29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:30   

ورانسي يا بنارس

ستينءَ صديءَ ۾ پو-لو-في-سي يا ورانسي Varansi ملڪ جو گهيرو 4000 لي يا 667 ميلن تي مشتمل هو. راجڌاني گنگا جي اولهه ڪناري سان هئي. جنهن جي ڊيگهه 19 لي يا ٽي ميل ۽ ويڪر 5 کان 6 لي يا هڪ ميل هئي. چوڌاري علائقن جي نقطه نگاهه کان سندس سرحد هن ريت ٿي سگهي ٿي: اتر کان گومتي، گومتي کان وڍي الهه آباد ۽ تونس Tons کان وٺي ٻلهاري Blhari تائين سندس اولاهون دنگ ٻلهاري کان سونهٽ Sonhat ڏاکڻيون ۽ ريهند ڪرمناس Rehand Karmmnass ۽ گنگا تائين اوڀاريون پاسو هو. انهن حدن ۽ نقشي جي سڌيءَ ماپ مطابق سندس گهيرو 595 ميل ۽ حقيقي ماپ موجب 650 ميل ٿئي ٿو.

بنارس جو شهر گنگا جي کاٻي ڪناري تي واقع آهي. برنا Barna ندي سندس اتر-اوڀر ۽ اسي نالا ڏکڻ-اولهه ۾ آهي. برنا يا ورنا Varana جو وهڪرو چڱو خاصو وڏو آهي. هيءَ ندي الهه آباد جي اتران ايندي آهي. سندس ڪل ڊيگهه هڪ سؤ ميل کن ٿيندي.آسي ننڍو وهڪرو آهي. تنهن ڪري اسان جن وڏن نقشن ۾ هن وهڪري جو نالو ڪو نه ڏسڻ ۾ ايندو. هندستان جي ائٽلس واري نقشي نمبر 88 ۾ به هن جو ذڪر ڪو ڪونه آهي جنهن جو اسڪيل چار ميل في انچ آهي. ليٿو گراف تي ڇاپيل بنارس علائقي جي نقشي ۾ غائب ڏسجي ٿو، جنهن جو اسڪيل ٻه ميل في انچ آهي. هن غلطيءَ ڪري فرينچ عالم ايم-ووين ڊي سئنٽ مارٽن کي شڪ ٿيو ته آسي گنگا ڪندي آهي ۽ سنگم کان پوءِ ٻنهي جي گڏيل وهڪري کي ورانسي Varansi  سڏيو ويندو آهي. (655) ۽ ان تان ئي شهر تي بنارس نالو پيو آهي. آسي نالا جي وهڪري کي جيمس پرنسيپ James prinsep جي تيار ڪيل بنارس نقشي ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو هلمنديل Hullmandel ڇپرايو آهي. بنارس جو ننڍو نقشو مان به تيار ڪيو آهي جنهن ۾ قديم آثارن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، تنهن ۾ به مذڪوره ندي ڏيکاري وئي آهي. هن نديءَ جو صحيح وهڪرو ايڇ-ايڇ ولسن جي تيار ڪيل سنسڪرت جي ڊڪشنريءَ ۾ موجود آهي، جنهن کي وارانسي Varanasi جي نالي ۾ ڏسي سگهجي ٿو. بنارس کان رام نگر ويندڙ سڻڪ شهر کان ٻاهر نڪرڻ سان ۽ سنگم کان ٿوري پنڌ تي آسي ندي تان لنگهندي آهي. هنن ٻنهي وهڪرن جو پاڻي جنهن ٿاڪ وٽان گنگا سان سنگم ڪندو آهي، تنهن کي نهايت پوٽر آسٿان سمجهيو ويندو آهي. تنهن ڪري شهر کان هيٺ برنا سنگم وٽ ۽ شهر کان مٿان آسي سنگم وٽ مندرن جون اڏاوتون نظر اينديون. هنن ٻنهي مان هڪ ندي شهر جي اتر کان ۽ ٻي ڏکڻ کان وهندي آهي. هتان جي برهمڻن ٻبنهي ندين جي گڏيل نالي مان ورانسي يا وارانسي نالو جوڙيو آهي، جيڪو بنارس جو سنسڪرتي روپ آهي. عام ماڻهو وري چوندا آهن ته بنارس جو نالو راجا بنار Banar جي نالي تان ورتل آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اٺ سؤ سال اڳ هن بنارس جو شهر اڏايو هو.

ابوالفضل هنن ٻنهي ندين جو ذڪر ڪيو آهي. (656) سندس بيان آهي ته عام ماڻهو برانسي Baranasi کي بنارس سڏيندا آهن. هيءُ هڪ وڏو شهر آهي جيڪو برنا ۽ آسي نالي ٻن ندين جي وچ تي آهي. پادري هيبر Heber (657) جو بيان آهي ته بنارس جي راجا ٻڌايو ته هن شهر جو قديم نالو بنارس آهي جيڪو ٻن ندين بر Bara ۽ ناس Nasa جي گڏيل نالن تان پيو آهي، جيڪي هن ماڳ وٽان گنگا ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن. هن پادري جو خيال آهي ته اهي ٻئي وهڪرا ڌرتيءَ هيٺان هلي گنگا سان سنگم ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي نقشي تي ڏيکاريو ئي ڪو نه ويو  آهي. پر ٻن صفحن جي تحرير کان پوءِ هو لکي ٿو ته ٻيڙيون اچي هڪ ننڍي نديءَ جي ڇوڙ وٽ پهتيون جيڪا ڏئي اچي سڪرول sccrole پهتاسون. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها ندي فوجي ڇانوڻي وٽان لنگهندي هئي. سندس هن بيان تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو ڇو جو هن پاڻ وڃي اها ندي ڪانه ڏٺي هئي. پر جيڪو کيس نوڪرن ٻڌايو سو لکي ڇڏيائين. مذڪوره پادري ايم. بروڪ M. Brook سان گڏ برنا جي اتر پاسي رهندو هو. جيترو وقت هندن جي هن مقدس بنارس ۾ رهيو هوندو ته ڏهاڙي ٻه ڀيرا پٿرن جي پل وسيلي هن وهڪري مٿان ضرور گذرندو هوندو.

بنارس جو شهر ٻڌ ڌرم جو به گهڻو مشهور معروف ماڳ آهي. ڇاڪاڻ ته سندن گروءَ مهاتما گوتم پهريائين هن شهر ۾ وڃي پنهنجي ڌرم جا متا کولي سمجهايا هئا. جيئن ٻڌ ڌرم وارا منظوم ڪتابن ۾ چوندا آهن ته ”ان قانون جو نئون ڦيٿو ڦيريو هو.“ مهاتما گوتم جي چئن وڏن واقعن مان هي به هڪ وڏو واقعو هو. ان جاءِ تي هڪ اسٽوپا تعمير ڪرائي وئي هئي، جيڪا ٻين چئن مکيه اسٽوپائن مان هڪ هئي، جنهن کي ٻڌڌرم جو وڏو يادگار سمجهيو ويندو هو. هن استوپا کي ڌميڪ Dhamek نالي سڏيو ويندو آهي. سندس تعمير شهر کان ساڍا ٽي ميل اتر طرف هڪ اتاهين دڙي تي آهي ۽ چوڌاري هٿراڌو تلاءَ پيا نظر ايندا. منهنجي خيال ۾ ڌميڪ ڌرمنو پديسڪ Dharmno Padesaka جو اختصار آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڌرم گرو. هيءُ اصطلاح اڄ به عام آهي ۽ ڌرم جي گروءَ لاءِ ڪتب ايندو آهي. پر هڪ ڳالهه ضرور ڌيان ۾ ڌرڻ گهرجي ته اسٽوپا وارو اهو ٿاڪ آهي، جتي مهاتما پهريائين قانون جو ڦيٿو (ڌرم چڪر) ڦيرايو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اسٽوپا جو اهڙو نالو صحيح آهي. عام ٻوليءَ ۾ هن لفظ جو اچار ڌرم_ديسڪ Dharmma desaka جنهن کي ننڍو ڪري ڌم ڌيڪ Dhamma dek ۽ ڌميڪ Dhamek  به چيو ويندو آهي.

هن شهر جو پهريون نالو ڪا شي Kasi هو. اهو نالو اڄ به عام آهي، جيڪو پوئين نالي سان گڏي ڪاشي_بنارس به سڏيو ويندو آهي. شايد هيءُ شهر اهو آهي جنهن کي ٽالمي ڪسيد Kassida يا ڪسيديه Kassidia ڪري لکيو آهي. چيو وڃي ٿو ته هيءُ نالو راجا ڪاشي جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي، جنهن جو تعلق چندرونسي گهراڻي سان هو. هن کان پوءِ ڪاشي گهراڻي جا ويهه راجا ٿيا جن مان وڌيڪ مشهور ديوداس Divodasa هو.

گرج پتي پور

شين سئنگ ڪاشيءَ ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ اوڀر روانو ٿيو ۽ ٽيهه لي يا پنجاه ميل پنڌ ڪري چين_چو Ched_Chu نالي هڪ ملڪ ۾ پهتو هو. هيءُ چيني ٻوليءَ ۾ ان لفظ جو ترجمو آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي جنگ جو مهندار، ايم. جولين هن جي معنيٰ يوڌپتي Yodhapati يا يوڌ راجپور ڪئي آهي. هتي ته رڳو لفظي ترجمو ڏنو ويو آهي. پر اسان کي هنن جهڙن ٻين اصطلاحن تي ويچارڻو پوندو. جهڙوڪ ويگرم پتي، يودراٿ، ين سوامي وغيره. هن ملڪ جي راجڌاني گنگا ڪناري واقع آهي ۽ گهيرو ڏيڍ ميل اٿس. بيان مان پڪ ٿئي ٿي ته اهو ماڳ غازيپور آهي، جيڪو بنارس کان پنجاهه ميل اوڀر پاسي گنگا جي ڪناري واقع آهي. ماڳ جو موجوده نالو مسلمانڪو آهي، جيڪو اصلي هندو نالي گرج کان ٿ ورو مختلف آهي. امڪان آهي ته شين سئنگ به گرجن Garjan لفظ ڏانهن اشارو ڏنو هجي. جنهن جي معنيٰ آهي ڪيڏاري جي ڪولاهل. جنگ جي ديوتا جو نالو به گرجن-پتي Garjanapati آهي. موجوده دور ۾ به غازيپور هڪ وڏو شهر آهي، جنهن جي ڊيگهه ٻه ميل ۽ پکيڙ پنج ڇهه ميل کن ٿيندي. شين سئنگ هن علائقي جي پکيڙ 200 لي يا 33 ميل ٻڌائي ٿو. هيءَ ايراضي ان علائقي سان مطابقت رکي ٿي، جيڪو گهاگر ۽ گومتيءَ جي وچ تي آهي ۽ اتر کان گهاگر ۽ ڏکڻ کان گومتي اٿس. اولهه کان ٽنڊا Tanda اٿس ۽ اهو پاسو گهاگر ۽ گنگا جي سنگم تائين هلندو وڃي ٿو.

راجڌاني کان 200 لي يا 33 ميل پنڌ ڪري شين سئنگ اويڌ ڪرن Avidha Karna ٿاڪ وٽ پهتو هو، جتي مهاتما گوتم جون ڏاڍيون سهڻيون مورتيون رکيل هيون. طرف ۽ فاصلي جي حساب سان مذڪوره ماڳ کي بليه Baliya جي اوسي پاسي جاچڻ گهرجي جيڪو گنگا جي ڪناري آباد آهي. اويڌ ڪرن جي معنيٰ آهي ٽاپيل ڪن Pierced ears. منهنجي خيال موجب اهو نالو بيڪ پور ۾ نظر اچي ٿو. هيءُ ڳوٺ بليه کان هڪ ميل اوڀر طرف واقع آهي. اويڌڪرن پور بي ڪرن پور Bikarn Pur ۽ بيڪن پور Bikanpur ۾ سولائي سان بدلجي سگهي ٿي. مان سمجهان ٿو ته هي اها ئي ساڳي جڳهه آهي، جنهن کي فاهيان رڻ پٽ Vast Salitude (658) نالي سان بيان ڪيو آهي، هو ٻڌائي ٿو ته مذڪوره ماڳ پٽنا کان ڏهه يوجن يا ستر ميل ۽ بنارس کان ٻارنهن يوجن يا 84 ميل پري ۽ ٻنهي جي وچ تي آهي. هن ٿاڪ جو هنستاني نالو ڪو نه ڏنو ويو آهي پر Vast Salitude جي معنيٰ ٿيندي ويرهدرنيا Virhada ranya يا بيدرن Bedaran. هيءُ نالو ٻڌ ڪرن Biddh Karan لفظ ۾ سولائيءَ سان تبديل ٿي سگهي ٿو. پٽنه ۽ بنارس کان فاصلي جي لحاظ سان بليه ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ ساڳيائپ رکي ٿي. جيڪا پٽنه کان 76 ميل ۽ بنارس کان 86 ميل پري آهي.

شين سئنگ اتي موجود وهار کان ڏکڻ-اوڀر هڪ سؤ لي يا 16 ميل سفر ڪري گنگا پهتو. درياهه اڪري ڏکڻ طرف سفر ڪيو. جنهن جو فاصلو ڪو نه لکيو اٿائين ۽ اچي مو-هو-سو-لو Mo-Ho-So-Lo نالي هڪ شهر پهتو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو مهاسار Mahasara هجي. هي برهمڻن جي وسندي هئي، جن کي ٻڌ ڌرم لاءِ عزت ڪانه هئي. ايم. ووين ڊي سئنٽ مارٽن هن شهر کي مسار Masar سمجهي ٿو‏، جيڪو آر Ara (نقشي جي اره Arrah) کان ڇهه ميل اولهه پاسي آهي. بچانن هن ماڳ ويجهو ڪن کنڊرن جا نشان لڌا هئا ۽ اتان کيس هندوڌرم سان لاڳاپيل ڪي مورتيون به هٿ لڳيون هيون. (659) ان کان هڪدم پوءِ چيني ياتري-فا-لو-ين يا نارائن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو گنگا جي اتي پاسي واقع هو، پر ترسڻ واري اڳئين ماڳ کان هلڻ جو نه طرف ٻڌائي ٿو ۽ نه وري فاصلي جو ذڪر ڪري ٿو، مگر ان کان پوءِ ويسالي وڃڻ جي ناتي، مان سمجهان ٿو ته هن راول گنج Ravel Ganj کان مٿان گنگا پار ڪئي هوندي. هيءُ ٿاڪ مسار کان سر اتر ۽ 100 لي يا سورهن ميل پري آهي. هيءَ وسندي گهاگر ۽ گنگا جي سنگم واري جاءِ ڀرسان آهي، ان ڪري مقدس سمجهي ويندي آهي. تنهن ڪري راول گنج کان مٿان پاڻيءَ جي هن گڏيل وهڪري جي ڪناري تي ڪيترائي مندر ڏسڻ ۾ ايندا. مان شين سئنگ جي بيان وارو نارائن يا وشنو مندر هن ٿاڪ تي سمجهان ٿو، جنهن جي اڏاوت ٻه ماڙ هئي ۽ منجهس پٿر جون عجيب و غريب مورتيون رکيل هيون.

هن ماڳ کان 30 لي يا پنج ميل اوڀر پاسي راجا اشوڪ جي جوڙايل هڪ مشهور اسٽوپا هئي. هيءَ اسٽوپا ان جاءِ تي قائم آهي جتي چيو ويندو آهي ته مهاتما ٻڌ تي ڪن آدم خور دئتن ايمان آندو هو. (660) قديم ٻڌن جي چوڻ موجب ان ٻڌ ٽرائڪا يعني مهاتما ٻڌ ڌرم ۽ ڌرم ۽ سنگهه Sangh ۾ اچي سام ورتي هئي. سام لاءِ سنسڪرت ۾ سرن Sarana جو لفظ آهي. هن علائقي جو صحيح نالو به سارن Sarana آهي، جتي دئت اچي سام پيا هئا. مان سمجهان ٿو ته ان جاءِ تي جيڪا اسٽوپا جوڙي وئي هوندي، تنهن جو نالو به سرن اسٽوپا سرن ٽوپ هوندو. اهو اسٽوپا گهڻو مشهور معروف هوندو. تنهن ڪري امڪان آهي ته اهو نالو علائقي تي به پئجي ويو هوندو. راول گنج کان جيڪڏهن پنج ميل اوڀر طرف وڃبو ته سارن علائقي جي صدر مقام ڇپر Chapra وٽ اچي نڪربو. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي جو مون کي ڇپر بابت ڪابه معلومات نه ملي سگهي، پر پڪ آهي ته هيءَ جڳهه ڪافي اهم آهي نه ته برطانيه سرڪار ان کي علائقي جو صدر مقام ڪو نه چونڊي ها.

سرن اسٽوپا وٽ ڪجهه دير ترسڻ کان پوءِ هي چيني ياتري هڪ ٻي اسٽوپا ڏانهن روانو ٿيو، جيڪا هن اسٽوپا کان 100 لي يا ساڍا 16 ميل ڏکڻ-اوڀر طرف واقع هئي. هن اسٽوپا کي اهو اعزاز هو ته هن کي درونا نالي هڪ برهمڻ تعمير ڪرايو هو ۽ هيٺيان اهو ٿانو دفن ٿيل هو، جنهن سان مهاتما سان لاڳاپيل متبرڪ شين کي ونڊڻ ورڇڻ لاءِ ڪڇيو يا ماپيو ويو هو. سري لنڪا جي تذڪرن ۾ آهي ته اها اسٽوپا دونو Dono نالي  هڪ برهمڻ ڪمڀان Dumbhan تعمير ڪرائي هئي جنهن کي ڪمڀان اسٽوپا سڏيو ويندو آهي. (621) هارڊي ان برهمڻ جو نالو دروه Droh ٻڌائي ٿو ته ان ٿانو کي ڪمڀان جي نالي بدران سونو ڪاڇو يا ماپو Golden measure چوي ٿو. (662) برما جي تذڪرن ۾ ان ٿانو جو نالو ساڳيو ٻڌايو وڃي ٿو بر برهمڻ نالو دائو Daun لکيو ويو آهي. ٿٻيٽ جي ڪتاب ۾ درون Drona (663) مهاتما جي متبرڪ شين جو وزن ٻڌايو ويو آهي، جيڪو غلط آهي. برهمڻن مهاتما جي متبرڪ شين مان حصو ڪو نه ورتو هو، پر هن اهو ٿانو ضرور جهليو هو، جنهن سان تبرڪ جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي هئي. هيءُ ٿانو اٽڪل هڪ درون Drona ماپ جي برابر هو. ڇاڪاڻ ته چيو ويندو آهي ته تبرڪن جو اٺون حصو هڪ درون جي برابر ٿيو هو. ان اسٽوپا جو نالو تنهن ڪري درون پئجي ويو. ڇاڪاڻ ته ان هيٺان درون نالي اهو ٿانو دفن ٿيل هو، جنهن سان مهاتما جي تبرڪن کي اٺن مختلف دعويدارن ۾ هڪ جيترو ورڇيو ويو هو. پر ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اهو نالو فقط يادگار جو ڪو نه هو، ڇاڪاڻ ته هن کي سري لنڪا جي تذڪره ۾ ڪمڀ اسٽوپا لکيو ويو آهي. ڪمڀ پاڻيءَ جي هڪ وڏي ٿانو کي چيو ويندو آهي ۽ هندستان ۾ پٿرن جي ٿنڀن تي ان جي شڪل به اڪريل ڏسبي. هيءُ ٿانو وڏو گول ۽ ويڪري منهن وارو هوندو آهي ۽ منجهس گل رکيل ڏيکاريا ويندا آهن. مان شين سئنگ جي ٻڌايل جاگرافيائي بيهڪ ڇپر کان 17 ميل ڏکڻ اوڀر طرف هجي، پر ان ٿاڪ وٽ ديگهوار Deghwara نالي هڪ ڳوٺ ضرور آهي. هنديءَ ۾ ديگهه Degh اهڙيءَ ڌاتوءَ جي ٿانو جو نالو آهي، جنهن جي شڪل هوبهو ڪمڀ جهڙي هوندي آهي. امڪان آهي ته هتان هيءُ لفظ اصل نالي جي تبديل ٿيل شڪل هجي. هتي غور طلب ڳالهه هيءُ به آهي ته ديگ فارسيءَ جو لفظ آهي، جيڪو ساڳي شڪل جي ٿانوَ لاءِ ڪتب ايندو آهي. مان ديگوار Degwara لاءِ ايترو چئي سگهان ٿو ته اهو سولو نالو آهي، گهڻي اهميت به اٿس ۽ جاگرافيائي بيهڪ به اها ساڳي اٿس، جيڪا ٻڌن جي تاريخي ۽ مشهور ماڳ ڪمڀ اسٽوپا کي آهي.

وئسالي

شين سئنگ ڪمڀ اسٽوپا کان پوءِ وئسالي ڏانهن روانو ٿيو، جيڪا هن ماڳ کان 140 يا 150 لي يا 23 کان 25 ميل اتر اوڀر پاسي هئي. سندس بيان آهي ته هن گنگا رستي سان پار ڪئي هئي. پر جيئن ته هو اڳي ئي درياهه جي اتر ۾ هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندس اشارو گندڪ جي وهڪري ڏانهن آهي جيڪو ديگوار کان 12 ميل پري وهندو آهي. ان نقطه نگاهه کان وئسالي کي گندڪ جي اوڀر پاسي ڏسڻ کپي. مذڪوره طرف ۽ فاصلي مطابق بساره Basarh نالي هڪ ڳوٺ نظر ايندو. چوڌاري زبون حال قلعو اٿس، جنهن کي هتان جا ماڻهو اڃا تائين راجا بيسل-ڪا-ڳڙهه Raja-Bisal-Ka-Garh يا راجا ويسل جو ڪوٽ چوندا آهن.

شين سئنگ جو بيان آهي ته راجا جي محلات جو گهيرو 4 کان 5 لي يا 3500 فوٽن کان 4400 فوٽ تائين هو، جيڪو قديم قلعي جي گهيري جي ماپ سان هڪجهڙائي رکي ٿو. منهنجي ورتل ماپ موجب ان قلعي جي ڊيگهه 1580 فوٽ ۽ ويڪر 750 فوٽ آهي. ان حساب موجب قلعي جي گهيرو 4600 فوٽ بيهي ٿو. ابو الفضل هن ماڳ جو نالو بيسار Besar لکيو آهي. (664) هيءُ اڃا تائين به هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جنهن جي چوڌاري سروٽن جا ڍير ڏسبا آهن. ديگوار کان هن ماڳ جو فاصلو 23 ميل آهي پر طرف اتر –اوڀر بدران اتر-اتر-اوڀر آهي. مگر ان کان پوءِ شين سئنگ 120 لي يا 20 ڪوه سر ڏکڻ ڪري (665) گنگا ڪناري پاتليپتر Pataliputra جي سامهون هڪ ماڳ وٽ پهتو هو ۽ گنگا جي اترئين ڪناري سان 20 ميل پري ۽ ذري گهٽ سري ڏکڻ حاجي پور جو ڳوٺ آهي. انهن ساڳين فاصلن کي نظر ۾ رکي جيڪڏهن اتر طرف سفر ڪبو ته بيساره Besarh  جي اوسي پاسي اچي نڪربو. اهڙيءَ ريت بيساره جي پراڻي قلعي جي نالي جي ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۾ اهڙي ته هڪجهڙائي آهي، جنهن مان معلوم ٿيندو ته اهو بيساره جو ماڳ ويسالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه آهي ۽ هن شهر جي سڃاڻ ۾ رتي ڀر به شڪ ڪو نه نظر ايندو.

شين سئنگ جي اندازي موجب وئسالي جي ملڪ جو گهيرو 5000 لي يا 733 ميل هو. (666) منهنجي خيال موجب اهو گهيرو وڌائي ٻڌايو ويو آهي. جيڪڏهن هن ۾ ڀر واري وريجي Vriji وارو علائقو شامل نه ڪبو ته هن جي پنهنجي ايراضي ايتري ڪانه آهي، هن جي بيان مطابق جنهن جو گهيرو 4000 يا 667 ميل ٿيندو. وريجي جي راجڌاني لاءِ چيو ويندو آهي ته وئسال کان 500 لي يا 83 ميل اتر-اوڀر هئي. ٻئي علائقا جبلن ۽ گنگا جي وچ تي آهن تنهن ڪري پڪ آهي ته ٻنهي مان هڪ جي گهيري ڪڇڻ ۾ ضرور غلطي ڪئي وئي آهي. هنن علائقن جي چوڌاري ٻيا علائقا به آهن. انهن سڀني کي نظر ۾ رکي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هنن ٻنهي علائقن جو گڏيل گهيرو 750 يا 800 ميلن کان هر گز وڌيڪ ڪو نه ٿيندو. جبلن جي ڪڇ کان وٺي گنگا تائين ڏکڻ-اولهه پاسي، گندڪ کان وٺي اوڀر پاسي مهاندي تائين مذڪوره علائقي جو گهير چئي سگهجي ٿو، تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته يا ته ڪٿي انگ اکر غلط ڪٿيا ويا آهن  يا وري گهني وڌاءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن جا نالا گهڻا پر ملڪ هڪ آهي. برنؤف Burnouf (667) ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل هڪ ڏندڪٿا جو حوالو ڏنو آهي ته هڪ ڏينهن مهاتما ٻڌ آنند Ananda نالي هڪ ماڻهوءَ سان گڏ چاپال Chapala اسٽوپا ڏانهن وڃي رهيو هو جڏهن سفر ڪري ٿڪجي پيو ته هڪ وڻ جي هيٺان ويهي رهيو. انهيءَ دوران پنهنجي چيلي کي مخاطب ٿيندي چيائين”آنند وير جي گهراڻي جي ملڪ جو شهر وئسالي ڪيڏو نه سهڻو آهي.“ مهاتما گوتم ٻڌ ۽ ان کان پوءِ واري زماني ۾ صدين تائين وئسالي جي رهواسين کي لڇوي Lichhavis ڪوٺيو ويندو هو. ٽريڪندسيش Trikandasesha ۾ لڇوي وئيدهه Vaideha ۽ تيرا ڀڪتي Tirabhukti کي هڪ ڪري ٻڌاوي ويو آهي. جن ماڻهن رامائڻ پڙهيو هوندو سي وديهه  کان پوريءَ ريت باخبر هوندا ته اهو راجا جنڪا Raja Janaka جي ملڪ مٿيلا Mthila جو نالو هو، تنهن ڪري ان جي ڌيءَ سيتا کي به وئديهي سڏيو ويندو هو. ٽيڀڪتي موجوده دور وارو ٽيرهٽي Tirhuti يا ٽيرهٽ Tirhut آهي. مٺڙي Mithari علائقي جي موجوده شهر جنڪ پور Janakapur لاءِ هتان جي عام ماڻهن جو خيال آهي ته اهو قديم ملڪ مٿيلا Mthila جي راجڌاني هو. هيءُ شهر شين سئنگ جي ٻڌايل ماڳ چين-چو-نا Chan-Chu-Na جي جاگرافيائي بيهڪ سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، جيڪو هن ياتريءَ جي بيان موجب وريجي Vriji گهراڻي جي راجائن جي راجڌاني هو. ايم. ووين ڊي سئنٽ مارٽن مذڪوره چيني نالي کي چي-ٿو-نا Che-Su-Na پڙهيو آهي. هو هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌائي ٿو ته انهيءَ جو ٻيو مفهوم سوڪر Sukra يا سودر Sudra ٿي سگهي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هن جي پڙهڻي شڪ کان خالي نه آهي پر جيڪڏهن چيني ياتريءَ طرف ۽ فاصلو صحيح لکيو آهي ته ستين صديءَ ۾ وريجي Vriji راجڌاني ضرور جنڪ پور هوندي. شين سئنگ ان جو نالو سنسڪرت ۾ فو-لي-شي Fo-Li-Shi يا وريجي لکي ٿو. هن سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته اتر پاسي وارا ماڻهو هن ملڪ کي سن-فا-شي San-Fa-Shi يا سموجي Samvaji جي نالي سان سڏيندا آهن. (668) هيءُ لفظ ساموريجي جي پالي شڪل آهي جنهن جو مطلب آهي ته متحده وريجي United vriji. هن مان ائين سمجهه ۾ اچي ٿو ته وريجي تمام وڏو قبيلو هو، جيڪو مختلف نياتن ۽ برادرين ۾ ورهايل هو جنهن ۾ لڇوي، وئسالي، مٿيلا وارا وديهي، ٽيرهٽ وارا ڀڪتي به شامل هئا. انهن سڀني علائقن مان هر هڪ کي وريجي ڪري سڏيو ويندو هو. اسان وٽ اهڙو مثال ستلج علائقي ۾ رهندڙ ويڙهاڪ باگڙين Bagris جو آهي، جن کي سام باگڙي به ڪوٺيو ويندو آهي. اهي به ٽن ڌار ڌار نياتن ۾ ورهايل آهن. مان سمجهان ٿو ته متحده وريجي وارن ڌار ڌار علائقن ۾ وئسالي هڪ جدا علائقو هو، تنهن ڪري شين سئنگ هن جي گهيري جو الڳ ذڪر ڪري غلطي ڪئي آهي. ان لحاظ سان اسان کي 5000 لي يا 833 ميلن بدران 1500 لي يا 250 ميل پڙهڻ گهرجي. هتي ڏنل هن گهيري جي ناتي سان وئسالي واري علائقي جي متحده وريجي واري ملڪ جي ڏکڻ-اولهه ڪنڊ ۾ محدود ٿي ويندي جنهن جي اولهه پاسي وارو دنگ گندڪ ندي وارو وهڪرو ٿي سگهي ٿو.

شين سئنگ جي بيان موجب وئسالي کي اتر-اولهه پاسي اٽڪل 200 لي يا 33 ميل پري ڪنهن قديم شهر جو ڦٽو آهي. چيو ويندو آهي ته اڳينءَ جوڻ ۾ مهاتما گوتم، چڪر ورتي راجا جي روپ ۾ هتي راڄ ڪيو هو ۽ ان زماني ۾ سندس نالو مهاديو هو. ان حقيقت جي ياد ۾ هتي اسٽوپا تعمير ڪئي وئي آهي. هن ماڳ جو نالو ڪو نه ڏنو ويو آهي پر طرف ۽ فاصلي مان پتو پوي ٿو ته اهاءِ جاءِ ڪيسريه Kesariya آهي، جيڪو وئسالي کان اتر-اتر-اولهه پاسي 30 ميل پري موجود آهي.  معلوم ٿيندو ته هتي ڪنهن قديم شهر جو ڊرو آهي جنهن مٿان هڪ اوچي اسٽوپا ٺهيل ڏسبي. ماڻهن جي چوڻ مطابق اها راجا وينا Vena چڪرورتي جوڙائي هئي. پراڻن ۾ به راجا وينا کي چڪرورتي سڏيو ويو آهي. مان اتر هندستان ۾ هن راجا کي سري رامچندر يا پنجن پانڊون جيترو مشهور ڏٺو. هن ماڳ وٽ ٻن وڏين سڻڪن جي چودڳي آهي. انهن مان هڪ سڻڪ پٽنه کان ايندي ۽ اتر طرف بيتيه Bettiah ڏانهن ويندي آهي ۽ ٻي ڇپرا Chapra کان اچي گندڪ ندي اڪري نيپال ويندي آهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته سري لنڪا جي تذڪرن ۾ هيءَ ڳالهه موجود آهي ته مهاتما ٻڌ پنهنجي چيلي آنند کي چيو هو ته (669) راجا چڪرورتي پاڻ ڪنهن چودڳيءَ تي ٿيو Thupo تعمير ڪرائيندو، تنهن ڪري مون کي پڪ ٿئي ٿي ته هيءَ اها ئي جاءِ آهي جنهن جو چيني ياتريءَ ذڪر ڪيو آهي.

وريجي

شين سئنگ اتان روانو ٿيو ۽ اتر-اوڀر 500 لي يا 83 ميل سفر ڪري وڃي –فو-لي-شي Fo-Li-Shi پهتو هو، جنهن کي اڳي ئي سڃاتو ويو آهي ته اهو وجي Wajjis يا وريجي Vriji نالي هڪ سگهاري ڪُر جي ماڻهن جو علائقو هو. مهاتما ٻڌ واري زماني ۾ وريجي ڪُر گهڻين نياتين ۾ ورهايل هئي جن ۾ لڇوي، وئديهي، تيرڀڪتي ۽ ٻيون برادريون منجهس شامل هيون. انهن جو صحيح انگ اٺ هو ڇاڪاڻ ته ڏوهين کي اٺ ڪلڪ Atthkulaka آڏو پيش ڪيو ويندو آهي. (670) هن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته آچار ويچار لاءِ هرنيات مان هڪ پئنچ کنيو ويندو آهي. شين سئنگ جو بيان آهي ته اتر وارا ماڻهو هن کي سن-فا-شي Sun-Fa-Shi يعني سام وجي Sam Vajji ڪوٺيندا هئا. ٽرنر پالي ٻوليءَ ۾ لکيل سري لنڪا جي ٻڌ تذڪرن مان وجي نالي بابت هڪ ڊگهو احوال ڏنو آهي، (671) ته مگڌ جي هڪ سگهاري راجا اجتسترو Ajatasatru  وجي جي طاقتور نياتن کي ماري مات ڪرڻ لاءِ پنهنجو منتري مهاتما گوتم ڏانهن روانو ڪيو هو. راجا کي ٻڌايو ويو ته جيستائين وجي جي ماڻهن جو ٻڌي ۽ ايڪو رهندو تيسائين کين ماري مڃائڻ ڏکي ڳالهه ٿيندي. ان راجا ڇا ڪيو جو پنهنجي منتري جي سهڪار سان اتان جي راجائن ۾ ايڏو ڦيٽاڙو وجهي ڇڏيائين جو انهن نياتن جا ٻه راجا هڪ سڻڪ تي هلي ڪو نه ٿ ي سگهيا. جڏهن ڌارين طرفان مٿن حملا ڪيا ويا ته منجهن مذاحمتي سگهه ئي ڪانه رهي هئي. (676) تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سام وريجي هنن اٺن ئي نياتن جو هڪ گڏيل نالو هو جن بابت مهاتما ٻڌ پنهنجي راءِ جو ظهار ڪندي چيو هو ته هو هر ڪم لاءِ پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪندا آهن ۽ جڏهن ڪو به ڪم ڪندا آهن ته گڏجي موڙي ٻڌي ڪندا آهن ۽ وجي جا جيڪي قديم ادارا هئا تن جي گڏجي سار سنڀال ڪندا آهن. ڪنهن به راجا جو نالو ڪو نه ڏنو ويو آهي پر چيو وڃي ٿو ته سڀئي ماڻهو پنهنجي نيات جي پرين مڙسن جي چئي اکئي ۾ هوندا هئا.

شين سئنگ جي بيان موجب وريجي ڪُر جو ملڪ اوڀر کان اولهه ڊگهو ۽ اتر ڏکڻ طرفن کان سوڙهو هو. (673) هيءُ بيان ان علائقي سان هڪجهڙائي رکي ٿو جيڪو گندڪ نديءَ ۽ مهاندي جي وچ تي آهي جنهن جي ڊيگهه 300 ميل ۽ ويڪر 100 ميل آهي. ان علائقي جي دنگ اندر ڪيترا ئي شهر ڏسڻ ۾ ايندا. ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي وريجي ڪُر جي راجائن جون راجڌانيون به هجن. منجهائن وئسالي، ڪسيريه ۽ جنڪ پور ته اڳيئي سڃاتا ويا آهن، باقي ماڳ هي آهن: نوند ڳڙهه Navandgarh، سمرون Simru، دربنگ Darbanga، پورنيه Puranitya ۽ موتيهري Motihari. پويان ٽٽي شهر اڃا به آباد آهن، منجهن ڪافي ماڻهو رهندا آهن ۽ گهڻو تڻو مشهور به آهن پر سمرون وارو ماڳ گذريل 550 سالن کان ڦٽو پيو آهي. نوند ڳڙهه ته گذريل پندرهن سو سالن کان غير آبا دآهي. مسٽر هاج سن Mr. Hadgson سمرو جو ذڪر ڪيو آهي. (674) هن شهر جي پراچينا کي متعين ڪرڻ واسطي وڌيڪ جاچ پڙتال ۽ کوجنا جي ضرورت آهي. سن 1862ع ۾ نوند ڳڙهه مون به ڏٺو هو ۽ مون کي معلوم ٿيو ته هي اتر هندستان جو نهايت دلچسپ ۽ قديم ماڳ آهي.

نوندڳڙهه يا نائوند ڳڙهه Naongarh هڪ قلعي جو ٿرڙ آهي جنهن جي مٿين ماپ 250 يا 300 فوٽ همچورس ۽ اوچائي 80 فوٽ ٿيندي. ڀرسان لاريه Lauriya نالي هڪ وڏو ڳوٺ اٿس. هيءُ ماڳ بيتيه کان 15 ميل اتر-اتر-اولهه ۽ گندڪ نديءَ جي ويجهي ۾ ويجهي نقطي کان 10 ميل وٿيرڪو ٿيندو. (675) هتان هٿ آيل شين ۾ پٿر جا ٺلهه آهن، جن ۾ شيشن جون تصويرون ۽ اشوڪ واري لکت نظر ايندي. ان کان سواءِ هتي موڙيل (مخروطي) طرز تي مٽيءَ جي دڙن جون ٽي قطارون ڏسڻ ۾ اينديون، جن مان ٻه اتر کان ڏکڻ ۽ هڪ اوڀر کان اولهه ويندي ڏسڻ ۾ ايندي. هتي اسٽوپا جون اڏاوتون به ڏسبيون جيڪي پٿرايون يا پڪ سريون آهن. پر قديم دور سان لاڳاپيل اسٽوپائون  رڳو مٽي جا ڍير نظر اينديون. هتي جيڪا اسٽوپائون ڏٺيون ويون آهن، تن جو ڍنگ ۽ ڍٻ نرالو هو. مان سمجهان ٿو ته ٻڌ دور کان اڳ ڪ ن راجائن جون قبرون آهن، جن جي دور کي حضرت عيسيٰ 600-1500 سال اڳ چئي سگهجي ٿو. هتان جا ماڻهو هنن مان هر هڪ کي ڀيسا Bhisa يعني دڙو سڏيندا آهن. هنن سڀني لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ڪوٽ يعني قلعا هئا. راجا اتانپت Uttanpat جا منتري رهندا هئا. باقي نوند ڳڙهه واري قلعي ۾ راجا پاڻ رهندو هو. لفظ اسٽوپا جي اصلي معنيٰ به مٽيءَ جو دڙو Mound of earth آهي. ڪول بروڪ Cole Brooke امر ڪوش Amarakosha جي ترجمي ۾ اها ئي چئتاؤ Chaityas انهن اڏاوتن جو حصو آهن جن جو واسطو مهاتما گوتم جي پنهنجي چيلي کان پڇيل ڇهين سوال سان آهي. (676) ”آنندو! تو وجين بابت ٻڌو آهي؟ اهو ٻڌائي سگهندين وجي راجائن جو چتائون ڪيتريون هيون؟ شهر کان ٻاهر ۽ اندر انهن جو انگ ڪيترو هو؟“ انهن چتائن جي اهي ڏاڍي سار سنڀال لهندا آهن، عزت احترام ڪندا آهن ۽ مڃتا ڏيندا آهن. سندن مڃتا ڏيڻ وارو طريقو به نهايت قديم آهي. انهن ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪئي ويندي آهي. اهي قديم رسمون به بجا آڻيندا آهن. سندن ٻل چاڙهڻ جو طريقو نهايت آڳاٽو آهي.“ آنند وراڻيو.

هن بيان جي ناتي سان چئي سگهجي ٿو ته اهي چتائون ٻڌ ڌرم سان ڪو واسطو ڪو نه ٿيو رکن ڇاڪاڻ ته اهي مهاتما گوتم کان اڳ موجود هيون ۽ هن پاڻ به انهن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پاڻ ئي هنن بابت سوال ڪيا هئائين. سري لنڪا جي ٻڌ تذڪره جي هڪ لکڻهار اٺڪٿا Atthakatha جو بيان آهي ته اهي اڏاوتون يڪٺا ناني Yakhathhanani آهن جن جو واسطو يک Yakha يعني دئتن جي پوڄا پاٺ سان آهي. يک لفظ کي سنسڪرت ۾ يڪش Yaksha ۽ جڪش Jaksha چيو ويندو آهي. جيڪي دولت جي دوتا ڪوڙا Ku-Vera جا ٽهليا ۽ داس هئا. ۽ اهو به چيو ويندو آهي ته سندن رهائش گاه الڪپور Alkapur ندي هئي. گندڪ نديءَ جي اوسي پاسي اهڙي شهر جو نالو مليو آهي جنهن کي اڪپو Alakappo سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ بليه Balaya يا بلوڪ Buluka ڪُر جا ماڻهو رهندا هئا، جن کي مهاتما ٻڌ جي تبرڪن مان به پتي ڏني وئي هئي،  تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته هي قديم شهر الڪپو، يڪش پوڄا سان لاڳاپيل هجي ۽ نوند ڳڙه واريون قديم چتائون جن جو تعلق ٻڌ ڌرم سان ڏيکاريو ويو آهي، سي اصلي وريجي ڪُر سان لاڳاپيل هجن. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ الڪپو جا بليه يا بلوڪ اصلي وريجي آهن. هن ڳالهه جي وڌيڪ تصديق هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته الڪپو ماڳ گندڪ نديءَ جي ويجهو آهي.

نيپال

وريجي کان پوءِ هي چيني ياتري ني-پو-لو ويو هو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو ماڳ 1400 کان 1500 لي يا 233 ميلن کان 250 ميل اتر-اولهه طرف هو. (677) جنڪپور کان نيپال وڃڻ لاءِ ٻه رستا آهن. هڪ ڪملا ندي Kamala river ۽ ٻيو ڀاگمتي Bhagmati يا ڀاڳوتي ندي Bhagavati وسيلي آهي پر ٻنهي رستن وسيلي فاصلو هڪ جيترو يعني 150 ميل آهي. ملڪ جو گهيرو 4000 لي يا 667 ميل ٻڌايو ويو آهي، جيڪو گهڻو گهٽ آهي پر جيڪڏهن خاص نيپال واري علائقي جو گهيرو ٻڌبو جيڪو سپت ڪائوسيڪي Sapta Kausiki يعني ڪوسي ندي Kosi river جي ستن ڇاڙهن تي آباد آهي پوءِ ته ٺيڪ آهي. هن مامري ۾ گندڪ نديءَ وارو جابلو علائقو جدا سمجهيو ويو آهي جيڪا ڳالهه ناممڪن ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان مان نيپال ۾ مٿين ٻن ندين جي ماٿري به نيپال واري ايراضيءَ ۾ شامل سمجهڻ کپي. ان ڪري مان شين سئنگ جي ڏنل ماپ 4000 لي کي 6000 لي يا هڪ هزار ميل گهيرو سمجهان ٿو ۽ اهو ئي ٻنهي ماٿرين جو صحيح گهيرو آهي.

نيپال جو راجا لڇوي گهراڻي جو ڪشتريه Kshatriya هو ۽ سندس نالو آسو-ورما Assu-Varmma ڪري لکيو آهي. شايد هي اهو راجا آهي جنهن کي ڏيهي مؤرخن انگهو ورما (Anghu varmma) ڪري لکيو آهي، جنهن جو نيورت Newarit يا نيور Vewar گهراڻي سان واسطو هو. جيڪڏهن آسو برما لڇوي گهراڻي وارو هوندو ته پوءِ اهو هن ملڪ ۾ هڪ ڌاريو هوندو، ڇاڪاڻ ته وريجي گهراڻي جي اصلي ڌرتي وئسالي آهي. دور به انگهو ورما سان ٺهڪي اچي ٿو، ڇو جو هو راگهو ديو Raghava-Deva کان اڳ پندرهون حڪمران هو، جنهن 880ع ۾ مينور دور جو آغاز ڪيو هو. جيڪڏهن اسان هر راجا جو دور 17 سال مقرر ڪنداسون ته انگهو ورما جي راڄ جو دور وڃي 625ع ۾ بيهندو.، شين سئنگ هن جوءِ ۾ 637ع ۾ آيو هو ۽ اهو سندس حڪمرانيءَ جو پويون دور هوندو.

اچرج جهڙي ڳالهه اها به آهي ته ٿٻيٽ ۽  لداخ جا راجا به دعويٰ ڪندا آهن ته اهي لڇوي ڪُرِ جي ڦريءَ سان ساڳاپو رکن ٿا. جيڪڏه ن سندن دعويٰ صحيح ۽ کري آهي ته سندن واسطو هنن ڪُرِ جي نيپال واري ڇاڙهه سان هوندو. نيپال کي لڇوي نڇ جي نيورت Newarit راجا فتح ڪيو هو. جيڪو انگهو ورما کان 37 پيڙهيون اڳي هو. جيڪڏهن سترهن ورهيه هر راجا جي راڄ کي ڏجن ته ان جو دور حضرت عيسيٰ کان 4 سال اڳ بيهندو. ٿٻيٽ جي تاريخ جي شروعات نيهڪري سمپو Nykhri-Tsanpo جي راڄ سان ٿئي ٿي. هن جي دور کي اندازي موجب لا-ٿوٿوري ThoThori Lha- کان پنج سؤ سال اڳ سمجهيو ويندو آهي، جنهن جو راڄ 407ع ۾ قائم هو. ان حساب موجب پهرئين راجا جي راڄ کي حضرت عيسيٰ کان 95 سال اڳ سمجهي سگهجي ٿو، پر لا-ٿوٿوري جو پنجون جانشين 627ع ۾ ڄائو هو، تنهن ڪري 407 واري دور ۾ ڏيڍ صديءَ جو فرق اچي وڃي ٿو. پهرئين راجا جي صحيح دور معلوم ٿيڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته لڇوي گهراڻي 50ع کان اڳي مذڪوره علائقا فتح ڪو نه ڪيا هوندا يعني نيپال جي فتح کان ٻه پيڙهيون پوءِ ڪامياب ٿيو هوندو.

مگڌ

شين سئنگ نيپال کان ٿي وري وئسالي موٽي آيو هو ۽ ڏکڻ طرف سفر ڪري گنگا اڪري مگڌ جي راجڌانيءَ ۾ داخل ٿيو هو. سندس بيان آهي ته هن شهر جو اصلي نالو ڪُسم پور Kusumapura هو جيڪو گهڻو اڳ ڦٽو ويران لڳيو پيو هو. هن جو گهيرو 70 لي يا اٽڪل ٻارهن ميل هو ۽ پاتلي پتر پور Patali Putra pura وارو نئون شهر هن کان سواءِ هو. يونانين ميگس ٿينس Megas thenes جي حوالي سان هن کي ٿورو بدلائي پاليبوٿرا Palibothra ڪري لکيو آهي، جنهن جو احوال ائرين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. (678) سندس بيان آهي ته هندستان جي راجڌاني پاليبوٿرا آهي جيڪو ايرانوبوس Erannoboas ۽ گنگا جي سنگم ويجهو آهي. ايرانوبوس لاءِ چيو ويندو آهي ته هي ساري هندستان ۾ ٽيون نمبر وڏو درياهه آهي. رڳو سنڌو ۽ گنگا هن کان وڏا درياه آهن. ميگس ٿينس اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن شهر جي ڊيگهه 80 اسٽاڊيا ۽ ويڪر 15 اسٽاڊيا آهي. وڌيڪ بيا ن ڪري ٿو ته قلعي جي چوڌاري هڪ کاهي کوٽيل آهي جيڪا ڇهه ايڪڙ ويڪري ۽ ٽيهه پُرهه اونهين آهي 5700 چبوترا ۽ 64 ڦاٽڪ اٿس. هن بيان موجب سليوڪس نيڪٽار Seleukos Nekator جي زماني ۾ مگڌ جي شهر جو گهيرو 220 اسٽاڊيا يا ساڍا 25 ميل هوندو. هيءُ گهيرو موجوده شهر پٽنه جي گهيري جيترو ٿيندو. بچائن جي جاچ پڙتال موجب هن شهر جي ڊيگهه نو ميل ۽ ويڪر سوا 21 ميل هئي (679) يا ٿي سگهي ٿو ته ڪل گهيرو سوا 21 ميل هجي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ستينءَ صديءَ ڌاران قديم ڪسم پور جو گهيرو موجوده شهر جي گهيري جي اڌ جيترو يعني 11 ميل هوندو ته تعجب جي ڳالهه نه آهي.

ڊايوڊورس جي دعويٰ آهي ته (680) هن قديم شهر جو بنياد هيراڪلس Herakls رکيو هو. ٿي سگهي ٿو ته سندس مطلب ڪرشن جو ڀاءُ بل رام Bala Ram هجي. پرڏيهي ذريعا هن ماڳ کي ايترو آڳاٽو ڪو نه ٿا سمجهن. وايو پراڻ موجب ڪسم پور يا پاتلي پتر جي قديم شهر جو بنياد راجا ادياسو Udyaswa رکيو هو جيڪو (681) راجا اجتسترو جو پوٽو ۽ مهاتما گوتم ٻڌ جو مشهور هنڌ هو. ٻڌ ڌرم جي ڪتابي احوالن مطابق (682) جڏهن مهاتما گوتم راج ريهه  Raja Griha کان وئسالي ڏي آخري ڀيرو آيو هو ته هن گنگا پار ڪري ڏٺو هو ته راجا اجتسترو جا ٻه منتري پاتليءَ جي ڳوٺ کان ٻاهر قلعي جوڙائڻ ۾ مصروف هئا، انهيءَ لاءِ ته جيئن وريجي جي رهواسين وجيين تي ضابطو رکي سگهجي. اهو ڏسي مهاتما ٻڌ اڳڪٿي ڪئي هئي ته اهو شهر ڪڏهن وڏي ترقي ڪندو. هنن ٻنهي ڳالهين مان هيءُ نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پاتليپتر شهر جو بنياد راجا اجتسترو جي زماني ۾ رکيو ويو هو پر اهو سندس پٽ يا پوٽي اديه Udaya جي زماني  450 ق. م جڙي راس ٿيو هوندو.

هيءَ شهر گنگا ۽ ايرانو بوس ندين جي سنگم وٽ هوندو هو ۽ اندازو ڪيو ويو آهي ته اشارو گندڪ يا هرنيه وتي Harnya vati ڏانهن آهي، جيڪا پٽنه جي سامهون اچي گنگا سان سنگم ڪندي آهي پر مسٽر ريون شان Mr.Raven Shaw اهو پڪيءَ ريت ثابت ڪيو آهي ته اها سون ندي هوندي هئي، جيڪا پاٽنه مٿان اچي گنگا سان لندي هئي (683) سون نديءَ کي هرنيه-باه Hiranya-Baha  به چيو ويندو هو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ان جو پاڻي ڀوري لٽ جي ڪري ڀورو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جاگرافيائي بيهڪ ۽ نالي جي هڪجهڙائي مان پتو پوي ٿ و ته اها ايرانوبوس ندي آهي.

اسٽرئبو ۽ پليني، ائرين سان هن ڳالهه ۾ سهمت آهن ته پاليبوٿرو جي ماڻهن کي پراسي Prasii ڪوٺيو ويندو هو، جنهن بابت موجوده دور جا مؤرخ به متفق آهن. اهو اشارو پراچيه Prachya ڏانهن آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اوڀر وارا. پر منهنو خيال آهي ته پراسيه لفظ پلاسيه Palasiya لفظ جو يوناني نمونو آهي، جنهن جو مطلب آهي پلاس Palasa يا پراس Parasa جا رهواسي. هيءُ مگڌ جو مشهور معروف نالو آهي ۽ پاليبوٿرا به هن علائقي جي راجڌاني هوندو هو. هن علائقي جو اهو نالو ان ڪري پيو آهي جو پلاس Butea Frondosa جو ٻوٽو هتي گهڻو ٿيندو آهي ۽ شين سئنگ واري زماني ۾ به اهو بوٽو تمام گهڻو ٿيندو هو (684). هن عام مشهور نالو پراس آهي. منهنجو خيال آهي ته يوناني لفظ پراسيه Prasii به هن لفظ تان ورتو ويو آهي، ڪرٽس جي ڏنل هجي مان هن ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي (685) جنهن هن لفظ کي فراسيه Pharrasii ڪري لکيو آهي. مان سمجهان ٿو ته اها هندستاني لفظ پراسيه جي صحيح هجي آهي. ايلين Aelian پروگزياڪاس جو لفظ پلاسڪ Palasaka تان ورتو ٿو ڀائنجي.

شين سئنگ جي اندازي مطابق مگڌ علائقي جو گهيرو 5000 لي يا 833 ميل هو (686). هن علائقي جي اتر کان گنگا، اولهه کان بنارس جو علائقو، اوڀر کان هرينه پراوت Haranya-parvat يا مونگير Mongir ۽ ڏکڻ کان ڪرن سوورن Kuran Suarna يا سنگڀوم Singbuumi هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو علائقو اولهه پاسي کان ڪرمناس Karmnasa ندي تائين ۽ ڏکڻ کان دمود نديءَ تائين پکڙيل هوندو. نقشي جي سڌي ماپ مطابق علائقي جو گهيرو 700 ميل ۽ سڻڪ جي پنڌ موجب اهو 800 ميل هو.

مهاتما گوتم ٻڌ ڌرم جي شروعات مگڌ علائقي کان ڪئي هئي ۽ ان جي سڌاري واڌاري سان لاڳاپيل پهريون مرحلو به هتان شروع ڪيو ويو هو. تنهن ڪري ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ٻڌن جون ڌرمي اڏاوتون به هتي وڌيڪ نظر اينديون جن مان ڪجهه هي آهن: ٻڌگيه Budha Gaya ڪڪوت پد Kukkuta pada، راجگريهه Raja ,griha ڪوساگراپور Kusagarapura، نالند Nalanda, اندر سلاگهه Indrasilaguha ۽ ڪپوليڪ Kapolika وغيره. هنن ماڳن جو ڌار ڌار بيان ڪيو ويندو ۽ غير اهم  ٿاڪن جو ذڪر شين سئنگ جي اهم ماڳن ڏانهن سفر دوران ڪيو ويندو.

ٻڌ گيه

چيني ياتري پاتليپتر شهر جي ڏکڻ-اولهه ڪنڊ کان ڏکڻ-اوڀر طرف روانو ٿيو ۽ 100 لي يا ساڍا 16 ميل پنڌ ڪري ٽي-لو-شي-ڪيا Ti-lo-she-kia يا ٽي-لو-سي-ڪيا Ti-lo-se-kia نالي هڪ وهار وٽ پهتو.پوءِ اتان به ساڳئي طرف 90 لي يا 15 ميل سفر ڪري هڪ اتاهين جبل وٽ اچي نڪتو. جنهن جي چوٽيءَ تي مهاتما گوتم چڙهي مگڌ جي ملڪ ڏانهن نهاريو ۽ غور ويچار ڪيو هو. (687) اتان اتر-اولهه 30 لي يا 5 ميل پنڌ ڪري هڪ وڏي وهار جي ياترا ڪيائين جيڪو هڪ ٽڪريءَ جي لاهونديءَ تي اڏيل هو، جتي گڻمتي Gunmati هڪ ويراڳيءَ کي بحث مان مات ڏني هئي. جنهن ماڳ وٽان ڏکڻ-اولهه 20 لي ساڍا 3 ميل پنڌ ڪري سلڀدر Silabhadra نالي هڪ وهار جي ياترا ڪري ساڳي طرف تي 40 لي يا 7 يا 8 ميل پنڌ ڪري ني-لين-شين Ni-lien-shen يا نئه رنجن Nairanjan پار ڪري ڪيا-يي Kia-ye يا گيه شهر پهتو هو(688).

هن سڻڪ سان جن ماڳن جو ذڪر ڪيو ويو آهي تن کي سڃاڻڻ کان پهريائين مان پنهنجي راءِ هن ريت اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو ته مٿي بيان ڪيل گهڻن ماڳن جا طرف ۽ فاصلا غلط بيان ڪيا ويا آهن تن کي صحيح ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. ڏٺو وڃي ته پٽنه کان گيه جو طرف سر ڏکڻ آهي، تنهن ڪري مٿي جيڪي ڏکڻ-اولهه وارا طرف ڏيکاريا ويا آهن، سي ڏکڻ سمجهڻ گهرجن. مختلف فاصلن کي جيڪڏهن جوڙ ڪبو ته ڪل فاصلو 230 لي يا 38 ميل ٿيندو. پر پٽنه ۽ گيه جي وچ ۾ سڻڪ موجب اصلي فاصلو سٺ ميل ٿيندو. مگر چيني ياتري ورن وڪڙن وارو رستو اختيار ڪيو هو، تنهن ڪري اهو ستر ميل کان هرگز گهٽ ڪو نه هوندو. پر گهٽ ۾ گهٽ فاصلو به ٻڌيو ته به سندس اصلي پنڌ کان 220 لي يا 33 ميل گهٽ بيهي ٿو. هن فاصلي کي اڌواڌ ڪري هن سولي سفر کي پهرين ٻن سفرن مان هر هڪ ۾ جوڙ ڪريان ٿو.

اهڙيءَ ريت منهنجي قائم ڪيل طرف ۽ ٻيڻي فاصلي جي لحاظ سان ٽي-لو-سي-ڪيا يا تيلدڪTiladaka وارو وهار، پٽنه جي ڏکڻ-اولهه واري ڪنڊ کان 20 لي يا 33 ميل پري ۽ سر ڏکڻ ٿيندو. اهو ماڳ ڦلگو Phalgu نديءَ جي اوڀر ڪناري تي واقع تلار Tillara شهر جي اوسي پاسي وڃي ٿيندو. هن کان پوءِ سندس بيان مان به اها تصديق ٿئي ٿي ته اها جاگرافيائي بيهڪ تيلدڪ وهار جي آهي. چين ڏانهن ورڻ مهل هو نالند وهار کان  ٿيندو سڌو تيلدڪ پهتو هو. سندس بيان موجب اهو ماڳ نالند کان 21 ميل يا 3 يوجن اولهه طرف هو. (689) جيتري قدر نالند جي جاگرافيائي بيهڪ جو تعلق آهي ته مان ان کي بڙاگائون  Baragaon ڀرسان ۽ راجگير Rajagir کان ڇهه ميل اتر سمجهان ٿو. بڙاگائون کان تلار  17  ميل اتر-اولهه طرف آهي. هي فاصلو نقشي موجب سڌو ڪٿيو ويو آهي. سڻڪ سان اهو فاصلو 20 ميل ٿيندو.

ان کان پوءِ هيءَ ياتري اتاهين جبل ڏانهن ويو هو. چيو ويندو آهي ته مهاتما هن جبل تي چڙهي مگڌ ملڪ ڏانهن غور سان نهاريو هو. منهنجي صحيح ڪيل فاصلي موجب هيءُ جبل تلار يا تيلدڪ کان 190 لي يا 32 ميل ڏکڻ ۽ گيه کان 70 لي اتر-اوڀر ٿيندو. هن طرف ۽ فاصلي جي نقطئه نگاه کان هي ماڳ ٻڌ جبل آهي، جيڪو گيريڪ Giryek ۽ گيه جي وچ تي آهي. اهو وزير گنج Vazirganj کان ٿي ٽي ميل اتر-اولهه ۽ اميٺي Ametti کان ساڳي فاصلي تي اولهه پاسي ٿيندو. سندس بيان ۾ هن جبل جو ذڪر آهي جيڪو خوش قسمتيءَ سان اهڙوئي آهي. جيڪو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. ڇو جو هيءُ اهڙو پڪو ماڳ آهي جنهن سان پهرئين مرحلي واري سفر کي صحيح ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو پهريون ويجهو جبل آهي جنهن جو پٽنه کان فاصلو 50 ميل کان سرس ٿيندو.

ٻڌ جبل کان هيءُ چيني مسافر اتر-اولهه ڏانهن 30 لي يا 5 ميل پنڌ ڪري گهنتي نالي هڪ وڏي وهار وٽ پهتو هو، جيڪو جابلو لڪ جي لاهونديءَ ۾ اڏيل هو. بيان ڪيل طرف ۽ فاصلي مان نندين ٽڪرين واري سلسلي جو اهڃاڻ ملي ٿو، جيڪو نداوت Nidawat ويجهو پيور Pewar نديءَ جي ڪناري سان موجود آهي. گنهتي وهار  جي ياترا کان پوءِ شين سئنگ ڏکڻ-اولهه 20 لي يا ساڍا 3 ميل سفر ڪري اچي سيلڀدر وهار پهتو هو، جيڪو هڪ الڳ ٽڪريءَ تي اڏيل هو. هن جاگرافيائي بيهڪ مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ماڳ بٿاو هو. هن جاگرافيائي بيهڪ مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ماڳ بٿاو Bethawa آهي. هي هڪ اڪيلي ٽڪري آهي جيڪا پيو نديءَ جي اوڀر ڪناري ۽ نداوت کان ٽي ميل ڏکڻ-اولهه ٿيندي. ان جو نالو ڀٿ Bhitha آهي، جنهن جي معنيٰ آهي هٿرادو دڙو. ٿي سگهي ٿو ته هيءَ سيلڀدر وارو وهار هجي. هن ماڳ وٽان 40 يا 50 لي يا 7-8 ميل ڏکڻ-اولهه پنڌ ڪري نئرنجن ندي اڪري گيه شهر ۾ داخل ٿيو هو. گيه جي سامهون ڦيلگون ندي آهي. ليلاجن Lilagan يا نيلاجن Nilajan ان وهڪري جو نالو آهي، جيڪو گيه کان پنج ميل مٿان اچي موهاني نديءَ سان ملندو آهي. شهر ۾ ڳتيل آبادي هئي ۽ هزار گهر برهمڻن جا هئا هن شهر کي ٻڌگيه کان الڳ ڪرڻ ۽ سمجهڻ واسطي برهمه گيه Brahma-gaya سڏيو ويو آهي.

هتان کان 5 يا 6 لي يا هڪ ميل جي فاصلي تي ڏکڻ-اولهه طرف گيه-جبل آهي، جنهن کي هندستان جا ماڻهو هن کي ايشوري Divine جبل ڪري سمجهندا آهن. موجوده دور ۾ هن جبل جو نالو برهم-جونBrahm-juin  يا برهم-يوني Brahm-yoni ڪري سڏيندا آهن ۽ مٿانئس ٺهيل مندر اشوڪ جي جوڙايل استوپا کي ڍڪي ڇڏيو آهي. تڪريءَ جي ڏکڻ-اوڀر پاسي ٽن سيپ-Kasayapas جون اسٽوپائون جوڙايل آهن، جن جي اوڀر پاسي ۽ ڦولگي ندي کان پار هڪ جبل آهي، جنهن کي پو-لو-ڪي-پو-ٽي-Po-Lo-Ki-Pu-Ti يا پراڳ ٻوڌي Prag Bodhi سڏيو ويندو هو. چيو ويندو آهي ته مهاتما ٻڌ هن جبل تي ڇهه سال اڪيلائي ۾ سوچيندو ويچاريندو هو. مهاتما ٻڌ هن جبل تي ڇهه سال سوچيو ويچاريو هو. پوءِ اهو سڀ سوچ ويچار ڇڏي چانور ۽ کير کاڌو هئائين. ان کان پوءِ اتر-اوڀر طرف هليو ويو ۽ ويراڳ جي مقصد سان وري هڪ جبل تي چڙهي ويو، پر بت جي ديوتا جي شور ۽ غل ڪري سندس ڌيان ۽ گيان ۾ رخنو پئجي ويو، تنهن ڪري ٽڪريءَ تان ڏکڻ-اولهه پاسي کان لٿو. اتان کان وري به ڏکڻ-اولهه 15 لي يا اڍائي ميل فاصلي مان پتو پوي ٿو ته اهو موجوده دور وارو مورت پهاڙ Morat Pahar آهي ڇاڪاڻ ته ان جو ڏکڻ-اولهه وارو ڇيڙو ٻڌگيه کان پورا اڍائي ميل اتر-اوڀر آهي.لاهونديءَ جي وچ تي هڪ غار آهي، جتي مهاتما گوتم ڪجهه آرام ڪيو هو ۽ پلٿي ماري ويٺو هو. فاهيان هن غار جو ذڪر ڪيو آهي (690) هو ٻڌائي ٿو ته اهو ٻڌ وڻ Budhi tree کان اڌ يوجن يا ساڍا 3 ميل اتر-اوڀر پاسي هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو ٽڪريءَ جي ڏاکڻين ڇيڙي کان هڪ ميل پري هوندو. مون کي ٻڌايو ويو ته اهو غار ٽڪريءَ جي اولهه پاسي اڃا به موجود آهي.

شين سئنگ گيه برهم-جون کان هن اڀرندي واري ٽڪريءَ جي فاصلي جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي، جيڪو 4 ميل يا 34 لي ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سندس بيان موجب ڪيا-يي يا گيه کان  ٻڌ. وڻ جو فاصلو 20 لي يا اٽڪل سوا ٽي ميل آهي جڏهن ته اصلي فاصلو پنجن ميلن کان وڌيڪ يا 30 لي کان سرس ٿيندو.

پپل جي هن وڻ ڪري ٻڌگيه تمام گهڻو مشهور هوندو هو. جنهن هيٺان ساڪيه سنها Sakiya Sinha پورا پنج سال ڌيان ۽ گيان ۾ ويٺو رهيو جو کيس ٻڌ هجڻ جو پتو پيو. اهو ٻڌي ڊروم Bodhi Drum يعني سياڻپ وارو وڻ اڃا تائين موجود آهي. پر ڏاڍو پراڻو ۽ باکڙ ٿي ويو آهي. هن وڻ کان اوڀر پاسي بلڪل ڀرسان پڪ سرو مندر آهي، جيڪو پيڙهين وٽ 50 فوٽ همچورس ۽ هڪ سؤ سٺ فوٽ اوچو ٿيندو. مون کي پڪ آهي ته اهو ضرور وهار هوندو جنهن جي ستين صديءَ ۾ شين سئنگ ياترا ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته سندس بيان آهي ته مذڪوره ٻوڌي وڻ جي اوڀر پاسي لڳو لڳ ويهه قدم همچورس ۽ 160 يا 170 فوٽ اوچو هڪ وهار آهي.

ڪڪوت پد

ٻوڌي-دروم جي ياترا کان پوءِ شين سئنگ نئرنجن اڪري گنڌ هستي Gandhahasti نالي هڪ وهار ڏانهن روانو ٿيو، جنهن جي معنيٰ آهي سڳنڌ وارو هاٿي. هن وهار ويجهو پاڻيءَ جو تلاءُ ۽ پٿر جو هڪ ٺلهه هو. (691) ان وهار جي پيڙهه ۾ ٺلهه جو ننڍو بڪرور Bakror اڃا به موجود آهي. جيڪو ليلا جن نديءَ جي اوڀر پاسي ۽ ٻڌ گيه کان هڪ ميل وٿيرڪو ٿيندو.

چيني مسافر مو-ها Mo-Ha يا موهن ندي پار ڪري هڪ گهاٽي ٻيلي ۾ داخل ٿيو هو جتي هن پٿر جو ٻيو ٺلهه به ڏٺو هو. اتان کان هو اتر-اوڀر طرف روانو ٿيو هو ۽ 100 لي يا اٽڪل 17 ميل پنڌ ڪري ڪيو-ڪيو-چا-پو-ٿو Kiu-Kiu-cha-Po-Tho يعني ڪڪوت پڌ Kukkuta pada نالي هڪ ٽڪريءَ تي پهتو جنهن کي ٽي اوچيون چوٽيون هيون. ان ڪري هن ٽڪريءَ کي ڪڪوت پڌ يعني ڪڪڙ جو پير سڏيو ويندو هو. فاهيان جي بيان مطابق مذڪوره ڪڪڙ پير ٽڪري ٻڌگيه جي پوتر وڻ کان ٽي لي يا اڌ ميل جي فاصلي تي ڏکڻ پاسي هئي. هتي اسان کي ٽي لي بدران ٽي يوجن يعني ايڪويهه ميل پڙهڻ کپي. اهو شين سئنگ جي بيان ڪيل فاصلي 17 ميل ۽ ندين اڪرڻ وارا ٻه ميل فاصلي جي جوڙ جي ذري گهٽ برابر آهي، جيڪو 190 ميل بيهي ٿي.

مان هن ماڳ کي اڳي ئي سڃاڻي چڪو آهيان ته اهو ڪرڪيهار Kurkihar آهي. توڙي جو هن  ٿاڪ جو نقشن ۾ نشان پتو ڪو نه ملندو، پر گيه ۽ بهار جي وچ تي هڪ اهم جاءِ آهي. هيءُ ماڳ وزير گنج کان ٽي ميل اتر-اوڀر گيه کان 16 ميل اتر-اتر-اوڀر ۽ ٻڌ گيه کان 20 ميل اتر-اوڀر ڏس تي آهي. (692) هن ڪرڪيهار جو اصلي نالو ڪورڪ-وهار Kurak-Vihar آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو نالو ڪڪوت بد-وهار جو اختصار آهي، يعني ڪڪڙ پير وهار. هندي ٻوليءَ ۾ ڪڪوت جي معنيٰ ڪڪڙ Kukkar يا ڪوڙڪ Kurak آهي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته موجوده ڪرڪيهار نالي جي هڪ جهڙائي ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي نقطه نظر کان ٻڌ ڌرم واري ڪڪڙ پير ٽڪري آهي. البت ٽن ٽڪرين واري چوٽين واري ٽڪري جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. سا هتي نظر ڪانه ايندي. پر ڳوٺ کان اڌ ميل اتر پاسي ميدان ۾ ٽي ٽڪريون آهن، جيڪي پاڻ ۾ تمام ويجهيون آهن. پري کان ائين پيو ڏسبو ته اهي ٽي نه پر هڪ ٽڪري آهي، جنهن کي ٽي اوچيون چوٽيون آهن. کين سولائي سان سڃاڻي سگهجي ٿو ته اها شين سئنگ جي بيان ڪيل ٽن اتاهين چوٽين واري ٽڪري آهي. هن سڃاڻ جي وڌيڪ پٺڀرائي هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته مذڪوره ٽڪري ڀرسان ڪيترا دڙا به ڏسڻ ۾ ايندا. جن مان مهاتما ٻڌ جون مورتيون ۽ ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل مڃتا جون ٽڪيون به هٿ ليڳيون آهن.

ڪوساگرا پور

هيءُ چيني ياتري مسافر ڪڪر پير ٽڪريءَ جي ياترا ڪري 100 لي يا 17 ميل اتر-اوڀر ڏس تي پنڌ ڪري فو-ٿو-فا-نا Fo-Tho-Fa-Na يعني ٻڌ وڻ Budha Vana پهتو هو. (693) طرف ۽ فاصلي مان پتو پوي ٿو ته اهو ماڳ ٻڌئڻ Budhainآهي. هن ٽڪريءَ جي اوچي چوٽيءَ ڪري زمين جي سروي ڪرڻ لاءِ هتي مذڪر بنايو ويو هو. هن جو سڌو پنڌ ڏهه ميل کن ٿيندو پر علائقو ٽڪرائتو آهي ان ڪري سڻڪ ۾ گهنا ور وڪڙ آهن. تنهن ڪري فاصلو 15 يا 16 ميلن کان گهٽ ڪو نه ٿيندو. هتان هلي هن چيني ياتريءَ 10 لي يا 5 ميل اوڀر سفر ڪري يشتي وڻ Yashti Vana يعني بانس جي ٻيلي تي پهتو. (695) هيءُ نالو جکتي بن Jakhtiban نالي اڃا سوڌو مشهور آهي ۽ اهو رڳو سنسڪرت لفظ جي هندي شڪل آهي. هيءَ جوءِ ٻڌئڻ Budhain ٽڪريءَ کان اوڀر طرف ڪوسا گراپور ڏانهن ويندڙ سڻڪ جي وٽسان آهي. بانس وڍڻ جي ارادي سان اڃا تائين ماڻهو پيا هيڏي ايندا ويندا آهن. بانس ٻيلي کان ڏهه لي يا ٽڪل ٻه ميل کن ڏکڻ-اولهه هي ياتري ڪوسي پاڻيءَ جا ٻه جهرڻا ڏسڻ ويو هو. چيو ويندو آهي ته مهاتما ٻڌ هنن جهرڻن ۾ وهتو هو. اهي چشما جکتي-بن کان ٻه ميل ڏکڻ تپوبن Tapoban واري ايراضيءَ ۾ آهن. هي لفظ تپتا-پاڻي Tapta-Pani جي بگڙيل صورت آهي. بانس ٻلي کان 6 يا 7 لي يا هڪ ميل ڏکڻ اوڀر هڪ اتاهين ٽڪري آهي. چيو ويندو آهي ته هن ٽڪريءَ جي چوڏس راجا بمبيسار بند تعمير ڪرايو هو. هيءَ ٽڪري هنديا Handia ٽڪريءَ سان ساڳيائپ رکي ٿي. سندس اوچائي 1463 فوٽ آهي ۽ هن کي زمين جي سروي ڪرڻ لاءِ مرڪز طور به ڪتب آندو ويو هو. هتان کان 3 يا 4 لي يا اڌ ميل اتر هڪ ٽڪري آهي جيڪا ٻين کان بلڪل ڌار ڏسبي. جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ ڊٺل گهر جا اهڃاڻ نظر ايندا. چيو ويندو آهي ته ڪنهن زماني ۾ اتي هڪ مشهور ويراڳي وياس Yasa رهندو هو. هن ماڳ کان تقريبا چار يا پنج لي يا اٽڪل منو ميل کن اتر-اوڀر  طرف هڪ پٿر رکيل نظر ايندو جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته مهاتما گوتم جي جسم تي مالش ڪرڻ لاءِ اندر ۽ برهما ديوتا ان تي صندل جي ڪاٺي ڪٽي پورو بنايو هو جنهن جو نالو گوسيرس Gosiras هو. پر اهي ٻئي جڳهون ڳولي ڪو نه لڌيون ويون آهن. جيڪڏهن دل سان ڳولا ڪبي ته اهو پٿر جنهن تي صندل جي ڪاٺي ڪٽي وئي هئي اهو به لڀي ويندو ڇاڪاڻ ته ان جي ڀرسان هڪ وڏو غار هو جنهن لاءِ ماڻهو چوندا آهن ته اهو آسورس Asuras جو محل هو. هن ٿاڪ کان 60 لي يا 10 ميل اوڀر سفر ڪري هي ياتري ڪيو-شي-ڪي-لو-پو-لو Kiu-Shi-Ki-Lo-Pu-Lo يا ڪوساگرا پور پهتو هو يعني ڪوس گرس Kusa Grass جو شهر. (695)

مگڌ علائقي جي اصلي راجڌاني ڪوسا گراپور هو، جنهن کي راجا گريهه Raja Griha يعني راجا جي رهڻ جو ماڳ به سڏيو ويندو هو. ان کان سواءِ هن کي گريو راج Girivraja يعني اهو ماڳ جنهن جي چوڌاري جبل هجي. هيءَ ڳالهه شين سئنگ جي بيان سان سهمت آهي ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ آهي موجب ان شهر جي چوڌاري جبل ڦريل هو رامائڻ ۽ مهاڀارت ٻنهي ۾ مگڌ جي راجا جرسنڌ Jarasandha جي قديم راجڌاني کي گريوراج (696) نالي سان سڏيو ويو آهي. جيڪو حضرت عيسيٰ کان 1426 سال اڳ مهاڀارت واري جنگ ۾ هڪ مکيه ڪردار هو. فاهيان (697) جو بيان آهي ته هيءَ شهر پنجن ٽڪرين جي وچ تي هڪ ماٿريءَ ۾ ۽ نئين شهر راج گريهه کان 4 لي يا مُني ميل جيترو ڏکڻ طرف آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org