اصفھان نصف جھان ۽ سندم سنڌ سونھاري
اين خط جادھا که بصحرا نوشتـﮧ اند
ياران رفتـﮧ با قلم پا نوشتـﮧ اند
ايران ۽ سنڌ جو تعلق ايامن کان ھڪٻئي سان رھيو
آھي، تاريخ جي ڪتابن ۾ جڏھن ”ولايت“ جو لفظ اچي ٿو
ته ان مان مراد ايران ئي آھي. انھيءَ ولايت ۽
پنـھنجي ديسين جي باھمي سٻنڌ جون قديم ترين
نشانيون ۽ اُھڃاڻ ”موھن جي دڙي“ کان وٺي ”تخت
جمشيد“ جي پٿرن تائين محفوظ ۽ موجود آھن. اھڙيءَ
ريت سنڌ جي تاريخي شھرن ۾ پڻ ايران جي آبادين جا
نشان ۽ پتا اڄ تائين انھيءَ تعلق جو اظھار ڪندا
رھن ٿا. ويجھيءَ تاريخي ۾ ٺٽي ۾ شيرازين جو محلو،
سبزوارين جو محلو، مشھدين جو پاڙو، مغلواڙو،
انھيءَ آمدورفت جي سلسلي جون نشانيون آھن.
عالم ھجي، اديب ھجي، شاعر ھجي يا مولوي ۽ مدرس،
جڏھن به ڪو صاحب ايران مان نڪتو، تنھن پھرين اچي
سنڌ جو سلام ڪيو. ڪن ھتي رھڻ ۾ سعادت سمجھي، ته ڪو
ھندستان ھليو ويو. جن جا ھت پساھه پورا ٿيا، انھن
مان ڪيترن جون قبرون سنڌ جي پراڻن ۽ مکيه شھرن ۾
موجود آھن مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ ايران جي
قريباً ھر معروفت شھر جا مڪين مدفون آھن، جن جي
ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي تبريزي ھو، ھي مرحوم
شيراز مان آيو، ھي لاھيجاني ھو ته ھي ڪاشاني يا
سبز واري غريب الوطن ھو.
اڳئين زماني ۾ اصفھان ۽ شيراز، ايران جا ٻه مکيه
علمي، تمدني ۽ سياسي مرڪز ھئا. انھن ٻنھي شھرن جا
ڪيترائي اديب، عالم ۽ شاعر ھتي آيا، جن سنڌ کي
پنھنجو وطن بنايو.
ھڪ لڳا ايران جي گاديءَ جو ھنڌ اصفھان ٿيو ۽ تڏھن
کان ”نصف جھان“ سڏجڻ لڳو. انھيءَ سمي ۾ سنڌ سان
اصفھان جو سڌو سنئون سياسي ۽ علمي تعلق وڌيو.
ڪيترا شاعر ۽ اديب سنڌ اندر پھتا، جن مان ڪن شاعرن
جا نالا پاڻ کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جھڙوڪ: جودت
اصفھاني، امتياز خان خالص اصفھاني، امتياز
اصفھاني، صدر اصفھاني، شڪيبي اصفھاني، عاشق
صفاھاني، مشرب صفاھاني، مير معز صفاھاني، مقبل
اصفھاني، مھدي اصفھاني، وحشت اصفھاني، ھوشيار ۽
آصف صفاھاني.
اھي ته اصفھان جا اُھي شاعر آھن، جن پنھنجو ديس
ڇڏي اچي سنڌ جو پرديس وسايو ۽ سندن نالا ڪتابن جي
ذريعي پاڻ تائين پھتو. جيڪي غريب الوطن ھن سر زمين
۾ بي نام و نشان رھيا ۽ مئا، اھي ڪيترا ۽ ڪھڙا
ھئا، سا خبر خاوند کي آھي!
اسان جي سياسي تاريخ جا پڻ ڪي واقعا اصفھان جي
دامن سان ٻڌل آھن. آءُ ڪيترا ڀيرا اصفھان ويو
آھيان، ليڪن انھن مان ماڳن ڏسڻ جو موقعو ملي ڪونه
سگهيو آھي.
ھن دفعي جڏھن 17مارچ 1974ع صبح جو، آءُ اصفھان جي
ھوائي اڏي تي لٿس، تڏھن مون ڀاڪر پائڻ شرط پنھنجي
عزيز دوست ڊاڪٽر لطف الله ھنرفر کي (تصوير 1) _
جنھن جي سموري حياتي اصفھان جي آثارن کي ڏسڻ ۽
انھن جي تاريخ لکڻ ۾ صرف ٿي آھي ۽ سندس ڪتاب
”گنجينـﮧء آثار تاريخي اصفھان“
ڪلاسيڪ حيثيت رکي ٿو _ چئي
ڇڏيم ته ھن ڀيري آءُ اصفھان ۾ فقط چند خاص جاين کي
ڏسڻ آيو آھيان، جن مان ٻن جو تعلق سڌو سنئون سنڌ
جي تاريخ سان آھي:
(1) جي __ ۽
(2) مسجد علي.
ڊاڪٽر ھنرفر اصفھان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ ۽ فنون
لطيفه جو استاد ۽ انھيءَ شعبي جو رئيس آھي. اصفھان
جي ”ڪوچهﻋ شھزادگان“ ۾ رھي ٿو ۽ سچ چئبو ته پاڻ به
شھزادو مڙس آھي. جھڙو آھي صورت جو سھڻو اھڙو ئي
وري آھي سيرت جو صاحب. اصفھان جي خوبصورتيءَ،
عمارتن مٿان ڪاشيءَ جي گلڪاريءَ، چھار باغن جي
سرونازن ۽ سھي سرون جي بيھڪ ۽ بھاريءَ، باغن ۽
بستانن جي رنگ برنگي نظارن، گلاب ۽ گلن جي رنگين
طوفانن، سندس طبيعت ۾ نزاڪت، فڪر ۾ سونھن ۽ سوچ ۾
سوڀيا پيدا ڪري ڇڏي آھي. نزاڪت ۽ نفاست، سندس ٻه
خاص علامتون آھن. اصفھان جي تاريخ برزبان ۽ اصفھان
جي ھڪ ھڪ سر ۽ ھرھڪ پٿر سان عشق اٿس. اصفھان جي
ڳالھ ڪبي ته ٽڙي پوندو.
ھنرفر ھميشـﮧ مون تي مھربان رھيو آھي. اسان جي پاڻ
۾ دوستي آھي. جڏھن مون ساڻس پنھنجو مطلب بيان ڪيو،
تڏھن عالمن جي قطار ڇڏي _ جيڪي يورپ جي اٺن ملڪن
جي نمائندگي ڪري رھيا ھئا _ فوراً مون سان اچي
ڀيڙو ٿيو.
جي:
تاريخ معصوميءَ جي مصنف، بکر ۽ سکر جي خونخوار،
ظالم ۽ جابر حاڪم ۽ حڪمران، سلطان محمود بکريءَ جي
گهراڻي جو مذڪور ۽ سندس ظالمانه طبيعت جو بيان
ڪندي، ابن ڏاڏن جي اصلوڪي وطن بابت لکيو آھي:
”و محل سکونت اجداد او موضع’خراسان‘ بوده، و اصل
ايشان از ”ملوک چين“ من اعمال دار السلطنت اصفھان
بود.“
انھيءَ عبارت ۾ خراسان، ملوڪ چين ۽ اصفھان جو نالو
۽ جغرافيائي فاصلن ۽ تضاد جو مسئلو مدت کان
منجھائيندڙ ھو. ليڪن مضمون ۾ گهرو وڃي انھيءَ
ڳجھارت کي اڄ سوڌو ڪنھن ڪونه پروڙيو، ڇاڪاڻ ته
انھيءَ تضاد ڏانھن يا ته ڪنھن جو ڌيان نه ويو يا
مرڳو ئي انھن اڇاترو _ جيئن پنھنجي عادت اٿئون _
اک ترڪائيندا اڳتي ھليا ويا آھن، اھا خبر ڪنھن
ڪانه لڌي ته:
ڪاڏي منھه مريم جو، ڪٿي ٽنڊو الھيار!
ڪٿي خراسان، ڪاڏي اصفھان ۽ ڪٿي رھيا ملوڪ چين؟ _
جڏھن وري تاريخ معصوميءَ جو سنڌي ترجمو ٿيو، تنھن
وقت به ڇڙو مک مٿان مک ماري ويئي، بلڪ ھڪ وک وڌائي
مرڳو غلط عبارت جو ترجمو به غلط ڪيو ويو:
”سندس وڏا خراسان ۾ رھندڙ ھئا ۽ سندس بنياد چين جي
بادشاھن سان ملي ٿو، جو اصفھان جي شھنشاھت جو ھڪ
پرڳڻو ھو“.
گويا اصفھان جي شھنشاھت، ايران جي بادشاھت کان الڳ
شيءِ ھئي، ۽ چين جو ملڪ انھيءَ ولايت جو ھڪ پرڳڻو
ھو، ۽ خراسان ڳوٺ ھو، جتان جا رھاڪو سلطان محمود
جا ابا ڏاڏا ھئا!
ٻه سال اڳ ايران جي عالمي ڪانفرنس ۾ پڙھڻ لاءِ مون
”سلطان محمود ۽ شاھه طھماسپ جي باھمي تعلقات“ تي
ھڪ مقالو لکيو. مقالو لکندي جڏھن انھيءَ عبارت تي
پھتس، ان وقت ڪن کڙا ٿيا. خراسان؟ اصفھان جي
بادشاھت؟ چين جا مُلوڪ؟ ٻه_ ٽي ڏينھن مٿي ۾
ڀئونڙاٽي رھي. نيٺ ڪتابن جا ورق ورائيندي ھن نتيجي
تي پھتس ته مير معصوم عبارت غلط ڪانه لکي ھوندي،
ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪي ٻه _ ٽي ڏينھن اصفھان ۾ رھي چڪو
ھو، انھيءَ عبارت ۾ ضرور ڪاتبن پنھنجي ڪرامت
ڏيکاري ھوندي، جنھن عبارت کي ھن شعر جي مصداق
بنائي ڇڏيو آھي:
چه خوش گفـته است سعدي در زليخا،
الا يا ايھا الساقي ادر ڪاساً ونا ولھا،
ڪتاب جاميءَ جو، شعر حافظ جو، چيو شيخ سعديﻋ!
ڪتاب اٿلائيندي معلوم ٿيو ته اصل عبارت ھن ريت ھجڻ
گهرجي ۽ مير معصوم پڻ ائين ئي لکي ھوندي:
”محل سکونت اجداد او موضع خوراسکان و اصل ايشان از
بلوک جي من اعمال دارالسلطنت اصفھان بوده“.
سندس مائٽن جي رھڻ جي ماڳ خوراسڪان ھو، جيڪو ”جي“
جي تحصيل جو ڳوٺ آھي ۽ ”جي“ اصفھان جو تعلقو آھي.
ڪتابن ۾ جي
به ملي، ان جو ڳوٺ خوراسڪان به موجود ھو، ۽ ھو به
واقعي اصفھان جي حدن اندر.
انھيءَ عقدي حل ٿيڻ بعد مون کي جي ۽ خوراسڪان ڏسڻ
جي خواھش پيدا ٿي. ڪانفرنس ختم ٿيڻ بعد اصفھان ته
ويس، ليڪن ”جي“ ڏسڻ جو اوٽار دل تان لھي ويو.
اصفھان ھڪ اھڙو ماڳ آھي، جتي پھچڻ بعد حيرانيءَ ۾
ماڻھو سڀڪجھه ڀلايو ڇڏي. ڪڏھن ڪڏھن انساني عقل
ايترو خطا ٿيو وڃي، جو پنھنجو پاڻ به وسري وڃي ٿو.
ھن ڀيري ھتان ڪراچيءَ مان ئي رومال کي ڳنڍ ڏيئي
نڪتو ھئس، سو سترھين مارچ جو پھريون ڪم اھو ڪيم جو
شام ٿيڻ کان اڳ ئي اھا تاريخي تشنگي پوري ڪري
ورتيم.
اصفھان جي ٻاھران، ليڪن لڳولڳ، ڪنھن زماني ۾ جيڪي
وٿاڻ شھر جي حيثيت رکندا ھئا، انھن مان ھڪ ”جي“
آھي. در حقيقت انھيءَ ڳوٺ کي اسان جي اصطلاح ۾
تعلقو چئي سگهجي ٿو، جنھن سان ڪيترائي واھڻ ۽
وستيون متعلق ھئا، جن مان ھڪ خوراسڪان ھو جتان جي
پيداوار زياده تر ڪپھه ھئي ۽ ملڪان ملڪ مشھور ۽
معروف ھئي ۽ ھاڻي به آھي. خود ”جي“ جي ڦٽل ڳوٺ جي
زمين پڻ نھايت شاداب ۽ سرسبز آھي. مختلف قسمن جو
فصل سائو جھڙو چھچ بيٺو ھو. خوراسڪان پرڀرو ھو،
اوستائين ته پھچي ڪونه سگهيس باقي ”جي“ جي ڳوٺڙي ۽
انھن جي ڦٽل آثارن کي ڏاڍو گهمي ڦري ڏٺم.
ھخامنشي دؤر ۾ ان جو نالو ”گي“ يا ”گا“ ھو. جڏھن
”جي“ ڦٽي ۽ ڀرسان ٻيو شھر آباد ٿيو، تڏھن رفته
رفته ان جو نالو اصفھان ٿيو. صفوي سلطانن جڏھن
”ميران شاھه“ ۽ ان جا محل ۽ ماڙيون ٺھرايون ۽
گاديءَ جو ھنڌ ڪيو، ان وقت مٿس ”نصف جھان“ جو لقب
پيو.
در حقيقت ”جي“ اصفھان جو پھريون نالو چئي سگهجي
ٿو. عربن جڏھن ان تي قبضو ڪيو، تڏھن ”گاف“ ڦري
(جيم) جي جاءِ ورتي ۽ ”گي“ جي بجاءِ ”جي“ قديم
پھلوي اکر آھي، جنھن جي معنى آھي فتح، نصرت ۽
زندگي. اھو ساڳيو لفظ ھنديءَ ۾ ”جيﻋ“ آھي،
بنگاليءَ ۾ ”جو“ ۽ سنڌيءَ ۾ به ”جي“ چيو وڃي ٿو.
معنى توڙي مفھوم ۾ پڻ بنياد به ھڪ ئي اٿس.
وڌيڪ ۽ تاريخي معلومات جنھن کي حاصل ڪرڻي ھجي سو
ته اصفھان جون تاريخون ۽ عربيءَ جو معجم البلدان
يا انھيءَ قسم جا ٻيا جغرافيائي ڪتاب پڙھي. آءُ
ھتي فقط اھو لکي رھيو آھيان، جيڪي پاڻ اکين سان
ڏٺو اٿم.
جي ”زائنده رود“ درياھه جي ٻنھي ڀرن تي آباد آھي.
انھيءَ درياھه جي پراڻيءَ شاخ (تصوير 5) تي تاريخي
۽ قديم پُل آھي، جنھن تان ھرڪو فاتح لنگهي اصفھان
تائين پھتو آھي. آخري دؤر ۾ افغانن انهيءَ پُل
مٿان قبضو ڪيو ۽ پوءِ نادر افشار اهائي پُل اُڪري
افغانن کي ماري، باقي بچيلن کي انھيءَ پل تان
ٽپائي ڀڄائي ڪڍيو. ”زائنده رود“ تي الھوردي خان جي
پل (تصوير2_ 3) ۽ خواجوءَ جو پل پوءِ ٺھيون.
اصفھان جو جڳ مشھور ”چھار باغ“ مسجد نادرشاھه کان
ٿيندو، ٻيئي پليون ٽپندو، ”جي“ تي اچي کٽي ٿو.
”باغ ھزار جريب“
جي ايراضي به ”جي“ ڏانھن
ويندي، ٽپڻي پوي ٿي. ”جي“ جي انھيءَ پُل کي ھن وقت
”پل شھرستان“ چيو وڃي ٿو. قديم دؤر ۾ انھيءَ کي
”جسر حسين“ ۽ ”پُل جي“ (تصوير 4) سڏيو ويندو ھو.
جڏھن آءُ گهمي ڦري پل تي پھتس، ان وقت ”زائنده
رود“ ۾ سج ٻڏي رھيو ھو ۽ اولھه سڄو ڳاڙھو رتائون
لڳو پيو ھو. انھيءَ پل مٿان ٽپي، جن ظالمن پنھنجي
دٻدٻي ۽ بالادستيءَ لاءِ انسانن جو قتلام ڪيو آھي،
انھن سڀني بيگناھه شھيدن جي ياد گويا تازي ٿي رھي
آھي.
ڳوٺ ۾ نيون جايون معمولي قسم جون موجود آھن (تصوير
6). ماڻھو گهڻو ڪري زراعت ۽ ٻئي پورھئي تي گذارو
ڪن ٿا.
”جي“ جي چوگرد قديم زماني ۾ شھر پناھه لاءِ مٽيءَ
جو قلعو موجود ھو، جيڪو ھاڻي تباھه ٿي چڪو آھي. ھڪ
جاءِ تي ديوار جا ڪي نشان موجود آھن. جنھن مان
قلعي جي بيھڪ ۽ عظمت جي چڱيءَ پر پروڙ پوي ٿي.
ڪٿي ڪٿي رھڻ جي قديم جاين جا آثار به آھن، جن جون
ديوارون ٿلھيون ۽ اندران ٻاھران ڀتين ۾ سنڌ جي
پراڻين جاين جھڙيون ميريون ۽ جارا (تصوير 11تا 21)
موجود آھن.
مسجدون ته پراڻي شھر ۾ _ جيڪو ايترو اھم ۽ تاريخي
آھي _ گهڻيون ئي ھونديون، ليڪن اڄ ڪابه سلامت ڪانه
آھي، ايستائين جو جامع مسجد جيڪا اڌ ميل ۾ پکڙيل
کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اھا اھڙيءَ ريت ڊھي
ويئي آھي، جو جيڪڏھن کوٽائي ڪري ان جون حدون نروار
نه ڪن ھا، ته ھوند نالو نشان ڪونه لڀي ھا. ھن وقت
فقط زمين آھي ۽ منجھس بنيادن جا ڪٿي ڪٿي نشان.
مسجد جي سر زمين جي سڃاڻپ ھن ڪري ٿئي ٿي، جو
انھيءَ جي لڳو لڳ عباسي خليفي الراشد بالله
(529_530ھه) جو مقبرو موجود رھجي ويو آھي، جنھن کي
ماڻھو، شھزادي ابراھيم ۽ حسين بن زيد بن حضرت علي
رضه جو آرامگاھه سمجھي، عقيدت سبب برباد ٿيڻ کان
بچائيندا رھيا آھن (تصوير 7 تا 10).
حقيقت ۾ اھو مقبرو المسترشد بالله جي پٽ الراشد
بالله جو آھي. پڻس 18ذي القعد 529ھه جو ھڪ باطنيءَ
جي ڇُري سان فوت ٿيو. الراشد بالله ساڳئي مھيني ۾
بغداد جي خلافت تي ويٺو، پر نون مھينن کان مٿي اھو
به ھلي نه سگهيو. سلطان مسعود (529_547ھ) بن محمود
سلجوقي بغداد مٿان ڪاھي آيو. خليفي اتان ڀاڄ کائي
اچي ”جي“ ۾ پناھه ورتي. ٻه سال آوارگيءَ ۾ گذاري،
دائود بن سلطان محمود سلجوقيءَ (525_ 526) وٽ
آذربائيجان ويو، ۽ کانئس لشڪر جي مدد وٺي اصفھان
جي محاصري لاءِ اچي دوبارو ”جي“ ۾ لٿو. محاصري جي
حالت ۾ باطني فدائين اڱاري ڏينھن ڇويھين رمضان
532ھه جو ٽپھريءَ وقت اوچتو حملو ڪري کيس ماري
وڌو.
خليفي جي لاش کي جامع مسجد جي ھڪ گوشي ۾ دفن ڪيو
ويو.
بر وقت ته خلافت سان عقيدت سبب ماڻھو انھيءَ مقبري
جو احترام ڪندا رھيا، پر بعد ۾ جڏھن صفوي سلطانن
جي بادشاھت قائم ٿي، ته ٻين ڪيترن مقبرن وانگر ھن
مقبري کي به ھڪ امام زادي جو نالو ڏيئي مذھبي
مرتبو ڏنو ويو.
مقبري جو اوسو پاسو ايامن کان ڊھي ويو آھي، ليڪن
مقبري جي خاص عمارت کي وقت بوقت مرمت ڪري اڄ تائين
قائم رکيو ويو آھي.
سال 1321ھه ۾ مقبري جي مرمت افتخار الدولـﮧ نالي
ھڪ قاچاري خاتونءَ نئين سر ڪرائي ۽ ان تي ڪاشيءَ
جو ڪم ڪرايو. ڪاشيءَ تي تاريخي ڪتبو ۽ آيات قرآني
لکيل آھن.
اصل گنبذ سلجوقي دؤر جو ۽ اندران سادو پنھنجي
اصلوڪيءَ صورت ۾ قائم آھي.
سج لھي چڪو ھو، ٻي ڪا شيءِ ڏسڻ جھڙي ڪانه ھئي.
اسان جو قافلو اھا آخري جاءِ ھئي، جا ڏسي سڙڪ تي
بيٺل موٽر ڏانھن واپس ٿيو. آءُ ڪڻڪ جي سائي پوک جو
ٻنو وٺي ، ھيٺ ڪنڌ ڪيو اڳتي ھلندو رھيس ۽ سوچيندو
رھيس ته ھيءَ ئي اھو ماڳ آھي جتان تيمور، محمود
بکريءَ جي ڏاڏن کي تڙي ڪڍيو، جن ھرات ۾ اچي لڏا
لاٿا ۽ جائز ناجائز ملڪيت ۽ مال ھٿ ڪري وڃي مانيءَ
رسيا.
ارغونن کي جڏھن تيمور جي پوٽي بابر ڪابل ۽ قنڌار
مان تڙي ڪڍيو، تڏھن فاضل ڪوڪلناش ۽ پُٽس سلطان
محمود، انھيءَ رولو ٽولي سان گڏجي آيا ۽ اسان جي
خانه جنگيءَ جو موقعو وٺي،
سنڌ مٿان قابض ٿي ويا، ۽ ھي انھيءَ خونيءَ، ظالم ۽
خونخوار جو اصلوڪو وطن آھي، جنھن لاءِ مير معصوم
لکي ٿو ته:
”در خونريزي ملاحظه نداشت و به اندک توھم و
بدگماني خان و مان مردم برمي انداخت“.
بکر جي قلعي ۾ ”خوني برج“ اڃا تائين سندس ظلمن جا
داستان اسان کي ياد ڏياري، اسان جي ضمير ۽ حميت کي
ڌانڌولي رھيو آھي.
تاريخ نويس به عجيب ماڻھو ٿين ٿا. جڏھن پنھنجيءَ
تي اچن ٿا ته اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪيو وجھن.
مير معصوم ابتدا ۾ وٽس ملازم ھو؛ جڏھن سلطان محمود
بکري، جلندر جي مرض ۾ مبتلا ٿي مئو، تڏھن مير
تاريخ ڪڍي _ ”در بھشت آسود“!_ 982ھه
گويا اھڙن ماڻھن جي جاءِ بھشت ۾ به ھوندي! مير
صاحب مرحوم، بھشت ۽ ڏيجيءَ جي ڪوٽ ۾ _ ارمان آھي
جو ٿوري عرصي جي ملازمت خاطر _ فرق ڪري ڪونه
سگهيو!
مسجد علي:
ھن کان مٿي سلطان محمود بکريءَ جي سلسلي ۾ مير
معصوم بکريءَ جو ذڪر اچي چڪو آھي. مير مرحوم سنڌ
جي ھڪ عجيب و غريب ۽ جامع الصفات شخصيت ھو. ھڪ ئي
وقت امير ھو، شاعر ھو، مؤرخ ھو، سياح ھو، سفير ۽
سياست مدار ھو. سنڌ مٿان سندس وڏا احسان آھن. ھڪ
ته ظاھري اولاد اھڙو صالح ڇڏيائين، جن دليؤن
جانيؤن سنڌ کي پنھنجو ماڳ ۽ مڪان سمجھي، ڪا دوئي
دل ۾ ڪانه رکي، ۽ پھرين ڏينھن کان ئي تاڃيءَ پيٽي
پٽ سنڌي ٿي ويا. ٻيو ھن علمي اولاد ڇڏيو، جن مان
”تاريخ سنڌ“ اسان جي تاريخ لاءِ ھڪ صحيفي جي صورت
رکي ٿي. سندس اھو عظيم علمي ڪارنامو رھنديءَ سنڌ
تائين اسان کي سنڌ جي ھڪ نھايت ئي خوفناڪ، ڀيانڪ ۽
ڀو رائتي باب جون يادگيريون ڏياريندو رھندو.
جيڪڏھن مير معصوم پنھنجين اکين ڏٺيون ۽ اھي ڪَنن
ٻڌيون ڪھاڻيون ۽ روايتون نه لکي وڃي ھا، ته ھوند
سنڌ مٿان پوري ھڪ صدي، ڌارين جي جيڪي ڌاڙا ھنيا،
جيڪي ظالم زبردستيون ۽ من مستيون ڪيون، انھن جو
اھو سمورو ڪارو باب علمي دنيا جي ڄاڻ کان رھجي وڃي
ھا.
مير معصوم سڄي ڄمار ھلندو چلندو رھيو. اميريءَ جي
عھدي سبب ڪڏھن ڪٿي، ته ڪڏھن ڪٿي ويو ۽ ويندو رھيو.
تاريخي ذھن ۽ ذوق رکڻ سبب ھن جي عادت ھئي ته رستي
ويندي جتي ڪا نظاري جھڙي جاءِ، ڪا مسجد ڪا تاريخي
عمارت يا ڪو چڱو ٽڪر ڏسندو ته ان تي تاريخي عبارت
۽ پنھنجي چند شعرن جو ڪتبو ھڻي ڇڏيندو ھو، جيئن
ايندڙ نسلن کي ڄاڻ پوي ۽ ھو اڳتي ھلي نه ڇڙو سندس
پنھنجي زندگيءَ جا، پر ھن بر صغير جي تاريخ جا نقش
قدم ڏسندا رھن. ھندستان، پاڪستان ۽ آفغانستان جي
ڪيترين راھن ۽ رندن تي، عمارتن ۽ مسجدن تي اھڙا
ڪتبا اڄ تائين موجود آھن ۽ سندس روشن دماغيءَ،
علمي ذوق ۽ تاريخي ذھن جي عظمت جي ڄاڻ ڏيئي رھيا
آھن.
آءُ مير معصوم جي شخصي، سياسي ۽ علمي زندگيءَ تي
مفصل ڪتاب تي ڇاپي رھيو آھيان جنھن ۾ سندس انھن
ڪتبن، مون کي تاريخي واقعن جي ڪيترن ئي منجھيل
مسئلن کي حل ڪرڻ ۾. حيرت ۾ وجھندڙ حد تائين مدد
ڏني آھي.
مير معصوم 1012_ 1013ھه ۾ اڪبر بادشاھه طرفان سفير
ٿي ايران جي بادشاھه شاھه عباس صفويءَ (996_
1938هه) جي دربار ۾ ويو ھو. پنھنجي عادت مطابق ھن
انھيءَ سفر جي رندن راھن ۽ آمد ورفت جي تاريخن کي
اھڙن پٿر جي ڪتبن ذريعي محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. پاڻ
تاريخ معصومي 1009ھه ڌاري ختم ڪري چڪو ھو، تنھنڪري
انھيءَ ۾ اھو مذڪور ڪونه آندو اٿائين. ٻين ڪتابن
مان ايران جي انھيءَ سفر جو احوال ملي ٿو، پر
واقعات جي تاريخن جو تعين وري به سندس ئي ڪتبن
ذريعي ٿئي ٿو.
مير معصوم جڏھن ايران پھتو، ان وقت ايران جي سرحد
تي بادشاھ جنگ ۾ مصروف ھو، جنھنڪري مير کي ڪيئي
مھينا انتظار ڪرڻو پيو ۽ انھيءَ فرصت جو فائدو وٺي
ھن ايران جا ڪيترا شھر ڏسي ورتا. انھن جي شاعرن ۽
اديبن سان ملاقاتون ۽ رھاڻيون ڪري ڪيترن سان دائمي
دوستيون رکيائين. انھن جي سياسي، سماجي ۽ ادبي
ماحول مٿان انھن ملاقاتن جو تمام چڱو اثر پيو، بلڪ
ڪن ڳالھين ۾ ته ايران ۾ مستقل اثر ڇڏيائين.
شاھه عباس جڏھن جنگ تان موٽي ايروان
۾ اچي منزل انداز ٿيو، ان وقت مير معصوم پنھنجي
سموري سفارتي عملي ۽ شاھي سوکڙين ۽ سوغاتن سميت
پيش ٿيو. ڪجھه وقت شاھي پڙاءَ ۾ مھمان ٿي رھيو ۽
جڏھن موٽ جي اجازت مليس ان وقت اصفھان ۾ اچي ڪجھه
وقت لاءِ رھيو. اصفھان ۾ پنھنجي انھيءَ قيام جو
درگاھه ھڪ ڪتبو ڇڏيو اٿائين، جنھن جي ڏسڻ ۽ انھيءَ
ماڳ ۽ مڪان کي _ جنھن کي مير معصوم ڏٺو، جتي رھيو
۽ جن رستن تي ھليو چليو _ ڏسڻ جي سِڪ، سالن کان دل
۾ سانڍيو ٿي وتيس. اڄ اھو ڏينھن ھو، جڏھن منھنجي
اھا آس ۽ اميد پوري ٿي رھي ھئي.
مسجد علي ۽ گنبد ھارون ولايت ٻه گڏيل تاريخي
عمارتون اصفھان جي پراڻي حصي ۾ موجود آھن_ اھو
پاڙو سلجوقي دؤر جو يادگار آھي.
گنبد ھارون ولايت ۾ امام زادو ھارون بن علي دفن
آھي، جيڪو امام علي نقيءَ جو اولاد ھو. گنبد يا
آسپاس واري عمارت نھايت خوبصورت آھي، جنھن کي
918ھه ۾ شاھه اسماعيل صفويءَ نئين سر تعمير ڪرايو.
صفوي دؤر جي عمارتن ۾ عمارتي فن ۽ ڪاشيءَ جي
گلڪاريءَ سبب اھا عمارت شاھڪار شمار (تصوير 26تا
32) ڪئي وڃي ٿي.
انھيءَ درگاھه سان گڏ سلجوقي دؤر جي ھڪ جامع مسجد
_ مسجد عليءَ _ جي نالي سان موجود آھي. سلجوقي
زماني ۾ شھر جي آباديءَ جو اھو اھم ترين ۽ آباد
حصو ھو، تنھنڪري ظاھر آھي ته صفوي دؤر واري اصفھان
۾ جڏھن ته عمارتون اڃا نه ٺھيون ھيون، مير معصوم
شھر جي انھيءَ ئي حصي ۾ غالباً رھيو ھوندو، گنبد
ھارون ولايت جون زيارتون ڪيون ھوندائين ۽ نمازن جي
ادائگي به انھيءَ مسجد ۾ ٿي ھوندي. انھيءَ عمارتي
مجموعي ۾ ھڪ ڪاروان سراءِ آھي، ڀانئجي ائين ٿو ته
انھيءَ دؤر جي رواج مطابق انھيءَ سراءِ ۾ مير صاحب
جي قافلي قيام ڪيو ھوندو.
مير پنھنجي عادت کي پوري ڪرڻ لاءِ سوءِ ادب سببان
گنبد ھارون ولايت ۾ ته ڪتبو ھڻي ڪونه سگهيو،
تنھنڪري مسجد عليءَ ۾ محراب جي مشرقي ديوار تي
(تصوير 33_ 34) پٿر ھڻي، ان تي ڪتبو اُڪري، پنھنجو
يادگار قائم ڪيائين.
مسجد عليءَ جي تعمير لاءِ مختلف روايتون آھن. صحيح
روايت مطابق ان کي سلطان محمود (511_ 525ھ) بن
محمد بن ملڪ شاھه سلجوقيءَ اصفھان تي پنھنجي چوڏھن
ورھين جي حڪومت دوران جوڙايو، ۽ جنھن صورت ۾ سلطان
سنجر (511_ 552ھ) سان ويجھي مائٽي ھيس، تنھنڪري ان
تي ”مسجد سنجريه“ نالو رکيائين. محمود سلطان سنجر
جو ڀائٽيو ھو، ۽ ڄائو به اتي ھو. صفوي دؤر ۾
مــذھـــبـــي اثــــــر سبب ان تــــــي
حــــــــضرت عــــــلي عــــــليه الســــــلام
جــــــي احتــــــرام سبب ”مسجدعلي“ (تصوير 35)
نالو پئجي ويو، جيڪو اڄ تائين ھليو اچي ٿو.
جڏھن موٽر گهٽيءَ ۾ داخل ٿي (تصوير 22) ۽ منزل
سامھون آئي، تڏھن جذبات ۾ منھنجي دل ڌڙڪي رھي ھئي.
پنھنجي قسمت جي خوبيءَ تي ناز ھو، رب ڪريم جي
عنايت ۽ احسانن جا شڪرانا بجا ٿي آندم ۽ دل منجھان
جناب مھر داد پھلبد، وزير فرھنگ و ھنر، لاءِ
دعائون ٿي نڪتيون، جنھن جي ڀاڳين مون ايران جي ڪنڊ
ڪڙڇ گهمي ڏٺي آھي.
مسجد جي در تي (تصوير 23) جڏھن موٽر بيٺي تڏھن
ھيڪر ته مون لھي، مسجد جي ميدان ۾ داخل ٿي، پري
کان ڪتبو ڏٺو_ گوھر مقصود سامھون ھو! جيئن ھڪ
شڪاري شڪار ھٿ ڪرڻ بعد مطمئن ٿي ويندو آھي، تئين
آءُ به پنھنجو مقصود ھٿ ڪري، پھرين مسجد جي صحن کي
چوڌاري اک ڦيرائي ڏٺم. پوءِ ٻاھر نڪري، رند ۽
راھون گهميس. ان کان پوءِ گنبد ھارون ولايت جي
زيارت ڪيم. اھو سڀ ھن ڪري ڪيم جيئن واسي ڏسان ته
مير معصوم ضرور ھتي رھيو ھوندو، ھتي ويٺو ھوندو ۽
ھتي گهميو ھوندو، چڱيءَ طرح پنھنجي خيال مطابق ھڪ
ھڪ شيءِ جو نقشو اکين ۽ ذھن ۾ ويھاري موٽي مسجد ۾
داخل ٿيس. جيئن جيئن ڪتبي جي ويجھو ٿيندو ويس،
تئين تئين جسم ۽ روح ۾ تازگي ۽ توانائي ايندي
ويئي.
آءُ ايران ۾ مير معصوم جي اھڙن ڪتبن کي ڳولي لھڻ
لاءِ گهڻو ئي ڦريو آھيان، ڪٿي ڪتبا لڌا اٿم ۽ ڪن
جاين تي اڃا پھچي ڪونه سگهيو آھيان _ حياتي رھي ۽
قسمت ھوندي ته اھي به ھڪ ڏينھن وڃي ھٿ ڪندس. چوڻي
آھي ته:
ھمت مردان مدد ِ خدا!
ھي سنگمرمر جو ڪتبو مشرق واري ايوان سان لاڳيتيءَ
ديوار تي لڳل آھي. ڊيگهه ۾ 16X1
ميٽر ۽ چوڙائيءَ 95سينٽي ميٽر اٿس. جيئن تصوير مان
خبر پئجي سگهندي (تصوير 36)، مٿانس مثنوين جا
مختلف اشعار آھن ۽ آخر ۾ سال ۽ سندس نالو. اھو ئي
مير صاحب جي ٻين ڪتبن جو انداز ۽ نمونو آھي. ڪتبي
جي عبارت آھي:
ني به تمناي تو از خود تھي نالـﮧ ز سودائي تو در
فربھي
(از معدن الافڪار)
بحر ز گرداب شــــــده کــــــاسه گـــــــر
تــــــا نمي از جود تو يابد مگر
مھر که عالم ھمـﮧ محتاج اوست خال جمالِ شب
معراج اوست
(معراج)
نالـﮧء من شعلـﮧء دوزخ ضمير دانهﻋ اشکم شرر دير
مير
(حسب حال)
چرخيست اگرچه تيز رفتار برجاست ھمان چو گاو
عصار
(توحيد)
ميگردد و گردنش به بند است از مھر مھش چشم بند است
حمدش چو قلم شـروع کــــــرده صد سجده بيک رکوع
کرده
(خمسه متحيره)
تا ز تو سايه بر کنار شده آفتاب از
تو سايه دار شده
(حسن و ناز)
حديث لعل آن برچشمـﮧء نوش شده پيرايـﮧء لب چون در
گوش
بـــــزيـــــر ســايـﮧ ســـــــرو ار
ستــــادي بــــــانســــوي، و گر
سايـــــــﮧ فتادي
(از اکبرنامـﮧ)
بگل چينيﻋ آن گلستان شدم سراپا صباوار
دامان شدم
(در جنگ)
سرو دست ببريده افتاده پست چو گرزي که يابد ز
دستـﮧ شکست
در حيني که از ھند به رسالت نزد شاه عالم پناه فلک
بارگاه شاه عباس آمده بود، از ايروان در سن 1013ھه
مرخص شده بود، باينجا رسيد. اين چند بيت از خمسـﮧ
که در راه باتمام رسيده بود، ثمت نمود _ قايلـﮧ و
راقمـﮧ محمد معصوم الحسيني النامي.
ڪتبي واريءَ ڪنڊ تي ”منارو سنجريه“ آھي (تصوير 22_
24_25_26)، جيڪو پڻ سلجوقي دؤر جي منارن ۾ مخصوص
حيثيت رکي ٿو.
ھارون ولايت جي وارد ٿيڻ واري دروازي لڳ ڦٽل مدرسو
آھي، جيڪو دراصل سلطان محمد سلجوقيءَ ٺھرايو ھو ۽
ھاڻي مدرسه حاج حسن جي نالي سڏيو وڃي ٿو، انھيءَ
مدرسي سان لڳ مٿيون منارو آھي. مسجد جو ڇتائون حصو
ڪافي ڪشادو آھي.
ھارون ولايت اصفھان جي پشت واريءَ گهٽيءَ ۾ پراڻي
ڪاروان سراءِ آھي، جيڪا ھن وقت زبون آھي. قرين
قياس اھو ئي آھي، جنھن صورت ۾ انھيءَ دؤر ۾ شھر جو
اھو حصو زياده آباد ھو، تنھنڪري مير معصوم پنھنجي
قافلي سميت انھيءَ ڪاروان سراءِ ۾ رھيو ھوندو.
بھرحال ڪتبو ڏٺم، مختلف زاوين کان تصويرون ورتيم،
۽ جڏھن آخر ۾ چوڌاري ھڪ سرسري نگاھه وجھي، در کان
ٻاھر نڪتس، ان وقت نه فقط دل تان سالن جو بار لٿل
ھو، بلڪ منھنجي خوشيءَ ۽ اطمينان جو عالم ڏسڻ وٽان
ھو. تاريخ جي متلاشيءَ لاءِ اھو موقعو عيد کان به
وڏ سيعد ٿيندو آهي. منهنجي لاءِ اچو ڪي گهڙي سچ
پڇو ته عيد کان به وڌيڪ ھئي.
جڏھن جھاز تي سوار ٿيس ٿي، ان وقت استاد ھنرفر کي
ڀاڪر پائي، ڳلن مٿان شڪراني جون مٺيون ڏيئي، سندس
سوين ٿورا مڃي، کانئس جدا ٿيس.
_ ڪراچي 15_ اپريل 1974ع
1 [”مھراڻ“_ 4، 1975ع]
|