سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :53

 

ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو

سنڌ جو جهونو تخت گاهه ننگر ٺٽو، اسلامي تاريخ جي اُنهن مردم خيز ۽ تاريخ ساز شهرن منجهان هڪ هو، جتي اسلامي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت نه رڳو جنم ورتو، پر اتي انهن جو نشو و نما به ٿيو.

وسنديءَ واري دﺆر ۾ هن شهر اندر لاتعداد مدرسا، سوين خانقاهون ۽ ديني ۽ ذهني تربيت جا مرڪز موجود هئا، جتي وقت جا نامور صوفي ۽ دين جا عالم، الله جي بندن کي سنئين واٽ ڏيکارڻ ۾ مصروف رهندا هئا. اديب، شاعر، خطاط، علم جا صاحب ۽ قلم جا ڌڻي انهيءَ پايي ۽ مرتبي جا موجود هئا، جن جي هاڪ، سندن ڪارنامن سبب، ديسان ديس پکڙيل هئي___ ننگر ٺٽي جو نالو بلاشڪ صدين تائين اسلامي دنيا جي تهذيبي مرڪزن، جهڙوڪ سرقند، بخارا، بغداد دمشق وغيره جي هم صف ۽ هم وصف رهيو آهي.

هتي اسان ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتابن جي فهرست__ حاڪماڻي دﺆرن جي تحت__ ڏيئي رهيا آهيون، جنهن جي ذريعي انهيءَ شهر جي علمي ۽ تهذيبي خدمتن جو هڪ سرسري نقشو ذهن ۾ ويهاري سگهجي ٿو. هيءَ فهرست توڙي جو مڪمل نه آهي__ ۽ نه مڪمل فهرست هيترين صدين ۽ بربادين بعد ممڪن ٿي سگهي ٿي__ تنهن هوندي به علمي ۽ ادبي تاريخ ۽ تحريڪن سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ هيءَ فهرست ضرور ڪارائتي ثابت ٿيندي. مٿس هڪ نظر وجهڻ سان معلوم ٿي ويندو ته مختلف حڪومتن هيٺ علم جي ڪهڙي صنف زياده مروج رهي، جنهن مان ان وقت جي معاشري، رجحان ۽ ذهني ۽ تهذيبي پس منظر جو اندازو آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو.

فهرست ارغون دﺆر کان شروع ٿي، انگريزي عهد تائين اچي ٿي. انهيءَ کان اڳ يعني سومرن ۽ سمن جي زماني جو علمي اثاثو ارغونن ۽ مغلن جي لشڪر ڪُشين سبب تباهه ۽ برباد ٿي ويو، تنهنڪري چئي نٿو سگهجي ته اُنهن زمانن ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ڪهڙي صورتحال هئي. تنهن هوندي به اسان ڄاڻون ٿا ته سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ مدرسا، تهذيبي مرڪز، بيشمار اهل علم ۽ اصحاب قلم موجود هئا. انهيءَ برباديءَ ۽ لُٽ ڦُر جو سلسلو نادر شاهه افشار، احمد شاهه ابدالي ۽ انگريزن واري ميڙا چونڊيءَ تائين لاڳيتو قائم رهيو، تنهنڪري ظاهر آهي ته ڪهڙا نه قهر ٿيا هوندا!

هتي پيش ڪيل دﺆرن کي هيٺينءَ طرح ورهايو ويو آهي:

(1) ارغون ۽ ترخان دﺆر_       927_1021هه___1521_1612ع

(2) مغليه دﺆر_                1021_1150هه___1612_1737ع

(3) ڪلهوڙن جو دﺆ   1150_1196هه___1737_1782ع

(4) ٽالپري دﺆر_       1196_1259هه___1782_1843ع

(5) انگريزن جو دﺆر_  1259_1363هه___1843_1947ع

هيءُ جائزو سنڌ جي فقط هڪ شهر جو آهي، حالانڪ عروج ۽ وسنديءَ وارن زمانن ۾ سنڌ جا ڪيترا شهر علمي ۽ ٽقافتي حيثيت ۾ برک ۽ برتر هئا. جهڙو ته حيدرآباد، مٽياري، هالا، ملاڪاتيار، نوشهرو، درٻيلو، ڪوٽڙي ڪبير، روهڙي، سکر، بکر، لکي غلام شاهه، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، شهداد ڪوٽ، سيوهڻ، بوبڪ، لڪي شاهه صدر وغيرهه. اهي اهڙا شهر هئا، جتي سوين جيد عالم ۽ بلند مرتبي جا اصحاب علم ۽ فن هئا، جن ڪيئي قلمي آثار ڇڏيا هوندا، جن جي جيڪڏهن فهرست ٺهي سگهي، ته هوند ڪنهن به صورت ۾ ٺٽي کان گهٽ ڪانه ٿيندي. جيڪڏهن علم دوست پيش ڪيل ترتيب تي انهن شهرن متعلق فهرستون تيار ڪن ته هوند سنڌ جي علمي تاريخ تمام آسانيءَ سان مرتب ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح اسان کي خود پاڻ کي سڃاڻڻ جو موقعو ۽ پنهنجي اباڻي ورثي جو پتو پئجي وڃي.

 

ارغون ۽ ترخان دور

(967_1021هه___1521_1612ع)

حاجي محمد حسين الصفائي (المتوفي سنه 931هه).

1. تذڪرة المراد

مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو (المتوفي 949هه__1542ع)

1. شرح اربعين

2. شرح گيلاني

۽ ٻيا متعدد رسالا

شاهه جهانگير هاشمي (المتوفي 946 هه)

1، مثنوي مظهر الاثار 940 هه_ فارسي(1)

شيخ عبدالوهاب پوراني (المتوفي 972هه )

1. فتاوى پوراني(2)

فخري هروي (معاصر شاهه حسن ارغون و عيسى ترخان)

1. تذڪرهء روضـﺔ السلاطين(3)_ فارسي،تاليف 958 هه موشح به شاهه حسن ارغون

2. صنايع الحسن(4) _ فارسي، تاليف بعد از 958 هه موشح به شاهه حسن ارغون

3. جواهر العجائب _فارسي، تاليف 962 هه، بنام حاجي ماه بيگم زوجه ميرزا عيسيٰ ترخان

علامه قاضي محمود ٺٽوي (معاصر عيسيٰ و باقي)

1. تذڪرة الاوليا _ فارسي

2. شرح العقد _ عربي(5)

3. حواشي شرح زبدة المنطق _ عربي

ملا عبدالعلي ٺٽوي (معاصر باقي)

ساقي نامه _ فارسي

سيد علي ثاني (المتوفي 981 هه)

1. آداب المريدين سنه 954 هه_ عربي

2_ سسئي پنهون _ نثر_ فارسي(1)

علامه قاضي نعمت الله عباسي (معاصر باقي)

(ثاني_ بن قاضي سائينڏنو بن قاضي نعمت الله اول)

1. جواهر التحقيق شرح المبدع و المعاد

2. رسالـﮧ في خلق الاعمال

3.شرح زوراء دواني

سيد محمد هاشم بن سيد محمد الحسيني (معاصر مرزا جاني) 

1. سِير السلاطين _ فارسي(2)

ملا مقيم ٺٽوي (معاصر جاني )

1. مثنوي ترنم عشق_ فارسي(3) (1000 هه کان ڪي سال اڳ تاليف ٿيو)

سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم (صاحب سير السلاطين) بن سيد محمد الحسيني (معاصر جاني و اڪبر)

1. حديقة الاوليا سنه 1016 هه _ فارسي(1)

ادراڪي بيگلاري (معاصر شاهه قاسم ارغون)

1. مثنوي چنيسر نامه سنه 1010 هه _ فارسي(2)

2. تاريخ بيگلر نامه _ فارسي(3)

ميرزا غازي وقاري (المتوفي سنه 1021 هه)

1. ديوان وقاري _ فارسي، پنج هزار بيتن کان زياده سندس ديوان چيو ويو آهي.

2. ساقي نامه _ فارسي

محمد بن بايزيد پوراني ٺٽوي

ا. نصرت نامه ترخان، ج اول، در بيان تاريخ ارغون تا وفات شاه حسن ارغون(4)

مير غروري ڪاشاني ٺٽوي (معاصر مرزا باقي)

1. ديوان غروري _ مير ’قانع‘ سمورو ديوان مطالع ڪيو هو.

مغليه دور

(1021_1150 هه/1612_1737ع)

ملا احمد ٺٽوي بن قاضي نصر الله (معاصر اڪبر)، قتل 996 هه.

1. تاريخ الفي 1000 هه _ فارسي.

2. خلاصـﺔ الحيوة _ فارسي(1).

محمد طاهر نسياتي ٺٽوي (معاصر جهانگير و شاهجهان)

1. تاريخ طاهري 1030 هه(2)_ فارسي.

2. مثنوي ناز و نياز(3) _ فارسي.

مير محمد منعم حسيني ولد غروري ڪاشاني (عهد اڪبر)

1. ديوان حسيني _ فارسي.

 ميرڪ يوسف بن ابوالبقا امير خان (عهد شاهجهان)

1. تاريخ مظهر شاهجهاني 1040 هه(4) _ فارسي.

قاضي ابراهيم (امين الملڪ) ٺٽوي (المتوفي 1073 هه)

1. شرح مخزن الاسرار _ يوسف خان، واليء ٺٽه (1041_ 1049 هه) جي نالي معنون ٿيل آهي.

2. ترجمـﮧء غنيةالطالبين، موسوم به دولت قادريه(5).

علامه سيدعبدالرشيد ولد عبدالغفور الحسيني المدني التتوي (المتوفي 1069 هه)

1. فرهنگ رشيدي 1064 هه_ فارسي(1).

2.  منتخب اللغات شاهجهاني 1046 هه _ عربي(2).

3. رسالهء  مصربات.

4. رسالهء  رشيدي (در علم مناظره).

5. تحفـﮧ رشيدي(3).

خواجه امان الله سيفي (معاصر شاهجهان)

1. بهمن نامه _ نظم، فارسي _ ست قصا.

2. هفت اختر _ نثر،فارسي_ ست قصا.

شيخ محمد  رضا شهرتي (وفات بعد از 1071 هه)

1. ديوان شهرتي _ فارسي.

مير ابوالمڪارم شهود (المتوفي 1073هه)

        1. ديوان شهود _ فارسي

2.مثنوي پريخانهء  سليمان(4) فارسي.

3. قصـﮧ بديع الجمال و سيف الملوڪ _ فارسي ناتمام.

عبدالشڪور بن شيخ عبدالواسع ٺٽوي

1.انتخاب منتخب(1).

2. ذڪر الحسين_ تاليف 1079 هه _ در بيان شهادت.

رضا بن عبدالواسع بن داروغـﮧ کهر تتوي

1.بيان العارفين و تنبيـﮧ الغافلين، سنه 1083 هه(2)، فارسي.

ملا عثمان فاضل خان (المتوفي 1096 هه)

1. منشات فاضل خان _ فارسي.

سيد مير محمد بن سيد جلال ثاني بن سيد علي ثاني (آخر دور شاهجهان)

1. ترخانه نامه _ فارسي _ بعد از سنه 1060 هه.(3)

غيوري عرف شڪر تتوي (وفات بعد 1076 هه)

ابوالفتح قابل خان (عهد عالمگير)

1. آداب عالمگيري،عالمگير جي شاهزادگيءَ واري دور جا خط، 1069 هه،(1) فارسي.

2. دستور دانش صغير _ فارسي.

3. دستو دانش ڪبير _ فارسي.

4. تحفـﮧء ڪامروپ _ فارسي

محمد افضل منشي ٺٽوي (عهد عالمگير)

منشات افضل_ فارسي.

سيد نظام الدين ثاني شڪر الاهي (عهد عالمگير)

1. جامع فتاويٰ عالمگيري.

مخدوم ابوالخير ٺٽوي (عهد عالمگير)

1. جامع فتاويٰ عالمگيري. 

مينگهراج (زمانه 1103 هه)

1.مر آة الخيال _ فارسي.

مير رضي الدين فدائي (المتوفي سنه 1120 هه)

1. ديوان فدائي _ فارسي.

عبدالواسع صوفي (وفات 1127 هه کان اڳ)

        1. شرح مخزن الاسرار _ فارسي.

امين الدين خان حسيني امير خاني (المتوفي 1127هه)

1. رشحات الفنون _ تاليف 1123 هه _ فارسي.

 

2. معلومات الا فاق(1) فارسي.

محمد حسين شوقي (وفات 1127 هه کان پوءِ )

1. مثنوي نغمات شوقي_ فارسي.

2. مثنوي ناز و نياز _ فارسي.

3. و ديگر مثنويات.

مير محمد حسين اشرف خان بن عبدالڪريم اميرخان

1.  رقم ڪرائم، امير خان عبدالڪريم(2).

محمد  شفيع لطف علي خان رضوي همت (متوفي 1144 هه)

1. طلسم سعادت(3).

ابوالحسن نور الدين محمد بن عبدالهادي ڪبير (متوفي 1138 هه)

1. تحفة المجين في شرح اربعين.

2. مسند احمد بن حنبل جو حاشيو نهايت نفيس آهي.

3. حاشيه فتح القدير ابن همام (ڪتاب النڪاح تائين.)

4. حاشيه شرح جمع الجوامع ابن قاسم ’الا آيات البينات‘.

5. افڪار _ امام نووي جي افڪار تي حاشيو.

6. فتح الودود في شرح ابي دائود.

7. حاشيه جامع ترمذي (هي حاشيو مڪمل نه ٿي سگهيو.)

8. حاشيه صحيح بخاري.

9. حاشيه نسائي.

10. حاشيه ابن ماجه.

11. حاشيه مسلم.

12. رساله في قرآة الفاتحه خلف الامام (فقـﮧ).

ڪمال الدين احمد خان رضوي (المتوفي 1132 هه)

1. اصطلاحات رضويه _ فارسي.

2. شرح ديوان حافظ _ فارسي.

ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي (المتوفي بعـﮧ 1130 هه)

1. ديوان غزليات(1) فارسي.

2. ديوان قصائد _ فارسي.

3. ديوان قصائد 1109هه(2) _ فارسي.

4. مثنويات عطا(1) ”هشت بهشت“ 17_ 1118 هه _ فارسي.

5. مثنوي مهر و ماهه(2) 1117 هه _ فارسي.

6. بياض عطا(3).

مير زين العابدين قانع (المتوفي 1132 هه)

1. حرز البشر _ فارسي.

2. ديوان قانع_ فارسي.

شيخ عبدالغني ٺٽوي (المتوفي 1135 هه)

1. ديوان(4) _ فارسي.

 

محمد ضياء ٺٽوي (وفات 1135 هه کان پوءِ)

1. ديوان ضياء(5) _ فارسي.

مير شاهه ولي الله شڪر الاهي (المتوفي 1150 هه)

1. تحفة المجالس _ فارسي.

آقا محمد ڪريم عاشق صفاهاني (المتوفي 1155 هه)

1. ديوان عاشق_ فارسي.

ملا ضيائي ٺٽوي

1. مثنوي زيبا نگار(1) _ فارسي، تصنيف 1053 هه .

عاقبت محمود خان عيشي

1. ديوان عيشي.

2. مجموعه انشا.

محمد ڪاظم ٺٽوي

1. قصهء ڪامروپ.

محمد محسن امي ولد محمد حسن

رسالهء در هيئت.

مير ابو البقا بهر ور علي

1. تاريخ چراغ هدايت، معروف به بهرور شاهي _ فارسي.

محمد شجاع ٺٽوي

1، انشاء محمد شجاع _ فارسي.

محمد شفيع ٺٽوي

1. مجموعهء انشا، دو جلد_ فارسي.

محمد صالح ٺٽوي

1. دستور السياق_فارسي.

قاضي محمد ظهير ٺٽوي بن اسد العما قاضي عبدالغفار (بنرمان) عالمگير)

1.  فتاويٰ ظهيري _ فارسي.

2. حواشي برڪتب درسيـﮧ _ عربي.

عبدالرسول بن ملا يوسف

1. نفائس الافڪار في العرايس الابڪار_ فارسي.

عبدالوهاب بن عبدالرحمان

1. رساله در مذهب اماميـﮧ.

قاضي عطا الله عطا عباسي (از اولاد علامه قاضي نعمت الله) ديوان عطا _ فارسي.

محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي

1.تصانيف در اڪثر علوم.

محمد باقر جويا ٺٽوي

1. ديوان جويا _ فارسي.

ميان ابوالحسن ٺٽوي

 

1. مقدمة الصلواة(1) _ سنڌي.

فتح الله ولد ميان عبدالله

1. ديوان(2) _ فارسي

ملا فيض الله

1.  مثنوي _ فارسي.

محمد شفيع بن شيخ محمد امين

متعدد تصنيفات.

محمد اشرف بهجت بن قاضي محمد يعقوب بن قاضي قاضن بن قاضي محمد قاسم

ديوان بهجت_ فارسي.

تحسين ملتاني الٺٽوي(3)

1. متعدد رسائل در فقهه.

ابو طيب سنڌي بن عبدالقادر

1. شرح جامع الترمذي، ٻه جلد ڇپيل.

2. حاشيه علي الدر المختار.

3. قرة الانظار شرح تنوير الابصار (پشاور ۾ موجود آهي).

عبدالسبحان ٺٽوي

1. ديوان حسيني _ فارسي.

مخدوم حسن بن الميدنه ٺٽوي

1.  شرح شرعة الاسلام المسميٰ بموارد الشريعة.

محمد تقي دوهائي ٺٽوي

1. شفاء السقيم.

2. دافع الامراض(1).

ڪلهوڙن جو دور

(1150_ 1196 هه/ 1737_ 1782ع)

قاضي ميان غلام علي (المتوفي 1154 هه)

1. مثنوي (در بحر مثنوي مولانا رومي _ نامڪمل).

مولانا محمد قائم محدث (المتوفي 1157 هه)

1. تبيان الصواب في مناقب سعيدي الماب_ مناقب_ عربي.

2. رساله في الرد علي اصلاح مقدمة الصلواة _ فقـﮧ عربي.

3. فوز الڪرام(2). بما ثبت في وضع الدين تحت السرة او فوقها (حديث).

مير نجم الدين عزلت (المتوفي 1160هه)

1. رساله يکروزي.

2. طوطي نامـﮧ _ نثر فارسي.

3. ديوان  عزلت _ فارسي.

مخدوم محمد معين (المتوفي 1161 هه)

1. رساله اويسيـﮧ، طريقه اويسـﮧ جي بحث ۾ _ فارسي.

2. شرح رموز عقائد الصوفيـﮧ _ عربي، (1133 هه ۾ نواب مهابت خان ڪاظم جي تحريڪ تي لکيائين)، در جواب رساله فيروز صوفي شطاري اڪبر آبادي(1).

3. رساله در بيان اثبات رفع الدين _ عربي.

4. رساله در بيان اثبات رفع الدين_ فارسي.

5. رساله در ترديد ابن الهمام (در بحث تقديم قرا بر اعلم در امامت)، عربي.

6. ايقاظ الوسنان (در بحث کفات قريش) _ عربي.

7.  نماية الفسخ لمستلة النسخ (در بحث نسخ اجتهادي)_ عربي.

8. جزء في الکلام علي حديث المصراة ، رساله  در بحث حديث المصراة (در اثبات آنکه اين حديث موافق قياس است)_ عربي.

9. رساله در تحقيق اهلبيت، بحث  بر آيـﮧء تطهير _ عربي.

10. غاية الايضاح في المحاکمة بين النووي و ابن صلاح _ عربي.

11.  ابراز الضمير للمنصف الخبير_ عربي، آثار صحابه و مقاومت احاديث مرفوعه.

12. انوار الوجد من مخ المجد، بحث اسرار باطنـﮧ مطابق ذوق صوفيـﮧ _ عربي.

13.  رساله مفردة في انتقاد الموضعين من فتح القدير، در تنقيد بر دو مقام از فتح القدير_ عربي.

14. رساله در تحقيق معني حديث، لانورث ما ترکنا صدقة_ عربي.

15، مواهب سيد البشر في حديث الائمة الاثنيٰ عشر، فضليت اهلبيت، عربي.

16. رساله قرة العين في البکاء عليٰ الامام حسين،تاليف 1142 هه،  عربي(1).

17. الحجة الجليـﮧ في نقض الحکم بالافضيلـﮧ، در فضيلت حضرت علي _ عربي.

18. رساله  در اثبات اسلام ابي طالب_ عربي.

19. رساله در بحث تناسخ_ عربي.

20. دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة باالحبيب_ عربي.

21. شرح ديوان حافظ.

22. حاشيه زوراء _ فلسفه.

23. بهجة النظائر في برات الابرار_ رد مخدوم محمد هاشم.

24. رساله في تحقيق معنيٰ الحديث.

25. الجوهر الثمين _ پيدائش دنيا و فنا، فلسفه.

26. الخواطف للتصوف.

27. رساله اعتدالات الاربعه_ منطق و فلسفه.

28. وحدت الوجود و الموجود_ فلسفه تصوف.

29. الحق الصريح _ سماع جو جواز.

30. رسالة الکلي الطبعي_ منطق.

31. رفع الاشکال و الزحمـﮧ_ شرح بعض اقوال ابن عربي.

32. المدرار الديمة علي حاشيه القديمة_ علم ڪلام.

33. غاية ما ظهر لاضعف الانام في ان الکلام المحتمل لا يوجب الاسلام.

34. رسالت بالاجوابة الفاصلة لاسئلة الڪاملة.

35. مجمع النکات_ عربي(1)


(1)  اها مثنوي راقم الحروف سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪئي آهي،

(2)  مخدوم محمد هاشم جي مطالعي ۾ هئي. هن وقت ڪٿي به موجود ڪانه آهي،

(3)  جن بادشاهن، شاهزادن ۽ اميرن فارسيءَ ۽ ترڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، انهن جي حالات ۾ هي تذڪرو آهي، جيڪو مولف شاهه حسن ارغون جي چوڻ تي ٺٽي ۾ لکيو. راقم الحروف اهو تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي،

(4)  هي مختصر ڪتاب  ساڳئي مولف؛ شاهه حسن جي حڪم تي، فن عروض ۽ صنايع بدايع ۾ لکيو آهي، منجهانئس اقتباس روضـﺔ السلاطين جي مقدمي ۾ ڏنا ويا آهن، ٽيون نمبر ڪتاب ”جواهرالعجائب“ ٻه دفعا ڇپيو آهي. ٽيون دفعو راقم جي تصحيح سان روضـﺔ السلاطين سان گڏ ڇپيو آهي.

(5)  ڪتاب 2 حڪيم محمد احسن وٽ هو، جيڪو سندس خانداني ڪتبخاني مان آيل هو. ڪتاب 3 مولوي قاسمي صاحب وٽ آهي ۽ ڪتاب 4 پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ آهي.

(1)  سيد عليءَ، سسئي پنهون جو اهو قصو هڪ سنڌي زبان جي منظوم تصنيف (قصهء سسئي پنهون) فارسي نثر ۾ ڪيو، جنهن تان وري رضائي ٺٽوي ”مثنوي زيبا نگار“ تصنيف ڪئي.

(2)  هي ڪتاب مرزا جانيءَ جي نالي معنون ٿيل آهي. هن بزرگ پنهنجي نياڻي سيد احمد شيرازيءَ کي ڏني، جنهن مان سيد مراد شيرازيءَ جو خاندان شروع ٿيو.

(3)  مومل مينڌري جو قصو مثنويءَ ۾ بيان ڪيل آهي.

(1)  هي سنڌ جي بزرگن جو نظم۽ نثر ۾ تذڪرو آهي، مرزا خسرو  چرڪس جي نالي معنون آهي، راقم هن کي سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.

(2)  راقم الحروف هيءَ مثنوي بورڊ ذريعي شايع ڪئي آهي. هيءَ مثنوي ابوالقاسم بيگلار جي نالي معنون ٿيل آهي.

(3)  هي ڪتاب بيگلار خاندان جي تاريخ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان کي سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪري رهيو آهي.

 

(4)  مصنف پنجاهه سال ارغونن ۽ ترخانن  سان گڏ رهيو. نهايت مفصل ۽ قيمتي ڪتاب آهي. هن جو هڪ نسخو علي ڳڙهه ۾ آهي

(1)  خلاصـﺔ الحيواة، ابوالفتح بن عبدالرزاق گيلاني (المتوفي 997 هه) جي نالي معنون آهي. ڪتاب ۾ هڪ فاتحه آهي، جنهن ۾ پنج فتح آهن ۽ ٻه مقصد ۽ هڪ خاتمو.

(2)  هيءَ تاريخ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪئي آهي

(3)  هيءَ مثنوي عمر مارئيءَ جي قصي ۾ آهي.

(4)  هيءَ تاريخ  راقم الحروف سنڌي ادبي بورڊ جي معرفت شايع ڪئي آهي. پهريون حصو آهي ’بادشاهه لاءِ نصيحتون‘ ۽ ٻيو حصو آهي سنڌ جي تاريخ تي . تازو بورڊ ان جو سنڌي ترجمو پڻ شايع ڪيو آهي، جيڪو نياز همايونيءَ ڪيو آهي.

 

(5)  هي رسالو دار شڪوه جي نالي معنون ٿيل آهي. 

(1)  ايشاٽڪ سوسائٽي ڪلڪتي ٻن جلدن ۾ (72_ 1875ع ۾) شايع ڪيو آهي. هن جو هڪ قديم قلمي نسخو بنگال ايشياٽڪ ۾ آهي، جنهن جي ڪتاب 1072 هه. ۾ ٿيل آهي. اوراق 305 آهن (نمبر 24 _ B _ 431). ٻيو نسخو، جنهن جي نظرثاني 1088هه ۾ ٿيل آهي (نمبر 25_ B_ (143)٬

(2)  هيءَ لغت متعدد دفعا شايع ٿي آهي، هڪ ڇاپو نولڪشور وارن 1891ع ۾ ڪڍيو.

(3)  بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ هڪ ڪتاب آهي، ”حدائق الشعر“، فارسي شاعرن جي تذڪري ۾: مرزا امير بيگ بنارسيءَ جي لکيل (تاليف 1262  هه). ان جي ماخذن ۾ هن ڪتاب جونالو به ڄاڻايو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”تحفـﮧ رشيدي)به تذڪري جي قسم جو يا شعرن جي انتخاب جو ڪتاب آهي. ان  جي ڪنهن به خطي نسخي جو پتو اڃا ڪو نه آهي. ”حدائق الشعر“ جو نمبر آهي (122_111_702).

(4)  هن مثنويءَ جو هڪ قديم نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، جنهن مان 18 ورق کٽل آهن

(1)  محمد يوسف بن رحمة الله جي منتخب  التواريخ (مولفه  1056) جي تلخيص آهي. ابتدا ۾ عبدالشڪور پنهنجي گهراڻي جو احوال لکيو آهي. سندس ڏاڏو مرزا جاني بيگ جو استاد هو. اڪبر وٽ پيش ٿيڻ وقت ساڻس گڏ هو. عبدالواسع بهتر خطاط هو. منشي گري سندس پيشو هو ۽ نه ذريعه معاش، عبدالشڪور جو اهو پيشو هو. هن عيسيٰ، باقي ۽ جاني بيگ جو مفصل ذڪر ڪيو آهي. خاندان جي ختم ٿيڻ جو کيس سخت صدمو هو. هي انتخاب 1804 هه ۾ ٿيو، تاريخ آهي:

الـــــحــــــــــــمـــــــد کـــــه انــتــــخــاب والا،     از ديــــــــــدهء عقل انتخــــــــاب اســــــــت

تاريخ تمــــام آن فــــــرو گــــــفـــــــت،       بــــــــا غـــايــــت فــضلـــ انتخاب اســـت

                                             = 1054+301084

نسخو خطي علي ڳڙهه ۾ آهي (فارسي ادب بعهد اورنگزيب 469_ 471).

(2)  مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي هن ڪتاب کي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شايع ڪيو آهي. مرحوم قليچ بيگ به شايع ڪيو هو. هيءَ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات آهي. سنڌيءَ ۾ هن جو منظوم ترجمو آهي.

(3)  ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ ۾ هيءُ ڪتاب  1060 هه کان پوءِ لکيو ويو. انهيءَ ڪتاب کي راقم الحروف سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي شايع ڪيو آهي.

(1)  لاهور ۾ ڪتاب ڇپيو آهي.

(1)  هن جو نهايت نفيس  نسخو 1127 هه جو لکيل، لاهور يونيورسٽيءَ ۾ آهي. گويا هي نسخو مصنف جي زندگيءَ جو آهي. (نمبر 2 A P C).

(2)  امير عبدالڪريم، عالمگير جو امير ۽ ابوالبقا امير خان جو پٽ هو. هي سندس خطن جو مجموعو آهي، جيڪي هن  عالمگير جي طرفان لکيا آهن. سندس وفات بعد سندس پٽ مير محمد حسين اشرف خان انهيءَ کي جمع ڪيو: ان جا متعدد نسخا آهن.

 

(3)  هن ڪتاب جو هڪ نسخو نامڪمل مير غضنفر علي بن مير لطف علي همت جي هٿ اکرين سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي، ڪتابت 2 صفر 1143 هه آهي. ڪتاب پنهنجن ٻن پٽن جي واسطي، هر هڪ غضنفر علي (عمر ان وقت 9 ورهيه) ۽ ذوالفقار علي (عمر ان وقت 5 ورهيه) لاءِ لکيو. (غضنفر عليءَ کي جڏهن پٽ لطف علي نالي پيدا ٿيو ته محسن تاريخ چئي _ در مخزون حبيب لطف علي _ )ڪتاب ۾ جملي 12 باب هئا، ليڪن موجود نسخي ۾ پهريون باب مڪمل ۽ ٻئي جو  هڪ ٻه صفحو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ هر هڪ باب جي مضمون جي فهرست ڏنل آهي،جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب بنـد و نصايح ٿي لکيو ويو آهي. اهوڪتاب  هڪ مجموعي ۾ آهي، جنهن جو تاريخي نالو آهي _ رنگين بياض _ ۽ خط آهي مير غضنفر علي خان جو.

 

(1)  عطا ٺٽوي هڪ لک کان مٿي شعر  چيو آهي. سندس هڪ ديوان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. باقي شعر ۽ قصيدن جو ديوان اڃا دستياب نه ٿيو آهي.

(2)  هن ديوان قصائد ۾ منقبت، حمد ۽ نعت جا قصيدا آهن. مرتب ٿيڻ جي تاريخ آهي:

خرد سال تاريخ ترتيب آن،             بگفتا قصائد عطا تهتوي.

                                                            1109 هه

(1)  هي اٺ مثنويون آهن،جن جو نالو ”هشت بهشت“ آهي. هن مجموعي جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي،  جيڪو عطا جي پنهنجي خط ۾ آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هڪ مثنوي ”ڪنز الاحسان“ آهي، جنهن ۾ عطا پنهنجي خاندان ۽ پنهنجو احوال منظوم ڪيو آهي. اٺن مثنوين جي ترتيب آهي: 1. روح رضوان، بحر ”حديقه“، 2. حـــط الجنان،بحر ”بوستان“، 3. ڪنزالاحسان، بحر ”يوسف زليخان“، 4. نور الايمان، بحر ”تحفة العراقين“، 5. حصن الامان،بحر ”محزن الاسرار“، 6. بحرالعرفان، بحر سبحة الابرار“، 7. حرز الايمان، بحر مثنوي مولانا روم“، 8. عجز و نياز، بحر ”يوسف زليخان“.

(2)  هن جو هڪ نسخو غلام حسين سبزپوش جي خط ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. اها مثنوي ٺٽي جي گورنر حفظ الله خان جي (1103 هه) فرمائش تي هڪ نثري قصي مان منظوم ڪيل آهي، ۽ بعد ۾ اعظم خان جي نالي (28_ 1131 هه) ان کي منسوب ڪيو اٿائين. اعظم خان جي تعريف ۾ جيڪو مدحيه قصيدو چيو اٿائين، ان جي تاريخ 1128 هه آهي.

(3)  هي بياض سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. عطا کان پوءِ اهو بياض عطا جي ڀائٽئي ضياء جي مِلِڪ ۾ رهيو آهي،

(4) مير علي شير لکيو آهي ته هن تمام وڏو ديوان پٺيان ڇڏيو آهي،

(5)  عبدالحڪيم عطا جو ڀائٽيو هو. بيدل عظيم آباديءَ سان دهليءَ ۾ وڃي مليو. سندس هڪ بياض سندس ئي هٿ اکرين سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي

(1)  سسئي پنهونءَ جو قصو. هڪ نسخو برٽش ميوزم ۾ آهي. ٻه خطي نسخا مون وٽ آهن. هڪ نسخو مرحوم محمد بخش ميساوا وڪيل خيرپوريءَ وٽ هو. بهترين نسخو، جنهن جو ذڪر اسپرنگر ڪيو آهي، سو بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ آهي، ان جي ڪتابت 1096 هه جي آهي ۽ شاهزادي محمد اعظم کي پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو.  (نمبر 56_ Na_743).

هڪ ناقص نسخو شيرانيءَ جي ذخيري ۾ آهي،جنهن کي فهرست نگار ”مثنوي گلزار معاني“ جو نالو ڏنو آهي. هن مثنويءَ جا ڪيترا ئي نسخا موجود آهن.

(1)  هن بزرگ جي  سنڌي مشهور آهي. هن جي گهرواريءَ جو ڀاڻيجو ميان عبدالله واعظ (المتوفي 1167 هه) اڃا ننڍو هو، جو هي بزرگ پوڙهو ٿيو. ميان عبدالله، قاضي يحيٰ جي وفات جي تاريخ 1137 هه (ر.ک. مقالات 396)۾ چئي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان ابوالحسن انهيءَ کان اڳ فوت ٿيو هوندو. هي ابوالحسن، ابوالحسن ڪبير بن عبدالهادي سنڌي المدني (المتوفي 1138 هه/1725ع ) کان مختلف آهي. بهرحال، هن بزرگ، جيڪو ”مقدمة الصلواة“ لکيو، ان جو رد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ لکيو. مخدوم محمد قائم وري ان جو رد لکيو.

(2)  مير قانع جو قول آهي ته هن تمام وڏو ديوان پٺيان ڇڏيو.

 

(3)  هن مصنف جو زمانو معلوم ٿي نه سگهيو، تنهنڪري اسان اندازي تي کيس مغليه دور ۾ داخل ڪيو آهي.

(1)  هي ٻيئي ڪتاب قاضي علي محمد ٺٽويءَ کان نيشنل ميوزم ورتا آهن.

(2) مٿيان ڏيئي ڪتاب جهنڊي ۾ آهن ۽ مولانا قاسميءَ وٽ به آهن.

(1)  فيروز جي هن رسالي جو جواب 1181 هه ۾ شاهه فقير الله علويءَ به لکيو هو.

(1)  مخدوم محمد هاشم هن جو رد لکيو، ڪشف الغطا جي نالي.

(1)  مخدوم صاحب جي تصنيفات جي اها مڪمل فهرست نه آهي، ۽ڪيترا  رسالا گم ٿيل آهن، سواءِ رسالي ”اويسيـﮧ“ ۽ ”دراسات“ جي ٻيا ڪتاب نادر آهن. ”دراسات“ ٻه دفعا ڇپيو آهي، پهريون دفعو 1866ع/1284 هه لاهور ۾ شايع ٿيو. آخري دفعو سنڌي ادبي بورڊ  1957ع ۾ شايع ڪيو آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com