڳالهه کي تائيد ملي سگهي.

هن علائقي جي اوڀر کان اولهه ڊيگهه ٻه هزار لي يا ٽي سو ٽيٽيهه ميل ۽ اتر کان ڏکڻ منڍو هڪ هزار لي يا هڪ سو ڇاهٺ ميل آهي. امڪان اهو آهي ته هيءَ ماپ ان زماني جي آهي، جڏهن هتان جو حڪمران سڄي اولهه افغانستان جو بادشاهه هو. ان زماني ۾ غزني ۽ قنڌار به هن علائقي ۾ شامل هئا. باقي اڪيلي ڪابل واري علائقي جي پکيڙ مٿين انگن اکرن جي اڌ جيتري به مس ٿيندي. هن علائقي جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه هيلمند درياهه کان جگدلڪ Jagdalak لڪ تائين هڪ سو پنجاهه ميل ۽ استاليف Istalif کان وٺي لوه ڳڙه نديءَ تائين منڍو فقط ستر ميل ٿيندو.

ڪوفس Kophes جو نالو ويدن جيترو پراڻو آهي، جنهن ۾ اهو ذڪر آهي ته ڪوڀا ندي سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ شاخ آهي. پر اهو آريائي زبان جو فقط ڪو نه آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته آرين جي والار کان اڳ ۾ اهو ڪابل درياه جو نالو هوندو هو. اهو نالو گهٽ ۾ گهٽ 2500 ق م پراڻو آهي. قديم موءرخن جي ڪتابن ۾ هن درياه جو نالو کوئس Khoes ڪوفس Kophes ۽ کوسپس Khoaspes درياه ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي اولهه طرف ٻڌايو ويو آهي. موجوده دور ۾ ڪنار Kunar، ڪرم kuram ۽ گومل درياه سنڌوءَ جي اولهه ۽ درياه ڪنيهار Kunihor اوڀر طرف آهي. اهي سڀئي لفظ سٿين ٻولي جي هڪ لفظ ڪو- Ku مان ٺهيل آهن، جنهن جي معنيٰ پاڻي آهي. اهڙيءَ ريت آشوري ٻوليءَ جو لفظ  Hu جيڪو Euphrates فرات ۽ Eulaeus يولاس جي نالن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ساڳيءَ ريت ترڪي ٻوليءَ جو Su ۾. تبتي ٻوليءَ ۾ Chu جو اکر به پاڻيءَ لاءِ ڪتب ايندو آهي. ڪوفيني علائقي تي نالو به وچان وهندڙ درياه ڪري پيو هوندو. سنڌ ملڪ تي نالو به سنڌوءَ ڪري پيو آهي. اهڙيءَ ريت مارگس Margus درياه ڪري مارگيانا، آرس Arius درياه ڪري آريا  Aria, آرچوٽس Archotus درياه ڪري آرچوسيا Archosia ملڪ تي نالو پيو آهي. سڪندر جي سڀني مورخن هن درياه Kophes کي وهندو ڏٺو، پر ان جو ٿورو به ذڪر ڪو نه ڪيو اٿن.

ٽالمي جي جاگرافيءَ ۾ ڪابورا، ڪابوليٽاءِ جو ذڪر ملندو. آرگوڊا Arguda  يا آرگنڊي Argandi ۽ لوچرنا Locharna يا لوڳڙا Logharh شهرن جا نالا ملندا. پر اهي پئرپاميساڊاءِ يعنيٰ ڪاڪيشيا واري علائقي ۾ آهن، جيڪو ڪابل درياه جي مٿئين پاسي واقع آهي. هن درياه جي ڪٺار سان مٿئين حصي ۾ موجود بيگردا شهر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو نالي ۽ جاءِ وقوع جي لحاظ سان وردڪ ماٿري سان ٺهڪي ٿو اچي. ٻنهي لفظن ۾ اکر به ساڳيا آهن. جيڪڏهن نڙيءَ مان نڪرندڙ اکرن جي آوازن کي يوناني نموني سان اچاربو ته موجوده دور جهڙا نالا سامهون اچي ويندا. ان لحاظ سان برگادا Bargada جو لفظ بيگاردا Bagarda وڌيڪ حقيقت جي ويجهو معلوم ٿئي ٿو. ايلفين اسٽون (69) جي بيان موجب، وردڪ قبيلو لوڳڙه ماٿريءَ جو وڏو حصو والاري ٿو. مئسن (80) به سندس بيان جي پٺڀرائي ڪئي آهي، جيڪو ٻه دفعا وردڪ علائقا گهمي گهتي ڏسي آيو آهي. ان سان گڏ وائين Vigne (81) به سندس تائيد ڪري ٿو، جيڪو غزني کان ڪابل ويندي سندس علائقن مان لنگهيو هو. بيگردا جي سڃاڻ ۾ فقط هڪ اعتراض جو امڪان ٿي سگهي ٿو. اهو آهي وئڪريٽا Vaekereta جو يوناني طريقي سان اچار ڪرڻ جو نمونو. هي زند اويستا Zind Avesta ۾ ستين ملڪ جو ڏنل نالو آهي، جنهن کي هوريان هوريان آرين والاري ڇڏيو. سندس جاءِ وقوع هن ريت ڏنو ويو آهي ته هن جي هڪ پاسي باختر، آريا ۽ آرچوسيا ۽ ٻئي پاسي هندستان آهي. ان لحاظ سان وئڪريٽا وارو صوبو ڪابل ئي سمجهي ٿو. پارسس Parsis وارن جو پنهنجو خيال به ائين آهي. اهو به چيو ويندو آهي ته وئڪريٽا ضُحاڪ جو وطن هو. هنن حقيقتن مان وڌيڪ تصديق ٿي وڃي ٿي ته اها ڪابل جي ڌرتي ئي هئي جيڪا ضحاڪ جو وطن هئي. جيڪڏهن اڳي ڪڏهن وردڪن جو قبيلو حڪمران ٿيو آهي ته پوءِ وئڪريٽا جو لفظ وردڪ مان نڪتل آهي. اسان کي هن قبيلي جي تاريخ بابت ڪا ڄاڻ ڪانه آهي، پر اها حقيقت ضرور آهي ته ٻنهي نالن ۾ گهڻي هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

ستين صدي عيسويءَ  ۾ ڪوفينيءَ kophene جو حڪمران هڪ ترڪ هو ۽ ملڪ جي ماڻهن جي زبان غزنيءَ جي ماڻهن جهڙي ڪانه هئي. شين سئنگ جو بيان آهي ته ڪاپسينيءَ Kapisene جي ٻولي ترڪي آهي. پر جيئن ته بادشاهه هندستان جو هو، تنهن ڪري انومان اهو ٿئي ٿو ته ٻولي به هندستاني هوندي. ساڳي سبب ڪري جيڪڏهن ان زماني ۾ بادشاهه ترڪ هوندو ته اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٻولي به ترڪن واري رائج هوندي.

3- آرچوسيا يا غزني

 چيني ياتري زائو- ڪو- تا Tsau-ku-ta  جي ملڪ کي هوفينا Huphina يا ڪوفيني کان پنج سوء لي يا ٽياسي ميل ڏکڻ ۽ فلانا Falana يا بنون کان اتر- اولهه طرف ڏيکاري ٿو. وڌيڪ چوي ٿو ته هي لو- مو- ان- تو Lo-mo-in-tu درياه جي ماٿري آهي، جتا هڱ Assafae tida  ملندو آهي. اسان هن کي هڪدم سڃاڻي وٺون ٿا ته اها هيلمند نديءَ جي ماٿري آهي. جيڪڏهن اسان چيني هم وزن اچار لو- مو- ان –تو ۾ هو Ho جو لفظ اڳيان ڳنڍينداسين ته مونجهارو لوڻ پاڻي ٿي ويندو. چيو ويندو آهي ته هن حڪمرانيءَ جو گهيرو ست هزار لي يا يارهن سو ڇاهٺ ميل هو. اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ قنڌار کان سواءِ سڄو ڏکڻ افغانستان شامل هو. هن علائقي لاءِ مهاتما ٻڌ جي پنڻ لاءِ ڪشڪول واري ڳالهه مشهور آهي. ان زماني ۾ هي ملڪ ايران جي حڪمرانيءَ هيٺ هو.

هن ملڪ کي ٻه راڄڌانيون هيون. هڪ جو نالو هو –سي-نا Hu-Si-na ۽ ٻيءَ جو  هو- سا-لو Ho-sa-lo هو. پهرينءَ گاديءَ کي ايم-ڊي سئنٽ مارٽن سڃاتو آهي، جنهن جو خيال آهي ته اهو شهر غزني آهي. منهنجي خيال م سندس سڃاڻپ صحيح آهي. ٻي شهر لاءِ سندس اشارو آهي ته اهو هزارا آهي. مان سمجهان ٿو ته اها ڳالهه ڪجهه شڪ گاڏڙ آهي. هزارا هڪ علائقي جو نالو آهي، ڪنهن شهر جو نالو ڪو نه آهي. خود هزارا علائقي جو نالو چنگيز خان (82) کان وڌيڪ پراڻو ڪو نه آهي. منهنجي سڃاڻ موجب اهو گزار Guzar  يا گذارستان آهي، جيڪو موجوده دور ۾ هيلمند ماٿريءَ جو مکيهه شهر آهي. ٽالمي به هڪ ماڳ جو نالو اوزولا Ozola کنيو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو آرچوسيا جي اتر- اولهه طرف واقع آهي. هن شهر جي جاءِ وقوع مان پتو پوي ٿو ته اهو ماڳ گزارستان آهي. باقي اڃا Tsau-ku-ta زائوڪوتا جي نالي کي سمجهائڻ رهجي ويو آهي. مٿينءَ سڃاڻ مطابق ۽ قديم دور جي مورخن موجب اها آرچوسيا سان هڪ جهڙائي رکي ٿي.  عرب جاگرفيدانن هن کي اروخاج Arokhaj يا روخاج Rokhaj ڪري لکيو آهي. ائرين Arrian جي ڪتاب پيري پلس آف ايري ٿراين سي Peri plus of the Erythraean sea ۾ ”روخاج“ جو لفظ لکيل آهي. شين سئنگ کان اڳ ۾ پوءِ ان لفظ جي پهرئين اچار وارو اکر ڪيترائي ڇڏڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه هئي. سنسڪرت جي لفظ جي اصلي شڪل صورت سر سوتي Saras Wati آهي. زندا ويستا ۾ اهو لفظ هيراڪئتي Haraqaiti بڻجي ويو ۽ يونان وارن وري هن کي Alazwco’s لکي ڇڏي. ٻنهي قسمن جون اهي لکڻيون چيني لکت جي پوين زائو- ڪو- تا ماتران جي برابر آهن. اهڙي ريت زائو Tsau چيني اچار ٻين جي را Ra اچار جي هم وزن ۽ هم اچار آهي. اهڙي مٽ سٽ لاءِ، ترڪي ٻوليءَ جو مثال ڏئي چڱيءَ ريت سمجهائي سگهجي ٿو، جنهن جي ر “R” جو اچار ز “Z” ۽ ش “Sh” ۾ سولائيءَ سان بدلائي سگهبو آهي. جيڪڏهن ترڪي ٻوليءَ ۾ انگريزي زبان جو اکر Sea اچارڻو پوندو ته ان کي “Dengiz” ڪري ۽ Ox کي Okuz اچاربو. هنگري زبان ۾ هنن کي ٽينچر Tenger ۽ اوڪر Okur (73) اچارڻو پوندو آهي. هند- سٿين جي سڪن تي اسان کي ترڪي نالا ڪنشڪا Kanishka، هويشڪا Huvishka ۽ ڪشانا Kushana ملندا، جن کي يونان وارن ڦيرائي ڪئنرڪي Kanerke، هو ورڪي Hoverke ۽ ڪورانا Korana ڪري لکيو آهي. تنهن ڪري امڪان اهو نظر اچي ٿو ته چيني هم وزن اچار Tsan، ترڪيءَ زبان ۾ هندستاني لفظ را Ra جوهم وزن اچار آهي. پهرين صدي عيسوي ۾ توچاري ترڪي قبيلي هن ملڪ تي اچي والار ڪئي هئي، تنهن ڪري هو هندستانيءَ ٻوليءَ جا لفظ به ڪتب آڻڻ لڳا هئا، جيڪا هڪ فطري ڳالهه هئي.

ستين صدي عيسويءَ ۾ غزنيءَ جو راجا ٻڌ هو. سندس گهراڻو ڪن صدين کان وٺي هتان جو حڪمران رهندو پئي آيو هو. چيو وڃي ٿو ته هتان جي ماڻهن جي الف، ب ۽ ٻولي، ملڪ جي ٻين ماڻهن کان نرالي هئي. شين سئنگ هندستاني ۽ ترڪي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. منهنجو خيال آهي ته اتان جي ماڻهن جي ٻولي پشتو هئي. جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته اهي ماڻهن ضرور افغان هوندا. پر بدقسمتي اها آهي، جو اسان جي رهبريءَ واسطي ڪو صحيح رهنما ڪو نه آهي جو هن دلچسپ ۽ مُنجهيل مسئلي ۾ اسان جي سهائتا ڪري ۽ غزنيءَ کان ڏکڻ – اوڀر وارو پاسو جنهن کي او-پو-ڪين O-po-kien چيو ويو آهي، ان کان افغان ثابت ڪري. هن مسئلي تي اڳتي هلي بحث ڪيو ويندو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org