29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:1   

هيلمند درياء جي ڪناري گزارستان بابت مون کي ڪابه ڄاڻ ڪانه آهي. ڇاڪاڻ ته اوستائين ڪو يورپي جاکوڙي پهتو ئي ڪو نه آهي. غزنيءَ جو ماڳ ايترو ته مشهور معروف آهي، جو اُن تي لکڻ جي گنجائش ئي موجود ڪانه آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو شهر ستينءَ صديءَ ۾ به شاهوڪار ۽ سکيو ستابو هوندو. شين سئنگ هن شهر جو چوڏس گهيرو ٽيهه لي يا پنج ميل ٻڌائي ٿو. موجوده دور ۾ قلعي اندر شهر جي پکيڙ به سوا ميل کن ٿيندي. وائين هن قلعي جي بيهڪ کي ڦڏو سڏو پنجڪنڊو ٻڌائي ٿو. قلعي جي ڀتين جي ڊيگهه ٻه سوء فوٽن کان چار سوء فوٽ ٻڌائي ٿو، جنهن کي وچ تي چبوترا ڏئي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو (84) ته افغان هن قلعي جي مضبوط ديوارين ڪري گهڻو ٽڏندا آهن. اوڀارين ملڪن ۾ غزني پنهنجي مضبوطيءَ ۽ بچاءَ ڪري گهڻو مشهور معروف آهي. هن سبب ڪري فارسيءَ ۾ هن کي غازا يعني ”خزانو“ ڪري سڏيو ويندو هو. هن پنجين صدي عيسويءَ جي موءرخ پنهنجي مُنجهيل سُنجهيل عبارت ۾ ان کي ڊايونيساڪا (Deonysiaca) سڏيو آهي ۽ ٽئين صدي عيسويءَ جو موءرخ ڊايونيسس وري هن کي بارساريڪا (Barsarica) ڪوٺي ٿو. ٻنهي مصنفن هن قلعي کي ناقابل تسخير سمجهيو آهي. ڊايونيسس جا لفظ هن ريت آهن: ”جنگ وقت هو ايڏو مضبوط آهي، جو ڄڻ ڪنجهي (ٻراسس) جو ٺهيل آهي“. نونس (Nonnus) (75) چوي ٿو: ”انهن قلعي جي تعمير ائين ڪئي آهي، جو ديوار ۾ لڳل پٿرن جي ڄار جيان ڄڻ اڻت ڪئي آهي. ان ڪري قلعو ايڏو مضبوط ٿي ويو آهي، جو ڪنهن دشمن هن جي مضبوط ۽ ڪشادن بنيادن کي کاٽ هڻي ڊاهي اندر وڃڻ جي سگهه ڪانه ساري آهي“. هي حوالا ٽالمي جي مشهور ۽ قديم شهر غزاڪا (Gazaka) جا آهن، پر غلطيءَ وچان ٽالمي هن شهر کي ڪابل جي اتر ۾ پئرو پاميساڊاءِ واري علائقي ۾ ٻڌائي ٿو، حقيقت اهوشهر ڪابل جي ڏکڻ ڏس تي آهي. بزنتم (Byzantum) جو اسٽيفانس (Stephanus) جنهن جو هن هندستان شهر (Indian town) لاءِ مواخذ ڊايونيسس جو ”باساريڪا“ (Bassarica) آهي، تنهن جو خيال آهي ته هيءُ شهر هندستانين جو آهي. منهنجو ويچار آهي ته هن موءرخ مذڪوره شهر ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي سمجهيو آهي.

4. لامغان

شين سئنگ لکيو آهي ته لئن-پو (lan-po) جو علائقو، ڪاپيسين کان ڇهه سوء لي يا هڪ سوء ميل اوڀر طرف واقع آهي. مذڪوره علائقي مان سارو رستو ٽڪرين جي ڪڇ ڏئي لنگهندو آهي. سندس چواڻيءَ موجب ڪي ٽڪريون گهڻيون اتاهيون به آهن. سڄو علائقو ٽڪرين ۽ ماٿرين جي ٻيهگڙ سان ڀريو پيو آهي. موجوده بيان اهڙو آهي جو اهو اوپيان کان وڍي لامغان تائين پکڙيل علائقي سان ٺهڪي ٿو اچي. جاءِ وقوع ۽ فاصلي مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ڏس پتا لامغان جا آهن. هن ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ شهبي جي گنجائش به ڪانه آهي ته مٿئين بيان موجب موجب ٻنهي علائقن جي ڄڻ سڃاڻ ٿي وئي آهي. ٽالمي لامباٽاءِ قبيلي جي ماڻهن جي ملڪ لاءِ به ساڳي جاءِ وقوع ٻڌائي آهي. ٻنهي نالن: لامباٽاءِ (Lambatae) ۽ لامغان (Lamghan) کي جيڪڏهن ڀيٽائي ڏسبو ته گهڻو  فرق ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو ۽ انهن ٻنهي لفظن جو بنياد سنسڪرت جو لفظ لامپاڪا (Lampaka) آهي. ان ڪري مان ٽالمي جي لفظ ’لامباٽاءِ‘ کي ’لامباگاءِ‘ بڻايان ٿو، جيڪو وڌيڪ صحيح ٿيندو. موجوده دور وارو نالو اصلي نالي جي ننڍڙي صورت آهي. هن لفظ جي وچواري حرف صحيح ۾ تبديلي ڪري لاغمان به اچاريو ويندو آهي، مشرق ۾ اهڙيون ڳالهيون عام هونديون آهن. مسلمان اهو نالو لئيڪ کان شروع ڪندا آهن، جنهن جو مقبرو لامغان جي ماٿريءَ ۾ موجود آهي. اهو مقبرو بابر ۽ ابوالفضل به ڏنو هو.

شين سئنگ جي بيان مطابق هن علائقي جو گهيرو هڪ هزار لي يا هڪ سوء ڇاهٺ ميل آهي، اتر پاسي کان برف سان ڇانيل جبل اٿس. ٻين ٽن پاسن کان ڪاريون ٽڪريون ڦري ٿيون اچنس. هنن پارن پتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو Lan-po وارو علائقو لامغان آهي، جيڪو هڪ سوڙهو پٽو آهي ۽ ڪابل درياء جي اترئين ڪناري سان واقع کيس اتر پاسي کان برف سان ڇانيل جبل به آهن ۽ اوڀر- اولهه پاسي کان ڪنار ۽ آلين گر (Alengar) نديون آهن. زمين جي هيءَ ننڍڙي ايراضي هر پاسي چاليهه ميل آهي ۽ چورس گهيرو هڪ سوء سٺ کن ميل اٿس. ڪنهن زماني اها هڪ جدا ۽ آزاد رياست هئي. ستين صدي عيسوي ڌارين هتان جي بادشاهه جو خاتمو ڪري هن علائقي کي ڪاپيسيني سان ملايو ويو.

نگراهارا يا جلال آباد

شين سئنگ لامغان مان هڪ سوءلي يا اٽڪل سترنهن ميل ڏکڻ- اوڀر پنڌ ڪري هڪ وڏو درياء اُڪري ’نگر هارا‘ جي علائقي ۾ اچي پهتو. طرف جاءِ وقوع ۽ فاصلو اهو آهي جيڪو ٽالمي ’نگر هارا‘ لاءِ ٻڌايو آهي، جيڪو ڪابل درياء کان ڏکڻ پاسي ۽ جلال آباد جي ڀر پاسي ۾ هو. چيني ياتري هن جو نالو نا-ڪي –لو- هو(Na-ki-lo-ho)  لکيو آهي. مسٽر جلين (86) (Mrjulien) هن شهر جو، سونگ (Song) گهراڻي جي تاريخ ۾ سنسڪرت ۾ لکيل نالو لڌو آهي، جيڪو نئنگ-گو-لو-هو-لو (Nang-go-lo-ho-lo) آهي. هن شهر جو نالو بهار (77) جي گوسراوا (Gosrawa) جي ماڳن تان ميجر ڪٽوءِ (Magor Kittoe) لڌو آهي، جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ ۾، ۽ لکت جي صورت ۾ مليو آهي. ’نگرهارا‘ علائقي جي اولهه کان اوڀر ڊگهائي ڇهه سوءلي يعني هڪ سوء ميل آهي ۽ اتر کان ڏکڻ ٻه سو پنجاهه لي يا ٻائيتاليهه ميل مُــــنڍو اٿس. قدرتي حدون هن ريت اٿس: اولهه پاسي جاگدالڪ (Jagdalak) وارو لڪ (Pass) اوڀر کان خيبر لڪ. اتر ۾ ڪابل درياء ۽ ڏکڻ ۾ برف سان ڇانيل جبل. مذڪوره حدن اندر هن علائقي جي ڪل ماپ پنجهتر ميل ڊيگهه ۽ ٽيهه ميل منڍو آهي. رستي سان ايترو ئي مفاصلو آهي، جيترو شين سئنگ ٻڌايو آهي.

معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڄڻ هن علائقي جي راڄڌاني بيگرام هو، جيڪو جلال آباد کان ٻه ميل اولهه پاسي ۾ هِڊا (Hidda) کان پنج يا ڇهه ميل اولهه-اتر اولهه ڏس تي هو، جنهن کي هر جاکوڙيءَ متفق طور تي چيني ياترين جي بيان ڪيل شهر هيولو (Hi-lo) سمجهيو آهي. ان هي-لو شهر جو گيرو چار يا پنج لي يا منو ميل کن مس هو. پر هن شهر جي نمايان حيثيت ان ڪري هئي، جو هتي مهاتما ٻڌ جي کوپڙيءَ جو هڏو رکيل هو، جنهن  کي هڪ اسٽوپا ۾ حفاظت سان رکيو ويو هو. جڏهن ڪو ياتري ڀيٽا طور ڪجهه سون ڏيندو هو، ته کيس مهاتما ٻڌ جي کوپڙيءَ جي هڏي جي زيارت ڪرائي ويندي هئي. هِڊا هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو جلال آباد کان پنج ميل ڏکڻ طرف آهي، پر اتي اسٽوپا گهڻي انگ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. غار يا غفائون به جام آهن. انهن سڀني جي مسٽر مئسن چڱيءَ پر کوجنا ڪئي آهي. ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل نادر شيون ۽ اسٽوپا وغيره هِڊا (Hidda) شهر ۾ موجود آهن، جيڪو چيني ٻن ياترين جو هيلو آهي ۽ چيني اچارن موجب اهو لفظ هيرا (Hira) يا هڊا (Hidda) وڃي بيهي ٿو. تنهن ڪري معلوم ايئن ٿئي ٿو ته هڪ علائقي جي راڄڌاني ضرور بيگرام هوندو، جيڪو مئسن (78) جي چوڻ موجب اسٽوپائن، ڊڙن ۽ اتاهين قبرن سان ڀريو پيو آهي. هيءُ صاحب وڌيڪ چوي ٿو ته اهي تدفين سان لاڳاپيل ڪي قديم يادگار آهن. اسٽوپائن جي گهڻائين مان ڀائنجي ٿو ته هي ڪو وڏو شهر يا ڪو پوتر ڌرمي آسٿان هوندو. ٿي سگهي ٿو ته هِڊا (Hidda) جو لفظ هڏيءَ مان ورتل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي هڪ ٽڪري (79) ۾ هيءُ بيان ڏسڻ ۾ ايندو، ته اتي هڏي جي مٿان هڪ اسٽوپا ٺهيل هئي، جيڪا هيلو شهر ۾ تعمير ٿيل هئي.

ڪتاب جي ٻئي ٽڪري ۾ فو-تنگ-ڪو- چنگ Fo-ting-ko-ching  جنهن جو مطلب آهي: ”ٻڌا جي هڏي وارو شهر“ سانگي سان اوهان کي هي ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته هن تحقيق دوران هتي اسان کي اهڙا به نالا مليا، جيڪي ٻڌ ڌرم جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. هتي مون کي اها به خبر پئي ته ٻڌ ڌرم جا عالم ۽ اڪابر ماڻهو هن شهر کي ”آسٿي پور“ ۽ عام ماڻهو ”هڏي پور“ سڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت شو ديوتا کي پاتل کوپڙين مالا کي به اسٿي- مالا Asthi mala چيو ويندو آهي.

پروفيسر لئسن هن شهر کي گهڻو وقت اڳ نگرهارا سمجهيو ۽ سڃاتو هو. ۽ ٽالمي هن کي ناگر ۽ ڊايوني سو پوليس Dionysopolis سڏي ٿو، جيڪو ڪابورا ۽ سنڌو جي وچ تي واقع هو، هن جو ٻيو نالو نائسا Nyas هڪ امڪاني نالو آهي. ائرينArrian ۽ ڪرٽس Curtius به هن کي انهيءَ نالي سان سڏيو آهي. ابو ريحان (80) هن کي دنس  Dinus يا ڊنئي Dinuy ڪري لکيوآهي، جيڪو هو ڪابل ۽ پاراش وارا Parashwara جي وچ تي ٻڌائي ٿو. ماڻهن جي روايت موجب پراڻي شهر کي اجونا (81) ڪري سڏيو ويندو هو.“ مان سمجهان ٿو ته يونان وارن هن نالي کي هن ريت Dlov لکيو آهي، اهو ائين آهي جيئن ٽالمي يمونا Yamuna يا جمنا Jummna کي ڊيمنا Diamuna ڪري لکيو آهي. اهڙي ريت سنسڪرت ۾ ڏکڻ کي ياماس yamas يا جاماس  jamas چيو ويندو آهي. پر پليني (82) ان کي ڊياماسا Diamasa ڪري لکيو آهي. گهڻو ڪري امڪان اهو آهي ته جيڪڏهن اجونا Ajuna جي لفظ ۾ حرت علت جي مٽ سٽ ڪئي وڃي ته پالي ٻوليءَ جو هڪ بگڙيل لفظ اُجونا Ujjuna ۽ سنسڪرت جو لفظ اديانا Udyana ٺهي پوندو، جيڪو نگرهارا (82) جو پراڻو نالو هو. جيڪڏهن هيءَ سڃاڻپ صحيح آهي ته راڄڌاني وڃي بيگرام وارو ٿاڪ ٿيندو، جنهن جو مان اڳ ۾ اشارو ڏئي آيو آهيان. يونانا جي حڪمرانيءَ وارو سارو عرصو هن شهر تي ”ڊايوني سو پوليس“ نالو رهيو. آريانا جي يوناني بادشاهن جي سڪن تي ATON جا اکر ڏسڻ ۾ ايندا. اهڙو نالو ان شهر جو ڪو نه ٿو سونهين، جنهن جو هندستاني نالو هجي ۽ قديم مورءخن لکيو هجي. تنهن ڪري اهو نالو فقط ڊاوني سو پوليس Dionyso polis ڪنهن ٻئي شهر جو ٿي ڪو نه ٿو سگهي. پنجين صديءَ جي شروعات ڌاران هن کي فا-هيا فقط نا- ڪاءِ na- kie ناگرا Nagara سڏيو آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ان زماني اهو هڪ آزاد ملڪ هو ۽ ان مٿان پنهنجو ئي حڪمران راڄ ڪندو هو. سن 630ع ۾ جڏهن شين سئنگ هتي آيو ته اتي ڪو به بادشاه ڪو نه هو ۽ اهو ڪاپسيني سان شامل هو. ان کان پوءِ شايد ڪابل جي برهمڻ بادشاهه جو ڏن ڀرو ملڪ بڻجي ويو ۽ ان کان بعد وري غزنيءَ جي مسلمان بادشاهه جي ماتحت ٿي ويو.

گنڌارا يا پاراش وارا

سڪندر جي مورخن مان ڪنهن به هن علائقي جو نالو ڪو نه کنيو آهي. اسٽربئو Strabo  ئي پهريون ماڻهو آهي جنهن هن جو گنڌاريٽس Gandharitis جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سندس بيان موجب چوسپس Choasps ۽ سنڌوءَ جي وچ تي ڪابل درياه جي ڪٺار سان واقع هو. ٽالمي ساڳي ئي جاءِ وقوع تي گنڌاراءِ Gandare نالي هڪ علائقي جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو علائقو ڪوفس درياه جو سنڌوءِ ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري ٿاڪ کان وٺي مٿي ۽ ڪوفس جي ٻنهيڪنارن سان واقع هو. راڄڌاني جنهن کي پو-لو-شا-پولو Pu-lu-sha=pulo ”يا پاراش وارا“ چيو ويندو هو، سا سنڌوءَ کان ٽن يا چئن ڏينهن جي سفر تي پري واقع هئي. هيءُ بيان پشاور جي جاءِ وقوع سان پورو ڀڃي ٿو اچي، جنهن جو اڪبر بادشاه جي دور تائين نالو ”پاراش وارا“ هو. بابر ۽ ابو الفضل به هن شهر کي انهيءَ نالي سان سڏيو آهي. پر ڏهين صديءَ عيسويءَ جي عرب جاگرافيدانن ۽ خود ابو ريحان به اهو نالو لکيو آهي. فاهيان هن کي رڳو فو- لو-شا Fo-lu-Sha يعني پاراشا سڏيو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته هي شهر نگر هارا Nagra hara کان سورنهن يوجان Yojans يعني هڪ سو ٻارهن ميل پري آهي. شين سئنگ فقط پنج سو لي يعني ٽياسي ميل ٻڌائي ٿو. کانئس غلطي ٿي وئي آهي. جلال آباد ۽ پشاور ۾ هڪ سو ٽن ميلن جو فاصلو آهي. جلال آباد کان بيگرام وارا ٻه ميل به هن ۾ جوڙڪبا ته ڪل پنڌ وڃي هڪ سو پنج ميل بيهندو.

هن  علائقي جي حقيقي حد بيان ٿيل ڪانه آهي. پر ان جي ماپ هن ريت ڏنل آهي: اولهه کان اوڀر هڪ هزار لي يا هڪ سو ڇاهٺ ميل ۽اتر کان ڏکڻ اٺ سو لي يا هڪ سو ٽيٽيهه ميل. اها ماپ صحيح نظر اچي ٿي. جيڪڏهن ڊيگهه واري ماپ باڙا Bara ندي جي ذريعي کان وٺي تربيلا تائين وٺجي  يا ڪنار نديءَ کان تربيلا تائين وٺجي ته اها سڌي هڪ سو ويهه ميل ۽ رستي سان ڏيڍ سو ميل ٿيندي. اهڙيءَ ريت ان جي مُنڍي جي ماپ بنير Bunir ٽڪرين جي ڪڇ کان بازار Bazar وٽان هلي ڪوهاٽ تائين هڪ سو ميل سڌو ۽ هڪ سو پنجويهه ميل رستي سان ٿئي ٿي. هنن ماپن کي جيڪڏهن نظر ۾ رکبو ته گنڌار جي علائقي جون سرحدون هن ريت وڇي بيهنديون: اولهه ۾ لامغان ۽ جلال آباد- اتر ۾ سوات ۽ بنير جو ٽڪرائتو علائقو. اوڀر ۾ سنڌو ۽ ڏکڻ ۾ ڪالاباغ واريون ٽڪريون. هن وچ واري علائقي ۾ هندستان جا نهايت قديم ماڳ موجود آهن. ڪي مهاتما ٻڌ جي دور ۾ مشهور هئا ته ڪي سڪندر جي حملي دوران سکيا ستابا ۽ هنڌين ماڳين مشهور هئا ۽ ڪي وري ٻڌ راجا ڪنشڪ جي راڄ ۾ ريان کيان هئا ۽ چوڏس سندن نالن جي ڌم هئي.

ٽالمي، گانڌاڙا علائقي جو ٿورن مشهور شهرن جهڙوڪ: نئولائب Naulibe امبوليما Embolema ۽ راڄڌاني پروڪلائس Proklais  آهن. اهي سڀيئي شهر ڪوفس يا ڪابل درياه جي اتر پاسي هئا. اهڙيءَ ريت اورا Ora بازاريا Bazaria ۽ آرنوس Aornos جا شهر به آهن، جن جو سڪندر جي موءرخن  به ذڪر ڪيو آهي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته پاراشوارا جو اڪيلو شهر آهي، جيڪو ڪابل درياه جي ڏکڻ پاسي هو. نئولائيب ۽ اورا لاءِ مان ڪجهه به چئي ڪو نه ٿو سگهان، ڇاڪاڻ ته انهن جي اڃان تائين سڃاڻ ڪانه ٿي سگهي آهي. پر گهڻو ڪري نئولائب Naulibe نيلاب آهي، هيءُ هڪ اهم شهر آهي. هن شهر جي نالي ڪري سنڌوءَ کي هن علائقي ۾ نيلاب درياه به سڏيو ويندو آهي. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته ٽالمي غلطي ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته نيلاب ڪابل درياه جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. مان انهن شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن جون به ڳالهيون اوهان سان اوريندس جتان جتان چيني ياتري گذريا هئا.

پشڪالاوتي يا پيوڪلوٽس

Pushkalavati or peukeloatis

گنڌارا جي راڄڌاني ”پشڪلاوتي“ نالي هڪ شهر هو. چيو ويندو آهي ته ان شهر جو بنياد پشڪارا Pushkara رکيو هو، جيڪو ڀرت جو پٽ ۽ رام جو ڀائيٽو هو (84) هن شهر جي قدامت ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش ئي ڪانه آهي. سڪندر جي حملي وقت به راڄڌاني هن شهر ۾ قائم هئي. شهر جو يوناني نالو ”پيوڪلوٽس“ يا ”پيوڪلوٽس“ پڪالوٽي Pukkaeoati تان ورتل آهي، جيڪو پالي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اصلي سنسڪرت لفظ پشڪالاوتي Pushalavati آهي. ائرين هن شهر کي پيو ڪيلاس Peukelas لکيو آهي. هتان جي رهواسين کي ڊايونيسس پيري گيٽس Dionysis periegetes پيوڪالي Peukalei سڏي ٿو، جيڪو پاليءَ ٻوليءَ جي ائرين جي ”پيري پلس آف دي ايري ٿراين سي“ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٽالمي به ساڳي لفظ کي ورجايو آهي. هنن سنسڪرت لفظ پشڪارا Pushkara لکڻ بدران هندي پوڪهــــار Pokhar لفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ائرين جي بيان موجب پيو ڪيلا جو وڏو ۽ ڳتيل شهر هو. جيڪو سنڌوءَ (85) کان گهڻو پري ڪو نه هو. اتان جي بادشاهه جو نالو اسٽس Astes هو (86). ٿي سگهي ٿو هاستي Hasti هجي. هن راڄڌانيءَ مٿان سڪندر جي هڪ جنرل هيفاشن Hephaestion  اچي گهيرو ڪيو، جيڪو پورو مهينو هليو. هيءُ راجا بهادريءَ سان مقبالو ڪندي مارجي ويو.آسيٽس جي وفات کانپوءِ اهو قلعو سڪندر جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو ان وقت سنڌوءَ ڏانهن پيش قدمي ڪري رهيو هو. ائرين ۽ اسٽرئبو هن جاءِ وقوع کي گهڻو منجهائي ڇڏيو آهي.

 ڇاڪاڻ ته هنن مذڪوره ماڳ کي سنڌوءَ ويجهو “Near the indus” ڪري لکيو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ جاگرافيدان ٽالمي وڌيڪ صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته هن سڄاڻ ماڻهو مزڪوره ماڳ کي سستاتي جو درياه جي اوڀارئين پاسي سان ٻڌايو آهي، جنهن کي پنجڪورا Panjkora يا سوات ندي به چيو ويندو آهي.هيءَ اهائي ايراضي آهي، جنهن جو ڏس پتو شين سئنگ به ٻڌايو آهي. هن کان پوءِ هي چيني ياتري اتر –اوڀر ڏانهن هڪ سو لي يا اٽڪل سترهن ميل سفر ڪري هڪ وڏو درياه اڪري پو-سي-ڪيا – لو –فا- تي- Pu- si- kia-lo-fa-ti  يعني پشڪالاوتي رسيو هو. هتي جنهن درياه جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سو ڪابل درياه آهي، پارن پتن ۽ فاصلي مان پتو پوي ٿو ته پشاور کان پري ٻن وڏن شهرن، پارانگ Parang ۽ سوات ندي جي هيٺئين ڀاڱي جي اوڀارئين ڪناري سان وسندڙ آهن، تن جو ذڪر آهي. مذڪوره اٺ شهر هي آهن: تانگي Tangi شيرپاوء Shirpao  ، عمر زئي، تورنگ زئي Turang zai، عثمان زئي راجوڙ، چارسده ۽ پارانگ. اهي شهر پندرهن ميلن ۾ پکڙيل آهن. پر پارانگ ۽ چارسده درياه جي وڪڙ ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو اڏيل آهن. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته ڪنهن زماني اهي ٻئي شهر ڪو هڪ وڏو شهر هوندا. ”حصار“ نالي قلعو هشت نگر شهر جي دڙي تي مٿي ٺاهيل آهي. جنرل ڪورٽ ان کي ڪنهن ٻيٽاريءَ تي جوڙيل ۽ راجوڙ جي شهر سامهو (87) ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي ته هن شهر جو اوسو پاسو کنڊرن سان ڀريو پيو آهي (88). اهي اٺ ئي شهر نقشي IV ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه آهي، جو موجوده دور واري هشت نگر شهر جو اصلي نالو هاستي نگرا آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”هاستي“ راجا جي راڄڌاني، اهو آسٽس Astes جي راڄڌاني ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڪندر واري دور ۾ پيو ڪيلوٽس، Peukeloatis جو راجا هو. اهو يونان وارن جو وتيرو هو جو هندستان جي راجائن کي انهن جي شهرن جي نالن پٺيان سڏيندا هئا. ان جو مثال ٽيڪسيلس يا آساڪئنس Assakanus جا لفظ آهن. هندستان جي حڪمرانن جي به اها مشهور معروف عادت هئي ته پنهنجي راڄڌانين کي وڌيڪ نالن سان پڻ سڏيندا هئا. هن معاملي ۾ اندرا ساٿا ۽ دهليءَ جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي، جنهن کي ڪڏهن ڪوٽ پٿورا، قلعئه علائي، تغلق آباد، فيروز آباد ۽ شاه جهان آباد به سڏيو ويندو هو. اها هڪ حقيقت آهي ته عام ماڻهو ”هشت نگر“ يعني اٺن شهرن جي نالي ڏانهن اشارو ڏيندا آهن، جيڪي سوات ندي جي ڪناري سان آباد آهن. پر هاڻي وڌندي پاڻ ۾ ويجهو اچي پهتا آهن. هن معاملي ۾ منهنجو هيءُ خيال آهي ته هن نالي جي تبديليءَ ۾ ماڻهن جي به ڪجهه مرضي شامل آهي ۽ هاستي نگر کي ٿورڙو ڦيرائي ”هشت نگر“ ڪري ڇڏيائون. ڇاڪاڻ ته هتان جي مسلمان آبادي فارسي ٻولي وڌيڪ ڄاڻي ٿي، پر هو سنسڪرت ڪو نه ڄاڻين ٿا. انهن لاءِ ”هشت نگر“ جي معنيٰ سمجهڻ لائق هئي. ”نگر هارا“ Nagra hara جو نالو مٽائي ننگ نهار Nang Nihar جي نالي ۾ به ساڳيو مقصد ڪارفرما آهي جنهن جي معنيٰ پاڻيءَ جا نو وهڪرا آهي (89)

پوئين دور ۾ پشڪالاوتي وڏي اسٽوپا ڪري گهڻو مشهور هوندو هو. چيو ويندو آهي ته هيءُ اسٽوپا ان جاءِ تي اڏيو ويو هو، جتي مهاتما گوتم ٻڌ پنهنجي اکين جو دان ڏنو هو. اها هڪ تصديق ٿيل حقيقت آهي ته شين سئنگ جي ياترا تائين مختلف وقتن ۾ هڪ هزار اکين جو دان ڏنو ويو هو. فا- هيان جيڪو پنجين صديءَ ۾ آيو هو ۽ سنگ- ين Sung- yun جيڪو ڇهين صديءَ آيو، ٻنهي ياترين فقط هڪ اهڙي واقعي جو ذڪر ڪيو آهي.

ورو شايا پالو ڍيري

ان کان پوءِ ائين معلوم ٿئي ٿو ته شين سئنگ پو-لو-شا جي شهر آيو هو. منهنجي خيال ۾ اهو ماڳ پالو ڍيري هوندو يا پالي جو ڳوٺ هوندو جيڪو ڍيريءَ تي اڏيل هو. ڍيري جو مطلب کنڊر يا دڙو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو دڙو ڪنهن قديم شهر جي دڙي تي ٺاهيل هجي. هن شهر کان ويهه لي يا سو اٽي ميل کن اوڀر- اتر طرف دانتالوڪا Dantaloka نالي هڪ ٽڪري آهي، جنهن ۾ هڪ گفا آهي. چيو ويندو آهي ته هتان جي راجا سدانا Sudana ۽ راڻي هتي اچي سر بچاءُ ڪيو هو. پالو ڍيري کان پشڪالاوتيءَ (90) تائين فاصلو شين سئنگ جي ٻڌايل پنڌ سان سهمت آهي. جيڪو چاليهه ميل آهي. جنرل ڪورٽ General Court  هن ماڳ کي پيلي Pelley سڏيو آهي. هن شهر جي صحيح سڃاڻ جي پٺڀرائي هن حقيقت مان به ٿئي ٿي ته هن شهر جي اوڀر- اتر-اوڀر طرف هڪ ٽڪري به موجود آهي، جنهن ۾ غار يا گفا به آهي جنهن کي ڪشميري غار جي نالي سان سڏيندا آهن ۽ اها ٽڪري پالو ڍيري کان ٽن چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. مان سمجهان ٿو ته دانتالوڪ ٽڪريءَ کي جسٽين (91) Justin ڊيڊالي ٽڪري Montes Daedali  ڪري لکيو آهي. دانتا واري لفظ ۾ جيڪو نڪ مان اچار نڪري ٿو، سو ڊيڊالي جي لفظ ۾ لڪي ويو آهي ۽ اهو وري ”داتن“ Dattan جي لفظ ۾ ٻيڻو ٿي وڃي ٿو.

اُتا کنڊ يا اوهند يا ايمبوليما

پو-لو-شا کان ٻه سو لي يا ٽيٽيهه ميل ڏکڻ- اوڀر پنڌ ڪري شين سئنگ وڃي 1- تو-ڪيا-هان-چا U-to-kia-kan-cha پهتو هو. ايم جلين M.Julien چيني اچار جي ناتي سان ادا کنڊ Udakhanda سمجهيو آهي، ايم . ووين ڊي سئنٽ مارٽن وري هن کي اوهند لکي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي ڪٺار سان وسندڙ هو. چيني ياتريءَ جو بيان آهي ته هن شهر جو ڏاکڻيون پاسو وڃي سنڌوءَ سان لڳندو هو. هن شهر جي جاءِ وقوع جو بيان اوهند شهر جي بيهڪ سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي اترئين ڪناري سان ۽ اٽڪ کان پندر4هن ميل مٿي آباد آهي. جنرل ڪورٽ ۽ برنس هن ماڳ کي هند Hund سڏن ٿا. مسٽر لو وينٿل Mr Loewenthal هن ٿاڪ کي وري اوهند سڏيو آهي. هن لفظ ۾ اچار جي ڪجهه غلطي محسوس ٿئي ٿي. پر اوبوريحان سن 1030ع ۾ هن شهر جو نالو ويهند Waihand لکيو آهي. مرزا مغل بيگ سن 1790ع ۾ ساڳي شهر جو نالو اوهند Ohind لکي ٿو. منهنجي ڪنن ۾ وئهند Wahand جو نالو ٻڌو. رشيد الدين کي به سن 1310ع ۾ ساڳي قسم جو اچار ويهند (92) Wehaud ٻڌڻ ۾ آيو هو. هنن مصنفن جي بيانن موجب ويهند گنڌار جي راڄڌاني هو. رشيد الدين اسان کي ٻڌائي ٿو ته مغل ان کي ڪاراجنگ Karajang ڪوٺيندا هئا. هتان جو فقط اڪيلو ڏيهي موءرخ نظام الدين، طبقات اڪبري ۾ هن شهر جو اختصار ۽ نالو ڏئي ٿو ۽ لکي ٿو ته محمود غزنويءَ سن 1002ع ۾ ”هند“ جي قلعي تي گهيرو ڪيو ۽ راجا جئپال قلعي ۾ اندر موجود هو. پر فرشته هن ماڳ بابت ڪجهه مختلف بيان ڪيو آهي ۽ سندس نالو ”بٿندا“ Bithanda ٻڌائي ٿو. اسان بيان ڪيل پوئين نالي وسيلي اسان اتا کنڊا جي پراڻي قلعي جي ڀرسان پهچي ويا آهيون، جنهن جو ذڪر شين سئنگ به ڪيو آهي. هنن سڀني مثالن مان، اندازو لڳايو اٿم ته اتاکنڊا يا اتکنڊ جو اصلي ۽ پهريون نالو ات هند Uthand يا بت هندا Bit-handa هو. پوءِ ننڍڙيءَ صورت ۾ وڃي اُهند Uhand يا اوهند Ohind ٿيو. ٻنهي لفظن ۾ فقط ٻئي نمبر اکر تي اعرابن جو فرق آهي. جنرل جيمس ايبٽ James Abbat ”گرئيدس ائڊ آرنان Gradusad Aornon ۾ هن ماڳ جو نالو ”اوند“ Oond ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته قديم زماني ۾ هن کي اورا Oora جي نالي سان سڏيو يوندو هو. هن  مان سندس خيال آهي ته اهو سڪندر جي مورخن وارو ماڳ اورا Ora آهي. مان مرهيات آئسيڊور لوئنتل Isidor loenthal جي ڄاڻيل ڪن ڳالهين ڪري ڪجهه وستار ۾ هليو ويو آهيان. اوهند جي ماڳ لاءِ سندس خيال گهڻو ڪري صحيح پيو معلوم ٿئي. پر هن مامري ۾ ڪجهه بي خيالي کان ڪم ورتو اٿائين ته اتا کنڊ جي قديم ماڳ موجوده دور وارو اٽڪ آهي. پر اها جاءِ سنڌوءَ جي ٻئي ڪپر سان ٻڌائي وئي آهي. انا کان علاوه جيتري مون کي ڄاڻ آهي ته هن ماڳ جو نالو اڪبر دور کان اڳ ڪنهن به موءرخ جي تصنيف ۾ ڏس ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي. ابوالفضل لکي ٿو ته هن جو نالو اٽڪ بنارس Attak Banaras آهي ۽ اڪبر بادشاهه جي دور ۾ ان جي تعمير ٿي هئي. بابر، نيلاب جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي، پر اٽڪ جو نالو ڪو نه کنيو اٿائين. رشيد الدين جو بيان آهي ته پاراش وارا ندي سنڌوءَ سان تنڪور Tankur جي ماڳن وٽ ملندي آهي. منهنجو خيال آهي ته سندس اشارو خيرآباد جي مضبوط قلعي ڏانهن آهي. گمان اهو ٿئي ٿو ته اٽڪ جو نالو اڪبر پاڻ ٺاهي ورتو هوندو، ڇاڪاڻ ته تنڪور جي اڳيان عربي اکر ال ملائي اچار الٽنڪور اچاريو پئي ويو ته هڪ قسم جي اٽڪ محسوس ٿي رهي هئي. تنهن ڪري ان کي نامناسب Forbidden قرار ڏنو ويو هو. بناراس شايد بنار Banar مان نڪتل آهي. هيءُ ان علائقي جو نالو آهي جنهن ۾ مذڪوره قلعو تعمير ٿيل هو. بنار Banar نالي جو بناراس ڏانهن اشارو آهي، جهڙيءَ ريت ڪاشي بنارس آهي، جنهن جي ياترا لاءِ هندو پيا هنجون هاريندا آهن. منهنجو اندازو آهي ته اڪبر اٽڪل ڪري هن شهر جو نالو اٽڪ بنارس رکيو، يعني اها بنارس جيڪا ممنوع آهي يا نامناسب آهي ۽ هن نالي کان ڄاڻ وارو هندو ضرور لهرائيندو. اهڙي ريت سندس شهنشاهيءَ جي اوڀر پاسي اوڙيسا ۾ ڪٽڪ بنارس (93) Katakor Cuttaik Banaras  جو ماڳ هو، جيڪو معنيٰ ۽ مطلب جي ناتي سان اولهه واري اٽڪ بنارس جو ضد هو.

مان سمجهان ٿو ته ويهند Wehand يا اُهند Uhand  جي صحيح آهي ۽ هيءُ شهر ڪابل جي برهمڻ راجا جي راڄڌاني هو، جنهن جي گهراڻي کي محمود غزنوي 1026ع ۾ ختم ڪري ڇڏيو مسعودي سن 915ع ۾ هندستان آيو هو. سندس بيان آهي ته  القنڌار (Gandhara) جو راجا السنڌ Es-Sind جي راجائن مان هڪ آهي. سندس نالو جاج Jahaj آهي. هتان جي راجائن جا اهڙا نالا پيا ڏسبا آهن (94) سنڌوءَ جي اوڀر پاسي اوهند جي آمهون سامهون چچ Chach جي نالي سان هڪ کليل ميداني علائقو به آهي. جهڙيءَ ريت بنار جي علائقي کي بنار راجا جي نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو، ساڳيءَ ريت اوهند جي راجا جي گهراڻي جي نالي پٺيان هي چچ وارو علائقو به سڏيو ويندو هجي. اچرج جهڙي ڳالهه وڌو هو. وڏي تعجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته ان ئي زماني ۾ ڪجورا Khajura جي چونڊيل برهمڻ گهراڻي جي راجا کي چيچيتو Chichito يا جاجهوتي Jajgtoti مان بي دخل ڪري ڪڍي ڇڏيو. مان سمجهان ٿو ته هنن واقعن ۾ ڪو سلسلو ضرور آهي. امڪان آهي ته جاجهوتيه برهمڻن کجورا مان نڪري پنهنجي بادشاهيءَ جو بنياد اچي سنڌوءَ جي ڪنارن سان رکيو هجي. هنن پهريائين پنهنجي بادشاهي سنڌ ۾ قائم ڪئي. ان کان پوءِ اڳتي وڌي وڃي اوهند ۽ ڪابل ۾ پير ڄمايائون. شين سئنگ جي زماني ۾ هي شهر ويهه لي يا ٽن ميلن جي گهيري ۾ پکڙيل هو. منهنجو خيال آهي ته برهمڻ راجائن جي دور ۾ اهو ضرور وڌيو ويجهيو هوندو. معلوم ٿئي ٿو ته چنگيز خان جي نسل مان بادشاهن جي دور ۾ به هن چڱي موچاري ترقي ڪئي. هنن سندس نالو بدلائي ڪارا جانگ Kara jang رکيو هو. پر آمدرفت وارو رستو اتان وڪڙ ڪري مٽي ويو. سنڌوءَ به هن شهر سان کونس ڪرڻ شروع ڪئي. ان ڪري هي شهر هوريان هوريان ناس ٿيندو ويو. پتو پوي ٿو ته سنڌو هن شهر جو پورو اڌ پائي وهائي کڻي ويو (95) ان کان پوءِ اٽڪ شهر جي تعمير شروع ٿي. شهر جو ڀنجهو درياه جي واريءَ سان گڏجي دڙا ٿي ويو. ڌوڙڌئا سونجهڙيا سون ڳولڻ وقت هنن ماڳن مان ننڍا وڏا سونا زيور ۽ سڪا به لهي وٺندا آهن هنن اهڃاڻن مان پتو پوي ٿو ته مذڪوره شهر ڪيڏو نه سکيو ستابو هو. مون به اتي ٿوري جتن سان هڪ ڳچي جو زيور، ڪٽ جون سرمي پائڻ جون ڪيتريون ئي سرايون هند-سٿين ۽ ڪابل جي برهمڻ گهراڻي جا جهجها سڪا هٿ ڪيا. هند-سٿين راجائن جا سڪا ته گهني وقت کان وٺي لڳاتار ملندا اچن ٿا. هن حقيقت مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هيءَ شهر پهرين عيسوي صديءَ کان اڳي آباد هو. ان ڪري اسان کي ابوالفداء Abul feda جي هن روايت کي سچو مڃڻو پوندو ته ويهندا يا اوهند، انهن شهرن مان هڪ آهي جن جو بنياد سڪندر رکيو هو.

ائرين جو بيان آهي ته پيو ڪلوٽي Peukeloati جي آڻ مڃڻ کان پوءِ سڪندر، ڪابل درياه جي ڪناري سان آباد ٻيا شهر به فتح ڪري ورتا. پوءِ پيش قدمي ڪندو اچي ايمبوليما Embolima وٽ پهتو. هي شهر آرنوس Aornos جبل کان گهڻو وٿيرڪو ڪو نه هو. هتي ڪراٽيرس Kraterus کي کاڌي خوراڪ جي شين ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. ڇاڪاڻ ته شهر جي گهيري جي وڌي وڃڻ جو امڪان هو. بازاريا ڏانهن وڌڻ کان اڳ ۾ سڪندر دور انديشيءَ کان ڪم وٺي هيفاشن ۽ پرڊيڪاس Perdikkas کي سنڌوءَ ڏانهن روانو ڪيو. انهيءَ مقصد سان ته اڪرڻ واسطي جيئن مٿس پل جوڙي سگهن. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته مورخن مان ڪنهن ان جاءِ جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي. جتان سڪندر پل وسيلي سنڌوء اڪريو هو. پر جيئن ته کاڌي خوراڪ جو بندوبست ايمبوليما جي اوسي پاسي ڪيو ويو هو، ان ڪري منهنجو ويچار آهي ته پل به اتان بنائي وئي هوندي. جنرل ائبٽ ائمبوليما جي ماڳ کي امب-بليما Amb Blima جي ٿاڪن وٽ ٻڌائي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي ڪناري ۽ مابان Maban  کان اٺ ميل اوڀر طرف آهي. جيڪڏهن اها پڪ ٿئي ٿي ته مابان آرنوس يا آرناس جبل آهي ته پوءِ ٻين سڀني جاين جي سڃاڻ جا منجهيل مامرا نبري ويندا. پر منهنجي خيال ۾ مابان جي سڃان وارو مامرو سوال جي نشاني بڻيو بيٺو آهي. منهنجي ويچار موجب اوهند يا انبز اوهند Ambar Ohind ۽ ايمبوليما ججو ماڳ هڪڙو آهي. انبر، اوهند کان ٻه ميل اتر ۾ آهي ۽ اهو هندستان جي ان رواج مطابق آهي جو هو ٻن شهرن جا نالا گڏائي اچاريندا آهن. اهڙو مثال اٽڪ ۽ ڪٽڪ بنارس جو آهي. آهڙيءَ ريت جهلم جي ڪنڌيءَ سان ٻيو اوهند به موجود آهي، جنهن کي فقط اوهن Ohin ڪري اچاريو ويندو آهي. هتي هڪڙي ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته ايمبوليما يا ايڪبوليما Ekobolima يوناني طرز جا نالا آهن. ان جي جاءِ وقوع جو بيان اهڙو آهي جو اها جاءِ ڪابل درياه ۽ سنڌوءَ جي سنگم وٽ موجود معلوم ٿئي ٿي ۽ ان جاءِ جو ڏس پتو ٽالمي (920) ڏنو آهي. هن حقيقت موجب اوهند لاءِ اها دعويٰ بلڪل سچي ۽ کري آهي. اهو به ته سنڌوءَ تي پل ايمبوليما ڀرسان جوڙي وئي هئي، ڪرٽس جي بيان مان به اها ڳالهه ظاهر آهي ته سڪندر جڏهن آرناس جي فتح کان پوءِ سنڌوءَ جي اولهه وارو سارو علائقو فتح ڪيو ته هو ايڪبوليما Ecbolima (97) ڏانهن وڌيو ۽ اها حقيقت به ائين آهي، جيئن مون سمجهيو آهي. هيفاشن ۽ پرڊيڪاس به هن ماڳ وٽان پل جوڙي هئي. اهڙيءَ ريت ڪرايٽرس کي به اهڙو حڪم ڏنو ويو هو ته کاڌو خوراڪ ۽ ٻيو گهربل سامان سٿرو ميڙي چونڊي ان ئي ٿاڪ تي آڻي گڏ ڪري، منهنجو اندازو آهي ته کاڌي خوراڪ ۽ ٻئي گهربل سامان جا ڀانڊا ڀري اتي رکيا هوندائون، ڇاڪاڻ ته پڏل ۽ ان سامان جي حفاظت واسطي فقط هڪ ئي فوجي چوءڪي ڪافي هئي.

سلاتورا Salatura يا لهور

هن ماڳ وٽان ٿيندو شين سئنگ سو-لو-تو- لو So-lo-Tu-lo ڏانهن روانو ٿيو هو. هي هنڌ، گرامر جي مشهور ڄاڻو پاڻڻي Panini جي جنم ڀومي هو. جيڪو اوهند کان ويهه لي يا سوا، ٽي ميل اتر- اولهه طرف تي واقع هو.مان سن 1847ع ۾ هڪ ڏينهن جي وسرام لاءِ اچي هن ننڍڙي ڳوٺ لهور ۾ ترسيو هوس مون جاچي ڏٺو ته واقعي اولهند کان ٽي چار ميل اتر- اولهه ڏس تي هو. مون هن جاءِ تان يونانين ۽ هند- سٿين دور جا سڪا لڌا هئا، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي ماڳ قديم آهي يا گهٽ ۾ گهٽ پاڻڻي جي دور جيترو پراڻو اهي، جيڪو 350 ق.م ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري مون کي اهو چوندي هٻڪ ڪانه ٿي ٿئي ته سلاتورا جو ماڳ لهور ئي آهي. هن لفظ مان جيڪڏهن پهريون اکر ڪڍي ڇڏجي ته هي لفظ تارونءَ بدران حلق مان اچاري سگهبو. اولهه هندستان جا ماڻهو تارونءَ جي اچار کان حلق جي اچار کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن. جهڙيءَ ريت سنڌو درياه Sindhu river کي هندو دريا Hindu river يا انڊس سڏيندا هئا. سنڌوءَ جي ڪنڌين ۽ ڪنارن سان وسندڙ ماڻهن کي هندو يا Indians ڪوٺيو ويندو هو. اهڙي ريت سلاتورا وري هلاتورا Halatura يا آلاتورا Ala tura ۾ مٽجي ويو، جيڪو بگڙي لهور ٿي ويو. ان حساب سان جنرل ڪورٽ هن ڳوٺ جو نالو لئوور Lavor لکيو آهي.

آرناس يا آرنوس Aronos

 سنڌوءَ جي اولهه پار وارن علائقن جو بيان ڪندي آرنوس جي اڻ چٽي جاءِ وقوع بابت ٻه ٽي لفظ چوڻ چاهيان ٿو. هن موضوع تي جنرل ڪورٽ سن 1836ع ۾ هيٺينءَ ريت لکيو آهي: جيستائين آرنوس جو تعلق آهي ته هيءُ قلعو اٽڪ جي سامهون هو. ان جا اهڃاڻ جبل جي چوٽيءَ تي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. هن قلعي جو بنياد راجا هودي Hodi (98) رکيو هو. سن 1848ع ۾ مون هن حقيقت ڏانهن اشارو ڏنو هو ته راڻي- گهاٽ Rane-gat نالي هڪ وڏو قلعو آهي، جيڪو هڪ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي، جيڪو نوگرام Nogram ڳوٺ کان بلڪل مٿان ۽ اوهند کان سورهن ميل اتر- اولهه طرف آهي ۽ اهو به پڻ ٻڌايو هيم ته آرنوس قلعي بابت ائرين، اسٽئربو ۽ ڊايوڊورس Diodorus جي ڏنل بيانن سان سندس جاءِ وقوع ڀچي ٿو اچي ويندي اوچائي تائين راڻي- گهاٽ جو قلعو هڪ هزار فوٽ مٿي ٿيندو. ايڏي وڏي قلعي جي اوچائي تمام گهڻي آهي (99) سن 1854ع ۾ جنرل جيمس ائبٽ هن موضوع تي هڪ ڊگهو مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڪيترن بنيادي تاريخي ڪتابن  تي تنقيد ۽ بحث ڪيو هو. آخر ۾ هن نتيجي تي پهتو هو ته مابان واري اتاهين ٽڪري ئي آرنوس وارو ٿاڪ آهي (100). سندس هن خيال تي مسٽر لووينٿل کي سخت اعتراض هو، جنهن کيس 1863ع جي شروعات ۾ ان جي جواب ۾ هڪ مضمون لکيو هو. سندس چوڻ هو ته اٽڪ جي سامهون راجا هودي جي جنهن قلعي جي موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو ويو هو، تنهن بابت پهريون اشارو جنرل ڪورٽ ڏنو هو (101). ان سال جي پڇاڙيءَ ڌاران جنرل ائبٽ مسٽر لووينٿل جي اعتراضن جو جواب ڏنو ۽ پنهنجي هن خيال تي زور ڏنو ته: ”ماباڻ تاريخي طور آرنوس آهي.“ پر ان هوندي به اهو سوال ”بحث واسطي کليل“ (102) آهي.

تنهن ڪري مان هن موضوع تي بحث کي کولي رهيو آهيان. منهنجو ويچار آهي ته هن قسم جي بحث مباحثي وسيلي سڪندر جي موءرخن جيڪي مونجهارا ۽ ڏکيائون پيدا ڪيون آهن، تن جو سولو پهو ٿي سگهندو. مون کي شڪ اهو ٿئي ٿو ته جاکوڙ ۽ جتن ڪري آنوس کي ووڙي ولاڙي کڻي ڳولي به لهجي پر اهڙيءَ لاڌ ڪري ڪنهن کي به اطمينان ڪو نه ٿيندو ته واقعي اهو ساڳيو آرنوس آهي يا نه. حقيقت اها آهي ته دلي اطمينان ۽ پڪ ته مون کي به ڪانه ٿي ٿئي. جيڪڏهن هن مامري ۾ مان سوڀارو نه به ٿيس ته ناڪاميءَ ۾ جنرل جيمس ائبٽ ۽ آنجهاني لووينٿل به مون سان شريڪ آهن.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org