سنڌ
ستين صديءَ ۾ سنڌ ۾ چار صوبا هوندا هئا، پر
جاگرافيائي بيهڪ مطابق مان انهن جو سري، وچولي،
لاڙ ۽ ڪڇ (368) جي نالي سان بيان ڪندس. اهي سڀئي
علائقا هڪ راجا جي راڄ ۾ شامل هوندا هئا ۽ راجا
پاڻ سري ۾ رهندو هو. شين سئنگ 641ع ڌاران هتي آيو
هو. سندس بيان آهي ته اهو راجا سيو-تو-لو
(Siu-to-lo)
يعني شودر هو. چچ جي زماني ۾ سندس وزير ٻڌيمن کيس
ٻڌايو هو ته سنڌ جا چار صوبا آهن. هر هڪ صوبي جو
راجا الڳ آهي، جيڪو چچ کان اڳئين دور وارن حڪمرانن
جو ڏن ڀرو هوندو هو (369). چيو وڃي ٿو ته هن کان
اڳ به ڪفند (370) جي پٽ آيند جي زماني ۾ سنڌ
انتظامي طور چئن صوبن ۾ ورهايل هوندي هئي. هي راجا
سڪندر کان پوءِ سنڌ جو راجا هو. مذڪوره چار صوبا
هي هئا: زور
Zor،
اسڪلندوسا
(Ashalandusa).
سامد
(Samid)
۽ لوهاڻو هو. جن جو بيان شين سئنگ جي سفرنامي ۾
ڏنل جاگرافيائي بيهڪ کي ڌيان ۾ رکي ڪيو ويندو.
سرو
اتر سنڌ کي عام طور ’سري‘ جي نالي سان
سڏيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’سر‘ يا مٿيون
حصو. شين سئنگ جي بيان مطابق هن علائقي جو گهيرو
(Circuit)
ست هزار لي يا يارنهن سو ستهٺ ميل آهي. منهنجي
خيال موجب اهو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. امڪان آهي ته
هن ۾ اولهه پاسي وارو ڪڇي ۽ گنداوا وارو علائقو به
شامل ڪيو ويو هجي. حقيقت به اها نظر اچي ٿي ته
جڏهن سنڌ جو راجا سگهارو هوندو هو ته پنهنجي ٻل جي
آڌار تي ڪڇي ۽ گنداوا وارو علائقو پنهنجي حڪومت ۾
شامل ڪري ڇڏيندو هو. چچ يا ان کان اڳئين دور جا
حڪمران به ائين ڪندا آيا هئا. تنهن ڪري چئي سگهجي
ٿو ته سري واري علائقي ۾ سنڌو درياهه جي اولهه پار
ڪڇي گنداوا، ڪاهان،شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ اوڀرپاسي
سبزل ڪوٽ ۽ خيرپور وارا علائقا هوندا هئا. اهڙيءَ
ريت چوڌاري دنگن جي ڌار ڌار ڊيگهه هيءُ وڃي
بيهندي. اتر ٽي سو چاليهه ميل-اولهه ٻه سو پنجاهه
ميل-اوڀر هڪ سو اسي ميل ۽ ڏکڻ ٻه سو سٺ ميل. حساب
ڪرڻ سان ڪل ماپ ٻه هزار ٽيهه ميل ٿئي ٿي، جيڪا شين
سئنگ جي ٻڌايل ماپ جي ويجهو آهي.
ستين صديءَ ۾ هن علائقي جي راڄڌاني کي
پي-چين-پو-پُو-لو
Pi-Chen-po-pu-lo
نالي ساقن سڏيو ويندو هو. ايم-جولين هن کي ويچوا
پورا
Vichava-pura
سمجهي ٿو. ايم ووين ڊي سينٽ مارٽن مذڪوره نالي کي
سنسڪرت جو لفظ ويچالپورا
Vichalapura
لکيو آهي، يعني سنڌ جي وچ واري علائقي جو شهر، هن
علائقي کي سنڌ جا ماڻهو وچولو سڏيندا آهن. سنڌي
پنجابي هن لفظ لاءِ ”وچ“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن.
هندي ٻوليءَ ۾ هن کي ”بيچ“ چيو ويندو آهي ۽ اهي
سنسڪرت جا لفظ ڪو نه آهن. هن ٻوليءَ ۾ وچ کي
”مڌيه“ چيو ويندو آهي. شين سئنگ هميشه مقامي لفظ
ڪم آندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن شهر جو
نالو هندي اچار بيچ پور ٿي سگهي ٿو يعني وچ وارو
شهر
Middli
city.
پر هن گهڻو ڪري سنسڪرت جا لفظ ڪم آندا آهن. تنهن
ڪري اسان لاءِ اها ضروري ڳالهه آهي.
پي-چين-پو-پو-لو نالي شهر لاءِ اصلي سنسڪرت جي لغت
کي جاچي ڏسون.
اسان کي پراڻين روايتن ۽ موءرخن جي حوالي
مان پتو پوي ٿو ته شين سئنگ کان گهڻو وقت اڳي ۽
ٿورو وقت پوءِ سنڌ جي راڄڌانيءَ اروڙ هو. نظر
ائين اچي ٿو ته اروڙ ان قديم مشهور شهر جو ضرور
ٻيو نالو آهي، پر ٻي راڄڌاني نه آهي. هندو دور ۾
اهو رواج هوندو هو ته مشهور ۽ وڏن شهرن کي ڪيترن
ٻين نالن سان پڻ سڏيو ويندو هو، جهڙيءَ ريت اسان
ملتان جي مامري ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون. اهڙن شهرن جا
ڪي نالا شاعرانه انداز ۾ لکيا ويندا هئا. مشهور
شهر پٽالپٽرا
iputra
Patal
کي ڪُسم پورا يعني ”گل“ سڏيو ويندو هو. ناڙوار
Narwar
کي پدم وتي يعني ڪنول ڪوٺيو ويندو هو. ڪن شهرن جا
ٻيا نالا بياني هوندا آهن ۽ فطر ڏيک ڪري مٿن ڌريا
ويندا آهن، جهڙوڪ مشهور شهر ڪاشي کي ورناسي يا
بنارس به سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته مٺذڪوره شهر
ورنا
Varana
۽ آسي
Asi
نالي ٻن نئن جي وچ تي اڏيل آهي. اهڙيءَ ريت قنوج
کي ڪينا ڪبجا
Kanya
kubja
به سڏيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ڪُٻڙو
Humpbacked
جنهن جو اشارو هڪ مشهور ڏند ڪٿا ڏانهن آهي، مٿين
ڳالهين مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته ٻن جدا
نالن مان اهو مطلب هرگز نه وٺڻ گهرجي ته تڏهن ڪي
ٻه راڄڌانيون هيون. ٿي سگهي ٿو ته پراڻي شهر جو
اهو ڪو نئون لقب هجي. اهو به امڪان آهي ته شهر جو
اصلي نالو ئي اهو هجي ۽ ٿوري وقت لاءِ ٻئي نالي
سندس جاءِ ورتي هجي. اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ
جي ڪنهن موءرخ اروڙ جو ڪو ٻيو نالو ڪو نه ڏنو آهي.
ان ڪري اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته شين سئنگ جي زماني ۾
به هن شهر جونالو اروڙ هوندو ۽ پي-چين-پو-پُو-لو
سندس ٻيو نالو هوندو.
هتي اهم ڳالهه اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته هن شهر
جي سڃاڻ بابت اڃان به وڌيڪ پڪ پئي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ
ته چيني ياتريءَ هن راڄڌانيءَ کي سنڌوءَ جي اولهه
۾ ڏيکاريو آهي، پر موجوده زماني ۾ اروڙ جو ٿرڙ
سنڌوءَ جي اوڀارئين پاسي آهي. هن فرق هوندي به
مذڪوره شهر جي سڃاڻپ پڪي آهي. ان جو سبب اهو آهي
ته قديم دور ۾ سنڌو ندي اروڙ کان اوڀاريون پاسو
ڏئي وهندي هئي ۽ اچي دريا جي پراڻي پيٽ ۾ پوندي
هئي، جنهن کي نارو سڏيو ويندو هو. ان وهڪري جو رخ
راجا ڏاهر جي زماني تائين ڪو نه مٽيو هو (371).
شين سئنگ جي اچڻ کان پنجاهه سال پوءِ به اها
صورتحال هئي. اروڙ کان درياه جي هٽي وڃڻ واري قلعي
کي هتان جا مورخ راجا ڏاهر جي قهري ۽ ڪلورن سان
ڳنڍين ٿا. اصل ۾ درياه جي وهڪرن جو ڪنهن ماڻهوءَ
جي ڪڌن ڪرتوتن سان ڪو به واسطو ڪو نه آهي، پر
حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ پنجاب وارن علائقن
مان وهندڙ سڀني درياهن جو رخ گهڻو الهندي ڏانهن
لڙي ويو، ان ڪري سنڌوءَ کي به اولهه ڏانهن رخ
موڙڻو پيو. ان جو ٻيو ڪارڻ ڌرتيءَ جي ڦيرو آهي،
جيڪا پنهنجي فطرت موجب اوڀر کان اولهه ڦرندي رهندي
آهي ۽ درياهه الهندي ڏانهن رخ موڙيندا رهندا آهن
(372). قديم دور ۾ سنڌو درياهه اروڙ کان اوڀاريون
پاسو ڏئي ٽاڪرو علائقي وچان وهندو هو. پر جيئن ته
سندس آر الهندي هو. تنهن ڪري روهڙيءَ جي اترئين
علائقي مان پنهنجو پيٽ بدلائي روهڙي ۽ بکر جي وچان
ٽڪرين جي وٿين منجهان وهڻ لڳو.
درياه جي
رخ موڙڻ واري هن واقعي کي راجا ڏاهر جي پوئين
زماني سان ڳنڍيو وڃي ٿو، امڪان آهي ته مذڪوره
واقعو سندس راجگاديءَ تي ويهڻ کان ستت پوءِ 670ع
ڌاران ٿيو هجي. ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جڏهن
ٻٽيهارو سال کان پوءِ 711ع ۾ اروڙ تي حملو ڪيو هو
ته کيس سنڌوءَ جو وهڪرو پار ڪرڻو پيو هو.
هن ڳالهه
مان اها پڪ ٿئي ٿي ته 711ع کان اڳ
|