29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:16   

هڙاپا

سڪندر مٿي بيان ڪيل قلعي چوڌاري ڪڙو چاڙهيو ويٺو هو ته هن  پرڊيڪس (Pardikkus) نالي هڪ جنرل کي گهوڙيسوار دستا ڏئي مالي نيات جي هڪ ٻئي قلعي جي فتح لاءِ روانو ڪيو، جتي اوسي پاسي ماڻهو ڀڄي اچي لڪا هئا (326). سڪندر کيس هدايت ڪئي هئي ته سندس اچڻ تائين شهر جي چڱيءَ ريت ناڪابندي ڪئي وڃي. اتان جا ماڻهو پرڊيڪس جي پهچڻ جو ٻڌي قلعي مان نڪري وڃي پاڻيءَ جي ڇَرَ اندر محفوظ جاين ۾ لڪا هئا. مان ڀانيان ٿو ته اهو هڙاپا جو شه رهو. پاڻيءَ جي ڇر مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو راويءَ جي ڀرپاسي ۾ هو. پرڊيڪس کي سڪندر جي هر اول دستي طور ان طرف موڪليو ويو، تنهن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڪوٺ ڪماليا کان اوڀر يا ڏکڻ-اوڀر ڏس تي هوندو. ڏٺو وڃي ته هڙاپا ڪوٽ ڪماليا کان ان پاسي آهي، جيڪو ڪوٽ ڪماليا کان سورنهن ميل اوڀر، ڏکڻ-اوڀر طرف ۽ ٻيءَ ڀر راويءَ (327) جي ڇڏيل واريءَ جي دڙي تي موجود آهي. اڄ به هن ڦٽي جي ڀرسان ترايون پاڻيءَ سان ڀريون بيٺيون هونديون آهن.

ٻن سيلانين ۽ مئسن (Masson) هڙاپا جو ذڪر ڪيو آهي. مان سندن بيانن ۾ ڪجهه ڪرڻ ڪو نه ٿو چاهيان توڙي جو آءُ هنن ماڳن تي ٽي ڀيرا اچي به چڪو آهيان (328). برنس هن دڙي جي پکيڙ ٽي ميل ٻڌائي ٿو. منهنجو انومان آهي، ته سندس پکيڙ برنس جي ٻڌايل پکيڙ کان اڌ جيتري ٿيندي. هن دڙي جي شڪل ڏنگي ڦـڏي همچورس جهڙي اهي ۽ سندس هر هڪ پاسو اڌ ميل ڊگهو ٿيندو. ان ليکي سان ڪل پکيڙ وڃي ٻه ميل بيهي ٿي. پر هيءَ ماپ قلعبند شهر جي هي. جيڪڏهن ڀر واريون وستيون به ان ۾ شامل ڪجن، جن تي سروٽن جا ڍير ۽ ٻيون سيون پيل ڏسجن ٿيون ته پوءِ سڄي شهر جي پکيڙ برنس جي قول مطابق ٽي ميل ٿي ويندي. مئسن (319) هڪ روايت جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته اولهه پاسي کان هڙاپا چيچاوطنيءَ تائين پکڙيل هو، جيڪو 12 ميل فاصلو ٿئي ٿو. پر مان سمجهان ٿو ته ماڻهن کي پنهنجي شهر جي پکيڙ ۽ اهميت بابت اجايو ويساهه ويٺل اهي.

اولهه پاسي کان دڙو گهڻواتاهون هي. وچ تي ان جي اوچائي سٺ فوٽ کن ٿيندي هن هنڌ ويڪريون ڀتيون ڏسڻ ۾ اينديون جيڪي وڏيءَ ماپ جي سرن سان اوساريل هن. ڀائنجي ائين ٿو ته اهي ڀتيون ڪنهن وڏي عمارت سان واسطو رکن ٿيون. دڙي جي ٻين پاسن جي اوچائي 30 کان 50 فوٽ ٿيندي. هتي سروٽنجا ڍير ڏسڻ ۾ ايندا. ماڻهن جي بيان ڪيل روايتن مطابق هن شهر جو بنياد راجا هڙاپا رکيو هو، جنهن جي دور بابت ڪنهن کي پتو ڪو نه اهي. سندن تباهيءَ لاءِ شورڪوٽ جي تباهي واري ساڳي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي ته ڇهين صدي عيسويءَ ۾ ڪو غنيم يو، جنهن هر شهر کي اجاڙي ناس ڪري ڇڏيو. منهنجو ويچار هي ته هن قبيلي جي ڪنهن حڪمران ڪاهي هن شهر کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو. اهو به چيو ويندو هي ته هتي هڪڙو حڪمران هوندو هو، جيڪو شادي جي پهرين رات ڪنوار پاڻ وٽ رکندو هو ۽ اهو پنهنجو راجائي حق سمجهندو هو. راجا جي اهڙن ڪڌن ڪرتوتن ڪري قدرت ڏمرجي پئي ۽ شهر ناس ڪري ڇڏيائين. ڪيترين صدين کان وٺي هيءُ ويران لڳو پيو آهي. هن دڙي تان به اهڙا ساڳيا سڪا لڌا ويا آهن جيڪي شورڪوٽ جي ماڳن تان مليا هئا. منهنجو ويچار اهو آهي ته هنن ٻنهي شهرن کي ڪنهن هڪ هٿ ويران ڪيو آهي. مون کي يقين آهي ته هنن ٻنهي شهرن کي عربن ڀيلي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. هنن جڏهن 713ع ۾ ملتان فتح ڪيو ته سارو هيٺيون پنجاب پڻ ڦري لٽي داڙا ڦاڙا ڪري ڇڏيائون.

اڪبر

هي ننڍو ڳوٺ ملتان-لاهور واري رستي سان آباد، گگيرا کان ڇهه ميل ڏکڻ-اوڀر ۽ لاهور کان اسي ميل پري آهي. هن ڳوٺ جي ڀرسان  هڪ وڏو دڙو آهي، جنهن جي پکيڙ همچورس هڪ هزار فوٽ ٿيندي. هڪ پاسي کان قلعي جا نشان به ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪو ٻه سو فوٽ همچورس ٿيندو. اتي واري ڇيڙي وٽ هن دڙي جي اوچائي پنجهتر فوٽ کن ٿيندي. ڏکڻ واري ڇيڙي کان هڪ ٻيو ننڍو دڙو آهي، جنهن جي ڊيگهه 800 فوٽ ۽ ويڪر 400 فوٽ ٿيندي. مون کي هيءُ ماڳ گهڻو آڳاٽو ڏسڻ ۾ يو. ڇاڪاڻ ته هتي ڪتب  آندل سرن جي ماپ 20X10 X ساڍا 3 انچ هئي. ڪيترين صدين کان وٺي اهي سرون ٿڦيون ئي ڪو نه وينديون هيون. هيءُ شهر سن 1823ع ڌاران ڦٽي ويو. ان دور ۾ گلاب سنگهه پرونڊيا Providia اڪبر نالي هڪ ٻيو شهر آباد ڪيو. پراڻو نالو ته هاڻي ڪنهن کي به ياد ڪو نه آهي، جنهن لاءِ جيترو ڏک ڪجي ايترو ٿورو آهي. دڙي تي سرن جو جيترو انگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تنهن مان ائين سمجهه ۾ اچي ٿو هتي جون جڳهون شاندار نموني تعمير ڪيون وينديون هونديون.

ست گهرا

هيءُ ماڳ گگيرا کان 13 ميل اوڀر طرف راويءَ جي ڇڏيل واريءَ جي هڪ دـڙي تي قائم آهي. هتان راوي گهنڊي هڻي اوڀر تي وهڻ شروع ڪري ٿي. نالي جي معنيٰ آهي ”ست قلعا“ پر هاڻي هنن جو هتي ڪو نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو. دڙي تي هڪ پراڻو قلعو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڀرپاسي ۾ به ڪيترا اڪيلا اڪيلا دڙا ڏسڻ ۾ ايندا، جن مٿان سروٽن جا ڍير ۽ ٻيون شيون پيل ڏسبيون، جن مان پتو پوي ٿو ته هيءُ ڪو قديم شهر آهي. هتان پراڻا سڪا به ججها لڌا آهن. جن جو واسطو هند-سٿين ۽ ان کان پوءِ جي دور سان آهي، تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هيءُ شهر عيسيوي سن جي شروعات کان وٺي اڄ زماني سوڌو لڳاتار آباد رهندو آيو آهي.

ديپالپور

دهليءَ جي پاد ٿي شهنشاهن جي راڄ دوران ديپال پور اتر پنجاب جي راڄڌاني هئي. فيروز شاه به هن ماڳ کي گهڻو چاهيندو هو، جنهن شهر جي ٻاهران هڪ عاليشان مسيت جوڙائي هئي ۽ ستلج درياه مان به هڪ واهه کوٽائي هن علائقي جون زمينون آباد ڪرايو هئائين. تيمور جي زماني ۾ اهميت ۽ پکيڙ جي لحاظ کان ملتان کان ٻئي نمبر تي هو. چيو ويندو آهي ته ان زماني ۾ هن شهر ۾ چوراسي مسيتون، چوراسي کوهه ۽ چوراسي منارا هوندا هئا. هاڻي ته ڦٽي اجاڙ ٿي ويو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي ماڻهو رهن ٿا. ٻن ڦاٽڪن جي وچ تي رڳو هڪ گهٽي آهي، جنهن ۾ ماڻهو رهن ٿا. هن شهر جي پکيڙ همچورس سمورنهن سو فوٽ آهي. ڏکڻ-اوڀر پاسي همچورس پنج سو فوٽ ايراضيءَ جو اضافو به هن سان شامل سمجهڻ کپي. ڏکڻ الهندي طرف دڙو ڪجهه وڌيڪ اوچو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها قلعي جي ايراضي آهي. مذڪوره قلعي کي هڪ پل وسيلي شهر سان ڳنڍيو ويو آهي، جنهن کي ونگ سان ٽي دروازا آهن. اها پل اڃا سوڌو سلامت آهي. هن ايراضيءَ جي وڌيڪ اوچائي ۽ اهم جاگرافيائي بيهڪ ڪري مان به سمجهان ٿو ته هيءُ هڪ قلعو آهي. ڏکڻ ۽ اوڀر پاسي به ڊگها دڙا ڏسڻ ۾ ايندا سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته هن شهر سان لاڳاپيل ڪي ويجهيون وستيون آهن، جن جي ڊيگهه منو ميل ۽ ويڪر اڌ ميل کن ٿيندي. ليکو ڪبو ته ڪل پکيڙ اڍائي ميل کن ٿيندي. پر پنهنجي اوج جي زماني ۾ سندس پکيڙ اڃان به وڌيڪ هوندي. ڇاڪاڻ ته اوڀر پاسي ويندي واه جي ڪنڌيءَ تائين جتي فيروز شاه مسجد جوڙائي هئي اتي سروٽن جا نشان ۽ ڍير ڏسڻ ۾ اچن ٿا. قلعي کان ٻاهر گهڻي ايراضيءَ ۾ شهر پکڙجي ويو هو. هن جي ثابتي اسان کي تيمور جي حملي مان به ملي ٿي ته جڏهن  هن حڪمران ديپالپور تي ڪاهيو هو ته قلعي کان ٻاهر آباد ماڻهو ڀڄي وڃي ڀٽنير Bhatner  جي قلعي ۾ پناهه ورتي هئي. جيڪڏهن کين پنهنجي شهر جي قلعي ۾ سر بچاءُ ملي وڃي ها ته ڀٽنير ڏانهن ڀڄڻ جي کين لوڙ ئي ڪانه هئي.

چيو ويندو آهي ته هن شهر جو بنياد راجا ديوا پالا (Deva pala) رکيو هو. پر سندس دور بابت ڪو به پتو پئجي ڪو نه سگهيو آهي. سندس قدامت تي ڪنهن به قسم جو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ شهر ۾ اندر گهرن جي اڏاوت اهڙين جاين تي ٿيل ڏسڻ ۾ ٿي اچي، جتي چبوترا  ٺاهي توبون بيهاريون وينديون هيون. انهن ماڳن تان پراڻا سڪا به جام لڀندا آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته ديپال پور هند-سٿين جي شروعاتي دور ۾ به موجود هو. تنهن ڪري مان هن خيال جو قائل آهيان ته هيءُ شهر اهو آهي، جنهن کي ٽالمي ڊاءِ ڊالا (Daidala) ڪري لکيو آهي، جيڪو لابوڪالا ۽ آماڪيٽس يعني لاهور ۾ امبا ڪاپي جي ڏکڻ طرف ستلج جي ڪٺار سان قائم هو.

ست گهرا

هيءُ ماڳ گيگرا کان 13 ميل اوڀر طرف راويءَ جي ڇڏيل واريءَ جي هڪ دڙي تي قائم آهي. هتان راوي گهُنڊي هڻي اوڀر تي وهڻ شروع ڪري ٿي. نالي جي معنيٰ آهي: ”ست قلعا“ پر هاڻي هنن جو هتي ڪو نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو. دڙي تي هڪ پراڻو قلعو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڀرپاسي ۾ به ڪيترا اڪيلا اڪيلا دڙا ڏسڻ ۾ ايندا، جن مٿان سروٽن جا ڊيل ۽ ٻيون شيون پيل ڏسبيون. جن مان پتو پوي ٿو ته هيءُ ڪو قديم شهر آهي. هتان پراڻا سڪا به ججها لڌا آهن. جن جو واسطو هند-سٿين ۽ ان کان پوءِ جي دور سان آهي، تنهن ڪري پڪ سان ئي چئي سگهجي ٿو هيءُ شهر عيسوي سن جي شروعات کان وٺي اڄ زماني سوڌو لاڳاتار آباد رهندو آيو آهي.

اجوڌن يا پاڪپٽڻ

اجوڌن جو قديم شهر ديپالپور کان 28 ميل ڏکڻ-اولهه، ستلج جي موجوده وهڪري کان ڏهه ميل پري ۽ ان ئي درياء جي هڪ پراڻي وهڪري جي ڇڏيل واريءَ جي هڪ دڙي تي اڏيل آهي. چيو ويندو آهي ته هن شهر جو بنياد هڪ راجا رکيو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ ساڌوءَ رکيو هو، جنهن جو نالو اجوڌن هو. جيڪا اسٽرئبو جي سودراڪاءِ جي ويجهو آهي. ڊايوڊورس هن کي سورا ڪائو ساءِ لکي ٿو. ائرين ۽ ڪرٽمس هن ساڳئي لفظ کي اوڪسوڊراڪاءِ لکن ٿا. اسٽرئبو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اهي ماڻهو بئڪس Bacchus (320) جي ڦريءَ مان آهن. مائٽيلن Mytilene جي ڪئرس Chares جو بيان آهي ته هندستان جي هڪ ديوتا جو نالو اهڙو جنهن جي معنيٰ آهي مڌ جو گڙنگ موالي Wine-bidder آهي. ديوتا جي ڦريءَ مان آهن سي پاڻ کي سوراڪاس يا بئڪيڊاءِ سڏيندا هوندا. باقي سودراڪاءِ ۾ جيڪو ”د“ جو واڌارو آهي، سو رڳو يونانين جو ڪارنامو آهي.ا هڙو ساڳيو مثال ائرين جي لفظ آدراءِ ستاءِ Adraistae ۽ ڊايو ڊورس جي آندريستاءِ Andrestae ۾ ڏسون ٿا جن ۾ پڻ ”د“ جو اضافو ڪيو ويو آهي. سنسڪرت جي هنن ماڻهن لاءِ آرشتراڪا Arashtraka جو لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اهي ماڻهو جن جو ڪو راجا نه هجي. هن لفظ کي جسٽين ڪنهن حد تائين صحيح لکيو آهي ۽ سندس هجي آريستاءِ Arestae تحرير ڪئي اٿائين. سوراڪاءِ جي معنيٰ آهي سوراجي ڦريءَ سان واسطو رکندڙ ماڻهو. هن لفظ کي ٿورو وڌائي لکيو آهي، جيڪو سنسڪرت جي لفظ سورا جو روپ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مڌ (شراب) جنهن ۾ ڪوسا Kusa جو لفظ گڏايو ويو آهي، جنهن جو مفهوم آهي مست Mad يا مدهوش Inedfriated آهي، جنهن جو سڌو نئون مطلب ”مڌ جا متوالا“ وڃي ٿيندو. هنن ماڻهن کي اهو لقب پنهنجي ڀر وارن آريان جي ماڻهن ڏنو هو جيڪي پنجاب ۾ رهندڙ توراني نسل جي ماڻهن کي انهن گندن لقبن سان سڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت مهاڀارت ۾ ڪاٺيا نسل جي ماڻهن کي چور هجڻ، شراب پئڻ ۽ ڳئونءَ جي گوشت کانئڻ جو مهڻو ڏنو ويو آهي (321). کين اهڙين ٻين نالن جهڙوڪ مدرا بهيڪا Madra bahika، آراتا ۽ جارتيڪا سان به سڏيو ويو آهي. پر کين ڪڏهن به اصلي ذات سان ڪو نه سڏيو ويو آهي. پر سڪندر جي موءرخن سندن اصلي ذات کي پنهنجي تاريخ جي ۾ سانڍي ڇڏيو آهي ۽ کين سندن اصلي ذات ڪاٺيا ڪوٺيو آهي. انهيءَ نسل جي ماڻهن کي اڄ سوڌو ڪاٺي (Kathi) سڏيو ويندو آهي. مان هيءُ ڳالهه به قبول ڪريان ٿو، ته آريا برهمڻ پنهنجي پاڙيسري تورانين تي چٿر طور جيڪي گندا لقب ۽ نالا ڏيندا هئا، سي به يوناني موءرخن لکي ڇڏيا آهن. مثال طور: ائرين راويءَ ڪناري سان رهندڙ ماڻهنکي ڪامبسٿولي (Kambistholi) ذات جي نالي لکيو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو لفظ سنسڪرت جي ڪئپساس ٿالا (Kapisasthala) لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي” مڌ جو ملڪ“، جيڪو سُراڪوسا ملڪ جو ڄڻ صحيح لقب آهي. اهڙيءَ ريت آءُ اهو به سمجهائيندس ته اوڪسوڊراڪاءِ کي اسوراڪا يا نيم ديوتا ڇو سڏيندا هئا. گمان اهو ٿئي ٿو ته انهن ماڻهن جي اصلي سروڪا ٿي سگهي ٿي يا نه. ائرين جي خيال مطابق اوڪسو ڊراڪيا جا ماڻهو چناب ۽ جهلم جي سنگم واري علائقي جا رهواسي هئا. ڪرٽ هن علائقي کي سوبي (Sobii) سڏي ٿو. ڊايوڊورس ان جو نالو آبوءِ (Iboe) لکيو آهي. اسٽرئيو هن کي سباءِ (Sibae) ڪوٺيو آهي. هن اختلاف جي باري ۾ فقط هيترو چئي سگهان ٿو ته ڪراٽس جي سوبي ۽ فرشته (334) جي چوبيا (Chobiya) بدران اهو لفظ سوري (Sorii) يا سراڪا آهي. اڳيون نالو سوفيٽس يا سوپيٿس راجا جي رعيت جي ماڻهن جي ذات هئي، جنهن جو راڄ چناب ۽ جهلم جي سنگم واري ڦاڪ کان مٿان، لوڻ واري جبل تائين پکڙيل هو. پوئين نالي لاءِ مان ايترو چئي سگهان ٿو ته اهو شورڪوٽ جو نالو آهي، جنهن کي مان اليگزينڊريا سورياني جي روپ ۾ اڳيئي سڃاڻي چڪو آهيان. اهڙو بيان مٿي ڪاٿي اچي چڪو آهي. اهو ماڳ اڄ به شورڪوٽ واري علائقي جو صدر مقام آهي ۽ چناب ۽ جهلم جي سنگم کان ٿورو ڪجهه هيٺ آهي. سوبي ۽ سوري ٻئي هڪ ٻئي جا پاڙيسري ماڻهو هئا. امڪان آهي سوبي نيات جا ماڻهو ٻنهي دريائن جي سنگم کان مٿئين علائقي جا رهواسي هئا ۽ سوري ڪُــر جا وري اُن کان هيٺئين علائقي ۾ رهندا هئا.

سوري يانسرڪاءِ واري علائقي جي جاگرافيائي بيهڪ مان ائرين (325) جي بيان کي سمجهي سگهجي ٿو ته ڪاٺيان نيات جا ماڻهو اوڪسي ڊراڪاءِ ۽ مالي قبيلي جي ماڻهن جا اتحادي هئا. اهي سڀئي پاڻ ۾ پاڙيسري قومون هيون. سدائين پاڻ ۾ جنگ ڪندا رهندا هئا ۽ جڏهن وري گڏيل دشمن ايندو هو، مِڙي ٿي بيهندا هئا ۽ ان جو گڏجي مقابلو ڪندا هئا.

پليني ٻڌائي ٿو ته سڪندر جي جنگي مهم سودراڪاءِ جي ملڪ وٽ ختم ٿي وئي هئي، ۽ ان لاءِ Alexandri termino جو حملو ڪتب آڻي ٿو (326) ۽ بياس درياه جي پار جيڪو قربانگاه ٺاهيو ويو هو، تنهن لاءِ به چوي ٿو ته مٿي بيان ڪيل ملڪ ۾ هو. هو هن ماڳ کان وٺي سائيڊرس Sydrus يا هيسيڊرس Heridrus يا ستلج تائين فاصلو 168 رومي ميل ٻڌائي ٿو، جيڪو 154 انگريزي ميلن جي برابر ٿيندو. ستلج يا سائيڊرس درياه کان وٺي جمنا تائين به اهو ساڳيو هڪ جيترو پنڌ ٻڌائي ٿو. پر بياس کان وٺي جمنا تائين فاصلو مختلف ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو 150 کان 160 ميل آهي، جيڪو قصور شهر جي ڀرسان ٽڪريءَ وٽان بياس کان شروع ٿئي ٿو ۽ جمنا درياه جي ڪنڌيءَ سان ڪرنال جي ماڳن وٽ ختم ٿئي ٿو. منهنجو انومان آهي ته پليني جي اصلي ڪتاب ۾ بياس کان وٺي جمنا تائين فقط هڪ فاصلو ڏنو ويو آهي. بياس درياه جي اوڀارئين ڪناري تي اهو ماڳ وڌيڪ مشهور آهي، جتي سڪندر اڳتي وڌندي رڪجي بيهي رهيو ۽ ڏاڍو رنو هو (327) سو ضرور بياس ۽ ستلج درياه جي وچ تي ڪنهن  هيٺاهين پٽ ۾ هوندو ۽ ان ٿاڪ کان ٿورو مٿي هوندو، جتي ستلج ۽ بياس درياه، قصور ۽ بازيد پور سامهون پاڻ ۾ ملنديون هيون. مذڪوره ماڳ کان 20 ميل مٿي ٻنهي جي وٿي هوندي هئي. اهو سلسلو آڳاٽي دور کان وٺي 1796ع تائين هليو. ان زماني ۾ ستلج وڪڙ ڪري هري-ڪا-پتڻ Hari-ka-patar کان ٿورو مٿان وڃي بياس سان ملندي هئي. جڏهن مٿيان درياه ويهن ميلن جي فاصلي تائين پورو ڇوٽ تي وهندا هئا ته ٻنهي وهڪرن ۾ وٿي نالي خاطر هوندي هئي، تنهن ڪري سڪندر جي فوجي وانڍ کان جمنا تائين بيان ڪيل فاصلي جي مذڪوره فرق کي نظر انداز ڪيو ويو ٿو ڀائنجي. منهنجي ويچار موجب سڪندر جي موءرخن هن حقيقت کي پنهنجي تصنيف ۾ درج ڪيو آهي. پليني جمنا تائين فاصلي جو بيان ڪندي هن ريت لکي ٿو ته : ” ڪي نسخا پنج ميل وڌائي لکن ٿا“ (328).هاڻي جيڪڏهن بياس جي اڀرندي ڪناري کان وٺي فاصلي جي ماپ ڪبي، جتان ستلج جو پراڻو پيٽ شروع ٿئي ٿو ته رومي ميلن مطابق جمنا تائين فاصلو بلڪل پورو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي ڪيترن اڳين مورخن غير اهم سمجهي ڌيان ئي ڪو نه ڏنوآهي. مٿي ڏنل انگن اکرن تي نظر وجهڻ کان پوءِ مون کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته جتي سڪندر قربانگاه تعمير ڪرايو هو، تنهن کي ستلج جي موجوده وهڪري تي موجود هري-ڪا-پتڻ ماڳ کان ٿورو پنڌ هيٺ مشهور ٿاڪ سوبران Sobraon کان گهڻو پري سمجهڻ نه گهرجي. هيءُ ماڳ ستلج جي ڪيترن ئي پراڻن پيٽن کان وڌ ۾ وڌ پنج ميل وٿيرڪو ٿيندو. تنهن ڪري مان وسهان ٿو ته سڪندر واري دور ۾ سودراڪاءِ ياسرو ڪاس وارو علائقو هن ماڳ تائين پکڙيل هوندو.

اجوڌن ڪيترن صدين تائين ستلج جو مشهور پتڻ هوندو هو. هن ٿاڪ تي ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل کان ايندڙ ٻه شاهي رستا اچي پاڻ ۾ ملندا هئا. پهريون رستو مانڪيرا Mankia شورڪوٽ ۽ هڙاپا کان ٿيندو هتي پهچندو هو ۽ ٻيو رستو ملتان کان ٿيندو هتي رسندو هو. هن پتڻ  تان ٻن مشهور فاتحن محمود ۽ تيمور ۽ هڪ مشهور سياح ابن بطوطه ستلج پار ڪيو هو. چيو ويندو آهي ته هن قلعي کي سبڪتگين سن 367هه يا 988 ع ۾ فتح ڪيو هو. تيمور جي ڪاهه وقت ماڻهن ڀڄي وڃي ڀٽنير ۾ پناه ورتي هئي. جيڪي ماڻهو هتي رهجي ويا، تن کي هن وحشي حمله آور خواجه فريد الدين گنج شڪر جي احترام خاطر ڪجهه ڪو نه چيو، جيڪو اجوڌن شهر ۾ دفن آهي. هن درويش جي مزار هجڻ ڪري مٿس پاڪ پتڻ جو نالو پيو هو روزا رکي ۽ چلا ڪڍي ايترو ته صاف ۽ پاڪ ٿي ويو هو جو جيڪڏهن پٿر ۽ مٽي به وات ۾ وجهندو هو ته کنڊ ٿي ويندي هئي، تنهن ڪري سندس نالو ئي شڪر گنج ٿي ويو. فارسي جي هيٺ ڏنل دوهي ۾ سندس ڪاني ڪرامت جو اشارو ڏنل آهي.

سنگ در دست اوگوهر گردد

زهر در کام او شڪر گردد

جنهن جي معنيٰ آهي:

هن جي هٿ ۾ پٿر آيا ته ويا گوهر بنجي

زهر سندس وات ۾ پهتو ته ٿيو ماکي

فارسيءَ ۾ ٻيو به هڪ درهو آهي، جنهن ۾ سندس وفات جي تاريخ ڏنل آهي، جيڪا 664هه يا 66-1265ع ٿئي ٿي. قمري سالن موجب سندس ڄمار 95 سال هئي. هن شهر جو پراڻو ۽ اصلي نالو اجوڌن آهي. جيڪو ابن بطوطه 1334ع ۾ تيمور جي موءرخن 1397ع ۾ لکيوآهي. سندس موجوده نالو پاڪپتڻ ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو، جيڪو دور کان گهڻو پراڻو ڪو نه آهي. خواجه فريد الدين گنج شڪر جي پونير خواجه نور الدين جي دعا سان اڪبر کي پٽ ڄائو هو. هيءُ بزرگ پنهنجي دور جو مشهور متقي ۽ پرهيزگار شخص هو. بعد ۾ اڪبر ان شهر اجوڌن جو نالو مٽائي پاڪپتڻ رکيو هو.

ملتان جو علائقو

پنجاب جو ڏاکڻيون صوبو ملتان آهي. شين سئنگ موجب هن علائقي جو گهيرو 4000 لي يعني 667 ميل هو. هي علائقو پکيڙ ۾ ايڏو وڏو هو جو سڀئي درياه ان ۾ شامل هئا ۽ سمجهه ۾ اچي ٿو ته درياهن کان به گهڻو اڳتي پکڙيل هو. اڪبر جي دور ۾ هن علائقي ۾  سترهن پرڳڻا شامل هوندا هئا. منهنجي خيال مطابق اُچ، ديراوال، موجب ۽ ماروت Morut پرڳڻا ستلج جي اوڀر پار هوندا هئا. اهو ڏيکارڻ لاءِ ڪافي ثبوت آهن ته ملتان جو صوبو گهگهر  درياه کان ٻئي پار بيڪاينر واري رڻ جي صفا ڪناري تائين پکڙيل هوندو هو. هاڻي اهي پرڳڻا بهاولپور ۾ اچي وڃن ٿا. وچ تي وڏي رڻ پٽ هجڻ ڪري گهڻيءَ اپت وارا اڀرندا ڀاڱا هن ۾ شامل ڪو نه آهن. جيستائين حڪومت سگهاري هئي ته بهاولپور، ملتان صوبي جو هڪ حصو هئي جڏهن دهليءَ جو مسلمان راڄ کنا کيڙا ٿيو ۽ بهاولپور ملتان کان ڇڄي ڌار ٿي وئي ۽ بهاول خان پنهنجو هڪ ننڍڙو آجو ۽ الڳ ملڪ بڻائي ورتو. تنهن ڪري منهنجو ويچار آهي ته ستين صديءَ ۾ ملتان صوبي ۾ درياهن جي وچ وارن علائقن کان سواءِ بهاولپور جو اتريون پاسو به شامل هوندو هو. ملتان صوبي جي اترئين سَنڌي بابت ذڪر مٿي اچي ويو آهي ته اهو ديري دين پناهه کان وٺي ستلج درياه جي ڪناري پاڪپتڻ تائين پکڙيل هوندو هو، جيڪو 150 ميل فاصلو ٿيندو. اولهه وارو دنگ 160 ميل ڊگهو هو، جيڪو سنڌوءَ جي ڪٺار سان هيٺ خانپور تائين هليو ويندو هو. ڏکڻ وارو پاسو خانپور کان گهگهر درياه تائين هليو ويندو هو، جيڪو 220 ميل ڊگهو هو. اهڙيءَ ريت سڀني پاسن جي ڊيگهه کي جيڪڏهن جوڙ ڪبو ته گهيرو. 61 ميل ٿئي ٿو. جيڪڏهن شين سئنگ جو ڏنل فاصلو پنجاب جي ننڍن ميلن مطابق آهي ته پوءِ هاڻوڪو فاصلو 667x 32/21 = 734 ميل ٿيندو. ان ڏيٺپي تي هن صوبي جو ڏاکنيون حصو مٺڻ ڪوٽ کان اڳتي نه سمجهڻ گهرجي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org