سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :43

ادب ۽ تنقيد

 

ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،

اِنهيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سمجهيءَ ”سچيڏنو“ چوي.

_سچل

 

 

’سچوءَ‘ منجهوءن ٿيو سچ پيدا،

ڪيهون ڪُوڙيون ڳالهيون ڳايان!

_سچل

 

 

گوندرِ جن گذاريو، مُنهن تَنِين مشعلَ:

ڪامون پوي ڪَلَ، اُنهن جي افسوس جي!

 

 

گوندرِ جن گذاريو، آءُ تَنِين گهوري،

سدا مون جهورِي، آهي وِرهه وارئين.

_سچل

 

 

 

سنڌ جو هڪ محسن گهراڻو

(خاندان راشديه جا سنڌ ۾ علمي ڪارناما)

دامان نگهه تنگ گل حسن تو بيار

گلچين  جمال  تو ز دامان  گله دارد

تعارف:

سنڌ جي سڳوريءَ سرزمين تي خاندان راشديه جيڪي علمي خدمتون سرانجام ڪيون، سي سندن مذهبي فيوضات کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪين آهن.

محمد بن قاسم جي معزوليءَ بعد، سنڌ اندر جيڪا بدامنيءَ جي بلا دوباره پيدا ٿي، تنهن کي نهوڙي نوائڻ لاءِ درٻار خلافت، سيد علي مڪيءَ کي سامره جي سپاهين جو هڪ ڪٽڪ ساڻ ڏيئي، سنڌ ڏانهن موڪليو. ان مقدس جماعت ٻيهر اچي خدا ۽ رسول جي پرستش جي هتي پيڙهه پڪي ڪئي.

سنڌ اهڙي وڙئون ويل ڪانه هئي، جو پنهنجي محسن کي موٽائي ماڳ اماڻي، يعني علي عليه رحمـﺔ کي عرب اماڻڻ بدران، هميشـﮧ لاءِ هت رهايو ويو. هن صاحب سيوهڻ جي نزديڪ ”لڪ آري“ پهاڙ جي پهلوءَ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي.

راشديه خاندان، انهيءَ سيد جي سوکڙي آهي. هو صاحب 15 پيڙهيءَ ۾، سيدالشهداءِ حضرت امام حسين سان ملي ٿو، خاندان راشديه جو مورث اعلى حضرت پير سائين محمد بقا عليه رحمـﺔ وري 20 پيڙهيءَ ۾ سيد علي مرحوم سان شرف انتساب حاصل ڪري ٿو.

پير سائين محمد بقا کان وٺي سنڌ اندر مذهبي فيض ۽ برڪتن جو مهراڻ موجون مارڻ لڳو. سندس فرزند پير سائين محمد راشد رحمـﺔالله عليـﮧ جي سر تي وري سوني تي سهاڳي جو ڪم ڪيو؛ ۽ سندس فيض جو اثر سنڌ کان وڌي، هند جي گوشي گوشي ۾ پکڙجي ويو.

اهو ته قدرت جو ڪرشمو آهي، جو مذهبيات سان گڏ، عليءَ جي اولاد ۾ علمي ذوق به هيمشـﮧ موجود رهندو آيو آهي. ”انا مدينـﺔالعام و علي بابها“ واري حديث شريف سندن شان ۾ موجود آهي. مذهبي معاملي کي هڪ طرف رکي، جيڪڏهن انهيءَ گهراڻي جي علمي علامتن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته انهيءَ سلسلي جو هڪ هڪ داڻو علم جو در شهوار ٿيندو آيو آهي. سنڌ جي سرزمين تي، ٻي اهڙي خاندان شاذ و نادر نظر ايندي، جنهن مذهبيات سان گڏوگڏ علم ادب جي به ايتري خدمت ڪئي هجي.

علم ادب جي هر هڪ شعبي ۾ انهيءَ گهراڻي گوهر  پيدا ڪيا. تاريخ، سيرت، رجال، حديث، فقهه، لغت، حڪمت، فلسفه، ادب، شعر، مطلب ته هر هڪ نموني ۾ منجهانئس مستند ۽ مسلم ماهر پيدا ٿيا_ جن سموريءَ سنڌ کي علمي آبياريُ سان سيراب ڪري ڇڏيو.

حضرت محمد راشد عليه رحمـﺔ کان پوءِ، اها خاندان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويئي.  هڪ ”گاديءَ واري“، ۽ ٻي ”جهنڊي واري“. ٻنهي شاخن جي علمي اذڪار لکڻ لاءِ هڪ وڏي وقت ۽ وسيع دفتر جي درڪاري آهي. هن مختصر صحبت ۾ آءُ فقط ”گاديءَ واري“ شاخ جي چند انهن نامور افرادن جو احوال لکان ٿو، جو ”شعر و شاعري“ ۾ پنهنجو ناماچار ڪڍيو.

حصرت محمد بقا عليـﮧ رحمت

سندن تولد پنهنجي اباڻي ڳوٺ  رسولپور عرف ننڍيءَ سائديءَ ۾، شعبان 1135هه ۾ ٿيو. توڙي جو ظاهري علم، ڪنهن ملا جي مجلس ۾ ويهي ڪونه پرايو هيائون، مگر کين سڀني علومن مٿان قدرت جي قرب ڪري اهو دسترس هو، جو ملا موراڻا سندن اڳيان دم هڻي نه سگهندا هئا.

63 ورهن جي ڄمار هين، جو کين رستي ويندي، ڪتابن جي ڀري مٿي تي ڏسي، چورن ڀل وچان شهيد ڪري رکيو. سندن آخري آرام گاه، شيخ طيب (تعلقه خيرپور) ۾ مرجع خاص و عام آهي. سندن شهادت جي تاريخ هيٺئين ڪتبي مان ملي ٿي، جيڪو مزار جي سيرانديءَ کان لڳو پيو آهي:_

چو سيد محمد بقا شد شهيد

جلاوت ز رحمت الاهي چشيد

بسي بود نافع بهر خاص و عام

کزو زود طالب خدا شد رسيد

خره سال تاريخ او در دلم

بگفتا ”بدرجه شهادت رسيد“

1190 هجري

پاڻ سنڌي زبان ۾ شعر چيو اٿن، جيڪو مون کي هڪ قلمي بياض تان هٿ لڳو آهي. شعر مختصر انداز ۾ ۽ دوهرن جي صورت ۾ آهي. نهايت دل ڀڄائيندڙ نموني ۾ روحاني رمزون سمجهايون ويون آهن. چند بيت هيٺ ڏيان ٿو:

 

(1)

سڄڻ ڪ سارئين

آءُ ساريان صَحي

اديون آريءَ جن جا

پڇان روز پِهي

ويندس ڪيچ ڪَهي

جيئندس ڪين جتن ريء

(2)

اوڏا جــــــــــــــــــي هئـــــــــــــام

ته نت نياپا آئيا

سنگارا ســـــــــــــانگ پئي

وَهان وس ويام

مـــــــــــــارو ٿـــــــــــــر ٿـــــــــــــيـــــــــــــام

ڏيان ڏوراپا  ڪن کي

 

(3)

عـــــــــــــشق نـــــــــــــه آهـــــــــي راند

محبت ناهه مسخري

لکين ليلائيندي مئا

محبـــــوبـــــن مـــــــهـــــــانـــــــــد

سِـــــــــــــسِـــــــــــــي نيزي پاند

اُڇل ته ٻه اڌ ٿئي

(4)

پير پريان جي پڙ ۾

ڪير چوئي تون پاءِ

تون ٿو سک طلبئين

هڪ سڄڻ سور سهاءِ

هو جئن هڻنين ڪاتي

ته هيءِ هيءِ ڪج ۾ هاءِ

پائي مکڻ سيخ ۾

اڳيان پر پچاءِ

عجب جهڙي آءِ

ڪا ڪِيون ڪاڻ قريب جي

(5)

جي ڪهان ته ڪوڪ نه نڪري

صـــــــــــــبر آءُ نه سهـــــــــــــان

اکـــــــــــــيـــــــــــــن لايون پرکي

ويٺي سور سهان

ڪنهن کي ڪين چوان

ته ڪو پر اُڪنڊي آهيان

(6)

سج لهـــــــــــــي سانجهي ٿي

پکي پيا وڻي

اڏر هئنڙا ڀئنور ٿي

اسهه پر مڻي

ٿـــــــــــــوري ڏينهن گهڻي

مـــــــــــــيڙو ٿيندئي سڄڻين

پير سائين محمد راشد رحمت اللـه عليـﮧ

پير صاحب جي تولد جي مهيني تي اختلاف آهي؛ ڪن جو چوڻ آهي ته پهرين شعبان 1170هه جو تولد ٿيا، ڪن جي تحقيق آهي ته پهرين رمضان جو ڄاوا؛ بهرحال انهن ٻنهي مهينن مان هڪ ۾ پاڻ رحيمڏني ڪلهوڙي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا.

 مختلف جاين ۽ استادن وٽ علم پرايائون. حافظ زين الدين، حاجي فقيراللـﮧ شڪارپوري، مخدوم محمد عاقل کهڙوي (المتوفي 232هه)، مخدوم يار محمد ڪوٽڙيءَ وارو، ۽ مولانا نور محمد عاريجوي سندن استاد هئا.

فارسي ۽ عربيءَ تي مڪمل ڪمال حاصل هئن، علم پرائڻ پٺيان خوب رليا؛ شڪارپور، کهڙن ۽ ڪوٽڙيءَ وغيره ۾ سالن جا سال رهي، علم حاصل ڪيائون. مطلعو تمام وسيع هئن، ڪتب بينيءَ جي اها حالت هئي جو کين هر وقت ڪتاب هٿ ۾ رهندو هو.

علم لغت ۾ خاص طرح ڪمال هئن. انهيءَ فن ۾ چئن جلدن جو هڪ ضخبم ڪتاب به لکيائون. وٽن هڪ زبردست ڪتب خانو به موجود هو، جنهن جو مقابلو ان وقت ڪنهن جو به ڪتب خانو ڪونه ٿي ڪري سگهيو. سندن چوڻ هو ته ”جيڪو ڪتاب خريد ڪندو ان گويا بهشت خريد ڪيو“. وٽن جيڪي به ڪتاب ايندا هئا ته واڌاري قيمت به ڌيئي وٺندا هئا. معلوم نه آهي پاڻ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيائون. اسان وٽ سندن هيٺيان ڪتاب موجود آهن:

(1) جمع الجوامع: هي ڪتاب لغت تي 4 ضخيم جلدن ۾ آهي، جنهن جا ٻه جلد اسان وٽ، ۽ 4 جلد امروٽ جي ڪتب خاني ۾، هڪ جلد پير ضياءُالدين شاه صاحب وٽ، ۽4 جلد پير احسان اللـﮧ شاه وٽ آهن. هڪ هڪ جلد هزار هزار صفحي جو ٿيندو.

(2) شرح سماءُ الحسني: فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ مختصر رسالو آهي.

(3) مڪتوبات: هن ڪتاب ۾ سندن خط درج آهن، جيڪي وقت بوقت روحاني رمزن ۽ مذهبي مذڪورن سمجهائڻ لاءِ پنهنجي عقيدتمندن ڏانهن لکيا اٿن.

(4) مڪتوبات: هي ڪتاب 186 صفحن جو آهي، جنهن ۾  پڻ خط گڏ ٿيل آهن.

(5_6_7) ملفوظات: ملفوظات جا 3 جلد مختلف ماڻهن جا گڏ ڪيل آهن، هڪ خليفي محمد حسين جو، ٻيو خليفي محمود جو ۽ ٽيون مختصر ۽ معلوم نه آهي ته ڪنهن جو جمع ٿيل آهي.

(8) اذڪار: هن ۾ پنهنجي طريقت جا ذڪر ۽ فڪر ۽ انهن جا رموز ۽ نڪات اٿن.

پير سائينءَ جي سوانح تي منهنجي ڀاءُ سيد علي محمد راشديءَ هڪ مڪمل ۽ مفصل ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ سڀني ڳالهين تي پوري پوري روشني وڌي ويئي آهي.

بروز جمع 1223هه ۾ وفات ڪيائون. 9 ربيع الاخر 1250هه ۾ درياه جي پائيندڙ ڪري سندن مزار رحيمڏني ڪلهوڙي جي ڳوٺ مان منتقل ڪري،  پير علي گوهر شاه، هاڻوڪيءَ جاءِ تي ڪرائي.

فقير سچل سندن همعصر هو، مگر پاڻ مٿس ”بدعتي بيماري“ ڪري هميشـﮧ ناراض رهندا هئا، جنهن جو ذڪر ”تذڪره مخاديم کهڙا“ جي صفحي 98 تي آهي. کين شاعريءَ جو به شوق هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ نعت يعني مولود به چوندا هئا، جنهن جو نمونو هي آهي:

وڃي عرض چئو منهنجو پيش پرين

سڻين حال منهنجو شال غور ڪرين

ٻڌي دانهن منهنجي پوي ٻاجهه پرين

احمد تو در عاجزي توڙي ڪوڙا ڪن

بنهه ميـﮧ بسنت جي اي انگ لاڳ لهن

اي اکڙيون آس رکن   _____الخ

(ٻيو به هڪ_ٻه مولود آهي، مگر هن وقت موجود نه آهي_)

محمد صبغت اللـﮧ شاه عليـﮧ رحمت

محمد راشد عليـﮧ رحمـﺔ کان پوءِ گاديءَ تي ويٺا ۽ برابر 13 سال سجاده نشين رهيا. سندن تولد جي تاريخ جي تحقيق نه آهي؛ البت وفات رمضان 1246هه ۾ ٿي. مولانا عبدالقدوس سرهنديءَ واقعي تي هيٺيون قطعو چيو آهي:

صبغت الله شهه پير انام

راشد و مرشد هادي انام

رخت بربست ازين دار فنا

کرد در جنت فردوس مقام

روح او خورم و خوش درملکوت

ليک ناسوت ز بهرش ناکام

گفت تاريخ وفاتش هاتف

شنبـﮧء يوم ششم “ماه صيام“ 1246هه

فارسي ۽ عربيءَ تي ڪامل عبور حاصل هئن، ۽ هميشه ڪتب بينيءَ ۾ مشغول هوندا هئا. پير صاحب روضي واري جي ڪتب خاني، سندن ڏينهن ۾ انتهائي ڪمال حاصل ڪيو، ۽ سموريءَ اسلامي دنيا مان ڪتاب گهرائي پاڻ وٽ گڏ ڪيائون. باوجود سرمايه داريءَ جي به، پاڻ هميشه فقيرانه زندگي گذاريندا هئا.

شعر ۽ شاعريءَ ۾ ڪوبه مڪمل ديوان ڪونه ڇڏيائون، البته سندن ملفوظات تان چند اشعار اسان کي هٿ آيا آهن، جن مان چند هيٺ آهن:

ز دردت دلفگارم باکه گويم

ز هجرت بيقرارم باکه گويم

ز گردش گبتي و بيمهريء يار

شکايتهاي دارم باکه گويم

غم خود را بهرکس عالم اندر

چوغم خواري ندارم باکه گويم

_____         _____         _____

دلبر صبر  و قرارم بردئي

خانمان بيچاره و ويران کردئي

اي فراقا کر دهد دستم وصال

آن کنم با توکه باما کردئي

_____         _____         _____

ما به دلبر مدتي همخانه بودم يا نصيب

اين زمانه دلبر ز من من زو جدايم يا نصيب

_____         _____         _____

کردم روان ليک اجل راهبر نشد

دردا که رفت يار ز ما کاربر شد

_____         _____         _____

تشنگيء صدف چون شود بسيار

بهر سعيش سحاب مي آيد

_____         _____         _____

اردوءَ جو به هڪ غزل ملي ٿو:

 

مجهه پر اي ماه رو ستم مت کر

عاشق زار هون ظلم مت کر

من بهجرت رقيب در وصالت

بر رقيبان چنين کرم مت کر

انهيءَ نموني ۾ حضرت امير خسرو مرحوم جو به هڪ ٻه غزل چيل آهي.

پير سيد علي گوهر (اول) عليـﮧ رحمت

4 رجب 1231هه بروز جمه هن جهان ۾ آيا. 17 ورهيه سجاده تي رهي، 11 جمادي الاول 1263هه بروز ڇنڇر وفات ڪيائون. ظاهر خواه باطني علومن ۾ کين ڪامل قدرت حاصل هئي. فارسيءَ ۾ ته ايتري لياقت هين، جو ڄڻ مادري زبان اٿن. هميشه علم ادب جي خدمت ڪندا رهيا. هزارين ڪتاب گڏ ڪيائون، سَوَن عالمن کي اجورا ڏنائون، ۽ ڪوڙين ڪلام گوين کي پاليائون. لکن روپين هوندي به پاڻ هميشه فقير رهيا، ۽ صوفيانه زندگي بسر ڪندا رهيا. حقيقت ۾ سندس زندگي، اسان لاءِ زندگيءَ جو هڪ بهترين سبق آهي.

سندن سمورو ڪلام سنڌي زبان ۾ آهي ۽ نهايت ئي درد انگيز ۽ دل تي اثر پيدا ڪندڙ آهي. شعر تي جنهن وقت نگاهه ڪجي ٿي ته پڙهندڙ پاڻ وڃائي ويهي ٿو؛ مطلب ته الاهي رازن جون الاهي رمزون بيان ٿيل آهن. سمورو ڪلام ٺيٺ سنڌيءَ ۾ شاهه واري تتبع تي آهي. ڪلام جو تعداد ڪثير آهي، جنهن کي مون هڪ ضخيم ڪتاب ۾ جوڙي راس ڪيو آهي، جنهن مان هڪ عنوان هيٺ ڏيان ٿو:

ڪاٿي ڳولي لهان ڙي ڀينر

هيئنڙي هـــــــــــوت سنڀاريـــــــــــو

سڌ نه مان کي سور جي ميان لا

ڪنهن ســـــــــــان سور سلان

هيئنڙي هوت سنڀاريو

بخت ڀڙائي ڀوريءَ جو ميان لا

سنــــــــــــــــــــــدن روءِ رهــــــــــــــــــــــان

هيئنڙي هوت سنڀاريو

امر موسان ائين ڪيو ميان لا

ڪنهن کـــــــــــي ڏوهه ڏيان

هيئنڙي هوت سنڀاريو

هيءَ حقيقت  حال جي ميان لا

ڪنهن کـــــــــــي ڪين چوان

هيئنڙي هوت سنڀاريو

اصغر چوي عشق جا ميان لا

ويـــــــــــٺي ســــــــــــــور ســـــــــــهـــــــــــان

هيئنڙي هوت سنڀاريو

سندن تخلص ”اصغر“ هو. سندن ڪلام ۾ سلاست ۽ ميٺاج، ايترو آهي، جو من کي موهي ۽ جسي کي جهومائي ڇڏي ٿو. البته انهيءَ ڪلام جو اڄوڪي ”لال بازاري شاعرن“ کي شعور ڪونه پوندو. باقي شاه جا جيڪي شائق هوندا، اهي ان جا راز ۽ رمزون سهي ڪري سگهندا. ٻيو ڪلام آهي:

عشق، وڃئي شل حال، رليا

مون کي ڪوهه روليو ٿِي!

ڏينهن ته قيام جي سر منهنجي جو ميان لا

پلپـــــــــــل پونـــــــــــدئي بنـــــــــــبـــــــــــال

ٽڪيا مون کي ڪوهه ٽوليو ٿِي!

هتئون هلي هت جڏهن آئين ميان لا

مون ڪو لٽيو هو ڪنهن جو مال

آڻي ڳوٺن منجهه ڳوليو ٿي!

اصغر چوي عشق اوهان جي ميان لا

پـــــــــــيڙي ڪـــــــــــيو پـــــــــــائمـــــــــــال

منهنجو سنڌ سنڌ ڦوليو ٿي!

....     ....     ....     ....

پير حزب اللـﮧ شاه مرحوم

شوال جي 18 تاريخ (1258هه) بروز ڇنڇر تولد ٿيا، 45 ورهيه سجاده تي رهي 4 محرم 1308هه بروز خميس راهي ملڪ بقا ٿيا. ستن سالن جا هئا جو سجاده تي ويٺا، ان کان اڳ ۽ پو: پڙهندا رهيا، تان جو سڀني علومن جا اڪابر ٿي ويا. سندن پهريون استاد آخوند محمد عرف ميان ممون هو، باقي تعليم مولوي محمد عيسى کان ورتائون. توڙي جو 15  ورهيه پڙهڻ ۾ لاتائون، تاهم ڪسب علوم و فنون ساري عمر ڪندا رهيا، ۽ علم پٺيان ساري عمر سرگردان رهيا.

مطالعو،شعر شاعري، ۽ نقاشي سندن محبوب مشغلا هئا. نقاشيءَ ۾ استاد محمد حيدرآباديءَ کان ڪمال حاصل ڪيائون، ۽ آخر ۾ کين اها لياقت ٿي ويئي، جو وقت جا ماني ۽ بهزاد ليکجڻ لڳا. سندن مطالعو بلڪل وسيع هو، فرصت جو وقت ڪتابن ڏسڻ ۽ شعر چوڻ ۾ صرف ٿيندو هئن. قلمي ۽ طلائي ڪتابن سان کين خاص شوق هوندو هو ۽ هزارين رپيا ڏيئي اهڙا نادر ڪتاب وٺندا هئا. ايران ۽ مصر کان ماڻهو وٽن خاص طرح ڪتاب کڻي ايندا هئا. سندن ڏينهن ۾ ڪتب خانو بلڪل اوج تي پهچي ويو.

عملي ماڻهن لاءِ، سندن وجود املهه هوندو  هو. سوين عالم فاضل هر وقت سندن چوڌاري رهندا هئا ۽ سندن بي مثال فياضيءَ مان بهرور ٿيندا رهيا. انهيءَ زماني جا اديب ۽ عالم سندن ناماچاري ٻڌي، ڪوهه ڪهي، وٽن ايندا هئا. سندن مجلس عباسي خليفن جي علمي مجلسن جي ياد تازي ڪندي هئي. شاعر، عالم، فاضل، نقاش، مصور ۽ راڳي هر وقت وٽن موجود ٿي رهيا، ۽ سدائين مجلس کي مچايو ويٺا هوندا هئا.

سندن سخا جي اها حالت هئي، جو هڪ دفعي وٽن هڪ سيد  پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ لاءِ ڪجهه خرچ پکو پنڻ آيو. پاڻ کيس فرمايائون ته ترس شام تائين جيڪي آيو سو تون کڻي وڃج. شام تائين وٽن 10 هزار روڪ، هڪ اُٺ چانديءَ جي زيورن ۽ سازن سان ۽ ٻيا ڪيترا ڍور ڍڳا اچي ڪٺا ٿيا، جيڪي سڀ سيد کي گهرائي ڏيئي ڇڏيائون. سيد حيران ٿي ويو ۽ ايتري ساز سامان کڻڻ کان انڪار ڪيائين. مگر پاڻ زوريءَ کيس کڻائي ڇڏيائون. وفات وقت چيائون ته ”افسوس آهي، جو مون کان بيڪ وقت ڪنهن به لک رپيا ڪونه گهريا.“ پير صاحب جي سخا ڪري، اهو پير ڳوٺ جيڪو اڄ فقط ڪورين ۽ موچين جو مسڪن آهي، سو ان وقت عالمن ۽ فاضلن جو آماجگاه بڻيو رهندو هو.

نه ڇڙو بزم مگر رزم ۾ به يڪتاي روزگار هئا. گهوڙي سواريءَ ۽ تيراندازيءَ ۾ کين خاص ملڪو حاصل هو. هڪ دفعي عصر جي نماز پڙهي، عمر ڪوٽ مان گهوڙي تي نڪتا ۽ سحر جي نماز وري اچي ڳوٺ پڙهيائون. تيراندازيءَ جي اها حالت هئي، جو مير علي مراد سان شڪار تي ويا، مرغابين تان مير هرهر ٿي گٿو، مگر پير صاحب جو تير جنهن  به مرغابيءَ کي لڳايو ٿي ته ان کي آسمان ۾ ئي پرزا پرزا ڪري پئي ڇڏيائين. هڪ دفعي بازيگرن جي ڪاٺ وارن ڪبوترن جو هڪ   پاسو ڪارو ۽ ٻيو اڇو ڪرائي آسمان تي اڇلرايائون، پوءِ دل جنهن به پاسي کي چاهيو ٿي ان کي تير ٿي هنيائون. ليمن کي آسمان تي اڇلائي هميشه چٽيندا رهندا هئا.

پير حسام الدين، پير احمد شاه، غلام شاه، علي اصغر شاه، مولانا.....، اميد علي شاه ۽ مولوي محمد عاقل هميشه سندن صحبت ۾ رهندا هئا.سندن مجلس ۾ فارسي زبان ۾ گفتگو ٿيندو هو، ۽ هميشه مختلف مباحثا ڏاڍي سج ڌج سان  ٿيندا رهندا هئا. انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو به مصرع ٺاهيندو هو، ته سڀني کي انهيءَ تي شعر ٺاهڻ جو حڪم ملندو هو. هڪ دفعي جو ذڪر ڪندي، سندن فرزند پير علي اصغر شاه، جيڪو سندن خاص مصاحب ۽ منظور نظر هوندو هو، فرمائي ٿو ته ”اسان سڀ ڀائر وٽن صبح جي سلامي ڪرڻ وياسين، پاڻ ان وقت ڪنهن خاص فڪر ۾ ويٺا هئا، اسان کي پري جهلي فرمايائون ته اسان مصرعه ٺاهيو آهي ان جو ثاني بند ٻڌايو! مان عرض ڪيو ته ارشاد ٿئي_ چيائون:

اگر شمشير در کف ان بت بيباک برخيزد

مان عرض ڪيو:

فغان از ساکنانِ عالم افلاک برخيزد

پاڻ فرط بجت کان اٿي، اڳتي وڌي، اچي ڳراٽي پائي چمي ڏنائون، ۽ انعام اڪرام ڏيئي مڪمل غزل ٺاهڻ جو حڪم ڏنائون. ٻئي ڏينهن پاڻ به غزل جوڙيائون ۽ مان به غزل ٺاهي عرض رکيو“.

شعر شاعريءَ سان ڏاڍو شغف هئن، هر وقت ڪنهن نه ڪنهن مصرعه جي ڌن ۾ رهندا هئا، ۽ جنهن جو غزل يا مصرع من کي موهيندو هئن، ان کي مالا مال ڪري ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي چند مصاحبن سميت صحرا جي سير تي نڪتا، واٽ تي صحرا جي ڪشادگيءَ ۽ دور ديوار جي پابنديءَ کان آزاديءَ واريءَ ادا کي ڏسي چيائون:

صحرا چه خوش است که در ندارد

سندن رڪاب گير، هڪ اڻ پڙهيل، چڻنگيءَ نالي ميراثي هو، جنهن جو گهر برسات پوڻ سبب ڪري پيو هو، تنهن وراڻي ڏني:

چڻنگي چه خوش است که گهر ندارد

علي اصغر شاه چيو:

عاشق چه خوش است که سر ندارد

مولوي عاقل وراڻي ڏني ته:

مفلس چه خوش است که زر ندارد

پاڻ ڏاڍو محظوظ ٿيا ۽ چڻنگيءَ کي خزاني خاص مان جاءِ جوڙائي ڏنائون، عاقل کي خوب پيسا ڏنائون ۽ پير علي اصغر شاه کي خلعت عطا فرمايائون.

ٻئي دفعي جو ذڪر آهي، چانڊوڪي رات ۾ علمي مجلس متي پيئي هئي، چنڊ چوڏهينءَ جو پنهنجي سمورين درخشانين ۽ رعنائين سان عرش ۽ فرش جي مابين ضوفگن هو، وقت به دل لڀائيندڙ هو. پير سائينءَ جن هڪ مصرعو موزون ڪري ورتو:

خط خوبي بگرد مهه کشيده

علي اصغر شاه وراڻي ڏني:

ز چشمي ديدني گوشي شنيده

پير سائينءَ جن جي چهري ۽ اکين ۾ اهو رعب تاب ۽ آب تاب هو، جو هڪ منٽ ساندهه کين ڪوبه چتائي ڪونه ڏسي سگهندو هو. جاهه و جلال جي عجيب حالت هئي، ملاقاتي ڪنبندا وٽن ايندا هئا. خودداريءَ جي اها حالت هئي، جو لينسڊائون پل جي افتتاح وقت جيڪا گورنر پارٽي ڪئي هئي، ان ۾ جنهن وقت شراب جو دور هليو، ان وقت پير صاحب جن پنهنجو پيمانو هٿ ۾ جهلي ۽ مخالفانه انداز ۾ نهايت ڪڙڪيدار تقرير ڪئي_ جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو شراب جا شيشا پيمانن سميت مجلس مان کڻائي ڇڏيائون.

سندن توڪل ۽ سخا جي اها حالت هئي، جو هڪ ڏينهن سندن توشه خاني ۾ 4 هزار نقد ۽ ٻيو اڪيچار سامان پيو هو، مگر ٻئي ڏينهن اتي هڪ ڪوڏي به ڪانه هئي، جو باورچيخاني لاءِ ڪو ڇيلو کڻي وٺن.

فنون لطيفه مان، ڪاشي گري، خوشنويسي، مصوري، خطاطيءَ ۽ نقاشيءَ سان خاص رغبت هين ۽ فرصت جي وقت کي ان ۾ صرف ڪندا هئا. مزاج ۾ سنجيدگي ۽ سختي هر وقت نمايان  رهندي هئي. البته ڪڏهن ڪڏهن ظرافت کي به پسند ڪندا هئا. هڪ دفعي پالن صاحب کين چيو ته ”پير صاحب مزاج و دماغ شاهه جهان داري!“

تصنيفات مان هڪ ديوان آهي ۽ ٻيو ”صنعت چينيءَ“ تي 200 صفحن جو رسالو پير علي اصغر شاهه وٽ موجود آهي. ان کان سواءِ ٻي ڪابه تصنيف نظر ڪانه ٿي اچي. سندن شعر پختو ۽ ابراني سانچي ۾ ڍليل آهي. نمونو هن هيٺ آهي:

بازم از شور جنون عزم بيابان مي شود

وحشت انگيز از بيابان تا بلبيان مي شود

چشم مستش رخنه در دين و ايمان ميکند

غمزهء جاده فريش رهزن جان مي شود

سحرها اندر بغل دارد دو چشم مست او

هم خم زلفش کمند صد مسلمان مي شود

همچو مرغ نيم بسمل خستهء تيغ يتان

گاه افتان گاه خيزان گاه پيچان مي شود

برق مي خندد بحال گريهء ابر بهار

گريهء ابر بهار زيب بستان مي شود

اين خط مشکين که گرد عارضِ تو نقش بست

مصحف روي ترا چون خط ريحان مي شود

دل که از دام سر زلفش رهائي يافته

زود چون زلف پريرويان پريشان مي شود

قطرهء خوني دل عاشق بفيض قهر تو

از شعاع عارضت لعل بدخشان مي شود

رويء دل از جاده فرمان نبايد تافتن

بندهء خدمت نما منظور سلطان مي شود

خندها از گريه دارد پير کنعان در بغل

گنج يوسف را بکف از جور اخوان مي شود

همت اي ”مسکين“ که  از فيض دعاي صبحدم

مشکلي دارم و ليکن زود آسان مي شود

ٻيو ٻه هڪ غزل ٻڌو:

ترک من تا گوشهء زرين کله را بشکند

ملک اسکندر ستاند جاه دارا بشکند

گر چنين بر گلشن و بستان نمايد جلوه اِي

غنچه را دل خون کند بازار گل را بشکند

عشق چون منصب دهد آن بوتراب و بوالحسن

پا بدوش مصطفى بنهاد بتها بشکند

پاي مجنون راه صحرا را بپيمايد ز عشق

تيشهء فرهاد آخر کوه خارا بشکند

بيقراري ها ست طوفان ديدهء يعقوب را

عشق يوسف خانهء صبر زليخا بشکند

از کمانِ مدِ ابرويش مرﱞه بر مي جهد

ناوک تير نگاه اندر دل ما بشکند

عشق تا سوزد نمي سازد به ارباب وفا

گر بود صاحبدلي تا اين معما بشکند

شاهباز لا مکان را اوجگاه ديگرت

گر بود جبريل آنجا بال پرها بشکند

جذبهء عشاق در معشوق ميدارد اثر

شوق مجنون پاي محمل را بصحرا بشکند

حيرتي دارم ز ناز دلبر عاشق فريب

وعدهء امروز را بر عيد فردا بشکند

مستيء اهل جنون از چشم ساقي دام شد

نشه ارزاني کند گر نرخ صهبا بشکند

نشکند شاخ اميدم را ز باغ مدعا

بندهء ”مسکين“ کجا فرمان آغا بشکند

پير سيد  علي اصغر شاهه  مدظله

60 ورهيه عمر، خميده ڪمر،  وار برف جهڙا سفيد، اڳين بزرگن جي باقي  اهائي هڪ علمي نشاني اسان وٽ آهي_ خدا کين سلامت رکي. شعر و شاعري، نقش نگاري ۽ تصنيف تاليف سندن محبوب مشغلو آهي. فارسيءَ ۽ عربيءَ کان سواءِ، مذهبي تعليم تي به ڪافي دسترس حاصل اٿن. سندن فارسي شعر  ۾ درياه جهڙي رواني، قانع جهڙو ترنم، ۽ حافظ جهڙو رنگ جهلڪي رهيو آهي.

حاضر جوابي، بذله سنجي، ۽ في البديهه شعر گوئيءَ ۾ خاص ماڪو اٿن.  هڪ دفعي جو ذڪر آهي_ پير حزب الله شاه کين طرح ڏني:

 

اگر شمشير در کف آن بت بيباک برخيزد

پاڻ يڪدم جواب ڏنائون:

فغان از ساکنانِ عالمِ افلاک برخيزد

ٻئي ڏينهن سمورو غزل تيار هو_ چند اشعار هي آهن:

من از آلائش چشمان اول روز دانستم

که اين طوفان رسوائي ازين نمناک برخيزد

ز گرد ره نورديها نسيم واديء ليلى

طپد درخاک و خون مجنون گريبان چاک برخيزد

علي همنام ساقي کوثر ي در محشر از فيضش

کفت را کرده در کف صاحب لولاک برخيزد

سنڌي ڪلام به چوندا آهن، مگر فارسيءَ ڏانهن، جو سندن دلي رغبت  آهي، تنهنڪري گهڻو ڪري سنڌيءَ ۾ شعر ڪونه چوندا آهن. 4 ديوان فارسي زبان جي اشعارن جا جڙي ويا آهن،  ان کان سواءِ چند تصنيفون نظم ۾ به ٿيون آهن، جيئن_

سلسله قادريه_

جنهن  ۾ خرقهء قادريه جي عطا ٿيڻ جو احوال، ۽ حضرت علي ڪرم الله وجـﮧ کان وٺي، بزرگ محمد راشد عليـﮧ رحمـﺔ تائين جي هڪ هڪ بزرگ جو مختصر احوال ڏنل آهي. ڪتاب ۾ 3000 بيت ٿيندا_ ابتدا ۾ سنڌ جي مختصر تاريخ ۽ ان جي فتح جو ذڪر به قدري آيل آهي_ نيز ٽالپرن جا حالات به ڏنا ويا آهن. پير سائين محمد بقا جو ذڪر هن طرح ڏنل آهي:

 

بيا اي قدح معنيء غريب

بده ساغري خالي از حرف و عيب

شراب فشرده ز تاک خرد

که عقل و روان را بجان پرورد

ميء روح افزاي خورشيد رنگ

که دنيا ز دانش بوم کم بسنگ

تشبيب ۾ چند مصرع لکي، پوءِ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

 

کنون حال آن سيد نامدار

کنم باد تا ماند او يادگار

جهان رهنمائي شريف النسب

سيادت نصاب و نجيب الحسب

گرامي ز آل علي و وفي

تقي ونقي و ولي و صفي__ الخ

مٿيان اشعار نمونناً ڏنل آهن، ورنه ڪتاب ۾ ته اها رواني ۽ دلڪشي آهي، جو دل گهري ٿي ته سڄو لکي ڇڏيان. بهرحال ٻيون به چند تصنيفون آهن، جن جي نالن جي يادگيري ڪانه اٿم.

پير صاحبن جي وڏي ڪتبخاني مان وڏو ذخيرو اڄ فقط وٽن ئي آهي، ٻيو ڪتبخانو ته ڪورين ۽ موچين جي ور چڙهي ويران ٿي ويو. قلمي ڪتابن جو نادر ذخيرو اڄڪلهه اهڙو ڪنهن وٽ موجود ڪونه آهي، جهڙو انهيءَ بزرگ وٽ موجود آهي.

سندن خوش نويسيءَ ۽ نقاشيءَ ۾ ايراني آرٽ جو رنگ جهلڪي رهيو آهي. نيز نثر نويسيءَ ۾ به اهو درڪ کين حاصل آهي، جو ظهوريءَ جون سڪون لهن ٿيون. حديث،فقـﮧ، سير، ۽ علم و ادب ۾ به کين وڏو وقار حاصل آهي. اڄڪلهه عمر جون آخري منزلون طيء ڪري رهيا آهن. خدا کين تا دير سلامت رکي.

پير غلام شاه مرحوم

هن بزرگ کي ”لاڙ جو لال“ سڏيو وڃي ٿو. سن شعور تائين ته پير ڳوٺ ۾ هئا، مگر پوءِ پير حزب الله شاه جي زماني ۾ تعلقي بدين جي ڳوٺ ڳولارچيءِ ۾ وڃي رهيا، جتي سندن آخري آرامگاهه اڄ تائين موجود آهي.

انگريزي، فارسي، عربي ۾ ڪافي خاصي تعليم ورتي هئائون. زباندانيءَ جي اها حالت هئي، جو مختلف ملڪن جون 10_12 ٻوليون به ڄاڻندا هئا. بحث مباحثي ۾ کين خاص مرتبو حاصل هو. سندن ڪلام سمورو سنڌيءَ ۾ آهي، ۽ اهڙو ته مٺو، سليس ۽ دل تي اثر پيدا ڪندڙ آهي، جو ٻڌڻ کان پوءِ بي اختيار ماڻهو وجد ۾ اچي وڃي ٿو.

شعر چوڻ وقت خاص ڪيفيت طاري ٿيندي هئي، ۽ ان وقت جيڪو شعر زبان مان نڪرندو هو، سو تير و نشتر جو ڪم ڪندو هو. لاڙ ملڪ ۾ سندن شعر کي اهو مرتبو حاصل آهي، جيڪو سنڌ ۾ شاه جي شعر کي. مون سندن حياتي هڪ ضخيم ڪتاب ۾ لکي آهي ۽ سندن شعر  به گڏ ڪيو اٿم.

ڪلام جو نمونو هن ريت آهي:

ميها موگر مکڻيون مرٽون مانڌاڻان

کهه کوماڻان کنبيون سائون ساماڻان

ويڪر ولهارن ۾ پيڙا لس پچي

مٿئين شعر ۾ لاڙ جي انهيءَ وقت جو نظارو کينچيل آهي__ جڏهن مينهن وسڻ بعد جهنگ جهر پچي پوندو آهي، ۽ گاهه پراهه گوندرن ۾ عام جام ٿيندو آهي. مارئيءَ جا جذبات هن ريت بيان ڪيا اٿائون:

(1)

اباڻن سان عمر! ڀيڙي شال ڀڻان

موسم ٿي، مينهن اُٺا، پاڻي ٿيڙا پلر

ڏٿ ڏيهايان جو لنب لاڻان ۽ للر

لويڙهاريان سين وڃي لوءِ لڻان

ماڙيون مون نه وڻن، ور سي چونڪين چئنرا

کاڄ کٿيڙيان جو ڏيهه سندا هن ڏوئنرا

ميوا موڪ پسي، پيرن آءُ نه پڻان

اٿم آس اها الله ائين ڪري

ويندس ويڙيچن ڏي ڦوڳي ڦانڊون ڀري

ساهيڙين سان سڱر، چوليءَ پاند چڻان

زريون زربفت سندءِ، طول وهاڻان تنهنجا

هو جي آندءِ عمر سانگياڻيءَ لئي سهنجا

کهه کهنبا مون نه وڻن، ٻن تنهنجا ٻانڌڻان

گڏجي ”غلام شاه“ چئي غم گوندر سڀ لاهيان

سي شل جڳ جيئن، اَجهي جن جي آهيان

ڪوسو واءُ ڪنن، سنگهارن جو نه سڻان

(2)

مارن مان ڏي موڪليا ڏک ڏوراپا چائي الا

سانگين مان ڏي موڪليا سوين سنيها چائي

کليو  ويٺينءَ کٽن تي، تون ته پر سئي ساڻ پرائي

ٿاريلن ٿر ڄائين کي ڪيئن لقب وڌو تو لائي الا

مارن مان ڏي ... .... الخ

ورڻ وس نه پنهنجي ته به رهڻ تو نه رهائي

ڪڙم اباڻي ڪيڙريءَ توکي جئڻ ڪونه جڳائي الا

مارن مان ڏي ............ الخ

گوندر پئي تو ”غلام شاه“ چوي سانگي تو سامائي

مرين ته موچاري ٿئين جيڪا ڪونڌن جا ڪنڌنائي الا

مارن مان ڏي ............ الخ

مٿين ڪافين تي غور ڪبو ته هڪ خاص درد ۽ اثر ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ اهوئي غلام شاه جي سموري ڪلام جو حصو آهي. لاڙ ۾ ته سندس ڪلام کي ڏاڍيءَ عزت وچان ڏٺو وڃي ٿو، ماڻهو جهنگن جهرن ۾ چوندا وتن ٿا. پوئين ڪافيءَ ۾ جنهن نموني جا مارئيءَ کي مائٽن هٿان مهڻا ڏياريا ويا آهن، اهي ڪنهن به سنڌي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ اڳ يا پوءِ ڪونه آندا آهن.

خدا کين غريق رحمت ڪري، عجيب آزاد طبيعت جا هئا، سندن سوانح جي هر هڪ پهلوءَ تي آءُ سندن لائيف ۾ پوري روشني وڌي آهي.سندن وفات 2 يا 3 ذواحج 1319هه ۾ 60 ورهيه جي ڄمار ۾ ٿي

محمد معشوق مرحوم

آه! جنهن وقت هن بزرگ جو نالو ياد پوي ٿو ته دل ڇڄي پوي ٿي. عجيب طبيعت خدا کين ڏني هئي. مان 25_1926 ۾ کين ڏٺو. ڊگهو قد، ڀريل جسم، ڪڻڪ ونون رنگ، قدري ڦڪائيءَ تي مائل، 3_4 آڱر سونهاري مينديءَ سان رتل. بودوباش قديم مگر خيالات نئين زماني جا ۽ جديد، بلڪل روشن ۽ بلند ترين.

پارسي، عربي ۽ اردو تي ڪامل عبور حاصل هين. تعليم مولانا غلام محمد صاحب ڪمالديرائي (تلميذ مولانا شهداد پوري) پٽ ورتي هيائون، جتي مخدوم ميان الهه بخش مصنف ”تذڪره مخاديم کهڙه“ ساڻن هم سبق هوندو هو. پير صاحب جن جي حالات تي هيئٺين احوال مان ڪافي روشني پوي ٿي، جيڪو سيد راشديءَ پنهنجي ”تاثرات“ ۾ بيان ڪيو آهي:

”مرحوم پير محمد معشوق جو، مسود اوراق جي جد بزرگوار رحمت اللـﮧ عليه سان دوستيءَ جو گهاٽو رستو هوندو هو، جنهن ڪري وقت بوقت اسان وٽ ايندو رهندو هو. مون کي پنهنجي ننڍڙائيءَ وارو زمانو ياد آهي، جڏهن پهريائين منهنجي سانڀر ۾ پير صاحب منهنجي ڳوٺ ۾ آيو. ان زماني ۾ کين بازن سان شڪار ڪرڻ جو شوق هوندو هو. سندس نزول اجلال هن طرح ٿيو، جو پنج اٺ ماڻهو، سندس وڏو فرزند محمد راشد ۽ هڪ ٻه باز ساڻ. سامان پراڻي دستور مطابق خرجينن ۾ بند ۽ هڪ معمولي بسترو نوڪر کي مٿن تي. اهي ماڻهو پراڻي زماني جا هئا، تنهنڪري سندن دوستي انتهائي خلوص تي مبني هوندي هئي. سنجيدگي ۽ وقار هر حالت ۾ ملحوظ خاطر، حتاڪه چرچي ۾ به سنجيدگيءَ جو پهلو نمايان رهندو هو.

”محبت ۽ سچائي گفتار خواه رفتار مان هويدا، جد بزرگوار ۽ پير ممدوح جي باهمي دوستيءَ جو پايو انهيءَ اصول تي هوندو هو ته هو ڏاڏي مرحوم کي پاڻ کان وڏو سمجهندو هو، ۽ هميشه پيار سان پيش ايندو هو“.

مٿئين ٽڪري مان پير صاحب جي بودباش ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو پتو پوي ٿو، ۽ هيٺين ٽڪري مان سندن سيرت جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو:

”ساري راشديه خاندان ۾ سندس جهڙو مٺو ماڻهو مون ڪونه ڏٺو. سندس وجود محبت، پيار ۽ اخلاق جو مجسمو ۽ سچائيءَ جو نمونو هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کيس ڪاوڙبو ۽ زبان مان گندو لفظ ڪڍندو ڪونه ڏٺو يا ٻڌو. سندس پٽ گهڻيون چلولايون ڪندو هو، مگر جڏهن حد کان وڌيڪ وڌندو هو ته پير صاحب فقط هي چوندو هو ته: ‘ميان الهه ڏنه اها ڳالهه ٺهي ته نٿي.‘ بس، جيڪڏهن وٽس ڪوبه درشت جملو استعمال لاءِ هوندو هو ته اهوئي جيڪو انتهائي ڪاوڙ جي حالت ۾ زبان مان ڪڍندو هو. نوڪرن خواه پٽن کي هميشه دوستن وانگر ڀائيندو هو، پاڻ کٽ تي ويهندو هو ته نوڪر سامهون بينچ تي ويٺا يٽ شٽ هڻندا هئا. غرض ته غرور ۽ خودپنداريءَ کي ڪڏهن به ويجهو اچڻ نه ڏنائين.

”رهڻي ڪهڻي بلڪل سادي هوندي هئس، لٽا بلڪل معمولي گهر جا ڌوتل پائيندو هو. سٿڻ ننڍي، پهراڻ وڏو، ڪوٽ ڊگهو، ۽ پير ۾ سنڌي جتي ۽ مٿي تي پٽڪو __ اهو ته هئس درٻاري لباس: باقي گهر ۾ سنهي ۽ ننڍڙي صدري، گوڏ ۽ سنڌي ٽوپڙي پائيندو هو“.

آهه ڪيڏو سٺو لباس ۽ پياري پوشاڪ هئي، بلڪل سادي، بلڪل معمولي ۽ بلڪل ڪم خرچ. نه ڪوٽ نه جورابا،  نه بوٽ نه بٽن ۽ نه وري قميص يا واسڪوٽ. اڳتي ٻڌو:

”دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ جو کيس شوق هوندو هو ته اهو فقط فائونٽين قلمن جو. وٽس هڪ پراڻي زماني جو سونو قلم هوندو هو، جنهن کي سڳا ٻڌي پيو هلائيندو هو“.

پير صاحب موصوف جهڙا طبيب گهٽ ملندا، يونانيءَ سان گڏ انگريزي دوائون به استعمال ڪندو هو. کيس باقاعدي مطب هوندو هو، سوين  ماڻهو روزانه شفاياب ٿيندا هئا.

پيري مريدي تمام گهڻي هئس، ملبار، نيلگري خواه ڪڇ ۾ سندس بيشمار مريد هوندا هئا، جن ڏانهن ڪڏهن ڪڏهن ويندو به هو.

علمي استعداد جي اها حالت هئي، جو سندن جهڙو فارسي، اردو ۽ سنڌي انشا پرداز سنڌ ۾ اڄ مشڪل ملندو. 1920 جو واقعو آهي__ خلافت جي هلچل هجي__ پير صاحب، پير تراب علي شاه ڏانهن ڪوئيٽا خط لکيو، جيڪو  واٽ تي سنسر پڪڙي وڌو. خط فارسيءَ ۾ لکيل هو. سرڪاري ڪامورا ڊوڙي ڊوڙي بيهي رهيا، مگر خط جو مطلب ڪنهن به پروڙي ڪونه سگهيو. انهيءَ ڪري هنن سمجهيو ته ڪا وڏي سازش آهي، سو خط کي هميشه لاءِ نابود ڪري ڇڏيائون. پير صاحب تراب علي شاه جو رايو آهي ته پير صاحب کي انشا پردازيءَ ۾ ظهوريءَ جو مرتبو حاصل هو.

لکڻ تي جڏهن ويهندا هئا ته اصل ڪين ٿڪبا هئا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ قلم وهائيندا هئا. اکر بلڪل سنها ۽ پختا هوندا هين. ڪتابن جا سخت شوقين هئا، ناولن سان ڏاڍي دل هين، مطالعي جي اها حالت هئي جو هميشه ڪتاب منهن ۾ ڏيو ويٺا هوندا هئا.

1927ع ۾ اسان وٽ آخري دفعو آيا، ان وقت مون وٽ ارشد ٿانويءَ جو ناول ”طواف زمين“ هو، جيڪو پير صاحب پڙهڻ لاءِ وٺي  ويا. ان کان پوءِ پاڻ ستت وفات ڪيائين، تنهنڪري ڪتاب موٽي نه سگهيو. سندن فرزند پياري محمد راشد کان مون گهڻائي دفعا گهريو، مگر موٽائي ڪونه ڏنائين. هاڻي خيال آهي ته ”حساب ڪتاب“ واري ڏينهن، جڏهن پير صاحب سان ملاقات ٿيندي ته ساڻن اها شڪايت ضرور ڪندس. اميد اٿم ته ميان محمد راشد کي دامن مان جهلي ضرور چوندا ته ”ميان الهڏنه اها ڳالهه ٺهي ته نٿي...........“.

1927ع ۾ کين اچانڪ اسهال ٿيا ۽ پوءِ ستت ئي وفات ڪري ويا. خدا کين غريق رحمت ڪري. سندن جهڙو آزاد منش اڄڪلهه ڪونه ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

شعر شاعريءَ سان سندن  فطري انس هو، پاڻ سنڌيءَ ۾ دل تي اثر ڪندڙ ڪلام چيو اٿائين، جيڪو هڪ  هنڌ جمع ٿيل ڪونه آهي. البته سندن عقيتمندن جي دل  واري ڪتاب تي سو لکيل آهي. هڪ ڪافي اٿم، جا هن ريت آهي:

مٽ بويء گيسوَن جي مشڪ ختن جو ڇاهي

قامت مثل قريبن سرو چمن جو ڇاهي

بي آب ٿيا جواهر جلوو ڏسي ڏندن جو

الماس تن جي اڳيان  در عدن جو ڇاهي

شفتين جي شرم کان خون ٿيو جگر شفق جو

مرجا، عقيقي، لاله، مٽ تن چپن جو ڇاهي

سيب زنخ سڄڻ جو بخشي عمر ٿو خضري

چشمه حيات مٽ تنهن چاهه ذقن جو ڇاهي

معشوق ٿئي نه ثاني سهڻو سندو خلق ۾

مٽ تنهن عجيب عربي اهل زمن جو ڇاهي

ميان محمد عاشق عليه رحمت

پير صاحب، محمد معشوق جو وڏو ڀاءُ هو__ ساڳيو ڀاءُ وارو مزاج ۽ طبيعت. شعر و شاعريءَ ۾ به هڪ ئي رنگ جهلڪي رهيو آهي. گهڻو ڪري هڪ ئي زمين تي ٻيئي ڀائر طبع آزمائي ڪندا هئا. محمد معشوق کان سندس انتقال اڳ ٿيو.

عاشق جو ڪلام

آه عجيبن جي اچڻ جي واعدي واري رات اڄ

چاه مان چشمن کي ٿي اختر شماري رات اڄ

در تڪيندي دوست لئي ٿيو آب جاري ڏنهن اکين

انتظاري، بيقراري، آهه زاري رات اڄ

بسترا مخمل ٿي ڀانيان خار مانند يار ري

خواب خور خوش نا لڳي ٻي دلفگاري رات اڄ

رات روئندي وئي سڄي هئه ڪونه موٽيو مهه مثال

هئه نصيبا، قسمتا، ڀانيان ڪارزاري رات اڄ

اي فلڪ فوجان فراقن جون ڦٽين تي تون نه چاڙهه

ساهه  سورن منجهه سڙي، ڀانيان درد ساري رات اڄ

ناگهان اڄ نصف شب ۾ ٿيو هويدا مـﮧ روش

عاشقا! مونس آيو ٿي خوش گذاري رات اڄ

[”ستاره سنڌ“، بهار نمبر 1936ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com