(5) جنگ جو نقشو انهي دستاويز ۾ هن طرح ڏنو ويو
آهي:
”گولهاي توب وتفنگ قلعه گيان رامانند قطرات باران رحمت انگاشته
پيشتر رفته، سلامت کوچه هاري کنديده، بعضي
بمفاصلهء بيست قدم وبرخي بمفاصلهء پانزده قدم، و
نبذي به مسافتها قدم قلعه را از هر چهار طرف چون
نقطهء پرکار در دائرهء محاصره سخت گرفته، دمدمه
هاي قائم نموده، يکطرف جزنا (؟) ضرب توبخانه و خم
پارها مانند لوارق (؟) آسماني بر وري زمين درخشيدن
و دودشان بسان ابر بر روي فلک پوشيدن و گوله هاي
مانند تگرگ بالاي قلعه باريدن، و صدي اتواب زهره
اعداي را دريدن گرفت. و از يکطرف تبرزنان گزين
کار، که در تراشيدن کوه و هامون فرهاد را ديوانه و
مجنون مي دانند، بکار گنجِ گاد و نواقب تعين
کردند، نقب زنان کوه کن مانند غواص بحار در زمين
غوط زدند، و يک نقب را از زير خندق قلعه را بقدر
بيست دست عمق داشت، رسانيدند، از ضرب تيشهء آنها
آوازي از گاو زمين برخواست، وبگوش کفاران گاو پرست
رسيد، کفار فجار از آنجا بکندگي خندق روي نقب
مذکور را ضايع کردند، غافل از اينکه باز اجل از
سوراخ ديگر برسد و برق بلا از آسمان بر خرمن حيات
شان مي افتد، در جنگ توب و تفنگ پيش از پيش چستي
وچالاکي بکار بردند، سرکردگان لشکر ظفر پيکر، بنا
بر رخصت جلو بر قلعه دم بدم معروض مي داشتند، از
حضور ممانعت صادري شد، که بر قلعه جلو نکنند،
مبادا کي سپاهي ضايع بشود، از آن قرار غازيان پيل
تن و بهادران کوه افگن، در ضرب و شلق توبخانه دران
نقب هاي چنان کوششات دليرانه بکار بردند، که ديوار
قلعه بقدر بيست دست بر زمين افتاد و سونه لله گوله
انداز، که سر حلقه مُفسدان بود، بر خاک عدم غلطيد،
بطرفي ديگر بعضي نقب زنان تيز دستي بکار برده يک
نقب به اهتمام اخوت پناهان موسيٰ کهتيان، وبهادر
خان کهو کهر، و دريا خان نظاماني، و فدويت شعاران
طاهر و چُهته خدمتگاران از پشت کهائي به عمق پنج
دام کنديده(1)
از خندق غرب کهائي دهانيده، در برج قلعه فروبرده،
در آنجا حوض عظيم ترتيب داده پنجاه خرواري باروت
ريخته آتش داد، خشت خشت برج قلعه را چون کاغذ بادي
بر هوا پرانيدند، چند کس کفار فجار در همان برج
بگور هلاکت تدفين يافتند، در اين اثنا دلاوران
ديهک جو داد مردانگي داده جلو ريز شده، بر کنگرهاي
کلان چسپيده در صدد آن شدند، که بالاي قلعه برآمده
قلعه گيانرا طعمهء تيغ بي دريغ سازند، همان وقت
کفار فجار تصاوير مرگ را از هر طرف ديوار قلعه
ديده، بانگ ملک الموت را بگوش جان شنيده بعضي از
ديوار شکستهء توبحانه رو بفرار نهادند.
چنان ترسناک و حراسان گريخت
کـــــــه زُنَار را از گــــــراني گسيخت.
و اکثري زنار خود پرستي را از گردن جان گسيخته داغ اطاعت و
انقياد را قشقه وار زينت ناصيه اقتضار خود ساخته
از قلعه برون آمده، الامان الامان گويان نزد
سرکرده هاي عساکر منصوره آمد، مکاليد قلعه را معه
اسلاح خود تسليم قلع کشايان فيروزمند ساختند، و
اُمان جان خواستند، غازيان شير شکار بمقتضادي
عفومن الاقتدار جان بخشي آنها نموده، از قلع اخراج
دارند، وقلعه را تحت تصرف خود آوردند.“
(6) انهيءَ فتح بعد دستاويز ۾ رکيل آهي ته ٽالپر سرڪردن، قلعي ۾
پنهنجو قلعه دار مقرر ڪيو؛ تحفظ لاءِ ڪجهه لشڪر به
ڇڏيائون ۽ علائقي جو انتظام ڪري پٺتي خير سلامتيءَ
سان موٽي آيا.
(7) انهيءَ دستاويز جي تحرير جي تاريخ ماه ربيع الاول 1228هه
آهي. ڪنهن به تاريخ ۾ انهيءَ جنگ جو چشمديد حال
ڏنل ڪونه آهي، فقط هيءَ ئي هڪ تحرير آهي، جنهن مان
انهيءَ جنگ جو مفصل حال معلوم ٿئي ٿو، ۽ انهن
جرنيلن جي فهرست به ملي ٿي، جيڪي انهيءَ معرڪي ۾
شامل هئا. مرزا قليچ بيگ، عمرڪوٽ جو فتح جو سال
1229هه لکيو آهي، جيڪو هن تحرير جي ڏسڻ کان پوءِ
غلط ثابت ٿئي ٿو؛ انهيءَ معرڪي جو مهينو به هن مان
ئي ملي ٿو.
مير’مائل‘ هيءَ تحرير پنهنجي بياض ۾ بطور ياد داشت جي نقل ڪئي
آهي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته اها تحرير ٽالپر
حڪمرانن مان ڪنهن لکي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ انهيءَ
فتح جي خوشيءَ ۾، چراغ بندي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو
آهي: تحرير جو خاتمو هن فقري تي ٿئي ٿو:
”بايد که شکرانه اين مرتبت عظميٰ را برخود لازم داشته شاديانه
شادي بلند آوازه و در هر شهر چراغ بندي نمايند، و
خاطر خود جمعداشته احوالات را معروض داشته باشند،
درين باب تاکيد تمام دانند.“
مير’مائل‘، انهيءَ فتح تي طولاني قطعو چيو آهي، جنهن ۾ پڻ سال
1228هه ڏنو ويو آهي:
صد شکر حق که کرد بکام دوام فتح،
زين فتح تازه شهره آفاق نام فتح؛
فتحي که هست فتح عمرکوت نام او،
در افتتاح دين متين خوش بکام فتح؛
فتحي که خوش بحرمتش از مدعا فزود،
فتح المبينِ دين بجهان احترام فتح؛
فتحي که دين مير محمد عيان نمود،
در هر مکان بيارش از اهتمام فتح؛
زين فتح دين که کردش کفر برطرف،
آمد بکام امت خيرالانام فتح؛
زين فتح دبن که بهر شهان نظم تازه داد،
آمد مُمُدِ شاهيء شان انتظام فتح؛
زين فتح دين که مرﱞده دهِ صد فتوح نواست،
بادا رفيق فوج شهان هر مقام فتح؛
منصور حق کرم علي شام ذوالحشم،
کافزوده شوکتِ شهيش احتشام فتح؛
فيروز دين مراد علي مير نامدار،
کز يمن نامش آمده حاصل مدام فتح؛
آن يک بعزم رزم سليمان شکوه دهر،
وان ديگري چو آصف دوران بکام فتح؛
خوشتر بعهد دولت و اقبال شان نمود،
روشن بدهر فتح عمرکوت نام فتح؛
صد آفرين بجمله سرانِ قشون شاه،
بودند بسکه جمله مدارالمهام فتح؛
نازم که روز فتح شما قوم راجپوت،
پامال همچو نقش قدم ز ارﱞدهام فتح؛
خاصه بحضرتِ شهِ ما ذوالکرم که داد،
باصد کرم عليش ز حق مستدام فتح؛
يعني به هر وغا علي از مکرمت بداد،
در دست غازيان قشونش زمام فتح؛
تا مقتداي تازه فتوحات نو شود،
اين فتح تازه آمده از حق اما فتح؛
چون سال فتح،”فتح عمرکوت“ بودعرض،
1224هه
ز اين بيشتر بروي دعا در پيام فتح؛
+4=1228هه
باد اين نشان فتح کنون نيز در دعا،
معروض حضرتش به بشارات نام فتح؛
تا دستگيريم ابد از مکرمت کند،
بادا به دستش از کرم، شهه ’حسام فتح؛
خــوش در دعـــــــا بـــــســـــلـــّمـﮧ ربّــــــﮧ مـــــدام،
از’مائل‘ حق است حضورش سلام فتح. ص_44
ٽالپرن، پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾، سنڌ جا اهي سڀ حصا بزور شمشير وري
حاصل ڪيا، جن کي ڪلهوڙن جي آخري نا اهل حڪمرانن،
پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيو هو. 1795ع ۾ هنن ڪراچيءَ
جو شهر قلات کان واپس ورتو، جنهن کي ڪلهوڙن، خان
قلات کي سندس ڀاءُ جي خون بها ۾ ڏيئي ڇڏيو هو.
اهڙيءَ طرح شڪارپور، جيڪا مدت مديد کان افغانستان
جي دراني حڪمرانن جي حوالي هئي، ان کي به 1824ع ۾
واپس ورتائون. سرحدي راجپوت رياستن جو هميشـﮧ کان
سنڌ سان خرخسو هليو ٿي آيو؛ عمر ڪوٽ جي هن فتح اهو
خدشو به هميشه لاءِ دور ڪري ڇڏيو.
ڀانئجي ٿو ته 1228هه جي شڪست بعد، راجپوتن ٻيهر عمرڪوٽ جي حدن ۾
انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي: مير ’مائل‘ جي
بياض ۾ ٻيو به هڪ قطعو ملي ٿو، جنهن مان 1235هه جو
سال برآمد ٿئي ٿو:
..................................
..................................
..................................
..................................
..................................
..................................
..................................
..................................
بهر پنج وقت دعــا خـــــوش بنـــــا، ”دهه و دو“ امام هديٰ بار ياد!
خصوصــــاً بفوجِ شهِ ذوالـــکـــــــرام، عــلي بالکرم جـــــابجا يار
باد!
”به فتح عمر کوت“ از بهر سال، ز الـــــهام روي دعـــــا يـــار باي!
1231هه 4
1231+4=1235هه
ابديار ’مائل‘ بحق چون حق است، دعـــــايــش به اين مدعا يار باد!
_ص 127
مير ’مائل‘، ٻن قطعن کان سواءِ، هڪ طولاني قصيدو به چيو آهي،
جنهن ۾ فتوحات جو ذڪر ڪندي، عمرڪوٽ جي فتح تي مير
ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي مبارڪون ڏئي
ٿو:
ز تشريف جانان بجان مرﱞده باد، چه جــان، بل به جانِ جهان مرﱞده باد!
بجانِ جهان جـاودان زين خــوشي، ز خـــوشنوديﻋ جـــــــــاودان مرﱞده
باد!
چه خوشنوديﻋ جــاودان فـــتح ديــن، کزين با همه مومنـــان مـــــرﱞده
بـــــاد!
درين مـرﱞده ام گــــفت گـــــويندهﻋ، ز حق از پيﻋ مرﱞده خـــوان
مرﱞده بـــاد!
من اين مرﱞده در مرﱞده مي گويمت، کزان دم بـــدم با شهان مرﱞده
بــــــاد!
ز تشريف جانان و از فتحِ ديـــــن، بشان بـــر تمناي جان مـــــرﱞده
بـــــاد!
چو شهه داد نصرت به بهراميان، به احباب ايــــن خاندان مـــرﱞده
بـــــاد!
بود صوبداري چو مخصوص شان، بـــــهر ســـــو...........اوان مـــــرﱞده
بــاد!
بر اين مرﱞده که اين مرﱞده فتح علي ست، به آن شام جـــنت مکان مرﱞده
باد!
بکام غلامِ عـــــلي نـــــام شـــــهه، ازين فتح نـو في الجنان مرﱞده
باد!
ز شاهان پيشين به شاهان حال، زين فتح فرحت نشـــان مرﱞده بـــــاد!
فبشرلَهُم من فـــنوحـــــات ديـــــن، ازين نو بشارت بشـــان مرﱞده
بـــــاد!
ازين نـــــو بشارت که آمد ز غيب، بشان با همه دوستـــان مـــرﱞده
بـــــاد!
بشاهان ز اين مرﱞده در مرﱞده ام، ز شاهنشهِ دو جهــــــــان
مــــرﱞده بـــــاد!
چو هرجاست فتحِ بلوچان سندهه، زحق بهر اين غازيــــان مــــرﱞده
بـــــاد!
بشاهان پيﻋ دفع هر شور و شــر، ز نو دفعهﻋ مـــيرخـــــان مـــــرﱞده
بـــــاد!
به تخريب ارباب کفر و نــــفـــاق، ز حق بهر اين مــومنان مرﱞده
بـــاد!
ز مخذولــيﻋ کفرهﻋ راجـــــپــوت،
بهردم به اين مــقبلان مرﱞده بـــــاد!
بشاهان مقبول من عنــــد حـــــق، ز مخذوليﻋ دشــــمــنـــان مــرﱞده
باد!
ز اعدا نشان در مکان............ ازين نو نشان هر مکان مرﱞده باد!
فـــــسبحان من خذل اعدائــهــم،
ازين تازه نصرت بشان مرﱞده بــاد!
ز انـــــا فتحنا لـــــهم فتح ديـــن، بشاهان
اين خوش زمان مرﱞده بــاد!
بـــــود چون کرم بالعلي نامـــور،
به آن شاه نام آوران مــــــرﱞده بــــــاد!
قرينِ کرم چون مراد از عـــــلـي، به
شهه زين مـــبارک قران مـرﱞده باد!
به آن هردو شه ناظمِ ملک سـندهه، ز تنظيم اين داســتان مرﱞده بـــــــاد!
ز تنظيم ايـــــن داســـــتــان دعــــــا، بشان از دل داعــيان
مـــــرﱞده بـــــــــاد!
ازين فتح نو يُمن مـيـــــرِ محمد، به شاهان و شــهزادگان مرﱞده
بـــــاد!
لنعم الکرام من عـــلي العظيم، بشه زين کرم جــاودان مرﱞده بــــــاد!
بَعَهدش ز ترويج ديــــنِ مـــتين، ز
مسدوديﻋ کــافران مـــــرﱞده بـــــــاد!
همه راجپوتان خدا خوار کــــــــرد، بشه
از خواريﻋ شـــان مـــــرﱞده بـــــاد!
بعالم پيﻋ خواريﻋ راجـپوت، ز
تشريع اين داســـتان مـــــرﱞده بــــاد!
به آن شيردل شاه مقبول حـــق،
ز
مخذولي اين سگان مــرﱞده بــــاد!
چو نام فساد از جهان شد بشه، ز گمناميﻋ مفسدان مرﱞده بـــــــــــاد!
ز نصر مَـن الله فــــتح قـــــريـــــب،
به آن شاهِ نصرت نشان مرﱞده بــــــــاد!
به آن شاه منصور من عند حق، ز نعم النصير اين زمان مرﱞده بــاد!
خدا گفته چون فاقتلوا المشرکين، بشه دائمه از قتل شان مـــرﱞده بـاد!
ز اقبالش آمد چو اين کــــار راست، به آن مقبلِ کـــــاروان مـــــرﱞده
بـــــــاد!
ز عـــــدلــــش که آباد عالم نمــــود، بعالـــــم ازان و امـــــان
مـــــرﱞده بـــــاد!
شهنشاهِ ثقلين چـــون يار اوســـت، بشاهيش از انس و جان مرﱞده باد!
چو اخلاص آل از حق ست رســــم خاص، به آن مخلص ٖ خاص شان مرﱞده باد!
محيط ٖ زمين است چو دوران عيش، بدورش ز هفت آسمان مرﱞده بـــــاد!
ز تکريمش آمد چو عالم بکام، به آن بالکرم کـــــامران مرﱞده بـــــاد!
فَــکَــرّمُ هُـــــوَ بالکرم يـــــا کـــــريم، بوي زين دعا هر
زمـان مرﱞده بـــــاد!
چو شغل ٖ دلم حمد حق در دعاسـت، ز آمين به اين جملـﮧ خوان مرﱞده باد!
به شه در دعاي عـــــطـاي خـــــــلف، ز يعطـي لـﮧ المستعان مرﱞده
بـــــاد!
بود مرﱞده در مرﱞده ايـــــن نــــامه ام، بـــــشه از هـــــمه
هـــــر زمان مرﱞده باد!
بهر شعر و مضمون رنگين وي، ز شعراي رنگين بيــان مرﱞده بـــــاد!
ز شيرين کلاميﻋ اين خــــوش کلام، به آن خـــــسرو، خســــروان مرﱞده باد!
چو”مائل“ بحق سائل فصل اوست،
ز فضل ٖ حقش جاودان مرﱞده باد!
بهاولپور ۽ ٽالپرن جي آويزش
پهرين رجب1224هه(1809ع) جو، محمد بهاول خان، واليﻋ بهاولپور،
انتقال ڪيو؛ نواب صادق محمد خان ثاني تخت نشين
ٿيو. محمد بهاول خان جي زماني ۾ ثالپري حڪومت ۽
بهاولپور جا تعلقات نهايت مستحڪم ۽ شگفته هئا،
انهيءَ حد تائين جو آڏي وقت ۾ به هڪٻئي سان هميشه
همدردي ڪندا رهندا هئا. تيمورشاهه جڏهن مدد خان کي
بهاولپور جي لٽ ڦر لاءِ موڪليو، ان وقت مير فتح
علي خان فوراً نواب ڏي همدردانه خط لکي ۽ مدد جي
آڇ ڪئي. نواب صاحب، مير صاحب ڏي شڪريي جو خط لکي
موڪليو، جيڪو ”صادق التواريخ“ (ص68) ۾ موجود آهي.
نواب صادق محمد خان جي دؤر ۾، اوچتو تعلقات ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي
پيئي، مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ” اًچ جي هڪ
آبرودار سيد ذوالفقار شاه کي نواب محمد صادق خان
تڪليف پهچائي، جنهنڪري هو اتان ڀڄي، ميرن وٽ آيو.
ميرن سفارشي خط لکي نواب ڏي موڪليو، پر خط جو ڪو
اثر ڪونه نڪتو، ۽ الٽو سيد کي وڌيڪ تڪليف ڏني
ويئي. ٽالپرن ڪاوڙ مان طاهر محمد خدمتگار کي لشڪر
ڏيئي بهاولپور موڪليو، جنهن رياست جا ڪيترا ڳوٺ
وڃي هٿ ڪيا. نواب مجبور ٿي ساڻس صلح، ۽ سيدن کي به
سندن جاگيرون واپس ڏيئي راضي ڪيو. ٽالپرن ڏانهن
پنهنجو پٽ بهاول خان ثاني، بطور يرغمال جي، موڪلي
ڏنائين، ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو به جنگ جي تاوان ۾
ڏنائين.“ (قديم سنڌ، ص 237)
مرزا قليچ بيگ، پنهنجي انگريزي تاريخ (جلد ٻيو، ص 211) ۾ لکيو
آهي ته ’طاهر خدمتگار، شهزادي کي وٺي، جڏهن ڪشمور
۾ آيو، تڏهن اتان درياهه رستي حيدرآباد طرف روانو
ٿيو، ۽ حاجي ميرخان جي ٽنڊي وٽ پهچي، ٽالپرن
ڏانهن، شهزادي جي اچڻ جو اطلاح موڪليائين. ميرصاحب
غلام علي خان، مير محمد خان کي سندس استقبال لاءِ
ڏياري موڪليو، جنهن عزت سان شهزادي کي حيدرآباد
آندو.‘
ميرحسن علي خان، سنڌ جي شاهنامي ۾ لکيو آهي ته ’مير سهراب خان،
خيرپور جي واليءَ، پنهنجو لشڪر بهاولپور ڏياري
موڪليو، جيڪو احمدپور وٽ پهچي، هڪ سڪل واهه جي تري
جو بچاءُ وٺي، جنگ جو مورچو ٺاهي ويهي رهيو. محمد
صادق خان به پنهنجو لشڪر وٺي اچي آڏو ٿيو. جنگ
شروع ڪرڻ کان اڳ، نواب انهيﻋ واهه جو منهن کولرائي
ڇڏيو، جنهنڪري ٽالپري لشڪر، پنهنجو سامان، پٽڪا،
جتيون، سڀ واهه ۾ ڇڏي وٺي ڀڳو، محمد صادق خان،
پٽڪن ۽ جتين جون هڙون ٻڌرائي، حيدرآباد ٺٺوليءُ
طور، موڪلي ڏنيون، جنهن تي مير غلام علي خان کي
تاءُ آيو، ۽ هن پنهنجو لشڪر طاهر محمد هٿ، جنگ
لاءِ ٺاهي ٺڪي موڪليو.‘
جتين جو ۽ ٽوپن جو بار ٖ گران، وجهي اٺ تي هن طرف ڪيائين روان؛
اگرچه سو لشڪر نه هو مير جو، په هو صاحب ٖ غيرت هئو نام جـــو؛
اهو حال خاطر تي ٿيــو ناگــــــوار، ته
صادق محمد هيءَ ڪئي ڪهڙي ڪـار:
[مير صاحب، طاهر محمد سان گڏ، فقيري خدمتگار کي به ڏياري موڪليو هو]
چو طاهر فقيري(1)
کي آن شيــر نر، ڪــــــريو خون دشمن منجهان خاڪ
تر.
_ص 83
مير حسن علي خان لکي ٿو ته سبزل ڪوٽ جي قلعي ۽ 12 هزار رپيا
ساليانه ڍل تي صلح ٿيو، ۽ پنهنجو شهزادو به صادق
محمد خان ڏياري موڪليو. طاهر خدمتگار کي، انهيءَ
فتح جي عيوض، مير صاحب ”نواب“ جو لقب عنايت ڪيو، ۽
قلعداري به سندس سپرد ڪيائين.
”صادق التواريخ“ بهاولپور وارن جي نقطه نگاهه سان لکيل آهي؛
انهيءَ معاملي متعلق، انهيءَ تاريخ جي روايتن جو
اختصار هن طرح آهي:
(1) 1809ع/1224هه ۾، فضل علي خان هالاڻي (هالي پوٽو) ۽ مير
اسلام خان، مير سهراب خان ڏانهن دانهن کڻي ويا ته
نواب سندن ناحق علائقو ضبط ڪري ڇڏيو آهي، سو
مهرباني ڪري کين وٺي ڏنو وڃي:
(2) مير سهراب خان انهن جي حالت کان متاثر ٿي، پنهنجي جرنيل،
سيد گولي شاهه (روهڙيءَ واري) کي لشڪر سميت موڪلي
ڏنو؛ انهيءَ پيش قدميءَ کي روڪڻ لاءِ نواب صادق
محمد خان پنهنجي وزير ۽ سپهه سالار، نصير خان گور
گيچ، ۽ فتح محمد غوريءَ کي ڏياري موڪليو:
(3) ساڳئي وقت، نواب، نورمحمد خان نمبردار کي مير غلام علي خان
ڏي مير سهراب جي پيش قدميءَ جي شڪايت سان، ڏياري
موڪليو؛ مير سهراب خان به پنهنجو ماڻهو موڪلي حملي
جي نوعيت ۽ حقيقت کان آگاهه ڪري مير غلام علي خان
کان امداد طلب ڪئي؛ مير صاحب معاملي تي غور ڪرڻ
بعد، نواب ولي محمد جهڙي مدبر سياستدان ۽ تجربيڪار
امير کي ڪجهه لشڪر ڏيئي روانو ڪيو؛ ۽ مير سهراب ڏي
چورائي موڪليائين ته جنگ جي بجاءِ جيڪڏهن معاملو
صلح سان طي ٿي وڃي ته بهتر آهي:
(4)ولي محمدخان لغاري سر زمين تي پهچي، مير نصيرخان گورگيچ کي
چورائي موڪليو ته معاملي کي صلح سان طي ڪرڻ بهتر
آهي؛ اوهان جي طرفان جسونت راءِ، جيڪو اڳ حيدرآباد
۾ بطور وڪيل جي آيو هو، اچي مون سان ڳالهيون
هلائي؛ مير نصيرخان گورگيچ، فوراً جسونت راءِ کي
ڏياري موڪليو؛ ڳالهيون ٻولهيون هليون ليڪن صلح ٿي
نه سگهيو:
(5) ولي محمدخان ۽ سيد گولي شاه پيش قدمي شروع ڪري ڏني؛ سندن
خيال هو ته محمدپور تي حملو ڪجي؛ گورگيچ پنهنجا
سپاهي فوج کي روڪڻ لاءِ محمد واه تي ڏياري
موڪليا؛11،شوال 1224هه/1809ع جو ولي محمد خان ۽
گولي شاه اهو پاسو ڇڏي، بهاولپور جي ويجهو اچي
مورچو ٺاهيو؛ ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا، جن ۾ طرفين جا
ڪيترا ماڻهو ماريا ويا؛ آخر فيصلو ٿيو ته نواب ولي
محمد خان ۽ مير نصير خان پاڻ ۾ گڏجي صلح جا شرائط
طي ڪن، چنانچه 12 شوال جو ٻيئي سپهه سالار پاڻ ۾
گڏيا:
(6) نواب ولي محمدخان نهايت عقلمند ۽ زبردست مدبر هو؛ مير
گورگيچ کي ڳالهائڻ ۾ هن ايترو مجبور ڪري ڇڏيو، جو
آخر هن نواب ولي محمدخان جا پيش ڪيل سڀئي شرط قبول
ڪيا:
(7) 16ذيقعـــده 1224هه جـــــــو، شـــــــهزادو رحيـــــــم
يــــــــارخان، خيرمحمد گورگيچ ۽ مولوي شير عليءَ
جي معيت ۾ حيدرآباد پهتو، جتي ٽالپرن کيس شايان
شان عزت آبروءَ سان رهايو، ۽ هر طرح سان سندس خاطر
مدارات ڪندا رهيا؛ تان جو 22، محرم 1225هه جو
شهزادو يرغمال جي مدت پوري ڪري، احمد پور شرقيه،
پنهنجي والد وٽ پهتو.
مير مائل، انهيءُ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ تي هڪ قطعو چيو آهي، جنهن
جو عنوان آهي: قطعه در مبارک بادي تاريخ فتح
بلوچان و شکست فوج محمد صادق خان دائود پوتره، و
آوردان پسر او در برسم يرغمال، مرتبهﻋ اوليٰ.“
بحمد الله که آمد از شـــهه ديـــــن، ز فتح ٖ او دل ٖ شهه کرد خوشنود،
شه از او در مبارک باد اين فتح، بروي دهر بــاب ٖ عيش بکـــــشود؛
شه ٖ سندهه آن سکندر جاه و جم بخت، که عون ٖ شـــاه جـاه و بخش افزود؛
غلام ٖ نــــام شه شـــــاهي که آمد، علام ٖ هر ايازش صد چو محمود؛
...........................................
............................................
يکي زان خسرو ٖ بزم کـــرامـــــت، که آمـــــد از کـــــرم رونـــق
ده ٖ جود؛
دگر نـــــام آور از حُـــــسن ٖ ارادت، که بخشد هر مرادش را عــلي
زود؛
چو در تائيد فوج ٖ مير سهراب، که بي تائيد اين ســــــو بود بي سود؛
از امـداد، قشون ٖ فـــــاتـــــح شـــــان، ز ارشـــــادٖ فتوح ٖ بخت
مـــــسعـــــود؛
بـــــسرداريءَ نـــــواب نـــــکـو نـــــام، که نامش از خطايش باد
مــشهود،
بعزم شـاهـــــيءَ جـــــزم تـــــوکـــــل، روان زين ســـو قشون ٖ فتح
بنمود؛
و ازان ســـــو نيز پور خان بهاول، که صادق با محمد نـــام او
بـــــود؛
به ارشاد ٖ نصير آن خان گرگيچ، بــــــه امـــــداد ٖ دگـــــر
اقـــــوام مـــــردود؛
بـــــهــمراهٖ اخ و خـــــانـــــان ٖ ديـــــگر، روان پيﻋ هم بسي
افواج بنمود؛
از ين سو جمله پاک اندر ارادت، وزان ســـــو هر هم زين فيض مترود؛
ازين سو جمله ثـــابت در محبت، وزان سو جمله چون ”اصحاب اخـــــدود“؛
ازاين سو جمله نيک از فيض خلت، وزان سو جمله بد چون آل نـــمرود؛
ازاين سو جمله خوشدل عازم جــــنگ، و ازان سو
جمله.........................
چـــــو افـتادند بـــــاهم دل نقابـــــــل، ز صلح و جنگ چندي گفتگو
بـود؛
ولي بلا آخرة فوج ٖ دو جـــــانـــــب، ز ارض اندر سماوات آتش و دود؛
ز ضرب شلف شان گـــرچه آنروز، بيامد کـــــوشش بـــــلوچ بي ســـــود؛
ولي از تـــــاب شـــــمشير بلوچـــــان، چو خائف بود فوج خصم مرد ود؛
نـموده درميان ســـــادات مصحف، امان خواه آمدند از فوج شهه زود؛
دريــــن بازي عدو راديده شش پنج، چنين نقش ٖ دو شــــــش زد نرد مقصود؛
که از يـــــاريﻋ حق افواج نصرت، جـــــنود ٖ خصـــــم را بنموده
نــــــابود،
کرفته پور خـــــان و چـــــند ســـــردار، بـــــرســـــم يـــــرغمال
از خـان مطرود؛
بخرج ٖ لشکر و عــــهد اطاعـــــت، رسانيدند خود را پـــــيش شهه زود؛
.........................دل از دســـــت،
.............................................
بغارت رفته يک سر ملکش از جهل، ز جهلش ديده آخر ملکش اين سود؛
خرد تاريخ ايـــــــن نو فتح د لخواه، ”زهـــي دلخواه اين به فتح“
فرمود؛
1224هه
”مبارک آمد اين نصرت ز حق“ باز، دلم تاريخ اين نـــو فتح پيمود؛
1224هه
مـــــبارک باد ايــن فتح ٖ خـــــداداد، بکام جمله شاهان ٖ ذوي
الـــجود!
ز جودت ياد يارب عشرت و فتـح، ببزم و رزم شان پيوسته بر جود!
بظل ٖ مکرمت خوش ’مائل‘ٖ حق، ابد ز اکرام شاهي باد خـــوشنود!
هيٺيان ٻه قلطعا به انهيءَ جنگ جي تاريخ ڏين ٿا:
(2) زين فتح نوکه کرد قشون ٖ شهان سندهه؛
رفته از زمين بگوش فلک چون پيام فتح؛
روح القدس بروي امل بهر سال آن،
گفته ”بلند باد به اين فتح نام فتح“،
1+1223=1224هه
(3) چونکه با فوج ٖ شبان برونق ٖ خواهش دل،
داد از ياريﻋ اقبال چنين فرح خدا؛
سال اين فتح چنين جلوه گر آمد ز دلم،
”آمد اين فتح به اقبال شهان جلوه فزا”.
1224هه _ص.ج
مٿئين قطعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته بهاولپور وارن مصحف ۽
سادات وچ ۾ ميڙ طور آندا هئا، ۽ شهزادي کان سواءِ
چند سردار به يرغمال طور ڏنا هئائون. ”صادق
التواريخ“ فقط ٻن سردارن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي
سمجهڻ گهرجن ته همرڪاب ٿي نه آيا هئا، بلڪ يرغمال
۾ حيدرآباد پهتا. مرزا قليچ بيگ ۽ مير حسن علي خان
فقط انهيءَ هڪ جنگ جو احوال سرسري طور ڏنو آهي،
ليڪن مير ’مائل‘ جي بياض مان هڪ قطعي جي ذريعي
معلوم ٿئي ٿو ته ٻن سالن بعد،1226هه وري ٻيهر سنڌ
۽ بهاولپور جي آويزش ٿي، ۽ ان جي تصديق ”صادق
التواريخ“ مان به ٿئي ٿي.
بهاولپور سان ٻي جنگ: ٻيءَ جنگ جا اسباب ”صادق التواريخ“ جي
ذريعي هيٺئين طرح معلوم ٿين ٿا:
(1) شهزادو رحيم خان،22، محرم1225هه جو، سنڌ مان موڪلائي،
پنهنجي رياست ۾ وڃي پهتو. بهاولپور جي سرحدي
محافظن، ڪجهه عرصي بعد، مير سهراب خان سان مخفي
طرح تعلق پيدا ڪيو. پنهنجي نواب سان هنن جي شڪر
رنجي ٿي. مير صاحب کي هنن آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هو کين
مقبول صلو ڏيندو، ته هو بهاولپور جي سرحدي علائقن
تي سندس قبضو ڪرائي ڇڏيندا.
(2) نصير خان گورگيچ جيڪو رياست جو نه فقط وزيراعليٰ، سپهه
سالار ۽ مدار المهام هو، بلڪ نواب جو به لاڏلو
امير هو، سو به نواب صاحب کان ناخوش ٿي پيو. هن
به، صالح افغان جي ذريعي، مير سهراب خان ڏانهن
خفيه خط موڪليو. جنهن ۾ بهاولپور تي حملي ڪرڻ جي
آڇ ڪيل هئي. مير گورگيچ هڪ طرف مير صاحب ڏي خط
لکيو، ٻئي طرف پنهنجي رازدار دوستن جهڙوڪ فتح محمد
غوريءَ، احمد خان افغان، غلام قادر ۽ ڌمان سنگ کي،
جيڪي رياست ۾ وڏن وڏن عهدن تي هئا، گهرائي کين
سمجهايو ته جڏهن ٽالپرن جو لشڪر سرحد تي پهچي، ان
وقت هو پاڻ ته ٻار ٻچا وٺي فوراً سنڌ ڏانهن هليو
ويندو، پٺيان اهي امير ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪري،
نواب کي تخت تان لاهي، صاحبزادي رحيم يار خان کي
مسند نشين ڪري ڇڏين.
(3) ٽالپرن، اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاڻي، پنهنجو لشڪر موڪلي ڏنو.
مير مبارڪ ۽ سيد گولو شاهه خيرپوري، لشڪر جا
مهندار هئا، ۽ نواب ولي محمد خان ۽ مير هالوخان
ٽالپرن، حيدرآبادي لشڪر جا سردار هئا. ٻيئي لشڪر
پيش قدمي ڪندي ڪندي، صادق آباد تائين پهچي ويا.
نصيرخان جي طرفان رياستي لشڪر کي حڪم مليل هو ته
هو ڪٿي به ٽالپري لشڪر سان مزاحمت نه ڪري، جنهنڪري
نهايت آرام ۽ اطمينان سان، سنڌ جي لشڪر صادق آباد
تائين قبضو ڪري ورتو.
(4) نواب صاحب، فتح محمد غوريءَ ۽ محمد يعقوب بخشيءَ کي فوج
ڏيئي، مقابلي لاءِ موڪليو؛ مير گورگيچ جي سازش کان
نواب قدري واقف ٿي چڪو هو، جنهنڪري هن کي پاڻ وٽ
روڪي ويهاري ڇڏيائين: نواب نيڪ دل هو، سو گورگيچ
هيٺانهيون ڏيکاري، آخر موڪل ورتي، ۽ دربار مان
نڪري اچي لشڪر سان مليو، ۽ پنهنجي ڀاءُ، گل محمد،
کي ٽالپري لشڪر ۾ موڪلي، کين چورايائين ته هو
ٻيڙين جي ذريعي مٿان مٿان احمد پور شريقه پهچي
وڃن؛ تنهن تي، ميرن پنهنجي خيرانديش جي مشوري
مطابق احمد پور رخ رکيو.
(5) فتح محمد غوري، نواب جو لشڪر وٺي، احمد پور روانو ٿيو. نواب
جڏهن احمد پور ڏي دشمن جي اچڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن
پاڻ وڃي ديراوڙ جي قلعي ۾ ويهي رهيو. نصيرخان،
ٽالپري لشڪر ڏي نياپو موڪليو ته ميدان صاف آهي،
تنهنڪري بنا هٻڪ جي اُچ کان ٿيندا، رضا محمد موساڻ
جي ڳوٺ ۾ پهچي وڃو. چنانچه، ميرن جي لشڪر اتي پهچي
مورچي بندي شروع ڪري ڏني. نصيرخان، ڏيکاءَ خاطر،
لڙائيءَ جي تياري ڪئي، ۽ ٽن ڏينهن تائين معمولي
طرح مقابلو به ڪندو رهيو، ليڪن اندرون اندر هن هر
طرح ٽالپري لشڪر کي تقويت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تان
جو مير مبارڪ جا دستا مشرقي علائقي ۾، قائم پور
تائين پهچي ويا.
(6) انهيءَ موقعي تي، نصيرخان ٻارن ٻچن کي سنڌ موڪلي ڇڏيو، ۽
پاڻ به ڀڄڻ جي موقعي جو منتظر رهيو. جڏهن ٽالپري
لشڪر جو گهڻي ڀاڱي رياست تي قبضو ٿي ويو، تڏهن
نواب ششدر ٿيو. نصيرخان گورگيچ ڏانهس نياپو موڪليو
ته هاڻي سواءِ پيش پوڻ، آڻ مڃڻ ۽ صلح صفائي ڪرڻ جو
ٻيو ڪو چارو ڪونه آهي؛ صلح جي حالت ۾ وري به
صاحبزادي رحيم يار خان کي يرغمال ۾ ڏيڻو پوندو.
نواب، ٻي ڪابه واهه نه ڏسي، ڏانهس چورائي موڪليو:
”منظور فرموديم اگرچه مصلحت نديديم“.
(7) 12محرم1226هه (1811ع) جو ،صاحبزادو رحيم يارخان، ٻيهر سنڌ
ڏي بطور يرغمال جي، بهاولپور مان روانو ٿيو؛ مولوي
شيرعلي ۽ مير حافظ گل محمد پرجان به ساڻس گڏ آيا.
مرزا قليچ بيگ هن ٻيءُ جنگ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي؛ پهرينءَ جنگ جي
سلسلي ۾، سبزل ڪوٽ جي ملڻ جو واقعو بيان ڪري ٿو،
جيڪو پهريون حيدرآباد وارن جي قبضي ۾ رهيو، ۽ پوءِ
حيدرآباد وارن خيرپور جي حوالي ڪيو.
مير’مائل‘ هن ٻيءَ جنگ تي به قطعو چيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي
ٿو ته هن پوئينءَ جنگ ۾ ٽالپرن کي ، تاوان جي طور،
ٻه قلعا مليا، هن قطعي جو ڪجهه حصو ضايع ٿيل آهي،
پهريان چار شعر ڦاٽي ويا آهن، ۽ عنوان هن طرح اٿس:
”قطعه در مبارک باد تاريخ فتح بلوچان و شکست محمد
صادق خان دائود پوتره، و گرفتن دو قلعه او بمعه
خرچ لشکر و آوردن پسر او در حضور برسم يرغمال،
مرتبهﻋ ثاني“.
شکر لله که خــوش بفتح و ظفر، يـــــمـــــن امـــــــــداد
ايـــــزدي مـــــــــنــــّـــــان؛
فوج شاهان ســـــند گـــــردون فـــــر، صاحبِ شــوکت و حشمت و شان؛
شاهه سنڌ آن غلام نام عــلي، ............................عنايت خان؛
.........................................
...........................................
.........................................
...........................................
.........................................
...........................................
کرده در ملک وي نزول اجــلال،
ســـــاخته
جـــــمله ملـــک وي ويران؛
يرغمال و دو قــــلعهﻋ مضبوط،
که رســـــيدنـــــد در تـــــصرف شـــان؛
يــا عهد و اداي خـــــرچ قـــشون،
آن
چه انجام يــــابد از شـــــاهـــــان؛
بــــــــــه طمانـــــيتِ کـــــلام مجيد، بـــــگـــــرفـــــتـــــه ز
خـــــان روگــــــــــردان؛
فتح ياب آمده بجاه و جـــــلال،
بـــــــــــــــارک الله هـــــمتِ
مـــــــــــــــردان؛
بـــــــارک الله کـــــه درهمه آفـــــاق، کـــــرد ايـــــن فتح نـام
فتح نشان؛
ســـــال ايــــن فتح هاتفم فرمود، ”فـــــتح ياب آمده جيوش شهان،.
1226هه
مٿين قطعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٻن قلعن سان گڏ تاوان جنگ
جو، خرچ جي صورت ۾ به ورتو ويو، ۽ ڪلام مجيد وچ ۾
ڏيئي بهاولپور وارن آئنده لاءِ پنهنجي روش متعلق
اطمينان ڏياريو.
مرزا قليچ بيگ، مير حسن علي خان، خواه (صادق التواريخ“ وارن
جيڪا اسباب بهاولپور تي چڙهائيءَ جا بيان ڪيا آهن،
تن ۾ هڪ ته اختلاف آهي؛ ان کان سواءِ اهي ايترا
ڪمزور آهن، جو سنڌ وارن کي انهن سببن ڪري بهاولپور
تي يلغار ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونه ٿي پهتو. اسان جي
خيال ۾ ٽالپرن لاءِ ضرور ڪي قوي سبب پيدا ٿيا
هوندا، جن جي تحقيق ڪرڻ لازمي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾، محمد اعظم بن مولوي محمد صالح اسدي الهاشميءَ
جي تاريخ، ”اقبال نامهﻋ سعادت آيات“ جو مطالعو
مفيد ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مصنف 25_1226هه بهاولپور جي
طرفان انهيءَ سلسلي ۾ ٽالپرن جي دربار ۾ پهتو هو،
۽ هن سمورا واقعات تفصيل سان پنهنجي تاريخ ۾ ڏنا
آهن افسوس آهي جو هن مضمون لکڻ وقت اهو ڪتاب مهيا
ٿي نه سگهيو(1).
ٺٽي جا هندو ۽ مسلمان: سنڌ جا ٽالپر حڪمران مذهبي تعصب ۽ ديني
جهيڙن جهڳڙن کان بلڪل پاڪ صاف ۽ پري پوندا هئا.
مذهبي تعصب کان انهيءَ حدتائين لا تعلق هئا، جو
هنن پنهنجي خاص عقيدي کي به زور زبردستيءَ يا حيلي
حوالي سان فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. اهو طريقو
نه فقط مرڪزي حڪمرانن جو هو، بلڪ ميرپورخاص ۽
خيرپور وارن به انهيءَ طور طريقي تي پاڻ هلايو.
خيرپور وارن جي تخت نشينيءَ جون ته سموريون رسمون
کهڙن جا سني مخدوم بجا آڻيندا هئا، ۽ انهيءَ حد
تائين ٽالپر، مخدومن تي پاس خاطر ڪندا هئا، جو
کهڙن جي ڳوٺ ۾ محرم جو ماتم به سرڪاري طرح ممنوع
هو.
اهو ئي سلوڪ ٽالپرن جو پنهنجي هندو رعايا سان هو. ديوان آوتراءَ
ملڪاڻي لکي ٿو ته ”سندن صاحبيءَ ۾ مسلمان هندن کي
مذهب نسبت ڪونه ستائيندا هئا.“ (سنڌ جا ٽالپر،
ص41) هندن جي حالت، ٽالپري دؤر ۾، ڪن حالتن ۾،
مسلمانن کان به وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط هئي. مذهبي،
معاشرتي ۽ تمدني آزادي کين مسلمان رعيت کان زياده
هئي. انهيءَ وقت جي علمائن انهيءَ سلسلي ۾ چند
رسالا لکيل آهن. جن مان هندن جي حالت جو پورو پورو
اندازو ٿي سگهي ٿو. علما جو طريقو بيحد ناراض هو
ته هندن کي ايتري آزادي ڇو ڏني ويئي آهي، جو هر
لحاظ سان مسلمانن تي فوقيت حاصل ڪري ويا آهن: وياج
عام جام کائين ٿا، شراب نوشي کلم کلا ڪن ٿا، نماز
جي وقت ڄاڻي واڻي ناقوس وڄائي، نماز ۾ خلل وجهن
ٿا، سمورا سرڪاري عهدا سندن هٿ ۾ آهن، جتي کين وڻي
ٿو اتي پنهنجا بت خانا ٺاهيندا وتن ٿا، مسلمان
شريفن جي مخلن ۾ پڪيون عمارتون ايتريون بلند ٺاهين
ٿا جو مسلمانن جي گهرن ۾ سندن نظر پوي ٿي. هٿيار
پنهوار هميشه ٻڌيون وتن ٿا. راڳ، ناچ، گانا هر وقت
سندن محفلن ۾ ٿين ٿا. مسلمان غلام هو خريد ڪري
سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪو خوشيءَ سان هندو مسلمان ٿئي ٿو
ته ان کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. مسلمان قاضي جيڪڏهن
اعتراض ٿو ڪري ته ان کي ايترو تنگ ڪن ٿا، جو هو
اتان لڏي جند ڇڏائي ٿو(1)_
چنانچه، مخدوم محمد ابراهيم جي پنهنجي چوڻ موجب،
خود هو پاڻ هندن جي خصوصيت کان ٺٽو ڇڏي ڪراچيءَ
لڏي ويو، (؟!)
بهرحال انهيءَ ذڪر ڪرڻ مان مطلب هي آهي ته ٽالپرن پنهنجي سر
مذهبي جنگ و جدول کان قطعي پرهيز ڪندا هئا، انهيءَ
حد تائين جو خود ڪن مسلمان علمائن کي سندن انهيءَ
پاليسيءَ سبب سخت شڪايتون پيدا ٿيون، ۽ ايترو گرما
گرم بحث شروع ٿيو، جو ان معاملي تي 4_5 رسالا لکجي
ويا.
ٺٽو هندن جي اثر رسوخ جو وڏو مرڪز هو، ۽ ساڳئي وقت ٺٽي ۾
مخدومن، قاضين ۽ ساداتن جو به زور هو. هندو رهڻيءَ
ڪهڻيءَ، پيسي پائيءَ، جاءِ جڳهه، ۽ اثر اقتدار ۾
وڌيل هئا؛ ۽ مسلمان هر لحاظ سان پٺتي پيل، ليڪن
مذهبي معاملن ۾ نهايت متشدد هئا، جنهنڪري ڪڏهن
ڪڏهن ٻنهي فرقن جي وچ ۾، دلين ۾ لڪل اختلاف ظاهري
جهيڙي جهڳڙي جي صورت به اختيار ڪند هئا.
مير’مائل‘ جي بياض ۾ چند قطعا ۽ ڪجهه قصيدا اسان کي ملن ٿا، جن
مان انهن اختلافن جو پتو پوي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته
هڪ نوجوان هندو، پنهنجي رضا خوشيءَ، اسلامي تبليغ
جي زد ۾ اچي ويو؛ مسلمان خوش ٿيا، هندن ۾ هيجان
اچي ويو. مير ’مائل‘ انهيءَ واقعي تي نه ڇڙهو پاڻ
خوش ٿيو؛ ملڪ جي واليءَ کي به اسلام جي انهيءَ فتح
تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو:
(1) مبارک باديﻋ اين تازه مــــسلم، بود عرض ٖ شهه ٖ صدر ٖ کرامـــت؛
شهه ٖ ما آنکه از صد گونه اکـــرام، بـــــاقبـــــال
ٖ ابـــــد بــــــــــادا ســـــلامــــت؛
_ص 100
(2)خـــوش ايزد رونق ٖ اسلام افزود،
سلام
الله عليٰ من اسلم است ايــــن؛
بــــــشــــاه ٖ ذوالکرم از بارک الله، مبارک باديﻋ نو مسلم است
اين؛
_ص100
ڀانئجي ٿو ته هندن انهيءَ نو مسلم کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن تي ٺٽي
جي مسلمانن ۾ سخت اضطراب پيدا ٿيو. ميرن جي طرفان
ٺٽي تي جيڪو ڪردار هو، اهو به هندن جو حمايتي هو.
مير’مائل‘، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ گذارشي قطعو ٽالپر
حڪمران جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن جو عنوان هي آهي:
”قطعهﻋ گذارش در هجو کاردار نابکار، هنگام اسلام
نو مسلم و شهادت او از دست کفار فجاره و حمايت
وي“.
اين نابکار نو کـﮧ شده کاردار شهر،
درکربلاي تته کم ازين زياد نيست؛
او خصم آل بوده و اين خصم آل ودين،
کارش بال و دين همه جز عناد نيست؛
کاري که رفتـﮧ است زبد کاريش بدين،
والله که طبق نص کم از ارتداد نيست؛
با مصطفا است از ستم اين رجيم داد،
کز داد ظلميش بکس از خوف ياد نيست؛
بايد نسب بقوم ثمودش درست کرد،
اين کهوکهر ٖ خبيث که از قوم عاد نيست؛
مي گويد او که حکم شهان بهر من چنين ست!
والله بکس بر اين سخنش اعتماد نيست؛
بر حرف مفسدان نه سزد گاه اعتماد،
زين افترا چو ماحصلش جز فساد نيست؛
شد شهر تته شهر محن ز زانکه زين اداش،
جز اهل کفر هيچکس از شهر شاد نيست؛
فرض است برشهان ٖ زمان داد اين ستم،
چون اين زمان بجز در ٖ شان جاي داد نيست؛
بايد نمود جهد به تخريب اهل کفر،
با اهل کفر چون ره ٖ شان جز جهاد نيست؛
يا ربّ هبَ لهم عملاً من ولاي دين.
خوش غير ازين وظيفه بزاد المعاد نيست؛
بادا دعاي خوبيﻋ شان وِرد ٖ اهل حق،
چون جز دعا به ’مائل‘ حق هيچ باد نيست!
_ص120
ٺٽي جو ڪاردار، کوکر ذات جو هو. شهر ۾ جيڪا پاليسي هو هليو ٿي،
تنهن لاءِ هن مسلمانن کي ٻڌايو ٿي ته ائين ڪرڻ
لاءِ هن کي سرڪار جو حڪم مليل آهي، جنهن تي مير
’مائل‘ جو قول آهي ته هن جي انهيءَ قول تي مسلمانن
کي ڪوبه اعتبار ڪونه آهي، ليڪن سندس انهيءَ غلط ۽
ظالمانه روش جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو_
شد شهر تته شهر محن زانکه زين اداش.
جز اهل کفر هيچکس از شهر شاد نيست؛
فرض است بر شهان ٖ زمان داد ابن ستم،
چون اين زمان بجز در ٖ شان جاي داد نسبت.
مير’مائل‘ هندن سان هيٺئين سلوڪ ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿو:
بايد نمود جهد به تخريب اهل کفر،
با اهل کفر چون رهِ شان جز جهاد نيست.
انهيءَ ڪاردار تي مير صاحب ٻيو به هڪ قطعو چيو آهي:
درعهد عدلت اي شه ٖ نوشيروان عهد،
وين ظالم خبيث دل خلق بسته است؛
يک دل شکست نيست که گويم ز حال او،
ظلم ٖ فلاني است که صد دل شکسته است.
_ص126
معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي مسلمانن جي دانهن جي، ٽالپري دربار ۾،
داد رسي ٿي ۽ انهيءَ ڪاردار جي اتان بدلي ٿي ويئي.
هيٺئين قطعي مان اهو ئي قرينو ڪڍي سگهجي ٿو: عنوان
آهي ”قطعه شکر گذاري درستيﻋ کار.“
نازم بداد بخشيت اي شاه ذوالکرم،
کز داد بخشيﻋ تو جهان ز ظلم رست؛
زين داد بخشيت که جهان ست بشکر آن،
با عدل و داد مَکَر مَتَتُ تازه بندوبست؛
کي مي شود درست بجز بيخ بشکني،
از فرط ظلم آن که دل مردمان شکست؛
هر خاص و عام شهر به اين داد بخشيت،
برداشت سوي حق ز دل اندر دعا دو دست؛
يا رب بکام ’مائل‘ حق باد دائما،
خوشنود با کرامت اين شاه حق پرست!
_ص 100
|