نئين
سنڌ
اهم مسئلا ۽ معاملا
تيرﻵ مُک نون سمجهه قران ليا
تيري گهر نون ڪعبه جان ليا
اب بخشـﻶ نه بخشـﻶ اونهه دي رضا
اسين يار نون سجدا ڪر بيڻـﻶ
پهرين جولاءِ منهنجي لاءِ ٻن عيدن جو ڏينهن آهي.
پهرين عيد هيءُ جو 35 ورهيه اڳ، جنهن اخبار کي
ڪراچيءَ مان اسان ٻنهي ڀائرن ڪڍيو هو، اها اڄ جي
تاريخ تي وري جيئري ٿي رهي آهي، يعني ”صبح سنڌ“.
ٻي عيد آهي، جو اڄ کان سنڌ هڪ دفعو وري آزاد ٿي
رهي آهي. زبانون ڪنهن جون بند نه ڪبيون، جيڪي جنهن
کي وڻي سو ڀل چئي، بهرحال سنڌ اڄ کان نئون جنم
وٺي، وري سنڌ سڏجڻ شروع ٿيندي.
15 سال آزار جي لوڙ لوڙڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي.
انهيءَ عرصي ۾ سنڌ تي ڇا وهيو ڇا واپريو، انهيءَ
قصي ۾ هن وقت وڃڻ بيڪار آهي. تنهنڪري اسان کي اڄ
کان نئين سر پنهنجي زندگيءَ جو سفر شروع ڪرڻو آهي.
اڄ ”نئين سنڌ“ جو پهريون صبح آهي ۽ ”صبح سنڌ“
اخبار شال هميشه اسان لاءِ هر صبح نون اميدن، نون
امنگن ۽ نون ارادن جو صبح آڻيندي رهي.
* * * *
سنڌ جي ماڻهن جي قسمت ۽ تقدير تي مون کي
هميشه تعجب لڳندو آهي ۽ ترس به ايندو آهي. هيءَ
انهن ماڻهن جي سر زمين آهي، جي دنيا کي محبت جو
پيغام ڏنو، جن انسان ذات جي اوچي مقام کي هميشه
مقدم رکيو، ڪڏهن ڪنهن سان ڏاڍائي نه ڪيائون، ۽
ڪڏهن ڪنهن جو حق نه کاڌائون، نه ڪنهن جي ملڪيت
کسيائون، پنهنجو آڻين ۽ پنهنجو کائين، ليڪن تنهن
هوندي به خبر نه آهي ته ڇو سندن مقدر، تاريخ جا
ورق ٻڌائين ٿا ته، هميشه رولي ۾ رهيو آهي_ معلوم
ائين پيو ٿئي ته شايد چڱائي ڪرڻ، ٻين جو ڀلو چاهڻ،
پاڙي وارن کي نه ايذائڻ، دنيا ۾ ضعف جي نشاني آهي
۽ ضعف هميشه گناهه آهي. بهرحال هر دؤر ۾ سنڌ ڏکيا
سکيا ڏينهن گذاريندي، صدين کان، وري به شڪر آهي جو
پاڻ کي قائم رکيو ٿي اچي. اها وڏي ۾ وڏي اسان جي
عظمت ۽ ڪاميابي آهي، جيڪا ڪن ٿورين قومن کي دنيا ۾
نصيب ٿئي ٿي.
* * * *
سنڌ 1937ع ۾ سؤ ورهيه جي جدوجهد کان پوءِ
بمبئيءَ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي. خيال هو ته اها
آزادي اسان لاءِ سڀني دردن جي دوا ثابت ٿيندي ۽
سنڌ جو بيمار جسم سڀني طرحين صحتمند ٿيندو. ليڪن
ارمان آهي ته سنڌ جي آزاديءَ جي سوغات ماڻهن جي
لاءِ نه هئي، پر وڏيرا شاهيءَ ۽ جاگيردارانه نظام
لاءِ هڪ دستر خوان هو، جيڪو بمبئيءَ کان هت اچي
پهتو هو.
1937ع کان 1947ع تائين پورا ڏهه سال هي وڏيرا،
ڪاموراشاهيءَ جي زور تي، نه فقط عوام کي پيڙيندا
رهيا، پر سنڌ جي چپي چپي کي خراب ڪندا رهيا، ليڪن
ساڳئي وقت پاڻ ۾ به اهڙيءَ طرح ڏاڙهيءَ پٽ ڪندا
رهيا، جو اسان جو اهو دؤر تاريخ جو شرمناڪ باب ٿي
پيو ۽ اهو اهڙو دؤر آهي، جنهن کي اسان پنهنجي
تاريخ ۾ ڪنهن به چڱي ۽ آبرومند عنوان سان آڻي ڪونه
ٿا سگهون. افغانستان جو ”بچي سقي“ وارو دؤر ۽
سنڌين جا اهي ڏهه سال هڪجهڙا آهن.
* * * *
جنهن صورت ۾ انهن ڏهن سالن ۾ اسان جي
وڏيرا شاهيءَ ڪابه قومي راويت قائم نه ڪئي هئي ۽
نه سياست ۾ ڪو آبرومند مقام حاصل ڪيو هو. تنهنڪري
پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ به هو پنهنجي اعمالن جي
شامت ڀوڳيندا ۽ هر قدم تي بي آبرو ٿيندا رهيا، آءُ
سمجهان ٿو ته کين بي آبرو ڪندڙ بلڪل حق بجانب هئا.
جيڪڏهن ڪنهن به قوم جا رهنما غلط، خود غرض ۽ قوم
جا باغي هوندا آهن ته انهن کي ڪابه آبرو، ڪنهن به
انساني برادريءَ ۾، ملي ڪانه سگهندي آهي. اهو دنيا
جو دستور آهي ۽ تاريخ اسان کي اهو ئي ٻڌائي رهي
آهي.
ون يونٽ ٽٽڻ بعد صدر يحيٰ اليڪشنون ڪرائي رهيو
آهي. سنڌ جو عوام تعليم ۾ پٺتي پيل آهي، معاشي
حالتن ۾ ڏتڙيل آهي، دور دراز ڳوٺن ۾ نيم وحشي
زندگي گذاري رهيو آهي، ۽ ڪامورا شاهي، وڏيرا شاهي
۽ سادات شاهيءَ جي گهيري ۾ آهي، تنهنڪري وڏيرو هر
چند ذليل ۽ زبون ٿي چڪو آهي، وري به اهو ساڳيو
طبقو اليڪشن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ امڪان
آهي ته نئين اليڪشن ۾ وري به انهن جي اڪثريت
چونڊجي اچي، جيڪي نه فقط سنڌ جا دشمن آهن، بلڪ
متمدن انسان ذات لاءِ پاڻ داغ آهن ۽ مٿينءَ سطع تي
گويا پاڪستان لاءِ به تنگ ۽ شرم جو سبب آهن.
ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙ، ساڳيو زر جو آ زندان،
سڏ پڙاڏو ٻَئي حيران.
ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ، هيڻون اڳ وانگر حيران،
سڏ پڙاڏو ٻَئي حيران.
* * * *
پر هن دفعي اميد جو هڪ خفيف ترورو نظر اچي رهيو
آهي، جنهن تي ذاتي طرح مون کي خيال ٿئي ٿو ته شايد
انهن وڏيرن کي هن دفعي انهيءَ آپيشاهي ڪرڻ جو
موقعو نه ملي ۽ هر غلط قدم تي کين جواب دهي ڪرڻي
پوي. اهو ترورو، اها اميد ۽ اهو آسرو اسان جو
اڄوڪو سرويچ نوجوان آهي، جيڪو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن
وقت جاڳي چڪو آهي ۽ هن جي ذهن، هن جي ارادي ۽ هن
جي عزم کي هاڻي ڪابه طاقت تسخير ڪري ڪانه ٿي سگهي_
گهڻيءَ حدتائين مون کي اطمينان آهي.
* * * *
اڄ پهرين جولاءِ کان اسان کي پنهنجي نئين زندگيءَ
جو آغاز ڪرڻو آهي. تنهنڪري ظاهر آهي ته انهيءَ
نئين سفر شروع ڪرڻ وقت اسان لٽايل ساٿ جي ساري
خساري ۽ نقصان کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سياسي
تقاضائون ڇا آهن، اقتصادي مسئلن لاءِ ڇا ڪرڻ کپي،
سنڌ جي نوڪر شاهيءَ جي اخلاق ۽ ڪردار کي ڪهڙيءَ
طرح قومي سانچي ۾ ڍالجي، ٻهراڙي جي مظلوم، غريب ۽
مسڪين هاريءَ کي ڪهڙيءَ ريت ٽن ويلن جي روٽي مهيا
ڪري ڏجي ۽ ظالمن جي چنبي کان سندن عزت آبرو ۽ خود
داريءَ ڪيئن محفوظ ڪرائجي، سندن صحت ۾ سندن اولاد
جي تعليم لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺجن، هي سڀ اُهي مسئلا
آهن جيڪي نوجوانن کي سياسي کيڏارين کان پورا
ڪرائڻا آهن.
* * * *
انهيءَ کان علاوه منهنجي خيال ۾ ڪيترا اهم معاملا
۽ مسئلا پڻ آهن، جيڪي تعليم گهٽ هجڻ، وڏيرا شاهيءَ
جي جهالت ۽ سياسي ليڊرن جي علمي ڪوتاهيءَ سبب
هميشه نظر انداز ٿيندا رهيا آهن. اهو ياد رکڻ کپي
ته سنڌ نوڪر شاهيءَ جو نالو نه آهي، سنڌ جو قومي
مسئلو اهو نه آهي ته ڪيترا مختيارڪار ۽ ڪيترا
ڪمشنر ڀرتي ٿين ٿا. ملازمت سنڌ ۾ هميشه نيچ سمجهي
ويئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو عوام ۽ سنڌ
جو ڪامورو هميشه هڪٻئي کان دور رهيو آهي. سنڌ نالو
آهي هڪ قوميت جو، ڪن ريتين ۽ رسمن جو ۽ ڪن قومي
خصلتن ۽ ڪردار جو. سنڌ کي پنهنجي زبان آهي، سنڌ کي
پنهنجون روايتون آهن، سنڌ کي پنهنجو مخصوص ڪلچر
آهي ۽ سنڌ هميشه انهيءَ شيءِ کي عزيز سمجهيو آهي ۽
انهيءَ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. سنڌ
جو ڪلچر ايڏو اوچو، ايترو مائيدار ۽ انهيءَ
حدتائين گوناگون ۽ ڀرپور آهي، جو هن جي خصوصيتن ۽
خوبين کي ڄاڻ رکندڙ ۽ باشعور دنيا جون قومون تسليم
ڪري چڪيون آهن، چنانچه پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ سڀني
کي خبر آهي ته دنيا جي مختلف قومن ۽ ملڪن پاڪستان
۾ سڀ کان زياده دلچسپي سنڌ جي راڳ، سنڌ جي بود و
باش، سنڌ جي تهذيب ۽ روايتن، لٽي ڪپڙي، ڀرت ۽ سنڌ
جي گهريلو صنعت جي پيدا ڪيل شين ۾ پئي ورتي آهي.
هالن جي جنڊيءَ واري ڪم، مصري خان ۽ خميسي خان جي
بينن، سنڌي ڀرت ۽ ڇيٽن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستان
کي روشناس ڪرائڻ ۾ وڏو حصو ورتو آهي. نئين سنڌ جي
سربراهن کي گهرجي ته سنڌ جي ڪلچر جي هر شعبي کي نه
فقط محفوظ ڪرڻ، بلڪ ان کي وڌائون وڌ وڌائڻ، لاءِ
هر ڪوشش ڪن.
* * * *
مٿئين ڏس ۾ هن موقعي تي فوري طرح منهنجي ذهن ۾
هيٺيون ڳالهيون اچي رهيون آهن، جن ڏانهن پاڻ کي
خاص توجهه ڏيڻو آهي:_
(1) سنڌ جي گهريلو هنرن کي نئين سر جيارڻ لاءِ خاص
ادارو قائم ڪرڻ کپي، جيڪو ڳوٺ سڌار کاتي، فيملي
پلاننگ کاتي ۽ تعليم بالغان وارن مفروضن جهڙو نه
هجي، بلڪ صحيح معنيٰ ۾ قومي پيماني تي اُنهيءَ جو
بندوبست هئڻ گهرجي. ڇر جو ڪم، جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جو
ڪم، ڪنڍيءَ جو ڪم، ڀرت جو ڪم، ڇيٽن ۽ چيرن جي اُڻ
جو ڪم، رلهين ۽ کيسن جو ڪم ۽ انهيءَ قسم جي ٻين
ڳوٺاڻن هنرن کي اُنهيءَ حدتائين زور وٺائڻ کپي، جو
نه فقط جپان وانگر هر گهر پنهنجي ضرورت پاڻ پوري
ڪري سگهي، بلڪ دنيا جي مارڪيٽ تي ڇانئجي وڃڻ جي
ڪوشش ڪجي.
(2) سنڌ جو راڳ هن وقت انفرادي ڪوششن ۽ ذاتي ذوق
سبب جيئرو رهيو آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ لاجواب
فنڪار پاڻ وٽ موجود آهن. ايران ۾ انهيءَ ڪم لاءِ
خاص وزارت آهي، جنهن جي ذريعي ملڪ جي سمورن فنڪارن
جي پرورش ٿي رهي آهي. اسان کي ريڊيي ۽ ٽيليويزن جي
ملازمن جي رحم ۽ ڪرم تي پنهنجي فنڪارن کي ڇڏڻ نه
کپي، انهن جي پوري فهرست تيار ڪري ۽ نئين سرکين
ميوزڪ اسڪولن ۽ ادارن سان منسلڪ ڪرڻ کپي.
(3) پاڻ کي سنڌ جي پراڻن ريڪارڊن، سرن، طرزن ۽
گانن جي لئبرري ٺاهڻ کپي ۽ جيڪي به فنڪار ٿي گذريا
آهن، انهن جون تصويرون ۽ انهن جا حالات شايع ڪرڻ
گهرجن.
(4) سنڌ جي ڳوٺن ۾ نئين سر راڳ جون ڪچهريون قائم
ڪرڻ کپن، جيڪي سالن کان اقتصادي بدحالي، ڪامورا
شاهيءَ جي ظلم ۽ وڏيرا شاهيءَ جي تشدد سبب ختم ٿي
چڪيون آهن. ڳوٺاڻن ۾ آزاديءَ جو احساس پيدا ڪرڻ
کپي ۽ انهن کي آسانيون مهيا ڪرڻ کپن، جيئن هو
پنهنجون آکاڻيون، ٽوٽڪا، ڳجهارتون، ڪافيون ۽ آلاپ
نئين سر جاري ڪن.
(5) سنڌ جي ميلن ۽ ملاکڙن کي سرڪاري ۽ سرڪاري
ڇاڙتن جي تحويل مان ڇڏائي، انهن جو اهڙو نظام قائم
ڪرڻ کپي، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ غريبن جي لاءِ تفريح
جو سبب بڻجي. درگاهن ۽ خانقاهن کي پرستش ۽ انساني
ذهن کي مفلوج ڪرڻ جو ذريعو نه بنائڻ کپي، بلڪ
مدفون شخصيتن جي تاريخي حيثيت ۾ ڪلچرل ڪارنامن کي
ماڻهن جي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي.
(6) سنڌ جي شخصي ڪتبخانن جي سروي ڪرڻ کپي ۽ جديد
طريقن تي انهن جي تنظيم ڪجي. ڪتاب خريديءَ جي
ذريعي يا مائڪرو فلمن جي ذريعي هڪ قومي ڪتبخاني ۾
گڏ ڪرڻ کپن.
(7) سنڌ جي اندر تاريخي عجائب گهر مختلف تاريخي
شهرن ۾ قائم ڪجن، جن ۾ سنڌ متعلق تاريخي ۽ تهذيبي
شيون موجود ڪجن. مثلاَ حيدرآباد ۾ ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن
جي دؤر جو ميوزم هجڻ کپي، ٺٽي ۾ سمن ۽ مغلن جي دؤر
جا آثار مهيا ڪيا وڃن. اهڙيءَ طرح عمر ڪوٽ،
روهڙيءَ ۽ سيوهڻ جهڙن تاريخي شهرن ۾ پڻ جدا جدا
قسمن جا ميوزم هجڻ گهرجن.
(8) سنڌ جو تاريخي رڪارڊ گهڻيءَ حدتائين برباد ٿي
چڪو آهي. ڪراچيءَ جي ڪمشنر جو رڪارڊ بيحد قيمتي ۽
تاريخي آهي. حيدرآباد جو رڪارڊ سنڌ جي تاريخ تي
روشني وجهي ٿو. اهو بيش با خزانو، خاص ماهرن جي
نظرداريءَ هيٺ، هڪ جاءِ تي گڏ ڪجي ۽ ان لاءِ خاصArchives
Department
قائم ڪجي.
(9) سنڌ جي تهذيب، تمدن، ڪلچر ۽ تاريخ جي تحقيق
جي لاءِ قومي پيماني تي ادارو قائم ڪجي، جنهن ۾
سنڌ تي جيڪو مواد دنيا جي مختلف زبانن ۾ لکيل آهي
سو مهيا ڪجي.
(10) هن وقت سنڌ ۾ تاريخ جو ڪم ”سنڌي ادبي بورڊ“
ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ اداري سنڌ کي ٻاهرين ملڪن
سان ڪافي روشناس ڪرايو آهي ۽ گهڻو ڪري بنيادي ڪتاب
شايع ڪري چڪو آهي، ليڪن اُن جي سالياني گرانٽ ڪافي
نه آهي، انهيءَ اداري کي پڻ نئين سر قومي پيماني
تي تشڪيل ڪجي ۽ رقمون مهيا ڪجن.
(11) سنڌ جي جديد ادب کي وڌائڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ جي
لاءِ جدا قومي اشاعت گهر جي ضرورت آهي. هن وقت
تائين اسان جا جديد اديب سڀيئي غريب آهن، انهن
پنهنجي پيٽ کي لتون ڏيئي پنهنجون تخليقون پئي
ڇپايون آهن ۽ انهن جي لکڻين ئي سنڌ جي ذهن ۾ سجاڳي
آندي آهي. تنهنڪري، جن سنڌي ذهن کي اجاريو آهي تن
جي ادب کي پالڻ ۽ جيارڻ اسان جو اولين فرض آهي.
(12) سنڌ جي تعليم گاهن ۾ سڌارا ۽ تبديليون آڻڻ
کپن. سڙيل دماغ ۽ سنڌن ويٺل استاد پنهنجي گهرن
ڏانهن اماڻڻ کپن. انهن جي جاءِ تي فعال، ذهين ۽ ڪم
ڪندڙ استاد آڻجن، جيڪي ايندڙ ڏهن سالن اندر اسان
کي هر شعبي ۾ ماڻهو پيدا ڪري ڏين. انهيءَ قسم جا
استاد جيڪڏهن يورپ مان آڻجن ته پاڻ وڌيڪ بهتر. اهو
نسخو عليڳڙهه ۽ ٻين ڪيترين يونيورسٽين ۽ تعليم
گاهن ۾ آزمايو ويو آهي، جيڪو تجربو ڪامياب ٿيو
آهي.
(13) سنڌ جي طالب علمن کي ڪنهن به حالت ۾ هڪ زبان
تي اڪتفا نه ڪرڻ کپي؛ مادري زبان سان گڏ عربي،
فارسي، جرمن، فرينچ، انگريزي ۽ روسي زبانن مان ڪي
به ٽي زبانون ضرور سکڻ کپن. ڇاڪاڻ ته دنيا بين
الاقوامي برادريءَ جي صورت اختيار ڪندي پيئي وڃي ۽
ڪنهن به اهڙيءَ زبان ۾ پاڻ کي محدود رکڻ، جنهن
ذريعي ٻاهرينءَ دنيا سان رابطو نه رهي سگهي، گويا
ڏسي وائسي پاڻ کي کوهه ۾ بند ڪرڻو آهي. سنڌي زبان
کي زور وٺرائڻ کپي، ليڪن انهيءَ جو مطلب اهو نه
هجڻ کپي ته اردو زبان يا پاڪستان جي ٻين زبانن کان
نفرت ڪرڻ کپي.
(14) سنڌ ۾ آثار قديمه جي ڳولا ۽ حفاظت لاءِ خاص
محڪمو هجي. سنڌ جي تاريخي ۽ مقدس سر زمين انهيءَ
سلسلي ۾ ايتري شاهوڪار آهي، جو مرڪزي بجيٽ جي سڀني
صوبن ۾ ورهائجڻ بعد سنڌ لاءِ بچيل حصو پورو نٿو ٿي
سگهي.
(15) پنهنجن بزرگن، شاعرن، مصنفن ۽ قومي رهنمائن
جي مقبرن ۽ مزارن جي تعين ڪرڻ، ٺهرائڻ ۽ محفوظ رکڻ
لاءِ ايراني اداري_ مجلس آثار ملي_ جي نموني تي
پاڻ کي هڪ ادارو قائم ڪرڻ گهرجي. مثال طور ڄام
نظام الدين سمون، محسن ٺٽوي، مير ’قانع‘ ٺٽوي،
ابوالحسن ڏاهري، محمد قائم، محمد عظيم وغيره جهڙن
شاعرن ۽ مصنفن جي نه قبرن جي تعين آهي، نه مٿان ڪي
ڪتبا لڳل آهن ۽ نه انهن جي حفاظت جو ڪو بندوبست
آهي. سنڌ جي مشاهيرن جي آثارن جي حفاظت جو ذمو
انهيءَ اداري جي حوالي هجڻ گهرجي.
(16) سنڌ آرٽس ڪائونسل ٺاهجي، جنهن تي سنڌ جي راڳ
۽ سنڌ جي ٻين سڀني فنون لطيفه جي فروغ ۽ رکپاليءَ
جو ذمو هجڻ کپي.
* * * *
اڄ سنڌ نئين سر ڄائي آهي ۽ ان جي رهاڪن کي ورثي ۾
انسانن جي عزت ڪرڻ ۽ انهن سان محبت ڪرڻ جو سبق
مليل آهي. اڄ کان سڀيئي تلخيون ۽ تلخ گامين جو اثر
وساري، نئين سر ميل ۽ ميٺاج جي فضا قائم ڪرڻ
گهرجي.
* * * *
آءُ جيڪي ڪجهه هن مضمون اندر لکي چڪو آهيان، اهو
نه فقط سنڌ جي لاءِ ضروري ۽ مفيد آهي، بلڪ آءُ
پاڪستان جي سڀني صوبن کي اپيل ڪندس ته پنهنجي
پنهنجن صوبن اندر انهيءَ قسم جا پروگرام عمل ۾
آڻين ۽ پنهنجي صوبن کي لساني ۽ فني طرح سان مضبوط
بڻائين. سڀني صوبن جي مضبوطيءَ جي ٻي معنيٰ سڄي
پاڪستان جي مضبوطي آهي.
[هفتيوار ”صبح سنڌ“، 1_ جولاءِ، 1970ع] |