ڪلو
Kulla
شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته ڪيو-لو-تو
Kiu-lu-to
جلنڌرا کان (222) ست سو لي يا هڪ سو سترهن ميل
اتر-اوڀر طرف آهي، جيڪو بيان ۾ ٻڌايل جاءِ وقوع
موجب ڪلو
Kullu
جي علائقي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. مذڪوره علائقو
بياس ماٿريءَ جي مٿين علائقي تي مشتمل آهي. وشنو
پراڻ (223) ۾ هن علائقي جي ماڻهن کي الوٽا
Ulata
يا ڪلوٽا
Kuluta
چيو ويو آهي. منهنجي خيال موجب هي اهي ماڻهو آهن
جن کي رامائڻ ۽ بريهاٽ سنهيٽا (224)
Birthat Sonhat
۾ ”ڪائولوٽاس“
Kaulutas
سڏيو وڃي ٿو. هن لفظ جي هجي چيني ياتري جي لکيل
لفظ
Kiuluto
سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي
مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته موجوده دور جو ڪلو
قديم لفظ جي ننڍي شڪل آهي. هتان جي ماڻهن جو چوڻ
آهي ته اولهه پاسي منڊي ۽ سکيت جون رياستون ستلج
جي ڏکڻ واري طرف کان زمين جو وڏو خطو هن ملڪ ۾
شامل هوندو هو. جيڪڏهن رستي سان ماپ ڪبي ته هن جي
دنگ جي ماپ پنج سو ميل ٿيندي.
هن ماٿريءَ جي موجوده راڄڌاني سلطان پور آهي. پر
ان هوندي به پراڻي راچڌاني ماڪارسا
Makarsa
کي اڃان تائين نگر
Nagar
سڏيو ويندو آهي. هن شهر جو هي اهو نالو آهي، جيڪو
کيس راڄڌانيءَ هجڻ وقت سڏيو ويندو هو.ک هاڻي به
عام طور تي هن ئي نالي سان مشهور آهي. شين سئنگ جو
بيان آهي ته سون، چاندي ۽ ٽامون هن علائقي مان جام
ملندو آهي. سندس هن بيان ۾ ٿوري ڪجهه سچائي آهي.
هتان واري ڌوئي صاف ڪري جيڪو سون هٿ ڪيو ويندو آهي
سو تمام ٿورو هوندو آهي. چانديءَ ۽ ٽامي جون
کاڻيون به وقت ٿيو ته خالي پيون آهن.
شين سئنگ جو بيان آهي ته ڪلو جي اتر-اوڀر پاسي
لو-هو-لو
Lo-hu-lo
آهي. جنهن مان ظاهر اهو ٿئي ٿو ته ٿٻيٽ وارا هن کي
لهو-يال
Lho-yal
۽ ڪلو جا ماڻهو هن کي لهول
Lahul
سڏيندا آهن. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هن کان ٿورو اتر
مو-لو-سو
Mo-lo-so
آهي جيڪو جاءِ وقوع ۽ ڏس پتي جي نقطه نگاه کان
لداخ وارو علائقو آهي. مان چيني ياتري جي ڏنل نالي
۾ ٿوري مٽا سٽا ڪندس ۽ ان کي مو-لو-پو
Mo-lo-po
چوندس. اها مار-پور لفظ جي صحيح صورتخطي آهي، لداخ
جو اهو اصلي نالو آهي، ڪنهن زماني ۾ لداخ کي
مار-پو-يول يعني ”ڳاڙهو علائقو“
Red
district
سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته هن علائقي جي مٽي ۽ جبلن
جو رنگ ڳاڙهو آهي. چيني ٻوليءَ جا سو
So
۽ پو
Po
جا اچار هڪ جهڙا هوندا آهن ۽ اهي هڪ ٻئي سان بدلجي
سگهندا آهن. جهڙيءَ ريت اسان پاننيءَ جي جنم ڀومي
سالاتورا
Salatura
۾ ڏسون ٿا، جيڪو شين سئنگ جي اصلي سفرنامي ۾
پو-لو-تو-لو
Po-Lo-Tu-Lo
يا پالاتولا
Palatura
لکيل آهي.
مَنڊي ۽ سُکيت
منڊي ۽ سکيت جون ٻه ننڍڙيون رياستون ڪنهن زماني ۾
هڪ وڏي رياست هئي. اولهه پار کان ڪانگڙا، اوڀر کان
ڪلو، اتر پار کان ڍولاڍار جبل ۽ ڏکڻ کان ستلج آهي.
منڊيءَ جي معنيٰ مارڪيٽ آهي. هيءُ شهر بياس نديءَ
جي ڪناري سان آهي. ڏکڻ ۽ اولهه کان ايندڙ رستا
بههتي اچي پاڻ ۾ ملندا آهن. اهڙيءَ جاءِ وقوع ڪري
ماڻهو قديم دور ۾ ئي هتي اچي آباد ٿيا هئا. ڀرسان
لوهه جون کاڻيون هيون. ڪارو لوڻ به هتي ملندو هو ،
تنهن ڪري هي شهر ڏاڍو خوشحال هو.
نورپور يا پٺاڻيا
هن شهر تي نورپور نالو ششهنشاهه جهانگير جي راڻي
نورجهان تان پيو آهي. اصل نالو ڏهه-ماڙي
Dahmari
يا ڏهه مالا هوس. ابوالفضل جو بيان آهي ته هن شهر
جو نالو ڏهه-ماهري
Dahmahri
آهي. پر قلعي بابت ڪجهه به ڪو نه لکيو اٿس. هتان
جا ماڻهو هن شهر جو نالو ڏهه-ميري
Dah
mari
اچاريندا آهن. تاريخ الفي ۾ هن کي دهه مال
Dahmal
لکيو آهي. سندس بيان آهي ته: ”هي شهر هندستان جي
دنگ تي هڪ اتاهين ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اڏيل آهي.“
ابراهيم غزنويءَ هيءُ قلعو گهڻي وقت جي گهيري کان
پوءِ فتح ڪيو هو. هن علائقي جو نالو پاٺ وات
Patha
wat
هوندو هو. هن علائقي جي راڄڌاني ميداني ۽ کليل
ايراضيءَ ۾ پٺياڻ
Pathian
نالي هوندي هئي. کيس پٺياڻ ڪوٽ به سڏيو ويندو هو.
جيڪو هاڻي ٿورو بدلجي پٺان ڪوٽ ٿي ويو آهي. اصل ۾
هيءُ نالو راجپوتن جي پٺاڻ قبيلي مان ورتو ويو آهي
۽ اهو مسلمان پٺاڻن يا افغانن تان ورتل ڪو نه آهي.
سن 1815ع ۾ هتان جي راجا کي راجا رنجيت سنگهه قيد
ڪيو هو ۽ سندس ملڪ تي قبضو ڪري ورتو هئائين.
نورپور کان اوڀر پار ڪوٽلا جي سردار راجپوتن جي
پٺاڻيه ڦريءَ مان هو. سندس ملڪ کي ساڳي دور ۾ سک
ملڪ سان ملايو ويو هو.
ڪوٽليهار جي ننڍڙيءَ رياست جسوال-دون
Jaswal-Dun
علائقي ۾ ۽ جوالا مکي جي ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع آهي.
هيءَ علائقو ڪانگڙا جو ڏن ڀرو رهندو آهي.
ستادرو
Satadru
چيني ياتري (225) جو بيان آهي ته علائقي
شي-تو-لو-پو
She-to=lu-po
يا ستادرو جو گهيرو ٻه هزار لي يا ٽي سو ٽيٽيهه
ميل آهي، جنهن جي اولهه پاسي کان وڏو درياه آهي.
هن علائقي جي راڄڌاني ڪلو کان ست سو لي يا هڪ سو
سترهن ميل ڏکڻ ۽ بئرات
Bairat
کان اٺ سو لي يا هڪ سو ٽيٽيهه ميل اتر-اوڀر طرف
آهي. فاصلي ڳڻڻ ۾ ڪافي غلطي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪلو
۽ بئرات جي وچ ۾ ٽي سو ڇٽيهن ميلن جي وٿي آهي. اهو
فاصلو نقشي مطابق سڌو بيهي ٿو. جيڪڏهن رستي سان
ماپ ڪبي ته ٻنهي جو وچ وارو فاصلو ٽي سو سٺ ميل
ٿيندو. هن حساب سان هڪ سو ڏهن ميلن يا ست سو لي جي
سڌي رستي وارو فرق ٿئي ٿو ۽ رستي واري فاصلي سان
فرق وڃي ڏيڍ سو ميل ٿيندو، جيڪو هڪ هزار لي ٿئي
ٿو. اهڙيءَ ريت سندس موٽ واري مٿرا کان ٿانيسر جي
سفر ۾ فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو چيني ياتري جي حساب
موجب پنج سو لي يا ٽياسي (226) ميل آهي. پر حقيقت
۾ اهو ٻارهن سو لي يا ٻه سو يا هڪ سو نوانوي ميل
ٿيندو. ڏٺو وڃي ته ٻنهي رستن جو پنڌ وڌائي پيش ڪيو
ويو آهي ۽ ان جو سبب به ڪو نه ٿو ٻڌايو وڃي. معلوم
ائين ٿئي ٿو ته رستي جي ڏکڻ واري ستادرو کان بئرات
واري حصي ۾ ڪاٿي غلطي آهي، جيڪو مٿرا ۽ ٿانيسر جي
وچ واري رستي سان پورو ڇوٽ تي هلندو وڃي ٿو0. مان
ستادرو ۽ بئرات جي وچ تي فاصلي ۾ پنجاه ميل جوڙ
ڪيان ٿو ۽ ان کان پوءِ ڪل پنڌ ٻه سو ٽياسي ميل يا
اٺ سو لي بدران ارڙهن سو لي ٿئي ٿو، بئرات وارو هي
صحيح فاصلو، ڪلو واري هڪ سو سترهن ميلن ۾ جوڙ ڪجي
ته ستادرو جي جاءِ وقوع ۽ جاگرافيائي بيان سرهند
جي شهر سان سهمت ٿئي ٿو. تاريخي حوالا ۽ ماڻهن جون
روايتون هن حقيقت کي هٿي ڏين ٿيون ته سرهند به
نهايت قديم شهر آهي.
سرهند جي ٿرـڙن کي جاچي چتائي ڏسجي ٿو ته معلوم
ٿئي ٿو ته انهن جڳهن جو واسطو قديم مسلمان دور سان
آهي. پر ان جو نتيجو اهو ٿو ٿئي ته هندو دور ۾ به
هيءُ نهايت اهم شهر هوندو، ان ڪري ته مسلمان اچي
اتي آباد ٿيا. دهليءَ جي پهرئين (227) مسلمان
حڪمران محمد غوريءَ هن شهر جو گهيرو ڪري آخر فتح
ڪيو هو. سرهند لفظ جي معنيٰ هند جي سرحد آهي.
مذڪوره شهر کي هيءُ نالو ڪنهن پراڻي زماني ۾ ڏنو
ويو ٿو ڀائنجي. امڪان آهي ته غزنوي گهراڻي جا
پويان حڪمران جن غزنيءَ مان تڏا تئوريون کڻي اچي
لاهور ۾ لڏا لاٿا هئا، تن ۾ هندو حڪمرانن جي وچ ۾
هي شهر دنگ هوندو. ڏسجي ٿو ته نالو هن دور کان به
گهڻو پراڻو آهي. ڇاڪاڻ ته مشهور جوتشي ورها مهرا
Varaha
Mihira
ڪلو کان هڪ دم پوءِ برهماپور ۽ (228) پوءِ سائرنڌا
Sairindha
جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو چيني ياتري جي بيان موجب
هردوار جي اتر ۾ موجود جابلو علائقي جي راڄڌاني
هو. احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سائرنڌا جا ماڻهو
اتي اچي آباد ٿيا. جتي هاڻي سرهند جو شهر آباد
آهي. هن ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي به گنجائش موجود نه
آهي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي نالن ۾ هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ اچي
ٿي. پر ورها مهرا جيڪا جاگرافيائي ماڳن جي پنوتري
ڏني آهي، سا ڪنهن آڳاٽي جوتشي پاراسار
Para
Sara
جي ڪتاب تان نقل ڪيل آهي، گمان آهي ته اهو پهرين
صدي عيسويءَ ڌار4ان (228) زنده هو.
جيڪڏهن اسين صحيح ڪيل هڪ سو ڏهه ميل يا ست سو لي
ڪلو ۽ ستادرو واري اترئين اڌ ۾ شامل ڪنداسين ته
ستادرو جي جاءِ وقوع وڃي هانسي بيهندي، جنهن جو
قلعو سرهند جي قلعي کان وڌيڪ مضبوط ۽ شهر به سرهند
جي شهر کان وڌيڪ پراڻو آهي. پر شين سئنگ جو بيان
هن حقيقت ڏانهن اسان جو ڌيان ڪرائي ٿو ته ستادرو
واري علائقي جو گهيرو ٻه هزار لي يا ٽي سو ٽيٽيهه
ميل آهي ۽ اولهه پاسي هڪ وڏو درياهه اٿس. اهو
درياهه ستلج يا ستادرو ئي ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري
اهو امڪان ڪو نه آهي ته ستادرو ڪا هانسي آهي.
ڇاڪاڻ ته هيءُ ماڳ ستلج جي ويجهي ۾ ويجهي حصي کان
هڪ سو ٽيهه ميل پري آهي.
هن جي ڀيٽ ۾ ڀٽنير
Bhatner
جو مشهور قلعو وڌيڪ هڪ جهڙائي رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته
هن ننڍڙي علائقي جي اولهه پاسي کان به ستلج وهندي
آهي ۽ ڪلو کان صحيح ڪيل هڪ سو ڏهه ميل جوڙ ڪبا ته
فاصلو هن شهر سان وڃي پورو بيهندو، پر طرف ڏکڻ
بدران ڏکڻ-اولهه ٿئي ٿو ان کان سواءِ بئرات کان
ڀٽنير تائين فاصلو ٻه سو ميل ٿئي ٿو، جڏهن ته چيني
ياتري اٺ سو لي يا هڪ سو ٽيٽيهه ميل ٻڌايو آهي.
بئرات جي جاءِ وقوع ڀٽنير سان هڪ جهڙائي رکي ٿي،
پر چيني ياتري طرف جي غلطيءَ وچان ڏکڻ –اوڀر ۽
ڏکڻ-اولهه طرف ٻڌائي ٿو. ان بيان مطابق بئرات کان
مٿرا تائين فاصلو پندرهن سو لي يا ٻه سو پنجاهه
ميل ٿئي ٿو. ان بدران چيني ياتري فاصلو پنج سو لي
يا ٽياسي ميل ٻڌائي ٿو. جيڪڏهن مٿرا کان هانسي
رستي سفر ڪبو ته چيني ياتريءَ جي بيان موجب بئرات
يا ڀٽنير جو فاصلو وڃي ٻه سو پنجاه ميل ٿيندو. اهو
به امڪان آهي ته چيني ٻوليءَ جي اچارن ڪري اها
غلطي ٿي وئي هجي. ڇاڪاڻ ته مذڪوره ٻوليءَ جي شي
She
يا سا
Sa
جو اچار پو
Po
يا ڀا
Bha
جي برابر آهي. ان ڪري چيني ٻولي جي هنن اچرن
پو-ٽو-ٽُو-لو
Po-to-tu-lo
جي معنيٰ ڀاٽاس ٿالا
Bhatasthala
ڀا ڀٽنير به ٿي سگهي ٿي.ڀٽنير جو مطلب ڀٽين جو
قلعو آهي. شهر کي بند
Band
يا بندو
Bando
سڏيو ويندو هو، جيڪا ڀاٽاس ٿالا جي ننڍي صورت ٿي
سگهي ٿي. ان جو مثال مارو
Maru
آهي، جنهن جو پورو نالو ماروس ٿالا آهي. نالن ۽
جاءِ وقوع جي هڪ جهڙائي هوندي به مان هن ڳالهه ۾
چيني ياتريءَ جي بيان جي تائيد ڪريان ٿو ته سرهند
ستادرو جي قديم علائقي جي گاديءَ جو هنڌ هو. هن
حقيقت جي پٺڀرائي چيني ياتريءَ جو بيان به ڪري ٿو
ته هن علائقي ۾ سون به پيدا ٿيندو هو. جيستائين
منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي ته سون هيٺئين جابلو
علائقي مان ملندو هوندو، جيڪو سرهند جي اتر ۾ واقع
آهي، جتي ستلج جي مختلف ڇاڙهن مان اڃان تائين سون
لڌو ويندو آهي.
سرهند کي ستادرو جي راڄڌاني بهمن کان پوءِ هن
علائقي جي ڏنل پکيڙ موجب سندس دنگ جو يقين به ڪيو
ويندو. اولهه ۽ اتر واري پاسي کان ستلج ڦري ٿي
آئي. ڇاڪاڻ ته اها سملا کان تهارا ۽ هيٺ لڌيانا
تائين هن علائقي جي اتر ۽ اولهه پاسي کان وهندي
هئي، جنهن جي ڊيگهه هڪ سو ميل کان به مٿي هئي. ڏکڻ
پار کان تهارا کان وٺي انبالا تائين هڪ سو ميل هيٺ
هلي ويئي هئي. اوڀر پاسي انبالا کان سملا تائين هڪ
سو کن ميل ۾ پکڙيل هئي.اهڙيءَ ريت سندس گهيري ۾
ڪجهه جابلو رياستون به اچي ٿي ويون، جيڪي سملا کان
اولهه ۽ ڏکڻ طرف هيون. ميداني علائقن مان سرهند ۽
لڌيانا هن ۾ شامل هئا. هي اهو علائقو آهي جيڪو
ستلج جي اوڀرپار ۽ اتر هندستان ۾ شامل آهي، تنهن
ڪري منهنجو اندازو آهي ته هي علائقو ڀرواري ملڪ
جلنڌر جي ماتحت هوندو.
تاڪي
Taki
يا پنجاب
شين سئنگ هن ملڪ کي ٽسي-ڪيا
Tse
–Kia
يا تاڪي سڏي ٿو. سنڌوءَ کان وٺي بياس تائين ۽ اتر
پاسي کان جبل جي ڪڇ کان وٺي (229) ملتان کان هيٺان
پنجن درياهن جي سنگم واري ماڳ تائين پکڙيل هو. شين
سئنگ موجب چيني ٻوليءَ جو
“Tse”
جو اچار سنسڪرت جي
“T”
جي اچار جي برابر آهي، جيڪا ڪنهاري
Kanhari
۽ ڪارلي (230)
Karli
جي پنجن مان هڪ غار مان لڌل لکت ”دانا ڪاڪتا“
Danakakata
۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. شين سئنگ جي سفر نامي ۾ هي
لفظ-نو- ڪيا- ٽسي-ڪيا
To-no-kia-tse-kia
جي هجي ۾ لکيل آهي، جنهن جي پوين ٻن اچارن ۾ مٽ سٽ
ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ابوريحان هن کي داناڪا
Danaka
ڪري لکيو آهي، گهڻو ڪري هي اهو شهر آهي جيڪو
موجوده دور جي شهر امروتي
Amaravati
جي ڀرسان ۽ ڪستنا
Kistana
نديءَ جي ڪناري تي آباد هو ۽ سندس نالو ڌادني ڪوٽا
Dharani-Kottaآهي.
تنهن ڪري ٽسي-ڪيا
Tse-kia
جو مطلب تاڪي ٿيندو. هي نالو پنجاب جي علائقي ۽ ان
جي راڄڌانيءَ جي به معنيٰ ڏيکاري ٿو. جهڙيءَ ريت
رنجيت سنگهه جي زماني ۾ لاهور ملڪ ۽ راڄڌاني جي
معنيٰ لاءِ هڪ جهڙو ڪتب آندو ويندو هو. راڄڌانيءَ
جي جاءِ وقوع تي بحث اڳتي ڪيو ويندو. هتي ايترو
بيان ڪرڻ ڪافي ٿيندو ته هي شهر پراڻي راجڌاني
شي-ڪي-لو
She-Kie-lo
کان ٻن ٽن ميلن جي وٿيءَ تي موجود
هو. پروفيسر لئسن هن کي مها ڀارت ساڪالا
Sakala
۽ ائرين جو سانگالا
Sangala
سمجهي ٿو. مهاڀارت ۾ ساڪالا جي ماڻهن کي مدراس
Madrass،
آراتاس
Arattas،جادتيڪاس
Jarttikas
۽ باهيڪاس (231)
Bahikas
سڏيو ويو آهي. وري راجا ترنجيني جي ذڪر ۾ تاڪا جي
علائقي بابت ٻڌايو ويو آهي ته اهو گُرجارا
Gurjjara
(يعني چناب جي ڀرسان گجرات وارو علائقو) جي ملڪ جو
حصو آهي. هيءُ علائقو سن 883ع ۾ 901ع (233) جي وچ
ڌاران راجا الاناکا ڪشمير جي راجا جي حوالي ڪيو
هو. هنن بيانن مان اهو واضع ٿئي ٿو ته ساڪالا،
تاڪا جي طاقتور قبيلي جي راڄڌاني هئي، جنهن جي
مالڪ کي تاڪاديسا (234) چيو ويندو هو. شين سئنگ
نئين راڄڌانيءَ جو نالو ڪو نه کنيو آهي، پر مان
سمجهان ٿو ته ان جو نالو تاڪي يا تاڪاوار هوندو،
جيڪو پينٽينگيرين
Pentingerian
جي چارٽ مطابق تاهورا
Tahora
آهي. هن لفظ ۾ موجوده ”ڪ“ جي ”نڙي مان نڪرندڙ“
اچار کي صاف ڪري”هه“ جي اچار م بدلايو ويو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ تاهوار کي اسپاتورا
Spatura
جي سامهون ”اليگزينڊريا بيوسي فالس“ کان ستر رومي
ميل يا 64 نگريزي ميل پري ڏيکاريو ويو آهي.
هاڻي مان قديم مسلمان موءرخن جا حوالا ڏيندس، جن
سنڌ ۽ ڪشمير جو پنهنجن ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي. مون
کي پڪ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ تي موجود پنجاب جهڙي
اهم ملڪ کي هنن لکڻ کان ڪو نه وساريو هوندو. سر
هينري اليٽ (235) جي ترجمي موجب مسعوديءَ سن 915ع
۾ سنڌوءَ جو بيان هن ريت ڪيو آهي: ”سنڌ جو مهراڻ
سنڌ جي هڪ وڏي مشهور جبل مان نڪري، ٻڌ جي ملڪ
قنوج، ڪشمير، قنڌار ۽ تاڪين مان وهندو ايندو آهي.
سندس ڀرتي ڪندڙ شاخون ٻين علائقن مان وهي ملتان
ڏانهن اينديون آهن ۽ اتي وڃي پاڻ ۾ ملنديون آهن،
ان کان پوءِ پاڻيءَ جي گڏيل وهڪري کي مهراڻ سڏيو
ويندو آهي. مٿئين فقري ۾ تاڪين جو لفظ ڪتب آندو
ويو آهي، جيڪو پنجاب جي جابلو علائقي ڏانهن اشارو
آهي. سنڌو ۽ ڪابل ندي گنڌارا جي علائقي مان
وهنديون آهن. جهلم ڪشمير مان، بياس ۽ ستلج جلنڌر ۽
ڪهلور
Kiahlor
جي وچان اينديون آهن. شين سئنگ جي اچڻ واري زماني
۾ جلنڌر وارو علائڱقو قنوج ۾ شامل هو ۽ ان جو ڏن
ڀرو هو. هن حقيقت مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته سنڌوءَ
جون ڀرتي ڪندڙ شاخون چناب ۽ راوي تاڪي (پنجاب) مان
وهنديون هيون. گنڌارا ۽ قنوج جي ذڪر مان معلوم
ائين ٿ ئي ٿو ته المسعودي پاڻيءَ جي اصلي ذريعي کي
بيان ڪو نه ٿو ڪري، پر جڏهن درياه جابلو علائقي
مان نڪري ميداني علائقن ۾ اچن ٿا ته ان وقت سندن
ذڪر جي شروعات ڪري ٿو. المسعوديءَ جي زماني ۾
پنجاب جو علائقو ملتان جي اتران شروع ٿيندو هو،
جيڪو شين سئنگ جي زماني ۾ ڪابل جي برهمڻ راجا جي
حڪومت ۾ شامل هو.
سر هينري اليٽ هن نالي کي طاقين
Takin
۽ گلڊي ميسٽثر
Gilde
mister
هن کي طافن
Tafan
(236) سڏي ٿو. هن به السعوديءَ
وٽان اقتباس کنيا آهن. هن لفظ جي پهرين پڙهڻيءَ جي
تائيد ابوريحان ۽ رشيد الدين به ڪئي آهي. ٻنهي جا
بيان هڪ جهڙا آهن. سندن چوڻ آهي ته ڪيلارجڪ يا
لارجڪ جبل-جيڪو شايد ديماويند
Demavend
جبل آهي، جنهن جون اتاهيون ۽ برف سان ڍڪيل چوٽيون
تاڪيشار
Taki
shar
۽ لوهاوار (238)
Lohawar
وٽان ڏسڻ ۾ اينديون آهن. اهڙي ٽڪري ۾ اليٽ تاڪيشار
کي ڪشمير سمجهيو آهي ۽ هن اهڙي تصحيح به ڪئي آهي،
پر سندس تصحيح قابل قبول ڪانه آهي. ڇاڪاڻ ته مٿي
بيان ڪيل جبل ڪشمير کان فقط ٻن فرسنگن يعني فقط
اٺن ميلن جي پنڌ تي آهن. اهو ائين آهي، جيئن ڪو
چوي ته سئنٽ پال جي ديول لجيٽ ٽڪري
Ludgate hill
۽ ونڊسر
Windsor
وٽان ڏسي سگهبي آهي. هتي جنهن جبل جو ذڪر ڪيو ويو
آهي سو وڏو ديامور
Dayamur
يا ناگا پربت آهي، ڪشمير جي اولهه ۾ سندس اوچائي
629، 26 فوٽ آهي. مان پنهنجي سر پاڻ چناب درياه جي
ڪناري سان واقع رام نگر وٽان بيهي ڏٺو آهي، جيڪو
هن جبل کان ٻه سو ميل پري آهي. ٻئي ٽڪري ۾ سر
هينري اليٽ هن کي ڪالارچل (238) جبل سڏي ٿو ۽ ٻئي
جايون جن تان اهو جبل ڏسي سگهبو آهي، سي تاڪاس ۽
لوهاوار ٻڌائي ٿو. مان هن تاڪاس کي شين سئنگ وارو
ٽسي-ڪيا
Tse-Kie
يا تاڪي ۽ المسعودي جو تاڪين (طاقتن) سمجهان ٿو.
قديم مسلمان موءرخن جن تاڪي جو ذڪر ڪيو آهي، تن
مان هڪ سليمان تاجر آهي. هو سن 851ع ۾ هتي آيو هو.
هن طافڪ جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته هي ملڪ
تمام ننڍڙو آهي. راجا ڪمزور ۽ ڀر واري ملڪ جو ڏن
ڀرو آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هن راجا جي زال ڏاڍي
سهڻي آهي جو سڄي هند ملڪ ۾ هن جهڙي ٻي ڪانه آهي
(239). جيڪڏهن ڏسجي ته خط نستعليق ۾ طافڪ ۽ طاقتن
جي بنا نقطن جي لکڻي هڪ جهڙي آهي. مان بنا ڪنهن
هٻڪ جي طافڪ کي پنجاب سمجهان ٿو، جتاب جون عورتون
خاص طور هيٺئين جابلو علائقي واريون، سڄي هندستان
۾ خوبصورت ٿينديون آهن.
ابن خرزدابہ 912ع ۾ وفات ڪئي هئي. سندس بيان آهي
ته طافا (240) جو راجا بلهاراءِ کان پوءِ اهم ۽
وڏو حڪمران هو. قزويني هن جو نالو طيفند ٻڌائي ٿو.
سندس بيان آهي ته هيءُ ملڪ سن 1023ع ۾ محمود
غزنويءَ فتح ڪيو هو. سندس قلعو هندستان جي مضبوط
قلعن مان هڪ هو، جيڪو هڪ اتاهينءَ ۽ اڀڪپري ٽڪريءَ
تي اڏيل هو. (241) هي بيان سانگلا ٽڪريءَ سان هڪ
جهڙائي رکي ٿو، جنهن تي ٽن پاسن کان چڙهي ڪو نه
سگهبو آهي ۽ چوٿين پاسي کان پاڻي ڀريل هڪ کاهي
موجود آهي.
هنن نالن ۾ ٿورو فرق آهي، جهڙوڪ طاقين (تاڪين)
طافڪ، طافا، طافاس ۽ تاڪي شار وغيره. سڀني جي اصلي
صورت ظاقي يا ظاقين آهي، جيڪڏهن هن کي بنا نقطن جي
لکبو ته ان کي گهڻن نمونن ۾ پڙهي سگهبو ايم-ريناد
M.Reinaud
طابان
Taban
جي هڪ جدا هجي ڏني آهي. هن لفظ کي به جيڪڏهن نقطا
نه ڏبا ته مٿئين مثال جيان سندس پڙهڻيون به گهڻيون
ٿي وينديون. هنن حقيقتن کي نظر ۾ رکي مان هن نتيجي
تي پهتو آهيان ته هن ملڪ جي نالي جي اصلي صورت
تاڪي يا تاڪا آهي، جهڙيءَ ريت شين سئنگ لکيو آهي.
هن ملڪ جي گاديءَ جوهنڌ تاڪي يا تڪاوار
Takkawar
هو، جيڪو قزويني جي بيان ڪيل طيفند
Taifand
جهڙو آهي ۽ پينٽنگيين چارٽ ۾ لکيل تامورا لفظ جهڙو
آهي. مون کي پڪ آهي ته اهو نالو مٿس تاڪ يا تاڪا
ڪل جي ماڻهٿن ڪري پيو آهي، جيڪي ڪنهن زماني ۾
موجوده پنجاب جا حڪمران هئا. اڄ به جهلم ۽ راوي
درياه جي وچ واري ٽاڪرو ايراضيءَ ۾ پوکي راهيءَ جو
ڌنڌو ڪندا آهن. هن ڦيريءَ سان لاڳاپيل ماڻهن جو
انگ هن جوءِ ۾ جهجهو ڏسبو.
هن بيان جي اڳوڻي اهميت هن ڳالهه مان نروار ٿي ٿئي
ته باميان
Bamiyan
کان وٺي جمنا درياه جي ڪٺارتائين سڄي علائقي ۾
جيڪا ناگري لپي جهڙي لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تنهن کي اڄ
سوڌو تاڪري
Takari
لپي ڪري سڏيو ويندو آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته
هيءَ لپي تاڪ يا تاڪا ڪُرَ جا ماڻهو گهني ڪم
آڻيندا هئا. مون ڏٺو آهي ته هيءَ لکت سنڌوءَ جي
اولهه ڪناري جا اناج جا واپاري به ڪتب آڻيندا آهن.
ڪشمير ۽ ڪانگڙا جا برهمڻ ۽ ستلج جي اوڀر ڪناري جا
ماڻهو به لکپڙهه هن لپيءَ ۾ ڪندا آهن. ڪشمير ۽
ڪانگڙا جي سڪن تي به هيءَ لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مانڊي
Mandi
جي ستيءَ وارن يادگارن، پنجور
peinjor
جي لکتن ۾ به هن لپيءَ کي ڪم آندو ويو آهي. هاڻي
فقط تاڪريءَ لپيءَ جو هڪ نسخو آهي جيڪو ڪشمير جي
راجا تارانجني
Tarangni
وٽ محفوظ آهي. مون پشاور ۽ سملا جي وچ واري علائقي
مان هن لکت سان لاڳاپيل الف-بي جا ڪيترائي نمونا
حاصل ڪيا آهن. ڪيترين ئي جاين تي هيءُ تاڪري لکت
منڊي
Mundi
۽ لنڊي
Lunde
به سڏبي نظر آئکي، پر هنن ٻنهي لفظن جي معنيٰ مون
کي سمجهه ۾ ڪانه آئي. هن الف-ب ۾ خاص ڳالهه هيءُ
ڏسبي ته سُر ۽ آواز
Vowels
وينجن
Consonants
سان گڏيل ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندا ۽ ننڍي الف کان سواءِ
سڀئي الڳ لکيا ويندا آهن. هن الف-ب ۾ خاص ڳالهه
اها به آهي ته هڪ کان نوَ انگ لکڻ لاءِ هن لکت جا
شروعاتي اکر به هنن انگن جهڙا هوندا آهن ۽ اهي انگ
اڄ به استعمال ڪيا ويندا آهن.
ستينءَ صدي عيسيءَ ڌاري تاڪي راڄ ٽن ڀاڱن ۾
ورهائجي ويو. هن راڄ جي هڪ ڀاڱي کي تاڪي چيو ويندو
هو، جيڪو اتر اولهه پاسي پکڙيل هو. ان کان اوڀر
پاسي واري ڀاڱي شورڪوٽ ۽ ڏکڻ واري کي ملتان سڏيو
ويندو هو. تاڪي وارو ڀاڱو پنجاب جي ميداني وارو
ڀاڱو ان جي ڏکڻ ۾ هو. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته
سڄو چج دوآبو، جنهن ۾ سنڌ ساگر، رچنا ۽ باري دوآبي
جا مٿيان پاسا شامل هئا. شورڪوٽ واري ڀاڱي ۾ سڀني
دوآبن جا وچان حصا شامل هئا ۽ ملتان واري ڀاڱي ۾
سارو هيٺيون علائقو اچي ٿي ويو. اهو به امڪان آهي
ته ملتان جي راڄ ۾ سنڌوءَ جي اولهه کان وٺي ستلج
جي اوڀر تائين سارو علائقو شامل هجي. جهڙيءَ ريت
اڪبر جي زماني ۾ هو.
(1) تاڪي يا اتر پنجاب
تاڪي راڄ ۾ قديم هندستان جا مشهور ماڳ شامل هئا،
ڪي ماڳ سڪندر جي جنگين ڪري مشهور ٿيا، ڪي ماڳ وري
ٻڌ ڌرم جي تاريخي ناتي سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. ڪي
علائقا وري اهڙا به آهن، جيڪي ماڻهن جي روايتي
ڳالهين سبب مشهور ٿي ويا آهن. هيٺ ڪن قديم علائقن
جا نالا ڏجن ٿا. انهن کي خاص جاگرافيائي ترتيب ۾
اولهه کان اوڀر رکيو ويو آهي. چيو ويندو آهي ته
اڪبر بادشاهه ٻن دريائن جا نالا گڏي پاڻ مختلف
دوآبن جا نالا ٺاهيا هئا. اهڙي ريت چناب ۽ جهلم
درياء جي نالن مان چچ، راوي ۽ چناب مان رچنا، راوي
۽ بياس باري دوآبو ترتيب ڏنو ويو.
سنڌ ساگر دوآبي (1) جوب ناٿ نگر
(Jobnath Nagar)
يا ڀيرا
(Bhera)
(2) بڪي ڦالا
(Bukephala)
يا دلاور
(3) نڪايا
(Nikaea)يا
مونگ
(Mong)
چج دوآبي
(4) گجرات
(5) سڪالا يا سانگلا
رچنا دوآبي ۾ (6) تاڪي يا آسرور
(7) نرسنگها
(Narsingha)
يا رانسي
(8) اماڪاٽـــــــِـــس
(Ammakatis)
يا امباڪاپي
(Amba
Kapi)
(9) لوهاور
(Lohawar)
يا لاهور
(Lahor)
باري دوآبي (10) ڪـــوس وار
(Kusawar)
قصـــــور
(Kasur)
(11) چينا پٽي يا پٽي
(Patti)
جوب ناٿ نگر ڀيرا
ڀيرا يا ڀيڙا جو موجوده شهر جهلم درياء جي کاٻي يا
اڀرندي ڪٺار سان وسندڙ آهي. پر درياء پار سامهون
احمد آباد وسنديءَ جي ڀرسان هڪ وڏو دڙو ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي، ته اهي ٿرڙ پراڻي
شهر ڀيرا يا جوب ناٿ نگر جا آهن، جنهن کي راجا
’جوب ناٿ‘ يا ’جوب ناٿ‘ اڏايو هو هتان لوڻ سان
ڀريل قافلا ملتان ۽ لاهور وڃڻ لاءِ ٻه جدا رستا
وٺي الڳ ٿيندا آهن. اهو به چيو ويندو آهي ته هيءُ
شهر قديم زماني ۾ پنهنجي ملڪ جي راڄڌاني به هو.
منهنجو ويچار آهي ته سڪندر جي حملي وقت راجا
سوفيٽس
(Sophites)
يا سوپيٿس
(Sopiethes)
جي راڄڌاني به هتي هئي. ائرين
(Arrian)
جو بيان آهي ته سڪندر، سوپيٿس جي راڄڌاني بابت
اشارو ڏنو آهي ته ان جاءِ تي درياء جي ٻنهين ڪنڌين
سان هڪ پاسي ڪراٽرس
(Kraterus)
۽ ٻي ڪنڌي سان هيفاسشن
(Hephaestion)،
سڪندر ۽ فلپ (252) جي ڪمانڊ هيٺ ايندڙ لئسرن جي
اوسيئڙي ۾ فوجي وانڍ هنيو ويٺا هئا. سڪندر ان مقرر
ماڳ تي ٽي ڏينهن پوءِ پهتو هو. اسان کي پتو آهي ته
سوپيٿس جي راڄڌاني جهلم درياء جي ڪنڌيءَ سان اڏيل
هئي. اتي نڪايا کان لڏيل ٻيڙيون ٽن ڏينهن جي
هاڪارڻ کان پوءِ پهچنديون هنيون، هاڻي ڀيرا، مونگ
کان ٻيڙين جي ٽن ڏينهن جي سفر تي واقع آهي. جنهن
کي آءُ هاڻي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
تاريخ جي حوالي سان نڪايا
Nikaea
اهڙو ماڳ ٿي سگهي ٿو. جتي پورس سڪندر هٿان هار
کاڌي هئي.ک پنڊ دادن خان نالي پوڻ کان اڳ، ڀيرا هن
علائقي جو مکيه شهر هوندو هو. چيني ياتري فاهيان
سن 400ع ۾ ڀيرا (243) وٽان جهلم پار ڪيو هو. چيني
ياتري فاهيان سال پوءِ بابر مغل هندستان تي
ڪاهيندي هن ساڳئي ڀيرا تي هلان ڪئي هئي. |