ڏھين صديءَ ھجريءَ جي سنڌ
[ترڪي ٻيڙي جو اميرالبحر سيدي علي رئيس ڏھينءَ
صديءَ ھجريءَ ٽينءَ چوٿائيءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۽
ھند ۾ پهتو. هن پنهنجو سفرنامو مراة الممالڪ جي
نالي سان لکيو، جنهن ۾ هن ڪيئي چسم ديد واقعا،
جيڪي سياسي طرح وڏي اهميت رکن ٿا، آندا آهن.
ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آنديون اٿائين، جيڪي
پنهنجي تاريخ ۾ ڪونه ٿيون ملن _ سفرنامي جي ٻن
بابن جو ترجمو ھتي ڏجي ٿو، جن مان ھڪ جو تعلق
ارغوني ۽ ترخاني دؤر جي سنڌ سان آھي ۽ ٻئي باب جو
تعلق ھمايون واري ھندستان سان آھي.]
سيد علي رئيس جو احوال
سيدي علي رئيس بن سيدي حسين رئيس _ پڻس خواهه
ڏاڏاهنس ٻيئي درياهي جهاز رانيءَ جا ڪماندار ۽
انهيءَ فن جا استاد ۽ ماهر هئا. سيدي علي رئيس پڻ
پنهنجو آبائي پيشو اختيار ڪري، ڪيترين درياهي
جنگين ۾ بهرو ورتو ۽ مهمن کي منهن ڏيئي نالو
ڪڍيائين.
رمضان سنه 960ھه ۾ سلطان سليمان ثانيءَ (926_
947/1520_1566ع) جي ملازمت ۾ حلب جي منزل تي داخل
ٿيو.
مصري ٻيڙو _ جيڪو ويهن جهازن تي مشتمل ھو _
اميرالبحر پيري بڪ جي ڪمان هيٺ سوئيز موڪليو ويو
ھو، سو طوفانن جون ٿڦڙون کائيندو، رستو وڃائي وڃي
عدن پهتو. طوفان ۽ ڌنڌ جهازن کي خراب ڪري ڇڏيو هو.
ڪي چند جهاز وڃي صحيح سلامت بچيا، جن کي وٺي
اميرالبحر پيري، مسقط ۽ عمان پهچي، مسقط کي فتح
ڪيو. اتان ئي معلوم ٿيو ته پرتگالي جهاز اُلرون
ڪندا اچي سوڙھا ٿيا آهن. انهيءَ حملي کان بچڻ خاطر
پيري بڪ سڀيئي جهاز ڇڏي فقط ٽن جهازن جي ذريعي
اتان فرار ٿي ويو. رستي ۾ ٻه جهاز تباهه ٿي ويا،
باقي بچيل هڪ جهاز جي ذريعي ھو پهتو.
اھا خبر ٻڌي قسطنطنيـﮧ مان مراد بڪ کي
ٻيڙي جي ڪمان ڏيئي مسقط واري ٻيڙي کي موٽائي آڻڻ
لاءِ موڪليو ويو. ليڪن ھرمز وٽ پرتگالي ٻيڙي سان
مقابلو ڪندي، سڀني اميرن ۽ سپاهين سميت اهو ٻيڙو
به تباهه ٿي ويو.
جڏھن انھيءَ ٻيءَ تباھيءَ جي خبر ذي الحج
960 ھه جو دارالخلافـﮧ ۾ پھتي، ان وقت سخت تڪليف ۽
تشويش محسوس ڪئي ويئي. نئين سر مصري ٻيڙي جي ڪمان
سيد علي رئيس جي حوالي ڪري کيس انھيءَ مھم لاءِ
تيار ڪيو ويو. چنانچه ھو پھرين تاريخ محرم 961ھه
(7_ڊسمبر 1553ع) جي حلب مان پنھنجي انھيءَ مھم تي
بصري طرف پڳهه کڻي، ٻيڙا ڇوڙي، ھليو. صفر 961ھه
(آغاز فبروري 1554ع) جو ھو خير سلامتيءَ سان بصري
پهچي ويو.
سيد علي رئيس اتي پهچي ٻيڙي جي چارج ورتي. جهاز
خراب ٿي چڪا ھئا، تن کي ٺھرائي تيار ڪري سفر شروع
ڪرڻ لاءِ موسم بھار جي انتظار ۾ ترسي پيو. آخر
پھرين شوال 961ھه جو بصرو ڇڏيائين ۽ چاليهه ڏينهن
هلندي، جڏهن جاوا جي ڪناري سان پهتو، ان وقت ڏهين
رمضان جو، پورچو گيزن جي ٻيڙي سان سندس تصادم ٿيو.
سيد علي رئيس لکي ٿو ته ”ايتري شديد جنگ لڳي، جو
تاريخ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي! لفظ ڪونه ٿا ملن
جو ان جي ھوبھو حقيقت لکي سگهجي. بهرحال، دشمن کي
شڪست آئي ۽ پسپا ٿي هليو ويو.“
ڇهين رمضان جو ھو مسقط جي پسگردائيءَ ۾
پهچي ويو. مسقط جي بندرگاهه ۾ گهڙڻ سان وري سندس
مقابلو پورچوگيزن جي ٻيڙي سان ٿي پيو. ٻنهي ڌرين
جو نقصان ڏاڍو ٿيو ۽ سيدي علي رئيس وارا بچيل
ٻيڙين کي هيڏي هوڏي هلائيندا آوارگيءَ جي حالت ۾
ڪيچ مڪران جي بندرگاهه ۾ اچي پهتا. مخالف هوا سبب
اتي بيهي نه سگهيا ۽ بندرشهبا (شاربار) وڃي بيٺا.
اتان گوادر آيا، جتان جو حاڪم بلوچ قبيلي مان ملڪ
جلال الدين بن ملڪ دينار ھو.
گوادر کان يمن پڳهه کڻندي، واٽ تي کين وري اوکي
واءُ سان منھن ڏيڻو پيو، جنھنڪري ڦيريون گهيريون
کائيندا اچي پرتگالي جزيري ڊيو (Dev)
۾ سهڙيا، ۽ اتان نڪري گجرات جي ساحل ڀيڙا ٿيا.
ليڪن اتي پهچندي هڪ وڏي ڪُن ۾ ڦاٿا، جنھن ۾ ڪيئي
جهاز غرق ڪري اڳتي وڌيا. بمبئيءَ جي خليج ۾ ھڪ
پرتگالي بندر دامان (ڊَمن) ۾ جڏھن رسيا، ان وقت
چوماسي شروع ٿيڻ سبب برسات کين گهيري ۾ آڻي ڇڏيو .
سيدي علي رئيس ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لاچار ٿي،
پنھنجي ٻيڙي جو سمورو سامان دامان بندر جي گورنر
ملڪ اسد جي حوالي ڪري، پاڻ هڪ ڪشتي وٺي، سورت بندر
پهتو. بصري کان هلي سورت پهچڻ تائين کيس ڀريا ٽي
مهينا لڳي ويا.
سورت جي مسلمانن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس
چيائون ته ھو گهڻي وقت کان عثماني ٻيڙي جي انتظار
۾ ھئا، جيئن ھو ڪافرن (بورچوگيزن) جي گهيري کان
آزاد ٿين ! گجرات ۾ ان وقت انتشار جي ڪيفيت ھئي.
سلطان بهادر گجراتيءَ (932_943هه/1526_1537ع) جي
عزيزن مان سلطان احمد ثالث (961_968هه/
1554_1561ع) تخت تي ويٺو ھو، ليڪن عمر جي ڪَچائيءَ
سبب سندس وزير ناصر الملڪ سندس بيعت نٿي ڪئي ۽
پنھنجي حڪومت جو اعلان ڪري، پورچوگيزن کان مدد
وٺي، پاڻ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ ھو.
سلطان احمد، سيدي علي رئيس کان انھيءَ
سلسلي ۾ امداد جي گهر ڪئي. ناصر الملڪ، سيد علي
رئيس کي پھرين قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان پوءِ
زهر ڏيارڻ جو بِلو ڪيائين، ليڪن ٻنهي منصوبن ۾
ڪامياب ٿي نه سگهيو. ناصر الملڪ جلد ئي فوت ٿي
ويو، جنھنڪري قدرتاً سلطان احمد جي جان انھيءَ
جنجال مان آزاد ٿي ويئي. اهڙي خلفشار جي عالم ۾
سيدي علي رئيس گجرات ۾ پير پاتو ھو. سندس ساٿي
مسلسل ناڪامين ۾ مصيبتن سبب بيزار ٿي چڪا ھئا.
جيڪو ٻيڙو بچيو ھو، ان جي ذريعي مصر پهچڻ ناممڪن
ھو. تنھنڪري ڪيترن ھمراھن گجرات ۾ ملازمت وٺي، سيد
علي رئيس کان خدا حافظي ڪئي، ڪن ٻئي نموني پاڻ
ڇڏائي ٻئي ڪنھن پاسي منهن ڪيو. بهرحال، اھڙي
صورتحال کي ڏسندي، سيدي علي رئيس ٻيڙي مرتب ڪرڻ جو
خيال لاحاصل سمجهي، شروع محرم 962هه ۾ گجرات کي
الوداع چئي، بيلورا (جوڌپور جو ڳوٺ بلوترا ) کان
ٿيندو، چمپانير پهتو. اتان محمودآباد آيو، جتان
اچي احمد آباد پهتو. احمد آباد ۾ سيدي علي رئيس،
سلطان احمد ۽ سندس وزير عمدة الملڪ سان ملاقات
ڪئي. ڪجهه وقت رھي، سلطان ۽ وزير کان موڪل ڪري،
خشڪيءَ جي رستي سان پنچ ڏينھن هلي (پتنـﮧ _ پٽن)
پهتو، اتان راڌڻپور آيو، جتان اُٺن جي ذريعي سنڌ
ڏانهن مهار موڙي پهرين تاريخ ربيع الاول 962هه جو
اچي پارڪر پهتو (1).
سيدي علي رئيس سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪجهه وقت گذاري
افغانستان، خراسان، فارس ۽ آذر بائيجان کان ٿيندو،
سال 964 هه ۾ بغداد پهتو ۽ بغداد کان قسطنطنيـﮧ
آيو. دارالخلافـﮧ ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن سلطاني
ملازمت ۾ ڏاڍي مان ۽ مرتبي سان گذاري، سال 980هه
(1574ع) ۾ هن دنيا کي ڇڏيائين.
سيد علي رئيس ھيٺيان ڪتاب لکيا آھن
(1) محيط:
بحيرهء ھند ۽ خليج عمان جي احوال ۽ موسم جي
اڳڪٿيءَ ۾ آھي. اھو ڪتاب ھن 961هه (1554ع) ۾ لکيو،
جڏھن سامونڊي سفر جو تجربو ڪري گجرات جي سر زمين
احمد آباد ۾ مقيم ھو. ڪتاب جو اصل متن جرمن ترجمي
سميت ڇپجي چڪو آھي.
(2) مرات الڪائنات:
ايسٽرالاجيءَ جي مضمون تي پنجن بابن ۾ ورھايل آھي.
ھي ڪتاب ڪونه ڇپيو آھي.
(3) شعر:
سيد علي رئيس عثماني، ترڪي ۽ چغتائيءَ ٻولين جو
شاعر ھو، ”مراةالممالڪ“ مان ان جو ثبوت ملي ٿو.
سندس شعر جو ڪوبه مرتب مجموعو ھٿ ڪو نه آيو آھي؛
’ڪاتبي‘ سندس تخلص ھو ۽ انھيءَ تخلص جي ڪيترن
شاعرن جو ترڪي مصنفن ذڪر ڪيو آھي، ليڪن سيدي علي
رئيس ڪهڙو ’ڪاتبي‘ ھو، ان جو پتو ڪونه آھي.
(4) مرات الممالڪ:
ھي سندس سفر نامو آھي، جنھن جي ٻن بابن جو ترجمو
ھيٺ ڏنو وڃي ٿو. سيدي علي رئيس ھن ۾ (961_964هه)
تائين جي چؤسالي سفر جو احوال قلمبند ڪيو آھي. اھو
ڪتاب ھُن 964هه ۾ لکي سلطان (سليمان) وٽ پيش ڪيو،
جنھن کيس خوب انعام اڪرام ڏنا. انھيءَ ڪتاب جا
ھيٺيان ايڊيشن ۽ ترجمان شايع ٿيا آھن:
(الـــــف) مــــرات المماڪ :
(تـــــرڪــــــي متن 99 صفحا 5X
7) ڪتابخانهء اقدام طرفان احمد
جودت 1313هه (1895ع) ۾ شايع ڪيو. نجيب عاصم ان تي
مقدمو لکيو آھي.
(ب) جرمن ترجمو:
Heinrich Friedrieh Von Deiz
پنھنجي ڪتاب
Denkwurdigk Eiten Von Asien
جي ٻئي جلد ۾ برلن مان سال 1815ع ۾ شايع ڪيو.
(ج) فرانسسي ترجمو: انھيءَ جرمن
ترجمي تان مسٽر
Morris
فرانسسي ترجمو ڪري
Journal Asiatique
سال
IX
جي صفحي 27_ 29 ۽ سال
X
جي صفحي 46_112 ۾ ڇاپيو آھي.
(د) انگريزي ترجمو: انھن ٻن ترجمن
کان پوءِ
V. Vambery
سال 1899ع ۾ ترڪيءَ واري ڇپيل نسخي کي سامھون رکي،
انگريزي ترجمو ڇاپيو آھي. ترجمي ۾ ھُن ڪن جاين تي
اختصار ڪيو آھي، جنھن جو تفصيل اسان جي لاءِ ضروري
آھي. اھڙيءَ طرح سندس شعر کي ترجمي مان خارج ڪري
ڇڏيو اٿائين، جيڪو پڻ پنھنجي لاءِ ضروري ھو.
(هه) اردو ترجمو: انگريزي ترجمي کي
سامهون رکي، اخبار وطن جي ايڊيٽر مولوي انشالله
خان مرحوم اردو ترجمو ڪيو آھي، جيڪو اپريل 1906ع ۾
حميديه پريس لاھور مان شايع ٿيو. انھيءَ ترجمي جو
انحصار جنھن صورت ۾ ويمبريءَ واري ترجمي تي آھي،
تنھنڪري ترجمي تان ترجمو ٿيل ھي اردو ايڊيشن ھر
لحاظ سان ناقص آھي.
ويمبريءَ جي انگريزي ترجمي ۽ اصل ترڪي متن کي
سامهون رکي، مون ھيٺين ٻن بابن جو مڪمل ترجمو ڪيو
آھي. جيڪي ڪجهه ويمبريءَ خارج ڪيو ھو، سو اُن ۾
آڻي، سيدي علي رئيس جا شعر ڏيئي ، هر صورت ۾ ترجمي
کي اصل مطابق ڪيو ويو آھي. ترڪيءَ تان ترجمي ڪرڻ ۾
منھنجي دوست ڊاڪٽر محمد صابر منھنجي مدد ڪئي آھي.
ملاياري ۽ سلطان محمود جي خطن ۽ شعر جو ترجمو
ڊاڪٽر محمد صابر جو ڪيل آھي، جنھن کي اردوءَ مان
سنڌي ڪيو ويو آھي. تشريح طلب مسئلن ۽ معاملن تي
وضاحتي حاشيا آخر ۾ ڏنا ويا آھن. خط ۾ شعر متن
اندر ترڪيءَ ۾ ڏنل آھن، جن جو ترجمو حاشين ۾ آيو
آھي. شعر ۽ خط تاريخي آھن، تنھنڪري انھن جو اصل
سنڌي متن ۾ شامل هجڻ ضروري ڄاتو ويو.
سنڌ تي سيدي علي رئيس جو باب اھم تاريخي
دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ھو سنڌ ۾ ان وقت پھتو
جڏھن شاه حسن ارغون جو ستارو غروب ٿي چڪو ھو ۽
انھن فاتحين ۽ قابضين جي وچ ۾ پيماني تي گهرو
گهوٽالو شروع ھو. شاه حسن پاڻ بيمار ۽ معذور ھو،
ارغونن ۽ ترخانن سندس خلاف انھيءَ ڪري بغاوت شروع
ڪئي ھئي ته ھُن مقامي ماڻھن کي اھم سرڪاري ۽ ملڪي
عهدن تي ڇو رکيو ھو. ميرزا عيسى کي مهندار ڪري ٺٽي
۾ انھيءَ مهم جي شروعات ڪئي ويئي. سلطان محمود
بکري بظاھر ميرزا شاه حسن سان بيٺو ھو، ليڪن اندر
خاني ملڪ جي ورھاست تي ميرزا عيسى سان عهد و پيمان
ڪري وقت ڪڍي رھيو ھو. سلطان محمود ۽ ميرزا عيسى جي
جنگ ۽ صلح، ميرزا شاهه حسن جو موت، سنڌ جو
ورھائجڻ، اھو سڀڪجهه سيدي علي رئيس جي موجودگيءَ ۾
ٿيو. تاريخ طاھريءَ ۾ ٿورو اشارو آھي، مير معصوم
خاموش آھي، ليڪن سيدي علي رئيس صاف لکي ڇڏيو آھي
ته ماه بيگم تي شاهه حسن کي زهر ڏيئي مارڻ جو
الزام ھو. ميرزا مري ته اڳئي رھيو ھو، ليڪن سيگهه
ڪرڻ لاءِ ڌڪو جوڻس به (جيڪا پوءِ ميرزا عيسى جي
زال بڻي) ڏيئي ڇڏيس. ملاياريءَ جا ترڪي شعر ۽ خط
اسان جي سياسي خواه ادبي تاريخ جو اھم ۽ عجيب و
غريب سرمايو آھن. ميرزا شاهه حسن جي موت جو مهينو
۽ ترڪيءَ ۾ چيل تاريخ وڏي اهميت رکي ٿي.
سيدي علي رئيس جو هندستان تي لکيل باب پڻ
اسان جي تاريخ سان متعلق آھي. ھمايون وٽ سلطان
محمود بکريءَ جي سفارش ۽ تعلقات استوار ڪرڻ واري
خط و ڪتابت، انھن موقعن تي چيل اشعار ، اھو سڀ
اھڙو مواد آھي جنهن کان اسان جون مقامي تاريخون
خالي آھن. سيدي علي رئيس ھمايون جو موت اکين سان
ڏٺو، اڪبر جي تخت نشيني سندس سامهون ٿي، همايون جي
ادبي دلچسپين ۽ محفلن جو ذڪر پنهنجي جاءِ تي دلچسپ
آھي.
آءُ آخر ۾ ترڪي متن به بلاڪن جي ذريعي ڏيئي
رھيو آھيان، جيئن ترجمو ۽ اصل ٻيئي هڪ وقت تحقيقي
ڪم ڪرڻ وارن جي آڏو رهن.
پڄاڻيءَ تي آءُ پنهنجي دوست ڊاڪٽر محمد صابر
جو شڪر گذار آھيان، جنهن نظم جو ترڪيءَ مان ترجمو
ڪيو ۽ مراة الممالڪ جو اصل ترڪي ڇاپو پڻ ڪيترن
ڏينھن لاءِ منھنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
_سيد حسام الدين راشدي، ڪراچي،
_19710208ع
(1) ولايت سنڌ جي واقعن جي سرگذشت
پهرين تاريخ ربيع اولال (962هه) جو روانا
ٿي، ڏهن ڏينهن کان پوءِ (10_ ربيع الاول ) راجپوتن
جي ڳوٺ پارڪر (1) ۾ پهتاسين، جتي ڪفارن اسان کي
گهيري ۾ آندو، پر شڪر ٿيو جو پرواني ڏيکارڻ ۽ ڪجهه
پئسن ڏيڻ ڪري اسان جي مٿان اها بلا ٽري ويئي.
انهيءَ کان پوءِ اسين ڪڏهن غافل ڪونه رھياسين ۽
خطري جي مقابلي لاءِ هر وقت چوڪس رهڻو پيو. ٻئي
ڏينهن (11_ ربيع الاول ) تي وري راجپوتن (راشپوت)
جي هڪ ٻي ٽوليءَ رستي _ روڪ ڪري، اسان سان سخت
ويڙهه شروع ڪري ڏني .
کو رندو کي کيبي راشپوت الايي دوه جيلر کو تور
دي ردلايي (2)
(ص 360)
مون پنهنجي ساٿين کي حڪم ڏنو ته اٺن کي
چوڌاري ويهاري حلقو قائم ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان
چوڌاري باهه وسائڻ شروع ڪري ڏني. ڪفار اهڙي مقابلي
لاءِ تيار ڪونه هئا. نياپو موڪليائون ته اسان وڙهڻ
ڪونه ٿا گهرون، اسان کي فقط محصول ڏيو. مون کين
جواب موڪليو ته اسان واپاري ڪونه آهيون، اسان وٽ
دوائون ۽ مَڻِ (دارو مهره) آهن، جنهن جو محصول
اسين ادا ڪري چڪا آهيون. جيڪڏهن محصول جهڙي ڪابه
شيءِ هجي ها ته اسين خوشيءَ سان پاڻهرتو ڀريون ها.
انهيءَ جو اثر حملي ڪندڙن تي خاطر خواه ٿيو ۽ هنن
ضد ڇڏي ڏنو.
اسين قريباً ڏهه ڏينهن رڻ ۾ هلي (12_ ربيع
الاول( ونگـﮧ (3) ۾ پهتاسين، جيڪو سنڌ جو سرحدي
شهر آهي. هتان اسان ٻيا اُٺ ڀاڙي ڪيا ۽ پنج ڏينهن
پنڌ ڪري جوڻ ۽ فتح باغ (4) (جونـﮧ و شهر باغ فتح)
۾ آياسين. انهيءَ وقت سنڌ جي تخت تي شاهه حسن
ميرزا متمڪن هو. هن چاليهه ورهيه راڄ ڪيو ۽ گذريل
پنجن سالن (5) کان فالج (نيم تن) جي مرض ۾ مبتلا
ٿي پيو ھو، جنهنڪري گهوڙي سواريءَ کان لاچار ٿي،
سنڌو درياهه (درياء سيحو نده) ۾ ٻيڙيءَ رستي اچ وڃ
ڪيائين ٿي.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي دارالخلافـﮧ ٺٽي (پاء
تختند تتـﮧ) جو ڪماندار عيسى ترخان، شاهه حسن
ميرزا جي چند لائق اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو
ڪري ويٺو ھو (6)، جيڪو نصرت آباد (7) جي قلعي ۾ گڏ
ٿيل هو. هن نقد پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي پاڻ کي
همايون بادشاهه جو لقب ڏيئي جمع جي خطبي ۾ پنهنجو
نالو شامل ڪري نقارو وڄرايو.
انهيءَ تي شاهه حسن ميرزا سلطان محمود
نالي پنهنجي ديني ڀاءُ (کوکلتاش _ کوکلداشني_ ٿڃ
شريڪ ڀاءُ) کي بري فوج جو ڪماندار ڪري، پاڻ چار سؤ
جهازن جو ٻيڙو وٺي، مير عيسى بيگ باغيءَ جي
سرڪوبيءَ لاءِ هليو (8).
جڏهن منهنجي پهچڻ جي کيس خبر پيئي ان وقت
هن وڏي مان ۽ آبروءَ سان منهنجو آڌر ڀاءُ
(استقبال) ڪيو. اها ربيع الثانيءَ جي شروعات هئي.
هن مون کي سروپا (خلت) پهرائي. ۽ اسان جي ٽولي کي
غيبي لشڪر ڪري سڏيو (لشڪر غيب). ساڳئي وقت لاهوري
بندر يعني ديول سند (بندر لاهوري يعني ديول سندي)
جي صوبيداريءَ جي به آڇ ڪيائين، ليڪن مون انڪار
ڪيو.
مون کانئس اڳتي وڃڻ جي موڪل گهري، جنهن تي
چيائين ته جيسين پيش آيل مهم ڪاميابيءَ سان پوري
نه ٿي آھي تيسين موڪل جي درخواست منظور نه ٿيندي.
انهيءَ باري ۾ هن منهنجي بادشاه جي حضور ۾ پڻ
عريضو موڪلي ڏنو. ساڳئي وقت جيسين اها پڪ نه ٿيس
ته اسين مير عيسى جو طرف نه آهيون، تيسين کيس آرام
نه آيو. اسان ڪيترو به يقين ٿي ڏياريو ته اسان جي
هٿيارن سان _ مسلمان هجڻ سبب_ کيس ڪوبه آسيب ڪونه
ٿيندو، ليڪن هن اهوئي چيو ٿي ته ڇا اسان هڪ قوم نه
آهيون؟ بغاوت ۾ اسان جا ئي ڀائر ۽ عزيز شامل ڪونه
آھن؟ اهو واقعي سچ به هو!
آءُ سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب (9)
سان مليس ۽ کانئس دعائون حاصل ڪيم. شيخ جمالي ۽
شيخ ميرڪ (11) جي مقبرن جي به زيارت نصيب ٿي.
بيان ٿيل مير عيسى واري مهم هڪ مهينو جاري
رهي. مٽيءَ جا دمدمـﮧ ٺاهي، انهن تي توبون رکيون
ويون، ليڪن جنهن صورت ۾ ٺٽو هڪ هيٺانهينءَ ۾
(جزيره) واقع هو، تنهنڪري گولا اوستائين پهچي ڪونه
ٿي سگهيا. ان هوندي به ٻنهي طرفن کان جاني نقصان
گهڻو ئي ٿيو ۽ نيٺ اچي صلح تي مسئلو نبريو (12).
مير عيسى همايون جو طرف ڇڏي خطبو شاهه حسن ميرزا
جي نالي پڙهايو ۽ سندس نالي جو نقارو وڄرايو. هن
پنهنجي پٽ مير صالحيءَ (ميرزا صالح) کي تحفا تحائف
ڏيئي سندس خدمت ۾ روانو ڪيو (13). شاهه حسن ميرزا
اُهو خزانو، جو مير عيسى تصوف ۾ آڻي ورهائي ڇڏيو
هو، سو مير صالحيءَ کي بخشي ڇڏيو، ۽ مير عيسى کي
ساڳئي عهدي تي قائم رکيو ۽ ملاياري (14) وزير جي
هٿ اکرين اهڙي قسم جو عهدنامو ۽ فرمان ڏانهنس
ڏياري موڪليو ۽ توغ بيگيءَ جي هٿان نقارو به موڪلي
ڏنائينس ۽ مير عيسى جا ڏهه ارغون ۽ ترخان طرفدار
جيڪي قيدي ٿيا هئا سي پڻ آزاد ڪري ڇڏيائين (15).
مير عيسى، شاهه حسن ميرزا جي گهر واريءَ
حاجي بيگم کي ڏياري موڪليو (16). جمادي الاول جي
پهرين ڏينهن (شهر جمادالاول ئي اوائلنده ) سلطان
محمود خشڪيءَ جي رستي ۽ شاهه حسن ميرزا درياه ڏيئي
بکر طرف اُسهيا (17).
گهر واريءَ جي پهچڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ
ميرزا وفات ڪئي، ماڻهن ۾ چؤ پچؤ هلي ته جوڻس کيس
زهر ڏيئي ماريو آهي (19).
اريسک عورتـﮧ ايننمـﮧ اخي، عورت ال اُتدي
انبيايـﮧ دخي (20) (ص 48).
پنهنجي بزرگ مرحوم ميرزا جي فوت ٿيڻ بعد
سلطان محمود انھيءَ دم مال ۽ مڏيءَ کي ٽن حصن ۾
ورهائي هڪ حصو مرحوم جي گهر واريءَ کي ڏنو ۽ ٻيو
پنهنجي لاءِ رکيو، باقي ٽيون حصو هڪ خواجه (ملازم)
جي ذريعي مير عيسى ڏانهن ڏياري موڪليو.
لاش کي ٺٽي اُماڻي، پنهنجو هڪ جهاز (سلطان
محمود) کي سفر لاءِ ڏيئي، پاڻ گهوڙن ۽ اُٺن تي
خشڪيءَ رستي بکر روانو ٿي ويو. جنهن وقت ميرزا جو
لاش سندس بيگم کڻائي، پنجاهه جهازن جي ٻيڙي سان
ٺٽي وڃي رهي هئي، ان وقت باقي جهازن تي لشڪرن حملو
ڪري انهن کي لُٽڻ شروع ڪيو. ميربحرن ڀڄي پاڻ
بچايو، لاچار اسان کي ٻيڙي جي ڪمان وٺڻي پيئي.
جڏهن اسان کي وچ ايشيا جا چغتائي حملي آور چوڌاري
ويڙهي ويا، ان وقت لاچار ٿي اسان به هٿيار ڇڏي ڀڄي
جان ڇڏائي. ۽ ڏهه ڏينهن پاڻي جهاڳي ناصرپور (21)
(نصرپور) پهتاسين. شهر کي راجپوتن جي سردار
(راشپوت بيگلري) اڳ ئي لُٽي ڇڏيو هو.
اسان کي اتي ٻڌڻ ۾ آيو ته مير عيسى ڏهن
هزارن جوانن جي لشڪر سان سلطان محمود تي چڙهائيءَ
لاءِ روانو ٿي چڪو آھي. ۽ سندس پٽ مير صالحـﮧ (مير
صالح) پڻ اسي جهازن جي ٻيڙي سان اسان جي پٺيان اچي
رهيو آهي. اها خبر ڀوائتي هئي، تنهنڪري مون فوراً
پٺتي موٽڻ جو فيصلو ڪيو. اسان سڀني گڏجي ڪافي وقت
تائين دعائون گهريون ۽ ٺٽي طرف موٽ کاڌي.
ٽئين ڏينهن تي اسان نديءَ ۾ اچي مير صالح
جي ڊَهوبَڊههِ ٿياسين. آءُ مختصر سوکڙيون کڻي سندس
جهاز تي ويس. هن پڇيو ته ”ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“
مون جواب ڏنو ته ”اوهان جي والد ڏانهن.“ وراڻي
ڏنائين: ”مون سان گڏجي هلو.“ مون چيس: ”اسان وٽ
ملاح ڪونه آهن.“ هن ان تي پندرهن ميربحر موڪلي
ڏنا، جنهنڪري اسين موٽڻ تي مجبور ٿي پياسين، ۽ ٻيا
ڏهه ڏکيا ڏينهن پاڻ کي ڪاٽڻ مشڪل ٿي پيا.
هڪ ڏينهن آءُ مير عيسى سان ملڻ سنڌ جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويس، جتي اسان کي ميرزا مرحوم جا چند
طرفدار مليا، جيڪي ويڙهه کان بيزار ٿي ۽ مقابلي
کان ٿڪجي، صلح جا طالبو هئا. مير عيسى منهنجو تمام
گهڻو آڌر ڀاءُ ڪيو. گذريل ڳالهين کي وساري هن مون
تي زور رکيو ته آءُ ٻه _ ٽي ڏينهن وٽس رهي پوان.
چيائين: ”آءُ جلد ئي انشاء الله مير صالحيء کي
همايون بادشاهه ڏانهن موڪلي رهيو آهيان، تون سندس
حفاظت ۾ آسانيءَ سان سفر طيء ڪري سگهندين.“ اهو به
چيائين ته ”سلطان محمود تو کي بکر کان اڳتي ٽپڻ
ڏيندو ئي ڪونه . هو فرخ ميرزا جو پٽ آهي (22) ۽
پاڻ بادشاهه ٿيڻ گهري ٿو!“
بهرحال، سندس اها رٿ مون کي ڪانه آئڙي.
مون پنهنجو سفر جاري رکڻ گهريو ٿي. مون کيس چيو:
”اسان کان جيڪي جهاز ورتا ويا آهن، سي واپس ڏنا
وڃن، ۽ اڳواٽ قاصد موڪليو وڃي. الله ۾ اميد آهي ته
سلطان محمود بادشاهه (همايون) جي اطاعت قبول ڪري
خطبو پڙهائيندو، ۽ اهڙيءَ طرح امن ٿي ويندو.“ مير
عيسى اها ڳالهه مڃي وڌي ۽ ملاحن سميت ست جهاز
منهنجي حوالي ڪري، هڪ خط بادشاهه لاءِ ڏنائين،
جنهن ۾ پنهنجي اَڻ ٽُٽندڙ وفاداريءَ جو يقين
ڏياريل هو.
اهڙيءَ ريت اسين سيوهڻ (سياوانـﮧ) پهتاسين
۽ پوءِ جلد ئي پاٽ ۽ دبلـﮧ (23) (پاتري و دبلـﮧ
=
در ٻيلو؟) وارو رستو ڏيئي، بکر جي قلعي وٽ پهچي
وياسين. اتي آءُ سلطان محمود ۽ ميرزا مرحوم جي
وزير مُلاياريءَ سان مليس، مون ڪجهه تحفا پيش ڪيا.
سلطان محمود، همايون بادشاهه جي تابعداري مڃي،
خطبو پڙهائڻ قبول ڪيو، ۽ مير عيسى سان ٺهڻ پڻ قبول
ڪيائين. مون مرحوم ميرزا جي وفات جي تاريخ ۽ ٻه
غزل سلطان محمود وٽ پيش ڪيا:
لمؤلفـﮧ
شاه حسن سند کـﮧ شـﮧ ايردي ولي جيکتي اجل جا
ميني تاپتي فنا
هــاتف غيب ايستي تــــــاريخني: ”جنت فردوس
مکافي اولا“ (24)
962هه (ص 40)
سلطان محمود کي تاريخ تمام وڻي. غزل هي آهن:
لمؤلفـﮧ
فرقت الي ني طور اولور بيلماس ايديم
اصلامين آ نينک خياليني قيلماس ايديم
آخر ميني او چراتي سينک عشقينک انکا
او ز حاليمـﮧ قالسـﮧ سندين ايريلماس ايديم
درد مني سنکا بيفلاسـﮧ اي مـﮧ چشم!
بيردم کوز و مينک ياشيني مين سيلماس ايديم
بيلسام ميني رد ايتکبينکي آخرسين
هر کز ايشيکينکـﮧ اي پري کيلماس ايديم
هجر آتشيني (کاتبي) اول تانيسام
عشقي يوليدا مونجـﮧ زمان ييلماس ايديم (25)
(ص 40)
ٻيو غزل آھي:
لمؤلفـﮧ
يارسز هر قابدا بولسام بيت الاحز اندور منکا
عالم اول يوسف لقادين اير و زنداندور منکا
دشمن ايتور ميش مينک چون يولينگا اولماس سينک
دوستوم اول سوز باري و الله بهتاندور منکا
شربت لئلينک عطا قيلغاندا جان بيرسام ني تنک
اي طبيبم سنکا مشکل ايرسـﮧ آساندور منکا
الغاج اطرافيم ملامت سنکي کونکلوم شادا ولور
غم چريکين دفع او چون اول بخشي قور و غاندور منکا
ايتلا نبک لا (کاتبي) بند نکني قيلد ينک هم سفال
نعمتينک حقي بيکوم اول اوليغ احساندور منکا (26)
(ص 40)
انهيءَ کان پوءِ مون سلطان محمود کان اڳتي
سفر جي اجازت گهري، ۽ منهنجي گذارش قبول ڪئي ويئي.
جنهن صورت ۾ قنڌار وارو رستو، سلطان بهادر ولد
سلطان حيدر اوزبڪ جي حملن سبب غير محفوظ هو، ۽
گرميءَ جي موسم به مٿان اچي ويئي هئي، تنهنڪري
سلطان اسان کي پهرو ڏيئي، لاهور جي رستي اماڻڻ جي
رٿا ڪئي ۽ ساڳئي وقت اهو به چتاءُ ڏنائين ته ”رستي
۾ جاٽن (طايفـﮧء جَد) جي مخالف گروهه کان ڪَن رکجي
۽ هوشيار رهجي. رستو ڪهڙو به وٺجي، ليڪن چند ڏينهن
ترسڻ ضروري آهي.“ آءُ هڪ مهينو ترسيو رهيس.
هڪ رات جو مون کي پنهنجي ماءُ خواب ۾ نظر آئي،
جنهن بشارت ڏني ته کيس خواب ۾ بيبي فاطمـﮧ رضي
الله عنها واڌائي ڏني آھي ته آءُ جلد صحيح سلامت
پنهنجي وطن پهچڻ وارو آهيان.
ٻئي ڏينهن تي انهيءَ خواب جو واقعو جڏهن مون
پنهنجن ساٿين کي سڻايو تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽
سندن حوصلا وڌي ويا. سلطان جڏهن ٻڌو، تڏهن اهو به
موڪل ڏيڻ تي راضي ٿي ويو. هن مون کي هڪ اعلى درجي
جو گهوڙو، ڏهن اُٺن ۽ هڪ خيمي شامياني ۽ سائبان
سميت ڏنو. سفر جي خرچ لاءِ نقد به ڏنائين، ۽
همايون بادشاهه جي نالي تي اطاعت جي عرضداشت ڏيئي،
اڍائي سؤ سنڌي شتر سوارن جي حفاظت ۾ اڳتي
اماڻيائين. اهڙيءَ ريت اسان شعبان مبارڪ جي وچ
ڌاري روانا ٿي، سلطانپور جي رستي سان مَئوءَ جي
قلعي (ماوقَلعه ) (27) وٽ پنجن ڏينهن ۾ پهتاسين.
جنهن صورت ۾ جاٽن (جلد طايفـﮧ) جو خطرو هو،
تنهنڪري ٻيلي (جنگلستان) وارو رستو ڇڏي اسان
ريگستاني ويراني مان وڃڻ مناسب ڄاتو.
ٻيئي ڏينهن تي اسان هڪ چشمي وٽ پهتاسين،
ليڪن اهو خشڪ هو. منهنجا ڪيترا سنگتيءَ گرميءَ ۽
اُڃ سبب ساڻا ٿي پيا هئا، مون کين اعلى درجي جو
آفيم (ترياق فاروق) کارايو، جنهنڪري ٻئي ڏينهن تي
کين افاقو پيو. اهو حال ڏسي، مون انهيءَ رستي کي
ڇڏڻ ضروري سمجهي، قلعي مَئو (ماو قلعه) ۾ موٽي
آياسين. چوڻي آھي ته
(يتيم)
قادر اولان نيجـﮧ شيــــــــر افــــــگنـﮧ
صــــونـﮧ تدارکلـﮧ صونــــر دشــــــمنـﮧ
راي قــــــوي واحد الـــف اولســـﮧ ار راي
قوي سمتي در اهـــــــــــل ظفر
بيز اولاو ز واحد و دشمن مــــايـﮧ بزه يتر
آيت: ’کم من فايـﮧ!‘(28)
(ص 42)
انهيءَ ويراني ۽ ريگستان ۾ اسان جهرِڪَن جيڏي ماڪڙ
ڏٺي. اسان جا سنڌي محافظ ٻيلي (جنگلستان) جي رستي
کان ڊنا ٿي. مون کي پنهنجي ماڻهن جو به حوصلو قائم
رکڻو هو، تنهنڪري مون ڏهه بندوقچي اڳيان، ڏهه وچ ۾
۽ ڏهه قافلي جي پٺيان مقرر ڪيا. اهڙي نموني الله
توآهر ڪري اسين اڳتي هلياسين. سنڌين کي به همٿ ٿي
۽ اسان کي ويندو ڏسي ساڻ ٿي هليا.
اهڙيءَ ريت ٻيلي (جنگلستان) جي رستي جا
خوف خطرا سهندا، ڏهين ڏينهن اسان اُچ (اوچيـﮧ)
پهتاسين. اتهن شيخ ابراهيم سان ملاقات ڪري، سندس
دعائون حاصل ڪيم. آءُ حضرت شيخ جماليءَ ۽ شيخ
جلاليءَ قدس الله سرهما العزيز جي مزارن
تي پڻ زيارت ڪرڻ ويس.
اسان رمضان مبارڪ جي شروعات ۾ وري پنهنجو سفر شروع
ڪيو. ۽ ڪاريءَ نديءَ (آب کاره) تي پهچي ان تان
لَڪِڙن جي تُرهَن ذريعي اُڪرياسين. سنڌي محافظن
اسان کي ماڇيواڙي نديءَ (آب ماچواره) تي پهچائي
موڪلاڻي ڪئي. اسان ٻيڙين جي ذريعي انهيءَ نديءَ کي
پار ڪيو. ٻيءَ ڀر تي ڏٺوسين ته پنج سؤ جاٽ اسان جي
تاڙ ۾ بيٺا آهن. پر اسان جون بندقون ڏسي ڊڄي ويا،
جنهنڪري حملو ڪونه ڪري سگهيا. اسين بي ڀوا ٿي
هلندا رهياسين، تان جو رمضان جي وچ ڌاري ملتان شهر
۾ پهچي وياسين.
ديار هندستان ۾ پنهنجي سر گذشت
ملتان ۾ مون حضرت شيخ بهاء الدين زڪريا ۽ شيخ رڪن
الدين ۽ شيخ صدرالدين رحمهم الله جي مقبرن جي
زيارت ڪئي. شيخ محمد راجوءِ سان ملاقات ڪري سندس
دعائون حاصل ڪيم. پوءِ مير ميران ۽ ميرزا حسن
سلطان کان موڪلائي، لاهور طرف سفر شروع ڪيوسين.
سَدِڪري (سَدِڪره) ۾ شيخ حامد سان ملي کانئس
دعائون حاصل ڪيم. شوال جي شروعات ۾ اسين لاهور
پهتاسين.
هندستان جي سياسي صورتحال ھيءَ هئي، جو شير شاهه
جي پٽ سليم شاهه جي فوت ٿيڻ تي اسڪندر خان بادشاهه
ٿيو هو (29). همايون بادشاهه کي جڏهن اها سُڌ
پيئي، تڏهن ان وقت ڪابل کان هلي سڌو اچي لاهور فتح
ڪيائين. سرهند (سحرند _ سهرند) وٽ اسڪندر خان سان
سندس مقابلو ٿيو، ۽ مٿس فتح حاصل ڪري، چار سؤ
هاٿي، ڪيئي توبون ۽ چار سؤ رَٿ (عربـﮧ) هٿ ڪيائين.
اسڪندر خان ڀڄي وڃي منڪوٽ (30) (مانڪوٽ) قلعي ۾
پناهه ورتي. همايون ڪشمير جي ميرزائن مان شاهه
ابوالمعاليءَ نالي سردار کي فوجي دستي سميت سندس
پٺيان موڪلي، پاڻ پايهء تخت دهليءَ ڏانهن روانو
ٿيو، جتي پهچي هن پنهنجي فوج جا دستا چوڌاري موڪلي
ڏنا. اسڪندر اوزبڪ کي آگري ڏانهن روانو ڪيائين.
ٻين اميرن (خانلري و سلطانلري) کي ڪوٽله فيروز
شاهه (حصار فيروز شاهـﮧ) سَنڀل (سنبلـﮧ)، بيانه
(بيانـﮧ) ۽ قنوج (ڪنويجـﮧ
Kanwitch
طرف موڪلي، چوڌاري مقابلا شروع ڪرائي ڇڏيائين
(31).
آءُ جڏهن لاهور پهتس تڏهن اتان جي صوبيدار
ميرزا شاهه سفر جاري رکڻ کان منع ڪئي، جيستائين ڪ
مون بادشاهه سان ملاقات نه ڪئي آهي. هن منهنجي اچڻ
جو اطلاع موڪلي، مون کي دهليءَ موڪلڻ جو حڪم
گهرائي ورتو. انهيءَ ۾ پورو مهينو لڳي ويو. آخر
اسان کي محافظ ساڻ ڏيئي دهليءَ روانو ڪيو ويو.
سلطانپور درياهه (درياء سلطانپور) کي پاڻ ٻيڙن جي
ذريعي پار ڪيوسين، ۽ ويهن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ
ڪوٽله فيروز شاهه (حصار فيروز شاهه) جي رستي کان
هند جي پايه تخت يعني دهليءَ ۾ پهتاسين. اسان جي
پهچڻ جو همايون بادشاهه کي جڏهن اطلاع مليو، ان
وقت هن خانخانان ۽ ٻين ڪيترن اميرن (خانخاني و
ساير خانلرين و سلطانلرين) چئن هاٿين ۽ وڏي سپاهه
سميت استقبال لاءِ موڪليو، ۽ اسان جي سعادت واري
بادشاهه جي تعظيم ۽ تڪريم سبب اسان جي وڏي
خاطرداري ڪئي ويئي. انهيءَ ڏينهن جي ضيافت جو سهڻو
۽ خصوصي اهتمام خانخانان ڪيو (32).
هندستاني رواج مطابق جڏهن شام جو دربار
لڳي، ان وقت اسان کي ڏاڍي مان ۽ مرتبي سان شاهي
محل ۾ نيو ويو. مان بادشاهه جي خدمت ۾ جنهن وقت
پيش ٿيس، ان وقت ڪجهه تحفا نذر رکيم، ۽ هندستان جي
فتح جي تاريخ ۽ ٻه غزل پيش ڪيم:
لمؤلفـﮧ
شــــــاه جــــم رتبت همايون بخت يتي اقليم
هند که چون آتــــــش
قيردي افغانني دهلي ني آلدي بولدي فرمان
بري باري سرکش
اول فــــــتحــــــوه ايتــديلر
تــــــاريــــــخ ”طالع دولت همايونـــسش“
(33)
(962هه) (ص 44)
غزل هي آهي:
لمؤلفـﮧ
اکر کـﮧ حاليمـﮧ رحم ايتمکاي حبيب مينينک
علاجي قايدا قاپار در ديمـﮧ طبيب مينينک
وصال ياري منکا قيلماس ايردي حق روزي
از لدين اي دل اکر بو لماسـﮧ نصيب مينينک
شراب لعلينک ايچوپ مست او لندي اي ساقي!
مگر که کير مکاي ايلکيمکا هيچ رقيب مينينک
روا مي دور ديمکاي سين مينک او چون هرکز
نيچو کدور ور غم هجر يمدين اول غريب مينينک
يوزيني (کاتبي) کور کاج هـــزار عــشوه
بيلان
قول ايتمدي کو نگلومي اول شوخ دلفريب مينينک
(34) (ص 44)
ٻيو غزل آهي:
لمؤلفـﮧ
وصل اميدم يوق مينک مشتاق روي يار مين
آرزو قيلمام بهشتي عاشق ديدار مين
اي طبيبم ايشيکينک دارالشفا سيدين منکا
شربت لعلينگني بير درد ينگ بيلان بيمار مين
عقل و فکر و صبر و هوشيم قيلدي يغما عشق يار
واديء هجرانده قالديم ني قيلاي ناچار مين
مجلس حاضـﮧ رقيب روسيـﮧ ني چا للمـﮧ
ساقيا شکل قبيحيدين آنينک بيزار مين
”کاتبي“ خسرو بوليدر نظم ارا شيرين کلام
وصف لعل يار بير لـﮧ مين شکر گفتار مين (35)
(ص 44_ 45)
بادشاهه منهنجو ڪلام ٻڌي تمام خوش ٿيو.
مون پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ موڪل گهري، ليڪن
منهنجو عرض قبول نه پيو. مون حقير کي بادشاهه هڪ
لک رپيا خرچ لاءِ ۽ پرڳڻو (پر گنـﮧء خرچـﮧ) جاگير
طور آڇيو، ليڪن آءُ انڪاري ٿيس ۽ موڪل تي اصرار
ڪيم. جواب مليو ته ”گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال توکي هتي
رهڻو پوندو!“ مون عرض ڪيو ته ”مون حقير کي پنهنجي
سعادت واري بادشاهه گجرات جي ڪفارن سان جنگ لاءِ
موڪليو هو، ليڪن آءُ طوفان ۾ اچي ويس ۽ منهنجو
جنگي ٻيڙو ديار هند جي ويجهو غرق ٿي ويو. هاڻي
خاڪسار جو فرض آهي ته پنهنجي بادشاهه وٽ پهچي ۽
کيس حقيقت حال کان واقف ڪري. مون کي يقين آهي ته
گجرات پڪ ئي پڪ سان ڪافرن هٿان ڇڏائبي.“ اهو ٻڌي
هُن (همايون) پنهنجو خاص ايلچي بادشاهه ڏانهن
موڪلڻ گهريو:
(ميرڪ)
قال فخر الانام والامم اتقواعن مواضع تهمم
(36)
(ص 45)
ليڪن آءُ راضي نه ٿيس، انديشو هو ته
بادشاهه ضرور خيال ڪندو ته آءُ پاڻ انهيءَ تجويز
جو محرڪ ٿيو آهيان. آءُ پنهنجي ارادي تي قائم
رهيس. نيٺ منهنجي موڪل منظور ٿي، پر ٽن مهينن ترسڻ
لاءِ چيو ويو، ڇاڪاڻ ته برسات (برشگال) جي موسم
شروع ٿي چڪي هئي ۽ بارش ۽ طوفان سبب رستن تان
اُڪرڻ مشڪل هو. انهيءَ عرصي ۾ چيو ويو ته آءُ چنڊ
۽ سج گرهڻ جي حساب ڪرڻ ۾ مشغول رهان ۽ انهن جي
نجومين کي سج جي گردش ۽ خط استوا جا نُڪتا پڙهڻ ۽
سمجهڻ ۾ مدد ڏيان (عمل کسوف و خسوفي زيچه و تقويم
کلي مراجعت اولمدن اسطرلاب)، ۽ انهيءَ کان پوءِ
آءُ پنهنجي سفر جي شروعات ڪري سگهان ٿو.
اهي سڀيئي ڳالهيون نهايت گنڀيرتا ۽
فهميدگيءَ سان چيون ويون، جنهنڪري مون کي ٻيو ڪوبه
چارو ڪونه ٿيو، ۽ لاچار ٿي پنهنجي قسمت تي شڪر ڪري
ويهي رهيس. مون سپرد ڪيل سمورو ڪم جلدي جلدي ڪري
ختم ڪيو. اتفاق سان انهن ۾ آگرو فتح ٿيو، جنهن جي
مناسبت سان مون هيءَ تاريخي نظم چئي:
لمؤلفـﮧ
فلک رفعت همايون شاه غــــــازي ســــالور
پـــــرتـــو لواسي مهرو ماهـﮧ
ييتشتي هند کي قيلدي دهلي ني فتح نــــزول
ايــــــتــــــي حـــصار دين پناهـﮧ
يياردي نيجـﮧ خان ني اگره ساري بيريب کوب
استمــالت لار سپاهـﮧ
دوام دولـتيدا فتحي انــــــيــــــنــــک ميسر
بــــــــولـــــــــدي منت اون الاهـﮧ
ايتي انکابير ايکسکلي تــــــاريـــخ مبارک
بولسون آگره پادشاهـﮧ (37)
(962هه) (ص 46)
اها تاريخ ڏاڍي پسند ڪئي ويئي ۽ جلد ئي
مشهور ٿي ويئي.
انهيءَ موقعي تي هڪ ڏينهن سلطان محمود
بکريءَ جي ڳالهه نڪتي، مون صلاح ڏني ته ساڻس
عهدنامو ڪرڻ گهرجي. منهنجو اهو التماس قبول ڪري
بادشاهه عهدنامو لکرايو، ۽ ان تي پنهنجي شاهي مهر
(طغرا) رعفران سان هڻي، اهو سلطان محمود ڏانهن
اماڻيو ويو.
سلطان محمود ۽ سندس وزير ملاياريءَ خوش
ٿي شڪريي جا خط مون ڏانهن موڪليا، جيڪي هن ريت
آهن:
سلطان محمود جو خط
اشتياق و آرز مندليق لاردني سونگ سوز اوليکم تايق
محب دولت ملاقات و سعادت مقالات دين محروم بولدي.
کيجـﮧ بوفکر و ذکر دا ايدي کيم يا رب قاجان بولفان
کيم اول سعادت پناه حضرت پادشاه ظفر دستکاهينک در
کاهيدا هر سوزينـﮧ بو فقير ديننک اراسيرا
دولتخواليق بابيد اونوب تور عرضفـﮧ يتيکو روب هر
قيل و قالي کيم اول مجلس عاليدا او پکاي بارچـﮧ ني
مشروح بينيپ بويتيپ ساري يبار گاي لار. بواثناده
آدم کيليپ تاج خاصـﮧ و مفتوح تون کيتو روپ فرمان
و عهدنامـﮧ ني بيرديلار؟ چون حضرت پادشاه دين پناه
نينگ مبارک پنجـﮧ لاريني اول فرمان يوزيدا بو
فقير کوردي بيلدي کيم بونيابت اول سعادت پناه نينگ
دور:
زعفر انليغ پنچـﮧ سي کون پنچـﮧ سيني قيلدي پست
بومثل مشهور دور کيم دست بر بالاي دست
و اول فرمانينک حاشيه سيدا پادشاه دين پناه اوز
لاري کلک گوهر نثار لاري بيلان مرقوم قيليب
ايرديلار کيم وحيدالدهر فريد العصر امير سيدي علي
باري سوز و نک ني عرضفـﮧ يتيکوردي و درجـﮧء قبول
ثاپتي ديو ببوريلش انشاءالله بو رابطـﮧ که سيزنينک
بيزنينک ارامزدا دينادا کيم نصيب بولوب تور آخرت
تـﮧ هم يوز مونجـﮧ بو لغاي (38)
(ص 46_ 47)
انهيءَ محبت آميز عبارت سان خط پورو ڪيل آهي.
ملاياريءَ جو خط هي آهي: (39)
|