سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :38

 

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي

خانداني پس منظر

        مير علي شير پنهنجو نسبي سلسلو هن طرح بيان ڪيو آهي: ميرعلي شير، بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثاني، بن سيد ظهيرالدين والاسلام المعروف بـﮧ سيد جادم اول، بن سيد قاضي شڪر الله شيرازي، بن سيد وجهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاه، بن امير سيد نسيم الدين محمد المعروف بـﮧ مير ميرڪ شاه، بن امير سيد عطا الله جمال الدين محدث، بن امير سيد فضل الله المحدث الحسيني الدشتڪي (1) الشيرازي.

        مير صاحب پنهنجن مٿين بزرگن جو ذڪر ”تحفـة الڪرام“ جي ٻئي جلد ۽ ”مقالات الشعرا“ ۾، پنهنجي سوانح جي ضمن ۾ ڪيو آهي. ”تحفـة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾، قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين، خاندان جي سنڌي افرادن جو احوال لکيو اٿس.

        پنهنجن ايراني بزرگن جي سلسلي ۾، مير صاحب جا ماخذ تاريخ ”حبيب السير“، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن، جن تان هن صاحب پنهنجا خانداني حالات نقل ڪيا آهن.

        مناسب آهي ته ميرصاحب جي سوانح حيات سندس بزرگن جي مختصر احوال سان شروع ڪئي وڃي، ته جيئن پڙهندڙ، مير صاحب جي حالات پڙهڻ کان اڳ، سندس خانوادي جو علمي پس منظر ذهن نشين ڪن.

       (1) السيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله (بن سيد عبدالرحمان، بن سيد عبداللطيف، بن سيد جلال الدين يحييٰ محمد الحسيني) تفسير، حديث، ۽ فن انشا جو جيد عالم ۽ پنهنجي زماني جو فاضل ترين بزرگ هو. ”حبيب السير“ جي مصنف، جنهن ادب ۽ احترام سان هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو سندس ئي لفظن ۾ پڙهڻ جي لائق آهي.

_”بصفت اصالت و وفور جلالت و نباهت شان، و قدم دودمان موصوف و معروف بود، و بوفور زهد و تقويٰ و دينداري و غايت ديانت و پرهيزگاري، از اکثر علما و سادات بني آدم ممتاز و مستثنيٰ مينمود. زبان گهرافشانش مغسر حقايق صحف آسماني، و بيان بلاغت نشانش مبين دقايق کتب سبحاني، باطن خجسـة ميامنش مظهر آثار ولايت و رشاد، و خاطر فرخنده ما ثرش مهبط انوار هدايت و ارشاد، و بي شائبه مدح گستري آن مهر شريعت پروري، در علم تفسير و حديث و انشا و تاليف شبيـﮧ و نظير نداشت.“ (1)

        سيد صاحب، سلطان ابو سعيد جي زماني (855_872هه) ۾، شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ بادشاه جي تحريڪ تي هفتي ۾ هڪ دفعو مدرسهﻋ گوهر شاد آغا ۾ وعظ فرمائيندو هو. اهڙيءَ طرح، هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ ميلاد جي مجلس منعقد ڪري، حضور صلعم جن جي سيرت پاڪ اهڙي دلنشين پيرايي ۾ بيان فرمائيندو هو. جو سامعين جي تاثر جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ٿيندي هئي.(2) سندس تصنيفات ۾ هيٺين ٻن ڪتابن شهرت دوام حاصل ڪئي:

(1)”شرح درج الدرر“ (بر ”سير سنيـﮧﻋ خيرالبشر“)

(2) ”ڪتاب مزارات هرات.“

پوئين ڪتاب لاءِ صاحب ”حبيب السير“ جو قول آهي ته

_”درميان افاضل اقطار جهان مشهور است، و صحت روايت وبلاغت عبارت آن نسخه بر السنـﮧ و افواه خلايق مذکور.“

        سيد صاحب جو انتقال، سلطان حسين بايقرا جي دؤر ۾، 17 جمادي الاخر  (3) سنه 773هه ۾ ٿيو. سلطان حسين سندس اولاد لاءِ جا گيرون مقرر ڪيون، مير علي شير سندس ٻن فرزندن جو نالو کنيو آهي: سيد صفي الدين محمد ۽ سيد برهان الدين محمد.

       (2) سيد الحڪما و المدققين امير صدرالدين محمد شيرازي (”ابوالمعالي“ ڪنيت؛ ”صـــــــــــــــــــدرالعلما“ ۽ ”صــــــــــدرالحقيقـة“ لقب) سندس والد جو نالو امير غياث الدين منصور هو، جنهن لاءِ ”حبيب السير“ جي مصنف جو قول آهي ته

_”درسلک سادات عالي نسب مملکت فارس انتظام داشت، و مرجع اشراف داعيان بوده؛ پيوستـﮧ نقش خيرخواهي بر الواح خواطر آدميان مي نگاشت.“

        امير صدرالدين، مولانا قوامالدين گلباريءَ وٽ علومن جي تحصيل ڪئي.(1) جنهن کان پوءِ شيراز ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو _ ”مدرسهﻋ منصوريه“_ ٺهرائي، ان ۾ درس جو سلسلو شروع ڪيائين. ”حبيب السير“ ۾ آهي ته

_”صفت بالاعزاز بنشر علوم محسوس و مفهوم قيام و اقدام مينمود، و بجودت طبع و دقت ذهن از جمبع علماي متبحرين و فضلاي متاخرين ممتازو مستثنيٰ بود(2).“

        انهيءَ مدرسي ۾ هزارن طالبعلمن، ۽ ستون ذوق رکندڙ ٻين صاحبن، علم حاصل ڪري، دين ۽ دنيا ۾ سرخروئي حاصل ڪئي.

        ”مجالس المومنين“ جي صاحب جو انهيءَ بزرگ لاءِ قول آهي ته ”حديث جو جيّد عالم ۽ حافظ هو. علوم حڪميه ۽ شمسيه ۾ دنيا جي عظيم ترين حڪما جي درجي تائين پهتل هو. جن بزرگن کان پاڻ تعليم ۽ فيض پرايائين، سي سڀ پنهنجي دؤر جا بينظير عالم هئا، جن جي استادن جا سلسلا بو علي سينا، ملاقطب الدين، علامه شيرازي، سلطان المحققين خواجه نصيرالدين طوسيءَ، امام غزاليءَ، امام فخرالدين رازيءَ ۽ علامه شيخ جمال الدين حسن جهڙن بزرگن تائين پهتا ٿي.(1)

        مولانا جلالالدين دوانيءَ ۽ سيد صاحب جي وچ ۾ علمي نڪتن تي اختلاف ٿيندا رهندا هئا، ليڪن منهن سامهون بحث ڪرڻ جي هام محقق دوانيءَ ڪڏهن نه ڀري، البت اختلافي مسئلن تي هن صاحب ڪيترا رسالا لکيا، جن مان ”حواشي تجريد“ ۽ ”حواشي مطالع“ مشهور (2) آهن_

اهڙيءَ طرح وقت جي ٻين عالمن به سيد صاحب سان ڪڏهن مناظرو ڪونه ڪيو.

        ”حبيب السير“ هيٺيان ڪتاب سندس تصنيف ڪيل لکيا آهن:

(1) ”رساله تحقيق علم در اثبات واجب“؛ (2) ”حاشيه شرح شمسيه“؛(3) ”حاشيه مطالع“؛ ۽ (4) ”حاشيه تجريد“.

        مير ’قانع‘ انهن چئن ڪتابن سان گڏ هيٺين تصنيفات جو به ذڪر ڪيو آهي:(1)

(5)”حاشيه بر ’اوائل شرح مختصر اصول_ ابن صاحب‘“؛ (6)”حاشيه بر ’ڪشاف‘“؛(7) ”رساله در حل مغالطه“؛ (8)”رساله در علم فلاحت“؛ (9)”رساله در علم معرفت قوس قزح“؛ ۽ (10) ”تعليمات برفقـﮧ شامي“.

        سيد صاحب جو ڄَم 2 شعبان 828هه اڱاري ڏينهن ٿيو، ۽ 12 رمضان 903هه ۾ جمعي ڏينهن کيس ديار بڪ جي ترڪمانن هٿان شهادت نصيب ٿي.(2)

       (3) خاتم الحڪما امير غياث الدين منصور ثاني: هيءُ بزرگ امير صدرالدين جو صاحبزادو هو. سنه 900هه ۾ سندس ولادت ٿي. پنهنجي والد محترم جي خدمت ۾ رهي تحصيل علوم ڪيائين، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فارغ ٿي، درس جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس علمي مرتبي ۽ شان جو ذڪر ڪندي، صاحب”حبيب السير“ هيٺينءَ طرح سندس تعريف ڪري ٿو:

_”آنجناب حالا بوفور علم و دانش در اطراف و اکناف عالم بغايت مشهور است، و مهارتش در فنون حکمي و رياضي ضرب المثل جمهور علماي نزديک و دور “(1)

        سيد صاحب جي رياض دانيءَ، ۽ طبي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي، نورالله شوستري لکي ٿو ته ’ارسطو ۽ افلاطون، بلڪ سڄي دنيا جهان جا حڪيم ۽ طبيب جيڪڏهن سندس دؤر ۾ هجن ها، ته هوند سندس معتقد ۽ نيازمند بڻجي وڃن ها!“

_”ارسطو وا افلاطون بلکه حکماي دهر قرون اگر در زمان آن قبلهﻋ اهل ايقان بودندي، مفاخرت و مباهات در سلک مستفيدان و ملازمان مجلس عاليش نمودندي(2).“

        ”حبيب السير“ جو مصنف، سيد موصوف جو معاصر ۽ واقف هو. نورالله شوستريءَ جي قول کي جيڪڏهن مبالغو سمجهيو وڃي، تڏهن به ”حبيب السير“ جي مصنف جي راءِ، سيد صاحب جي علمي بلنديءَ ۽ برتريءَ لاءِ ڪافي وزندار آهي.

        سيد صاحب ڪجهه وقت هرات ۾ مقيم ٿي، صدارت جو بلند مرتبو ماڻيو. عراق کان جڏهن مجتهدالزمان شيخ علي بن عبدالعالي هرات آيو، ان وقت بادشاهه جي سامهون، عدم تقليد جي مسئلي تي شيخ ۽ سيد صاحب جو مناظرو ٿيو. بادشاهه ڄاڻي واڻي مجتهد جو طرف ورتو، جنهنڪري سيد صاحب ناراض ٿي، صدارت جي عهدي تان استعفا ڏيئي شيراز هليو آيو.

        ”حبيب السير“ جي تصنيف وقت سيد صاحب پنهنجي والد واري ”مدرسهﻋ منصوريه“ ۾ درس ۾ مشغول هو، ۽ بقول مصنف:

_”به افاده قيام مي نمايد، و گوش و هوش طلبهﻋ علوم را از نتائج درياي طبع نقاد خود مي آرايد.“

        47 ورهين جي جوان عمر ۾، سيد صاحب 948هه ۾ انتقال ڪيو. ”حبيب السير“ جي مصنف سندس تصنيفات جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، البت مير ’قانع‘ ”مجالس المومنين“ تان سندس انهن ٽيهن ڪتابن جا نالا نقل ڪيا آهن(1)، جيڪي نورالله شوستريءَ پاڻ ڏٺا ۽ پڙهيا هئا. هن ڪتاب جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته ’اُنهن کان سواءِ به سيد صاحب جا تصنيف ڪيل ڪتاب ڪيترا آهن، جيڪي سندس نگاهه تائين پهچي نه سگهيا(1).

        مير صاحب جي شعر سخن سان به دلچسپي هئي؛ سندن هيٺيون شعر مثال طور ”مجالس المومنين“ ۾ نقل ٿيل آهي:

_هر کجا بي هنري هست بدومي بخشند،

بيشنر زانکه ز ايام تمنا دارد.

        مير علي شير سندس ٻن فرزندن جا نالا ڏنا آهن: (1) مير شرف الدين علي (2) مير صدرالدين محمد.

       (4) السيد الاجل امير جمال الدين عطاالله (2) (بن سيد فضل الله المحدث): سيد صاحب، مير اصيل الدين جو ڀائٽيو ۽ مير علي شير جي ڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو هو. ”حبيب السير“ جو صاحب، حسب دستور هن بزرگ جي تعريف ۽ توصيف ۾ به رطب السان نظر اچي ٿو. هڪ جاءِ تي چوي ٿو:

_”آنحضرت، مانند ام بزر گوار خويش امير سيد اصيل الدين، در علم حديث بي نظير آفاق گشته اند؛ و در ساير افسام علوم دينيـﮧ و انواع فنون يقينه از محدثان باستحقاق در گذشـة اند.“

ٻيءَ جاءِ تي جنهن طريقي سان سندس تعريف ڪري ٿو، سا پڻ سندس ئي عبارت ۾ پڙهڻ جي لائق آهي:

_”سدهﻋ سنيـﮧ اش، ملاذ طوايف اکابر و اشراف انام است، وعتبـﮧﻋ عليـﮧ مجمع اعاظم اولاد امجاد خير الانام، لوح ضمير مهر تنويرش مُطرح اشعـﮧﻋ انوار اسرار کتب الاهي و صحيفـهء خاطر عالي ماثرش مهبط لوامع حقايق اخبار حضرت رسالت پناهي، گنجينهﻋ سينه اش بجواهر زواهر علوم مشحون، و عقود در کلمات در رّ مخزن باطن خجسـة ميامنش مخزون، نيّر شمايل نبوي از مشارف جمال خجسـة ماابش طالع و شعشـﮧﻋ آثار فضائل مرتضوي از مطالع خصايص علم و کمالش لامع، راي عالم آرائش کشاف اسرار معالم تنزيل، و طبع مشکل کشايش حلال معضلات موافف تاويل.

زبانش مظهر اسرار تحقيق

ضميرش مظهر انوار توفيق

ز توضيح بيانش گشـة روشن

بر اهل علم هر مشکل ز هر فن

جملل دين مزين ز اهتمامش

علوم شرح واضح از کلامش (1)

        سيد صاحب جو مشغلو، پنهنجي بزرگن وانگر، درس تدريس هو. مدرسـﮧﻋ سلطانيه هرات جي انهيءَ گنبد ۾، جنهن ۾ پوءِ سلطان حسين بايقرا دفن ٿيو _ سندس مدرسو هو. ڪجهه سالن بعد وري خانقاه اخلاصيه (2) ۾ درس ڏيندو رهيو. هفتي ۾ هڪ دفعو پنهنجي چاچي امير اصيل الدين جي مسند تي، جامع مسجد هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي به مجلس ڪندو هو.

        صاحب ”حبيب السير“ (880_941هه) جو قول آهي ته ’هن وقت پاڻ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري ٿو. وعظ جي مجلس به بند ڪري ڇڏي اٿائين ۽ سندس سمورو وقت طاعت ۾ عبادت الاهيءَ ۾ گذري ٿو:‘

_”سلاطين ايام، و حکام اسلام، باقدام ارادت و اعتقاد و ملازمت آنحضرت را بر ذمه همت واجب ميداند، و در ترفيـﮧ حال و فراغ بال خدام عالي مقامش طريقـﮧﻋ اشفاق مبذول ميدارند، بر آنچه ميتوانند.“

        ”حبيب السير“ جي مصنف سندس هڪ تصنيف_ ”روضـة الاحباب في سيرة النبي والال والاصحاب“_ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو ته ’سڄي آفاق ۾ مشهور آهي ۽ انهيءَ تصنيف جو مثال ملڻ مشڪل آهي‘:

_”در اقطار آفاق اشتهار تمام دارد، و بي شائبه شبـة عقل دراک نظير ان کتاب افادت ماب را در آئينـﮧﻋ خيال امر حال مي شمارد.“

”تحفـة الڪرام“ م سندس هيٺين ٻن تصنيفن جو به ذڪر آهي: ”تحفـة الاخبار؛ ۽ رياض السير“(1).

        سندس انتقال جو سال معلوم ٿي نه سگهيو؛ جنهن وقت ”حبيب السير“ تصنيف ٿي رهيو هو، ان وقت پاڻ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو(2).

       (5) امير نسيم الدين محمد مئروف به ميرڪ شاهه:

مير جمال الدين جو فرزند رشيد، ۽ پنهنجي والد محترم جهڙو ئي علم ۽ عمل ۾ يگانو هو. حديث ۾ خاص طرح کيس درڪ هو؛ ”حبيب السير“ جو قول آهي ته

_”در تکميل علوم و فنون سيما علم حديث يگانهﻋ زمانه اند.“

        پنهنجي والد بزر گوار جي مسند تي، مدرسـﮧﻋ سلطانيه ۾ درس ڏيندو هو، ۽ هزارين طالب عالم وٽانئس فيضياب ۽ بهره مند ٿي(3).

       (6) سيد عرب شاهه، (7) سيد نعمت الله، (8) سيد وجهه الدين:

        سيد عرب شاهه، امير نسبم الدين جو فرزند، ۽ ان جو فرزند سيد نعمت الله ۽ ان جو صاحبزادو سيد وجهه الدين هو. اهي ٽيئي بزرگ به هرات ۽ شيراز ۾ پنهنجي بزرگن وانگر علومن جي نشر و اشاعت ۾ زندگي بسرڪندا رهيا.

       (9) قاضي سيد شڪرالله شيرازي (ولد سيد وجهه الدين): اهو بزرگ ترين انسان هرات کان قنڌار آيو، ۽ اُتان سيد شاهه مبين، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله سان سنگتي ٿي، سال 927هه ۾ ٺٽي پهتو.

        اهي چار ئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن چراغ هئا، جن نه فقط ٺٽي شهر کي، بلڪ سموريءَ سنڌ کي پنهنجي عمل ۽ علم جي ضيابارين سان منور ڪري ڇڏيو. اڄ صديون گذري ويون، ليڪن سندن مقابر اڄ به موڙهل ۽ منجهيل انسانن جي حاجت روائيءَ ۽ مشڪل ڪشائيءَ لاءِ مرجع ۽ مرڪز آهن (1)

        سيد شڪر الله ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان ٺٽي جي شڪرالاهي ساداتن جو سلسلو هليو، ۽ اهائي اها موتين جي لڙهي آهي، جنهن جو هڪ دُ ر شاهوار، سنڌ جو لافاني مـؤرخ بيمثل تذڪره نگار ۽ بي بدل شاعر، مير علي شير ’قانع‘ هو.

        سيد صاحب جا مراسم شاه بيگ ارغون جي گهراڻي سان غالباً هرات ۾ پيدا ٿيا؛ ۽ جڏهن بايقرا جي وفات بعد، هرات جي محفل درهم برهم ٿي؛ شيبانيءَ، شاه اسماعيل صفويءَ ۽ بابر جي معرڪه آرائين، ملڪ جو اهو حصو تيغ زني ڪندي ڪندي، تاراج ۽ تهه ابالا ڪري ڇڏيو؛ تڏهن انهيءَ تعلق سبب سيد صاحب شاهه بيگ وٽ قنڌار آيو؛ ۽ جڏهن سنڏ شاهه بيگ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ئي مستقل بود و باش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، تڏهن سيد صاحب به پنهنجي ٽنهي سنگيتن ۽ پنهنجي فرزند ارجمند سيد ظهير الدين سان گڏجي، ارغونن جي دارالسلطن ٺٽي ۾ اچي قيام پذير ٿيو.

        شاه بيگ ته چند مهينن بعد گذاري ويو، ليڪن سندس جانشين شاه حسين جو تعلق ۽ اعتقاد ساڳيءَ طرح سيد صاحب سان رهيو. هن سيد صاحب جي علم، فضل، ديني عظمت ۾ بزرگيءَ سبب کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان پهريون شيخ الاسلام بڻائي سڄيءَ سنڌ جو منصب قضا سندس سپرد ڪيو. هر چند سيد صاحب انهيءَ منصب لاءِ مناسب ۽ لائق هو، بلڪ جيڪڏهن ائين چئجي ته سيد صاحب جي دات سبب انهيءَ عهدي جو خود شان ۽ مان وڌيو، ته بيجا نه ٿيندو؛ ليڪن منصب ۽ ان جي فرائضن جون پابنديون سيد صاحب جي افتاد طبع جي خلاف هيون، تنهنڪري ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب علحدگي اختيار ڪري، رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪئي(1).

        سيد صاحب جنهن محلي ۾ ٺٽي اندر اچي قيام ڪيو، اهو اُن وقت انهن انصارن جو محلو هو، جيڪي شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏجي برهانپور مان ٺٽي آيا هئا. سيد صاحب پنهنجي فرزند سيد مير ظهير الدين والاسلام_ معروف به مير جادم_ جي شادي، انهن انصارن مان ڪرائي، جنهن مان گويا ٺٽي جي شڪرالاهي ساداتن جو نسل نروار ٿيو. انصارن جي انهيءَ قبيلي جو اڳتي هلي نسل ختم ٿي ويو ۽ محلي جو نالو بدلجي شڪرالاهي ساداتن جي نالي تي مشهور ٿي ويو. اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي پسماندن جو انهيءَ ئي محلي ۾ قيام آهي.

        سيد ظهير الدين جادم لاءِ مير علي شير لکي ٿو ته ’درس تدريس سندس ظاهري مشغلو هو، ليڪن باطني طرح فقيري ۽ سلوڪ سان لئون لڳل هيس.‘

_”ظاهرش بتقويٰ و تشرع و تدريس، و باطن بسلوک راه تقر و سبيل سنت اجداد مصروف بود(1).“

        سيد ظهير الدين ٻه فرزند يادگار ڇڏيا: هڪ سيد شڪرالله ثاني ۽ ٻيو سيد عبدالرحمان. مير علي شير ’قانع‘، سيد ظهير الدين جي وڏي فرزند سيد شڪرالله ثانيءَ جي اولاد مان آهي_ جهڙيءَ طرح ابتدا ۾ اسان شجرهﻋ نسب ڄاڻائي آيا آهيون.

مير علي شير ”قانع“

       ولادت: ميرعزت الله بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهير الدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثانيءَ کي، ڇهه پٽ ٿيا: سيد فخرالدين، سيد يارمحمد، سيد محمد امين، سيد محمد صلاح، سيد مير ضياءُ الدين”ضيا“، ۽ مير علي شير ”قانع“(2). مير علي شير 1140هه ۾ اکيون کوليون_ ”خلق انسانا من السلالـﮧ“ مان اهو سال بر آمد ٿئي ٿو.

        اهو زمانو، ميان نور محمد جي حڪومت جو هو_ کيس پنهنجي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مسند تي ويٺي پورا ڏهه ورهيه ٿيا هئا، جو مير صاحب ڄائو.

        هندستان جي مغل سلطنت جو شيرازو، عالمگير جي وفات کان پوءِ، ڪثيرالتعداد شهزادن جي باهمي خون خرابي ۽ هڪٻئي سان جنگ و جدل، منتشر ڪري ڇڏيو هو_ جنهنڪري مرڪزي حڪومت جو ڪوبه وقار باقي ڪونه بچيو هو، ۽ هندستان جي متحد سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي، مختلف خود مختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪي هئي.

        سنڌ جو به تعلق تقريباً ڏيڍ سـؤ سالن کان دهليءَ جي مغيله مرڪز سان هو. تنهنڪري هتي چون حالتون به ٻارهين صديءَ جي شروع کان ئي بدلجي چڪيون هيون. سنڌ تي دهليءَ کان ايندڙ گورنر، مرڪزي بادشاهت جي روزانه تبديلين سبب، پنهنجي قوت ۽ اقتدار، جنهن جي آڌار تي سنڌ سندن قبضي ۾ رهندي ٿي آئي، وڃائي ويٺا هئا، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ ۾ مرڪز کان آزاد ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي. ڪلهوڙن جي هڪ مقامي خاندان، جنهن کي نه فقط زمينداري زور ۽ قبيلي جي قوت پٺيان هئي، بلڪ پيريءَ ۽ روحاني رهبريءَ سبب به سڄيءَ سنڌ تي تسلط حاصل هو، آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾ ڀلئون ڀل حصو ورتو.

        مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ ۽ انتظاميءَ ابتريءَ جو فائدو وٺندي، سڀ کان پهريون ميان يار محمد اپر سنڌ جو پاسو مرڪز کان سالياني ڍل تي وٺي، پنهنجي قبضي ۾ ڪيو؛ جنهن کان پوءِ ستت ئي سندس جاءِ نشين، ميان نور محمد، لوور سنڌ به ساڳين شرطن تي حاصل ڪري، ملڪي آزاديءَ واري خواب کي تعبير بخشيو.

        مير علي شير يارهن ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن 1151هه ۾ ميان نور محمد اهو تاريخي قدم کنيو، جنهن کان پوءِ مغلن جو براه راست تعلق سنڌ سان قطع ٿي ويو.

        آزاديءَ جي ٻئي سال تي سنڌ کي هڪ اوچتيءَ آفت سان سابقو پيو، ۽ هندستان جي مغل سلطنت تي ته گويا ڪاري قيام ٽٽي پيئي، محمد شاه بادشاه، جنهن کي تاريخ ۾ عام طور ”رنگيلي“ جي مباسب ۽ موزون عرف سان ياد ڪيو وڃي ٿو، شاهجهان واري تخت طائوس تي جلوه گر هو. ايران جو نو دولت، جابر ۽ قهار حڪمران نادرشاه، وڏو ڪٽڪ ڪاهي اچي دهليءَ م پهتو. بادشاه بي طاقت، رياستون سڀ جدا جدا، لشڪر حفاظت لاءِ ڪونه، مقابلي جي طاقت نه بادشاه ۾، نه ملڪ ۾_ دهليءَ کي نادرشاه نه فقط لٽيو ۽ ڦريو ، بلڪ اهڙي خونريزي ڪيائين، جو انساني نسل قطع ٿيڻ تي اچي پهتو! ڪنهن خدا جي بندي دلسوزيءَ مان ڏانهس لکي موڪليو:

کسي نماند که او را به تيغ ناز کشتي،

مگر که زنده کني خلق را و باز کشي!“

        جنهن کان پوءِ ايران جي انهيءَ خونخوار حمله آور کي رحم آيو، ۽ باقي بچيل انسانن جي جان بخشي ڪري، تلوار مياڻ ۾ وڌائين.

        دهليءَ کان موٽندي، نادرشاه سنڌ ۾ به آيو. دهليءَ جي خبرن پوري ملڪ کي دهشت زدو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ به لرزه براندام هئي. نادرشاه جڏهن اچي لاڙڪاڻي ۾ لٿو، تڏهن سموري سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ”نادر ته پٺيان ڪونه اٿئي“؛ ”نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ“؛ ”نادر حڪم“_ اهي ۽ ٻيون اهڙيون عام چوڻيون اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن، ۽ انهيءَ دهشت انگيز دؤر ڏانهن حافظي جا ورق ورائن ٿيون. ”ياد باد زماني که قيامت است“_ به ڪنهن شاعر انهيءَ دؤر جي تاريخ لاءَ چيو.

        نادر شاه جو مقصد لٽ ڦر ۽ ملڪ جي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جو هو_ انساني خون مان ته دهليءَ واري ڪوس ۾ ئي ڍؤ ڪري چڪو هو! ميان نور محمد عمر ڪوٽ ۾ هو. نادر پاڻ اتي پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪيو. ويهه لک سالياني ڏَن جي به مٿس چٽي رکيائين، ۽ موٽندي سندس عظيم الشان ڪتب خانو به کنيو ويو، ۽ سندس به نور نظر پڻ يرغمال طور ورتيون ويو(1).

        تازي حاصل ڪيل آزاديءَ کان پوءِ، سنڌ کي وري جو هي نئون طوق ايران جي غلاميءَ جو پيو، تنهن ملڪ کي سخت ذهني اذيت پهچائي، ۽ سڄيون خوشيون خاڪ ٿي ويون، نادر جڏهن ايران پهچڻ بعد قتل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻاهرئين شاعر چيو:

”بيک گردشِ چرخ نيلوفري؛

نه نادر بجا ماند ني نادري!“

سنڌي شاعرن پنهنجي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو:

”فنهﻋ نادر چو برون شد زميان،

راحت آمد به همه عالميان؛

خوش خبر هاتف فرمود ز غيب،

”محو شد آفت نادر ز جهان.“

1160هه

اها تاريخ آخوند عبدلقادر ٺٽويءَ چئي. اڌارام ٺٽويءَ فرمايو:

شاه شاهِ نادر ايران ديار،

داشت باغِ دولتش خرم بهار،

تاکه از حکمِ قضا پيک اجل،

نيز بگرفتش عنانِ اختيار؛

بهرِ تاريخ وفاتش عقل گفت،

”رخت بست ازتخت هستي شهريار“

        اهو هو ملڪ جو سياسي ماحول، جنهن ۾ ميرعلي شير زندگيءَ جو سفر شروع ڪري، ٻارهن منزلن تائين پهتو هو.

       تعليم: ٺٿو، جنهن کي سنڌ جا مؤرخ، تمدني بلنديءَ، ثقافتي برتريءَ ۽ علمي اوج اقبال سبب، قرطبه، دمشق، ۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن، سو باوجود دارالسلطنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي به، اڃا تائين سابقه صديق وارين پنهنجي علمي روايتن کي زنده رکيو ٿي آيو. سوين دارالعلوم، اڪيچار خطاب خانا، ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني خواه دنيوي علومن جي نشر و اشاعت لاءِ، رات ڏينهن روشن ۽ آباد هئا.

        مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ،1111هه (1699ع) ۾، هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو، جنهن لٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ’شهر ۾ چار سـؤ دارالعلوم موجود آهن، جن ۾ هزارين طالب علم، رات ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن.‘

        انهيءَ زماني جي ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم حاصل ڪئي ۽ تربيت پرائي. پنهنجي تعليم جي روئداد ڪانه لکي اٿائين؛ البته، ضمني طرح، جن چند استادن جو ذڪر ڪري ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني جي جيد استادن ۽ عالمن کان هن سبق ورتا.

        ميان نعمت(1) ۽ ميان صادق(2)، ميان عبدالجميل(3) جا فرزند ۽ پنهنجي دؤر جا جيد عالم ۽ ديني ۽ دنيوي علومن ۽ ۾ ڪامل هئا. ٻنهي بزرگن جو مشغول درس تدريس هو. مير صاحب ٻنهي بزرگن جي مدرسي ۾ پڙهيو. ”مقالات الشعرا“ ۾ هڪ هنڌ پاڻ فرمائي ٿو ته

_”فقير بخدمتِ هر دو صاحبان نسبتِ تلميذي دارد(1).“

محمد صادق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته

_”فقير کيه کمين تلامذهﻋ ايشان است(2).“

        ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘ کان وٺي ’شرح ملا‘ تائين تعليم ورتائين(3)، ميان محمد صادق وٽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين، انهن لاءِ ڪجهه ڪونه لکيو اٿائين. انهن ٻنهي بزرگن جو مدرسو ”مقالات الشعرا، جي تصنيف واري سال تائين نهايت عمدگيءَ سان جاري هو:

_”اکنون (1174هه) مدرسـﮧﻋ علمي بوجودِ فابض الجودِ ايشان گرم است(4).“

        انهن ٻنهي استادن کان سواءِ مير علي شير، آخوند محمد شفيع جو به پنهنجي استادن ۾ ذڪر ڪيو آهي؛ لکي ٿو ته

_”فقير، ايامِ پيريش ديده، از جوانان زمانه در خوش باشي صد قدم درپيش داشته، اين قليل البضاعت از قصائد ’عرفي‘ و عروض سيفي و چند سبق بخدمت ايشان استماع نمود(1).“

        اهو بزرگ 1156هه ۾ فوت ٿيو. گويا مير صاحب 16 ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن آخوند صاحب انتقال ڪيو، ۽ وٽس عرفيءَ جا قصيدا ۽ عروض سيفي، 13 يا 14 ورهين جي عمر ۾ پڙهيا هوندائين.

آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي به فارسيءَ ۾ سندس استاد هو. پاڻ لکي ٿو ته

_”بسيار طباع و پر استعداد است. در مکتب وي جمعي از هندو و مسلمين بهره بردند، فقير در پارسي شاگرد خدمت ايشانست(2).“

مولوي مرزا جعفر شيرازي سير و تفريح لاءِ ٺٽي ۾ آيو هو. ڌاراج جي زميندار، راءِ جمال، وٽ ڪجهه عرصو رهيو. مخدوم محمد مسڪين سندس علم، ذاتي جوهر ۽ بي حد و حساب قابليت سبب، سندس گهرو دوست ٿي ويو. مير علي شير صاحب سان سندس تعلق خاطر پيدا ٿي ويو، جنهنڪري سيد صاحب انهيءَ بزرگ وٽ به ڪجهه پرايو. پاڻ لکي ٿو ته

_”فقير در خدمت ايشان چند ايام بسر برده و از دست و دل شان ممنون ابد است(1)

       شعه و سخن جي مشق: مير صاحب شعر و سخن جي صلاحيت ڄڻ ماءُ پيٽان ئي کڻي آيو هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾، جڏهن ته اڃا مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق آموزيءَ ۾ منهمڪ هو، شعر چوڻ شروع ڪيائين. لکي ٿو ته:

_”بفيض صحبت بزرگان في الجمله آشنا بسفيد و سياه گشت. هرچند درخود آن نمي بيند که در جنب عزيزان جا داشته باشد، اما چون کهان را با مهان آميزش قديم است، باري بوسيلهﻋ توسل بزرگان اگر در نعال آن صدر نشينان مقيم شود، جا دارد.“

ڪسر نفسيءَ جي انهيءَ تمهيد کان پوءِ فرمائي ٿو ته

”در قريب بايام امتياز که نيّر عمر با ختتام سير بروح دوازده گانه از سنين مطلع شوارق هوش بر فلک تبيين وقوع يافته، سر سوادي سخن در پيچيده(1).“

        انهيءَ عمر ۾ اٺن هزارن شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي اصناف سخن مودجو هئا، ليڪن خبر نه آهي ڪهڙن سببن ڪري اهو سڄو ديوان درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائين. تقريباً ٻه سال کن خاموش رهيو. گويا 1152هه ۾ جڏهن ته سندس عمر ٻارهن ورهيه هئي، شعر چوڻ شروع ڪيائين؛ 1153هه تائين اٺ هزار شعر چئي ديوان جنهن ۾ نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيو هئائين، لوڙهي، 54_1155هه جا سال خاموش رهيو، تا آنڪ 1155هه ۾ وري کيس نئين سر سخن سنجيءَ جو شوق جاڳيو.

        انهيءَ زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي، مير صاحب لکي ٿو ته ’مظفر علي خان نادري زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ سندس ڏنل زمين ”مردمک در آب“، ”نمک در آب“ ٺٽي جي شاعرن ۾ تمام مشهور ٿي، ۽ تقريباً سڀني شاعرن انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي.‘ مير صاحب انهيءَ زماني ۾ طفل مڪتب هو. ليڪن کيس شوق جاڳيو، ۽ ساڳيءَ زمين ۾ استادن جي مقابلي ۾ هن به غزل تيار ڪيو، جنهن مان لکي ٿو ته هيٺيون هڪ شعر کيس ياد رهجي ويو:

با صاف مشربان چه زني لاف سرکشي،

صد بار ديده ايم ترا اي فلک در آب(1).

        1155هه ۾، مير حيدرالدين ابو تراب ”ڪامل“(2) جهڙي استاد ڪامل سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ بزرگ جي فيض ۽ صحبت سبب ڇڏيل شوق ۽ وسريل ذوق ۾ وري جولان جاڳيو(3). ۽ سندس شاگردن اختيار ڪري، نئين سر مشق سخن شروع ڪيائين. مير ڪامل سندس تخلص ”مظهري“ رکيو، جنهن مان تجديد شاعريءَ جو سال 1155هه به برآمد ٿئي ٿو.

        مير صاحب ڪجهه وقت تائين ”مظهري“ مخلص قائم رکيو، ليڪن ان کان پوءِ، ”قانع“ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو آخر دم تائين سندس نالي سان پيوست رهيو(1).

       ملازمتِ: سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي،1127هه ۾ وفات ڪئي؛ ۽ سندس پٽ ميان مرادياب تخت نشين ٿيو. ميان صاحب جي وفات بعد تخت و تاج جي لالچ ۽ لوڀ، حڪمران خاندان ۾ باهمي آويزش جي ابتدا ڪئي. ميان مرادياب چار سال به پورا نه ڪيا، جو معزول ٿي جيل ۾ وڃي پيو، ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ميان غلام شاهه، جيڪو گلان طوائف جي پيٽ مان هو، تخت نشين ٿيو. انهيءَ ئي حڪمران لاءِ ڪنهن سنڌي شاعر جو هي شعر مشهور آهي:

”گلان   وچان  جو  گل   کليوسي،

ڪجهه کُلبا هي ڪجهه کُلسي(2).“

        ميان غلام شاهه، بيحد سمجهدار ۽ حڪمرانيءَ ڪرڻ لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي زماني ۾ ملڪ ۾ نه فقط امن امان قائم ڪيو، بلڪ سرحدي علائقا به ڪيترا حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيائين. ڪڇ جي راجا کان بست ۽ لکپت جو بندر ورتائين؛ سبزل ڪوٽ ۽ اُڇ، بهاولپور جي نواب کان ڇڏايائين؛ ۽ ڪراچيءَ جو بندر، قلات جي خان کان واپس ڪيائين؛ حيدرآباد جو شهر آباد ڪيائين؛ ۽1182هه ۾ حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرائي، اُن ۾ گادي ڪيائين. انگريزن سندس ئي زماني، 1171هه جو، ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وسيو ۽ رسيو، سکيو ۽ ستابو ٿيو؛ ليڪن افسوس، جو 16 سالن جي حڪمرانيءَ بعد 1176هه ۾ لَقوي، فالج ۽ غشيءَ سبب هن انتقال ڪيو، جنهن بعد ڪلهوڙن جي حڪومت جو شيرازو روز بروز درهم برهم ٿيندو ويو.

        انهيءَ روشن دماغ بادشاهه، مير علي شير کي پنهنجي خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ، پاڻ وٽ رکيو، ۽ مير صاحب ”شاه نامه“ جي طرز تي فارسي نظم ۾، ۽ ٻي مفصل تاريخ نثر ۾، لکڻ شروع ڪئي. سندس تقرر تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي 1175هه ۾ ٿيو(1)، ۽ مير صاحب ٺٽي کان خدا آباد هليو ويو. اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ته مير صاحب ميان غلام شاه جي دربار سان ڪيتري وقت تائين وابسته رهيو؛ ليڪن جنهن صورت ۾، مير صاحب پنهنجون ٻيئي تصنيفون مڪمل ڪري نه سگهيو، تنهنڪري خيال آهي ته، شايد چند سال يا ڪجهه عرصو مير صاحب، ميان غلام شاه جي دربار ۾ رهي، وري ٺٽي واپس موٽي آيو.

        1180هه ۾، مير صاحب ”تحفـة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو؛ ان ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر شروع ڪندي ابتدا ۾ لکي ٿو ته

_”ذکر ايشان در طبقهﻋ علحده ميگردد، و بنا بر مزيد فائده و اداي حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله مجملاً گذارش ميکند(1).“

        ”اداي حقوق نمک“ جي اشاري مان ظاهر آهي ته 1180هه کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو ٿي ٺٽي هليو آيو هو، ۽ حق نمڪ نڀائڻ سبب سنه 1180هه ۾ به کيس اهو خيال هو ته هو ڪلهوڙن جي تاريخ جا ٻيئي ڪتاب ضرور ختم ڪندو. بهرحال مير صاحب جي مستقل ملازمت رهي يا نه رهي، ليڪن سندس تعلقات ملازمن ٿيڻ کان اڳ انهيءَ حڪمران گهراڻي سان جهڙيءَ طرح خوشگوار هئا، اهڙيءَ ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي تصديق اسان کي انهن فرمانن ۽ سندن مان ملي ٿي، جيڪي وقت بوقت وظيفن، تنخواهن ۾ مزروع زمينن جي سلسلي ۾ مير صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا رهيا.

       مير صاحب جو معاش: قديم خانداني دستاويزن مان(2) معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب سمورو خاندان شروع ايامن کان وٺي، سندس زماني تائين، خوشحال ۽ فارغ البال رهيو، ۽ کانئس پوءِ به حسب دستور اهو گهراڻو، جاگيرون، تنحواهون، وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو.

        مير سيد شڪر الله جيئن 927هه ۾ ٺٽي پهتو، تيئن ئي ارغونن طرفان سندس وظيفو جاري ٿيو. همايون جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جي گهر کي هن جي طرفان به بطور ’سيور غال‘ وظيفو ۽ ساڪري پرڳڻي م ڪجهه زمين مدد معاش لاءِ مليل هئي. اهڙيءَ طرح ترخاني دؤر جا دستاويز به ملن ٿا، جن ۾ نه فقط اڳين بادشاهن جي عطا ڪيل وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق ٿيل آهي، بلڪ اُن تي پنهنجي طرفان به، وقت بوقت اضافا ڪندا رهيا آهن،  مرزا جانيءَ جي هڪ فرمان (مرقومه 1007هه)مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جوڻ پرڳڻي ۾ به ڪي ڳوٺ انهيءَ خاندان کي بطور مدد معاش مليل هئا. سنڌ جڏهن مغل سلطنت جو حصو بڻي، تڏهن هن گهراڻي جا سڀئي وظيفا، تنخواهون، ۽ زمينون بحال ڪيون ويون، 1029هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته جهانگير، سيد ظهير الدين ثاني خلف سيد شڪر الله ثانيءَ لاءِ ٻه سـؤ خرار سارين جا بطور وظيفي جي ساليانو منظور ڪيا، جن جي وصوليءَ لاءِ ٽَڪر هنڱوري، ۽ ٽَڪر هالي، جي پرڳڻي تي فرمان جاري ٿيو. ڪجهه وقت بعد بجاءِ سارين جي ، ٽَڪر هنڱوري جي جاگير مان 22 هزار دام(1) بطور سالياني تنخواهه جي کيس مقرر ٿي مليا. 1037هه ۾ سيد شڪرالله فوت ٿيو.1039هه ۽ 1040هه جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها تنخواهه شاهجهان، سيد صاحب جي اولاد لاءِ بحال ڪئي. جيئن جيئن خاندان وڌندو ويو ۽ گهر جدا جدا ٿيندا ويا، تيئن تيئن اُهي تنخواهون به تقسيم ٿينديون، مختلف شخصن جي نالي تي بحال ٿينديون رهيون. 1138هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته پنجاهه هزار دام(1)، اهو خاندان سالياني تنخواهه کڻندو هو.1144هه ۾، خان خانان معظم خان هڪ سَنَد جاري ڪئي، جنهن بناﻋ تي، مير علي شير ”قانع“ جي والد سيد عزت الله کي. 54 بيگا زمين ملي. ميان نور محمد، 1155هه ۾، سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجي پر ڳڻي تي 70 خرار سارين جي سَنَد ڪڍي ڏني(2). سيد صاحب 1158هه ۾ فوت ٿيو؛ جنهن بعد سندس پٽ عبدالمجيد ثانيءَ جي نالي اهو وظيفو بحال ڪيو ويو، ۽ آخر اهو وظيفو ڦرندي ڦرندي سيد عبداللطيف ثانيءَ وٽ آيو، ۽ ان کان پوءِ مير علي شير جي والده جي نالي تي بحال ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر ۾ نرينو اولاد ڪونه ٿيو ۽ مير صاحب جي والده انهيءَ گهر جي وارثياڻي هئي. بيبي صاحبه کان پوءِ، مير علي شير ۽ سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا“ انهيءَ حصي تي متصرف ٿيا. انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته مير صاحب ۽ مير ضياﻋ الدين سڳا ڀائر ۽ انهيءَ بيبيءَ جي بطن مان هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ڇهن ڀائرن مان فقط اهي ٻه ڀائر وظيفي جا وارث بڻيا. سندس ٽئين ڀاءُ سيد فخرالدين کي جدا پنهنجي ناناڻڪي حصي مان هڪ سـؤ بيگا زمين تصرف ۾ آئي.

        ميان نور محمد جو هڪ پروانو ملي ٿو، جنهن مطابق مير علي شير جي والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽ ڪڪرالي وغيره ۾ به ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا. انهن جي آمدنيءَ تي هن هيٺينءَ طرح پنهنجي پٽن جون تنخواهون جاري ڪرايون: سيد فحرالدين ۽ سيد يار محمد 14_ 78 رپيا، ۽ سيد علي شير ۽ سيد ضياءُ الدين 0_0_72رپيا.

        ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن به ساڳيءَ طرح هن خاندان جي جاگيرن، تنخواهن، وظيفن، ۽ ٻين انعامن اڪرامن کي جاري رکيو. ميان نور محمد جي زماني کان وٺي ٽالپرن جي ابتدائي دؤر تائين. ڪي اهڙا فرمان به ملن ٿا، جن ۾ روزانه وظيفي ڏيڻ جو به ذڪر آهي. ميان غلام شاهه جي هڪ فرمان (مرقومه 1172هه) مان معلوم ٿئي  ٿو ته ميان نور محمد کان وٺي سيد عزت الله جو روزينو جاري هو، جيڪو غلام شاهه جي تخت نشينيءَ بعد مير علي شير جي نالي منتقل ٿيو. 1188هه ۾ ميان سرفراز جي فرمان ۾ به ان جي تصديق ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح 1191هه ۾، ميان عبدالنبيءَ به ساڳيو روزينو جاري رکيو. ساڳئي سال جي ٻئي هڪ پرواني مان معلوم ٿئي ٿو ته ميا عبدالنبيءَ، مير علي شير، جي پٽ مير غلام علي ’مائل‘ جو 12 رپيا در ماهو وظيفو جاري ڪيو هو.

        1197 ۾، مير فتح علي خان _ فاتح سنڌ_ مير علي شير جي نالي هڪ پروانو ڪڍيو، جنهن ۾ 46 رپيا ”بمدِ اِجارهﻋ ميربحري (؟)“ عنايت ڪرڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو وظيفو ڪلهوڙن جي زماني کان مير صاحب جي نالي هلندو ٿي آيو. 1198هه ۾،مير فتح علي خان هڪ فرمان ڪڍيو، جنهن مطابق مير علي شير کي هدايت ڪئ ويئي ته جنهن صورت ۾ حيدرآباد سرڪار جي حصي ۾ سنڌ جو اڌ ملڪ آيل آهي، تنهنڪري اِها سرڪار کيس مقرر ٿيل وظيفن جو آئيندي اڌ ڏيندي؛ ۽ باقي اڌ، مير سهراب، مير ٺاري ۽ مير باگي کان کيس وٺڻ گهرجي.

        ڪلهوڙن جي زماني کان جيڪي 70 رپيا بطور وظيفي جي مير علي شير ۽ مير ضياﻋ الدين کي ملندا هئا، سي مير فتح علي خان جي دؤر ۾، ٻنهي ڀائرن جدا جدا ڪرائي، پنهنجن نالن تي پروانا ورتا؛ چنانچه 70 رپين مان 42 رپيا مير علي شير ورتا، ۽ باقي مير ضياﻋ الدين وٺندو رهيو. 1253هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته مير نور محمد خان جي زماني ۾ انهيءَ ساڳئي وظيفي جو هڪ حصو مير علي شير جي پوٽي مير صابر علي ولد مير غلام علي ’مائل‘ کي 6_5_7 رپين جي صورت ۾ درماهو ملندو هو. 1255هه ۾، مير محمد خان اڍائي آنن جو اضافو ڪري پورن ساڍن ستن رپين درماهو ڏيڻ جو پروانو جاري ڪيو، ۽ ڪوري ضرب مان ڦيرائي سورتي ضرب يعني انگريزي سڪي ۾ ڏيڻو ڪيو.

        اها آهي مير صاحب ۽ اُن جي خاندان جي معاشي پهلوءَ جي منتشر معلومات، جنهن کي اسان مختلف اسنادن جي ذريعي يڪجا ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. اگرچ مٿيان انگ اکر مير صاحب جي مڪمل آمدنيءَ جو خاڪو پيش ڪري ڪونه ٿا سگهن، تاهم اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته مير صاحب جو خاندان فارغ البال ۽ نهايت خوشحال هو. سندن گذر بسر نهايت ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان ٿيندو هو. سڀني حڪمرانن انهيءَ خاندان جي عزت ڪئي، وظيفا ڏنائون، جاگيرون جاري ڪيائون، در ماها ۽ روزينا عطا ڪيائون، ۽ وقت بوقت جيڪي انعام اڪرام ۽ خلعتون ۽ پهراڻيون ملنديون ٿي رهيون، سي ان کان علاوه هيون(1).

       مير صاحب جي دور جو سياسي پس منظر: مير ’قانع‘، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ميان نور محمد جي دؤر حڪومت ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو دهليءَ جي بالادستيءَ کان ته آزاد ٿيا، ليڪن نادر جي اچڻ، سندس لٽ ڦر، ۽ آخر ۾ افغانستان جو باجگذار بڻائي وڃڻَ، سنڌين کي آزادي ماڻڻ ڪانه ڏني_ گويا سنڌ جي زيردستيءَ واري قطب نما جو رخ دهليءَ کان ڦري افغانستان طرف ٿي ويو، ۽ فرق فقط هي ٿيو ته دهليءَ جي سنڌ تي گورنرن جي ذريعي براه راست حڪومت هلندي هئي، ۽ هن کان پوءِ اندروني طرح سنڌ آزاد رهندي به افغانستان جو ڍل ڀَرو صوبو ٿي وئي، ۽ بجاءَ گورنرن جي، ڍل جي وصوليءَ ۽ عام نظرداريءَ لاءِ افغاني وڪيل اچڻ لڳا.

        ميان نور محمد جي وفات (1167هه) تائين، سنڌ جي حڪمران خاندان ۾ خير جي گذرندي رهي، ليڪن هن جي اکين بند ڪرڻ بعد، تخت و تاج جي سلسلي ۾، رفتي رفتي آويزشن جي ابتدا ٿي. ميان غلام شاه جي دؤر ۾ (1170_1186هه) ڪا خاص خرابي ڪانه ٿي_ مير علي شير تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي ڪجهه سال پنهنجو وقت سٺو بسر ڪيو_ ليڪن 1186هه کان پوءِ، جو حڪمران خاندان ۾ خونريزي ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪيفيت قائم ٿي، تنهن 1198هه تائين سنڌ کي برابر تباهه ۽ تاراج ڪيو. انهن ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي تخت وتاج ڪيترن حڪمرانن جي مسند آرائي ڏٺي ۽ ڪيترن شهزادن جا ڪنڌ ڪپيا، ۽ ٽالپر سردارن مان ڪيترا ڪونڌر ڪُسندا ڏٺا. سرفراز تقريباً ٽي سال حڪومت ماڻي؛ محمد خان چند مهينا مسند جو مزو ورتو؛ غلام نبيءَ ڏيڍ سال کن تخت نشيني ڪئي؛ عبدالنبيءَ تقريباً ساڍا ٽي سال واڳ ورتي؛ صادق عليءَ چند مهينا؛ ۽ ان کان پوءِ ٻيهر عبدالنبيءَ قبضو ڪيو، ۽ پنجن سالن ۾ اها ڪشت و خون ڪيائين، جو سنڌ بد نصيبيءَ برباديءَ تي نه فقط پنهنجن رت رُنو، بلڪ ڌارين جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا.

        ٽالپر سردار، جيڪي حقيقي طرح حڪومت جا قوت بازو هئا، تن مان ڪيترا سربراهه ناحق خون ٿيا_ مير بهرام ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان، ميان سرفراز جي چرچ تي، بناسبب قتل ڪيا ويا، ميان غلام نبيءَ پهريون پنهنجي خاندان جا پنج شهزادا ڪَهرايا_ محمد سرفراز، محمد خان، محمود خان ۽ ٻه ٻيا_ انهيءَ دردناڪ واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺين نادر تاريخ چئي:

از گلِ باغِ عباسي پنج کم(1)؛

        ٽالپر اميرن جي شهادت جو سلسلو به ساڳئي وقت جاري رهيو_ مير بجار کي ڌوڪو ڏيئي شهيد ڪرايو ويو(2)؛ مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان به ساڳيءَ طرح 1197هه ۾ نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪرايا ويا.

ٽالپرن جي بيگناهه خونن نه فقط بلوچ قوم کي بغاوت تي آمادو ڪيو، بلڪ سجيءَ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي انهيءَ ظالم حڪمران جي خلاف باهه ٻري ويئي؛ چنانچ 1198هه ۾، هالاڻيءَ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪومن جو معرڪو ٿيو، جنهن ۾ حاڪم کي شڪست ۽ محڪومن کي فتح نصيب ٿي، سنڌ جي واڳ ٽالپرن جي هٿ ۾ آئي، ۽ ڪلهوڙا هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويا.

        ميان عبدالنبيءَ خانه جنگيءَ سبب افغان حڪومت کان مدد ورتي. اُن حڪومت جو ظالم ترين سردار، مدد خان افغان، سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن 1194هه ۾ هتي پهچي، سموريءَ سنڌ کي تهه و بالا، فاس ۽ نابود ڪري ڇڏيو. انهيءَ مدد خان جي ڪاهه سنڌين کي ايترو متاثر ڪيو، جو ڪيترا سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين انهيءَ دؤر جي يادگار طور موجود آهن_

”گهوڙا ڙي گهوڙا!“

”گَهل ڙي گَهل!“

”مدد ته پٺيان ڪونه اٿئي!“

فارسي گو شاعرن چيو،

        ”اي داد، از ظالم بيداديﻋ منجوس“_ سنه 1194هه.

چنان هول در ملک سنده اوفتاد                که هولِ قيامت بداده زياد

ڪنهن شاعر انهيءَ ظالم جي وڃڻ جي تاريخ ڪڍي:

”بشر بود رفت“ _ سنه 1194هه.


(1) ”دشتڪ“ شيراز جي هڪ انهيءَ محلي جو نالو هو، جنهن ۾ اهي بزرگ رهندا هئا. هن وقت شهر جي انهيءَ حصي کي ”ارب آب“ سڏيو وڃي ٿو.

(1)  ”حبيب السير“ ج 3، جز 3، ص 335؛ ”مجالس المومنين“، مجلس پنجم، ص 226.

(2)  ”حبيب السير“ ج 3، جز ص 335؛ ”هفت اقليم“، ص 261، مطبوعه بنگال ايشياٽڪ سوسائٽي، ڪلڪتو.

(3)  ”مجلس المومنين“ ۾ ربيح الاول لکيل آهي، ص 223. ”خلاصـﺔ الاخبار“ 17 ربيع الاول تاريخ ڏني آهي، ص 32،

(1)  ”مجالس المومنين“ جي صاحب لکيو آهي ته مير صاحب شرعي علومن جي تعليم پنهنجي والد ۽ پنهنجي سوٽ مير نظام الدين احمد وٽ ورتي، ۽ عربي علوم ۽ ادب جي تعليم پنهنجي ٻئي سوٽ مير حبيب الله وٽان حاصل ڪيائين صفحو 350.

(2)  ”حبيب السير“، ج 3، جز 4، ص 110_ 111.

(1) ”مقالا الشعرا“، ص 208؛ ”مجالس المومنين“، ص 350.

(2)  مقالات ص 209.

(1)  اها نهرست مير صاحب ”مجالس المومنين“ تان نقل ڪئي آهي (ڏسو مجالس المومنين، ص 350).

(2)  ”شرح اثبات واجب“ از مير غياث الدين منصور ثاني (رجال ”حبيب السير“، ص 241)؛ ”مجالس المومنين“، ص 350.

(1) ”حبيب السير“ ج 3، جز 4 صل 111.

(2)  ”مقالات الشعر“، ص 209؛ ”مجالس المومنين“، ص 350.

(1)  (1) ”کتاب صحـﺔ الکلام“ در در ”حجـﺔ الاسلام“_ امام غزالي)، (2) ”هزار بيت“، (3) ”محاکات“، اول_ ثاني_ ثالث، (4) ”شرح برکتاب اثبات واجب“؛ (5) ”کتاب تعديل الميزان بر منطلق“ (خلاصه ”منطق شفا“)؛ (6) ”معيارالافکار“ (خلاصه ”تعديل الميزان“)؛ (7) ”کتاب لوامع و معارج“ (علم هيئت)؛ (8) ”تحفـهء شاهي“ (17 ورهين جي ڄمار ۾ لگيائين؛ (9) تجريـﮧ در حکمت“ (جامع مسائل حکمت طبيعي و الاهي)؛ (10) رُساله در معرفت قبله“؛ (11) ”کتاب معالم الشفا“ (طب)؛ (12) ”شافي“؛ (13) ”سفرويه هيئت“؛ (14) ”حاثيه بر الاهيات شفا“؛ (15) ”حاشيـﮧ بر شرح حکمت العين“؛ (16) ”رساله در باب خلافت فرزند خود“؛ (17) ”رد بر حاشيه شمسيه_ علامه دوالي“؛ (18) ”رد بر حاشيه محمد“؛ (19) ”خلاصــﺔ التلخيص“ (اختصار رساله تلخيص و معاني وبيان)؛ (20) ”رد بر حاشيه تهذيب“؛ (21) ”رد انموذه“؛ (22) ”رساله تحقيق جهات“؛ (23) ”رد بر رسالهء زوراء“؛ (24) ”رساله مشارف در اثبات واجب کتاب اخلاق منصوري“؛ (25) ”حاثيه بر اوائل کشاف تفسير سورة الانسان“؛ (26) مقامات العارفين“ (تصوف و اخلاق_ پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)؛ (27) ”رساله قانون السطنت دين“؛ (28) ”شرح کتاب هيا کل انواز“؛ ۽ (29) ”حاشيه بر اشارات“. مير علي شير وڌيڪ هنٺين ٻن ڪتابن جا نالا ٻڌا؛ (30) ”کتاب رياضي الرضوان“؛ ۽ (31) ”کتاب اساس در علم هندسه“. (”مقالات الشرا“، ص 211؛ ۽ ”مجالس المومنين“، ص 351).

(1)  ”مجالس المومين“، ص 351.

(2)  ڏسو ”خلاصـﺔالاخبار“ ص 42.

(1)  ”حيبب السير“، ج 3، جز 3، صل 248

(2)  ڏسو خلاصـﺔ الاخبار ص 19_18

(1)  .تحفـﺔالڪرام“، ج 2، ص 71؛ ”مجالس المومنين“، ص 222.

(2)  ”حبيب السير“ جي مصنف جو نالو غياث الدين بن همالدين محمد خوندير هو؛ هو 880هه جي قريب هرات ۾ ڄائو، ۽ 941هه ۾ گجرات ۾ فوت ٿيو؛ نظام الدين اولياءَ جي مقبري جي ايوان ۾ دفن ٿيو، امير خسرو جي قريب؛ ”حبيب السير“ 930هه ۾ ختم ڪيائين.

(3)  ”مجالس امومنين“، ص 222.

(1)  ”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته ”سيد شڪرالله پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي هئي ته ”جيڪڏهن تنهنجي اولاد کي ڪا مشڪل پوي ته منهنجي انهن ٽنهي سنگتين ڏانهن کين رجوع ڪرڻ گهرجي“؛ انهيءَ وصيت مطابق اڃا تائين عمل ٿيندو اچي ٿو_ چنائچ محمد حسين ۽ سيد ظهيرالدين ثاني بن سيد شڪرالله ثانيءَ جو اولاد سيد منبه ڏانهن رجوع ڪن ٿا؛ ۽ سيد نظام الدين جو اولاد سيد ڪمال سان متوسل آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سيد عبدالرحمان جو اولاد سيد عبدالله ڏانهن رجوغ ڪري ٿو.“ (تحفـﺔ الڪرام، ج 2، ص 195)

(1)  سيد صاحب کان پوءِ، شاه حسين حضرت قاضي محمد اچيءَ کي بکر مان گهرائي، انهيءَ عهدي تي رکيو، ۽ ان کان پوءِ اهو منصب قاضي صاحب جي ئي خاندان ۾ پشت به پشت هلندو آيو، جنهن جو سلسلو انگريزن جي ابتدائي زماني تائين قائم رهيو؛ قاضي علي محمد صاحب ٺٽوي انهيءَ گهراڻي جو هن وقت  ياد گار آهي.

(1)  ”تحفـﺔ الڪرام“ ج 3، ص 195.

(2)  مير قانع جو نالو مير عبداللطيف هو. ڏسو ”مقالات“ ص 205 207.

(1)  نادرشاه، 11 محرم 1153هه جو، لاڙڪاڻي مان ڪوچ ڪري، ايران هليو ويو.

(1)  هي بزرگ، مخدوم ضياءالدين جو ڏهٽو هو؛ ويهن ورهن جي ڄمار ۾ تعليم جي تڪليل ڪري، درس ڏيڻ شروع ڪيائين مير صاحب لکيو آهي ته سندس مدرسو ايڏو مشهور ۽ عظيم الشان هو، جو شهر ۾ ان جو ٻيو ثاني ڪونه هو. ”منقول“ ۾ پنهنجي ناني ضياء الدين ۽ ”معقول“ ۾ مولانا محمد صادق جو شاگرد هو. 1179هه ۾ حج تي اسهيو، جتي 18 ذيقعـﮧ جي انتقال ڪيائين (تحفـﺔ الڪرام“ 225_ ”مقالات الشعرا“ 295).

(2)  ميان نمت الله جو وڏو ڀاءُ هو؛ عالم باعمل ۽ نهايت ئي پاڪ باطن ۽ صاف سيرت بزرگ هو. حرمين ۾ هڪ سال رهي، حديث جي سند ورتائين. جهونا ڳڙهه ۾ به ڪجهه عرصو رهيو. ٻيو دفعو به جهونا ڳڙهه ٿي ويو، جو واٽ تي ڪڇ ۾ انتقال ڪيائين. (”تحفـﺔ الڪرام“ ص 226، ۽ ”مقالات الشعرا“ ص ل132).

(3)  ميان رحمت الله جو فرزند ۽ مخدوم علي احمد المعروف به قمري (برادر مخدوم ادم) جي اولاد مان هو_ صاحب نسبت ۽ وڏيءَ ڪڻيءَ وارو بزرگ هو. 1154هه ۾ انتقال ڪيائين. (”تحفـﺔالڪرام“، 226؛ ”مقالات الشعرا“، ص 85).

(1)  ”مقالات الشعرا“، ص 85

(2)  ”مقالات الشعرا“، ص 143

(3)  ”مقالات الشعرا“ ص 295

(4)  ”مقالات الشعرا“، ص 75.

(1)  ”مقالات الشعرا“، ص 135؛ مير صاحب لکي ٿو ته ”(هيءُ بزرگ) نهايت باوقار ۽ پرتمڪين شخص هو. طبيعت جو خوش باش ۽ نهايت ئي رنگين مزاج هو، خوراڪ پوشاڪ جو به شوقين هو. مير عبدالقدوس شيرازي سندس دوست هو، تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل هو. شهر خواهه حڪامن ۾ سندس وڏي عزت هئي (تحفـﺔ الڪرام، ص 844) ”مقالات الشعرا“ ۾ مير صاحب سندس تاريخ گوئيءَ جا مثال به ڏنا آهن.

(2)  ”مقالات الشعرا“ (ص 58): آخوند صاحب ڳچ عرصي تائين جهانگارن باجارن جي ساداتن وٽ رهيو. تاريخ گوئي ۽ شعر و سخن جو به شوق هوس. مير فخرالدين شيرازي برادر مير علي شير ”قانع“ کي جڏهن علي اڪبر نالي پٽ ڄائو، تڏهن هيٺيون قطعهء تاريخ لکيائين:

بــــــهــــــار هــــــمــــــايـون بعالم رسيد       صــــــنوبر به بستان احــــــمد چميـــد

گــــــل گــــــلشــــن بــــــاغ آل رســــــول       در روشــــن از درج شــــــاه شــــــهيــــــد

بفــــر همــــــايــــــون و فــــــرخنده نــــــام       برول سعيـﮧ از عدم ســــــر کشــــــيد

چـــــــگويم وفاتش کــــــه نــــــايد بعد      نجيب و نقيب و حسيب و ســــــعد

نيازم بدرگاهه حق صبح و شام       کــــــه نــــــامش علي اکبر آيد پــــــديـﮧ

بــــــســــــال تــــــولد شريفش فــــــتــــــاد       چو فکرم بخاطر ز احصي البعيـﮧ

   در انداخت نــــــاگاه هــــــاتــــــف نــــــدا     ”گل اندر گلــــــستان حــــــيـــــــﮧ ردمــــــيد“_ (11146هه)

(1)  مرزا محمد جي علم و فضل جي شهرت ٻڌي، ميان مرادياب بن ميان نورمحمد کيس پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجو معتمد خاص ڪري رکيو. ”قانع“، ”مقالات الشعرا“ ص 72 تي لکي ٿو ته ”ڪجهه عرصي بعد اهو درجو حاصل ڪيائين، جنهن کان مٿي تصور ڪرڻ ناممڪن آهي“. صاحبزادو ميان مرادياب جڏهن هندستان ويو، ان وقت ميان نورمحمد کيس پنهنجي دربار ۾ مقرر ڪيو، جتي صاحبزادي کان به وڏيڪ سندس قدر ۽ منزلت ٿي: محمد مرادياب جڏهن تخت تي ويٺو (1168هه) تڏهن کيس ٻيهر پاڻ وٽ رکيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڪن سببن ڪري معزول ٿي ۽ عراق جي زيارتن تي وڃڻ لاءِ ڪڪرالي بندر تي پهتو؛ اتان کيس ڪڪرالي جي ڄام جهاز تي سوار ٿيڻ نه ڏنو، جنهنڪري ڪراچي بندر تان سوار ٿيڻ جو ارادو ڪيائين، ليڪن روانو ٿيڻ کان اڳ سندس انتقال ٿيو. مير علي شير هيٺين تاريخ چئي:

_ ز روي تعميه تاريخش افتاد،

غريب از دام دنيا گشته آزاد“_

1212 _ 45 =1127هه

جفر ۽ تڪثير ۾ به ڪامل ۽ عامل هو. ”جفر جامع“ نالي ڪتاب ميان نورمحمد لاءِ لکڻ شروع ڪيائين، ليڪن مير صاحب جي انتقال سبب ڪتاب پورو ڪري نه سگهيو.

(1)  ”مقالات الشعرا“، ص 214

(1)  ”مقالات الشعرا“، ص 66

(2)  مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ بن مير رضي الدين ”فدائي“، بن مير ابوالمڪارم ”شهود“، بن مير ابوالبقا اميرخان، بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“_ جيد عالم، بلند پايه شاعر ۽ درويش صفت انسان هو. سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ جدا جدا ديوان مرتب ڪيائين. محمد پناه ”رجا“، مير ابوالبقا بهرور علي ۽ ٻيا ڪيترا انهيءَ دور جا شاعر سندس شاگرد هئا. 1164هه ۾ وفات ڪيائين (ڏسو ”مقالات الشعرا؛ ”تحفـﺔ الڪرام“، ۽ ”تذڪره امير خاني“).

(3)  ”مقالات الشعرا“، ص 214، ص 254

(1)  ”مقالات الشعرا“، ص ل214

(2)  ميان مرادياب جي معزولي ۽ غلام شاه جي تخت نشينيءَ تي باللچند ”آزاد“ هيٺين تاريخ چئي:

بنِشست غلام شاه بر مسندجاه، براخاست مرادياب نااميد به آه

(1377 + 123) _ (366 + 6) = 1170

(1)  ”مقالات الشعر“، ص 215

(1)  ”تحفـﺔالڪرام“، ص 102

(2)  جناب قاضي علي محمد صاحب ٺٽويءَ وٽ شاهي فرمانن ۽ استادن جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو ٺٽي جي ڪنهن بزرگ انگريزن جي آمد کان پوءِ مرتب ڪيو آهي؛ ٺٽي جي مختلف خاندانن جي سلسلي ۾ منجهس شاهي فرامين هن لاءِ نفل ڪيا ويا آهن، ته اهو مجموعو انگريزن کي ڏيکاري، انهن سَنَدن کي سندن دور حڪومت ۾ جاري ڪرائجي.

(1)  چاليهه دام هڪ رپئي ٿيندا هئا_ ٻاويهن هزارن دامن جا 550 رپيا ٿيا.

(1)  ساڍا ٻارهن سـﺆ رپيا.

(2)  5 رپيا خرار هو_ مجموعي قيمت 350 رپيا ٿي.

(1)  اها خوشحالي، اها عزت ۽ آبرو انگريزي دور تائين قائم رهندي آئي. چرڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾، مير علي شير جو پوٽو مير صابر علي شاه ثاني زنده هو، جنهن کي نه فقط شهر ۾ عزت هئي، بلڪ سرڪار انگريز وٽ به کيس هر طرح جي آبرو حاصل هئي_ چنانچه انگريزي هندستان جي مکيه ماڻهنن متعلق جيڪو اٺن جلدن ۾ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو آهي، ان ۾ سيد صاحب جو به فوٽو ڏنو ويو آهي.

(1)  اهو نهايت ئي نادر تعميه آهي، مٿين مصرع جا عدد 1191هه آهن.

(2)  مير بجار وزير اعظم هو؛ سندس شهادت جي تاريخ هن ريت آهي:

از سرِ افسوس گفتا هاتفم ”مير شد از جمدر هندو شهيد“

1           + 1193 = 1194هه

”بمحفلِ شهدا جلوه کرد مير بجار“_ 1194هه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com