سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :51

 

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ

۽

کوجنا لاءِ  پيدا ٿيل دقتون

 

عزيز دوستو!

توهان هن جلسي ۾ ڪافي عالمانه تقريرون ٻڌيون آهن، ۽ مان سمجهان ٿو ته انهن مسئلن جي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ غير ضروري آهي. مون کي چند ڳالهيون عرض ڪرڻيون آهن، جيڪي موجوده حالتن تي روشني وجهن ٿيون.

ڪتبخانن سان ستم ظريفيون

اسان جي ڪتبخانن متعلق مولانا غلام محمد ’گرامي‘ ۽ ڊاڪٽر محمد علي قاضيءَ جي مقالن جو سمورو دارومدار هن نُڪتي تي هو ته اسلام، علم ۽ ڪتاب جي احترام لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو آهي، ۽ ان  متعلق اوهان کانئس اهي سڀ اقوال، تاريخي اسناد ۽ آيتون پڻ ٻڌيون. آءُ سمجهان ٿو ته اها بلڪل حقيقت آهي ته اسان سڀيئي اسلام جي عمل کان روگرداني ڪري چڪا آهيون. اهو ملڪ، جيڪو اسلامي تعليم ۽ اساس تي وجود ۾ آيو، تنهن ۾ ڪتابن ۽ ڪتبخانن سان جيڪا روش اختيار ڪئي وڃي ٿي، سا نهايت شرمناڪ آهي. اهي حال ڏسندي، جڏهن اسان جا مخالف چون ٿا ته اسڪندريه جو ڪتبخانو حضرت عمر جي حڪم سان سڙيو، ته ان الزام جي ترديد لاءِ اسان وٽ ڪهڙو دليل آهي؟

توهان هتي روز اهڙا وقعا ڏسندا رهو ٿا ته جيڪڏهن ڪاوڙ مون تي آهي، ليڪن انتقام منجهن ڪتابن کي ساڙي ورتو وڃي ٿو. مون کي ياد آهي ته لاهور ۾ هڪ هندو عالم  وٽ اقتصاديات جي موضوع تي دنيا جي مڪمل ترين لئبريري هئي. مسلمان انهيءَ لئبريريءَ کي ساڙڻ لاءِ تيار ٿيا، جنهن تي انهيءَ هندو عالم چيو ته آءُ اها لئبريري پاڻ سان گڏ هندستان کڻي ڪونه ٿو وڃان، اها پاڪستان جي ئي ملڪيت آهي، توهان کي ايڏو يڪجا ٿيل علمي سرمايو وري هٿ نه ايندو، تنهنڪري ان کي نه ساڙيو. مسلمانن چيو ته انهيءَ کي ڪافرن ۽ پليتن جا هٿ لڳل آهن، سو اُهو اسان ضرور ساڙينداسون. آخر لکن جا قيمتي ڪتاب ساڙي ڍير ڪيا ويا! توهان ڏسو ته ڪلام مجيد، رسول ۽ ٻين بزرگن جي تعليمات جي باوجود، اسان ماڻهن ڪتابن سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي!

اجهو اڄوڪيءَ اخبار ۾ اوهان پڙهيو هوندو ته پنڊيءَ ۾ برٽش ڪائونسل جو ڪتبخانو ساڙيو ويو آهي! اسان جا نوجوان الائي ڇا تي ٿا ڪاوڙجن، جو ڪتاب جلائيندا ٿا وتن! کين سوچڻ گهرجي ته آخر ڪتابن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ اسان جا نوجوان مون تي يا غلام مصطف شاهه تي ڪاوڙجن ٿا، ته باهه سنڌالاجيءَ کي ٿا ڏين! مطلب اهو ٿيو ته جنهن ڳالهه جو قرآن شريف جي پهرين ٽن لفظن ۾ تاڪيد ڪيو ويو آهي، انهيءَ جي تحقير ڪرڻ ۽ ان کان انحراف ڪرڻ، اسان پنهنجي ۽ پاڪستان جي ڪردار جو ڄڻ بنيادي اصول ٺاهي ڇڏيو آهي!

سنڌ ۾ اسلام ۽ پاڪستان کان اڳ جيڪي ڪتبخانا هئا، سي هينئر ڪٿي آهن؟ مثلاً فريئر هال لئبريري، ميونسپل لئبريري، ڪراچيءَ جي ڪمشنر لئبريري، وغيره. ازين قسم سنڌ جا جيڪي به ٻيا ڪتبخانا هئا، سي ڪيڏانهن ويا؟ اُنهن جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ جيڪڏهن اسان کي واقعي اسلامي تعليم ۽ اساس تي ملڪ ٺاهڻو هو ته پوءِ مولانا غلام محمد گراميءَ ۽ ڊاڪٽر محمد علي قاضيءَ جيڪي حديثون ۽ قرآن جون آيتون اسان کي ٻڌايون، يا بزرگن جا اقوال پيش ڪيا، تن جو ڪو اثر هتي ڏسڻ ۾ ڇو نٿو اچي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته علم سان اسان جي شوق ۽ دلچسپيءَ جي دعوي محض پروپئگنڊا آهي.

آءُ اوهان کي ڪيترا واقعا ٻڌايان ته ڪتابن جي تذليل ٿيندي رهي آهي! آءُ سمجهان ٿو ته توهان اڳيان اُن جي وضاحت جي ضرورت ڪانهي ته مسلمان فاتحن جي اچڻ کان اڳ اسان جي سنڌ ۾ جيڪو علم جو ذخيرو هو، سو ڪيڏانهن ويو!

جنهن ملڪ جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان نڪتل تهذيبي اهڃاڻن تي پڙهيل لکيل دنيا اوچو ڳاٽ ڪري انهن جا مثال ڏئي ٿي، آيا اها متمدن قوم، جنهن اهي شهر ٺاهيا، ڊرينيج ٺاهيا، نقشا ٺاهيا، اُنهن وٽ ڪو ڪتاب ڪونه هو؟ انهن وٽ شاعري ڪانه هئي؟ انهن وٽ تاريخ ڪانه هئي؟ آخر اهو سمورو علمي ذخيرو ڪيڏانهن ويو؟ آءُ سمجهان ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي اکين اڳيان جيڪي حالتون آيون آهن، انهن کي ڏسندي اسان کي انهيءَ مسئلي جي وڌيڪ تشريح ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ته اهو علم ڪيڏانهن ويو! اسان محض مفروضن ۽ نعرن تي هلون ٿا، مگر اسان جي سامهون جيڪي حقائق آهن، انهن تي اسان ڪڏهن به غور نه ڪيو آهي. مولانا گراميءَ مثال ڏنو ته جڏهن لنڊن ۾ ڌُوڙ پئي وَسِي، تڏهن آشبيليه (اسپين) ۾ ٽي لک ڪتاب هئا. جيڪڏهن اوهان جي پرکڻ جو اهو معيار آهي ته پوءِ هن وقت غير مسلم آسمان تي اُڏامي رهيا آهن ۽ مسلمانن کي قميص جو ڪالر به ٺاهڻ نٿو اچي، ته اها ساڳي شيءِ هاڻي مثال طور نٿي ورجائي سگهجي؟ تنهنڪري پرک جو معيار شرافت، نجابت ۽ علم سان شوق تي قائم ڪرڻ گهرجي، ائين نه ته منجهن ابن ڏاڏن ڇا ڪيو. سوال هي آهي ته جيڪو ملڪ توهان ٺاهيو، ان کي ۽ توهان واري اسلامي ڪردار کي ڏسي، ٻيا ماڻهو اسان جي شرافت ۽ نجابت تي ڪهڙيءَ ريت مائل ٿيندا؟

موهن جو دڙو

الانا صاحب شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ نالا بدلايا پيا وڃن، ۽ موهن جي دڙي بابت اڃا اصلي نالي جو فيصلو ڪونه ٿيو آهي. مون کي ياد آهي ته مان 1925ع ۾ پنهنجي والد سان گڏجي موهن جو دڙو گهمڻ ويو هوس، جڏهن ان جي کوٽائيءَ کي ٻه_ٽي سال ٿيا هئا. مون ان وقت به ”موهن جو دڙو“ نالو ٻڌو هو. اسان وٽ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪشمڪش پيدا ٿي، تڏهن سمجهيوسين ته اهو ’موهن‘، جيڪو هندڪو نالو آهي، تنهن کي مشرف به اسلام ڪري ’موئن‘ جو نالو رکجي، تنهنڪري اسان انهيءَ تي ”موئن جو دڙو“ نالو رکيو. هي وقت اهو هو جو جذباتي مسلمانن جو مسٽر ڄيٺمل پرسرام سان مقابلو هو، ليڪن انهيءَ کان پوءِ اسان کي تاريخ مسخ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي؟ جيئن ٻين ٻولين ۽ اردوءَ وارن وٽ اسان جي زبان جو صحيح تلفظ ادا ٿي نٿي سگهيو، ان ڪري ’موهن‘ جو لفظ ’معين‘ ٿي ويو. هاڻي ان کي انگريزيءَ ۾ لکو ته اسپيلنگ ’معين‘ ٿيندي، يعني معين الدين اجميريءَ يا ٻئي ڪنهن جو دڙو! مان نٿو سمجهان ته اهو تلفظ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته موهن قوم آهي، موهن نئن آهي، موهن ديهه آهي، موهن قلعو آهي. نالن کي مٽائي تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان انتهائي ڪوشش ڪئي آهي! آءُ دعوي سان چوان ٿو ته اسان ڪوبه تاريخي نالو ۽ تاريخي آثار اصلوڪيءَ صورت ۾ ڪونه ڇڏيو آهي. مثلاً برهمڻ آباد تي ’منصوره‘ نالو رکي پوءِ ان کي کوٽيو ويو. ڀنڀور_ جنهن سان سسئي ۽ پنهونءَ جو عظيم رومانوي داستان وابسته آهي_ ان کي به کوٽڻ  وقت ’ديبل‘ جو لقب ڏنو ويو!

منهنجا دوستو! هاڻي انهيءَ قهر ۽ غضب جي حالت ۾  توهان مون کان پڇو ٿا ته سنڌ ۾ تاريخ جون مشڪلاتون ڪهڙيون آهن، جي مان توهان کي ٻڌايان؟

 

سنڌالاجي

الانــــا صـــــاحـــــب پـــــنــهــنــجي اداري سنــــــڌالاجــــيءَ جـــــــو بـــيــــان ڪــــنـــدي، هــــزان تـــائـيـن ڪــارڊن جــــو تعداد ٻــڌائـــي، ان ۾ ’اگر‘، ’مگر‘ ۽ ’انشاالله‘ جو لفظ به ڳنڍي ڇڏيو آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هي به ڄڻ ڪراچيءَ وارو اردو ترقي بورڊ ٿيو، جيڪو 13_14 سالن کان لغت لکي رهيو آهي، جنهن تي ڇٽيهه لک رپيا خرچ ٿيا آهن، ليڪن هيلتائين ان جو هڪ ورق به نه ڇپيو آهي. پوءِ به ائين ٿو چيو وڃي ته اٺ لک رپيا خرچ آيو آهي ۽  ويهه جلد تيـــــار ٿــــيــــا آهــــن. الانــــا صـــــاحــــب! جـــيــڪڏهــــن تـــــوکـــي بـــــه انهيءَ جي تلقيد ڪرڻي آهي ته پوءِ ’سائين‘، ’قبله‘، ’حضرت‘ غلام مصطفيٰ شاهه جي نالي وٺڻ سان تنهنجي جان نه ڇٽندي. تون سنڌ اڳيان جوابدار رهندين. ڇاڪاڻ ته تنهنجي حوالي هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن اداري تي مستقبل جو مدار رهي ٿو.

تاريخ جي کوجنا لاءِ دقتون ۽ ’سورس بوڪ‘

منهنجا دوستو!

تاريخ جي سلسلي ۾ اسان وٽ تمام گهڻا مسئلا آهن. پهريائين توهان کي ياد رکڻ کپي ته اسين پاڪستان ۾ اها تنها قوم آهيون، جنهن قوم جي تاريخ تي عربيءَ کان وٺي فارسي، انگريزي، سنڌي، توراني ۽ عبرانيءَ ۾ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن، ۽ اهي ’سورس بڪ‘ آهن. مون پنهنجي سِر ڪوشش ڪئي آهي ته پهريائين ’سورس بڪ‘ شايع ڪجن. جڏهن توهان سنڌ تي ڪجهه لکو ٿا ۽ توهان وٽ ’سورس بڪ‘ ناهن، ته پوءِ آخر ڇا تي تاريخ لکندﺆ؟ جيڪڏهن فرضي قصا ۽ ڏند ڪٿائون ٺاهي لکندﺆ ته اها ڪا تاريخ نه چئبي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ تي فارسي زبان ۾ جيڪي ’سورس بڪ‘ آهن، سي اول شايع ڪجن، جن جي آڌار تي آئنده تاريخ لکي وڃي. مون کي خوشي آهي ته اهڙن سوَن ڪتابن منجهان مکيه 15_16 ڪتاب اسان شايع ڪري سگهيا آهيون. انهن ڪتابن لکندي اسان نئون سائنسي طريقو اختيار ڪيو آهي، جنهن موجب جيڪي توهان جي قوم جا مجرم آهن، جن  توهان کي پيڙيو آهي، جن توهان تي ظلم ڪيا آهن، ۽ جن توهان جو استحصال ڪيو آهي، سي اسان ننگا ڪري کڙا ڪيا آهن. اسان تاريخ نويسيءَ جو اهو نئون معيار قائم ڪيو آهي جو ساڌ ۽ چور کي هڪٻئي کان جدا ڪري بيهاري ٿو. مون کي خوشي آهي ته ٻين صوبن جي مقابلي ۾، سنڌ ۾ تاريخي مواد گهڻو آهي. تاريخ ۽ ادب جي سلسلي ۾ سنڌ هميشه حساس رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ نهايت قديم، متبرڪ ۽ متمدن، ۽ تهذيب، ادب ۽ علم جي سرزمين رهندي اچي ٿي، ۽ اهوئي ورثو اسان تائين پهچندو رهي ٿو.

 

 

سنڌ يونيورسٽي لئبريري

منهنجي دوست ڊاڪٽر محمد علي قاضيءَ  پنهنجي مقالي ۾ تعريف ڪئي آهي ته ڪتبخانن کي ڪيئن ٺاهجي.

علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب مرحوم جڏهن لنڊن ويو هو، تڏهن مون مغلن جي تاريخ تي چئن جلدن ۾ هڪ ڪتاب گهرايو هو. 10_15 سالن کان پوءِ، جڏهن ”ترخان نامه“ پئي ايڊٽ ڪيم، تڏهن مون کي مذڪور ڪتاب جي ضرورت پيئي. توهان يقين ڪندﺆ ته مون کي اُها اڻ ڪَٽيل ڪاپي ملي، جنهن جي اڃا جلد بندي به نه ٿي هئي، ۽ جا ڪنهن ماڻهوءَ به نه پڙهي هئي. اڄ قاضي صاحب مرحوم جا گڏ ڪيل بهترين ڪتاب، يونيورسٽيءَ لئبريريءَ ۾ اُڏوهيءَ ۾ کاڄي رهيا آهن، ۽ انهن جي حفاظت لاءِ ڪو مناساب بندوبست نه ٿيو آهي!

اسان جو سائين غلام مصطفيٰ شاهه بيحد جري، بهادر ۽ منتظم آهي ۽ هُن سنڌ يونيورسٽيءَ کي ترقي ڏياري گويا جيئرو ڪيو آهي. اسان تي سندس وڏا احسان آهن. ليڪن هُن يونيورسٽيءَ ۾ مسجد پهريائين ٺهرائي ۽ ڪتبخانو اڄ ڏينهن تائين ٺهي راس نه ٿيو آهي. حالانڪ هر گهر، رستي، سڙڪ، جتي وقت اچي، اُتي نماز پڙهي سگهجي ٿي، اُن لاءِ ڪا پابندي ڪانهي....

منهنجا سائين! وڏين ۽ عظيم الشان جاين ٺهرائڻ سان ڪابه قوم تهذيب يافته نه سڏبي آهي. اِهي بلند ۽ بالا عمارتون سيٺ دائود به ٺهرايون آهن، توهان جي يونيورسٽيءَ ۾ علم جا عالم پيدا ٿيڻ کپن. اسان کي ڪلارڪن، ماسترن ۽ مُنشين جي ضرورت ڪانهي، اسان کي عالمن جي ضرورت آهي. مون يونيورسٽيءَ کي ان ڪري موضوع بنايو آهي، جو اِها سنڌ ۾ آهي ۽ اُن تي ئي اسان جي آئنده نسل جي موت ۽ حيات جو دارومدار آهي. تاريخ دان ۽ مورخ قسم جا محقق سڀ يونيورسٽين مان ئي پيدا ٿين ٿا..... سنڌ يونيورسٽيءَ اهڙا اُستاد ۽ روحاني بزرگ ته گهڻائي پيدا ڪيا آهن، قبرن تي وڃي ڪشف جي ذريعي حال معلوم ڪن ٿا. ۽ اِهو به ضروري آهي ته مون کي جڏهن ضرورت ٿيندي ته عيسيٰ ترخان جو چهرو ڏسان يا مرزا باقي ظالم جو چهرو ڏسان ۽ اُن جي هيئت معلوم ڪريان ته پوءِ اُن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ اُستاد وٺي وڃي سگهان ٿو! اِهو بيحد نفيس طريقو اختيار ڪيو ويو آهي!

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علم جو معيار

اِهو اسان جو رڪارڊ اَٿو ته گذريل پنجويهن سالن ۾، سواءِ غلام علي الانا جي، اسان سنڌي زبان ۾ ڪوبه ڊاڪٽر پيدا نه ڪيو آهي، ۽ انهيءَ تي توهان کي خوش ٿيڻ گهرجي ته علم جو ايڏو اعليٰ معيار اوهان کي حاصل ٿي ويو آهي، ۽ ائين توهان علمي دنيا جي مقابلي ۾ به اچي سگهو ٿا!

اهو به اسان جو رڪارڊ اٿو ته پئسن تي ٿيسز لکائي پيش ڪندڙ يونيورسٽيءَ جي ٻين شعبن مان ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون وٺي ويا. مون وٽ ثبوت آهي ته اُهي ٿيسز پئسن تي ڪراچيءَ مان لکايل اٿن. جيڪڏهن اوهان انهن مقالن جا عنوان ڏسندﺆ ته خدا شاهد آهي ته ڪنهن به ڪم جا ڪونه آهن. جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي، جيڪو اسان جو واحد ادارو آهي، انهيءَ نموني سان غلط استعمال ٿيندي رهندي ته پوءِ اهو ماتم جو مقام آهي. ڪراچيءَ ۾ اسان کي موچڙا ٿا لڳن، پنجاب ۾ داخل ٿيڻ نٿا ڏين، پشاور وارا پٺاڻ رپئي تي اَٺ آنا وياج ٿا وٺن ۽ ڪوئيٽا ۾ يونيورسٽي ٺهي نه آهي ۽ جي ٺهي آهي ته ان جو پتو ناهي__ فقط اسان وٽ سنڌ يونيورسٽي آهي. جيڪڏهن انهيءَ ۾ به اها حالت آهي ته پوءِ آءُ سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي عرض ٿو ڪريان ته منهنجا سائين! تون هڪڙو دفعو آيو آهين، وري نه ايندي، هاڻي توکي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ حسام الدين ۽ غلام مصطفيٰ پارا بار بار ڪونه ايندا. توکي جيڪڏهن ڪم ڪرڻو آهي ته تون اسان کي 10_15_20_25 عالم ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو ڏي....

سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪڙيءَ خاتون مون کي لکي موڪليو هو ته آءُ جنهن موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي گري وٺڻ گهران ٿي، منهنجو اُستاد انهيءَ علم مان ڄاڻي ئي ڪونه ٿو. اهو هڪ شرمناڪ واقعو آهي. مون اهو خط غلام مصطفيٰ شاهه کي ڏيکاريو آهي.

 

اهل سنڌ جي تاريخ سان بي توجهي

رباني صاحب فرمايو آهي ته سنڌ ۾ تاريخ نوسيءَ جون جيڪي مشڪلاتون آهن، سي مان توهان کي ٻڌايان.

تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ”ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافيءَ“ تي منهنجو هڪ مضمون ڇپيو آهي*. ماڻهن ان مقالي کي ايترو پسند ڪيو آهي، جو انهيءَ رسالي جي بورڊ ۾ هڪڙي ڪاپي به موجود ڪانهي. علم وارن ماڻهن ان مقالي کي ڏاڍو پسند ڪيو آهي، ليڪن هڪڙي ماڻهوءَ کي شڪايت آهي ته ايڏي طويل مقالي تي ايترو خرچ ڇو ڪيو ويو آهي. اِها آهي سان جي ماڻهن جي سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي! خاص ڪري انهن ماڻهن جي، جيڪي صاحبِ اقتدار آهن. جيڪڏهن صاحبِ اقتدار ماڻهن جي پنهنجن ابن_ڏاڏن جي تاريخ سان دلچسپيءَ جو اهو حال رهيو، ته پوءِ اهو ماتم جو مقام چئبو! اهو تاريخي ۽ قديم شهر ٺٽو_ جنهن کي تاريخ ۾ بغداد ۽ دمشق جهڙي علمي حيثيت ڏني ويئي آهي، ۽ اُن جي زوال وقت به ان ۾ ٽي سـﺆ ڪاليج هئا_ انهيءَ شهر جي تاريخ لاءِ جيڪڏهن اسان جو ذوق اهو آهي ته پوءِ تاريخ دان ڇو ويهي وقت وڃائين؟ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اسين غريب قوم مان آهيون، مگر ملڪ ۽ ان جي سرزمين سُکي ستابي آهي. منهنجا دوستو! هيءُ آهي سهڻيءَ وارو درياءَ ۾ ڀاڱن ٿيڻ وارو ڪم، تنهنڪري سوچ ۽ ويچار جي ضرورت آهي.

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽ سنڌي ڪتابن جي اشاعت ۾ رڪاوٽون

دوستو!

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، جيڪي اسان جي تاريخ جا ذريعا ۽ سُتون آهن، جيڪڏهن آءُ جيئرو رهان ۽ مسلسل پنجاهه سال، پنجاهه ماڻهن جي مدد سان فقط اهي ماخذ ڇپيندو رهان، تڏهن به اهي پورا نه ٿي سگهندا. انهيءَ مان توهان اندازو لڳايو ته اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جو اسان وٽ ڪيترو نه  سرمايو موجود آهي،  جيڪو پئسي جي اَڻ هوند ۽ عوام جي ناقدريءَ جي ڪري ضايع ٿيندو رهي ٿو. حڪومت جي طرفان  اسان کي ڪا مناسب مدد نٿي ملي. وري به آفرين آهي انهن نوجوانن کي، جيڪي  پنهنجي پگهارن ۽ کيسي جي خرچيءَ منجهان (جيئن جويي صاحب پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو) ڪتاب ڇپائي، گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌي ادب کي تقويت رسائيندا اچن ٿا. مون کي الانا ٻڌائيندو ته سنڌالاجي_ جيڪا هڪ غير سنڌي وائس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي قائم ڪئي هئي_ تنهن گذريل سموري عرصي ۾ ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا آهن؟ اوهان اوترا ڪتاب به شايع ڪري نه سگهيا آهيو، جيترا بدين  جي هڪڙي مسڪين ماستر شايع ڪيا آهن.

منهنجا دوستو! توهان کي حڪومت جي سرپرستي ڪانهي، توهان جي هٿ ۾ پئسو ڪونهي، توهان لکڻ ۾ مَن جون مُرادون پوريون ڪري نٿا سگهو. جيڪڏهن انهيءَ سست رفتاريءَ سان اسان هلنداسين ته پوءِ اسان جي تاريخ ۽ ادب جا مسئلا ڪڏهن به حل ٿي نه سگهندا.

اردوءَ جي سرپرستي ۽ سنڌيءَ سان ٻه اکيائي

منهنجي دوست ابراهيم جويي پنهنجي مضمون ۾ انگن اکرن ساڻ ٻڌايو ته ’قومي زبان‘ تي ڪيترو نه گهڻو خرچ ٿي رهيو آهي. ليڪن توهان کي خبر آهي ته  مُئي کي ڪيتري به مالش ڪئي ويندي تڏهن به ٺيڪ ٿي نه سگهندو. اردوءَ جي ڀيٽ ۾ اسان کي ڪيترا پئسا ملن ٿا؟ سنڌي ادبي بورڊ کي هاڻي به اهي ئي هڪ لک رپيا ملن ٿا، جيڪي پاڪستان کان اڳ ملندا هئا.

اردوءَ کي چئني صوبن جي سرپرستي حاصل آهي. سمورين يونيورسٽين ۾ ان جي شعبن تي بي انداز خرچ ٿئي ٿو. هن جا هزارين پبلشر ۽ سوين ادارا آهن، جن کي لکين رپيا گرانٽ ملي ٿي. مون کي شڪايت ڪرڻ نه کپي، ڇاڪاڻ ته اسين سنڌي مهمان نواز آهيون ۽ منهنجو دوست اِبن انشا اڄ هتي مهمان طور آيو آهي. ليڪن حڪايتاً ان کي چوندس ته ڪراچيءَ ۾ ٿياسافيڪل هال جي مٿان اوهان جيڪو نئشنل بوڪ سينٽر قائم ڪيو آهي، ان ۾ سنڌي ڪتابن جو تعداد ڪيترو آهي؟ اوهان ان ۾ ڀلي اردو زبان جا ڪتاب رکو، مگر سڀ کان بهتر ڪتاب اسان جي زبان جا آهن. سنڌي دوستن کي شروع کان وٺي اها شڪايت رهندي اچي ٿي. انشا صاحب! جيڪڏهن اوهان فقط سرڪاري آفيسر هجو ها ۽ صاحب قلم نه هجو ها، ته آءُ ڪڏهن به اوهان سان اها حڪايت نه ڪريان ها. اوهان کي ويچار ڪرڻ گهرجي ته اسان به هن ئي ملڪ ۾ رهون ٿا ۽ اسان جا به ڪي حق آهن!

پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي متعلق اوهان سڀني ٻڌو هوندو ته ان کي هر سال پنج_ڏهه لک رپيا ملن ٿا، جيڪي مختلف واپاري ۽ سرمائيدار انڪم ٽيڪس کان بچڻ خاطر هڪ ٽڪري جي صورت ۾ ڏيئي ٿا ڇڏين. اهي سمورا پئسا ڪهڙيءَ زبان جي ڪتابن تي تقسيم ٿين ٿا؟ سنڌي زبان کي پينوءِ وانگر هڪ ٽڪر ڏنو وڃي ٿو. سنڌي زبان جي ڪتابن لاءِ فقط هڪ هزار رپيا رکيل آهن، ٻين زبانن جي انعامن جا فيصلا ڪراچيءَ ۾ ٿين ٿا، ۽ انهن جي مصنفين کي ڀاڙا ڏيئي گهرايو وڃي ٿو. آءُ به گلڊ جي انعامي ڪتابن واريءَ ڪاميٽيءَ جو جج رهيو آهيان. آخر، سواءِ ان جي ته مون کي ان ڪاميٽيءَ تان لاٿو وڃي، کين ٻي ڪائي صورت نظر نه آئي، ڇاڪاڻ ته مون هر دفعي پئي چيو ته اهي ڪتاب انعام جا مستحق نه آهن؛ جن تي اوهان ڏهه_ڏهه، ويهه_ويهه هزار رپيا ڏيو ٿا.

(مان قومي زبان ۾ ان ڪري خطاب ڪري رهيو آهيان جو منهنجو دوست ابن انشا پنجابي هجڻ جي باوجود سنڌي نٿو سمجهي!)

 

بين الاقوامي ڪتاب سال

اڄ انشا صاحب ڪتابن جو سال ته ملهائي رهيو آهيو،  ليڪن اها به حقيقت آهي ته باوجود ايڏي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيءَ جي، اردوءَ ۾ هن سال جي يادگار طور هڪ ڪتاب به شايع نه ٿيو آهي. ۽ فقط غلام مصطفيٰ شاهه جي ٻن ننڍڙن ڪتابڙن کان سواءِ، جي هن جلدي، هن موقعي تي مناسبت سان، شايع ڪري سنڌ جو منهن مٿي ڪري ڇڏيو آهي_ الحمدالله اسان به ڪو هڪ_اڌ ڪتاب شايع نه ڪيو آهي.

جڏهن ايران اهو ڪتابي سال ملهائي ٿو، تڏهن مون وٽ هن وقت تائين فارسي زبان جا تقريباً اڍائي سوء ڪتاب مفت پهتا آهن، جي محض هن سال ملهائڻ لاءِ ايران جي سرڪاري ۽ خانگي علمي ادارن يادگار طور شايع ڪيا آهن، ۽ جن ادارن سان منهنجو تعلق آهي. يعني، اوهان کي لڄ نٿي اچي، جو ڪتاب هڪ به شايع نه ڪيو اٿوَ ۽ ’ڪتابي سال‘ ٿا ملهايو! اهو ته ماڻهن کي ڌوڪو ٿا ڏيو!

هاڻي انهيءَ بي انصافيءَ واريءَ صورتحال ۾ آءُ توهان جي روبرو سنڌ يونيورسٽيءَ کي هڪ التجا ڪندس. مون وٽ تاريخ ۽ تحقيق جي ليبارٽري آهي. مان چاهيان ٿو ته مون کي ٽي_چار شاگرد ملن، جن کي تحقيقي ڪم سيکاريان. ليڪن نه هِتان جي يونيورسٽي ٿي ڏئي ۽ نه ڪراچيءَ واري. جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي تاريخ محفوظ ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ جا ڪتاب (سورس بڪ) محفوظ ڪريو، جيڪي تاريخ نويسيءَ جا ذريعا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لئبريري ٺاهيو. استادن کي هدايت ڪريو ته هر فن تي معياري ڪتابن جو مطالعو ڪن، علم تي توجهه ڏين ۽ ڪتاب لکن._ خدا حافظ.

(ٽيپ رڪارڊ تان قلمبند ڪيل_ اردو متن جو سنڌي ترجمو.)

 [”مهراڻ“، 1_2_ 1973ع]


*  ڏسو مٿي هن ڪتاب ۾ آيل هيءُ مقالو ص 43_42، پهريائين اُهو سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ٻن پرچن_ نمبر 3، سال 1972ع ۽ نمبر 4، سال 1972ع ۾ شايع ٿيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com