سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :20

 

شاهه عنايت شهيد جي سوانح جا ماخذ

 

 شاهه عنايت الله شهيد جي لاڏاڻي ڪئي اڄ پورا اڍائي سؤ سال گذري چڪا آهن. روايتون، داستان، ڪهاڻيون ۽ قصا ته سوين مشهور آهن، ليڪن اها خبر ڪنهن کي ڪانه آهي ته اهو سنڌ جو عظيم المرتبت صوفي ڪڏهن هن جهان ۾ آيو، سندس ابا ڏاڏا ڪهڙي مانَ ۽ مرتبي وارا هئا، سندس پنهنجي تعليم ۽ تربيت ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي، زندگيءَ جي ابتدا ڪهڙيءَ ريت ڪيائين، طريقت ۽ سلوڪ جون ايتريون ۽ ايڏيون بلند منزلون ڪنهن جي نظر ڪرامت اثر هيٺ طئي ڪري، انهيءَ درجي تي پهتا، جو اڄ تائين نه فقط سندس پنهنجي خانقاهه عرفان ۽ ايقان جو سرچشمو آهي، بلڪ سندس سلسلي جون ٻيون به ڪيئي درگاهون _ سنڌ، خواهه سنڌ کان ٻاهر_ اڄ به پرت جي پانڌيئڙن لاءِ دل جي سڪون ۽ روح جي راحت جو سبب آهن.

پوين کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي، خود انهيءَ دؤر، يا ان کان پوءِ ويجهي زماني ۾ به، شاهه شهيد جي سوانح ڪنهن قلمبند ڪانه ڪئي_ جڏهن سندس صحبتي موجود هئا، ۽ اهي جيئرا هئا، جن کين ڄمندي ڏٺو، تعليم پرائيندي ڏٺو، ۽ معرفت جون منزلون طئي ڪندي ڏٺو، ۽ سندس شهادت جو جانگداز ۽ جانڪاهه واقعو جن جي اکين آڏو ٿيو. اڄ اڍائي سؤ سالن جي طويل زماني گذرڻ بعد ڪير آهي، جو اسان کي اهي سڀ حال احوال ٻڌائي، ۽ ڪهاڻين ۽ داستانن، روايتن ۽ ڏند ڪٿائن منجهان سوئي سموهي اسان کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪري.

شاهه شهيد جنهن دؤر ۾ شهادت جو جام نوش فرمايو، اهو دؤر هند خواهه سنڌ ۾ مغل سلطنت جي زوال جو زمانو هو. عالمگير 1118هه ۾ فوت ٿيو، ۽ پٺيان پٽن ۽ پوٽن جو هڪ لشڪر ڇڏي ويو. جيڪا روايت تخت حاصل ڪرڻ لاءِ هن پيءُ کي جيل ۾ وجهي پاڻ قائم ڪئي هئي، برادرڪشيءَ جو دستور جيڪو هن پاڻ جاري ڪيو هو، سندس جهان ڇڏڻ بعد سندس اولاد به اهو چالو رکيو. تخت ۽ تاج جي حصول لاءِ هندستان اندر اها ڪشت و خون ٿي، ايڏو هنگامو برپا ٿيو ۽ برادرڪشيءَ جو اهو دور دورو هليو، جو مغلن جي مستحڪم ۽ عظيم سلطنت جا پرزا پرزا ٿي ويا. 1118هه کان 1124هه تائين چار شهزادا تخت نشين ٿيا. شاهه عالم بهادر شاهه اول ٻن سالن جي ڪشت و خون ڪرڻ بعد  جڏهن لاهور ۾ مئو، ته خانه جنگيءَ جي باهه ۾ ڪنهن کي سندس ڪفن دفن جو خيال ڪونه رهيو، ۽ برابر هڪ مهينو بادشاهه سلامت جو لاش لاوارث پيو رهيو. سندس ئي زماني لاءِ ضرب المثل مشهور هئي ته ”شاهه عالم از دلي تا پالم“، يعني فقط دهليءَ کان پالم تائين سندس حڪم هلندو هو، باقي سڀ ٿيو ڀلو. کانئس پوءِ، سال کن لاءِ معزالدين جهاندار شاهه تخت تي آيو. بيڪار، عياش، ۽ انهيءَ حد تائين فضول هو، جو سلطنت جو سڄو ڪاروبار لال ڪنور نالي، سندس هڪ رنگيلي سينڌي هلائيندي هئي؛ جنهنڪري بادشاهت جو رهيو کهيو وقار، رعب ۽ مانُ به هليو ويو. رنگيلن، رذيلن، دهلارين ۽ ميراثين کي وزارتون، صوبيداريون ۽ فوجي عملداريون مليون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شرابن ڪبابن، ۽ دهلن دمامن جو انتظام ته بهتر ٿي ويو، باقي سلطنت جو نالو نشان ميٽجي ويو. ڪامورخان لکيو آهي ته ”سندس زماني ۾ باز جي آکيري ۾ چٻرا آباد ٿيا ۽ بلبل جي جاءِ ڪانءَ اچي ورتي.“ سال کن اهو رنگ رهيو، جنهن بدعد فرخ سير بن عظيم الشان بن شاهه عالم بن اورنگزيب عالمگير، انتهائي سفاڪيءَ ۽ بيرحميءَ سان کين مارائي، پاڻ تخت تي قبضو ڪيو. اهو سڀڪجهه 1118هه کان 1124هه تائين، 6_7 سالن ۾ ٿيو. فرخ سير 1124هه کان 1131هه تائين رهيو. اهي اٺ سال ئي حڪومت جي حالت اڳ کان به ابتر رهي. قتل، خون، غارتگري، سازشون، منصوبا، بي عملي، قحط ۽ سڃائي، مطلب ته اهڙي ڪابه برائي ڪانه هئي، جيڪا سندس دؤر ۾ نه ٿي. سڃائيءَ ۽ بي وقاريءَ جي حالت انهيءَ حد تي وڃي پهتي، جو خزانو خالي ۽ بادشاهه بيحال، بزدل ۽ بي همت ٿي ويو. انهيءَ زماني جي مشهور ظريف شاعر، جعفر زٽلي، هڪ ئي شعر ۾ سڄي ماحول جو نقشو چٽي ڇڏيو آهي: ”سکه زد بر گندم موڻهه و مڻر، بادشاه پشه کش فرخ سير“ (1).

انهيءَ ئي بادشاهه جي آخري ڏينهن ۾ جهوڪ شريف جي جنگ ۽ شاهه شهيد جي قتل جو واقعو پيش آيو(1).

مرڪز جي انهيءَ طوائف الملوڪيءَ، بدحاليءَ ۽ بي وقاريءَ جو اثر مغل سلطنت جي جيئن ٻين صوبن تي پيو، تيئن سنڌ تي به ٿيو، ۽ هتي به حڪومت جو رعب، دٻدٻو ۽ وقار ختم ٿي ويو. مقامي قوتون جيڪي اڳ دٻيون پيون هيون، سي اڀري آيون. سنڌ تي ڪلهوڙن جو اثر وڌي ويو، جنهن اڳتي هلي آزاد حڪمرانيءَ جي صورت اختيار ڪئي. 1118هه کان 1131هه تائين، چوڏهن سالن ۾، پورا نَوَ صوبيدار دهليءَ کان سنڌ تي آيا. جن مان ڪو سال ته ڪو چند مهينا هتي رهيو. خود فرخ سير جي زماني ۾ چار صوبيدار آيا ۽ ويا. جن مان هڪ صوبيدار عطرخان، ٺٽي جي ٻئي صوبيدار مير لطف علي خان رضويءَ سان وڙهندي، ٺٽي ۾ قتل ٿي ويو. ٻه سال کن اهو جنگ و جدل ٺٽي جي شهر ۾ هليو، جنهن شهر تي ايڏي تباهي آندي، جو انهيءَ دؤر جي شاعرن ان تي شهر آشوب لکيا. قحط، بدحالي، شريفن جي بربادي ۽ رذيلن جي پوئواري هتي به اهڙي ئي پيماني تي ٿي، جهڙي دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي. رات_ ڏينهن ٺٽي ۾ سازشون ۽ منصوبا هلي رهيا هئا. هڪٻئي جي پٽڪي لاهڻ جي فڪر ۾ ماڻهو سرگردان هئا. نوان پراڻا وير ورتا ٿي ويا. ٺٽي جي بدحاليءَ، ويرانيءَ ۽ ملڪي انتشار جي جيڪا حالت ٺٽي جي شاعرن چٽي آهي، تنهن کي ڏسيو تعجب وٺيو ٿو وڃي.

جڏهن حڪومت جو تنزل ٿيندو آهي، ماڻهو بي عمل، حاڪم بيوقار، ۽ ڪاهلي ۽ سستي زندگيءَ جي رڳ ۽ ريشي ۾ اچي ويندي آهي، عمل ۽ زندگيءَ جون سموريون قوتون ختم ٿي وينديون آهن. ان وقت سڄو ماحول مضحڪ خيز ٿي پوندو آهي. مذهب جو حقيقي روح به انهيءَ دؤر ۾ موڪلائي ويندو آهي، ۽ ان جي بيجان جسم تي خوامخواهه جي جهنجهوڙ پيئي هلندي آهي. واندڪائيءَ جي ورونهن لاءِ فروعي مسئلا اهميت حاصل ڪري ويندا آهن. انهن تي مباحثو ۽ مناظرو هلي، آخر جنگ و جدل جو روپ اختيار ڪندو آهي.

شاهه شهيد اهڙي ماحول ۾ دکن کان هتي اچي پهتو، ۽ پهچڻ سان خلق جي رجوعات ڏانهس انهيءَ حدتائين ٿي، جو پاسي پلؤ جون خانقاهون ۽ سجادا هڪ طرف دهلجي ويا، ته مذهبي اجاري دارن جي ايوانن ۾ ٻئي طرف زلزلو اچي ويو. ڪلهوڙن جي جيڪا قوت، پيريءَ جي پوشاڪ ۾ حڪومت جا خواب ڏسي رهي هئي، ان کي ٽئين طرف ڏڪڻي وٺي ويئي. مرڪزي حڪومت عقل جي انڌي، حالتن کان بيخبر، پرمتڙي ۽ پَر ٻُڌڙي هئي، ۽ صوبي جا رکپال فضول، ناڪارا ۽ ناعاقبت انديش هئا. الغرض، انهن سڀني ڳالهين گڏجي، سنڌ جي هن عظيم الشان صوفي سڳوري ۽ محبت ۽ پريت جي هن پيغامبر جي شهادت آندي.

انهيءَ واقعي، خواهه شاهه شهيد جي سوانح ۽ سيرت جا تفصيل ڪونه ٿا ملن. ڇاڪاڻ ته نه انهيءَ زماني ۾ ڪنهن سوانح قلمبند ڪئي، ۽ نه ان کان پوءِ ڪنهن انهيءَ طرف توجهه ڏنو. خدا ڀلو ڪري سنڌ جي بالغ نظر ۽ وسيع المشرب مؤرخ، مير علي شير ’قانع‘ جو، جنهن پنهنجن ڪتابن ۾ جيتوڻيڪ مختصر ۽ مجمل، ليڪن وري به شاهه شهيد لاءِ ڪي قدر احوال قلمبند ڪيو، ورنه ايتري احوال کان به اسان محروم هجون ها. اڄ ڪم از ڪم شاهه شهيد جي چند پيڙهين جا نالا معلوم ٿين ٿا. اها خبر پوي ٿي ته اهو گهراڻو پشتن کان علم ۽ ايقان، خدا آگاهيءَ ۽ معرفت جو سرچشمو رهندو ٿي آيو. ۽ خود شاهه شهيد، معرفت ۽ سلوڪ جي سڀا جو صدرنشين هو، ۽ سندس شهادت ڪيئن ۽ ڪهڙن اسبابن جي بناءَ تي ٿي.

اسين هن هيٺ مير علي شير جي ڪتابن جا اهي جنسي اقتباس پيش ڪريون ٿا، جن جو واسطو شاهه عنايت ۽ ان جي خاندان سان آهي. ازانسواءِ ڪن اهڙن ماخذن جو ذڪر به آخر ۾ ڪري رهيا آهيون، جيڪي هن وقت تائين عام جي اکين کان ٽريل هئا. پڙهندڙن کي تمهيد ۾ پيش ڪيل ملڪي ۽ سياسي ماحول کي ذهن ۾ رکي، هيٺين اقتباسن جو مطالعو ڪرڻ کپي.

(1) مقالات الشعراءَ: شاهه شهيد جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين اسان کي مير علي شير ’قانع‘ جو مرتب ڪيل شاعرن جو هيءُ تذڪرو ملي ٿو، جيڪو شهادت جي واقعي کان 44 سال پوءِ، 1174هه تائين مڪمل ٿيو؛ ۽ جنهن ۾ مؤلف، نواب اعظم خان جي دؤر ۾ شهادت جي واقعي جو مختصر ذڪر ڪيو آهي.

اهو نواب، فرخ سير جي دؤر ۾، مير لطف علي خان جي معزوليءَ بعد، 1128هه ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ 1131هه تائين رهيو. مير صاحب لکيو آهي ته ”سندس قدم ملڪ ۾ سخت نڀاڳو هو. هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏُڪر ۽ ڏوجهرو پيدا ٿيو، ۽ ٻيو مصيبت جو ڪم اهو ٿيو، جو هن شاهه عنايت الله کي شهيد ڪرائي ڇڏيو“.

مير علي شير، شاهه شهيد جو ذڪر هيٺين القابن سان شروع ڪيو آهي:

”شيخ حق شناس، شريعت اساس، آهُوي صحرا گرد طريقت، خمخانهء وحدت، جوش حقيقت، ساقيء سرمست، بزم ارشاد، ساغر سرشار، بادء جواد، آئينهء معرفت مجردي، رهنماي ملک بيخودي، از کثرت يکتاي گزين، بمحفل خلوت نشين، صوفيهء راه، شاه عنايت الله“. انهن القابن ۽ خطابن مان مؤلف جي قلبي جذبات ۽ اندروني احساسات جو پتو پئجي سگهي ٿو. مير صاحب شاهه شهيد جي چند پيڙهين جو نسب نامو هن طرح لکيو آهي:

شاه عنايت الله بن مخدوم فضل الله بن شهاب الدين بن ملا يوسف بن ملا آجب بن مخدوم خداآگاه، حضرت صدو لانگاه.

 شهادت جي واقعي جو احوال هن طرح لکي ٿو:

شاهه عنايت الله، صوفي مشرب فقيرن جي جماعت ۽ صلح مذهب خادمن جي گروهه سميت، هڪ مدت کان پنهنجي قديمي ڳوٺ جهوڪ، جنهن کي ميرنپور(1) به سڏجي ٿو ۽ غازياهه جي ڪناري تي بٺوري پر ڳڻي ۾ آهي، ياد الاهيءَ ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي خانقاهه جو گذر_ بسر انهيءَ زرعي زمين کي آباد ڪري، ڪندو هو، جيڪا سندس گهراڻي کي تيموري سلطانن کان معافي ڍل سان مدتن کان وجـﮧ ُ معاش لاءِ مليل هئي.

بلڙيءَ جي سيد، ميان عبدالواسع بن عبدالغني بن سيد عبدالدليل بن سيد دين محمد بن سيد عبدالڪريم، جيڪو پڻ انهيءَ ساڳئي پرڳڻي جو رهاڪو هو ۽ هدايت و معارف آگاهه، الواصل با الله، مقبول بارگاهه احد، گزيدهء درگاهه حمد، زندهء جاويد لطف جي قديم، ميان عبدالڪريم عليـﮧ رحمـة الملڪ العليم جي خاندان مان هو، نفسيات جي چڪر ۾ اچي، (شاهه عنايت الله) سان وير وڌو. (سبب اهو ٿيو، جو) اڪثر فقير جيڪي سندس سلسلي جا هئا، تن وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ خاطر، صوفي بزرگ جي آستاني ڏانهن ڇڪ کاڌي. (انهيءَ سيد) پاڙي جي ٻين اربابن ۽ رئيسن سان ٻڌي ڪري، ٺٽي پهچي، مير لطف علي خان(1) کي دانهن ڏني. جنهن هم قبيلي هجڻ سبب (يعني سيد هجڻ ڪري) ۽ ساداتن سان تعلقات هئڻ جي بناء تي کين اجازت ڏيئي ڇڏي ته هو انهيءَ معاملي کي جيئن وڻين تيئن پاڻ وڃي طيءِ ڪن.

نور محمد ولد منبو بن راڌو بن پليجو، پليجار جو زميندار، جيڪو ابوجهل جي اولاد مان هو، پنهنجي دلي مقصد جي پورائيءَ لاءِ، موڪل ملڻ بعد پاسي پلؤ، اوڙي پاڙي ۽ جابلو ماڻهن کي اڪيچار تعداد ۾ گڏ ڪري، اوچتو ئي اوچتو صوفي سڳورن جي شهر تي وڃي ڪڙڪيو.صبر جي صاحبن، جڏهن وڌيڪ صبر ڪرڻ غير مناسب سمجهيو، تڏهن ٻاهر نڪري اچي ساڻن ڀتا ۽ ڪيترن شهادت جو شربت پِي، پنهنجي جان کي پنهنجي مخدوم تان صدقو ڪري، رهائي حاصل ڪئي(2). شهيد ٿيل فقيرن جي وارثن، بادشاهه جي بارگاهه ۾ (غالباً دهليءَ وڃي) فرياد ڪئي.

 

و کتبنا  لهم فيها ان النفس بالنفس، و العين بالعين،

و الانف بالانف، والاذن بالاذن، والسن بالسن، والجروح قصاص

جي مطابق، ڏوهن لاءِ قصاص جو حڪم وٺي آيا، ته هو شاهي درٻار ۾ پهچي بيگناهن جي خون جي جوابدهي ڪن. ڏوهين انهيءَ فرمان تي عمل ڪونه ڪيو؛ جنهنڪري سندن زمينداريون ضبط ٿي شهيدن جي وارثن کي خون بها ۾ مليون. جنهن بعد اوڙي پاڙي جا غريب ۽ مسڪين، زميندارن جي ظلم ۽ آزار کان ڇٽي، انهيءَ اهل الله جي آمان ۽ پناهه هيٺ خير جو وقت گذارڻ لڳا.

حمل ولد لاکو جت پڻ انهيءَ گروهه جو دشمن هو؛ جنهن سندن خلاف پنهنجي همخيال ماڻهن کي اڀارڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. انهيءَ وچ ۾ انبوهه ماڻهن جا فقيري اختيار ڪري، ۽ ڪن زماني جي ڏاڍائين سبب، امان حاصل ڪرڻ خاطر، (خانقاهه ۾) اچي گڏ ٿيا. قال، حال ۽ توحيد جو غلغلو پيدا ٿي ويو، ۽ روز بروز فقيرن ۽ طلبگارن جو تعداد وڌندو ويو.

بيخوديءَ واري جنس جي قيمت پر کيندڙ هن صراف، اهو حال ۽ ان جو مال ڏسي، پنهنجي زبان ڪرامت ترجمان مان فرمايو ته ’اسين عشق جي بازار ۾ انهيءَ سودي لاءِ ڪونه آيا هئاسين ۽ نه اهڙي هل هنگامي ۽ شور و غل جي ڪا آرزو هئي.

چو خود کردند سر عشق خود فاش، ”عراقي“ را چرا بدنام کردند. ليڪن، مطابق ڪلام ڪرامت پيام، حضرت شاهه اولياء ڪرم الله وجهه،

”عرفت ربي بفسخ العزائم“ جي، ڄاتم ته اختيار جي ڏور انهيءَ مالڪ مختار جي هٿ ۾ آهي، جاڏي گهري اوڏانهن موڙي، ۽ جنهن رستي تي چاهي ان تي هلائي.

يفعل الله ما يشاءُ و يحڪم ما يريد.‘

ان عرض حال ۽ قال جو چرچو ۽ چهچٽو وڌي ويو، و حدت وارو شراب سينن جي مٽڪن مان جوش کائي ٻاهر نڪرڻ لڳو، ۽ هر هڪ دور وديوار مان ”همه اوست“ جي صدا اٿڻ لڳي.

انهيءَ زماني (1128هه) ۾ اعظم خان(1) صوبي جو ناظم ٿي آيو، جنهن اچڻ سان فقيرن کان معافي_ زمين جي ڍل اڳاڙڻ جي تقاضا ڪئي. جنهن تي فقيرن شاهي معافي هئڻ سببان ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ناظم کي انهيءَ تي ڪاوڙ لڳي، ۽ جيڪي ڪيني پرور ۽ مدعي ماڻهو موقعي جي تاڙ ۾ هئا، تن کي به وجهه ملي ويو. پيشڪارن ۽ متصدين جي مشوري سان بادشاهه جي خدمت ۾ عريضو موڪليو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ”فقيرن بادشاهي حاصل ڪرڻ جي سِٽ سِٽي آهي، ۽ ’خليفـة الله‘ (يعني بادشاهه) جي حڪمن مڃڻ کان انڪاري آهن“.

غفران منزلت، ميان يارمحمد ملقب بخدايارخان بن نصير محمد بن الياس بن دائود بن آدم ڪلهوڙي ۽ ٻين سڀني زميندارن ۽ اربابن ڏانهن_ جن جي فقيرن جي جماعت سان پراڻي عداوت هئي_ حڪم پهتا. پڻ سيوي ۽ ڍاڍر جي خوجن کي به گهرايو ويو. اهڙيءَ طرح ايتري فوج گڏ ڪئي ويئي، جو شمار ڪونه ٿِي ٿِي سگهيو. ماڪوڙين وانگر هَشام ۽ ارﱞدهام اچي مڙيا. اهي سڀيئي فقيرن جي مسڪن تي اچي پرٽيا.

خادمن (بزرگ کي) گهڻو ئي عرض ڪيو ته پهچڻ کان اڳ، واٽ تي پهچي کين منهن ڏجي؛ ليڪن شاهه خدا آگاهه اڳرائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، ۽ ڪنج عزلت اندر ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿي، خدائي ڪارخاني جي تماشي جو انتظار ڪرڻ لڳا. تان جو لشڪر پهچي، سڄي شهر پناهه کي وڪوڙي ويو، ۽ چئني طرفن کان هاٿيءَ جيڏيون توبون تيار ڪري بيهاريون ويون.

”اقتل الموذي قبل الايذا“ جي حڪم مطابق، 18_ ذيقعد 1129هه جو، اڃا رات جو چوٿون پهر باقي هو، جو (خاموشيءَ سان) قلعي مان نڪري، هٿيارن پهنوارن جي ڪميءَ هوندي به، ڪاٺ جي مُٺن واريون تراريون کڻي، فقير مخالف لشڪر تي اچي پرٽيا، ۽ اهڙو وڙهيا جو رستم جو پتو به هوند خوف کان ڦاٽي پوي. ڪيترا مخالف اجل جو شڪار ٿيا ۽ جيڪي بچيا، سي

کانهم حمر مستنفرة فرت من قورة(1).

جي مصداق اٿي ڀڳا. خبر نٿي پين ته ڪاڏي وڃن يا ڪنهن سان وڙهن. ”شاڪت الوجوه“(2) جي سرائي اکين ۾ گهميل هين، ۽ ”وما رميت اذا رميت ولا کن الله رميٰ“(3)  جو تير جگر ۾ پيوست هئن.

انهيءَ ڀاڄڙ ۾، اچتو هڪ فقير کي پير ۾ ڪاٺي لڳي، جنهن تي سندس زبان مان ”يا الله، جي صدا نڪري ويئي. سڀني فقيرن پنهنجي دستور مطابق انهيءَ صدا تي ”الله! الله!“ جو نعرو بلند ڪيو، جنهنڪري دشمن جي فوج کي خبر پئجي ويئي ته اهو حملو فقيرن جي جماعت جو آهي، ۽ هنن مُڙي فقيرن تي ايڏي زور سان حملو ڪيو جو کين هزيمت کائڻي پئي.

شاهه عنايت الله فقيرن کي جهلي ڇڏيو هو ته هو ڪوبه نعرو نه هڻن، ۽ جيڪڏهن ”من سڪت سلم“ جي وصيت تي عمل نه ڪندا ته شڪست کائيندا. ليڪن تقدير اڳيان ڪنهن جو چارو!

آخر ڪار چار مهينا اهو محاصرو هليو، ۽ ”اشد البلاء علي الانبياء ثم الامثل ٽم الامثل“(4) جي مصداق جماعت قلعي بند، سختيءَ ۾ رهي؛ 3_ صفر 1130هه جو نيٺ ”السيف آخر الخليل“(1) تي ڪاربند ٿي، شوق الاهيءَ ۾ سرمست ۽ مشيت نامنتائي تي آمادو ٿي، سڀني فقيرن سميت مقابلي لاءِ ٻاهر نڪتا_ تاڪ قدرت جي مرضيءَ ۽ منشا جو مشاهدو ماڻجي.

مدعين جون تراريون ماٺيون هيون. فقيرن جي مقابلي ۾ مخالفن جي پاسي جو پلؤ هيٺ هو، تنهنڪري هنن حيليبازيءَ ۽ مڪاريءَ کان ڪم ورتو. محمد خان ولد خدا يار خان (ڪلهوڙي) ۽ شهداد بلوچ(2) وغيرهه سپهه سالارن ڪلام مجيد وچ ۾ آڻي، فقيرن جي گروهه سان واعدو ڪيو ته بزرگ جيڪڏهن نواب (اعظم خان) اڳيان اچي پيش ٿيندو ته هر ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ رهندو.

اجائي ڪشت و خون ٿيڻ کان پرهيز ڪندي، آخر انهيءَ واعدي تي لڳي، 15_ صفر 1130هه تي بزرگ (نواب وٽ) اچي پيش ٿيو. ”اولائک کالانعام بل هم اضل سبيلا“(3) جي مصداق ”فمن نکث فانما ينکث علي نفسـﮧ“(4)  تي عمل ڪندي، مدعين واعدن کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلائي ڇڏيو.

مير علي شير مرحوم انهيءَ جاءِ تي وضاحت ڪانه ڪئي آهي ته بزرگن سان نواب، ان وقت ڪهڙو سلوڪ ڪيو. ليڪن اڳتي هلي جيڪي عبارتون آيون آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بزرگن کي گرفتار ڪري ٺٽي آندو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد کين شهيد ڪيو ويو، شهادت جو واقعو، مير علي شير هيٺئين ڪنايي ۽ تلميح سان بيان ڪيو آهي:

”جڏهن انهيءَ وارستهءِ ازل، دنيا جي پنجن وقتن تي چار تڪبيرون هڻي، حواس خمسه کي وداع چيو ته پنجن عددن جي ڪميءَ سان، جيڪي حواس خمسه جي نڪرڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ”ما قتلوه يقيناً بل رفع“(1) مان 1130 کان 1135هه جا لفظ، تاريخ لاءِ نڪتا. ”آه مظلوم حق“ مان به اهو سال (1130هه) بر آمد ٿئي ٿو، ۽ راقم جي هيٺئين بيت جي آخري مصرع مان پڻ ساڳيو سال نڪري ٿو:

کلک ’قانع‘ خادم خدام آن ذوالمجد و همم،

”بوده قطب عهد خويش او“ سال وصلش زد رقم.“

_1130هه

’قانع‘ مرحوم، ان کان پوءِ نواب اعظم خان ۽ شاهه شهيد جي وچ ۾ (ٺٽي ۾) جيڪي سوال جواب هليا، سي هن ريت ڏنا آهن. لکي ٿو ته سوال جواب جيڪي ٿيا، تن جو قصو ته ڊگهو آهي؛ حافظ جي بيتن، قرآني آيتن خواهه حديثن کان علاوه، ٻيو هڪ به اکر شاهه شهيد جي زبان مان ڪونه ٿي نڪتو. مثلاً، ٿوري ۾، هن طرح سوال جواب هليو:

ناظم سوال ڪيو: تو اها شورش ڇو برپا ڪئي؟

پاڻ هيءَ رباعي جواب ۾ چيائون:

آن روز که توسن فلک را زين کردند،  آر ايش مشتري ز پروين کردند؛

     اين بود نصيبِ ما ز ديوانِ قضا،       مارا چه گنـﮧ! قسمتِ ما اين کردند،

شيخ محمد رضا شاعر نواب جو همراهي هو، تنهن وچ ۾ ورندي ڏني:

دوست بيدار بشو، عالم خوابست اينجا،

حرف بيهوده مگو، پاي حسابست اينجا.

پاڻ فرمايائون:

درکوي نيک نامي ما را گذر نداند،

گر تو نمي پسندي تغير کن قضا را.

نواب چيو: هاڻي مصيبت اچئي ٿي، تيار ٿيءُ !

پاڻ  چيائون:  البلاء  للولاءِ  کاللهب للذهب“ (1)

نواب چيو: پاڻ کي بدنام ڪري، مصيبت جي تير جو ڇو نشانو بڻايئي؟

پاڻ فرمايائون:

عاشق چه کند گر نکشد بار ملامت،   با هيچ دلاورِ سپر تيرِ قضا نيست.

نواب چيو: هن وقت تون ڪُسين ٿو، تڏهن به ڊيگهه ڪونه ٿو ڇڏين.

پاڻ چيائون:

هرگز نميرد آنکه دالش زنده شد بعشق،       ثبت است بر جريدهء عالم دوام ما.

نواب چيو: ”اولوالامر“ جي حڪم کان تو ڇو منهن موڙ ڪئي؟

پاڻ فرمايائون:

مان مريدان رو بسوي کعبه چون آريم، رو بسويء خانهء خمار دارد پيرِ ما.

نواب چيو: ٻڌاءِ، هاڻي ڪهڙي آرزو اٿئي؟

شاهه شهيد فرمايو:

     من هماندم که وضو ساخته از چشمهء عشق،

                چار تکبير زدم يکسره بر هرچه که هست.

جڏهن کين جيل ۾ بند ڪيو ويو. ان وقت هي بيت پڙهيائون:

ساقيا برخيز در ده جام را،     خاک برسر کن غم ايام را.

جڏهن شهادت جو پيالو پيئڻ لڳا، ان وقت زبان حال سان فرمايائون:

رهانيدي مرا از شرِ هستي،     جزاک الله في ادارين خيرا.

        بزرگ جي طالبن ”يا ايها الذين آمنو اذڪرو الله ذڪرا“(1) جي مصداق، توحيد جو دم هڻندي، دمبدم تيغ بيدريغ جي اڳيان پنهنجي ڳچي آندي ٿٻي.

 

در مطبخ عشق جد نکو را نکشند،    لاغر صفتان  زشت خو را نکشند؛

گر عاشق صادقي! ز کشتن مهراس،  مردار بود هر آنکه، او را نکشند.

       

مير علي شير لکيو آهي ته ’ان کان پوءِ (يعني شهادت کان پوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمارائي ڇڏيو ته ڪوبه ماڻهو ”يا الله!“ جو نعرو نه هڻي، ۽ جيڪو حڪم عدولي ڪندو، ان کي ترار جي ڌار تي رکيو ويندو“.

فاعتبرو يا اولو الابصار!“

        مير’قافع‘ لکي ٿو ته ”سبحان الله، خالق جا رنگ آهن، پنهنجي نالي وٺندڙن کي ڪهاڻي ڇڏي ٿو. ليڪن عشقبازن جو مقام آهي ئي اهو.

منه پا بوالهوس در عشق کين ره بس خطرناک است،

درين منزل سر عاشق فتاده بر سر خاک است“.

”مقالات الشعراء“ ۾ شاهه شهيد جي فقط هڪ مريد مير جان الله شاهه رضويءَ جو ذڪر آيو آهي، ۽ سندس ”ساقي نامه“ جا اهي شعر به ڏنا اٿس، جيڪي شاهه شهيد جي سلسلي ۾ آهن. مير صاحب لکي ٿو:

”سر گروه مشائخ کرام، زبدهء اولياءِ ذوالاحترام، صاحبي سلسله سنيه، ذکر اذکار خفيه و جليه. يعني مير جان الله شاهه رضوي بکري، شاهه شهيد جي مريدن مان آهي، ۽ اڃا تائين (1174هه) ايقان جي ساڳيءَ واٽ، ۽ عرفان جي انهيءَ مسلڪ جو سالڪ ٿيو، پنهنجي ڳوٺ (روهڙيءَ) ۾ هڪ جهان کي ارشادن ۽ اذڪارن جي ذريعي، مٿينءَ واٽ تي لائي رهيو آهي“.

        انهيءَ ڪتاب تيار ٿيڻ وقت مير صاحب اڃا حال حيات هو. مرشد جي ڳولا ۾ جيڪو پاڻ ”ساقي نامه“ چيو اٿس، ان جو هيٺيون اقتباس مير علي شير ڏنو آهي،(1)

دم تحقيق در جانم اثـــر کـــــــرد،       بجستجو دل ديــــوانه ســـــــر کـــــــرد.

تفحص گير پيران گشتم از جان،      نشان جستم زهر کوه و بيابــــان.

جنون را مشتري گرديد هـــوشم،        شکيباي بغـــارت دار جـــــــوشـــــــم.

محبت کرد اسباب سفر راست،        دل از خط وطن في الفور برخاست.

طلب از شوق در آتش نشاندم،        گلِ و حشت بفرقِ دل فشانـــــــدم.

چو بويء گل بغربت سر کشيدم،     دل آشـــــفـــــتـــــه در بـــــر مـــــيدويدم.

گـﮧ از دريا طلب کردم بخــاري،        گــــــﮧ از کهسار ميجستم شـراري.

دماغم شد ز سودايءِ طلب خشک،   بهر آهو نشان ميجستم از مشک.

_____

نمي آسودم از بي تـــــابـــــيءِ دل،      دوان چون موج از ساحل بساحل.

چو نقشِ پا بهر راهي که رستم،       نشانِ گلشن مقصود جـــــســـــتـــــم.

گهي از گريه در دريــــــا فـــــتـــــادم،      گـﮧ از آهي بصر صر سر نهـــادم.

”بسيوستان“ رسيدم دردمنـــدي،       طلبگـــارِ جـــــمـــــال هـــــوشـــــمنـــــدي.

تماشاي ”قلـــندر“ کـــــردم آنجـــــا،      هوايء فقر درس کـــــردم آنـــــجـــــا.

بسي ديدم در آنجا ”هائي هوئي“،    نـــــديـــــم از گـــــلِ مقصود بـــــوئــــي.

نديدم مرهم آنجــا ريـــش دلـــــرا،       سـراسيمه کشيدم ســـــر بصحـــــرا.

بچشم خونفشان و چهره کاهي،       شدم در آب سويء ”تته“ راهــي.

سر از شور طلب لــــبـــــريز ســـــوادا،       بصد رنگم پريـــــشـــــانـــــي مهيـــــا.

گهي نوميد در حسرت نشستم،      گهي سير عرب را نقش بســـتم.

بديسان بــــود روزم بـــــيـــــقــــراري،      شبم مير فت در اختـــر شمـــــاري.

شنيـــدم در سواد سند پيريست،       ز پـا افتاد گـــــان را دستگيريست.

نشسته بـــــر ســـــريـــــر اوج ارشـــــاد،      دلِ غم کشتگان را ميکند شـــاد.

کشيده خويش رابيرون ز کثرت،       چکان در جام جان سرجوش وحدت.

چو دريا موج زن پيوسته جامش،       کدوي مستفيض فيض عــامـــــش.

فتان خيزان بدان سوره گــــــرفتم،       سراغِ گلشن آن شهه گـــــرفـــتـــــم.

رسيدم بر در........................،      طلبگـارِ جـــــمـــــال جـــــانـــــفـــــزايـــــش.

خبر کـــردند نـــــزديکـــــانِ درگـــــاهه،      کـــــز اينسان آمــده شوريده از راهه.

چو مشتاقان سراپا شوق خدمت،       تمـــــنـــــا مـــــيـــــکــــند ديدارِ حضرت.

بـــجـــــوش آورد دريـــــاي کـــــرم را،      اشارت کرد کاريــد آن درم راهـــــه.

ز سرپا ساخته در پيش رفـــــتــــــم،      جمالش ديدم و از خويش رفــتم.

دل و ديده همه محـــو لـــــقـــــايـــــش،      ســـــرِ آشفته افگنـــــدم بـــــپـــــايـــــش.

بلطف و مرحمت بنشاند پيشم،      کرم کرد از نواز شهاي خـــويشم.

باستفسار احوالم بــــــپـــــر داخـــــت،      دلم ممنون اخلاق حسن ســـــاخت.

کمالي ديدم از حـــــد بـــــشــر دور،      دل و جان در هوايءَ عشق رنجور.

مجســم صــــــــــورت نـــــورِ الاهـــــي،      تماشا کرد اشـــــيـــــا را کـــــمـــــاهـــــي.

محقق عارفي کـامـــــل عـــــيـــــاري،      بــــــهـــــارِ حـــــســـــن را آئـــــيـــــنه داري.

مُـــــبـــــرهــــــن از رخش انوارِ عرفان،       مُـــبين در دلـــش اســـــرارِ رحـــــمـــــان.

کشيده خويش را بيرون ز تلوين،       نشــسته بر سريرِ عـز و تمکـــــيـــــن.

درون مجذوب بيرون سالکِ وقت،     بــروزِ معرفت شد مــالـــــکِ وقـــــت.

بذات اندر صفات خويش ساري،       تـصرف بر همه اکـــــوانـــــش جـــاري.

بـــــراهِ مستقيـــم شـــــره مـــــســــــــاح،     تماشــا کـــــردهء اشـــــبـــــاح وا ارواح.

نـــــرفـــــتـــــه در ره پـــــا لغز نقصــــان،      مبرا ذاتش از تلـــــويـــــث امـــــکـــــان.

دلـــــش را تـــــکـــيه بر نـورِ تــجــلي،      تصور را ز تصديـــقـــــش تــــســـــلي.

نيفگنـده مـــــصـــــلا بـــــرســـــــــرِ آب،      چو خش هرگز نگرديده بگر داب.

چو گوهر در دل درياست جايـــش،       همه امواج رقـصـــان در هـــــوايـــــش.

رموزِ غيــر را بـــــيـــــنـــــد هـــــويــــــــدا،      بکشفش جمله پنهانست پـــيـــــدا.

زمغز خويشتن چون پوست برکند،     فتاده تا گلو خون بسته در قـنـــــد.

بتعليم حـقـــــش کـــــردنـــــد دانـــــــا،      وراثت يـــافـــــت از عـــــلـــــم لـــــدنـــــا.

فـــــرو بـــــســـــت آرزو را در بــــروي،       درين ميدان بچو گان بــرد گــــوي.

بدرد عــاشقي هـــــمـــــراز گـــــشـــــته،      بـــــمـــــعـــــشـــــوق ازل دمسـاز گشته،

نه بندد برهم اوهـام گـــــمـــــانـــــي،      کلامش مخبر از کشف عيـــــانـــي.

برون دارد ز دست هجر وصــــــلي،       عدو را نيست همچون زوج فــصلي.

ترشح کــــرده در اطـــــوارِ حـــــالـــــش،      جهد حکمت برون از قيل و قالش.

ز شدتهاي ره آمـــــد بـــــفـــــرحـــــت،      کشاده در بيــــان ينبوع حــــــکمت.

بتلقينم چو لب را آشنــــــا کـــــرد،       بحرفي مسکه از دوغم جدا کـــرد.

حجاب چشم را از جان برانداخت،      نهان را در عيانم جلوه گر ساخــت.

شرابِ بيخودي درجام من ريخت،     غبارم از پرند حيرتــم بـــــيخـــــت.


(1)  جعفر زٽليءَ کي انهيءَ شعر جي سلسلي ۾ فرخ سير مارائي ڇڏيو.

(1)  فرخ سير کي 1231هه، يعني شاهه عنايت شهيد کان هڪ سال پوءِ، نهايت بيرحميءَ سان، انڌو ڪري ماريو ويو. ”فاعتبروا يا اولي الابصار“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو. کانئس پوءِ، ساڳئي سال ۾، ٽي شهزادا تخت تي ويٺا۽ هئا. رفيع الدرجات، رفغ الدوله ۽ زڪو سير. آخر ۾ ساڳئي سال منجهه محمد نصيرالدين تخت نشين ٿيو، جنهن کي اڳتي هلي عوام، ۽ آخر ۾ تاريخ محمد شاهه رنگيلي جو ٺهڪندڙ لقب ڏنو.

(1)  سيد ميران جونپوري المعروف به مهدي، ڄام نظام الدين جي دﺆر ۾ انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهيو هو. تنهنڪري انهيءَ مناسبت سان ان تي ”ميران پور“ جو نالو پيو.

(1)  سيد جو نالو مير محمد شفيع هو، سيد يارمحمد جو پٽ هو، جيڪو سيد يوسف بکري رضويءَ جي اولاد مان هو. لطف علي خان ۽ شجاعت علي خان بادشاهه طرفان لقب مليل هئس. ”همت“ سندس تخلص هو. 1125هه کان 1127 هه تائين ٺٽي جو گورنر ٿي رهيو. سندس وفات 1144هه ۾ ٿي.

(2)  اهو واقعو 1126هه يا 1128هه ۾ ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته 1127هه ۾ سيد لطف علي معزول ٿيو ۽ 1128هه جي آخر ۾ اعظم خان آيو.

(1)  اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان، لطف علي خان جي معزول ٿيڻ تي ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو. پهرين خواجا محمد خليل خان کي نائب ڪري موڪليائين، پوءِ پاڻ آيو. 1128 کان 1131هه جي آخر تائين رهيو. کانئس پوءِ 1132هه ۾ نواب مهابت خان ڪاظم خلف محمد منعم خان آيو.

(1)  ترجمو: ڄڻ ته اهي گڏهه آهن، جيڪي ڇرڪ ڀري، شينهن کان وٺي ڀڳا آهن.

(2) اهي لفظ حضورجن ”جنگ بدر“ جي موقعي تي، پٿرن جي مٺ مخالف لشڪر ڏانهن اڇلائيندي فرمايا هئا، ۽ انهيءَ مٺ وارن پٿرن، دشمن جي سڄي لشڪر جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو هو.

(3) ترجمو: جڏهن تو پٿريون هنيون هيون، ته اهي تو نه، بلڪ الله هنيون هيون.

(4) سڀ کان سخت آزمائش نبين جي ٿيندي آهي، پوءِ اوليائن جي، ۽ ان کان پوءِ درجي بدرجي. (حديث)

(1)  آخري حيلو ترار آهي.

(2)  روايت آهي ته مير شهداد بلوچ، شاهه شهيد جو سينڍوُ هو.

(3)  هو ته چوپايا آهن، بلڪ انهن کان به زيادهه گم ڪردهه راهه آهن،

(4)  جن واعدا ٽوڙيا، انهن ڄڻ پاڻ سان عهد شڪني ڪئي.

(1)  کيس يقيناً قتل ڪونه ڪويو ويو بلڪ مٿي کنيو ويو. مٿينءَ عبارت ۾ پنجن وقتن جو اشارو نماز جي وقتن ڏانهن آهي، ۽ چئن تڪبيرن جو استعارو جنازي نماز جي تڪبيرن ڏانهن آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا جي پنجن وقتن نماز تي (جيڪو فقيرن جو دنيا ۾ ڪم آهي) جنازي نماز جون چار تڪبيرون هڻي، حواس خمسه کي وداع چيائون، يعني شهيد ٿيو.

(1)  دوستيءَ لاءِ آزمائش ائين آهي جيئن سون لاءِ باهه.

(1)  اي اميان وارﺆ! الله جو تمام گهڻو ذڪر ڪندا رهو.

(1)  مير جان الله شاهه جي ديوان ۾ بزرگن جي سلسلي ۾ ڪيئي قصيدا موجود آهن. سندن شهادت تي، مير صاحب هڪ قصيدو لکيو، جنهن جو هڪ شعر هي آهي:

برخاست تا نشاند شمع وجود حق را،   غافل که سر بريدن افزون کند ضياي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com