سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :34

 

سوانح

 

 

ميان محمد عارف ”صنعت“

شڪارپور جو ھڪ فارسي شاعر

 

تا ز ديوانم که سرمست سخن خواھد شدن

اين مئي از قحط خريداري کھن خواھد شدن

کوکبم را عدم اوج قبولي بوده است

شھرت شعرم بگيتي بعد من خواھد شدن

خدا آباد رکي شڪارپور جي شھر کي _ منجھس ڪنھن وقت ته امل ماڻڪ آباد ھوندا ھئا. توڙي جو اڄ اتي جا فقط ”شڪارپوري شودا“ مشھور آھن، مگر ڪو زمانو ھو جو منجھس ھر گهر خانهﻋ علم ۽ ھر مجلس بزم ادب ھوندي ھئي. اڄ ناظرين ڪرام کي اسان شڪارپور جي ھڪ گمنام، بلڪ نھايت نيڪ نام فارسي شاعر سان روشناس ڪرائڻ جو شرف حاصل ڪندي، مسرت محسوس ڪيون ٿا.

شڪارپور جي اعوان خاندان جو ھڪ فرد ميان محمد عارف نھايت با ڪمال ٿي گذريو آھي. سندس اولاد مان ميان عبدالخالق شڪارپور ۾ وڪيل ھو، جنھن جو فرزند ڪوآپريٽو بئنڪس جو موجوده ڊپٽي رجسٽرار مسٽر محمد اعظم اسان جو مڪرم دوست آھي.

ميان محمد عارف حقيقت ۾ عارف ھو، شعر ڏانھن به سندس لاڙو ننڍي ھوندي کان ئي ھو، جڏھن ميان صاحبڏني مرحوم وٽ تعليم حاصل ڪندو ھو. ميان صاحب ڏنو شڪارپور واريءَ قاضين جي مسجد جو امام ھوندو ھو. مرحوم محمد عارف جو جڏھن شعر وڻندو ھئس، تڏھن بي اختيار ٿي چوندو ھو:

به شعر ’صنعت‘ صاحب اگر تو دم بزني

به خلق ياد دھي معجزهﻋ مسيحا را

سندس ديوان وفات کان پوءِ ڪيترن ورھين بعد سندس پٽ ميان عبدالخالق مرتب ڪيو، جنھن کي پوڪرداس ڇپائي پڌرو ڪيو ھو.

عبدالخالق مرحوم ديوان جي ابتدا ۾ فارسي زبان ۾ لکي ٿو ته:

”مرحوم والد صاحب جن متفرق ڪاغذن تي اشعار لکندا ۽ سواءِ ڪنھن حفاظت جي اڇلائيندا ويندا ھئا. نام نمود کان بلڪل ڪناره ڪش ھئا ۽ اھو ئي سبب آھي جو سندس ديوان سندن حياتيءَ ۾ مرتب ٿي ڪونه سگهيو“_

مرحوم محمد عارف صاحب 2 تاريخ صفر سنه 1266ھه جو داعي اجل کي لبيڪ چيو، ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس وڏي پٽ ميان محمد امين کي ديوان مرتب ڪرڻ جو خيال ٿيو . مگر انھيءَ عرصي اندر ڪتب خاني کي اوچتي باھه لڳڻ ڪري ڪجھه مسودا سڙي خاڪ ٿي ويا ھئا ۽ ڪجھ مينھن پوڻ ڪري بالڪل ضايع ٿيا ھئا. باقي جيڪي بچيل ھئا، انھن کي ڇنڊي ڇاڻي ميان صاحب مرتب ڪيو، ۽ ھڪ نامڪمل ڪتاب 27 ربيع الثاني 1278ھه جي مڪمل ڪيائين. يعني ميان عارف جي وفات کان 12 سال پوءِ، موجوده ديوان جو پھريون مسودو تيار ٿيو. باقي پوءِ به جيڪي اشعار ھٿ ايندا ٿي رھيا، سي ھو گڏ ڪندو ٿي ويو ته نظرثاني ڪرڻ وقت ديوان ۾ درج ڪري، مگر قدرت جي اٽل فيصلي ۽ قضا جي اڻ ٽر ھٿ کيس به ھت رھڻ نه ڏنو ۽ ديوان مرتب ٿيڻ واري سال يعني 1278ھه ۾ عدم ڏانھن عزم سفر ڪري، رخت سفر ٻڌي راھي ٿيو.

سندس ننڍو ڀاءُ ميان عبدالخالق ان وقت بقول پنھنجي ”ٻن سالن“ جو ھو. جڏھن ھو صاحب سن شعور کي پھتو، تڏھن ھن وري نئين سر ديوان کي ميان محمد امين جي گهري دوست مولانا شيخ عبدالمجيد وڪيل شڪارپوريءَ جي امداد سان جوڙي راس ڪيو. موجوده ديوان ان صاحب جو مرتب ڪري ڇپرايل آھي.

ميان عبدالخالق لکي ٿو ته: ”ميان محمد عارف کي ان وقت جو سعدي ڪري ليکيندا ھئا. سندس استاد ميان صاحبڏنو صاحب متخلص به ”صاحب“ ته مٿس عاشق هوندو هو. ميان صاحب تي ”ضعت“ تخلص به سيان ميان صاحبڏني ئي رکيو ھو، ورنه پھرين ته نالي جي مناسبت سان ”عارف“ تخلص ھئس.

سندس ڪلام ۾ ايرانيت جو عنصر زيادھه آھي، جيڪڏھن ڪو غير واقف پڙھندو ته محسوس نه ڪري سگهندو ته ڪنھن سنڌي شاعر جو چيل آھي. رواني، آمد، سلاست ۽ زور بيان جا به خوب جوھر ڏيکاريل آھن.

ديوان جي ابتدا ۾ ھڪ قصيدو حمد باري تعالى ۾ چيل آھي ۽ چند قصيدا سرور ڪائنات جي توصيف ۾ ۽ ھڪ جناب محبوب سبحاني حضرت پيران پير دستگير عليـﮧ رحمـة جي مدح ۾ ۽ ھڪ شڪارپور جي مدح ۽ـ اتان جي حاڪم سيد زين العابدين جي تعريف ۾ آھي. مرحوم شڪارپور جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو:

 

شکارپور که رشک رياض رضوانست

گلش ھميشه بھار و شگفته خندان است

خيال جنت کويش ز سينه چون گذرد

ز خلوت دل ناديده صد بھار انست

ز بيخ خارش صد زعفران عشق شگفت

ز زير خاکش شاخ جمال رويانست

شڪارپور جي مھوشن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته _

ھزار سرو سھي قامتان گل رخسار

به ناز و عشوه به ھر کوچه اش خرامانســـت

شڪارپور جي انھيءَ وقت واريءَ صنعتي ترقيءَ ۽ علمي اوج جو ذڪر ڪندي رقمطراز آھي ته:

ز ھوش عقل و ھنر با فرنگ ھم پھلو ست

ز جوش علم و ادب انتخاب ايران ست

مرحوم شڪارپور جي تعريف مان ئي نٿو ڍاپي. تعريف ايتري بھترين انداز ۽ اڇوتي ادا سان ڪري ٿو، جو بي اختيار داد ڏيڻو ٿو پوي:

به غمزه ديده ليلى که دل ز مجنون برد

سياه نرگس شھلا اين گلستان است

به لعل خنده شيرين که جان خسرو داد

نمک برشتهﻋ آن پسته زين نمکدانست

بھار گلشن کشمير و لال زام ارم

سواد سايهﻋ گلھاي اين گلستان است

انھيءَ قصيدي کان پوءِ ”چانڊڪا“ پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻي) جي حاڪم نواب احمد خان جي توصيف ۾ ھڪ قصيدو چيل آھي. ان کان پوءِ غزليات جي ديوان جي ”بسم الله“ ٿئي ٿي. فرمائي ٿو:

به بسم الله کردم ابتدا عنوان ديوان را

نهادم برسرش افسر رحيم و نام رحمان را

        ”افسر رحيم و نام ......“ جي جملي جيڪا ندرت ۽ ڦڙڪ پيدا ڪئي آھي، سا مشڪل ڪنھن به شاعر جي ابتدائيه غزل جي مطلع ۾ ھوندي _ سبحان الله!

مٿي ميان صاحبڏني ”صاحب“ جي ھڪ مصرع لکي آيا آھيون، جيڪا ھو صاحب ”صنعت“ جا شعر ٻڌي چوندو ھو. ان جي جواب ۾ ميان صاحب فرمائي ٿو:

 

به شعر ”صاحب“ صنعت چه جاي دم ز دن ست

کجا است حاجت مشاط روي زيبارا

ھن کان ھيٺ چند چيده مصرع ”يک مشت نمونه خروار“ جي مصداق درج ڪندي، مضمون کي بند ٿا ڪيون:

صنعت نماند خشک زمين زير آسمان

از موج آب ديده جيحون بار ما

صنعت به عمر ”چارده سالان دو ھفته ماه“

از خود ربود مردم پنجاه ساله را

ھست شفق بر فلک يک شرر آه ما

آتش اندوه داد خانهﻋ افلاک را

ز بھر جرعه صھبا گروه زاھدان صنعت

گرو کردند در ميخانه صد دلق مرقعه ھا

چو صنعت رقم ساخت از سوز دل

ز زخم قلم آمدش بوي کباب

واي نالهﻋ صنعت بگوش جان بشنو

که شاخسار غمت را ھزار دستانست

مرحوم شاعر بيمار ھو، گردن تي نڪتل ڦرڙيءَ ڏاڍو تنگ ڪيو ھوس؛ حڪيم سڀ جواب ڏيئي چڪا ھئا: ان مايوسيءَ ۽ بيقراريءَ جي حالت ۾ بستر مرگ تي ھيٺيون غزل فرمايو اٿائين:

در مقاميکه سر سوده شده صاحب تاج

تاجداري است درانجا بکلاھي محتاج

بدکاني که خريدار سرير سوداست

بکدوئي نستانند سر صاحب تاج

سر سودا زده اين درد سلامت بادا

که نيفگند سر پيش مسيحا به علاج

باد شه کشور عشق است غم تو که گرفت

داغ از بلبل و سوزان دل پروانه بباج

آننچان شمع بر افروخته داغ تو بدل

که شده روشن زان صد مـﮧ و مھر سراج

آخر اين شام ز وصل تو شود صبح بھار

اي که شد روز من از ظلمت ھجرت شب داج

مرغ اميد چو عنقاست اگر ليک سعي

ھست در مخلب شھباز طلب چون دراج

سخت باري است بدوش و تن صنعت آن سر

که سرفراز در اين دار نشد چون حلاج

مرحبا! مرحبا!! اي مرحوم شاعر، تون اسان وٽ ڪونه آھين، مگر تنھنجا گفتا اسان وٽ آھن، اسان جي دلين سان پيوست آھن، جيڪي اسان کي ھر وقت جھومايو ڇڏين ٿا.

حشر تک تو قبر مين شادان رهــﻶ،   رحمتون سـﻶ ان کي پردامان رھي.

                               

 

[”ستاره سنڌ“، 26_ 8_ 1934]

 

 

عشق جو اوتار، حضرت ”بيدل“ ڀوتار

(1814ع_ 1876ع)

ڪوڙين  ڪايائون تنھنجون، لکن لک ھزار؛

جيءُ  سڀڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار؛

پريم! تنھنجا پار، ڪھڙا چئي؟ ڪھڙا چوان؟

                                              (شاھه)

بيدل سائين، عرف ”سائين وڏو“، 19 صديءَ ۾، ”الستي عشق“ جو اوتارو ٿي گذريو آھي. سچل سائينءَ جو ھمعصر ھو، اُن جا جام پياريل ھئس، سو ساڳيو سندس سر ھو. جھڙو پاڻ ٿيو، اھڙو ئي وري سندس فرزند بيڪس سائين عرف ”سائين ننڍو“ ساماڻو. پيءُ جي پرت واري پيوند کي وري پٽ اچي پختو ڪيو. مطلب ته ٻيئي صاحب عشق جا اوتار، عاشقن جا ڀوتار، ۽ صوفين جا سردار ھئا. اڄ تائين سندن موچارو نالو پيو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائجي ۽ وڄائجي.

”ھرگز نه ميرد آنکه، دلش زنده شد به عشق“

(يعني ڪڏھن نٿو مري اھو، جنھن جي دل عشق سان زنده ٿيل آھي).

”سائين وڏي“ جو نالو عبدالقادر ھو. کيس قادر بخش به سڏيندا ھئا. ويٺل روھڙيءَ جي شھر جو ھو، سندس والد بزر گوار، پاٽولپ جو ڪم ڪندو ھو، جنھنڪري ”خواجه“ به سڏبو ھو.

سائين وڏو ڄمندي ئي ڄام ھو. عشق جي ”ع“ سان ٻنڌڻن ۾ ٻول ٻڌي ھئائين، سو ٿورو وڏو ٿيو، تعليم حاصل ڪرڻ لڳو، ان کان پوءِ يڪدم تصوف ڏي تاڻڻ لڳو. صوفين سان صحبتون ٿيس، عاشقن سان مجلسون متيس. ان وقت جي صوفيءَ سرمست حضرت عبدالوھاب عرف سچل سائين کان ”الاھي الفت“ جا انگ سکڻ لڳو. مرد اتان خوب مڻيا ھٿ ڪئي. عشق اھا آڳ لائي ڇڏيس، جو پيرين پيادو، ”سيواڻي سرمست“ ڏي ويندو رھيو. وري اتان جو پور پيس، ته سڌو ڀٽ جي ڀوتار وٽ وڃي پھتو. مطلب ته عشق اُھي اُلا اچي اٿاريس، جو چوڻ لڳو ته:

”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھه، ناھي ويل ويھڻ جي“

”حقيقت جي پانڌيڙي“ کي، منزل جي پيچري پڇائڻ لاءِ، ”مجاز“ جو ھٿ وسيڪو ٿيڻو پيو. غلام محمد درزي، شڪارپور جو رھاڪو ھو، سو ان سان کڻي پرت جو پيوند پيوست ڪيائين. پوءِ ته محبت جي مستيءَ مستانو ڪري ڇڏيس. گهر ٻار، گهوٽ تان گهوري، وڃي ”مجازي استاد“ جي آستان تي ويٺو. جي غلام محمد اڳي ئي مري نه وڃي ھا، ته بيدل سائينءَ جي مزار به جيڪر اڄ شڪارپور ۾ ھجي ھا. مگر قدرت کي اھو منظور نه ھو، جنھنڪري غلام محمد(1) جي فوت ٿيڻ بعد، سنه 1265ھه(1) ۾ بيدل سائين، وري اچي پنھنجو ڦٽل گهر آباد ڪيو. غلام محمد جي وصال تي ھيٺيون قطعو لکيو اٿائين:

چو شد غلام محمد رحيل زين عالم

بماند بردل محزون داغ درد بلا

سوال کردم تاريخ فوتش از ھاتف

ندا رسيد ”بناگه چراغ بزم بھا“.

(سنه 1261ھه)

ظاھري گهر ته آباد ٿيس، مگر باطني ديرو ته اڃا تائين ويران ھئس. دل ڏيئي، ”بيدل“ ٿيو ھو، سو نھايت پريشان گذارڻ لڳو. نيٺ روھڙيءَ جي قاضي پيرمحمد(2) صاحب تي کڻي پرت جا پلاند وڌائين.

ھر رنگ مين يا رب تيرا جلوه نظر آتا ھي

قاضي صاحب جي ھن ”عاشق بيدل“ مٿان ايتري ھلندي ھئي، جو ڪنھن سواليءَ جي ڪم ۾ دير مدار ڪندو هو، ته قاضي صاحب حڪم هلائي کانڻس منٽن اندر ڪم پورو ڪرائيندو ھو.

رشتهﻋ زنجير اُلفت گردنم انداخت دوست

ميبرد ھـــــــرجــــــا کــــــه، خــــــاطر خــــــواه اوست

(يعني محبت جي زنجير جو ڪڙو، دوست منھنجي گردن  جي چو گرد ڦٽو ڪيو آھي. ھاڻي جيڏانھن ٿو وڻيس، اوڏانھن پيو ڪاھي).

”بيدل ڀوتار“ پير کان ٿورو رونڊو ھوندو ھو، سو جڏھن قاضي ڪاوڙيو ھئس ۽ معشوقانه انداز ۾ ابتا سبتا لفظ چوندو ھئس، تڏھن ”محبت جو مستانو“ کلي کڻي ماٺ ڪندو ھو. ڇا ڪري:

”ھرچه از دست دوست آيد، خوش آيد“

(جيڪي دوست جي ھٿن کان ٿو اچي سو راحت آھي).

ميان پيرمحمد جو گهر، ننڍن قاضين جي گهٽيءَ ۾ ھو. ان جي سامھون، رستي جي اتر پاسي، وري عاشق جو اوتارو ھو، جتي ھي ”مست الستي“ ھر وقت ديرو دمايو ويٺو ھوندو ھو. سندس اصلي گهر ته ڍڪ بازار جي ڀرسان ھو، جتي اڄ به ساڳيءَ حالت ۾ موجود آھي.

بيدل سائينءَ جو گهڻو وقت بيخوديءَ ۾ بسر ٿيندو ھو، ۽ مولا جي محبت جو ڪيف مٿس ھر وقت رھندو ھو. ننڍي ھوندي کان ئي پنھنجي وجود کي ”مولا جي محبت“ ۾ وڃائي ويٺو ھو. انھيءَ رمز جو سبق سيکاريندي فرمائي ٿو:

”نھين حاجت پڙھڻ پڙھاوڻ دي، سک رمز وجود وڃاوڻ دي“

سچوءَ سرويچ جو سبق پڙھايل ھوس، سو جڏھن اچي بيخودي وٺندي ھيس، ته راڳ ٻڌي، وجد ڪندو ھو. ڪنھن وقت ته اھـــــــــڙو اچــــــي جـــــــار جــــــــاڳنـــدو ھئـــــس، جـــــو پھـــرن جــــــــا پھر پيو ”سرود“ سڻندو ھو. محرم ۾ وري ”تعزين“ ڏسڻ جو شوق اچي ٿيندو ھوس. تعزيا کڻي نڪتا، ۽ فقير صاحب چادر ڪلھي تي رکي، پيراھن جي ٻانھن سان ڳوڙھا اگهندو، گهر کان نڪتو. صبح جو نڪتو، شام جو به موٽي گهر ڪين ايندو ھو. سارو ڏينھن ”تعزين“ جي تماشي ۾ غرق ھوندو ھو. سائين وڏو جھڙو ھو، ”عشق جو اوتار“ اھڙو ئي وري ظاھري علم جو ھو ڀوتار. عربي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي زبانون ته ڄڻ مادري ٻوليون ھيس. جڏھن انھن زبانن ۾ ڪلام چوڻ ويھندو ھو، ته بس درياھه پلٽائي ۽ واھڙ وھائي ڇڏيندو ھو. تصوف مان به واھه جو واقف ھو، ڪيتريون عمديون تصنيفون ڪيائين. مذھب جو به ماڻڪ ھو، طريقو قادري ۽ پيروي ڪندڙ ھو ”امام حنفيءَ“ جي. چوي ٿو:

”فقير عبدالقادر که صوفي و حنفي است“ ........ الخ

طريقت جو پير (”مرشد ) ھوس، ”درازن جو داتا، حضرت سچل سرمست، جنھن لاءِ چوي ٿو:

“عشق جو يارو! درازن ۾، عجب اسرار ھو؛

مست سالڪ مھه ”سچو“، عارف اتي اظھار ھو؛

برھه جي برسات جو، تنھن وير تي وسڪار ھو؛

ظاھر و باطن تنھين وٽ، درد جو ڌڌڪار ھو؛

وجد وحدت جو سدا، خاصو تنھين خمار ھو؛

مرد سو ”منصور“ وانگر، عشق جو اوتار ھو؛

منجھه سخن تنھن جي، اُلوھيت سندو آثار ھو؛

جنگ جذبي، جوش مستيءَ ۾، مثل ”عطار“ ھو؛

پنھنجي رائي پرين، نوي ورھيه نروار ھو؛

وصل جي پوءِ موج ماڻي، ذوق کئون ذخار ھو؛

قربدارن جي ڪٽڪ ۾، مرد منصبدار ھو؛

در تنھين داتا جي، ”بيدل“ پرت جو پينار ھو“.

 

مرشد مريس ٿو، ته ھن طرح ٿو سندس قطعو تاريخ ٺاھي:

”سالک مستانه ”سچو“ چونکه پيوست بحق

عاشق سرمسته ھو بوشته شد تاريخ آن“

                                          سنه 1242ھه

عقائدن جو بيدل ڀوتار نھايت پختو ۽ پورو ھو. انھن جو اظھار سندس ھيٺين قولن مان ظاھر آھي:

(1)الله پاڪ جي ذات شڪ شبھه کان بالاتر آھي.

(2)رسول الله، سڀني نبين جو سردار ۽ برحق آھي.

(3)پنجتن پاڪ ڪنھن به تشريح جا محتاج نه آھن.

(4)چارئي خليفا برحق آھن.

(5)ٻارنھن امام بيشڪ برحق آھن.

(6)اولياءَ مقرب ٻانھا آھن.

(7)چئن طريقن جا امام، دين جا ٿنڀا آھن.

(8)معاويه کي توڙي جو چڱو نٿو سمجھان، تڏھن به بڇڙي چوڻ جي لائق نه آھي.

(9)يزيد، جيئن خلق سمجھيس ٿي، لعنتي آھي.

(10)خليفن ۽ اھلبيتن جو منڪر مردود آھي.

اڄوڪا صوفي، ڪامل تڏھن ڪوٺبا آھن، جڏھن دين کي وسارين، ڀنگن ۽ چرسن ۾ دنيا وڃائين، ۽ بوالھوسن ۾ شان مان خراب ڪن. مگر ”بيدل سائين“ اھو صوفي باصفا ھو، جنھن نه دين وساريو، نه دنيا خراب ڪئي ۽ نه شان مان وڃايو. نماز روزي جو پابند، نشن کان ڪوھين دور، ۽ اخلاقي ڳالھين ۾ ھماليه جبل جھڙو سخت ۽ پختو ھو. سندس اخلاق جي پروڙ، سندس ھيٺئين ڪلام مان پئجي سگهي ٿي _ پنھنجي مولا کي ٿو منٿون ڪري، ۽ پنھنجي الله کي ٿو آزيون ڪري ته:

الاھي! مطلع انوار وحدت ساز جانم را

ز ظلمتھاي کثرت، رستگاري ده روانم را

خيالم را چنان مھميز غيرت زن که از ھرسو

نمايد جلوهﻋ وحدت وجود اين ديد گانم را

ھميخواھم که از يادت، نباشم يکه نفس غافل

بذکر و فکر خود پرداز پنھان و عيانم را

”يعني اي ڌڻي! منھنجي جان کي پنھنجي وحدت جي نور سان چمڪاءِ . منھنجي رڳن کي ڪثرت جي اونداھيءَ کان ڇوٽڪارو بخش. منھنجي خيال کي اھڙي غيرت جي مھميز ڏي جو منھنجي اکين جي کوپن ۾ ھر طرف کان وحدت جو جلوو پيو پڌرو ٿئي. منھنجي آروز آھي ته تنھنجي يادگيريءَ کان هڪ دم به عافل نه رھان. منھنجي ظاھر خواھه باطن کي پنھنجي ذڪر ۽ فڪر سان مشغول رک.“

بيدل سائين جي ڪلام تي اول کان آخر تائين نظر ڪندؤ، ته توھان کي اھو ئي رنگ چڙھيل نظر ايندو، تصوف ۽ عشق الاھيءَ جو ھڪ درياھه بي پايان ڏسڻ ۾ ايندو. خدا جو شان آھي. عجيب مستانو ھو.

مست الست جو شوق دنياوي شونقن شغلن سان اصل ڪين ھو، رات ڏينھن الفت الاھيءَ جي لات پيو لوندو ھو ۽ انھيءَ اوٽار ۾ ھميشـﮧ ٽمٽار رھندو ھو. شادي به مائٽن جي ميڙين ۽ مدارين کان پوءِ فقط ھڪڙي ڪيائين، جنھن مان حضرت بيڪس عرف ”ننڍو سائين“ پيدا ٿيو.

”جھڙو باپ تھڙو بيٽو“. ”بيدل“ ته موجود ھو، وري جو ساڳئي گهر ۾ ”بيڪس“ به پيدا ٿيو، سو گهر ئي روشن ٿي پيو. ميان محمد حسن (بيڪس) به پيءُ وانگر ڄمندي ئي ڄام ٿيو. اڃا ننڍوئي ھو ته پڙھڻ لڳو. استاد(1) ڪير ھو؟ ڪو ”ملا“ ڪونه ھئس، مگر سندس باپ. يعني عاشق يزدانو، حضرت بيدل مستانو. عربي ٿوري سکيو، باقي فارسيءَ جو ڄاڻو ته جھڙس وري ٻيو ڄميو ئي ڪونه. طريقت جو مرشد به پيءُ کي ئي ڪيائين، چوي ٿو _

”’بيدل‘ مرشد منھنجو، ھادي غريب نواز ھو.“

مڙس ظاھري لباس سو لاکيڻون پائيندو ھو، باقي باطن ۾ سو فقير تن ھو. ظاھر ڏيک ويک ۾ مڻيا اصل نه لڪس. پيءُ واريءَ مستيءَ جي سرڪ چکيل ھئس، سو موج ايندي ھيس ته پاڻ به گهنگهرو پائي، يڪتارو کڻي، ڪن تي ھٿ رکي ”...... الو ..... ميان ......“ ڪندو ھو.

”ڪنيي“ نالي ھندو ڇوڪري سان مجازي محبت جو پيوند ھيس. ڇوڪرو بازار ۾ ويٺو برتن ۽ وٽان وڪڻندو ھو. سندس دڪان وٽان جڏھن ”بيڪس“ سائين اچي لنگهندو ھو ته مست ٿي ويندو ھو. رقص ڪري چوندو ھو _ ”ڪنيا ڪول آ ميري ..... الخ“

شــــــادي عــــــزيزن مــــــان ڪــــــيــــــائــــــيــــــن، مــــــگر افسوس جو ”بيڪس“ مان وري ”بيوس“ پيدا ڪونه ٿيو، يعني اولاد اصل نه ٿيس. پاڻ به پور جوانيءَ (1298ھ) ۾ روھڙيائن کي روھه ۾ ڇڏي عدم ڏي راھي ٿيو. پنھونءَ جي پچار ڪندي مرحوم چوي ٿو _

”آھون ۽ دانھون، ويچاريءَ وڏيون ڪيون

وٺيو گس گنگن جان، ڀڳائين ٻاھون

پنھونءَ آڳاھون، سڏ نه سُئا مُٺيءَ جا.“

وري ٿو چوي _

”ڪيچ نه ٻجھي ڪوڪ، ويچاريءَ جو وس ويو

ڦوڙائو فقير کي، پنھونءَ ڪاڻ پيو

لھي ڏينھن ويو، مُٺيءَ کي ماتم ۾.“

چوي ٿو_

”ھينءَ نه لائق ھوءِ، مارڻ مسڪينن کي

ڇوري ڇڏي ڇپرين، متان پڇتائين پوءِ

ھينءَ نه گهريو ھوءِ، جو ’بيڪس‘ کي بيران ڪيئي“

خير، وچ ۾ ”بيڪس سائين“ جي ٿوري، موچاري مقال اچي ويئي. ھاڻي وري ٻڌو ”بيدل سھڻي“ جو مٺو مذڪور. سندس ڪلام جي ڪماليت، ۽ شعر جي شيرينيءَ جو ڇا بيان ڪجي! اُنھيءَ جو مزو ۽ لطف ڪو پڇي انھن فقيرن کان، جيڪي سارو ڏينھن ڪن تي ھٿ رکيو پيا چون _

”سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نھين حاجت پڙھڻ پڙھاوڻ دي.“

سندس ڪلام نه ڇڙو سنڌيءَ ۾ آھي، مگر فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ به آھي، ۽ اھڙو ئي پختو آھي جھڙو پنھنجي مادري زبان جو. فارسي ڪلام ۾ تصوف جا واھڙ وھايل ۽ درياھه پلٽايل آھن. انھيءَ زبان جي ڪلام جو به وڏو ديوان آھي، جيڪو ڳولا سان دستياب(1) ٿي سگهندو، جھڙو فارسي ۽ سنڌي ڪلام، زبان خواھه فن شعر جي لحاظ سان پختو ۽ پورو آھي، اھڙو ئي وري عربي به اٿس. ھن کان ھيٺ اسان سندس ٽنھي زبانن جي ڪلامن جا چند شعر نموني طور ڏيون ٿا_

فارسي ڪلام ملاحظه ڪيو _

يا رب از پيمانهﻋ ”ھو“ سرمست وجدان کن مرا

ميکش از خمخانهﻋ توحيد و عرفان کن مرا

ھمچو طفلان تابکي، بفريبدم نقش و نــــــگـــــار

در مشاھد جلوه اِي، بي کيف حيران کن مرا

[اي رب تعالى! پنھنجي ”ھو“ جي پيالي مان مون کي مست ۽ مدوھوش ڪري ڇڏ. مون کي ھيڪڙائيءَ ۽ ڄاڻ جي ڪلالخاني جي سرڪيءَ جو شائق بڻاءِ. مان ڪيستائين ٻارن جيان ظاھري رنگن روپن ۾ ٺڳيو رھندس. پنھنجي جلوي جي مشاھدي ۾ مون کي بنا نشي حيران ڪر.]

”زاھد از مسجد يکبار به ميخانه در آ

عھد و پيمان شکن و طالب پيمان در آ

تا شود بردلت اسرار شھودي مکشوف

در شبستانهﻋ توحيد چو پروانه در آ

نام و ننگ از شود ت مانع از مستيﻋ عشق

عقل را خانه بھم برزن، ديوانه در آ

چند در مدرسه خواني سبق بيدردي؟

سوز از شمع بياموز بکاشانه در آ

مفتيﻋ عشق بميخوار چنان فتوا داد

بادهﻋ وحد کش و بيخود و مستانه در آ“

[اي زاھد! ھڪ دفعو مسجد مان شراب خاني ۾ اندر اچ. انجام ۽ واعدا ڀڃي ڇڏ ۽ (شراب جي) پيالي جو طالب ٿي اندر اچ، تان جو تنھنجي دل تي لڪيل اسرار ظاھر ٿئي. توحيد جي چمڪندڙ ڪمري ۾ پرواني وانگر اندر اچ. جيڪڏھن ننگ ۽ ناموس عشق جي مستيءَ کان منع ڪري، ته عقل جي گهر کي ڀڃي ڇڏ ۽ ديوانن جيان اندر اچ. ڪيستائين تون مدرسي ۾ ويھي بيدرديءَ جو سبق سکندين؟ بتيءَ کان سوز سک ۽ گهر جي اندر اچ. عشق جي مفتيءَ شراب پيئندڙ کي ھيءَ فتوى ڏني (آھي)_ ”ھيڪڙائيءَ جو شراب پيءُ ۽ بيخود ۽ مستانو ٿي اندر اچ.]

عربي شعر جي شيريني پسو _

حرفت العمر جھلاً في الخطايا حسبتک معجباً خيرالــــورايا

فـــــلا تـــــنس البدايته و النھايته          از استکبرت عجباً با لھوايا

ھاڻي وري سنڌيءَ جي سوکڙي ڏسو _

 

’بيڪس‘ ڪاڻ ڀنڀور ۾، آرياڻي تون اچيج

ھيءَ جا تنھنجي آسري، تنھن جي سار لھيج

نماڻيءَ جي نجھري، پيھي حال پڇيج

سوز عشق جو سپرين، بھرو ڪو بخشيج

پنھونءَ ھٿئون پانھنجي، وحدت واٽ وٺيج

محويت ڏي مون پرين، ”بيدل“ کي منھن ڏيج

*    *    *     *

ڳولا ڪرين جنھن جي، سو تون آھين پاڻ

پاڻ ڪنا پاسي ڪيو، توکي تنھنجي ڄاڻ

پنھنجو پاڻ سڃاڻ، تون ناھين آدمي

 

ڳولا ڪرين جنھن جي، سو ئي تون سلطان

پيھي پس تون پاڻ ۾، پنھنجو سر سڃاڻ

ناحق ٿي نادان، ليا وجھين ٿو لوڪ ۾.

 

ڳولا ڪرين جنھن جي، ساڳيو تون سو ئي

جي پاڻ پروڙين پنھنجو، ته ناھين ٻيو ڪوئي

ھي، ھو، ھڪوئي، سڏ پڙاڏو سمجھه تون.

عشق جو اوتار، صوفين جو سردار، ۽ مجاز جو مھندار، سائين ”بيدل“ ڀوتار، اھي لاتيون لوين، بلبل جيان باتيون ڪري، ساريءَ سنڌ کي روئندو ڇڏي، پاڻ (16 ذوالقعد، سنه 1289ھه) جو، ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري، وڃي بھشت جي بستان ۾ نغما نوازيون ڪرڻ لڳو. (انا لله و انا اليه راجعون)

”حق مغفرت کري، عجب آزاد مرد تھا!“

عاشق جي آخري آرامگاھه، روھڙيءَ جي ڏکڻ طرف، شھر جي ٻاھران، ۽ ريلوي لائين سان لڳولڳ، اڄ تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جتي ھزارين معتقد، عقيدت جي گلن جي ورکا ڪرڻ لاءِ، ھر وقت پيا ھيرا ۽ ڦيرا ڏيندا آھن. مقام ۾ ھڪ قبو جڙيل آھي، جنھن ۾ ڪاٺيءَ جي ڪٽھڙي اندر ٽي تربتون آھن. انھن مان وچين ”بيدل سائين“ جي ۽ ٻاھرين مان ھڪ ”بيڪس سائين“ جي ۽ ٻي فقير عبد الله ”آخوند“ جي آھي. ”بيدل سائين“ جي تربت تي ھيٺيون ڪتبو لڳل آھي _

رحلت  نمود: تاريخ وفات مرحوم فقير ميان قادر بخش وا ! دريغا که سالک کامل راند ناگه ز دار دنيا رخش ھاتفم گفت سال رحلتش بود ”طالب وحيد قادربخش“

                                سنه 1289ھه

اھي سالڪ سچا، ۽ صوفي با صفا، توڙي جي اڄ دنيا مان بظاھر ھليا ويا آھن. ۽ اسان جي ڏسڻ کان پري آھن، مگر حقيقت ۾ ھو اڃا تائين موجود آھن، ۽ اسان پنھنجي دلين ۾ انھن کي ڏسي سگهون ٿا _

اي ھم نفسان ز محفل ما     رفتيد! ولي نه از دل ِ ما

[”سنڌو“ _ سيپٽمبر، 1933ع]


(1)  غلام محمد مرحوم جو پوٽو، رسول بخش زنده آهي، ڪجهه وقت سول ڪورٽ ۾ منشي به هو. غلام محمـﮧ سنه 1261هه ۾ وفات ڪئي.

(1)  روهڙيءَ ۾ موٽي اچي ويهڻ جي تاريخ هيٺئين قطعي ۾ بيان ڪئي اٿائين:

”فقير ”عبدالقادر“ که صوفي و حنفي است،

فگندم چه سکونت بقصبهء لهري*“ (*روهڙيءَ جو قديم نالو)

                          1        2                 6       5

به يکهزار دو صد شصت پنچ کرد رقم  (1265هه)

                            سطور چند به ترتيب نغز نـــــــظم دري“

 

(2)  پير محمد، قاضي ميان گل محمد جو فرزند هو. سندس وصال ”بيدل سائينءَ“ جي وفات کان 3 سال اڳ ٿيو. ان جا پوٽا، ميان غلام علي، غلام نبي ۽ غلام مصطفيٰ اڄ تائين جيئرا آهن. ميان پير محمد، فقير صاحب جو فارسي ديوان پنهنجي اکرن ۾ اُتاريو هو، جيڪو اڄ به سندس پوٽن وٽ موجود آهي. قاضي حميدالدين ناگوريءَ جو ”عشقيه“ بيدل پنهنجي اکرن ۾ اُتاريو هو، ۽ جو 100 کن صفحا هو. سو به مٿين قاضين وٽ آهي.

(1)  آخوند عبدالله (بيدل جي سـﺆٽ) کان به سبق سکيا هئائين، جنهن جو مڪتب ”بيدل“ جي اوطاق ۾ هوندو هو. سندس مزار ”بيدل“ جي پهلوءَ ۾ اولاهين پاسي کان آهي. اُن جي لوح تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي_

هو الڪويم

”لا الله الا الله محمد الرسول الله“

تاريخ وفات مرحوم فقير ميان عبدالله

وه معلم و فقير حق آگاه              گــــــل گــــــلـــــزار فيض عبدالله

يــــــــوم يــــــــکشــــنبه پنجم              کرد رهلت ”بجنب باغ ارم“

                                                   سنه 1301هه

غلام حيدر ولد قاضي پير محمد (مجازي استاد حضرت ”پيـدل“) هيٺين قطعي مان آخوند جي وفات جو سن ڪڍيو آهي.

در مکـــنون فـــــيــــــــاض عبـــــدالله    بــــود معلم فقير فيض آگــــاه

گشت  عارج به عاشيان مکان    هــــاتفم گفت سال شاه زمان

            ”بيست يکشنبه ماه بود پنجم    سه بجه رفت گل ز باغ ارم“

(1)  ديوان جو هڪ نسخو قاضي پير محمد جي هٿ اکرين لکيل، قاضيءَ جي پوين وٽ لڀندو ٻيو هڪ نسخو روهڙيءَ ۾ قاضي جان محمـﮧ ولد ميان عبدالڪريم وٽ آهي، جتان اسان کي شعر هٿ آيل آهن، جنهن جي آخر ۾ هي نوٽ لڳل آهي_

”...... فدوي علي بخش بن لعل بخش بن فقير ڇتن مغل، ساڪن روهڙي، بتاريخ خامس، شهر صفر المظفر، يوم الاحد، سنه يکهزار سه صد وبيست و يکم، هجريه مقدسه، بنواخت. چهار ڪلاڪ روز صورت تحرير يافت“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com