سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :52

 

 

مرزا قليچ بيگ جي ڪتبخابني ۾ ٻه_ٽي گهڙيون

 

[سترهن سال اڳ جي ڳالهه آهي. 15 جون 1955ع جو، مرزا صاحب مرحوم جي ٻن فرزندن، مرزا اسد بيگ ۽ مرزا همايون بيگ (مرحوم) جي ڪوٺ تي محمد ابراهيم جويو ۽ آءُ ٽنڊي ٺوڙهي وياسين. مقصد هو ته مرزا صاحب جو گهر ڏسون ۽ اهو ڪتبخانو اکين مان ڪڍون، جتان امر_جوت واري اها مشعل روشن ٿي، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي علم ۽ ادب سان روشن ڪري ڇڏيو. منهنجي نوٽ بڪ ۾ انهيءَ ڏينهن جون جيڪي يادگيريون درج ٿيل آهن، سي هيٺ ڏيان ٿو جيئن ڇپجي ضايع ٿيڻ کان بچي وڃن.]

اڄ 15 جون 1955ع جو، مون مرزا صاحب جو گهر ۽ ڪتبخانو پهريون دفعو ڏٺو.

(1) 8_9 ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل آهن، گهڻو قيمتي حصو ضايع ٿي ويو آهي. جيئن ته سنڌ جي تاريخ تي ڪوبه قلمي نسخو يا اهم ڪتاب ڪونه آهي. ڀانئجي ٿو ته سڀئي ضايع ٿي ويا يا ڪتابي چورن جي ور چڙهي ويا. ڪنهن به سنڌي مصنف جو ديوان يا بياض ڏسڻ ۾ نه آيو.  ورنه ”چچ نامي“ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، سنڌ جي تاريخ جا جيڪي فارسي ماخذ آهن، سي هتي هئڻ کپندا هئا. ايراني مصنفن جا قلمي نسخا رکيل آهن، جيڪي پڻ سنڀال نه هجڻ سبب جيتن جو کاڄ ٿي ويا آهن.

(2) مرزا مرحوم جي ويهڻ ۽ سمهڻ جو ڪمرو، ميز، ڪرسي، آرام ڪرسي، قلمدان ۽ قلم ڏٺم. چمڙي جو هڪ ٿيلهو آهي، جنهن ۾ مرزا صاحب ڪاغذ پٽ رکندو هو. ڪنهن انگريز دوست سوکڙي ڏنو هيس، جنهن جو نالو ٿلهن اکرن ۾ مٿانئس لکيل آهي. مرزا صاحب جي خاص استعمال جون يادگار باقي اِهي شيون بچيل آهن. اُنهن کان سواءِ علمي يادگار هي ڏٺا ويا.

1. دوستن يارن ۽ ملڻ وارن جا وزٽنگ ڪارڊ ڪيترا گم ٿيل آهن ڪيترا موجود آهن، جن مان انهيءَ دﺆر جي مشهور ملڻ وارن جو پتو پئجي سگهي ٿو.

2. تصويرن جا چار البم: جن ۾ سندس دﺆر جي مشاهيرن جون تصويرون، انهن جا دستخط، ۽ انهن جي هٿ اکرين عبارتون لکيل آهن. انهن جا مونوگرام آهن، پوئين دﺆر جي ٽالپرن جون تصويرون نهايت قيمتي ۽ اڻ لڀ آهن. ڪن انگريز عملدارن جون تصويرون به آهن. جهڙوڪ جان جيڪب صاحب، تروٽ صاحب (جنهن لاءِ سنڌ جو عوامي گيت چيل آهي: ”تروٽ واڳون وار ڙي! تروٽ واڳون وار!“). ميهو صاحب، پرنگل صاحب ۽ سر چارلس نيپئر وغيرهه. هي البم سنڌ جي تاريخ لاءِ سهڻو ۽ قيمتي مواد رکن ٿا.

3. اخبارن جا فائل، خطن جا فائل، ۽ مختلف ضروري مضمونن جا فائل ۽ ڪٽنگس. هي سڀئي شيون نهايت قيمتي ۽ سنڌ جي تاريخ لاءِ سوغات آهن.

4. نوٽ بڪ: مرزا صاحب جا تقريباً 20_25 نوٽ بڪ آهن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق ڪيترو مواد ۽ قيمتي واقعا درج آهن، جن ۾ سنڌ جي هرهڪ تعلقي متعلق مختلف عنوان هيٺ انهيءَ زماني جي معلومات گڏ ڪيل آهي. انهن ئي نوٽ بڪن ۾ مختلف شاعرن جا چونڊ شعر، مختلف قبرن جا تاريخي ڪتبا، سنڌ جي واهن جا نقشا ۽ انهن جي ڊيگهه، قومن جي تاريخ، سنڌ جي پيداوار، آدمشماري وغيره، مشاهيرن جي وفات جون تاريخون ۽ تاريخي قطعا لکيل آهن.

5. ذاتي ڊائريون: مرحوم مرزا صاحب 1860ع کان مسلسل روزاني ڊائري لکندو هو. جنهن ۾ روزانو جا واقعا پنهنجي متعلق، ٻين جي متعلق ۽ سنڌ جي هلڻ چلڻ متعلق لکندو رهيو ٿي. اهي ڊائريون انگريزن جي دﺆر جي سياسي ۽ سماجي واقعن متعلق اهم دستاويز جي حيثيت رکن ٿيون. انهن جي مطالعي مان ڪيترا قيمتي واقعا ۽ انهن جون صحيح تاريخون سامهون اچن ٿيون.

6. تصنيفات: مرزا صاحب جا تقريباً ڏيڍ سوء کن ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل موجود آهن. (انهيءَ وقت منهنجي تحريڪ ۽ برادرم محمد ابراهيم جويي جي ڪوشش تي سنڌي ادبي بورڊ، مرزا مرحوم جون سنڌي تصنيفون شايع ڪرڻ قبول ڪيون ۽ هن وقت تائين ڪيترا قيمتي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.) انهن اڻ ڇپيل ڪتابن مان ڪن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو:

(1) انگريزي مضمون: انگريزيءَ ۾ لکيل پندرهن علمي ۽ ادبي مضمونن جو مجموعو.

(2) ابڪار الافڪار: هن ۾ هيٺينءَ ترتيب سان مرزا صاحب مختلف شاعرن جو انتخاب ڪيو آهي:_

حصه اول: پنج جلد فارسي شاعريءَ جي انتخاب ۾:

(1) ”درج اللالي“، (2) ”شوا هوالحفاني“، (3) ”انوارالاسرار“، (4) ؟، (5) ”ڪنزالدقايق.“

حصه دوم: هڪ جلد عربي شاعرن جو انتخاب

حصه سوم: هڪ جلد ”سلڪ مرواريد“ جي نالي سان

حصه چهارم: پنجن جلدن ۾ انگريزي شعرن جون انتخاب.

هن ڪتاب ۾ نظم سان گڏ نثر جا ٽڪرا به آهن. فارسي حصي ۾ سنڌ جي فارسي گو شاعرن جا پسنديده اشعار ملن ٿا. هي ڪتاب 1906ع_ 1922ع جي عرصي ۾ تيار ڪيل آهي.

(3) يادگيريون: هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب پنهنجي دور جا اکين ڏٺا احوال لکيا آهن. پنهنجي خاندان جو ذڪر، انهيءَ دور جي تعليم جو احوال، مختلف ماڻهن سان ميل ملاقاتيون، صحبتن ۽ مجلسن جو حال احوال، ۽ پهرين تاريخ مارچ 1919ع جو ديباچو لکيل آهي. ست باب آهن. 1_ باب: جاين مڪانن بابت احوال، منهنجي قديم گهر بابت، ناني جي گهر بابت، پاڙي ۽ ڳوٺ بابت، ڳوٺ کان ٻاهر بابت، حيدرآباد بابت، حيدرآباد کان ٻاهر بابت. 2_ باب: اصل، نسل، قوم، مذهب. 3_ باب: ٻولي، تعليم. 4_ باب: پوشاڪ ۽ زيورن بابت، ڪپڙا، زناني پوشاڪ، زيور ۽ انهن ۾ سڌارا، هندن ۽ ٻين جي پوشاڪ. 5_ باب: ٻار ڄمڻ، رسمن جا سڌارا، بيوه زالون، پردو، کاڌو پيتو، روشنائي، نوڪر، رانديون، هنر، ڌنڌو، نوڪري. 6_ باب: گذران جو رستو، شين جا اگهه. 7_ باب: متفرق ڳالهيون.

(4) گرجي نامو: هي هڪ قسم جو تذڪرو ۽ شعرن جو مجموعو آهي. پنهنجي خانداني شاعرن جا شعر ۽ خاندان سان متعلق قطعه تاريخ وغيره. مثلاً: اشعار فارسي از ميرزان گرجي ساڪنان سنڌ يا در باب ايشان_ اشعار طبعزاد مرزا خسرو بيگ، مرزا خيرالدين بيگ، مرزا قليچ بيگ، مرزا علي قلي بيگ، اشعار طبعزاد ديگران در باب بعضي از مرزايان، مرزا بنده علي مرحوم وغيره. تاريخ وفات مرحوم علي محمد بيگ. هي ڪتاب 181 صفحن ۾ آهي، بعضي دلچسپ تاريخون هي آهن:

     حيدرآباد ۽ سکر مان نڪرندڙ اخبار ”الحق“ جي تاريخ آهي:

 

دوش اندر گوش هوشم از سروش آمد ندا

شد شروع اخبار ”الحق“ هم به ايام سعيد

 

اختر عز و شرف طالع شده بر ملڪ سند

رونق تازه ازان اسلام را خواهد رسيد

 

بهر سالش فکر کردم، هاتفم گفتا: بلي!

”رونق اسلام شد در سنده از الحق پديد“ 1327هه

 

تاريخ  وفات مير شاهنواز خان علوي، حسب فرمائش مير علي نواز خان علوي:

 

هاتفم گفت با سر الفت سوي جنت درفت نازان او

ڪڪڙ جي شهر تي هڪ دلچسپ قطعو آهي، جنهن  جو عنوان آهي، ”ڪوائف ڪڪڙ“ ٻه شعر آهن:

 

مرا ”ڪوائف ڪڪڙ“ چو ياد مي آيد

دلم چو خنده گل شاد، شاد مي آيد

عنان کشيد مرا ناگه آنطرف قسمت_ الخ

        هن ۾ سنڌ بابت ڪيتريون قيمتي تاريخون آهن.

(5) بدايع الوقايع: مرزا صاحب هن ڪتاب ۾ اهي دلچسپ تاريخي واقعا گڏ ڪيا آهن، جيڪي کيس مطالعو ڪندي وڻيا آهن. تاريخي لطيفا، ادبي لطيفا، سياسي لطيفا ۽ واقعا، عبرت جهڙا واقعا، هن ۾ جملي پنج سوء واقعا آهن. آخري واقعو آهي نادر شاهه جو موت ۽ سندس پڇاڙيءَ جا ڏينهن. معما، موت، نمڪ حرامي، همت ۽ وهم وغيره.

(6) شاهه جي رسالي جي ڪنجي: هيءَ شاهه جي رسالي جي انڊڪس آهي، لفظ ڏنل آهي ۽ هرهڪ اڳيان لکيل آهي ته ڪٿي ڪٿي ڪتب آيو آهي، مثلاً ڌنار، ديانت، ديپڪا، ديت، ديد، ديوان، ڌاڄا، ڌاڙيجو، ڌار، ڌاڻي ۽ ڌڄ. هيءَ سندس پنهنجي جوڙيل رسالي جي انڊڪس آهي. هن کي جيڪڏهن وڌيڪ نظر ثاني ڪري مڪمل ڪجي ته شاهه جو رسالو ريفرنس لاءِ وڌيڪ ڪم اچي سگهندو.

(7) تواريخ مقدس: گلبن تاريخ جي نموني جو ڪتاب 1 انگ کان 2000 هزارن تائين انگن لاءِ قرآن ۽ حديث جا لفظ، جيڪي تاريخ ڪڍڻ ۾ مدد ڏيئي سگهندا.

(8) عجائبات سائنس: هن ۾ انهي دؤر تائين سائنس جا جيڪي عجائبات ظهور ۾ اچي چڪا هئا، انهن جو ذڪر آهي.

(9) جام جم: اوحديءَ جي ڪتاب جو سنڌي منظوم ترجمو.

(10) ’مخزن الاسرار‘ جو سنڌي منظوم ترجمو.

(11) ترڪيب الانسان: مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو ترجمو.

(12) اشعار القرآن: انهن قرآني آيتن کي گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن وزن ۾ اچن ٿيون. هي ڪتاب نهايت بيمثل آهي.

(13) قرآن شريف جي انڊيڪس.

(14) لطائف الطوائف: حسين واعظ قاشفيءَ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو.

(15) ذڪرالموت: هن ننڍڙي رسالي ۾ مرزا صاحب هر سال جيڪي پنهنجي موت لاءِ تاريخون پئي ڪڍيون آهن، تن کي گڏ ڪيو اٿائين. 1331 کان 1346 تائين. مثلاً: غفران (1331)، چراخ رندگاني (1346)، اين قدح بشڪست آن ساقي نماند (1332)، بخت موقر (1348). اها آخري تاريخ آهي، جنهن سال مرزا فوت ٿيو ۽ انهيءَ جو تاريخي قطعو قبر تي آهي.

(16) سوداءِ خام: ديوان.

(17) چندن هار: سندس مثنوين، غزلن، قصيدن وغيره جو ديوان.

(18) املهه ماڻڪ: ڀاڱو ٻيو_ بيتن جو مجموعو.

(19) موتين جي دٻلي: رباعين جو مجموعو.

(20) سنڌ جي تاريخ جون ڳالهيون: سنڌ جي تاريخي واقعات کي ڳالهه ۽ داستان جي انداز ۾ لکيو ويو آهي.

هي ناٽڪ به مرزا صاحب جا اڻ ڇپيل آهن.

(21) شهزادو بهرام: هئملٽ جو ترجمو.

(22) شهزادو شهريار: ڪام سين ۽ ڪام روپ جو ترجمو.

(23) جمشيد ۽ حميده.

(24) بدر منير ۽ بينظير: (آپيرا)

(25) فرهاد شيرين: (آپيرا)

 

چونڊ ٽڪرا

مرزا صاحب جي مختلف ڪتابن مان هيٺيان قيمتي ۽ تاريخي ٽڪرا ڏجن ٿا:_

1_ ”الحقيقت“ اخبار جي جاري ٿيڻ جي تاريخ پنجن شعرن جي قطعي ۾ چئي ويئي آهي؛ مرغوب طبايع (1340) مان سال نڪري ٿو. (هيءَ اخبار لاڙڪاڻي مان فقير علي محمد عباسي ڪڍندو هو؛ پويون ايڊيٽر غلام عباس ’جوش‘ هوندو هو. نواب امير علي خان لاهوري سندن سرپرست هو. ۽ پوءِ سر شاهنواز خان ڀٽو سرپرست هو. ڪيترن سالن کان اخبار بند ٿي ويئي آهي.)

2_ تاريخ مسند نشيني مير علي نواز خان، خيرپور.

 

(1) دلم بخواست کـﻶ سال جلوس او گويم

بخاطرم برسيده: خلف سعادتمند 1239هه.

(2) وفات مير امام بخش کرد و بر جانشين

نموده اند همه مير علي نواز پسند  (از ”گرجي نامه“)

 

3_ مير علي مراد خان ٽالپر جو شعر:

از خصابم نبود هيچ دلم را مطلب

غرض آنست که آهو صفتان رم نه کنند

 

مير سهراب خان ٽالپر جو شعر:

 

هر آنکس کـﻶ خود پهلواني کند

چه حاجت کـﻶ ”شهنامه“ خواني کند

 

ميان محمد سرفراز خان جو شعر:

 

دلا در سينه ساکني شو که اينکه يار مي آيد

طبيبي يا مروت برسر بيمار مي آيد

سرفرازم نمي سازي بدشنامي و پيغامي

اگر صلح است پيغامي، وگر جنگ است دشنامي

...........

هر شور که هست برسر زر

مفلس تو خوشي! کـﻶ زر نداري

...........

 

مهته بالچند ”آزاد” مثنوي:

 

شوخيء چشم تو از شورش اشکم افزود

غلط است اينکه نمک تلخيء بادام برد

 

 

غلام علي مومن:

هر عقده کـﻶ بر خاطرم از بار خزان بود

از فيض بهار اين دل واسوختـﮧ واساخت

مومن جو انتخاب ٽئين حصي جي صفحي 230 تي آهي.

                                (افگار الابکار، 1906ع)

 

1. سجع مير علي مراد                 از دو عالم علي مراد من است

2. سجع مير الهه يار          بهر کار مرا اله يار است

3. وفات مير غلام علي       غلام علي مئو 1227هه

(افکار البکار، 1906ع)

4. وفات مير فتح علي خان ٽالپر:

 

ٿي ارڙهن ورهيه عمر جڏهن ڪل حال

به شاهنشهي بر دهل زد دو دال

دگر ره چو بر دار بيست افزود بست

چهل سال در دار دنيا بزيست

ڪيئين سلطنت سنڌ ايڪيهه سال

۽ ٿيو سال ٻاويهين ۾ انتقال

هو ايڪيهين رمضان جي ڄائو مير

جا هئي رات قتل جناب امير

۽ عاشوره جي رات جو از قضا

ڇڏي دار فاني ويو دارالبقا

5. شهادت مير صوبدار ۽ شهداد خان:

مير بهرام و صوبدار امير

هر دو در ملڪ سند والا دست

خلف نوجوان به پر پدر

شهادت فگند در با دست

زد دو ناخن بدل دو مصرعه سال

هر يکي زو بسال تنها دست

شده با مير صوبدار شهيد

رد بدامان شاه شهداد دست

6. ميرزا جانيءَ جو بيت:

عشقي خدا هم کـﻶ از خودي پاک کند

آب مرﱞه که دهر نم ناک کند

7. وفات قلندر                 رحمت 648هه

وفات مخدوم نوح             فيض حق 998هه

وفات فتح فقير حيدرآبادي

وصال بود فراقش فراق بود وصال

ازانست سال وصالش: فراق فتح فقير 1209هه

شهادت مير بجار              حاجي شهيد شد 1194هه

تاريخ وبا افتادن در سند از قاضي عبدالغفور هالائي:

الموت کاسس کل الناس شاريه 1298هه       (از: ابکار الافکار و گرجي نامه)

 

8. مرزا صاحب مئي 1909ع جو مڪليءَ جي قبرستان ۾ ويو هو، جتان جون ڪي تاريخون نوٽ ڪيون اٿائين (اهي هتي نٿيون ڏجن. ڇاڪاڻ ته ”مڪلي نامه“ ۽ ”مقالات الشعرا“ ۾ اهي ڇپجي چڪيون آهي.)

9. مرزا صاحب پنهنجي ”يادگيرين“ ۾ هيٺيان انگ اکر ڏنا آهن: اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ ڪڻڪ 9_4. في مڻ، چانور ._8_. في مڻ، دال منڱ _9_7. في مڻ، ٻاجهر _6_5. في مڻ، لوڻ _3_6. في مڻ، کنڊ 3_2_1 في مڻ، بعد _6_2. في مڻ، گيهه _10_0.، تيل _10_0.، هيڊ _04_0.، ڪڏهن ڪڏهن هڪ رپئي 24 سير گيهه ملندو هو ۽ کير 6 مڻ هڪ رپئي.

انگريز سرڪار جي راڄ ۾ جڏهن ڪمپنيءَ جي حڪومت ٿي، تڏهن هي اگهه هئا: ڪڻڪ رپئي جي 39 سير، چڻان رپئي جا ساڍا 16 سير، چانور رپئي جا ساڍا 8 سير، گيهه رپئي جو 4 سير، کنڊ رپئي جي چار مڻ.

1857ع واري هنگامي کان پوءِ اگهه وڌيا. 1890ع ۾ هي اگهه هئا: ڪڻڪ رپئي جا 25 سير، چڻان 28 سير، چانور 16 سير، گيهه 2 سير، کير 9 پائين جو سير.

”بابي مرحوم جي کنڌي ۽ گهر جي حساب مان هيٺيان اگهه نڪرن ٿا: چانور سُڳدانسي 0_0_4 في مڻ، ڪڻڪ 0_14_3 مڻ، چانور ڇڙيل 0_0_4 مڻ، چانور سنڌي ڳاڙها 0_9_3 مڻ، ٻاجهر 0_8_3 مڻ، گيهه هڪ روپيو سير، کنڊ رپئي 8 سير، ڪاٺيون هڪ اُٺ 8 آنا، تيل ڪڙو ساڍا ٽي سير هڪ رپئي ۾، صابڻ عمدو 6_1_0، ڦوٽا في سير 0_9_0؛ ڪپڙي جا اگهه هئا: ململ عمدي 0_12_4 تاڪيو، ڌماچ في گز 0_10_1، ڪناري ريشمي 5 گز هڪ رپئي، بافتو ڪورو 0_13_5 تاڪيو، ڏوريو 0_4_2 تاڪيو، بخمل في وال 0_12_0، الپاڪو في وال 0_12_0، ۽ ڇِيٽ 3_3. وال.“

جاءِ جوڙڻ جا سامان: ڪچيون سرون 0_14_0 هزار، کڻائي 0_10_0 في هزار، پخال 6_0_0، بُهه 0_0_1، رازي جو روز 0_10_0 ۽ 0_8_0، مزدور 0_4_0، ڇوڪرو 0_2_0 ۽ 6_1_0، نوڪر جو پگهار 0_0_5 رپيا.

1919ع جا اگهه مرزا صاحب هن طرح درج ڪيا آهن: اٽو في مڻ 0_10_0، کنڊ هڪ سير هڪ روپيو، گيهه جي سير 0_2_0، ڪاٺيون ڏهه آنا مڻ، رازي جو روز ڏيڍ روپيو، مزدور تيرنهن آنا، ڇوڪرو اَٺ آنا، واڍو ٻه روپيا، بُهه في مڻ ٻه روپيا، مٽيءَ جي گاڏي 0_8_0، نوڪر جو پگهار 12 روپيا، نوڪرياڻي 8 روپيا (يادگيريون).

10. ڪي وڌيڪ تاريخون وفات جون:

وليد بن عبدالملڪ: وليد بيدين               126هه

حجاج بن يسف: بگو ابليس تاريخ وفاتش، دگر فرما که بيدين بود حجاج                           103هه

(ياد هجي ته حجاج بن يوسف، سنڌ جي فاتح محمد بن قاسم جو سهرو هو ۽ محمد بن قاسم ذهني ۽ فڪري طرح سندس پروردو هو.)

شمس تبريز: سلطان شمس الدين             هه

نادر شاه: سيف اهل جلال قهر خدا            1160هه

رنجيت سنگهه: خورشيد جمله پنجاب         1256هه

ام حسن: واي واي هاي هاي                  50هه

ام حسين: واي واي هاي هاي                 60هه

منصور حلاج: زهي فنا في الله                 309هه

حڪيم سائين: سعادت                       535هه

نظام الدين اوليا: قطب ابدال هندستان        725هه

مخدوم جهانيان: مخدوم اهل جهان         785هه

      شاه خيرالدين بکري: مرشد ڪامل طريق احمدي 27 رمضان                                           1027هه

مسجد شاه حسيني در الور: درگاه اعليٰ        941هه

شاهه لطيف: رضوان حق                       1165هه

حاجي محمد قاسم: في جنات تجري          1157هه

مرزا قليچ بيگ پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي مختلف زبانن ۾ ڪتاب لکيا، انهن جا صفحا هيٺينءَ طرح شمار آهن:

قلمي سنڌي                           9585

ڇپيل سنڌي                           11514

انگريزي                                1492

ڇپيل ناياب سنڌي                    2390

فارسي                                  1594

اردو                                    369

عربي                                  514

                                        27458

مرحوم مرزا قليچ بيگ 26 محرم 1348هه مطابق 3_7_1969ع جو 77 سال مصروف علمي ۽ عملي زندگي گذاري فوت ٿي ويو. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پنهنجي گهر ڀرسان دفن ٿيو.

(نوٽ: ٻڌو اٿم ته سندس پوٽي مرزا اعجاز علي بيگ ڪتابن جي نئين سر ترتيب ڪئي آهي، ڪتبخانو درست ڪيو اٿائين ۽ مرزا صاحب جي هرهڪ شيءِ کي حفاظت سان سنڀالڻ شروع ڪيو آهي. هن تازو جيڪا فهرست مرتب ڪئي آهي، ان مطابق مرزا مرحوم جا جملي تصنيف ٿيل ڪتاب 457 ٿين ٿا.

ڪراچي 3_ نومبر 1972ع (رات 12 بجي)

[”سنڌي پبليڪيشن“، 1972ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com