راجڌانيءَ جي جاگرافيئي بيهڪ کي مقرر ڪرڻ ڏکيو
آهي. ڪنجيورم کان 500 ميل جيڪڏهن 3000 لي بدران
1300 لي يا 217 ميل پڙهنداسين ته پوءِ طرف ۽ پنڌ
مدور جي قديم شهر سان ٺهڪي بيهي ٿو، جيڪو ٽالمي جي
زماني ۾ هن اپٻيٽ جي راجڌاني هوندو هو. ٿي سگهي ٿو
ته شين سئنگ واري زماني ۾ هن علائقي جي راجڌاني
ڪولم
Kaulam
(قولن
Quilon)
هجي پر ياتريءَ جو بيان هن ماڳ جي طرف ۽ پنڌ سان
سهمت ڪو نه آهي، ڇاڪاڻ ته مذڪوره ماڳ ڪنجيورم کان
400 ميل پري ڪو نه ٿيندو. راجڌانيءَ جي اتر اوڀر
پاسي چرترپور
Charitra Pura
نالي هڪ شهر هوندو هو جتان سري لنڪا لاءِ ماڻهو
ٻيڙين تي چڙهندا هئا، پر جيڪو مدور راجڌاني هوندو
ته بندر وارو شهر چرتر پور بدران نيگپٽم
Negapataam
هوندو، جيڪڏهن ڪول راجڌاني هوندو ته پوءِ بندر
وارو شهر رام ناد
Ram nad
کان سواءِ ٻيو شهر ڪو نه ٿو ٿي سگهي. هن شهر وٽان
سري لنڪا 3000 لي يا 500 ميل ڏکڻ-اوڀر طرف هو.
شين سئنگ جي آتم ڪهاڻي جي لکڻهار موجب (819) هي
چيني ياتري ملڪوت ڏانهن ويو ئي ڪو نه هو. هن
پنهنعجو بيان ڪنين ٻڌي ڳالهه موجب لکيو آهي ۽ 3000
لي وارو فاصلو به دراويڪ جي سرحدن کان سمجهڻ
گهرجي. ملڪوت جي راجڌاني کي اڃا به ڏکڻ ڏس تي
ڏيکارڻ ڳالهه کي وڌيڪ منجهائڻ جي برابر ٿيندو. هن
گس بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي (820) سي-
يو-ڪي لاءِ لکيو آهي ته اهو ماڳ 300 بدران رڳو 300
لي پري آهي ۽ اهو پنڌ سندس تصنيف ممايرس آف شين
سئنگ ۾ ڏنل فاصلي جي بلڪل برابر آهي. جيڪڏهن مٿي
ڏنل انگن اکرن ۾ ڇاپي جي غلطي نه آهي ته پوءِ انهن
مختلف پڙهڻين مان ائين ڀائنجي ٿو ته سندس فاصلي ۾
به پوري ڪانه آهي ۽ نه وري هلڻ واريءَ جاءِ بابت
ڪو ويساه جوڳي ڄاڻ آهي. تنهن ڪري مان هن خيال جو
آهيان ته ممايرس ۽ ياتريءَ جي آتم ڪهاڻيءَ بابت
لکيل ڪتابن ۾ دراويد جي سرحدن کان اصلي فاصلو 300
لي يا 50 ميل ڏنل آهي جيڪو آخر ۾ بيان ڪيل ڪتاب جي
بيان موجب 50 ميل ڏنل آهي ۽ مٿي بيان ڪيل 3000 لي
يا 217 ميل فاصلو دراويد جي راجڌاني کان سمجهڻ
کپي، جيڪو مٿي بيان ڪيل پهرين نالي واري ڪتاب م
موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻنهي ڳالهين جي نقطه نگاهه
کان ملڪوت جي راجڌاني مدور
Madura
۾ ئي متعين ڪري سگهجي ٿي، جنهن ڏکڻ هندستان جي
سڀني شهرن ۾ هميشه مکيه جاءِ والاري آهي.
ابوريحان ۽ سندس اتاري ڪرڻ واري رشيدالدين جي خيال
موجب ماليه
Malya
۽ ڪوتل (ڪونڪ
Kunaka)
ٻه جدا علائقا آهن ۽ آخر ۾ بيان ڪيل علائقو پهرئين
جي ڏکڻ پاسي ۾ واقع آهي، جيڪو هندستان جو سڀ کان
ڏاکڻيون علائقو چئي سگهجي ٿو. تنهن ڪري امڪان هن
ڳالهه جو آهي ته ملڪوت هڪ مرڪب نالو آهي جنهن کي
ٻن ڀر وارن علائقن جي نالن کي گڏي جوڙيو ويو آهي.
اهڙيءَ ريت ماليه پانڊيه
Pandya
وارو علائقو آهي، جنهن جي راجڌاني مدور آهي ۽ ڪوت
Kuta
يا ڪوتل
Kutal
ٽراونڪور کي سمجهڻ گهرجي، جنهن جي راجڌاني ڪوچين
آهي. ٽالمي هن ماڳ کي ڪوٽيار
kottiara
ڪري لکيو آهي.
شين سئنگ چولا بابت پنهنجو بيان قلمبند ڪو نه ڪيو
آهي تنهن سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته سندس اچڻ واري
سمي چولاديس
Chola desa
يا چيراس
Chiras
وڏي ملڪ ۾ شامل هوندو پر ٽالميءَ ان جي پوريءَ ريت
بيان ڪيو آهي. سندس بيان ۾ ايندڙ لفظ آرٿيورا
ريجيا سورنتي
Arthura regia soranti
اوريئر
Oriur
ڏانهن اشارو آهي جيڪو سورنجاءِ
Sornagae
جي راجا سورناٿ
Sornatha
جي راجڌاني هوندو هو. جنهن کي سور، چور يا چول به
سڏيو ويندو هو. مذڪوره ماڳ اوريئر ٽرچناپلي
Trichanapoli
کان ڪجهه پنڌ تي ڏکڻ-ڏکڻ-اوڀر پاسي واقع آهي.
سورنجاءِ وارو ماڳ به گهڻو ڪري ته پلينيءَ جو بيان
ڪيل سئريني
Syrieni
وارو ماڳ آهي. هيءُ علائقو پانڊاءِ
Pandae
۽ دراوڙن واري علائقي درنجاءِ
Deranjae
جي وچ تي سامونڊي علائقي سان آهي، جتي ٽي سؤ شهر
آباد آهن.
ايم جولين جي بيان موجب (821) مليڪوت واري علائقي
کي ڪنهن زماني ۾ چي-مو-لو
Chi-Mo-Lo
به سڏيو ويندو هو. منهنجي خيال ۾ جنهن جي صحيح
پڙهڻي جهي-مو-روJhi-Mo-Ro
هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن نالي جو ٻيو پد چي-چي-تو
يا ججهوتي
Jajhoti
جهڙو آهي. منهنجي راءِ آهي ته جهمورا اهو علائقو
آهي جنهن کي اسٽرئبو، ٽالمي ۽ ائرين لموريڪي
Limurike
ڪري لکيو آهي. پينٽيجيرين ٽيبلس
Pentingerrian Tables
۽ ڊئمرسDamirace
به هن ساڳئي نالي کي ليموريڪي جي هجي سان قلمبند
ڪيو آهي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهو ساڳيو نالو
پليني واري چرماءِ
Charmae
ڪري لکيو آهي جنهن جو مفهوم آهي ته اهي ماڻهو جيڪي
پانڊاءِ کان مٿئين پاسي سامونڊي ڪناري سان آباد
هجن.
چين-جپان واري هندستاني نقشي ۾ مليڪوت جو ٻيو نالو
هاءِ-ائن-نين
Hai-An-Nien
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جو ڪجهه لاڳاپو ٽالمي جي لکيل
نالي ايوءِ
Aioi
سان به ٿي سگهي ٿو.
ڪونڪن
Konkana
مليڪوت جي ياترا کانپوءِ شين سئنگ دراويد موٽي آيو
هو. ان کان پوءِ اتر-اولهه طرف 200 لي يا 333 ميل
سفر ڪري ڪونگ-ڪين-نا-پولا
Kong-Kien-Na-Pula
يا ڪون ڪنپور (832) پهتو هو. طرف ۽ فاصلو ٻئي
انگنڊي
Annagundi
جي ٿاڪ سان هڪجهڙائي رکن ٿا جيڪو مسلمانن جي حملي
کان اڳ هن قديم علائقي جي راجڌاني ۽ ٽونگا ڀادر
Tunga bhadra
جي اترئين ڪناري سان آباد هوندو هو. ايم ووين ڊي
سئنٽ مارٽن اشارو ڏنو آهي ته هن ماڳ جو نالو
بنواسي
banawasi
آهي، جنهن کي ٽالمي بنيائوسي
Manousi
ڪري لکيو آهي، پر هن ڪري فاصلو تمام گهڻو ٿي وڃي
ٿو ۽ ان کان پوءِ مهاراشٽريه جي راجڌاني جو طرف
ياتريءَ جي ٻڌايل اتر-اولهه بدران سر اتر وڃي بيهي
ٿو. انگنڊيءَ وارو ماڳ گهڻو آڳاٽو آهي ۽ نديءَ جي
ڏاکڻين ڪناري تي واقع موجوده راجڌاني وجينگر
Vijayanegar
کان پهريائين يادؤ
Yadava
گهراڻي جي راجائن جي راجڌاني پئي رهندو آيو هو.
(823)
هئملٽن جو بيان آهي ته هتان جي ماڻهن جي چوڻي موجب
ڪونڪن جو علائقو گهڻو ويڪرو ۽ وڏو آهي جيڪو الهندي
گهاٽن
Weoternghats
کان اڀرندي پاسي واقع آهي. مذڪوره علائقي جي مٿين
پکيڙ ابوريحان جي بيان ڪيل دنڪ
Danaka
علائقي جي آهي ۽ ڳڻڻ ۾ ڪونڪن جي انهن پٽن سان
هڪجهڙائي رکي ٿو، جيڪي گهاٽن کان مٿان سنوان سڌا
ميدان آهن. شين سئنگ جي زماني ۾ به انهن علائقن کي
ساڳي نالي سان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس بيان
موجب ان علائقي جو گهيرو 5000 لي کان 833 ميل آهي.
جيڪڏهن هن علائقي کي گهاٽن ۽ سمنڊ جي وچ واري
ننڍڙي ايراضي سمجهبو ته ان علائقي ۾ رڳو بمبئي کان
وٺي منگلور
Mangalur
جي وچ واري ايراضي اچي ويندي پر ستين صديءَ دوران
هي علائقو مهاراشٽريه جي چالڪيه
Chalukya
گهراڻي جي راڄ ۾ شامل هوندو هو پر جيڪڏهن چيني
ياتريءَ جي بيان کي صحيح سمجهيو وڃي ته پوءِ ڪونڪن
جو ملڪ الهندي گهاٽن کان گهڻو اڳتي پکڙيل هوندو.
ان علائقي جي سرحدن جو واضح نموني بيان نظر ڪو نه
ايندو پر جيئن ته ان جي ڏکڻ پاسي دراويد، اوڀر ۾
ڌنڪڪت، اتر ۾ مهاراشٽريه ۽ اولهه ۾ سمنڊ هو تنهن
ڪري چئي سگهجي ٿو ته ونگورلا
Vingorla
کان بيدنور
Bednur
ڀرسان ڪنڊپور تائين ساري سامونڊي علائقي سان پکڙيل
هو. ٻئي پاسي خشڪيءَ واري پاسي کان ڪل برگ
Kul Barga
جي اوسي پاسي کان وٺي مدگيري
Madgiri
جي قديم قلعي تائين وسيع هوندو. مذڪوره ايراضيءَ
جي پکيڙ 800 ميلن جي برابر بيهي ٿي. هي قديم
ڪاڊميا گهراڻي جي راجائن جو ملڪ هو، جنهن لاءِ چيو
ويندو آهي ته چالڪيه گهراڻي جي راجائن سان گهني
وقت تائين وير رکندو آيو. هئملٽن جو بيان آهي ته
هن ملڪ جي نالي جو اچار ڪوڪن
Kokan
آهي ۽ ڏيهي ماڻهو هن ملڪ جي نالي کي هن اچار سان
ڪوٺيندا آهن. هن نالي مان پليني جي بيان ڪيل
ڪڪنداءِ
Cocondae
قبيلي جي ماڻهن بابت ڄاڻ ملي ٿي جيڪي ڏکڻ هندستان
۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي وچ تي رهندا هئا.
مهاراشٽريه
ڪونڪن کان پوءِ چيني ياتري اتر-اولهه 2400 کان
2500 لي يا 400 ميلن کان وڌيڪ سفر ڪري مو-هو-لا-چا
Mo-Ho-La-Cha
پهتو. مذڪوره علائقي جي راجڌاني جو گهيرو 30 لي يا
5 ميل هو ۽ هڪ وڏي نديءَ جي اولهه ڪناري سان آباد
هئي. (824) سندس هن بيان منجهان ئي سولائي سان
انومان ڪري سگهجي ٿو ته ستين صديءَ ۾ پئٿن
Paithan
يا پرتش ٿان
Protish thana
مهاراشٽريه جي راجڌاني هو جيڪو گوداوري نديءَ جي
ڪناري آباد هوندو هو. ٽالمي هن شهر جو نالو بئٽن
Baittana
ڪري لکيو آهي ۽ پيري پيلس جي مصنف پليٿان
Plithana
لکيو آهي جنهن کي صحيح پئٿن ڪري پڙهي سگهجي ٿو. پر
ان کان پوءِ سندس بيان آهي ته جيڪڏهن 1000 لي يا
167 ميل الهندي اهل يا اتر-اولهه پنڌ ڪبو ته ڀڙوچ
پهچي وڃبو. سندس بيان ڪيل فاصلو ٿورو آهي. (825)
پئٿن ۽ پڙوچ وچ ۾ اصلي فاصلو ڪنهن به حالت ۾ 250
ميلن کان گهٽ ڪو نه ٿيندو. ايم ووين ڊي سئنٽ مارٽن
جو خيال آهي ته مذڪوره جاگرافيائي بيهڪ سان
ديوگيريءَ جو ماڳ وڌيڪ سهمت رکي ٿو. هتي وري خامي
اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ديوگيري ڪنهن درياهه جي ڪناري
سان آباد نه آهي ۽ اتان کان ڀڙوچ جو فاصلو 200 ميل
ٿيندو. پر مان هن خيال جو آهيان ته مٿي ڏيکاريل
ماڳ ڪلياڻي
Kalyani
سان وڌيڪ هڪجهڙائي رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر
آهي ته هيءُ ماڳ چالڪيه گهراڻي جي راجائن جي قديم
راجڌاني به رهندو آيو هو. هن ٿاڪ جي جاگرافيائي
بيهڪ شين سئنگ جي بيان ڪيل فاصلي مطابق آهي، ڇاڪاڻ
ته انگنڊي کان 400 ميل اتر-اولهه طرف ۽ ڀڙوچ کان
180 يا 190 ميل ڏکڻ ڏس تي واقع آهي، ان کان علاوه
شهر جي اولهه پاسي کان ڪئلاس
Kailas
ندي وهندي آهي، جيڪا هن ماڳ وٽ هڪ وڏي نديءَ جو
ڏيک ڏيندي آهي. ڇهينءَ صديءَ ۾ ڪوسمس انڊيڪو فليٽس
Kosmos Indiako phleustes
جو صدر مقام هو، جنهن کي ڪلياڻي
Kalliani
سڏيو ويندو هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ عيسائي پادرين
جو صدر مقام به هو. هن کي ڪلياڻ به سڏيو ويندو هو.
ٻي صديءَ جي پيري پيلس جي مصنف ڪلين
Kallina
لکيو آهي، جيڪو سارگان
Saragans
جي وڏن جو واپاري مرڪز هو. ڪانهري واري گفائن ۾
ڪلياڻ
Kaliyana
جو نالو گهڻو لکيل ڏسجي ٿو جنهن جو پهرين ۽ ٻين
عيسوي صديءَ سان واسطو آهي.
هن ملڪ جي اوڀارئين دنگ کان هڪ جبل ڏسڻ ۾ ايندو
جنهن جو چوٽيون ڏاڪن وانگر هڪ ٻئي مٿان اتاهيون
ڏسڻ ۾ اينديون ۽ سندن مٿاڇرا سنوان سڌا نظر ايندا.
قديم دور ۾ آچار
Achar
نالي هڪ ارهت هن جبل کي ٿورو کوٽي ٻن ٽن ڪوٺڙين تي
مشتمل هڪ مڙهي جوڙي ورتي هئي، جنهن جي مُهاڙي ٻه
ماڙ هئي ۽ سامهون سومبري
Sombre
ماٿريءَ جو نظارو پيو ڏسبو هو. هن اڏاوت سان گڏ هڪ
وهار به هوندو هو، جنهن جي اوچائي سئو فوٽ هئي.
مذڪوره مڙهي جي وچ تي مهاتما گوتم جو بت رکيل
هوندو هو، جنهن جي ڊيگهه 70 فوٽ هئي، جيڪو پٿر جي
ستن هوا ۾ بيٺل داٻڙين تي رکيل هوندو هو اهو بت
ظاهر ۾ بنا ڪنهن ٽيڪ جي بيٺل نظر ايندو هو. وهار
جي اڌاوت چوڌارين خانن يا ٻارين ۾ ورهايل هئي ۽
هرهڪ ٻاريءَ ۾ مهاتما جي حياتيءَ سان لاڳاپيل اهم
واقن جي اڪير ٿيل هئي. مڙهيءَ جي اتر ۽ ڏکڻ وارون
ڦاٽڪن وٽ پٿر جا هاٿي نظر ايندا هئا. اتان جي
ماڻهن جي عقيدي موجب ڪهن ڪڏهن اهي هاٿي ايڏيون ته
زور سان چنگهاڙون ڪندا هئا، جو ڌرتي ڌي پوندي هئي.
ان ٽڪريءَ جو بيان ايڏو ته منجھيل آهي جو سڃاڻي
ڪانه ٿي سگهجي ٿي ته ان ٽڪريءَ جي جاگرافيائيءَ
بيهڪ ڪٿي هجڻ کپي؟ جيڪڏهن اوڀر وارو طرف صحيح آهي
ته پوءِ اها اجنتي
Ajayanti
واري ٽڪري ممڪن ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هن ٽڪريءَ
جون چوٽيون ياتريءَ جي بيان مطابق هموار ڪونه آهن
جهڙيءَ ريت الورا
Elura
جون آهن. پر هتي هڪ واضع ڳالهه جو فرق نظر اچي ٿو
سو اهو آهي ته مذڪوره اڏاوت ٻڌن جو وهار نه بلڪ
هندن جو مندر آهي. الورا جي اندر سڀا لڳ اڱڻ ۾ پٿر
جو هاٿي نظر ايندو. پر ياتريءَ جو بيان آهي ته پر
جو هاٿي مڙهيءَ جي ڦاٽڪ وٽ ٻاهران هو. مهاتما گوتم
جي حياتيءَ سان لاڳاپيل اهم واقعن جي اڪير ٻڌڌرم
سان واسطو رکندڙ گهڻو ڪري هر پٿر تي ڏسڻ ۾ ايندي.
تهن ڪري اهڙي اڪير مڙهي سڃاڻن ۾ اسان جي سهائتا
ڪري ڪانه ٿي سگهي. هن بابت چيني ياتريءَ جو بيان
اڻ چٽو ۽ منجھيل آهي. ان جي بيهڪ بابت ڪا خاص
وضاحت ڪانه ٿو ڪري ۽ نه وري پٿر واري اڪر جو خاص
سڃاڻپ جوڳو ذڪر ڪري ٿو، ان هوندي به مان هن خيال
جو آهيان ته هن ياتريءَ مذڪوره ماڳ هلي وڃي پنهنجي
اکين سان ڏٺو هو. هن ڳالهه کي نظر ۾ رکي مان ملڪ
وڃي پننجي اکين سان ڏٺو هو. هن ڳالهه کي نظر ۾ رکي
مان ملڪ وڃي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. هن ڳالهه کي
نظر ۾ رکي مان ملڪ جي سرحد بابت سندن بيان کي
پڙهندس ۽ مان سمجھان ٿو ته ڪانهري ٽڪريءَ کي کوٽي
مذڪوره مڙهي تيار ڪئي وئي هئي جيڪا سلسيٽي
Salsette
ٻيٽ اندر واقع آهي. جيڪڏهن منهنجي سڃاڻ صحيح آهي
ته ستين صديءَ ۾ مهاراشٽر جي راجڌاني ڪلياڻ هو ته
پوءِ اها ه پڪ سمجھڻ کپي ته هن چيني ياتريءَ
ڪانهري وارا ٻڌ يادگار ضرور ڏٺا هوندا، جيڪي ڪلياڻ
کان 45 ميلن جي فاصلي تي مس ٿيندا. ڪانهري جي
گفائن مان کوڙ ساريون لکتون مليون آهن، جن مان
پوريءَ ريت پتو وي ٿو ته ٽڪريءَ کي کوٽي ٺاهيل ڪن
ٿا ڪن جو تعلق پهرين صدي عيسويءَ سان آهي. هڪ لکت
۾ ته چٽو پٽو ٽيهون سڪادتيه ڪال
Skakadityakal
جو سن ڏنو ويو آهي جيڪو 108ع جي برابر ٿئي ٿو.
ڪانهريءَ ۾ پٿر جي مذڪوره هاٿين جا اڃا تائين
اهڄاڻ ڪونه مليا آهن پر جيئن ته کوٽيل وهار جي
سامهون سڀئي اڏاوتون ناس ٿي ويون آهن ان ڳالهه جو
امڪان آهي ته ٽڪريءَ جي ڪڇ ۾ انهن ڊٺل ڦٽل جاين جي
پٿرن جي ڍيرن هيٺيان مذڪوره هاٿين جي مجسمن جا
ٽڪرا ٽوٽا ملي وڃن. مسٽر اي وسٽ
Mr. E. West
انهن کنڊرن مان پٿر جي جوڙيل اسٽوپا ڳولي لڌي آهي،
جنهن ۾ ڪم آيل پٿرن جي آرائشي نقش نگار جي ٽڪ ٿيل
ڏسڻ ۾ ايندي. امڪان آهي ته وڌيڪ کوجنا رڻ سان
ڪيتريون اچرج جهڙيون شِون نڪري نروار ٿين
سري لنڪا
سري لنڪار جو مشهور ٻيٽ هندستان جي
ڪنهن به ملڪ ۾ شامل نه آهي. چيني ياتري شين سئنگ
هتي ڪونه آيو هو ڇاڪاڻ ته تنهن سمي هتي وڳوڙ
جھڙيون حالتون هيون. هن ياتريءَ سري لنڪا بابت
جيڪو احوال لکيو آهي سو ان ٻيٽ مان بدامنيءَ سبب
هجرت ڪري آيل ٻڌ شينن کان ٻڌو هو جيڪي ساڻس ڪانچي
پور ۾ مليا هئا. هيءُ ملڪ جيئن ته ڌرمي ۽ سياسي
طور هندستان سان گهڻ لاڳاپيل ڏسڻ ۾ ايندو، تنهن
ڪري منهنجو ڪتاب هن جو بيان قلمبند ڪرڻ کان سواءِ
مڪمل نظر ڪونه ايندو.
ستين صدي عيسويءَ ۾ سري لنڪا کي
سينگ – ڪيا – لو
Seng-kia –
lo
يا سنهالا
Sinhala
سڏيندا هئا، چيو ويندو آهي ته اهو نالو شيهن جي
نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ سنهالا ڪري پيو، جنهن
جي پٽ وجيه
Vijia
هيءُ ملڪ ان ڏينهن فتح ڪيو هو، جنهن ڏينهن 543ق.م
۾ ماما گوتم ٻڌ پرلوڪ پڌاريو هو. هن ملڪ جو اصلي
نالو پاؤ – چو
Pao- chu
يعني مورتين جو ٻيٽ هوندو هو ۽ سنسڪرت ۾ هن جي
معنيٰ رتن دويپ
Ratna
dewipe
آهي. يورپ وارن کي هن ملڪ جو پهريون پتو سڪندر جي
حمله معرفت پيو هو ۽ يونان وارا هن کي تپرويين
Taprobane
سڏيندا هئا. پالي ٻوليءَ ۾ هن لاءِ عام لفظ تامب
پني
Tamba-
Panni
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڳاڙهن هٿن وارا.“ هيءُ
اشارو ان ڳالهه انهن آهي ته جڏهن وجيه جي بيمار
ساٿي ٻيڙن مان لهي هن ملڪ جي ڳاڙهيءَ ڌرتي کي ڇهيو
هو ته سندن هٿ ڳاڙها ٿي پيا هئا. هن لفظ جو صحيح
اچار تامب – پني (826) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، يعني ڳاڙهن
پنن وارا
Red-Leaved
جيڪو سنسڪرت تامر- پرني
Tamra-Parni
تان ورت ٿو ڀائنجي. لسئن هن لفظ جو اچار تامبر –
پاني
Tambra-
Pani
لکيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي پاڻيءَ جي وڏي کڏ يا
پاڻيءَ جي اها کڏ جيڪا ڳاڙهن ڪنول گلن سان ڍڪيل
هيجي. پوئين دور جا اولهه وارا ماڻهو هن ملڪ کي
”سمونڊو“
Simundu
يا پلئي سمونڊو
Palai
Simundu
جي نالي سان ُڄاڻندا سڃاڻندا هئا. لئسن جو خيال
آهي ته اهو لفظ پالي – سمنتا
Pali –
Simanta
تان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي مقدس قانون جو
سرواڻ – پليني پويون نالو هڪ شهر جو سمجھي ٿو،
جنهن ۾ شاهي محلات هوندو هو. پر اهو راجڌاني ادراج
پور
Anaraja
pura
جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي ٽالمي انورگرمون
Aniuragrammon
سڏيو آهي. انراج پور جي سامهون هڪ
ٽڪري آهي، جيڪا اڳتي سمونڊ ڏانهن وڌي آئي آهي.
ٽالمي هن کي ”آندرا سمونڊو“
Andra
Simundu
سڏيو آهي، پر ان جي معنيٰ ڪانه ڏني وئي آهي. سندس
بيهڪ مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهو پلئي سمونڊو جو
ٻيو نالو آهي.
ٽالمي هن ٻيٽ کي ساليڪي
Salike
لکيو آهي. لئسن هن نالي کي ٻيڙائتن طرفان سڏيل
بگڙيل نالو ڪوٺي ٿو، جهڙيءَ ريت عام ٻيڙائت سنهالڪ
Sinhalaka
يا سهالڪ
Sihalake
جي نالي کي بگاڙ سلاڪ
Sikala
جي اڌ نالي سان سڏيندا آهن. اميانس
Ammianus
هن کي وري سيلاديب
Sieladiba
ڪوٺيو آهي، جيڪو سيرين ديوس سان هڪ جھڙائي رکي ٿو.
اهي ٻئي نالا سهالاديب مان نڪتل آهن ۽ پالي ٻوليءَ
جي سنهالا دويپ
Sinhda
Duipa
سان واسطو رکن ٿا، جنهن جي معنيٰ
آهي ”سنهالا جو ٻيٽ.“ ابوريحان هن جو ناو سنگل ديب
Singal-dib
سرنديب
Sirindib
لکيو آهي، جيڪو يورپ جي ٻيڙائتن
وارو سيرين ديب
Serendib
آهي. عربن هن کي زيلان
Zilan
۽ اسان انگريز سيلان
Ceylon
سڏيندا آهيون. هندو هن کي
لنڪادويب
Langhadwip
سڏن ٿا. مهاونسو به هن کي پالي واري اچار لنڪا
دويپ
Lanka dwip
ڪري لکيو آهي.
(867)
شين سئنگ جي بيان موجب هن ٻيٽ جو
گهيرو 7000 لي يا 1167 ميل آهي، 868 جيڪو اصلي ماپ
کان ٻيڻو ٻڌايو ويو آهي. سر ايمرسن ٽيننٽ
Sir Emerson Tennent
مطابق هن ٻيٽ جي ماپ هن ريت آهي: اتر کان ڏکڻ ساڍا
ٻه سو ايڪهتر ميل ۽ اوڀر کان اولهه ساڍا هڪ سو
ستٽيه ميل ۽ گهيرو 60 ميل آهي. قديم مصنفن هن ملڪ
جي پکيڙ تمام گهڻي وڌائي ٻڌائي آهي، تنهن ڪري مان
هتان جي ماپ کي شڪ جي نظر سان ڏسان ٿو. ڪاسمس
سوپاٽر
Sopater
جي ذريعي سان هن ملڪ جي پکيڙ 300 گاڊيا
Gaudia
ڊيگهه ۽ 30 گاڊيا منڍو ٻڌايو آهي
۽ هن ماڻهو پاڻ هيءُ ملڪ اچي ڏٺو هو. سر ايمرسن
ٽيننٽ جو خيال آهي ته هيءُ هتان جي ڏيهي ماپ جو
نالو آهي، جنهن کي گاؤ
Gaou
چيو ويندو آهي. (469) جيڪو ٽن ميلن جي برابر آهي.
اهڙيءَ ريت هن ٻيٽ جي ڊيگهه 900 ميل ۽ ويڪر به 900
ميل ٿيندي. مان سمجھان ٿو ته گاڊيا هندستان گائو –
ڪوس
Gao- kos
جي برابر آهي، يعني ايترو فاصلو جيستائين ڳئونءَ
جي رنب ٻڌي سگهجي، جيڪو 1000 ڌنش
Dhanus
يا 2000 فوٽ يا 1.136 ميلن جي برابر ٿيندو. اهڙيءَ
ريت 300 گاديا 340 ميلن جي برابر ٿيندا، جيڪي هن
ٻيٽ جي صحيح ماپ کان رڳو 70 ميل وڌيڪ آهن. پليني
هن ٻيٽ ي ڊيگهه 000، 10 اسٽاڊيا يا 1149 انگريزي
ميل ٻڌائي ٿو. ٽالمي هن کي 15 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ
تي سمجھي ٿو، جنهن مطابق هن ٻيٽ جي ڊيگهه 1000 ميل
ٿئي ٿي. مارسيانس
Marcianus
هن کي 9500 اسٽاڊيا يا 1091 انگريزي ميل جي ماپ
برابر سمجھي ٿو، جيڪا ٽالمي جي ٻڌايل ماپ کان
ٿورو گهٽ آهي. چيني ياتري فاهيان سوپاٽر کان هڪ
صدي اڳ سنه 412ع ۾ سري لنڪا آيو هو، تنهن هن ٻيٽ
جي ڊيگهه 50 يوجن ۽ منڍو 30 يوجن ٻڌايو آهي. (830)
اها ماپ. 35x.21
ميل بيهي ٿي. اسان چڱي ريت سمجھي سگهون ٿا ته ٻنهي
سيلانين ملڪ جي پکيڙ جي ماپ ملڪي ماڻهن جي واتان
ٻڌي آهي، تنهن ڪري سمجھڻ ائين کپي ته سوپاٽر جا
بيان ڪيل 300 گاديا 50 يوجن جي برابر آهن. اهڙيءَ
ريت ڇهه گاديا هڪ يوجن جي برابر بيهن ٿا ۽ هڪ
گاديا انگريزي ميل کان ٿورو وڌيڪ يا هندستان جي
گائو – ڪروس جي برابر وڃي بيهندو.
سرايمرسن ٽينٽ سري لنڪا بابت گهڻي
کوجنا ڪئي آهي. هن صاحب هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڏنو
آهي ته سري لنڪا وارو گالي
Galle
بندر اهو آهي، جنهن کي انجيل ۾ تارشش
Tarshish
جي نالي سان سڏيو ويو آهي. (831)
جيڪو عربي نار
Arabian Gulf
۽ اوفير
Ophir
جي وچ تي هو. مذڪوره اوفير ملاڪا
Malacca
يا اوريا ڪيرسونيس
Aurea Chersone sus
کي سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ تهملئي ٻوليءَ ۾ اوفير جي
معنيٰ سون جي کاڻ آهي. پر سر ايمرسن جو ڏنل هي
مفهوم ۽ مطلب دل سان ڪونه ٿو آئڙي. ڇاڪاڻ ته حضرت
سليمان جي واپاري بيڙي وسيلي آندل سامان جو نالو
سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ڏنو ويو آهي، سر ايمرسن ٽيننٽ جو
بيان آهي ته ، ”اهي نالا تامل ٻوليءَ ۾ به آهن،
جن مان ڪي نالا اهڙا به آهن، جيڪي اڄ سوڌو سري
لنڪا ۾ رواج هيٺ آهن.“ اهي نالا هي آهن: سين هييم
Sen-habim
يعني هاٿيءَ جا ڏند – ڪوفيم
Kophim
معنيٰ ڀولا ۽ تڪيوم
Tukium
مور. پر جيڪڏهن ويچاربو ته اهي سڀئي نالا سنسڪرت
ٻوليءَ سان واسطو رکن ٿا، جھڙوڪ: اڀا
Ibha-
ڪپي
Kapi
۽ سيوڪا
Suka
وغيره، پر انهن ۾ عبراني ٻوليءَ جي جمع واريون
پڇاڙيون ڳنڍيون ويون آهن. اها به حقيقت آهي ته ڏکڻ
هندستان ۾ سنسڪرت ٻولي جي لفظن کي ڪتب آندو ويو
آهي. هتي اهو به ڏٺو ويندو ته هن لفظ جي اچڻ سان
تامل ٻولي جا اصلي لفظ راوج کان نڪري ڪونه ويا
آهن. ۽ اڃا سوڌو استعمال ڪيا ويندا آهن. ياني
Yani
معنيٰ هاٿي – ڪُرنگ
Kuronga
معنيٰ چتون.
Mayil
معنيٰ مور ۽ ڪلپ پلئي
Kilip
Pillai
معنيٰ چتون. جيڪڏهن حضرت سليمان جي واپاري ٻيڙي
سري لنڪا مان اهڙيون وٿون وڻجايون هيون، جن جا
نالا سنسڪرت ٻوليءَ ۾ هئا، تنهن مان سمجھڻ کپي ته
حضرت سليمان جي دور کان گهڻو اڳ آريائي نسل سان
واسطو رکندڙ ماڻهو ڏکڻ هندستان جي ملڪن کي فتح
ڪندا اڳتي نڪري ويا هئا. حضرت سليمان جي دور کي
1200 ق.م کان 1500 ق.م سمجھن گهرجي. پر اسان کي
آرين جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن مذڪوره
دور ۾ نربدا به پار ڪانه ڪئي هئي ۽ نه وري اهي
تنهن سمي گنگا جي ڇوڙ تائين پهچي سگهيا هئا. تنهن
ڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته حضرت سليمان جي
دور تائين سنسڪرت ٻوليءَ سان واسطو رکندڙ اهي نالا
ڏکڻ هندستان ۽ سري لنڪا تائين پهچي ئي ڪونه سگهيا
هوندا. ان کان علاوه سندن ڪتابن جي حوالن موجب
وجيه جي فتح ڪرڻ (543 ق.م) کان اڳ سري لنڪا جا
ماڻهو جهنگلي هئا. اشوڪ جي پٽ مهندرا (232 ق.م)
کان اڳ اهڙي پڪي شاهدي ڪانه آهي ته ڪي آريا سري
لنڪا ۾ موجود هوندا هئا يا سندن سري لنڪا سان ڪي
لهه لاڳاپا هئا.
سمٿ انجيل ڊڪشنري لکي آهي، جنهن ۾
اوفير جو نالو موجود آهي، جنهن تي هڪ سڄاڻ ليکڪ
مقالو لکيو آهي. مذڪوره لکڻهار پنهنجي راءِ جو
اظهار عربن جي فائدي ۾ ڪيو آهي. سندس خيال آهي ته
عاج، ڀولا ۽ مور اوفير مان ڪونه گهرايا ويندا هئا
پر تارشش
Tarshish
نالي هڪ شهر مان درآمد ڪيا ويندا هئا. ليڪن سون ۽
الگوم
Algum
جو ڪاٺ اوفير مان ايندو هو. سندس هن تصور ڪري هاٿي
ڀولي ۽ مور جي سنسڪرتي نالن مان پنهنجي جند آجي
ڪري وڃي ٿو. ان کان پوءِ به الگوم جو ڪاٺ رهجي وڃي
ٿو، پروفيسر لئسن موجب جنهن کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾
ولگو
Valgu
يا چندن جو ڪاٺ
Sandal – Wood
سڏيو ويندو هو. هو قبول ڪري ٿو ته عربستان ۾ هاڻي
سون پيدا ڪونه ٿيندو آهي، پر ڪنهن زماني ۾ اتان
سون ضرور ملندو هو. جيڪڏهن اتان سون ڪونه ملندو هو
ته ٻاهران ضرور گهرائيندا هئا. ڇاڪاڻ ته اسان کي
معلوم آهي ته سبا جي راڻيءَ حضرت سليمان کي سوکڙي
طور گهڻو سون پيش ڪيو هو.
هن موضوع تي ڏکڻ هندستان جي ماڳ
ودري
Vadari
يا ايدر
Eder
واري بابت ۾ گهڻو ئي بحث ڪيو ويو آهي. پر پوءِ به
هتي مان ٻيو ڀيرو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ چاهيان
ٿو ته انجيل ۾ موجود اوفير، جوزفس
Josephus
۽ اسپٽائوجنٽ
Speteiagint
(833) جي خيال ۽ هندو جاگرافيائي بيانن موجب سؤوير
Sau vira
وارو علائقو آهي. امڪان آهي ته راجپوتانا جو ڏکڻ
اولهه وارو علائقو هجي. هن علائقي جي نالي کي
اولهه وارن ماڻهن هوبير
Hobir
بنائي ڇڏيو، جهڙيءَ ريت سنڌوءَ کي انڊس. اهڙيءَ
ريت سپت
Sapta
بدلجي هفت
Haft
ٿي وئي. پليني جو بيان آهي ته، ”کنڀات جي نار کان
اتر وارو علائقو سون ۽ چاندي پيدا ڪندو هو ۽ اڄ
سوڌو پيدا ڪندو رهي ٿو. اراولي وارين ٽڪرين مان
ملندڙ سون هندستان جي عجائب گهرن ۾ موجود آهي ۽
اهو ڏسي به سگهجي ٿو. هندستان جي هن جابلو سلسلي ۾
چاندي به تمام گهڻي ملندي آهي. آرين جي نسل حضرت
عيسيٰ کان ٻه هزار سال اڳ اچي اولهه هندستان جي
والار ڪئي هئي ۽ حضرت سليمان جي دور کان گهڻو اڳ
آرين جي ٻولي هندستان جي عوامي ٻولي بڻجي چڪي هئي.
تنهن ڪري مان سمجھان ٿو ته انجيل وارو اوفير يا
سوفير هندون وارو سؤوير آهي، جتان حضرت سليمان جي
واپاري ٻيڙي خالص سون اچي خريد ڪيو هو، جنهن کان
اوفير سوفير يا سؤوير جو علائقو تمام گهڻو مشهور
هوندو هو. مذڪوره ٻيڙي هتان ئي عاج، ڀولا، مور
وڻجيا هوندا. اهي ڳالهيون اڃا سوڌو انجيل ۾ محفوظ
آهن.
ضميمو – الف
شين سئنگ جي سفر جو تاريخوار وچور
عيسوي سنه موجب تاريخ ۽ سال |
سفر جو وچور |
حوالا |
1 آگسٽ 629
1 ڊسمبر
28 ڊسمبر
10 جنوري 630ع
10 فيبروري
5 مارچ
20 مارچ
20 اپريل
30اپريل
10 مئي
15 آگسٽ
20 آگسٽ
1 نومبر
1 ڊسمبر
1 جنوري 631ع
1 مارچ
1 اپريل
10 اپريل
25 مئي
15 جون
10 جولائي
10 آگسٽ
1 آڪٽوبر 633ع
10 آڪٽوبر
2 آڪٽوبر
19 نومبر
15 نومبر
25 نومبر
1 جنوري 634ع
15 مارچ 635ع
1 آگسٽ
10 سيپٽمبر
25 سيپٽمبر
5 آڪٽوبر
25 آڪٽوبر
1 نومبر
15 مارچ 636ع
1 آگسٽ
5 آگسٽ
10 آگسٽ
15 آگسٽ
20 آگسٽ 636
25 آگسٽ
1 سيپٽمبر
1 ڊسمبر
4 ڊسمبر
7 ڊسمبر
10 ڊسمبر
13 ڊسمبر
16 ڊسمبر
20 ڊسمبر
25 ڊسمبر
29 ڊسمبر
1 جنوري 637ع
3 جنوري
12 جنوري
20 جنوري
25 جنوري
30 جنوري 637ع
5 فيبروري
15 فيبروري
20 فيبروري
1 مارچ
1 جنوري 639ع
5 جنوري
10 جنوري
15 جنوري
20جنوري
20 مارچ
10 اپريل
20 اپريل
5 مئي
15 مئي 639ع
30 مئي
20 جون
20 جولاءِ
30 جولاءِ
1 فيبروري 640ع
20 فيبروري
1 اپريل
10 مئي
20 جون
20 جولاءِ
10 آگسٽ
1 سيپٽمبر
10 آڪٽوبر
15 آڪٽوبر
1 نومبر
16 نومبر
26 نومبر
1 جنوري 641
20 فيبروري
20 مارچ
5 اپريل
15 مئي
20 جون
30 جولاءِ
13 آگسٽ
20 آگسٽ
1 سيپٽمبر
10 آڪٽوبر
20 آڪٽوبر
1 اپريل
5 آگسٽ
1 نومبر
25 ڊسمبر
1 مارچ 643ع
25مئي
1 جولاءِ
20 سيپٽمبر
15 نومبر
15 ڊسمبر
25 ڊسمبر
15 مئي 644ع
15 جون
20 جون 644ع
25 جون
1 جولاءِ
5 جولاءِ
20 جولاءِ
1 آگسٽ
1 سيپٽمبر
3 سيپٽمبر
8 سيپٽمبر
10 سيپٽمبر
12 سيپٽمبر
25 سيپٽمبر
26 سيپٽمبر
10 آڪٽوبر
12 اڪٽوبر
15 آڪٽوبر
22 آڪٽوبر
2 نومبر
13 نومبر
16 نومبر
21 نومبر
13 ڊسمبر
1 جنوري
1 اپريل
|
چنگ هوانگ واري ٽئين سال جي اٺين مهيني
ليانگ چيوُ مان گهوي تي سوار ٿيو.
120 ميل سفر ڪري اڪيري
Akiri
پهتو، رستي ۾ ٻه مهينا قيد ۾ رهيو.
پنج سو ميل پنڌ ڪري بلوڪ
Baluka
پهتو.
اڍائي سو ميل سفر ڪري اسيڪول
Isikul
پهتو.
ڇهه سو ميل ڪري تالاس
Talas
پهتو.
پنج سو ميل پنڌ ڪري سمرقند پهتو.
خُلم (هُو-آ) پهتو
بلخ
باميان – ڪاپيسا ڏانهن ويندي رستي ۾ برفاني
طوفان
ڪاپيسا – اونهاري گذرڻ تائين هتي ترسي پيو
لمگهان
Lamghan
ٽي ڏينهن هتي ترسيو.
نگرهار پهتو – پوتر آسٿاتن جي ياترا لاءِ
هتي ٻه مهينا ترسي پيو.
گانڌار
Gandhar-
هتي پوتر آسٿانن جي ياترا ڪيائين..
اتخند
Utakhanda
اُديان – پوتر آسٿانن جي ياترا ڪئي.
سڀوستي ندي جي ذريعه تائين پهتو، اتي
برفباري ڏٺائين.
انخند موٽي آيو.
ٽيڪسيلا پهتو – هتي مهينو کن ترسي پيو ۽
پوتر آسٿانن جي ياترا ڪئي.
سنهاپور پهتو
ٽيڪسيلا ڏانهن موٽيو
اراس
Urasa
ڪشمير پهتو، هتي ٻه سال ترسي پيو
ڪشمير کان اسهيو
پونچ پهتو
راجوڙي رسيو
ٽيسڪا يا ٽڪا پهتو
ساڪلا يا سانگلا آيو
هڪ وڏي شهر ۾ پهتو. شڪ آهي ته اهو ڪساور يا
قصور هجي. هتي مهينو کن ترسي پيو
چين پٽي
China pati
پهتو ۽ 14 مهينا هتي ترسي پيو.
جالنڌر پهتو – هتي چار مهينا کن ترسي پيو.
ڪُلوت
Kuluta
پهتو
ستادر پهتو
پاريياترا يا بئرات آيو
مٿرا رسيو
ٿانيسر يا اسٿانيسور آيو.
سروگهن پهتو – هتي ساڍا چار مهينا ٽڪي پيو.
سڄو سيارو ۽ اڌ چيٽ هتي گذاريائين.
مداور
Madawar
آيو – ساڍا چار مهينا هتي ٽڪي پيو. اهڙيءَ
ريت اڌ چيٽ ۽ سارو اونهارو هن ماڳ تي رهي
گذاريائين.
برهمپترا
مداور موٽي آيو
گوويسن آيو
آهيڇتر
پلوسان
سنڪيس
قنوج – ٽه مهينن لاءِ هتي ترسي پيو
ايوتو
هيه مک
پرياگ
ڪوسمبي
ڪُس پور
ويساک يا ساليت يا اجوڌيا
سروستي
ڪپل وستو
رامگرام
ڪُسي نگر
هڪ وڏي شهر ۾ پهتو (ممڪن آهي ته اهو هندن جو
شهر هجي)
بنارس – ورسا ناسي
گرج پتي پور
وئسالي
وريجي
Vriji
نيپال
وئساليءَ موٽيو
مگڌ – پاتلي پتر جي راڄڌاني
راڊگر – نالند – هتي گهڻو وقت ترسي پيو.
اوسي پاسي پوتر آسٿانن جون ياترائون ڪري،
موٽي اچي نالند ۾ پندرهن مهينا ترسي پيو.
هتي رهي ڏهي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيائين. هڪ
انومان موجب هتي 22 مهينا ٽڪي پيو هو.
هرينه پروت
چمپ
ڪان ڪجول
پائوندرا ورڌن
ڪامروپ
سامتت
Samatata
تامرالي پٽي
ڪرن سورن
اودر يا اڙيسا
گنجم
ڪالنجه
ڪوسل
آنڌرا
ڌنڪڪت – هتي گهڻو وقت ترسي پيو، امڪان آهي
ته ڇهه مهينا کن ٽڪي پيو هجي.
جوڙيه
دراويد ڪانچي پور جي راجڌاني يا ڪنجيويرم
مليه ڪوٽ
دراويد موٽي آيو
ڪونڪن پور
مهارا شٽر
ڀڙوچ
مالوا
ودري يا ايدر
کيدا – کيرا
ولڀي
آنند پور
سوراشٽر
گوجارا
اجئن
ججهوتي
مهيشورپور
سوراشٽر ڏانهن موٽي
اڊمبر يا ڪڇ
لانگل
Langalat
يا بلوچستان
پٽسيلا يا پٽالا
آوند – برهمڻ آباد
سنڌ – راٿڌانيالور، هتي ويهه ڏينهن ترسي پيو
ملتان
پولو فتو
Polo fato
(سولو فتو 9) يا شورڪوٽ – هتي ٻه مهينا ٽڪي
پيو
مگڌ موٽي آيو. شڪن شبهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هتي
ٻه مهينا ٽڪي پيو.
ٻيهر ڪامروپ آيو – هتي هڪ مهينو ترسي پيو ۽
مختلف راجائن ڏانهن قاصد روانا ڪيائين.
ڪانيا ڪيج يا قنوج ڏانهن راهي ٿيو. اهو
زمانو سياري جي شروعات هئي ۽ ساڻس گڏ راجا
سالدتيه به هو.
قنوج ۾ سال جي آخري مهيني ۾ پهتو. هتي 18
ڏينهن لاءِ ٻڌ ڌرم بابت بحث مباحثا ڪندو
رهيو.
پرياگ – چيٽ جي ٻئي مهيني ۾ هتي ڌرم بابت
وڏي سڀا گڏ ٿي جيڪا 75 ڏينهن تائين هلندي
رهي.
ڪوسجي - 7 ڏينهن جي سفر کان پوءِ هتي پهتو.
پلوسن - هڪ مهينو سفر ۾ لڳو ۽ ٻه مهينا هتي
ترسي پيو.
جالنڌر - هڪ مهينو ترسي پيو.
سنهارپور
ٽيڪسيلا - 7 ڏينهن ترسي پيو.
هاٿيءَ تي چڙهي سنڌو پار ڪيائين. وچ سياري ۾
اتخند پهتو. جتي هڪ مهينو ۽ ويهه ڏينهن ٽڪي
پيو.
راجا سان گڏ لمگان پهتو. کيس سفر ۾ هڪ مهينو
لڳو.
فلن
Falana
يا بنون 15 ڏينهن سفر ڪري هتي پهتو.
اوپوڪن يا افغان
سائو ڪيوٽو
Tsaokiuto
يا غزني اردستان يا اورتوس پان يا ڪابل
ڪاپيس - هتي به ڌرمي ميل ملاقات لاءِ 7
ڏينهن ٽڪي پيو.
اندراب - برف سان ڍڪيل جبل ۽ ڄميل نديون پار
ڪيائين.
تخار - هتي هڪ مهيني لاءِ ترسي پيو
مونڪن
Munkan
هماتل
بدخشان
ڪيپو ڪيان
ڪولنگنو
Kuilangna
پامير
ڪوپنتو - هتي 20 ڏينهن ٽڪي پيو
هڪ وڏي جبل وٽ پهتو.
اسڪ
ڪاشغر
ياڪنڊ
ڪوتن
خيمه
نجنگ
تخار
Tukhara
چيموتن
تفوپو
چين جي سرحد وٽ (ٿورو چڪر ڪاٽي) سنه 645ع ۾
اولهه چين جي راڄڌاني پهتو. اهو چيٽ مهيني
جي پهرين تاريخ ۽ چنگ - ڪوانگ وارو اڻويهون
سال هو. |
جولين جو شين سئنگ جلد 1 -14
جلد1 -15-39
جلد 1- 26
جلد 1-71
جلد 1-75
جلد 1- 96
جلد1-101
جلد 1-101
جلد 1-101
جلد 1- 102
جلد 1- 109
جلد 1 -113
جلد 1 -125
جلد 1 – 164
جلد 1 -189
جلد1-190
جلد 1-211
جلد 1 -236
جلد 1 -242
جلد 1 -246
جلد 1 -257
جلد 1 - 252
جلد 1 - 260
جلد 1 - 161
جلد 1 - 264
جلد 1 - 265
جلد 1- 265
جلد 1 - 622
جلد 1 - 292 |
مٿي جنتريءَ سان گڏ واقعا بيان ڪيا ويا آهن، جن کي
مان پنهنجي اندازي موجب لکيو آهي. ڪي تاريخون ۽
واقعا خود ياتريءَ جي سفر نامي مان ورتا ويا آهن ۽
ڪي حقيقتون هندستان جي هڪ ڊگهي سفر جي تجرب مان
معلوم ڪيون اٿم. مٿي بيان ڪيل اندازن کي سنڌ، سري
لنڪا ۽ ڪشمير جي مشهور معروف تاريخن سان ڀيٽائي
ڏٺو ويو آهي. هتي مون کي هيءَ ڳالهه ورجائڻي پوندي
ته جڏهن فيبروري 640ع ۾ هيئنگ ڪانچي پهتو ته کيس
سري لنڪا جي راجا جي قتل جو پتو پيو هو. منهنجي
خيال مطابق اهو راجا ضڙور بونا موگلان هوندو، جنهن
کي 630ع ۾ قتل ڪيو ويو هو.
منهنجي اندازن جي سچائي هن ياتريءَ جي سفر جي وقت
جي شاهديءَ مان به ظاهر آهي، ڇاڪاڻ ته هن نالند
Nalauda
جي مکيه اوهت کي ٻڌايو هو ته سندس ڪل سفر ٽن سالن
تي مشتمل آهي. (1) هي اهو وقت چئي سگهجي ٿو، جيڪو
هن باقاعدي سفر ڪندي گذاريو آهي. نالند ۾ پچڻ کان
اڳ هن چيني ياتري ڌرمي اڀياس لاءِ چار سال ست
مهينا مختلف جاين تي ويهي گذاريا هئا. هندستان ۾
سفر دوران مختلف جاين تي ٽڪڻ جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
ماڳ
مهينا سال
(1)
ڪاپيسسا ۾ سارو
اونهارو
3 0
(2)
ڪشمير پورا ٻه سال
0 2
(3)
هڪ وڏي شهر ۾ (ٿي سگهي ٿو ته قصور هجي
1 0
(4)
چين
پٽِ
2 1
(5)
جالنڌر
4 0
(6)
سروگهن - سارو سيارو ۽ چيٽ جي اڌڙت
ساڍا 4 0
(7)
مداور - اڌ چيٽ ۽ سارو
اونهارو 7 ساڍا 4
8 4
جيڪڏهن هن ٽڪڻ واري عرصي ۾ سفر وارا ٽي سال جوڙ
ڪبا ته هندستان ۾ هن جي رهڻ جو سارو وقت ست سال ست
مهينا ٿئي ٿو جيڪو هن آگسٽ سنه 629ع ۾ ليانگ چيو
کي ڇڏڻ ۽ سنه 638ع جي فيبروري مهيني ۾ نالند جي
ارهت سان آخري ڪچهريءَ تائين هتي گذاريو. منهنجي
اندازي موجب اها تاريخ 1 - مارچ 637ع بيهي ٿي. هتي
تاريخون سال ۽ سفر جو تفصيل شين سئنگ جي حياتي سان
لاڳاپيل تصنيف جي بيانن سان سهمت آهي. پر ”نمايرس“
واري ان تصنيف کان مختلف آهي، جنهن ۾ سنه 641ع ۾
مهيشورپور ڇڏڻ کان پوءِ وارو احوال قلمبند ڪيو ويو
آهي. ممايرس موجب سندس گُس هن ريت آهي:
641ڳ
5 - اپريل مهيشورپور
1 - جون سنڌ
10 - جولاءِ ملتان
20 - جولاءِ پولوفتو يا شورڪوٽ
جتي 2 مهينا ترسيو
20 آڪٽوبر ادمبر
30 نومبر لانگل
13 ڊسمبر آوند - برهمڻ آباد
10 فيبروري 642. فلن يا بنو
1 مارچ ٽسوڪيوٽو يا غزني
هيءُ رستو اهڙو آهي جو چيني ياتري هن سان سفر ڪري
ٻه سال ٻه مهينا اڳ ٽسوڪيوٽو
Tsaokioto
پهچي ها. پر جنهن تايرخ تي هو چين واپس ٿيو هو. سا
پڪيءَ ريت معلوم آهي. اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته
هن سيلانيءَ جي سفرنامي ۾ هن ٻن سالن کان وڌيڪ
عرصي جو ڪاٿي سبب به ڪونه لکيو ويو آهي. تنهن ڪري
اها پڪ ٿئي ٿي ته هن ياتريءَ اهو سارو وقت موٽي
وڃي مگڌ ۾ گذاريو آهي، جهڙيءَ ريت سندس زندگيءَ جي
احوال ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
سندس حياتيءَ جي احوال ۾ اهو به لکيل آهي ته هيءُ
ياتري مگڌ ۾ موٽي اچي ٻه سال رهيو هو ۽ ٽڪڻ واري
پوئين عرصي ۾ هن سپني ۾ ٻڌستوا مانجو
Bodhistwa manjo
کي ڏٺو هئائين، جنهن کيس ٻڌايو هو ته راجا سالديته
ڏهن سالن اندر مري ويندو. (2) چيو وڃي ٿو ته راجا
سالديته يونگ - هوئي،
Yong-Hoei
جي دور يعني 650ع ۾ وفات ڪئي هئي. هن تاريخ موجب
شين سئنگ مگڌ ۾ 638ع کان 640ع تائين اچي رهيو
هوندو. پر اها تاريخ سفرنامي جي تفصيل سان ٺهڪي
ڪانه ٿي بيهي. پر جيڪڏهن اسان سندس مگڌ جي پهرين
ياترا نومبر 638ع ۾ سمجهون ته پوءِ راجا سالديته
جي موت کان 648ع ۾ قرار ڏيڻ گهرجي ۽ چين جي ما -
توان - لين -
Matwan-lin
به هندستاسن جي احوال ۾ سندس موت جو اهو سال ٻڌايو
آهي. (3) چنگ - ڪوان
Ching-kwan
جي 22 هين سال (668ع) ۾ چين جي شهنشاه مگڌ ڏانهن
پنهنجو هڪ سفير موڪليو هو. پر هن جي پهچڻ کان اڳ
سالديته مري ويو هو. هن سفر کان مليل معلومات شين
سئنگ جي آتم ڪهاڻي لکڻ واري ماڻهوءَ هوئي - لي
Hoei-li
کان وڌيڪ اعتبار جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته اڳئين ماڻهو
ان غلط بيان تي ڪوبه اعتراض ڪونه ڪيو هوندو ۽ ان
کي پيغمبرانه اڳڪٿي سمجهيو هوندو. منهنجي خيال
موجب راجا سالديته جي موت جو صحيح سال 648ع آهي ۽
شين سئنگ سالديته جي موت بابت تڏهن خواب ڏٺو هو،
جڏهن هو 638ع ۾ پهريون ڀيرو مگڌ آيو هو.
مٿئين خيال موجب ٻن سالن وارو عرصو جيڪو هن نالند
۾ ترسي گذاريو هو. سو هن جي سنه 637ع-638ع ۾
پهرئين ڀيري اچڻ سان تعلق رکي ٿو. هن عرصي کان مان
22 مهينا ڏيکاريو آهي. هو موٽي ٻيو ڀيرو به نالند
آيو هو ۽ ڌرم بابت شڪ شبها دور ڪرڻ (4) لاءِ وري
به ٻه مهينا ٽڪي پيو هو ۽ ڌرم جو اڀياس ڪيو
هئائين. مٿئين عرصي ۾ جيڪڏهن ٻه مهينا جوڙ ڪبا ته
ڪل عرصو پورا ٻه سال وڃي بيهندو. ڪنهن ٻيءَ جاءِ
تي اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته (5) هن ٻڌ ڌرم ۽ هندو
ڌرم جي اڀياس واسطي پنج سال صرف ڪيا هئا۔ مان
سمجهان ٿو ته هو ڪشمير ۾ ٻه سال، چين پٽيءَ ۾
چوڏهن مهينا ۽ نالند ۾ ٻه سال رهيو هو. اهڙيءَ ريت
سندس ترسڻ جو گهٽ وڌ عرصو پنج سال ٿئي ٿو.
ضميمو - ب
فاصلي جي ماپ
چيني سيلانين فاصلي جو ماپو هندستاني يوجن يا چيني
لي ۾ بيان ڪيو آهي. يوجن واري ماپي کي چين جي
پهرئين سيلاني فا هيان ڪتب آندو آهي. جڏهن ته لي
واري ماپي کي سنگ - يون
Sung-yun
۽ شين سئنگ استعمال ڪيو آهي. فاصلي جي ماپي ”ڪوه“
کي هنن مان ڪنهن به ڪتب ڪونه آندو آهي، جيڪو
هندستان ۾ اڄ سوڌو ڪتب آندو وڃي ٿو. شين سئنگ جو
بيان آهي ته روايت موجب هڪ يوجن ۾ 40 لي آهن. پر
عملي طور هڪ يوجن ۾ 30 لي سمجهيا وڃن ٿا. (6) جن
ماڳن جي فاصلي جي پوري پڪ آهي، تن کي جيڪڏهن شين
سئنگ جي سفرنامي سان ڀيٽائي ڏسبو ته هن في يوجن ۾
40 لي ڪتب آندا آهن. اهڙي مثال لاءِ مان چئن ماڳن
جا فاصلا هيٺ بيان ڪريان ٿو.
(1)
سراوستي کان ڪپل
Kapila
13 يوجن يا 500 لي
(2)
ڪپل کان ڪسي نگر 12 يوجن
يا 485 لي
(3)
نالند کان گرييڪ
Giryek
1 يوجن يا 58 لي
(4)
وئسالي کان
گنگا 4 يوجن
يا 135 لي
ڪل 30 يوجن يا 1178 لي
شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته هڪ يوجن جي اٺ ڪوه آهن. هڪ
ڪوه ۾ 500 ڌنش ۽ هڪ ڌنش چئن پُرهن جي هوندي آهي.
ان حساب سان هڪ يوجن 24000 فوٽن ۽ ساڍن چئن ميلن
کان ٿورو ڪجهه وڌيڪ ٿيندو. پر هندن جي سڀني ڪتابن
۾ هڪ يوجن چئن ڪوهن جي برابر آهي، پوءِ اهو ڪوه هڪ
هزار ڌنش جي برابر هجي يا ٻه هزار ڌنش جي. شين
سئنگ جنهن ڪوه جو ماپو ڏيکاريو آهي، سو هڪ هزار
ڌنش جي برابر معلوم ٿئي ٿو. پويون، ٻن هزارن ڌنش
وارو ماپو وڃي نو ميل بيهي ٿو. هن ماپي موجب هڪ
ڪوه اڍائي ميلن جو ٿئي ٿو. جيڪو هندستاني فاصلي جو
عام ماپو آهي ۽ موجوده دور ۾ عام واهپو به ان ماپي
جو آهي. |