پر هڪ ننڍڙي ڳالهه اهڙي به آهي جيڪا جلال پور کان
مٿان واري گهاري سان ٺهڪي اچي ٿي. ائرين جو بيان
آهي ته سڪندر درياء تي سنتري بيهاريا هئا، جيڪي
سندس حڪم احڪام ٻڌي ٻين کي سڏي ٻڌائي سگهن. مون کي
پڪ آهي ته جنگ سان لاڳاپيل هي ڪم ڪار دشمن جي
سامهون کلئي عام درياء جي ڪناري سان ته نه ٿو ڪري
سگهجي، پر ائين فقط جلال پور ۽ دلاور جي وچ واري
ڀاڱي واري درياء جي ڪناري سان ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ
ته ٻين ڀاڱن ۾ دريائي ڪٺار کُلي نروار پئي ڏسبي.
پر مٿي بيان ڪيل ڪناري جو ٽڪرو ٽاڪرو ۽ ونن سان
ڍڪيل ڏسبو، جيڪو درياهه ڏانهن هوريان هوريان لهندو
ڏسڻ ۾ ايندو. هڪ هڪ سنتري جو لڪي بيهڻ مناسب معلوم
ٿئي ٿو.
درياه جي ڪناري سان اهو فاصلو ڏهن ميلن کان گهٽ ۽
فوجي وانڍ جي اوڀارئين پاسي کان ستن ميلن کان وڌيڪ
ڪو نه ٿيندو. هن کان پوءِ هيءُ ڳالهه سمجهڻ سولي
ٿئي ٿي ته سڪندر سنترين کي ان ڊگهي رستي سان ڇو نه
بيهاريو هو، جنهن سان هن پاڻ پيش قدمي ڪئي هئي. ان
کان سواءِ هڪ ننڍڙي ڳالهه اها به آهي ته ٽڪري به
درياه ۾ موجود آهي. ڪرٽس جو بيان آهي ته هڪ ٻيڙي
درياهي وهڪري سبب وڃي هڪ ٽڪري سان لڳي هئي، درياه
جي وچ وهڪري ۾ اهڙيون ٽڪريون ڪوٽيڙا
Kotera
مريالا
Meriala،
مالڪ پور
Malkpur
۽ شاه ڪبير وٽ ڏسجن ٿيون، جيئن سڀئي دلاور ۽ جلال
پور جي وچ ڏسبيون آهن. ڪوٽيڙا جو ڳوٺ درياه ۾
ڌرتيءَ جي هڪ ڊگهي ٺونٺ تي آباد آهي، جيڪو ٻيلي جي
وڻن سان ڍڪيو پيو آهي. منهنجي خيال ۾ ڌرتيءَ جي
اها وڌيل چُکَ جنهن جي سامهون درياء ۾ موجود ٽڪري
آهي، سا اها آهي جنهن کي ائرين
Akoya
۽ ڪرٽس
Petra
سڏيو آهي. ان ٽڪريءَ جي پريان هڪ بيٽ هو. جنهن تي
ڏاڍا گهاٽا وڻ هئا. درياء جي ٻئي ڪپر تان نظر ڪبي
ته ڌرتي جي وڌيل چُک جي هيٺئين پاسي کي ڏسي ڪو نه
سگهبو. جهلم درياه جي هن ڀاڱي ۾ ٻيٽ به گهڻا آهن.
پر هڪ سال اندر انهن مان هڪ نه هڪ ڊهي ختم ٿي
ويندو آهي ۽ وري ڪنهن ٻئي هنڌ اهڙو ئي واريءَ جو
دڙو ڏسبو آهي، تنهن ڪري ٻن هزارن سالن کان پوءِ
سڪندر وارو اهو ساڳو ٻيٽ موجود هجڻ ممڪن ئي ڪو نه
آهي. پر 1849ع ڪوٽيرا جي سامهون هڪ اهڙو ٻيٽ هو،
جيڪو اڍائي ميل ڊگهو ۽ اڌ ميل موڪرو هو، وڏن ۽
گهاٽن وڻن سان ڇانيل هو، سو اڃان تائين به موجود
آهي. سڪندر اعظم اتان مينهوڳيءَ جي وچ موسم ڌاران
رستو بنايو هوندو. ان وقت تائين واريءَ جو اهو دڙو
ٻين لونَ جي گهاٽن وڻن سان ڍڪجي ويو هوندو. وڻ
ايترا وڏا ٿي ويا هوندا، جو پيادي فوج ۽ گهوڙيسوار
جيڪڏهن گهوڙن تان لهي بيهن ته کين ڪير ڏسي ڪو نه
سگهي.
منهنجي خيال ۾ ٻنهي فوجي وانڍين جي بيهڪ هن ريت ٿي
سگهي ٿي (273). سڪندر پنهنجي پنجاهه هزار فوج سان
جنهن ۾ ٽيڪسيلا جي راجا موفس
(Mophis)
جي پنج هزار لشڪر به شامل هو، جهلم جي ڪٺار سان
وانڍ هنئي هئي. جنهن جي پکيڙ ڇهه ميل کن هئي. گمان
آهي ته اها جلال پور کان ٻه ميل اتر-اوڀر شاهه
ڪبير جي ماڳن وٽان شروع ٿي هئي ۽ جلال پور کان چار
ميل هيٺ اولهه، ڏکڻ. اولهه سعيد پور تائين هلي وئي
هوندي. فوجي صدر مقام جلال پور ۾ هوندو. ٻنهي پاسي
راجا پورس به پنهنجي فوج وٺي اچي محبت پور ۾ ترسيو
هوندو، جيڪو مونگ کان چار ميل اولهه، ڏکڻ-اولهه ۽
جلال پور کان ٽي ميل ڏکڻ-اوڀر طرف هو. سندس فوج ۾
به پنجاهه هزار کن ماڻهو، هاٿي سوار ۽ تير انداز ۽
رٿن وارا هوندا. سندس فوجي وانڍ جي پکيڙ به ايتري
هوندي، جيتري سڪندر جي فوجي وانڍ جي هئي. تنهن ڪري
چئي سگهجي ٿو ته اها محبت پور واري جاءِ کان ٻه
ميل مٿي ۽ چار ميل هيٺ تائين پکڙيل هوندي. فوجي
وانڍين جي انهيءَ جوڙجڪ موجب سڪندر جي فوجي وانڍ
جو کاٻو پاسو ڪوٽيڙا واري ڌرتيءَ جي چک کان ڇهه
ميل پري هوندو، جيڪا وڻ سان ڍڪيل ٻڌائي وڃي ٿي.
جتان سڪندر چاهيون پئي ته اهڙيءَ ريت درياه اڪري
وڃي جو پرس جي جونءَ کي به پتو نه پوي. پورس جي
فوجي وانڍ جو ساڄو پاسو مونگ کان ٻه ۽ پار ڪوٽيڙا
جي ماڳ کان ڇهه ميل پري هوندو.
هتي منهنجو مقصد نڪتن ۾ ڪو نضاد ٻڌائڻ نه پر سڪندر
۽ پورس جي وچ ۾ لڳل جنگ جو ميدان ڳولڻ آهي. ان
نقطه نگاه کان سڪندر جي لکيل خطن جو حوالو ڏئي
رهيو آهيان، جنهن کي پلوٽارڪ پنهنجي ڪتاب ۾ نقل
ڪيو آهي: ”هن رات جي اونداهين طوفان جو پورو فائدو
ورتو. هو پنهنجي چونڊ گهوڙيسوارن ۽ پيادل فوج کي
ساڻ ڪري، هڪ ٻيٽ ۾ وڃي ترسيو جيڪو راجاپورس جي فوج
کان ڪجهه فاصلي تي هو. هو ان ٻيٽ تي ٽڪيل هو جو
کيس ۽ سندس فوج کي اچي طوفان واريو. مينهن ڏاڍو،
کنوڻين ۽ گوڙين جون گجڪارون هيون. پر هن ۽ سندس
فوج ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي. ڇاتيءَ جيڏو پاڻي جهاڳي
سلامتيءَ سان وڃي پار پهتا. پلوٽارڪ جو (482) انهن
خطن موجب بيان آهي ته جڏهن هو درياه جي ٻئي ڪناري
تي پهتا ته سڪندر پنهنجو گهوڙيسوار دستو وٺي اڳتي
نڪري ويو. ساڻس گڏ پيادل فوج جوحصو هو، جيڪو ويهه
اسٽاڊيا پوئتي هو. سڪندر جو خيال هو ته جيڪڏهن
دشمن جي گهوڙيسوار فوج حملو ڪيو ته هو کانئن ڏاڍو
آهي. جيڪڏهن دشمن جي پيادل فوج حملو ڪيو تيستائين
سندس پيادل فوج به مقابلي لاءِ پهچي ويندي.“ ائرين
(275) جي بيان کان پتو پوي ٿو ته جڏهن سڪندر ۽
سندس فوج ٻيٽ کان پاڻي جهاڳي ٻئي ڪناري ڏانهن اچي
رهي هئي ته راجا پورس جي جاسوسن کي پتو پئجي ويو،
جيڪي راجا پورس کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ وٺي ڊوڙيا. سڪندر
جڏهن پنهنجا ماڻهن سان ڏکيو سکيو ڪناري لڳو ته
هڪدم ڇهه هزار پيادل ۽ ڏهه هزار گوڙيسوارن جي صف
بندي ڪيائين. پوءِ سڪندر پنج هزار گوڙيسوار ساڻ
ڪري اڳتي وڌيو، باقي پيادن ۽ گهوڙيسوارن کي چيائين
ته آرام سان سندس ڪڍ هلندا اچن پر صفبندي هر صورت
۾ برقرار رهي. ٻئي پاسي کان پورس پنهنجي پٽ کي ٻه
هزار گهوڙيسوار ۽ هڪ سو ويهه رٿ ڏئي سڪندر سان
مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ روانو ڪيو. ٻئي فوجون ان جاءِ
کان ويهه اسٽاڊيا يا 1/42
ميل پري اچي هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون، جتان سڪندر
درياه اڪريو هو. اها جاءِ مونگ کان ٻه ميل
اتر-اوڀر طرف هئي. زمين آلي ۽ گپ هئي، ان ڪري رٿ
تي بيڪار ثابت ٿيا ۽ گهڻو ڪري سڀئي دشمن جي قبضي ۾
اچي ويا. مقابلو ضرور تيز ٿيو هوندو. راجا پورس جي
پٽ سڪندر جي گهوڙي بيوڪي فالس کي سخت زخمي ڪري
وڌو، پر پاڻ به پنهنجي چئن سون جوانن سميت مارجي
ويو. جڏهن راجا پورس کي سندس پٽ جي مارجي وڃڻ جو
پتو پيو ته هڪدم فوج وٺي اچي سڪندر جي سامهون ٿيو.
فوج جو وڏو حصو ساڻس گڏ هو. پر جڏهن هو ان ميدان
تي پهتو جتي ڌرتي آلي، پوسل ۽ گپ ڪانه هئي ۽
سمجهائين ته جنگ ۾ رٿ چڱيءَ ريت ڪم ڏئي سگهندا ته
پنهنجيءَ فوج کي بيهڻ جو حڪم ڏنائين ۽ لشڪر جي
صفبندي ڪري جهيڙڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. ٻه سو جنگي
رٿ به آڻي پيادل فوج جي آڏو بيهاريا ويا هئا، ٻنهي
جي وچ ۾ هڪ سو فوٽ جيتري وٿي ڇڏي وئي هئي،
گهوڙيسوار دستن کي پاسن کان بيهاريو ويو هو. جڏهن
فوج کي هن ترتيب سان بيهاربو ته ان جو منهن
اوڀر-اتر هوندو ۽ درياء جي ڪناري کان وڍي لکنا
والي
(Lakna
wali)
تائين پورا چار ميل لشڪر پکڙيل هوندو. امڪان آهي
ته ان فوجي ميدان جو وچ ان جاءِ تي هوندو. جتي
هاڻي مونگ جو شهر آباد آهي. هن ماڳ جي اوسي پاسي
زمين پڪي
(Sound)
آهي، پر اتر-اوڀر پاسي جتي راجا پورس جي پٽ ۽
سڪندر جي وچ ۾ مقابلو ٿيو هو، اتي پٽ اهڙو هو جو
مينهن وسڻ کان پوءِ ترڪڻ ٿيپئي هئي (6/21).
جڏهن سڪندر اعظم ڏٺو ته راجا پورس جي فوج پڙ ۾
صفبندي ڪري بيٺي آهي ته هو پٺيان ايندڙ پيادل فوج
جي اوسيئڙي ڪرڻ ۽دشمن جي فوجي ترتيب جي جاسوسي ڪرڻ
لاءِ اتي بيهي ويو. جيئن ته هو گهوڙيسوار فوجي
دستن جي نقطه نگاهه سان راجا پورس کان وڌيڪ سگهارو
هو، تنهن ڪري هن سوچيو ته کيس دشمن فوج جي قلب تي
حملو نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اتي هاٿي- فوج جا
خوخوار دستا متعين ڪيا ويا هئا، جن کي بي شمار
پيادل فوج جي واهر هئي، تنهن ڪري پاسن تي هلان ڪري
دشمن لشڪر کي ڊانوان ڊول ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيائين.
سڪندراعظم ميسره جي پاڻ ڪمان ٿي ڪئي. هن حملو ڪري
دشمن فوج جي گهوڙيسوار دستن کي پوئتي هٽائي وڃي
هاٿي-سوار فوج جي صفن ۾ ڇڏيائين. هاٿي-سوار فوج
اڳتي وڌي، ٿوري وقت لاءِ سڪندر اعظم کي پيش قدمي
ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جڏهن راجا پورس ڏٺو ته دشمن
فوج جا گهوڙيسوار دستا تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي
رهيا آهن ته هن هاٿي سوار فوج کي سندن مقابلي لاءِ
اڳتي وڌڻ جو اشارو ڪيو. هي جانور نه ايڏا تيز
رفتار هئا، نه وري محفوط، تنهن ڪري هو دشمن
گهوڙيسوارن جي تيز رفتار پيش قدمي سان برميچي ڪو
نه سگهيا (288). ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هاٿي سخت
گهائجي ۽ گهٻرائجي وٺي پوئتي ڀڳا ۽ پنهنجا پراوا
لتاڙي ماري وڃي مٿي چڙهيا. راجا پورس جي
گهوڙيسوارن جو انگ گهڻو ڪو نه هو، تن جي چوڌاري
سڪندر جا گهوڙيسوار ڪڙو چاڙهي ويا ۽ گهڻو ڪري سڀئي
مارجي ويا، جيڪي بچيا سي پنهنجون مقرر جايون ڇڏي
صفون ٽوڙي ڀڄي هليا ويا. ان بابت ائرين (278) جو
بيان آهي ته : ”ڪرٽس ۽ ٻيا فوجي مهندار سڪندر جي
حڪم مطابق درياه پار بيٺل هئا، تن جڏهن ڏٺو ته
يوناني فوج جي سرسي ٿي آهي ته اهي به وهلو ڏئي
درياه پار ڪري اچي پنهنجي فوج سان جنگ ۾ شريڪ ٿيا.
تن به راجا پورس جي ڀاڄوڪڙ فوج جي ڪڍ سندن ڏاڍو
قتل عام ڪيو.“
مٿي ڏنل پوئين بيان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جنگ جو
ميدان سڪندر جي فوجي وانڍ کي ويجهو هو ۽ وانڍ ۾
ويٺل ماڻهو سارو جنگي ڏيک پنهنجي اکين سان ڏسي
رهيا هئا. مونگ جي اوسي پاسي وارو ميدان هن بيان
سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. سڪندر جي فوجي وانڍ جي
اوڀارئين پاسي شاه ڪبير وٽان جنگي ڪاروايون ڏسي
سگهجن ٿيون. اتان کان جنگي ميدان جو ويجهو پاسو ٻه
ميل کن پري ٿيندو. هيءَ هڪ مضبوط شاهدي آهي جنهن
جي آڌار تي پڪ سان چئي سگجي ٿو ته سڪندر جي فوجي
وانڍ جلال پور ڀرسان هئي. مان هن دلچسپ سوال بابت
بحث کي هتي ڇڏي ڏيان ٿو. پر يوناني تاريخ جا
پڙهندڙ به مسٽر گروٽي (279)
Grote
جيان سوچيندا هوندا ۽ سندن خيال ائين هوندا،
جهڙيءَ ريت جنرل ائبٽ
Gen.Abbot
لکيو آهي ته سڪندر پنهنجي فوجي
وانڍ جهلم وٽ هنئي هئي ۽ انهيءَ جا ڪي مناسب سبب
به آهن. مان هتي اوهان جو ڌيان هن نڪتي ڏانهن
ڇڪائڻ چاهيان ٿو ته هن جنهن پابرل
Pabral
ڳوٺ کي جنگ جي ميديان جو وچ سمجهيو آهي سو جهلم
کان چوڏهن ميلن کان گهٽ وٿيءَ تي ڪو نه آهي، تنهن
ڪري سڪندر جي فوجي وانڍ ۾ ويٺل ماڻهو جي نظر پوڻ
کان گهڻو پري آهي. مان هاڻي جنرل ائبٽ جو پنهنجو
حوالو ڏين چاهيان ٿو، جيئن هو پاڻ قبول ڪري ٿو
ته:”سکتر
Sukheter
نئن جو پيٽ وارياسو ۽ هڪ ميل کن ويڪرو آهي.
مينهوڳيءَ جي رُت ۾ اها وهي ويندي آهي ۽ اها واري
چورگپ
guch
sand
ٿي ويندي آهي تنهن ڪري جنگ لاءِ مناسب ميدان ڪو نه
رهندو آهي.“ اها نئن جنهن جو ذڪر هلي رهيو آهي سان
مذڪوره پاربل ڳوٺ ۽ راجا پورس جي فوجي وانڍ جي وچ
تي جهلم جي سامهون موجود آهي. تاريخي حوالن مان
اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته جنگ کان اڳئينءَ رات
طوفان سان گڏ برسات به پئي هئي تنهنڪري پوري پڪ
سان چئي سگهجي ٿو ته سکتر نئن جو پيٽ جنهن ۾
برساتي پاڻي وهي آيو هجي، سو جنگي ميدان ٿي ئي ڪو
نه ٿو سگهي. جادا
(Jada)
نئن جو به ساڳيو حال هوندو، جيڪا سکتر کان ٿورو
هيٺان جهلم درياء ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. اهي ٻئي نيون
پاڻيءَ وهڻ واري صورت ۾ سڪي حالت ۾ راجا پورس جي
فوج واسطي جنگي نقطه نگاهه کان هاڃيڪار آهن، ڇاڪاڻ
ته اهي فوجي رهگذر يا رٿن جي جنگي پرچر واسطي وڏي
رنڊڪ هيون مان هن ڳالهه کان بلڪل مطمئن آهيان ته
جنگي ميدان سکتر نئن کان پاسي ڪڏهن به ٿي ڪو نه ٿو
سگهي.
بکي ڦالا جي بيهڪ تي به اڃا بحث ڪيو اٿئون،
اسٽرئبو (280) جو بيان آهي ته بکي ڦالا درياء جي
اولاهين ڪٺار سان انهيـءَ جاءِ تي هو، جتان سڪندر
اعظم درياء اڪريو هو. پلوٽارڪ (281) چوي ٿو ته
هيءَ جاءِ جهلم درياءِ جي ويجهو آهي، جتي سڪندر
اعظم جو گهوڙو بڪي فالس دفن ڪيو ويو هو ائرين
(282) جو حوالو هن ريت آهي ته بڪي ڦالا يادگار
سڪندر اعظم جي گهوڙي بڪي فالس جي ياد ۾ سڪندر اعظم
جي فوجي وانڍ تعمير ڪئي وئي هئي. ڊايوڊورس، ڪرٽس ۽
جسٽين هن موضوع تي ڪو به فيصلو ڪري ڪونه سگهيا
آهن. پر سڀ هن ڳالهه تي متفق آهن ته اهو درياء پار
نڪايا واري پاسي هو. مون کي پڪ آهي ته اهو يادگار
جنگي ميدان ۾ تعمير ڪيو ويو هو. تاريخي حوالن
وسيلي ڪنهن حقيقت تائين پهچي سگهبو آهي. پر هن
موضوع تي تاريخي حوالا متضاد آهن، تنهنڪري آخري
نتيجي تي پهچڻ ممڪن ئي ڪو نه ٿو لڳي. جيڪڏهن اسان
اسٽرئبو ۽ ائرين جي نقطه نگاهه سان متفق ٿينداسون
ته بڪي ڦالا وارو ماڳ دلاور يا جلال پور ۾ ٿيندو.
ٻئي ماڳ مونگ واري جنگي ميدان کان هڪ جيتري پنڌ تي
آهن، جنهن کي آءُ بنا ڪنهن ٻڌتر جي يقين سان نڪايا
سمجهان ٿو. جيڪڏهن اسان انهن ٻنهي جاين کي هڪ ئي
نقشي تي ليڪنداسين جيڪو ممڪن بهٿي سگهي ٿو ته پوءِ
بڪي ڦالا لاءِ سڀني کان وڌيڪ مناسب ماڳ دلاور آهي.
ڇاڪاڻ ته ان ٿرڙ واري دڙي جي ماپ ۽ اوچائي به مونگ
واري دڙي جيتري آهي. مان اڳي به هن ڳالهه جو ڪٿي
ذڪر ڪري آيو آهيان ته جنهن ايراضيءَ ۾ دلاور واقع
آهي، ان علائقي کي بگياڙ يا بگيال سڏيو ويندو آهي،
امڪان آهي ته اهو بڪي ڦاليه جي بگڙيل ۽ مختصر صورت
هجي ۽ منجهانئس ڦ
Ph
جو اچار به حدف ڪيو ويو هجي. پر هيءَ ڳالهه ڌڪي
کان وڌيڪ ڪجهه به ڪانه آهي. مان هن موضوع تي هن
کان سواءِ ڪجهه به چئي ڪو نه سگهان ته جلال پور جو
قديم نالو پڪ سان گيرجڪ
Girjak
هو. دلاور لاءِ ڪجهه به چئي ڪو نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ
ته ادينگر
Udinagar
به ڀرپاسي جي ٽن ماڳن جو نالو آهي. سڪندر جي فوجي
وانڍ جي نقطه نظر کان جلال پور ۽ دلاور هڪ جهڙي
صورت حال رکن ٿيون، پر اهميت جي نقطه نگاهه کان
هڪ خاص نڪتو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي نظر ۾ رکي پڪ
سان چئي سگهجي ٿو ته اها جاءِ جلال پور آهي. جڏهن
اليگزينڊريا شهر جي پائي وجهندر اهميت جي نقطه
نگاه کان صورت حال تي سوچيو هوندو ته سندس نگاه هن
ماڳ تي ضرور پئي هوندي. مان سمجهان ٿو ته جلال پور
بڪي ڦالا شهر لاءِ مناسب ماڳ آهي.
نڪاياه يا مونگ
مونگ شهر جي جاگرافيائي بيهڪ جو بيان ته اڳيئي اچي
چڪو آهي. پر مان ان کي ورجائڻ چاهيان ٿو ته اهو
جلال پور کان ڇهه ميل اوڀر پاسي آهي. دلاور کان به
ساڳئي پنڌ تي ڏکڻ ڏس تي وسندڙ آهي. هن شهر جو نالو
مونگ
Mong
يا منگ
Mung
به اچاريو ويندو آهي. لکت ۾ ن غني جو اچار ڪو نه
ايندو آهي. چيو ويندو آهي ته هن شهر جو پايو راجا
موگا
Moga
يا مُوگا
Muga
وڌو هو. هن کي راجا سنکار
Sankhar
به سڏيو ويندو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو سڪار
Sakas
يا
Saca
جو راجا آهي. هن جي ڀاءٌ راما
Rama
رامپور شهر جو بنياد رکيو هو. جنهن کي هاڻي راسل
Rasal
ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو مونگ کان ڇهه ميل اتر-اوڀر
۽ دلاور جي بلڪل سامهون آهي. سندس ڀاڻيجي جو نالو
ڪام-ڪامراٿ
Kam
kamarath
هو، جيڪو گير جڪ يا جلال پور جو راجا هو. ڦٽي شهر
جو دڙو جنهن تي هاڻي مونگ آباد آهي، سو ڇهه سو فوٽ
ڊگهو، چار سو فوٽ ويڪرو ۽ پنجاه فوٽ اوچو آهي.
ماڻهو ڪيترائي ميل پري هوندو ته هيءُ دڙو ڏسبو
آهي. مونگ جي شهر ۾ هاڻير 975 گهر آهن. آدمشماري
پنج هزار کن اٿس، جيڪي گهڻو ڪري جاٽ آهن. قديم
زماني جا منجهس اڪيچار کوه آهن. منهنجي خيال ۾
انهن جو انگ پوڻا ٻه سو ٿيندو.
مان اڳيئي بيان ڪري آيو آهيان ته مونگ نڪايا شهر
جو ماڳ آهي، جيڪو سڪندر پورس سان ڪيل جنگ جي ميدان
تي اڏيو هو. هن نڪتي لاءِ شاهدي ايڏي تي مڪمل آهي،
جيتري هجڻ گهرجي. ان هوندي به مان اها صورت حال
سمجهائڻ گهران ٿو ته ڪيئن نڪايا ڦري مونگ بڻجي
وئي. اها روايت ته هيءُ شهر راجا موگا اڏايو هو،
سا هڪ حقيقت آهي ۽ مسٽر رابرٽ مطابق ٽيڪسيلا مان
اهڙي لکت به ملي آهي. موگا ۽ موئا
Moa
ساڳو نالو آهي، جيڪو سڪن تي موئا يا مائو
Maua
جي صورت ۾ ڏسجي ٿو ۽ اهڙا سڪا اڃان سوڌا مونگ واري
دڙي تان لڀندا آهن. هنن سڪن تي يوناني دور جي هڪ
طغرو
Monogram
ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ هي اکر
NIK
لکيل پيا ڀانئبا. منهنجي خيال ۾ هيءُ نڪايا نالي
جو اختصار آهي، جتي سڪا ضرب ڪيا ويندا هئا. جيڪڏهن
منهنجو هيءُ اندازو صحيح آهي ته پوءِ اهو صحيح
سمجهڻ گهرجي ته نڪايا موگا راجا جي راڄ جو برک ۽
مکيه شهر هو، تنهن ڪري هن شهر کي ڪا خاص اهميت
حاصل هوندي. روايتن مطابق هن شهر کي راجا موگا
ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته هن
شهر جو بنياد ان راجا رکيو هو، پر منهنجو اندازو
سري سان اڏاوت ڪئي هوندي يا ڪنهن پاسي کان وڌايو
هوندو يا ڪنهن ڊٿل پاسي جي مرمت ڪئي هوندي.
موگا-گراما
Moga-grama
نالي جي گهڻي استعمال سبب اهو موگائون
Mogoon
۽ نيٺ مونگ
Mong
بڻجي ويو هوندو. هند-سٿين گهراڻي جي سڀني راجائن
جا سڪا ججهي انگ ۾ مليا آهن. تنهن ڪري پڪ ٿئي ٿي
ته هيءُ شهر سڪندر جي زماني ۾ موجود هيو. مونگ جي
ماڳن تان ٽامي جا اهڙا سڪا به لڌا ويا آهن جن تي
ڪنهن به راجا جو نالو نظر ڪو نه ٿو اچي. اهي سڪا
به لڌا ويا آهن جن تي ڪنهن به راجا جو نظر ڪو نه
ٿو اچي. اهي سڪا ايڏا ته مشهور ٿي ويا آهن، جو
انهن کي مونگا-شاهي سڪا سڏيو ويندو آهي.
گجرات
گجرات جو شهر چناب درياه کان اولهه پاسي نو ميل
پري، جهلم کان لاهور ويندڙ رستي تي آباد آهي. هن
شهر جو قديم نالو هيرت
Hairat
هو ۽ هيرت ديس (283)
Hairatdes
جو مکيه شهر هوندو هو. چيو ويندو آهي ته هن شهر جو
بنياد سورج ونسي ڪُرِ جي هڪ راجا بچن پال
Bachan
pal
رکيو هو، جنهن بابت وڌيڪ ڪجهه به معلوم ڪو نه آهي.
هن شهر جو پويون نالو گجرات علي خان گوجر جي نالي
پٺيان پيو آهي. اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته سندس نالو
آلاکانا
Alakhana
گرجارا
Gurjjara
سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، جنهن کي سانگ ڪارا ورما
Sangkara varma
سن 883ع ۽ 901ع جي وچ ڌاران شڪست ڏني هئي. هن بعد
وري گوجرن گجرات کي 1300ع ۾ ڀيلي ڀينگ ڪيو جنهن جي
ٻيهر اڏاوت اڪبر دور ۾ 994هه يا 1588ع ۾ گوجرن ڪئي
هئي.
سڪالا يا سانگلا
سڪندر جي دور وارو سانگلا اهو شهر آهي،جنهن کي
برهمڻ سڪالا
Sakala
۽ ٻڌ سنگال سڏيندا هئا، پر جيڪڏهن چيني ياتري شين
سئنگ 630ع ۾ هتي نه اچي ها ته هن جي جاگرافيائي
بيهڪ جي ڄاڻ جي پڪ ڪانه پوي ها. ائرين ۽ ڪرٽس جو
بيان آهي ته هي شهر سانگلا، راوي کان اوڀر پار
آهي. پر شين سئنگ جي سفر واري رستي مطابق اهو ماڳ
راوي کان اولهه طرف آهي ۽ ان جي جاگرافيائي بيهڪ
موجوده سانگلا والاٽٻا
Sanglawala-Tiba
جهڙي آهي. مان هن ماڳ بابت پهرين ڄاڻ مغل بيگ جي
مخطوطي ۾ موجود هڪ نقشي وسيلي حاصل ڪئي، جنهن کي
ولفورڊ
Wilford
سن 1839ع ۾ ترتيب ڏنو هو. هن ماڳ جو ولفورڊ
”ايشياٽڪ ريسرچز (283) ۾ ٽي ڀيرا ذڪر ڪيو آهي. پر
هن بابت پيرائتو احوال 1854ع تائين ڪو نه ملي
سگهيو هو. ان زماني ۾ ڪرنل جي. هئملٽن
G.Hamilton
مذڪوره ماڳ ڏسي چڪو هو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪجهه
احوال مون کي به ڏنو هئائين. ڪئپٽن بلاگريو
Blagrave
به ان بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون، جيڪو سروي دوران
اهو ٿاڪ ڏسي چڪو هو. هن ٻڌايو ته سانگلا هڪ ٽڪري
آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي اڏاوتن جا ڪجهه نشان آهن.
ان جي هڪ پاسي کان هڪ جهرڻو آهي. جڏهن مون پنجاب
جو دورو ڪيو ته پاڻ به اهي ماڳ ڏوري وڃي ڏٺم. ڏسڻ
کان پوءِ مون کي پڪ ٿي آهي ته سچ پچ اها سڪندر
واري سانگلا آهي. پر سڪندر جي مورخن جيڪا هن ماڳ
جي جاگرافيائي بيهڪ ٻڌائي آهي، تنهن سان سهمت نه
آهي.
شين سئڱنگ جي ڏهاڙن ۾ هيءُ ماڳ شي-ڪي-لو
She-Kie-Lo
يا سڪالا ناس ٿي ويو هو. ان جي جاءِ تي علائقي جي
ٻئي شهر تسي-ڪيا
Tse-Kia
يا چيڪيا
Chekia
کي اهميت حاصل هئي، جنهن جي پڙهڻي ڌاڪا
Dhaka
يا تاڪا
Taka
ٿي سگهي ٿي. چيني ياتري هن نئين ماڳ کي 15 لي
Li
يا اڍائي ميل سڪالا کان اتر-اوڀر ٻڌائي ٿو. ان
ٻُڌايل دائري اندر ڪنهن به آڳاٽي ماڳ جا اهڃاڻ نظر
ڪو نه ٿا اچن، ڇاڪاڻ ته سڄو علائقو ميداني ۽ سنئون
پٽ آهي، پر ساڳي پاسي اڻويهين ميلن يا هڪ سو
پندرهن لي جي پنڌ تي، مون هڪ وڏي شهر جا ٿرڙ ڏٺا،
جنهن کي اسرور ٿي سڏيائون، جيڪو هن چيني ياتريءَ
جي بيان ڪيل نئين شهر نس-ڪيا سان سهمت آهي.
صورتحال ۾ ياتري جياچڻ ۽ وڃڻ واري فاصلي جي ماپ
مان صحيح اندازو ڪري سگهجي ٿو. اهو شهر سڪالا نهپر
پڪ سان بستي-ڪيا آهي. مذڪوره ياتري ڪشمير جي پونچ
مان راجاپورا
Rajapura
ڏانهن اسهيو هو، جيڪو ٽاڪرو علائقي ۾ هڪ ننڍڙو شهر
هو. جنهن کي هاڻي راجوڙي سڏيو ويندو آهي. تنهن کان
پوءِ هن ڏکڻ-اوڀر ڏس تي هڪ جبل مٿان سفر ڪيو ۽ هڪ
درياه چين-تا-لو پو-ڪيا
Chen-ta-lo-po-kia
يعني چندر ڀاگا جنهن کي هاڻي چناب ڪوٺيو ويندو
آهي، پار ڪري شي-بي-پوُ-لو-يا جياپورا
Jaya
pura
(ممڪن آهي حافظ آباد هجي) پهتو. رات اتي ٽڪيو ۽
ٻئي ڏينهن هو تسي- ڪيا پهتو. اهو سارو پنڌ سو لي
يا هڪ سو سورهن ميل هو. هن ياتريءَ جو سفر
ڏکڻ-اوڀر ڏس تي آهي، تنهن ڪري هو اچي راويءَ واري
اڀرندي علائقي ۾ پهتو هوندو. سندس هن پوئين پنڌ ۾
هڪ اهڙو ڄاتل سڃاتل ماڳ ڳولي ڪڍجي جنهن وسيلي غلطي
کي درست ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. منهنجي خيال ۾ اهو مقرر
ماڳ شي-لان-تو-لو
She-lan-to-lo
آهي، جيڪو جالنڌر
Jalandhara
جي نالي سان مشهور آهي، جنهن کي هيءُ ياتري
500+50+140 يا 150 لي پري ٻڌائي ٿو. اهو فاصلو
ملائي سلائي 690 ۽ 700 لي ٿئي ٿو. هيءُ ٻڌائي ٿو
ته هن اهوفاصلو ٽسي-ڪيا کان اوڀر طرف ڪيو هو. تنهن
ڪري هيءُ ماڳ راڄوڙي ۽ جلنڌر کان گهٽ وڌ هڪ جيتري
پنڌ تي واقع هو. جيڪڏهن نقشي تي هڪ سڌي ليڪ ڪڍبي
ته اسرور ٻنهي ماڳن کان هڪ جيتري پنڌ تي ڏسڻ ۾
ايندو. هن کان سواءِ هيءُ هڪ پراڻو ۽ ڪافي
ايراضيءَ تي پکڙيل شهر هو. مون کي پڪ آهي ته اهو
شهر اسرور آهي، جنهن کي شين سئنگ ٽسي-ڪيا ڪري لکيو
آهي.
هن چيني ياتريءَ سن 630ع ۾ سڪالا شهر جون ڀتيون
ڪريل ڀڙڀانگ ٿيل ڏٺيون پر انهن جا پيڙهين وارا ٺنڊ
اڃان به بيٺا هئا، جنهن مان هن پتو لڳايو ته شهر
ويهه لي يا ساڍا ٽي ميل موڪرو هو. کنڊرن جي وچ تي
قديم شهر جو هڪ ٿورو حصو هو، جنهن ۾ ماڻهو رهندا
هئا. ان جي پکيڙ 6 يا7 لي هئي، جيڪا اٽڪل هڪ ميل
جي برابر ٿيندي. شهر ۾ هڪ مڙهي هئي، جنهن ۾ هڪ سو
کن ٻڌ ڀڪشو رهندا هئا. جيڪي اتي ٻڌ ڌرم سان
لاڳاپيل هنايانا جي تعليم حاصل ڪندا هئا، جنهن جو
مقصد هو تهٻڌ ڌرم کي عام فهم مذهب ڪيئن بڻائجي. هن
کان ٻه سو فوٽ اتاهون هڪ اسٽوپا به هو، جنهن ۾
اندر اڳئين زماني جي ڪن چئن مشهور ٻڌ فقيرن جي
پيرن جا نشان سانڍيل هئا. اتر-اولهه پاسي 5 يا6 لي
پري (جيڪو ميل کپان گهٽ فاصلو ٿيندو) هڪ ٻيو
اسٽوپا به موجود هو، جنهن جي اوچائي به ٻه سو فوٽ
هئي. هي اسٽوپا راجا اشوڪ جاءِ تي ٺهرايو هو، جتي
ڪنهن زماني ۾ چار ٻڌ فقير ٻڌ ڌرم بابت ماڻهن کي
سمجهائيندا هئا.
سانگلا والا، هڪ ننڍڙي ٽڪري آهي، ان جي بيهڪ اهڙي
آهي جو ڪنهن ٽڪنڊي جا ٻه پاسا پيا ڏسڻ ۾ انيدا.
سندس ٽيون ڏکڻ اوڀر وارو پاسو لکيل آهي.ا تر پاسي
کان 215 وفوٽ ۽ اتر-اولهه کان 160 فوٽ اوچائي اٿس.
اندريون پاسو ڏکڻ-اوڀر ڏانهن هوريان هوريان
لهنوارو ٿيندو 32 فوٽن جي اوچائي تي پهچي، هڪدم
بيهي وڃي ٿو. ڪنهن زماني ٽڪريءَ جي ان ڪناري سان
سرن جي ٺهيل ڀت هوندي هئي، جنهن جا اهڃاڻ مون کي
فقط اوڀارئين ڇيڙي وٽ لڳا، جتي اها ڀت ٽڪري جي
اوچي حصي سان ملايل ٿي ڏسڻ ۾ آئي. سڄي ايراضي
سروٽن سان ڇانئي پئي آهي. جتي مون کي ٻن همچورس
پيڙهين جا نشان به ڏسڻ ۾ آيا. سرون وڏي ڪارب جون
هيون، سندس ماپ 3+9+15 هئي، گذريل 15 سالنجي ڪي
شاهينگ اهي سرون ججهي انداز ۾ ڍوئي کڻي ويا آهن.
اهڙيون 4000 سرون 6 ميل اتر هڪ وڏي ڳوٺ ماره
Marh
ڏانهن ماڻهو ڍوئي ويا. ايتريون مٿي ٽڪريءَ تي کڻي
وڃي سروي ڪرڻ لاءِ هڪ منارو ٺاهيائون. تري ۾
ٽڪريءَ جو هر پاسو 1700 يا 1800 فوٽ ۽ ڪل پکيڙ هڪ
ميلکن ٿيندي. اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي کان پاڻيءَ جي هڪ
وڏي ڇر ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪا اڌ ميل ڊگهي ۽ چوٿائي
ميل ويڪري آهي. گرمين ۾ سڪي ويندي آهي. مينهوڳيءَ
جي رُت ۾ 3 فوٽ پاڻي بيهي ويندو اٿس. سڪندر جي
زماني ۾ هتي گهڻو پاڻي بيهندو هوندو ۽ وڌيڪ صاف ۽
شفاف هوندو. هاڻي هن ترائيءَ جو ترو ٽڪرين مٿان
لهي ايندڙ لٽ ڪري ڀرجي ويو آهي، ان ٻن وڏين جڳهن
جا نشان ڏسڻ ۾ آيا، جتي مون کي وڏي ماپ 3+11+2/171
انچ جون سرون نظر آيون، ڀرسان ئي قديم زماني جو هڪ
کوهه آهي. جنهن کي ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن سانگي قبيلي
صاف ڪيو ٿوڀائنجي. اتر-اولهه پاسي اٽڪل هڪ هزار
فوٽ پري هڪ ننڍي ٽڪري آهي، جنهن کي منڊا-ڪا-پورا،
Munda-ka-pura
سڏيو ويندو آهي، جيڪا 25 يا 30 فوٽ اوچي ۽ 500 فوٽ
کن ڊگهي ٿيندي. مٿانئس پڪين سرن جي جڳهن جا نشان
ملن ٿا. پوڻا ٻه ميل کن ڏکڻ پاسي ٽي ٻيون ٽڪريون
آهن، جن کي ارنا
Arna
۽ ننڍي سانگلا سڏيو ويندو آهي اهي ٽڪريون چناب جي
اولهه پاسي، چنيوٽ ۽ ڪارنا
Karana
جي ٽڪرين جيان رنگ جون ڪار سريون آهن. منجهن لوهه
گهڻو آهي، پر ٻارڻ نه هجڻ ڪري انهن کي ڪم آڻي ڪو
نه ٿو سگهجي. هتي جي لوهه جي پيداوار جو ذڪر شين
سئنگ به ڪيو آهي. |