حضرت پير سائين تخت واري جا فرزند:
پـــــيـــــرسائين تـــــخـــــت وارو عليـﮧ
الرحمـة سيد خرب الله شاهه (1258_1308) بن حضرت
گوهر شاه (1230_1263) بن حضرت سيدنا صبغت الله
شاهه (1246) بن حضرت محمد راشد(1170_1233) (روضي
وارو) فارسي، عربي زبانن جو جيد عالم ۽ ديني علوم
۾ يکتاي روزگار هو، فارسي شعر و سخن ۾ ”مسڪين“
تخلص ڪندو هو. سندن والد بزرگوار سنڌيءَ جو يگانه
روزگار شاعر هو، ”اصغر“ تخلص هو. پير سائين حزب
الله شاهه منهنجي والد مرحوم جو سڳو نانو هو. سندن
فرزندن مان ٻه بزرگ پير غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پير
علي اصغر شاهه جيد طبيب هئا. پويون بزرگ فارسي ۽
سنڌيءَ جو نفيس شاعر ۽ بي مثل خطاط ۽ مصور هو،
ٻنهي بزرگن طب کي بيحد ترقي ڏياري ۽ ڪئين شاگرد
پيدا ڪيائون، جن جا سلسلا اڃا تائين قائم آهن.
پوئين بزرگ کي مون گهڻو ڏٺو، سندس عملي صحبتن مان
استفادو ڪيم، ۽ منهنجي سامهون 1935ع ۾ سندس انتقال
ٿيو. هن بزرگ وٽ خطي ڪتابن جو نادر ذخيرو هو، جيڪو
پوءِ منتشر ٿي ويو. پير غلام مصطفيٰ شاهه جي
سرپرستيءَ هيٺ قاضين جي خاندان طبي تربيت حاصل
ڪئي، جن مان غالباً اڄ ڪوبه زنده ڪونه آهي.
حضرت پير سائين تجر ڌڻيءَ جا فرزند:
پير سائين تجرڌڻيءَ رحمـة الله عليـﮧ يعني حضرت
پير محمد صبغت الله شاه (متوفي 1246هه) بن حضرت
پير محمد راشد عليـﮧ رحمـة جي صاحبزادن مان پير
علي حيدر شاهه، شاهه مراد شاهه ۽ پير علي محمد
شاهه وڏا حڪيم ٿيا. پير علي محمد شاهه (1234_
1284هه) راقم الحروف جو پڙڏاڏو هو. پنهنجي دؤر جو
بوعلي ثاني هو. جفر، نجوم، رمل ۽ ٻين عمليات جو پڻ
استاد هو. طب ۾ کيس مجتهد جو درجو حاصل هو. کانئس
پوءِ سندس سمورا فرزند پنهنجي پنهنجي زماني ۾ طب
اندر ڪامل استاد ۽ يگانا ٿي گذريا آهن. پير احمد
شاهه اول (متوفي 1309هه) ۽ پير حسام الدين اول
(متوفي 1318هه) جي حيثيت ۽ پابي جو، سنڌ مشڪل ڪو
ثاني پيدا ڪيو هوندو. بمبئي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ،
راجپوتانا ۽ گجرات تائين سندن علاج معالجي جي هاڪ
هئي، ۽ انهن ڏور انهن ڏينهن ۾ هنن معرڪي جا حيرت ۾
وجهندر علاج ڪيا. پير حسام الدين جا ڪيترا شاگرد
هئا، جن مان مولانا عبدالرحمان پير ڳوٺائي مون
گهڻو ڏٺو. طب ۾ سندس ڪو مٽ ثاني ڪونه هو. پير
احمدشاهه جراحيءَ جو به استاد هو. سندس شاگرد گلو
حجم منهنجي سن شعور تائين جيئرو هو ۽ لاڙڪاڻي ۽
سکر ضلعن ۾، ڦٽ ڦرڙيءَ جي علاج لاءِ، آئي رات گهر
۾ ڪانه هوندي هيس. مدئجيءَ جو نيوندمل هندو، پير
صاحب جو خاص پساري هو، جنهن جي خاندان ۾ پوءِ
ڪيتري زماني تائين طب ورثي طور هلي. پير صاحب جي
صدري نسخن جي ڄاڻ فقط نيوندمل کي هوندي هئي. پير
علي محمد شاهه جو ٽيون نمبر فرزند منهنجو ڏاڏو پير
شاهه (متوفي 1931ع) ۽ ان جو فرزند يعني منهنجو
والد پير حامد شاهه (متوفي 1937هه) ٻيئي حڪيم هئا
۽ سندن انتقال بعد راقم الحروف جي گهر مان طب جو
خاتمو ٿي ويو. پير علي محمد شاهه جو چوٿون نمبر
فرزند پير سلطان (متوفي 1311هه) پڻ حڪيم هو. ان جا
ٻه فرزند پير فخرالدين شاهه ۽ پير انورالحق شاهه
به حڪيم هئا. انهن جي وفات بعد انهيءَ شاخ مان طب
ختم ٿي ويئي. پير علي محمد شاهه جو ٻيو پٽ پيربچل
شاهه پڻ جيد حڪيم هو ۽ لا ولد فوت ٿيو.
پير سائين تجر ڌڻي عليـﮧ رحمـة جي فرزند
پير عبدالله شاهه (متوفي 1283) به وڏو حڪيم ٿيو.
ان جو فرزند پير عبدلقادر شاهه هو، جنهن جا فرزند
حضرت پيرحسين شاهه (ميان سائين) ۽ پير تراب علي
شاهه (شاهه سائين) ٿيا، جيڪي هن آخري دؤر جا بيمثل
حڪيم هئا. انهن ٻنهي بزرگن جي راقم الحروف تي خاص
عنايت هوندي هئي. شاهه سائين عليـﮧ رحمـة جو طب ۾
وڏو دررجو هو. ٻيئي ڀائر قمبر علي خان ۾ رهندا هئا
۽ 1926_1927ع ڌاري سندن انتقال ٿيو. ميان سائينءَ
جو فرزند پير گل محمد شاهه ۽ شاهه سائينءَ جو
فرزند عبدالقادر شاهه هن وقت انهيءَ شاخ جا
نمائندا آهن ۽ طبي مشغول منجهن اڃا آهي.
پير سائين تجر ڌڻيءَ جي فرزند پير شاهه مراد شاهه
جي اولاد ۾ کائنس پوءِ به طب هلندي آئي. چنانچه
ميرپورخاص، جهڏي ۽ تلهار جي طرف انهيءَ بزرگ جو
اولاد اڄ تائين يوناني طب جي چاراغ کي روشن ڪيو
اچي ٿو. پير جعفر علي شاهه ۽ پير عبدالله شاهه هن
وقت جا طبيب آهن.
پير سائين روضي واري جي ڀاءُ جو اولاد:
حضرت پير سائين روضي واري عليـﮧ رحمـة جي والد
حضرت پير سائين ”پٽ رهي“ رحمـة الله (پير محمد بقا
1135_1198هه) جي ٻين فرزندن جي اولاد مان جيڪي
سلسلا شروع ٿيا، انهن ۾ پڻ ڪيترا نالي وارا طبيب
ٿيا، مثلاً شاهه جي ڳوٺ (لڳ نوديرو) وارن پيرن مان
پير محمد زمان شاهه، پير ڀورل شاهه ۽ پير شاهه
محمد شاهه وغيرهه نهايت ئي اعليٰ درجي جا طبيب هئا
۽ سندن شاگردن جو سلسلو پري پري تائين ڦهليو.
بلوچستاني حڪيم گهڻو ڪري انهيءَ گهراڻي جا شاگرد
آهن. پير باقر شاهه ۽ پير بدرالدجيٰ شاهه اڃا
تائين طبي مشغول جاري رکندا اچن ٿا.
گهٽهر (تعلقي قمبر) وارا پير به انهي شاهه ڳوٺائي
شاخ مان آهن، جن ۾ پير محمد عاشق شاهه ۽ پير محمد
معشوق شاهه به زبردست حڪيم ٿي گذريا آهن. پوئين
بزرگ کي مون ڏٺو. ان جو فرزند پير الهڏنو شاهه اڃا
به حڪمت ڪري ٿو.
جهنڊي واري شاخ:
پير سائين روضي واري رحمـة الله عليـﮧ جي ٻئي
فرزند پير محمد ياسين جي اولاد کي جهنڊي واري شاخ
چيو وڃي ٿو، جن جي مسند ارشاد و هدايت نوابشاهه
ضلعي ۾ قائم ٿي ۽ ان جون شاخون، ٺلاهه ۽ هلين
(لاڙڪاڻي ضلعي) ۾ آهن. انهيءَ گهراڻي جي پڳدارن
علوم ديني، خاص طرح حديث، جي لافاني خدمت ڪئي ۽ هڪ
عظيم الشان خطي ڪتابن جو نادر ڪتبخانو قائم ڪيو،
جنهن جي قلمي نسخن جي هاڪ سڄي عالم اسلام ۾ اڄ
تائين قائم آهي. ٺلاهه ۽ هلين واري شاخ طبي خدمت ۽
مهارت ۾ نالو ڪڍيو.
ٺلاهه ۾ ابوالبقا مظهرالدين بن حاجي هدايت الله بن
پير محمد ياسين بن پير سائين روضي وارو پنهنجي دؤر
جو وڏو حڪيم هو. پنهنجي والد کان تعليم حاصل
ڪيائين، ان کان پوءِ مطالعي جي ذريعي علمي استعداد
وڌائي، ديني علوم ۾ ڪامل ٿيو. سندس ڪتبخانو بيمثل
هو، ڪيتريون تصنيفون ڪيائين جن مان ”مجربات
مظهريه“ مشهور ۽ معروف آهي. 42 ورهين جي ڄمار ۾
اربع ڏينهن 22 ربيع الثاني 1318هه 9 بجي صبح جو
وفات ڪيائين. سندس فرزند پير مٺل شاهه جنهن جو
خلافت تحريڪ ۾ وڏو حصو رهيو آهي، اڃا تائين باوجود
سن رسيدگيءَ جي به طبي مشغول ڪندو اچي.
ساڳئي ڳوٺ جو مسند نشين پير حاجي امام
الدين شاهه بن سيد رشيد الدين (صاحب العلم ثالث)
بن محمد ياسين (صاحب العلم ثاني) بن پير سائين
محمد راشد عليـﮧ رحمـة، پنهنجي دؤر جو نه فقط
روحاني پيشوا هو، بلڪ جيد حڪيم پڻ هو. سنڌ جي فاضل
عالم ۾ مؤرخ مرحوم مولانا وفائيءَ پنهنجي زندگيءَ
جو ابتدائي دور ان بزرگ جي سرپرستيءَ هيٺ گذاريو.
ان مرحوم جو قول آهي ته ”پير صاحب طب جو وڏو ماهر
هو. بعض خانداني نسخا صاحب موصوف وٽ تير بهدف هئا،
خاص طرح قوت مردانگيءَ جا ڪشتا ۽ بواسير خونيءَ جو
نسخو وٽن بيحد مجرب هو. فقط استعمال جي دير هئي.“
مولانا مرحوم جو قول آهي ته ”پير صاحب ڪيميا به
ڄاڻندو هو ۽ اهڙي قبوليت هن مولوي صاحب سان ڪئي
هئي“.” ياقوتي جامع الجواهر“ جو نسخو انهيءَ بزرگ
وٽان ئي حڪيم علي محمد قادري مرحوم کي مليو، جنهن
مان هن لکين رپيا ڪمايا. پير صاحب جفر، رمل ۽ نجوم
جو به ماهر هو. 27 ربيع الثاني 1350هه جو سندس
وفات ٿي ۽ باوجود اولاد جي به سندس سجادو خالي ٿي
ويو. پير محمود شاهه موجوده دور جو شعله نوا شاعر
سندس فرزند آهي.
ٺلاهه ۾ پير ابراهيم شاهه بن عبدالوهاب
شاهه بن شاهنواز بن حضرت پير سائين روضي وارو پڻ
جيد حڪيم هو. انهن ٻن بزرگن جي مون به زيارت ڪئي ۽
ٻيئي عزازت سبب مون تي مهربان هئا.
انهيءَ جهنڊي واريءَ شاخ مان هلين وارو
پير محمد نصر الله شاهه بن هدايت الله شاهه بن پير
محمد ياسين بن حضرت پير سائين روضي ڌڻي پڻ وڏو
حڪيم هو. انهيءَ بزرگ کي مون گهڻو ڏٺو. سندس فرزند
پير مولاشاهه اڃا حڪمت ڪري ٿو.
انهيءَ خاندان جي ذڪر کي ختم ڪري هاڻي
اسان انگريزي عهد جي ٻين مشاهير حڪيمن جو ذڪر خير
ڪيون ٿا.
(1) ميان عبدالله روحاني لاڙائي:
شاهه ڪريم جي سلسلي جو مريد ۽ وڏو صاحب ڪمال بزرگ
هو. طبابت به عجيب نموني سان ڪندو هو. مريض کي
ڏَسَ هميشه ابتو ڏيندو هو، جيڪو بيماريءَ جي سراسر
خلاف هوندو هو، ليڪن خدا ان مان هن کي شفا بخشيندو
هو. چند مثال هيٺ ڏجن ٿا.
1_ سيد ميان محبن شاهه جيلاني سلهه ۾
مبتلا هو. جڏهن علاج ڪندي ڪندي عاجز ٿيو، تڏهن
مجبور ٿي پنهنجي هڪ دوست ميان محمد عابد کي ساڻ
ڪري ميان صاحب وٽ پهتو. ميان صاحب سندس پهچڻ کان
اڳ ئي پنهنجي ماڻهوءَ کي چئي ڇڏيو هو ته اڄ اسان
وٽ بادشاهه پير دستگير اچي ٿو، تنهنڪري جاءِ تيار
ڪري ڇڏ. سيد صاحب جي پهچڻ تي کيس نسخو ڏسيائين:
مکڻ هڪ دُڪو، ڪارن مرچن جي ٻن ماسن ۾ ملائي روزانو
استعمال ڪر، ليڪن بيماري ڇڏي وڃڻ تي ٻئي ڪنهن جو
علاج نه ڪيو وڃي، ورنه بيماري اٿلي پوندي. سيد
صاحب کي چند ڏينهن اندر شفا ڪامل حاصل ٿي ويئي،
ليڪن ڪمزوري اڃا هئي. هڪ ڏينهن هالار (ڪاٺياواڙ)
مان شاهه صاحب جا ڪي مريد آيا، جن ڪمزوريءَ ۽ خود
بيماريءَ جي بقايا کي دفع ڪرڻ لاءِ هڪ ڏس ڏنو،
جنهن جي استعمال ڪرڻ شرط وري بيماري اٿلي پيئي ۽
سيد صاحب کي ميان صاحب وارو قول ياد آيو. چند
ڏينهن اندر، جڏهن سيد صاحب فراش ٿيو، ان وقت ميان
صاحب ڏانهن ماڻهو موڪليائين؛ جنهن ساڳئي نسخي جو
ڏس ڏنو، ۽ آخر ٻيهر استعمال بعد کيس شفا ٿي.
2_ ساڳئي ميان محمد عابد کان روايت آهي ته
هڪ دفعي سيد ميان حيدرشاهه بيمار ٿي پيو، پنهنجي
هڪ عزيز کي ميان صاحب ڏي موڪليائين، جهن ڏانهس
ڏَسَ ڏياري موڪليو ته 7 گهڙا ڪورا رات جو و لِهه
تي پاڻيءَ سان ڀري رکي ۽ صبح جو سوير انهن سان تڙ
ڪري. سيد صاحب سخت ڪمزور هو، ٻيو هو سرديءَ جو
زمانو، سو ڊڄي ويو؛ آخر زندگيءَ کان تنگ اچي هڪ
ڏينهن ائين ڪيائين ۽ ان مان شفاياب ٿي ويو.
3_ خليفي محمود ڪڙيي واري جي روايت آهي ته
سندن هڪ عزيز ميان عبدالله فقير نظاماڻيءَ کي اڌ
رنگ جو مرض ٿي پيو. ميان صاحب کيس ڏَس ڏنو ته
سنامڪي ۽ جرڦل گڏي جلاب وٺي ۽ پوءِ سخت ٿڌي پاڻيءَ
سان تڙ ڪري. قدرت خدا جي، ميان عبدالله فقير کي ان
مان شفا ٿي ويئي.
4_ حاجي ڪلاتي نظاماڻي نقل ٿو ڪري ته پاڻ
ميان عبدالله جي خدمت ۾ حاضر هو ۽ هڪ مريض آيو.
ميان صاحب جو دستور هو ته پهرين مريض کان نذرانو
ٻولائيندو هو ۽ پوءِ ڏَس ڏيندو هو. مون کي ان وقت
چيائين ته هن سان ٻول ڪر. آخر پنجن رپين تي فيصلو
ٿيو؛ ڏَس مليو، بيمار ڇٽو، پر شفا حاصل ڪرڻ بعد هن
5 پائليون آڻي نذر ڪيون، جيڪي ميان صاحب کيس
موٽائي ڏنيون. گهر پهچڻ تي اهو شخص وري بيمار ٿي
پيو ۽ مجبور ٿي جڏهن 5 رپيا کڻي آيو، تڏهن ساڳئي
ئي ڏَس مان ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو.
اهڙيءَ طرح ميان صاحب جي علاج جا عجيب و
غريب طريقا هئا؛ پاڻ جيڪي نذر وٺندو هو، سي مختلف
ڳٺڙين ۾ ٻڌي دريءَ ۾ اڇلي ڇڏيندو هو، اُنهن مان
پاڻ هڪ پائي به ڪونه خرچيندو هو. سندس وفات بعد
پوين اهي ڳنڍيون کوليون، جن مان جملي چار هزار
رپيا نڪتا.
(2) حڪيم مولوي محمد صديق سيتائي:
هي بزرگ معقول ۽ منقول جو وڏو ماهر هو، متڪلم ۾
مناظر ۾ به سندس جهڙو ڪو ڇڊو هوندو. اهڙيءَ طرح طب
۾ پڻ لاثاني هو، صبح کان شام تائين مريضن جو
انبوهه وٽس لڳو پيو هوندو هو. مخدوم حاجي حسن الله
پاٽائيءَ وٽان علومن جي تحصيل ڪئي هئائين، ۽ سيتا
۾ مدرسو کولي ويهي رهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي،
مولوي عبدالله سيتائي، مولوي رحمت الله سيتائي،
مولوي عبدالقيوم بختيارپوري ۽ مولوي عبدالرؤف
بختيارپوري انهيءَ مدرسي جا فارغ التحصيل هئا.
(3) مخدوم بصر الدين سيوهاڻي: هي
بزرگ هن پوئين دؤر جو ڪامل ولي ۽ جيد طبيب هو،
سندس ولايت ۽ ڪرامت جون سوين ڳالهيون سنڌ ۾ مشهور
آهن. ليڪن طبي ۽ ڪيميا جي فن ۾ جيڪو کيس ڪمال هو،
سو به ولايت کان گهٽ ڪونه هو. خانبهادر حاجي
مولابخش صاحب سان سندس ڏاڍي روح رهاڻ هئي؛ ڪيترا
صدري نسخا هن بزرگ حاجي صاحب کي ڏسيا، جيڪي اڃا
تائين وٽس محفوظ آهن ۽ انهن ئي نسخن جي آڌار تي
حاجي صاحب اڃا تائين جوان بڻيو وتي ٿو.
(4) حڪيم محمد يعقوب ڪؤنريجو: هي
بزرگ غالباً هو ته عطائي حڪيم، ليڪن طب ۾ ايتري
خدا داد مهارت هيس جو سندس معالجات کي ڪرامت
سمجهيو ويندو هو. سندس علاج جا حيرت انگير واقعا
مشهور آهن.
(5) حڪيم سيد محمد اختر:
هي بزرگ اصل هندستان جي ڪنهن رياست جو، ۽ وڏي
خاندان مان هو. ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ترڪ
وطن ڪري، پير صالح شاهه راڻيپور واري وٽ آيو ۽
پوءِ لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ مستقل قيام ڪيائين
۽ مولانا محمد صادق راڻيپور وارو سندس شاگرد آهي.
خانبهادر الهه بخش شهيد جي والد حاجي محمد عمر
مرحوم ۽ پير تراب علي شاهه سائينءَ سان سندس گهرا
مراسم هئا. هن بزرگ جي طبابت ۽ علاج معالجي جون
جيڪي روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، سي حيرت ۾ وجهندڙ
آهن؛ سندس مزار لاهورن ۾ آهي. مولانا محمد صادق
راڻيپوري ۽ خانبهادر حاجي مولابخش وٽ مرحوم جا
صدري نسخا موجود آهن.
(6) حڪيم صمصام:
هن بزرگ کي مون ڪراچيءَ ۾ ميمڻن وٽ گهڻو ڏٺو:
سنهو، پوڙهو، خسخسي سونهاري، هندستان جي ڪنهن چڱي
خاندان سان تعلق هئس، سالن کان وٺي ترڪ وطن ڪري
ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. سڄي زندگي ڪنهن کان پيسو ڪونه
ورتائين؛ علاج مفت، کائيندو پيئندو الائي ڪهڙي
خدائي خزاني مان هو، ڏاڏي سائين ۽ والد مرحوم سان
ڪافي مراسم هئس، سندس نسخا اسان جي بياضن تي لکيل
آهن، غالباً پاڪستان جي پهرئين ٻئي سال ۾ فوت ٿيو.
(7) حڪيم علي نواز علوي:
شاهه فقير الله علوي شڪارپوريءَ جي خاندان جو چشم
و چراغ، جيد عالم، بيمثل شاعر ۽ لاثاني طبيب هو.
ميان علي نواز جي والد جو نالو ميان فخرالدين هو،
جيڪو پڻ جيد طبيب هو. مير علي نواز ٻين علومن سان
گڏ طب تي به ڪيتريون تصنيفون ڪيون، جن مان سندس
طبي مهارت سان گڏ علمي ۽ فني ڪمال جو اندازو ٿئي
ٿو. سندس انتقال (1920ع)کان پوءِ نه فقط انهي
گهراڻي مان حڪمت هلي ويئي، پر خاندان جو عظيم
الشان ڪتبخانو، جيڪو ٻن سَون سالن کان گڏ ٿيندو ٿي
آيو، سو پڻ برباد ٿي ويو.
(8)مولانا عبدالغفور همايوني:
سنڌ جي هن آخري دؤر جو جيد عالم ۾ اهلِ دل بزرگ
حضرت مولانا عبدالغفور همايوني، ديني علوم جي ڪري
سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي، ليڪن پاڻ طب جي فن جو به
ڄاڻو ۽ ماهر هو ۽ انهيءَ فن ۾ پاڻ ٻه ڪتاب تاليف
ڪيائين، جن مان هڪ فارسيءَ ۾ آهي ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾:
(1) رساله در ترجمه ادويات سندي ۽ (2) لغات
الادويه، فارسي.
(9) ميان حڪيم محمد بچل سنڌي:
هي بزرگ به ساڳئي دؤر جو حڪيم ۽ فاضل شخص هو. طب
جي سلسلي ۾ سندس هڪ تاليف ”گنجينه حيدري“ جي نالي
سان جهنڊي واري ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
(10) حڪيم فتح محمد سيوستاني:
حڪيم صاحب مرحوم سيوهڻ جي مشهور خليفي (عباسي)
خاندان مان هو. سندس والد حڪيم خليفو غلام محي
الدين صاحب پاڻ به حڪيم هو، ۽ سندس اولاد به طب جي
شغل کي نه ڇڏيو. خليفي غلام محي الدين جو والد
حڪيم فتح محمد صاحب ڪبير، ٽالپري دؤر جو طبيب ۽
وڏي اثر رسوخ ۽ ڪمال جو صاحب هو. حڪيم غلام محي
الدين کي ٽي فرزند ٿيا: حڪيم محمد زمان، حڪيم فتح
محمد ۽ حڪيم قاضي عبدالقيوم. وڏي جي ٽن فرزندن مان
ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي ۽ حڪيم غلام قادر ۽ مسٽر
غلام محي الدين عباسي (انجنير) آهن. ڊاڪٽر
عبدالعزيز عباسي سنڌ جو ناميارو ڊاڪٽر ۽ خاندان جي
سڀني خصوصيتن جو مالڪ آهي. حڪيم غلام قادر ڪراچي
ڪارپوريشن ۾ آهي. قاضي حڪيم عبدالقيوم کي چار
فرزند ٿيا، جن مان وڏو حڪيم محمد اڪبر صاحب آهي.
ابتدائي دؤر ۾ مطب ڪندو هو، ۽ ڪامياب طبيب هو،
ليڪن سياسي چسڪو جڏهن کان لڳو اٿس، ان ڏينهن کان
پنهنجي خانداني پيشي کان ڪناره ڪش ٿي، سر تاپا
سياسي حڪيم بڻجي ويو آهي. سندس باقي ٽي ڀائر_ محمد
اعظم، قاضي محمد عابد، ۽ محمد اڪرم_ طبابت ڪونه
ڄاڻن، ليڪن سڀيئي ڀائر ذهين آهن.
حڪيم صاحب مرحوم فتح محمد سيوهاڻي 1300هه ۾ ڄاڻو ۽
ان وقت سندس والد حڪيم غلام محي الدين مرحوم جي
عمر 60 ورهيه هئي. حڪيم صاحب وڏي علم ۽ اخلاق جو
بزرگ هو، اسان ٻنهي ڀائرن تي خاص شفقت هيس، مکڻ
جهڙو نرم ۽ ماکيءَ جهڙو مٺو ماڻهو هو، سرتاپا محبت
۽ وفا هو، مجلس جو مور ۽ علمي صحبتن جو ڪوڏيو هو.
ڪراچيءَ ۾ مطب ڪندي زندگي گذاريائين. سندس مطب
جومرڪز هو. علم ادب ۽ طب ۾ ڪيتريون تصنيفون
ڪيائين. ”طب فتح محمدي“ طب جي فن ۾ سندس لاجواب
ڪتاب آهي. حڪيم صاحب مرحوم 1360هه ۾ انتقال ڪيو،
(18ڊسمبر1942ع). پنهنجي وفات کان اڳ هيٺين تاريخ
چيائين، ۽ انهيءَ ئي مهل لاڏاڻو ڪيائين:
مشت خاکم بخاک پيو ستم، ”مشت خاک ست“ سال رحلت من.
نهايت مختصر جسم جو، بيحد لطيف مزاج هو، حقيقت ۾
”مشت خاک“ هو. سندس وڏو فرزند برادر عزيز حڪيم
محمد احسن صاحب طيه ڪاليج جو سند يافتو ۽ ڪراچيءَ
جو ڪامياب ترين حڪيم ۽ ڊاڪٽر آهي. ساڳيون پنهنجي
والد مرحوم واريون خوبيون ۽ خصوصيتون اٿس. سندس
وجود پڻ سرتاپا شرافت ۽ محبت آهي، صحيح معنيٰ ۾
پنهنجي والد جو جانشين آهي. سندس بيگم صاحبه ڊاڪٽر
مسز عباسي، قاضي محمد اڪبر جي همشيره ۽ ليڊي
هارڊنگ ڪاليج دهلي مان ايم_ بي_ بي_ ايس پاس ڪيل
آهي ۽ حڪيم صاحب سان گڏ مطب ڪندي آهي، ۽ پنهنجي فن
۾ ڪامياب آهي، حقيقت ۾ ٻنهي جي ازدواجي زندگي
”قرآن السعدين“ آهي.
(11) حڪيم قائم الدين احمد:
حڪيم اجمل خان وٽ طب جي تحصيل ڪئي هئائين، ۽ سندس
خاص شاگردن مان هو، جيڪب آباد ۾ مطب کوليائين ۽
سڄي زندگي دوستن ۽ انهن جي متعلقين جو مفت علاج
ڪيائين. اهو ئي سبب ٿيو، جو مرحوم ڪا جائداد ڪري
ڪونه سگهيو. صاحب فضيلت، دوستيءَ جو پڪو ۽ سچو،
اخلاق جو بلند ۽ اعليٰ، مجلس جو مور ۽ احبابن جو
فدائي هو. سڄيءَ ڄمار ۾ مون جهڙس ڪونه ڏٺو. جيسين
جيئرو هو تيسين جيڪب آباد، گويا آباد ۽ شاد هئي.
ڄڻ سڄو شهر پيو بکندو ۽ جر ڪندو هو. جڏهن فوت ٿيو
آهي، ته ڄڻ شهر ويران ۽ ڀڙڀانگ پيو لڳي. پويان
20_25 سال اسان سان گهاڻو تعلق بلڪ عزازت کان وڌيڪ
رستو هيس. جيد حڪيم، طبي فن تي قادر، تشخيص ۽ علاج
جو بي مثال ماهر هو.
سندس فرزند محي الدين ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي ٿو ۽
سندس ڀاءُ حڪيم عبدالڪريم صاحب ڪنڌ ڪوٽ ۾ مطب ڪري
ٿو. رب ڪريم شل حڪيم صاحب مرحوم جي پوين کي شاد ۽
آباد رکي، هڪ عقيدت ڪيش ۽ نيازمند اهائي دعا ڪري
سگهي ٿو.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
(12) حڪيم شمس الدين صاحب:
دهليءَ جي طبي ڪاليج جو بهترين شاگرد، ۽ هن وقت
سنڌ جو عظيم ترين حڪيم آهي. حيدرآباد ۾ مطب ڪري
ٿو، ڪنهن وقت ته وڏو زنده دل هو ليڪن عمر رسيدگيءَ
۽ ڪيترن سالن جي بيماريءَ کيس وسائي ڇڏيو آهي، رب
پاڪ کيس صحت ڏئي ۽ زندگي بخشيس. سندس طفيل سنڌ ۾
يوناني طب جو چرچو آهي، ورنه کانئس پوءِ اهو فن
يتيم ۽ لاوارث ٿي ويندو.
(13) حڪيم محمد معاذ صاحب:
نواب شاهه ۾ مطب ڪندو آهي، وڏو صاحب اخلاق ۽ نيڪ
سيرت آهي، قومي تحريڪن لاءِ سندس وجود روح جو ڪم
ڏيندو رهيو، ليڪن ڪيتري زماني کان وٺي هو گوشه
نشين ٿي طب جي خدمت ڪري رهيو آهي، تقريباً 60
ورهيه کن عم ٿينديس خدا شل کيس خوش رکي.
(14) حڪيم مخدوم محمد معين صاحب:
نواب شاهه ۾ رهي ٿو، بهترين حڪيم آهي، ڪن مخصوص
بيمارين لاءِ ته سندس علاج تيربهدف آهي. سنڌ جي
قديم حڪيمن جا نادر صدري نسخا سندس سيني ۾ محفوظ
آهن. هن وقت سندس عمر تقريباً 60 ورهيه کن هوندي.
طبي ڪتابن ۽ خطي نسخن ۾ سندس ڪتبخانو مشهور آهي.
(15) حڪيم فصل الله صاحب:
شڪارپور جو هن وقت وڏي ۾ وڏو حاذق حڪيم آهي. 60
ورهين جي لڳ ڀڳ ٿيندو، سندس طبي مهارت جو شهرو
سڄيءَ سنڌ ۾ آهي. خدا گهڻي ڄمار کيس عطا فرمائي،
جيئن حڪيم صاحب هن زوال جي دور ۾ ديسي طب جي گهڻي
وقت تائين خدمت ڪري سگهي.
(16) حڪيم مولوي محمد صادق صاحب:
هي بزرگ راڻي پور ۾ رهي ٿو، وڏو صاحب ڪمال ۽ اهل
دل آهي، طب ۾ مرحوم محمد اختر جو خاص شاگرد آهي.
خاص صدري نسخا جيڪي هن بزرگ وٽ محفوظ آهن، سي شايد
ئي ڪنهن ٻئي سنڌ جي بزرگ وٽ هجن. علم ادب ۽ شعر
وسخن جو ڏاڍو درڪ ۽ سليقو اٿس. بهترين ڪتابن جو
مؤلف آهي. هن وقت سندس عمر 85 ورهيه آهي، ليڪن اڃا
پيو اولاد پيدا ڪري ۽ جوان پيو ڏسڻ ۾ اچي. اهو سڀ
انهن نسخن جو ڪمال آهي، جن جي حڪيم صاحب ”تحفا
خوري“ ڪندو رهي ٿو. دوستن، احبابن، نيازمندن ۽
عقيدت ڪيشن جي به کيس سار سنڀار لهڻ گهرجي.
(17) حڪيم در محمد خان گهمرو:
تعلقي خيرپور جي ڳوٺ مير محمد خان گهمري ۾ رهي ٿو،
آبائي پيشو زمينداري اٿس، ليڪن ذاتي دلچسپيءَ خاطر
طب سکيو ۽ ان ۾ وڏي مهارت پيدا ڪيائين، ۽ ڪشته جات
جي سلسلي ۾ غالباً سڄيءَ سنڌ ۾ سندس ثاني ورلي
لڀندو، هن وقت 55 ورهيه کن عمر اٿس.
(18) سرهندي بزرگ:
هن طويل مضمون جو اسان اختتام سنڌ جي هڪ متبرڪ
روحاني خاندان جي ٻن نهايت شاندار حڪيم بزرگن تي
ڪيون ٿا.
حضرت پير محمد هاشم جان سرهندي، حضرت پير خواجه
حسن خان رحمـة الله عليـﮧ جو فرزند ۽ هن دؤر جو
نهايت ئي قابلِ فخر حڪيم آهي، ٽنڊي سائينداد ۾
سندن رهائش آهي. ديني علوم جي تعليم هن آخري دؤر
جي وڏي ۾ وڏي فاصل مولانا محمد معين اجميريءَ وٽ
حاصل ڪئي. سندس طبي مهارت ۽ فضيلت، ۽ فني تجربو ۽
ڪمال، انتهائي درجي تي پهتل آهي.
پير سليم جان سرهندي، مٿئين بزرگ جو ڀاءُ آهي ۽ هن
دؤر جو بهترين فارسي شاعر ۽ جيد طبيب آهي. ٽنڊي
محمد خان ۾ سندس مطب آهي. وڏين خوبين ۽ خصوصيتن جو
صاحب آهي.
هي داستان اگرچ طويل ٿي ويو آهي، ليڪن اڃا به
تشنـﮧ، نامڪمل ۽ سرسري آهي. سنڌ جي طبي تاريخ
تاريڪيءَ ۾ آهي، خدا شل ڪنهن کي توفيق ڏئي جو هن
داستان جي تڪميل ڪري.
[روزانه ”مهراڻ“_ سالگره نمبر 16_ نومبر 1957ع] |