اتان کان پوءِ هن چيني مسافر 100 لي يا 17 ميل
اوڀر ڏانهن سفر ڪيو هو ۽ لي-ان ني-لو
Li-on-ni-lo
ڳوٺ وڃي پهتو هو. ايم. ووين ڊي سئنٽ مارٽن هن ماڳ
کي روهينيل
Rohinil
يا روهينلا
Rohinala
(705) سمجهي ٿو. ان جو طرف اٽڪل ڏکڻ-اوڀر ٿئي ٿو.
پر جيئن ته هن ياتري پنهنجو سفر گنگا ڪناري سان
ڪيو هو، تنهن ڪري سندس متنل ۾ غلطي سمجهڻ گهرجي.
هرينه-پروت
هن ماڳ روهينل وٽان 200 لي يا 33 ميل اوڀر پنڌ ڪري
شين سئنگ 1-لا-نا-پو-فا-تا
a-la-na-po-fa-ta
يعني هرينه پروت نالي ملڪ جي راجڌاني پهتو هو،
جنهن جو مطلب آهي سونهري جبل
Golden Mountain
شهر جي ڀرسان هرينه جبل هو جتان ٻاڦ اٿي. سج ۽ چنڊ
کي ڍڪي ڇڏيندي هئي. (706) ان ماڳ جي جاگرافيائي
بيهڪ اها هئي ته گنگا نديءَ جي ويجهو هو. روهينل ۽
چمچ کان طرف ۽ فاصلي جي لحاظ کان اهو ماڳ مونگير
آهي. هاڻي ان ٽڪريءَ مان دونهون ڪو نه نڪرندو آهي.
ڀرپاسي ۾ ڪوسي پاڻيءَ جي جهرڻن ڪري سمجهي سگهجي ٿو
ته مونگير جي ويجهو اوڏو ڪو ٻرندڙ جبل آهي. شين
سئنگ به هنن ڪوسن جهرڻن جو ذڪر ڪيو آهي.
هيءَ گنگا جي ڪناري سان هڪ الڳ ۽ اڪيلي ٽڪري آهي.
جيڪا ڌرتيءَ جي مٿاڇري ۽ پاڻي جي سطح جي نقطه نگاه
کان گهڻي اتاهين آهي. هتان ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾
موجود رستي تي گهني پنڌ تائين نگاه رکي سگهجي ٿي.
قديم زماني ۾ شهر تائين پاڻي پهچائڻ وارو واه به
سندس ڀرسان گذرندو هو. مهاڀارت ۾ هن ماڳ کي
موداگري
Moda giri
سڏيو ويو آهي، اهو ڪنهن زماني ۾ اوڀر هندستان جي
راجڌاني هوندو هو، جيڪو بنگ
Bang
يا بنگال يا تملوڪ
Tamluk
ويجهو هوندو هو. جنهن زماني ۾ شين سئنگ هتي آيو،
تنهن زماني ۾ هتان جي راجا کي پاڙيسري راجا ڀڄائي
ڪڍيو هو. هن علائقي جي اتر کان گنگا، ڏکڻ کان جبل
هوس جيڪو وڏن وڻن سان ڍڪيل هو. اندازي موجب ان جو
گهيرو 3000 لي يا 500 ميل هو. هن پکيڙ مان سمجهه ۾
اچي ٿو ته هي علائقو ڏکڻ ڏانهن پارس ناٿ
Paras nath
نالي مشهور جبل تائين پکڙيل هوندو، جنهن جي اوچائي
4478 فوٽ آهي. تنهن ڪري مان سندس دنگ گنگا جي
ڪناري سان لکي سراءِ
Lakhi sarai
کان سلطان گنج تائين اتر ۽ پارس ناٿ ٽڪرين کان وٺي
براڪر
Barakar
۽ دمود
Damud
ندين جي سنگم تائين ڏکڻ سمجهان ٿو. اهڙيءَ ريت
نقشي جي سڌي ماپ موجب هيءُ گهيرو 350 ميل ۽ نديءَ
جي ورن وڪڙن واري رستي سان 420 ميل ٿيندو. (707)
چمپا
شين سئنگ مونگير کان اوڀر 300 لي يا 500 ميل سفر
ڪري چين-پو
Chen-po
يا چمپا پهتو هو، جيڪو ڀاڳل پور
Bhagal pur
علائقي جو قديم نالو هو. علائقي
جي هيءَ راجڌاني ٽڪرائتي جوءِ کان 140 لي کان 150
لي يا 23 کان 25 ميل اولهه پاسي گنگا جي ڪناري
واقع هئي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هڪ مندر هوندو هو.
هن بيان مان دل لڀائيندڙ ٻيٽ کي چڱيءَ طرح سڃاڻي
سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته پٿر گهاٽ
Pathar ghat
جي سامهو ن ۽ چوٽيءَ تي مندر ڏسجي رهيو هو. جيئن
ته اهو پٿر گهاٽ ڀاڳل پور کان 24 ميل اوڀر طرف هو،
تنهن ڪري مان هن خيال جو آهيان ته چمچا ساڳين ٿاڪن
تي هئي يا ان جي اوسي پاسي ڪاٿي هوندي. هن ماڳ
ويجهو اولهه پاسي چمپا نگر نالي هڪ وڏو ڳوٺ اڃان
سوڌو آباد آهي. ڀرسان ئي هڪ ننڍو ڳوٺ چمپاپور به
آهي.امڪان آهي ته اهي ماڳ قديم راجڌاني چمپا جا
هجن. (708)
هي چيني ياتري هن علائقي جو گهيرو 4000 لي يا 667
ميل ٻڌائي ٿو. سندس بيان مطابق هن علائقي جي اتر
کان گنگا، اولهه کان هرينه پروت يا مونگير وارو
علائقو هوندو ۽ اوڀر طرف واردنگ گنگا جي ڇاڙهه
ڀاگرٿي
Bhagurthi
تائين پکڙيل ۽ ڏاکڻي حد رومد نديءَ تائين وسيع
هوندي. جيڪڏهن اتر کان گنگا تي موجود ٻن ٿاڪن،
جانگر
Gangir
۽ ٽيلياگلي
Telia gali
کان ڏکڻ ڏس تي رومد نديءَ تي موجود پاچت
Pachit
۽ ڀاگر ٿي جي ڪناري تي واقع ڪلن
Kalna
واري ٿاڪ کي ڏسبو ته نقشي موجب اهو سارو دنگ 420
ميل بيهندو، پر سڻڪ سان اهو فاصلو 500 ٿئي ٿو. هي
گهيرو شين سئنگ جي بيان ۾ ٻڌايل فاصلي کان گهٽ
آهي. امڪان آهي ته متن ۾ ڪاٿي غلطي هجي يا وري
جابلو علائقي هئڻ ڪري متان ڪٿي مونجهارو ٿي ويو
هجي. يا وري ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته چيني
ياتريءَ جي زماني ۾ مذڪوره علائقي جي سياسي سرحد
ايتري هجي. سندس سفر نامي ۾ اهو بيان به نظر ايندو
ته چمپا کان اولهه مونگير جي راجا کي پاڙيسريءَ
راجا شڪست ڏئي ڊوڙائي ڪڍيو هو. چمپا جو اوڀاريون
علائقو ڪانڪ جول
Kankjol
ڀر واري راجا جي راڄ ۾ شامل هوندو هو. چمپا مٿي
بيان ڪيل ملڪن جي وچ تي هوندو هو. منهنجو خيال آهي
ته گهڻو ڪري اهو چمپا جو راجا هو جنهن اهي ٻئي ملڪ
فتح ڪيا هئا. چيني سيلاني به چمپا جو گهيرو ان ڪري
وڌيڪ ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جي اولهه ۽ اوڀر وارا
ملڪ تنهن زماني ۾ چمپا جي راجا فتح ڪري ورتا هئا.
تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ گنگا واري
پاسي کان اهي حدون لکيتراءِ
Lakheterai
کان راجمحل
Rajamahal
ٻئي پاسي رومد جي ڪناري سان پارس ناٿ ٽڪرين کان
وٺي ڀاگرتي جي ڪناري تي واقع ٿاڪ ميلن تائين پکڙيل
هونديون هيون. اهڙيءَ ريت نقشي جي سڌي ماپ موجب
اهو گهيرو 550 ميل ۽ سڻڪ جي فاصلي مطابق 650 ميل
هو.
ڪانڪجول
چمپا کان پوءِ هن سيلاني اوڀر طرف 400 لي يا 27
ميل سفر ڪري ڪي-چيو-يو-کي-لوKie-chi-u-khi-lo
يا ڪي-چنگ-ڪي-لو
Kie-ching-kie-lo
(709) پهتو هو. طرف ۽ فاصلي مان پتو پوي ٿو ته اهو
راجمحل وارو علائقو هو. ڪنهن زماني ۾ هن علائقي کي
ڪانڪجول سڏيو ويندو هو. هن علائقي تي اهو نالو هبڪ
شهر جي نالي پٺيان پيو هو. جيڪو راجمحل کان 18 ميل
ڏکن واقع هو. جيڪڏهن پاڻي وسيلي سفر ڪري ڪهل گائون
Kahal(Colgong) gaon
۽ راجمحل رستي اچبو ته ڀاڳل پور کان هيستائين ڪل
فاصلو 90 ميل ٿيندو، پر جيڪڏهن ٽڪرين وچان مان
گائون
Mangaon
۽ ڀرهت
Bharhat
رستي سڌو سفر ڪبو ته اهو فاصلو 70 ميل ٿيندو. هيءُ
ماڳ جيئن ته شين سئنگ جي بيانن سان ٺهڪي اچي ٿو،
تنهن ڪري مون کي شڪ ٿئي ٿو ته چيني نالي جا ٻه پد
مٽ سٽ نه ٿي ويا هجن ۽ متان صحيح نالو ڪي-ڪي-چو-لو
Kie-kie-chu-lo
هجي، جنهن جو ترجمو ڪانڪ جول
Kank jol
ٿي سگهي ٿو. آئين اڪبريءَ ۾ گنگ جوڪ
Gung jook
لکيو ويو آهي. (710) هن نالي جي سڀني شڪلين کي
الف-ب مطابق هيٺ ڏجي ٿو. اسان کي اها پڪ آهي ته
نالي جو پهريون اکر ڪ
K
آهي. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته اصلي نالو
ڪانڪجول آهي ۽ پڇاڙي واري لفظ ل
L
کي غلطيءَ وچان ڪ
K
لکيو ويو آهي. هيملٽن (711)
Hamilton
پنهنجي گزيٽئر ۾ هن ماڳ کي ڪاڪ جول
Couk jole
ڪري لکيو آهي. مان سمجهان ٿو ته اها ڇاپي جي غلطي
آهي، نه ته اهو لفظ ڪانڪ جول
Conk jole
آهي. سندس بيان آهي ته راجمحل واري علائقي کي
پهريائين اڪبر نگر سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته اهو
علائقي جو صدر مقام هو. محصول سان لاڳاپيل ڪتابن ۾
ڪاڪجول کي خاص فوجي علائقو لکيو ويو آهي.
شين سئنگ هن علائقي جو گهيرو 2000 لي يا 333 ميل
ٻڌايو آهي. پر هيءُ ڀر واري ملڪ جو هڪ ڏن ڀرو خطو
هو، تنهن ڪري سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن کي منجهس شامل
ڪيو ويو آهي. جنهن جو آءُ مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان.
پنهنجي آزاد ۽ آجيءَ حيثيت ۾ ڪانڪجول هڪ ننڍڙو ملڪ
هوندو ۽ ان جي ايراضي راج محل کان اولهه ۽ ڏکڻ
واري جوءِ تي مشتمل هوندي، جيڪا مرشد آباد کان
ڏکڻ، ٽڪرين ۽ ڀاگرتيءَ نديءَ جي وچ تي آهي. هن
علائقي جو گهيرو 300 ميل کن ٿيندو، جهڙيءَ ريت شين
سئنگ جو بيان آهي.
پاندر ورڌن
ڪانڪجول کان پوءِ هن گنگا پار ڪئي ۽ اوڀر طرف سفر
ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 600 لي يا هڪ سو ميل پنڌ ڪرڻ کان
پوءِ پن-نا-فا-تان-نا
Pun-na-fa-tan-na
پهتو هو. (712) ايم. جولين هن لفظ جو ترجمو پانڊر
ورڌن ٻڌائي ٿو ۽ ايم. ووين ڊي سئينٽ مارٽن هن جي
معنيٰ بردوان
Bardwan
ڪئي آهي. پر بردوان هن آخري شهر کان ڏکڻ طرف ۽
گنگا جي ساڳئي پاسي آهي. هن کان علاوه هن جو
سنسڪرتي نالو وراڌ مان
Varadha mana
آهي. مان سمجهان ٿو ته رستي جي فرق جو طرف ڪنهن
غلطيءَ ڪري ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان ساڳين غلطين
جا مثال پوئتي به ڏسي آيا آهيون. پر هتي جيڪي شين
سئنگ غلطيون ڪيون آهن سي بردوان جي سڃاڻڻ ۾ وڏي
رنڊڪ ثابت ٿيون آهن. منهنجي خيال م ماڳ پبنه
Pubna
آهي، جيڪو ڪانڪ جول کان هڪ سو ميل پري ۽ گنگا
ڪناري تي ٻئي پار واقع آهي. پر هن جو طرف اوڀر
بدران ذري گهٽ ڏکڻ-اوڀر آهي. چيني ٻوليءَ جي لفظي
پدن موجب اهو لفظ پنيه ورڌن
Punya Vardhana
يا پانڊرا ورڌن
Paundra Vardhana
ٿي سگهي ٿو. پر انهن ٻنهي مان وڌيڪ صحيح پانڊر
ورڌن آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو ذڪر ڪشمير جي تاريخ ۾ به
ملي ٿو (713) ته هيءُ ماڳ جينتا
Jayanta
جي راجا گيو
Gau
جي راجڌاني هوندو هو، جنهن 782ع کان 813ع تائين
راڄ ڪيو هو. عام لهجي ۾ هن لفظ پونڀرڌن
Ponbardhan
کي پوبڌن
Pobadhan
به اچاري سگهجي ٿو ۽ ان کان پوءِ سولائيءَ سان پين
يا پوبن
Pobana
اچاريو ويندو هو. هن ماڳ جو هاڻي عام اچار به پين
يا پوبن آهي. شين سئنگ هن ملڪ جو گهيرو 4000 لي يا
667 ميل ٻڌايو آهي، جيڪو ملڪ جي حقيقي پکيڙ سان
سهمت آهي. هن علائقي جون سرحدون هن ريت آهن: اولهه
۾ مهاندي اوڀر برهمپترا ۽ ڏکڻ ۾ گنگا آهن.
ججهوتي
شين سئنگ پنهنجي سفر نامي ۾ چي-چي-ٽو
Chi-chi-to
جو ملڪ 1000 لي يا 160 ميل اتر-اوڀر لکيو آهي. هن
ماڳ جي نالي جو پهريون ۽ ٻيو پد چيني ٻوليءَ جي
مختلف سڀائن سان تعلق رکن ٿا. (714) چيني ياتريءَ
جو هن مان مقصد اهو هوندو ته جيئن هندستان جي اهڙن
مختلف پدن جي فرق کي واضح ڪري ڏيکاري سگهي. اها
ڳالهه اسان چي-چي ٽو لفظ ۾ ڏسون ٿا، جيڪو ججهوتي
يا ججهوٽي لفظ جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن جو
ابوريحان به ذڪر ڪيو آهي. هن مورخ هن ماڳ کي
ڪجوراهه
Kajurahah
جي راجڌاني لکيو آهي. (715) سندسن بيان آهي ته اهو
قنوج کان 30 فرسنگ يا 90ميل ڏکڻ-اوڀر طرف آهي. پر
اهو صهيح طرف سر ڏکڻ آهي ۽ فاصلو به ٻيڻو يعني 60
فرسنگ يا 180 ميل آهي. هيءَ راجڌاني ابن بطوطه سن
1335ع پاڻ اکئين ڏٺي هئي، جنهن کي هن کجورا
Khajura
لکيو آهي. (716) سندس بيان آهي ته هن شهر جي ڀرسان
هڪ ميل ڊگهي ڍنڍ آهي، جنهن جو چوڏس مندر تعمير ٿيل
آهن. مندرن جي اهڙي طريقي سان اڏاوت کجوراهو
Khajuraho
۾ اڄ به ڏسڻ ۾ ايندي، اتر هندستان ۾ هن قسم جي هي
شاندار اڏاوت آهي.
ابوريحان ۽ ابن بطوطه جي ڏنل شاهدين مان اهو ظاهر
ٿئي ٿو ته ججهوتيءَ جو علائقو موجوده بنديل کنڊ
سان سڳيائپ رکي ٿو. چيني ياتريءَ هن علائقي جو
گهيرو 4000 لي يا 667 ميل ٻڌائي ٿو. جنهن مان
معلوم ٿئي ته ان جو هر هڪ پاسو 167 ميل هو، هاڻي
بنديل کنڊ جو وڏو حصو جمنا ۽ گنگا کان ڏاکڻين
علائقي تي مشتمل آهي، جيڪو اولهه پاسي بيتوا
Batwa
ندي کان شروع ٿي ونڌيا واسيني ديوي
Vindhya Vasini Devi
جي مندر کان اوڀر تائين دنگ ڪري ٿو، جنهن ۾ چنديري
ساگر
Chandiri Sagar
واريون ايراضيون به شامل سمجهڻ گهرجن. ڏکڻ پاسي
کان بلهري
Bilhari
وارو علائقو به هن ملڪ ۾ شامل هو، جيڪو نربدا ندي
جي آبي ذريعي وارو ماڳ چيو ويندو آهي. هي ججهوتي
برهمڻ جو قديم علائقو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو
بچائڻ جي ڏنل اطلاعن (718) موجب اتر کان جمنا
تائين ڏکڻ کان نربدا، اولهه بيتوا نديءَ تي واقع
ماڳ ارچ
Ureha
تائين ۽ اوڀر بنديل ناله تائين پکڙيل هو. هيءُ
بنديل ناله، پاڻيءَ جو هڪ ننڍڙو وهڪرو آهي، جيڪو
بنارس وٽان گنگا ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ۽ مرزا پور کان ٻن
منزلن اندر آهي. گذريل 25 سالن اندر مان هن علائقي
مان بار بار گذرندو رهيو آهيان ۽ هيڏانهن هوڏانهن
گهمندو رهيو آهيان. مان ڏٺو ته ججهوتي گهراڻي جا
برهمڻ هن علائقي ۾ واقعي تمام گهڻا آهن، پر اهي
جمنا کان اتر يا بيتوا نديءَ کان اولهه ڏسڻ ۾ ڪو
نه ايندا. مان کين وڌ ۾ وڌ بيتوا نديءَ ڀرسان ارچ
ويجهو بروا ساگر
Barwa Sagar
جمنا جي ڪناري هميرپور ويجهو مهد
Mohda
۾، ڪئن
Kane
ندي ڀرسان راجنگر ۽ کجوراهو ۽ چنڍيري ۽ ڀيسلا
Bhisla
جي وچ تي اڌئپور
Udaipur
پٿاري
Pathari
۽ ارن
Eran
تائين ڏٺو هو. خود چنڍيري ۾ ججهوتي گهراڻي جا
واڻيان به ڏسڻ ۾ آيا، جنهن مان سمجهه ۾ آيو ته اهو
ڪنهن هڪ خاص گهراڻي جو نالو ڪونه آهي، پر هڪ
تعريفي اصطلاح آهي، جنهن جو استعمال عام نظر اچي
رهيو هو. برهمڻن ججمهوتيه جو لفظ يجرويد جي لفظ
يحر-هوت
Yajur-hota
تان ورتو آهي. پر هي لفظ ان جي واپارين، واڻين ۽
برهمڻن کي به سڏيو ويندو آهي، تنهن مان سمجهه ۾
اچي ٿو ته هن لفظ جو واسطو ڪنهن علائقي ججهوتيءَ
سان آهي. هن ڳالهه جي وڌيڪ تصديق برهمڻن جي ٻين
گهراڻن جي نالن مان به ٿئي ٿي، جهڙوڪ قنوجيه
Kanojiya
جنهن جو واسطو قنوج سان آهي، گؤر
Gaur
جنهن جو لاڳاپو گور
Gaur
سان آهي، سروريه
Sarwariya
يا سرجوپاريه
Sairiju pariya
جنهن جو لاڳاپو سرجو
Sarju
ندي جي ڪناري واري سرج ڇوڙ سان آهي، دراوڙ جنهن جو
واسطو دکن جي دراوڙن سان آهي ۽ مئتل جو گهراڻو
جنهن جو تعلق مٿيل
Muthila
سان آهي، هنن مثالن مان گهڻو واضح ٿي وڃي ٿو ته
برهمڻن جون نياتيون جاگرافيائي خطن جي نالن سان
تعلق رکنديون هيون. هن علائقي ۾ اها ڳالهه به نظر
ايندي ته هتي ڌار ڌار ايراضين ۾ ڌار ڌار نياتن
وارا برهمڻن ڏسڻ ۾ ايندا. تنهن ڪري مون کي پڪ ٿئي
ٿي ته جنهن علائقي ۾ ججهوتيه برهمڻ هئا تنهن کي
ججهوتي ڪوٺيو ويو ٿو ڀائنجي.
کجوراهو هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. منجهس 162 گهر مس ٿيندا
۽ آدمشماري 1000 کان گهٽ ٿيندي ۽ انهن ۾ ججهوتي
برهمڻن جا ڌار ڌار ست پاڙا آهن. يارهن گهر چانڊيل
Chandel
راجپوتن جا آهن، جن جي پٽيل جو چوڻ آهي ته هو راجا
پرمال ديو
Paramal deo
جي ڦريءَ سان واسطو رکي ٿو، جيڪو مشهور راجپوت
پرٿوي راج جو ويري هو. ڳوٺ جي چوڌاري مندر ۽ ٿرڙ
نظر ايندا، جيڪي اولهه، اتر ۽ ڏکڻ-اوڀر پاسن تي ٽن
مختلف مچلن ۾ تعمير ٿيل ڏسبا. اولهه پاسي وارا
سڀئي مندر جيڪي سب ساگر
Sibsagar
جي ڪناري تي اڏيل آهن، تن جو واسطو هندو ڌرم سان
آهي. مينهوڳيءَ جي موسم ۾ سب ساگر اتر کان ڏکڻ من
و ميل کن پکڙجي ويندي آهي. خشڪ رت ۾ اها سڪي 600
فوٽ همچورس وڃي بچندي آهي. مذڪوره ڍنڍ ڳوٺ کان يا
اتر وارن ٿرڙن کان مني ميل جي فاصلي تي ٿيندي.
ڏکڻ-اوڀر وارن جين ڌرم جي مندرن کان هڪ ميل پري
آهي. مجموعي طور تي سڀئي ٿرڙ هڪ ميل هم چورس
ايراضيءَ ۾ پکڙيل هوندا. پر اولهه واري مچي ۽ کجور
ساگر جي وچ تي ڪي ٿرڙ ڪو نه ٿا ڏسڻ ۾ اچن، تنهن
ڪري چئي سگهجي ٿو ته قديم شهر، ڍنڍ جي الهندي
ڪناري تائين پکڙيل ڪو نه هوندو. ڍنڍ جي ٻين ٽنهيل
پاسن کان ٿرڙن جا اهڃاڻ نظر ايندا، جيڪي بيضوي شڪل
۾ اتر کان ڏکڻ 4500 فوٽ ڊيگهه ۽ اوڀر کان اولهه
ويڪر 2500 فوٽ لڳاتار ڏسبا. اهڙيءَ ريت گهيرو
14000 فوٽ يا پوڻا ٽي ميل ٿئي ٿو. هي انگ اکر شين
سئنگ جي بيان سان ٺهڪي ٿا اچن، جنهن هن راجڌانيءَ
جو سنه 641ع ۾ اهو ساڳيو گهيرو ٻڌايو آهي. پر ڪنهن
پوئين دور هن شهر کجورا کي ڪورر
Kurar
نالي تائين اوڀر ۽ ڏکڻ وڌايو ويو ٿو ڏسجي. تنهن
زماني ۾ هن ماڳ جو گهيرو ساڍا ٽي ميل هو. ان زماني
۾ مهوب
Mahoba
۽ کجورا هڪ جيترا شهر هوندا هئا، تنهن ڪري پڪ ڪانه
ٿي ٿئي ته شين سئنگ جي زماني ۾ ڪهڙو شهر ملڪ جي
راجڌاني هو. پر شهر جو مهوب يا مهوتسو نگر
Mahotsavanenagr
جنهن کي خوشين جو شهر
City of the great Jubilee
سڏيو ويو آهي، تنهن ڪري منهنجو خيال آهي ته مذڪوره
چيني ياتري جي زماني ۾ قديم ججهوتي گهراڻي جي
برهمڻن وارو شهر کجورا ئي ملڪي راجڌاني هوندو، مگر
اهو اجين کان 300 ميل پري آهي، يعني چيني ياتريءَ
جي بيان ڪيل فاصلي کان ٻيڻو وڌيڪ. مان هن خيال جو
آهيان ته شين سئنگ جي ڏنل 1000 لي کي وڌائي 2000
لي يا 333 ميل ڪر ڻ کپي ۽ ان کان پوءِ هيءُ فاصلو
اصلي پنڌ موجب ٺهڪي بيهندو. اچرج جي ڳالهه اها به
آهي ته ابوريحان جو قنوج کان ڏنل فاصلو ايترو کٽي
ٿو جو مان سمجهان ٿو ته سندس غلطيءَ جو سبب به
هڪ آهي، يعني بنديل کنڊ جي هڪ ڪوه ۾ چئن ميلن کان
ٿورو سرس فاصلو هوندو آهي جيڪو اتر هندستان جي ڪوه
کان ٻيڻو وڌيڪ آهي. شين سئنگ هن علائقي جو گهيرو
4000 لي يا 667 ميل ٻڌائي ٿو. هيءَ هڪ وڏي ايراضي
آهي، سنڌ کان تونس
Tons
جي وچ وارو علائقو به منجهس شامل سمجهڻ گهرجي، اتر
۾ گنگا ۽ ڏکڻ ۾ نيه سراءِ
Nya Sarai
۽ بلهري تائين ساري ايراضي ساڻس تعلق رکندي هئي.
ڪالنجر جو مشهور قلعو به هن علائقي ۾ آهي. مسلمانن
جڏهن مهوب تي دنگو ڄمايو ۽ اوڀر مالوا جي مضبوط
قلعي چانديري کي پنهنجي راجڌاني بنايو هو ته
چانڊيل گهراڻي جي راجپوتن اچي هن قلعي ۾ پنهنجي
سياسي سگهه کي ڪٺو ڪيو هو.
مهوب
مهوب جو قديم شهر گرينائيٽ
Granite
ٽڪريءَ جي وٽ ۾، هميرپور
Hamir pur
کان 54 ميل ڏکڻ کجورا کان 34 ميل اتر، بيتوا ۽
جمنا ندين جي سنگم واري ٿاڪ وٽ آهي. هيءُ نالو
مهوتسو نگر
Mohot savana gara
جي ننڍڙي شڪل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خوشين جو
شهر. چيو ويندو آهي ته چانڊيل گهراڻي جو پايو
وجهندڙ چندر ورما
Chandra Varama
هتي اچي ميلا ملاکڙا ۽ خوشين جا موقعا ملهائيندو
هو. روايتن مطابق هي شهر ڇهه يوجن ڊگهو ۽ ٻه يوجن
ويڪرو آهي. هي هڪ وڌاءُ آهي، جيڪو نقل، نظير ٻڌائڻ
وارا ماڻهو ڪنهن وڏي شهر لاٽ هٿ جي ٺاهي هڻي ويندا
آهن. منهنجي ذاتي جاچ پڙتال موجب هن شهر جو ڊگهي ۾
ڊگهو پاسو به ڏيڍ ميل کان وڌيڪ ڪو نه ٿيندو. جيڪو
اولهه کان راءِ ڪوٽ نالي قلعي کان وٺي ڪلياڻ ساگر
Kalyan Sagar
تائين اوڀر طرف آهي. ويڪر هڪ ميل اٿس. ان حساب سان
گهيرو پنج ميل بيهندو. پر ان جي ڏکڻ-اوڀر واري
پاسي هڪ ميل همچورس ايراضي مدن ساگر
Madan Sagar
ولاري ڇڏي آهي. جيڪڏهن 300 همچور س فوٽن تي هڪ
ماڻهو آباد سمجهجي ته هن شهر جي اوج جي زماني ۾
ڪل آدشماري هڪ لک ٿي سگهي ٿي. مان 1843ع ۾ مهوب ۾
ڇهن هفتن لاءِ ٽڪيو هوس. تنهن زماني ۾ منجهس 765
گهر آباد هئا، جن جي آدمشماري 4000 به مس هئي. ان
کان پوءِ شهر ڪجهه ترقي ڪئي آهي ۽ منجهس 900 گهر
آهن ۽ آدمشماري وڃي 5000 کي پهتي آهي.
مهوب جو شهر ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهريون مهوب جو
خاص شهر جيڪو ٽڪريءَ کان اتر پاسي آهي. ٻيو ٽڪريءَ
جي چوٽيءَ تي بهتري قلعو
Bihatri-Kilo
آهي. ٽيون حصو اهو آهي، جنهن ۾ ڊرٻ
Dariba
آهي، جيڪو مذڪوره ٽڪريءَ کان ڏکڻ ڏس تي ڏسبو. شهر
جي ڏکڻ پاسي ڪيرت ساگر
Kirat Sagar
نالي هڪ ڍنڍ آهي، جيڪا ڏيڍ ميل تي پکيڙيل ڏسبي.
چيو ويندو آهي ته هيءَ ڍنڍ راجا ڪرٽي ورما
Kirtti Varmma
پنهنجي دور (1065ع کان 1085ع تائين) ۾ جوڙائي هئي.
ڏکڻ ۾ مدن ساگر ڍنڍ آهي، جيڪا مدن ورما
Madana Varmma
(1130ع کان 1165ع تائين) ۾ ٺهرائي هئي. اوڀر پاسي
هڪ ننڍي ڍنڍ ڪلياڻ ساگر اٿس. ان کان پريان ساگر
ڍنڍ آهي، جيڪا وڏي ۽ اونهي آهي. چيو ويندو آهي ته
هيءُ ڍنڍ راجا وڃي پال جوڙائي هئي. جنهن 1015ع کان
1065 تائين راڄ ڪيو هو. مهوب جي سڀني ڍنڍن کان
وڌيڪ وڏي وجي ساگر آهي. جيڪا چئن ميلن ۾ پکڙيل
آهي، پر بنديل کنڊ علائقي ۾ سڀني کان خوبصورت ڍنڍ
مدن ساگر آهي. هن جي الهندي پاسي کان گرينائيٽ
ٽڪري آهي، جيڪا گوڪار
Gokar
جي نالي سان مشهور آهي. اتر پاسي کان قديم قلعي جي
وٽ ۾ هيٺان لڪن ۽ مندرن جو هڪ ڊگهو سلسلو نظر
ايندو. ڏکڻ-اوڀر کان ٽڪريءَ جون ٽي چکون اڳتي ڍنڍ
۾ وڌي آيون آهن. اتر واري پاسي وچ ڍنڍ ۾ هڪ ٽڪري
آهي، جيڪا ڄڻ ٻيٽ پئي ڏسبي، جنهن جي چوٽي کي قديم
آثارن ڍڪي ڇڏيو آهي. اتر-اولهه ڪنڊ تي گرينائيٽ
پٿر جا جوڙيل ٻه مندر ڏسبا، جن لاءِ چيو ويندو آهي
ته ڪنهن چانڊيل گهراڻي جي راجا تعمير ڪرايا هئا.
انهن مان هڪ ته ڊهي ناس ٿي ويو آهي. باقي هڪ وچ
ڍنڍ ۾ ان اتاهين ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ست سالن کان
بيٺو آهي.
مهوب شهر جي بنياد بابت قصو چند
Chand
نالي هڪ ڀَتَ ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو ۽ ڏيهي
مورخن ان کي نقل ڪري ڇڏيو آهي. (718) ڏند ڪٿا موجب
چانڊيل راجپوت هيمراج جي ڌيءُ هيماوتي
Hemavati
جي پيٽ ما ن آهي. هيمراج لاءِ چيو ويندو آهي ته
اهو بنارس جي گاهرور
Gahirwar
گهراڻي جي راجا اندرجيت
Indrajit
جو پروهت برهمڻ هو. هيماوتي ڏاڍي سهڻي هئي. ڳالهه
ڪندا آهن ته هڪ ڏينهن هوءَ راتي تلاءَ
Rati talab
تي وهنجڻ وئي ته چنڊ جي ديو چندرما
Chandrama
کيس ڏسي ورتو ۽ کيس ڀاڪر پاتائين۔ جڏهن هو واپس
چنڊ ڏانهن ورڻ لڳو ته هيماوتي کيس پٽيو ۽ پاراتا
ڏنائين . ”تون مون کي ڇوٿي پٽين؟ تنهنجو پٽ ته
روءِ زمين جو بادشاهه ٿيندو ۽ منجهائنس ڪيتريون
پيڙهيون پيدا ٿينديون.“ چندر کيس وراڻيو. ”مان هن
ڪارنهن جي ٽڪي کي ڪيئن ڌوئي سگهنديس، ڇاڪاڻ ته مان
پرڻيل ڪانه آهيان.“ هيماوتيءَ کيس چيو. ”ڊڄ نه!
توکي ڪرن وتيءَ جي ڪناري پٽ ڄمندو، ان کي کجورا
کڻي وڃي مندر ۾ ڏجانءَ ۽ ٻل جو دان ڪجانءِ. مهوب
۾ هو راڄ ڪندو ۽ مشهور راجا ۾ ٿيندو. کيس پارس
پاهڻ هٿ ايندو ۽ لوهه کي سون بڻائي سگهندو. ڪالنجر
واريءَ ٽڪري مٿان هڪ سگهارو قلعو اڏيندو. جڏهن
تنهنجو پٽ 16 سالن جو ٿيندو ته تون ڀانڊ جگ
Bhand Jag
ادا ڪجانءِ. تڏهن تنهنجي ڪُر تان ڪچو ڌوپجي ويندو
۽ پوءِ اچي ڪالنجر ۾ رهجانءِ.“ |