سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :23

 

 

سنڌ جو پھريون زرعي سڌارڪ، شاه عنايت صوفي

 

خونــــــي نه کرده ايم، کسي را نه کشته ايم؛

جرمم ھمينست، عاشق روي تو گشته ايم.

 ٻارھين صدي ھجريءَ جي سنڌ، بيپناھه مصيبتن، آفتن، ڌارين جي حملن ۽ پنھنجن جي نفاق ۽ اختلاف ۾ مبتلا ھئي. مغلن جي غلاميءَ جو طوق، مرڪز جي ڪمزور ٿيڻ سبب، اگرچه ڍرو ٿي چڪو ھو، ليڪن ان ھوندي به سندن گورنر ھڪٻئي پٺيان ٺٽي مٿان جلد به جلد مقرر ٿيندا ۽ ايندا رھيا. صوبيدارن ڏٺو ٿي ته سندن اقتدار جا پويان پساھه آھن، تنھنڪري جيڪي پُڳن ٿي، سو ميڙي چونڊي پنھنجا گهر ٿي ڀريائون. پنھنجي نابود حالت ڏسي، نيٺ مغل حڪومت کي اتر سنڌ، سيوي کان سيوھڻ تائين، ڪلھوڙن کي ٺيڪي تي ڏيڻي پيئي.

        سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل ھيون، باھمي نفاق، مسھائپ ۽ حسد، بغض ۽ عناد جي باوجود به، سنڌ جي غريب عوام تي انھن ئي سڀني قوتن جو گڏيل قبضو ھو. جنھنڪري ھتان جي رھاڪن جو جسم غلام، ذھن مفلوج، ڪڇڻ پڇڻ جي قوت سلب ۽ سڀيئي انساني حق کانئن کسيل ھئا. سنڌ ھڪ عجيب وغريب بحراني ڪيفيت ۾ مبتلا ھئي، ۽ بيان ڪيل حالتن، سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان زيادھه زبون ۽ بدتر ڪري ڇڏي ھئي. آب _ رسانيءَ جو سلسلو پوريءَ ريت ڪونه ھو ۽ نه چارن پيچرن کان سواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام رستا ۽ شاھي سڙڪون ھيون. افلاس، تنگدستي ۽ بک پيڙا انتھا تي پھچي چڪي ھئي. ڪنھن به مظلوم جو سڏ واڪو ڪونه ٿي سُڻيو!

        اھو ھو سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حال، جنھن وقت جھوڪ جو شاھه عنايت صوفي، جيڪو تصوف ۽ طريقت جي تعليم لاءِ دکن ويل ھو، سو اتان موٽي سنڌ اندر پنھنجي ٿاڪ يعني جھوڪ شريف ۾ اچي پھتو.

        عالمگير ڪم و بيش پنجويھه ورھيه حيدرآباد دکن جي مسلم رياستن کي تھه و بالا ڪرڻ ۾ گذاريا. شاھه عنايت صوفي انھيءَ جنگ و جدل، ڪشت و خون ۽ مسلسل تباھين ۽ بربادين جا ڪيئي نظارا پاڻ اکين سان ڏسي چڪو ھو ۽ ڪنن سان ڪيترا خوني داستان ۽دردناڪ ڪھاڻيون خود انھن مظلومن جي واتان ٻڌيون ھئائين، جن مٿان اھي ويل وھيل ھئا.

        غلبي، قوت، تشدد، بي انصافيءَ ۽ انسانذات جي مظلوميت جو احساس انھيءَ وقت سندس فڪر ۽ ذھن تي نقش ٿي چڪو ھو، جڏھن پاڻ دکن ۾ ھو. ويتر جو سنڌ ۾ پھچي ھن عوام جي ھيءَ زبون حالت ڏٺي، تنھن کيس سخت حساس ۽ رنجيدو بنائي ڇڏيو.

        سندس خاندان مدتن کان معزز ۽ محترم ھو. خدا آگاھي انھيءَ خاندان جي خمير ۽ ضمير ۾ موجود ھئي. خانقاھه موجود، مسند قائم ۽ مريدن جو وڏو گروھه انھيءَ پراڻيءَ گهراڻي سان وابسته ھو. مغليه دستور مطابق انھيءَ خاندان کي ڍل جي معافيءَ سان پنھنجي ڳوٺ جي پسگردائي ۾ زمينون پڻ مليل ھيون، جن تي سندن بزرگن جو گذارن ھو.

        شاھه عنايت صوفي دکن مان موٽي اچي جڏھن پنھنجي بزرگن واريءَ مسند تي ويٺو، انھيءَ وقت ھن عبادت اِلاھيءَ سان گڏ خدمت خلق جو پڻ سلسلو سٽيو، جيڪو عبادت الاھيءَ جو حقيقي مفھوم به آھي.

        زميندار ۽ ھاريءَ جي وچ ۾ انھيءَ وقت ڪو قانون يا حدون مقرر ڪونه ھيون. جيڪڏھن زميندار ڏاڍو آھي، ته پوک جا ٻيئي سرا سندس گهر پھچندا ھئا ۽ ڏوھاري اوڇڻ ڇنڊي ديري مان نڪرندو ھو، ۽ ھونئن به دستوري طرح قرضن ۽ ٻين ڏيتين ليتين سبب بٽائيءَ بعد ڪڙميءَ جي پلَوَ ۾ مشڪل سان ڪي داڻا پوندا ھئا. اھوئي سبب ھو، جو سنڌ جو ھاري آواره نشينن وانگر ڪٿي به پڪيءَ طرح رھي نه سگهندو ھو. بک ۽ افلاس کي دور ڪرڻ لاءِ ھو ھڪ ھنڌان لڏي ٻئي ھنڌ، اميدن پٺيان اميدن جا جھوپڙا اڏيندو ۽ مايوس ٿيڻ بعد ڊاھيندو وتندو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو، جو سنڌ جو مجبور طبقو زمين جي پيدائش تان آسرو لاھي، پيٽ گذارن جي ٻي ڪا راھه نه ڏسي، پنھنجي پنھنجي ٻارن جي بک دور ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي اخلاقي گناھن ۾ مبتلا ٿي ويو ٿي _ جھڙوڪ ڌاڙا ھڻڻ، چوريون ڪرڻ، کاٽ ھڻڻ ۽ مال ڍڳي جي ٻڌ _ ڇوڙ. اھي اخلاقي پستيون سڀ انھيءَ ڀيانڪ معاشري جون پيداوار ھيون، جنھن ۾ اقتصادي حالت ھٿ سان غير متوازن ۽ ڊانواڊول ڪئي ويئي ھئي.

        شاھه عنايت صوفي پھريون ماڻھو ھو، جنھن انھيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي دکن کان ايندي شرط شدت سان محسوس ڪري، پنھنجي آبائي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏيئي، پيداوار تي مساوي حق ۽ حصي جي رٿا تي، ۽ مريدن، ڳوٺاڻن ۽ پاڙيسرين کي گڏي، انھيءَ اسڪيم تي عملي قدم کنيو. سندس ڳوٺاڻا، سندس اھل خاندان ۽ سندس مريد يا ھاري ناري گڏجي زمين ۾ ھرَ ڪاھيندا ھئا، آمدنيءَ ۽ پيداوار تي سڀني جو گڏيل حق ھو ۽ ونڊڻ وقت ھر ڪو ھڪجيترو آن ورھائي کڻندو ھو. اھو تجربو بيحد ڪامياب ٿيو. انھيءَ رٿا ۾ شامل ٿيل ماڻھو مطمئن ٿي ويا ۽ سندن اقتصادي حالت سڌري ويئي، ھرڪو ريان کيان ڏسڻ ۾ آيو ٿي.

انھيءَ نئين ۽ انوکي طريقي ڪار، پاسي پلؤ جي مفلس ۽ بکئي عوام جو توجه پاڻ ڏانھن ڇڪايو، چنانچه تنگدست ۽ بکايل ھاري اوسي پاسي جي زميندار جي زمينن کي ڇڏي، پنھنجي لڏکڻي جھوڪ جي ”مشترڪ اقتصادي نظام“ ھيٺ اچي ڏسڻ ۾ آيو ٿي .

        زميندارن لاءِ اھو عمل وڏي خطري جو سبب ھو. نه فقط عوام تان سندس اثر ختم ٿيو ٿي ۽ سندن زمين کي آباد ڪرڻ ۾ ڪنھن دلچسپي ڪانه ٿي ورتي، بلڪ انھيءَ کان وڌ سندن لاءِ اھا تباھي ھئي، جو ھنن جيڪا ڪاڪ ٺاھي ھئي ۽ جيڪو ٽڪساٽ حڪومت جي آڌار تي اڏيو ھئائون، سو سمورو شاھه عنايت جي انھيءَ رٿا سبب عنقريب ڊانواڊول ۽ ڊھڻ وارو ھو.

پاڙيسري جاگيردار، زميندار، وڏيرا، پير خواھه خانقاھي، پرائيءَ پيدائش تي پلجدڙ پڳدار ۽ مسند نشين انھيءَ انقلاب ۽ لڏپلاڻ سبب بنھه مڇرجي پيا. بلڙيءَ ۽ جھوڪ جي ڀر وارا پليجا ۽ پير انھيءَ پيدا ٿيندڙ قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. مختلف سازشون سٽيائون. ڪلھوڙن پڻ فقيري روپ ۾ سنڌ اندر نروار ٿيا ھئا. اڌ سنڌ ٺيڪي ۾ کڻي چڪا ھئا، باقي سنڌ تي سندن نگاھون ھيون. شاھه عنايت جي قوت انھن جي پروگرامن کي ڊاھڻ لاءِ پڻ ڪو گهٽ خطرو ڪانه ھئي . الغرض، آھستي آھستي، سڄا پاڙيسري، شاھه عنايت ۽ سندس حلقي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجا سمورا نفاق، عداوتون ۽ اختلاف وساري، متحد ٿي ويا. پھرين دھليءَ ۾ درخواستون ڪيائون، پوءِ ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان جي ذريعي مرڪز جي اميرن ۽ وزيرن جا ڪَن ڀريائون. شاھه عنايت خلاف فرخ سير بادشاھه تي ھي اثر ويھاريو ويو ته سندس اھا تحريڪ خانقاھي ۽ درويشي نه، بلڪ دراصل حڪومت جي خلاف ھڪ مڪمل بغاوت جي تحريڪ آھي. ھو ماڻھن کي انھيءَ لاءِ تيار ڪري رھيو آھي ته ھڪ ڏينھن انھن جي ذريعي مغل حڪومت سان جنگ جوٽي، سنڌ کي آزاد ڪرائي ۽ پاڻ ان جو سلطان بڻجي ويھي! شاھه عنايت جي خلاف اھا سازش ايڏي وڏي پئماني تي رٿيل ھئي، جو ھو پنھنجن خانگي ماڻھن کي دربار ۾ موڪلي به ان جي صفائي ڪري ڪونه سگهيو. فرخ سير زوال پذير بادشاھت جو پر _ وھيڻو جاءِ نشين، جيئن ته ڪمزور، پر ٻڌڙيو ۽ ڪنن جو ڪچو ھو، تنھنڪري ھن جي انھيءَ ڪمزوريءَ کان مخالفن ۽ اعظم خان گڏجي پورو فائدو ورتو ۽ ھن کان شاھه عنايت سان جنگ جوٽڻ جو پروانو حاصل ڪري ورتائون.

        جھوڪ جي مرڪز جي تباھيءَ ۾ تنھا شاھه عنايت جو سوال نه ھو، ھي انھن سڀني مفلسن ۽ مظلومن ۽ بکايل انسانن جي موت ۽ زندگيءَ جو مسئلو ھو، جيڪي ھِتان ھُتان جي زمينداري آڙاھه مان نڪري شاھه عنايت جي رٿيل ” اقتصادي نظام“ ھيٺ ڪجھه وقت کان سک جو ساھه کڻي رھيا ھئا. جيڪڏھن اھو نظام درھم برھم ٿيو ٿي ته سندن لاءِ وري ساڳيو اونداھه ۽ انڌوڪار ھو. يعني اھو افلاس، اھا بک، اھا غلامي ۽ اھا ئي ذلت، خواريءَ ۽ خجالت واري زندگي!

سبيءَ، اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جي سڀني جاگيردارن ۽ زميندارن جو جڏھن ڪٽڪ اعظم خان جي ڪمان ھيٺ ڪاھي اچي جھوڪ مٿان ڪڙڪيو، ان وقت شاھه عنايت ۽ سندس ساٿين ”الارض للـﮧ، جو نعرو ھڻي، پنھنجي مساوي ۽ گڏيل ملڪيت کي بھر صورت بچائڻ جو فيصلو ڪيو. جڏھن جنگ جي نوبت آئي، تڏھن مردانه وار پنھنجو بچاءُ ڪيائون ۽ ايڏيءَ بي جگريءُ سان پنھنجي مدافعت ۾ سينا تاڻي اڳتي وڌيا، جو ھيڏي ساري لشڪر جا بنھه ڇھه ڇڄي پيا.

       اھو ياد رکڻ گهرجي ته دستوري طرح انھيءَ لشڪر کي به مذھبي پيشوائن جي پشت پناھي حاصل ھئي. انھيءَ دور جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھه عنايت جي مٿان ڪفر جون فتوائون حاصل ڪيون ويون ھيون ۽ کيس پنھنجي سڄيءَ جماعت سميت بي دين ٺھرايو ويو ھو.

        بھرحال مقابلي ۾ زور آورن ۽ زبردستن جو لشڪر کانئن کٽي ڪونه سگهيو. نيٺ ٻيو چارو نه ڏسي، صلح جي بھاني سان، اعظم خان شاھه عنايت کي پاڻ وٽ اچڻ آماده ڪيو، جيئن صلح جا شرط روبرو طيء ڪري، ۽ شاھي ڪٽڪ پٺتي موٽي وڃي.

        شاھه عنايت جي دل ۾ فتور ڪونه ھو ۽ نه ڪا فتني جي خواھش ھئي . تنھنڪري ھو سواءِ ڪنھن شڪ شبھي جي اعظم خان وٽ ھلي اچي پھتو. ڏاڍي جي ڪردار ۾ وعده خلافي ۽ ڌوڪو ڏيڻ پڻ وصف ٿي شمار ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته فريب، دغا ۽ ڌوڪو شڪست خورده زور آور قوت جو آخري ھٿيار آھي! جڏھن اعظم خان ۽ زميندار شاھي گڏ ٿي به شاھه عنايت کي زير ڪري ڪونه سگهيا، تڏھن ھنن انھيءَ ھٿيار کان ڪم وٺي کيس پاڻ وٽ آڻي گرفتار ڪيو. گرفتاريءَ بعد جھوڪ جي سڄي ڳوٺ، حويليءَ جي ڪوٽ ۽ ھارين نارين جي جھڳين ۽ جھوپڙن کي تھس نھس ڪري، ھڪ طرف انھيءَ مرڪز جو بنياد ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ويو ته ٻئي طرف شاھه عنايت صوفيءَ کي پابه جولان ڪري، ٺٽي وٺي وڃي ساڻس اھو ئي ڪيائون، جيڪو منصور جو مَرڪ ھو يا جيڪو سرمد سان ٿي چڪو ھو.

        شاھه عنايت جو ڪو ڏوھه ڪونه ھو، ھن گهريو ٿي ته سنڌ ۾ اقتصادي نظام اھڙي نموني رائج ٿئي، جيڪو سنڌ جي رھاڪن لاءِ ھڪجھڙو ۽ ھڪجيترو روزگار ميسر ڪري. غير متوازن نظام معيشت ختم ٿئي ۽ ماڻھن جا جسم، ذھن ۽ فڪر زبردستن جي زنجيرن جي جڪڙ مان آزاد ٿين. اھو نه خدا جو ڏوھه ھو ۽ نه اسلام جي انحرافي! بلڪ اھو عين اسلام ھو. اھو اسلام جيڪو اسان جي رسول محمد مصطفى آندو. بھرحال تيرھن سؤ ورھيه اسلام جي انھيءَ روح کي زماني ۽ وقت جون قوتون ڪچليندريون رهيون آهن. هتي سنڌاندر به اهو روح شاهه عنايت جي صورت ۾ ڪچليو ويو. پر جن انھيءَ روح کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آخر اھي پاڻ به جلد ئي فنا ٿي ويا. نادرشاھه جي ڪاھه، افغانن جو ڪٽڪ ۽ مددخان پٺاڻ جي گهَل يقيناً انھيءَ بيگناھه خون جو نتيجو آھي، جيڪو شاھه عنايت جي سسيءَ مان، ڌڙ کان ڌار ٿيڻ وقت، نارا ڪري اعظم خان جي پيرن ۾ ڪريو ھو.

  ديدي که خون ِ ناحق ِ پــــروانه شمــــــع را

چندين امان نه داد که شب را سحر کند

                                [”سجاڳي“ _ مارچ 1970ع]

 

لڪياري سادات

تاريخي پس منظر: تحفـة الڪرام جي روايت آهي ته بغداد جي خليفي (؟) چوٿين صدي هجريءَ ۾،ڇٽي امراڻيءَ  جي داد طلب دانهن تي، سامره مان سيد علي موسوي (بن سيد عباس، بن سيد حسين، بن سيد ارشد،بن سيد زيد، بن سيد جعفر، بن سيد عمران، بن سيد ھارون، بن سيد عبدالله الاشرف، بن سيد قاسم، بن سيد عبدالله، بن امام حضرت موسى ڪاظم) کي سؤ سوارن سان دلوراءِ جي گوشماليءَ لاءِ ڏياري موڪليو.

        سيد صاحب پھچي، ان کان اڳ ئي ڇٽي امراڻيءَ جي دانھن جو داد دربار باري تعالى مان ٿي ويو. نه الور رھيو، ۽ نه دلوراءِ جي ننگري قائم رھي. ٻيئي شھر غضب الاھيءَ ھيٺ تھه و بالا ٿي ويا. اتفاق چئجي يا منشاءِ ايزدي، پاڻ دلوراءِ بچي ويو، ۽ سيد صاحب جيئن عراق کان سنڌ اندر پھتو، تيئن ئي دلوراءِ سندس خدمت ۾ پھچي، پنھنجي ڪئي تي پشيمان ۽ توبه تائب ٿيو، ۽ پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ به سيد جي سپرد ڪيائين. سيد پنھنجو مرڪز لڪيءَ کي بڻايو، جنھنڪري ”عليءَ “ جي پٺيان اھا سرزمين ”لڪعلويءَ“ جي نالي سان مشھور ٿي، ۽ دلوراءِ جي نياڻيءَ مان جيڪو اولاد ٿيو، سو ”لڪياري“ ساداتن جي عرف سان نه فقط انھيءَ زماني ۾ منسوب ٿيو، بلڪ صدين گذرڻ بعد اڄ به ساڳيءَ ئي نسبت سان معروف آھي.

        اھو آھي انھيءَ روايت جو اجمال، جنھن کي مير علي شير ’قانع‘ تحفتـﮧ الڪرام ۾ محفوظ ڪيو آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ انھيءَ خاندان جو شرح حال سواءِ انھيءَ ھڪ ڪتاب جي، ٻئي ڪنھن ۾ آيل ڪونه آھي. مير ’قانع‘ نون صدين جو اھو پراڻو مذڪور، 1181ھه ۾ ڪنھن کان ٻڌي لکيو، ڪٿان آندائين، ڪير راوي آھي، ان جو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو اٿائين؛ فقط ”قيل“ جو لفظ لکي، روايت کي لکي ويو آھي، جنھن جي معنى آھي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو.“

        انھيءَ روايت جي سلسلي ۾ ھيٺيان نڪتا قابل غور آھن:

1_ سامرو، جنھن مان سيد صاحب ڪمڪ وٺي سنڌ ڏانھن اُسھيو، تنھن جي تعمير معتصم باالله (خلافت 19 رجب 218ھه وفات 20 ربيع الاول 227ھه)_ سال 221 ۾ ڪري، بغداد جي بجاءِ خلافت جو مرڪز ۽ فوج جو ھيڊ ڪوارٽر ڪيو. ڪم و بيش سٺ سالن بعد 279ھه ۾، معتمد علي اللـﮧ (256_ 279ھه) سامري مان مرڪز کڻي، وري وڃي بغداد کي وسايو.

چوٿين صديءَ ۾، جنھن ۾ سيد عليءَ جو اتان فوج وٺي ھيڏانھن اچڻ بيان ڪيو وڃي ٿو، سامرو ويران ٿي چڪو ھو، سرڪاري عمارتون ۽ فوجي بيرڪون ڊھي ڦٽي ويون ھيون، چند باغ، ھڪ جامع مسجد ۽ ڪي ساداتن جا روضا وڃي بچا ھئا. اھو وسھڻ مشڪل آھي ته چوٿين صديءَ ۾، جڏھن ته نه سامارو خلافت جو مرڪز ھو، نه فوجي اڏو ھو، ۽ نه آباد ۽ شاداب ھو، ڪا فوج وٺي سيد علي سنڌ ڏانھن ھليو ھجي.

جيڪڏھن چوٿين صديءَ واري روايت کي پٺتي ھٽائي، ٽين صديءَ جي مٿي ڏيکاريل عرصي اندر سيد عليءَ جي آمد کي تصور ڪيو وڃي، ته ان حالت ۾ پڻ اھو باور ڪرڻ مشڪل پيو لڳي ته ھو فوجي ڪمڪ کي وٺي سنڌ ۾ آيو ھوندو. انھيءَ دور ۾ سنڌ خود عربن جي مضبوط حڪومت موجود ھئي، خلافت طرفان ھتي گورنر، فوج ۽ ٻئي سموري شاھي لاءُ لشڪر سميت موجود ھئا. اھڙيءَ حالت ۾ ڇٽي امراڻيءَ جو سنڌ جي عرب حڪومت کي ڇڏي بغداد ڏانھن دانھن کڻي وڃڻ ۽ بغداد جي خليفي جو ھتان جي گورنر کي در گذر ڪري، ايتري دور دراز ملڪ تي فقط ھڪ سؤ سپاھين سان سيد کي موڪلڻ، ڪھڙيءَ ريت مناسب ۽ موزون ٿي سگهي ٿو؟

ازنسواءِ سنڌ اندر ، جڏھن ته عربي حڪومت چئن ڪنڊن تي قابض ھئي، ان حالت ۾ اروڙ ۽ برھمڻ آباد تي ھڪ غير مسلم حاڪم دلوراءِ جو قبضو ڪھڙيءَ ريت ٿيو. برھمڻ آباد جي ڀڪ سان عربي حڪومت جو مرڪز منصوره موجود ھو، جتي سنڌ جو عربي حاڪم رھندو ھو. اروڙ پڻ انھيءَ زماني ۾ عرب قبيلن جو مستحڪم رھائش گاه ھو. ھڪ غير مسلم جو اھڙين حالتن اندر اقتدار حاصل ڪرڻ، ۽ اقتدار به اھڙيءَ قوت جو، جو کيس نيچي نوائڻ لاءِ ھڪ فرياديءَ جو سنڌ جي حڪومت ۾ آسرو نه رکي خليفي تائين پھچڻ، قطعي نه وسھڻ جھڙو معاملو ۽ ھڪ بي معنى ڳالھه آھي.

        تحفـة الڪرام ۾ ھڪ جاءِ تي اھو پڻ لکيو ويو آھي ته سيد صاحب سان جيڪي سؤ سپاھي آيا، سي سامره جا سومرا ھئا _ حالانڪه سنڌ جي تاريخ دانن کي اھو معلوم آھي ته سومرا خواه سما ٻيئي عربي نسل جا قبيلا نه پر ھتان جا مقامي خاندان ھئا.

        مٿين نڪتن جي بناءَ تي، مير قانع جي بيان ڪيل لشڪر ڪشيءَ واري روايت ۽ اھا به سامري مان چوٿينءَ صديءَ اندر، وسھڻ جوڳي نه آھي.

        اسان جو ذاتي خيال آھي ته چوٿين صديءَ ۾، سيد صاحب ڪنھن به فوجي مقصدن سان نه، بلڪ ديني صلاح جي لحاظ سان، يا سامري جي تباه ٿي وڃڻ سبب، ترڪ وطن ڪري ھتي وارد ٿيو ھوندو . ساڻس جيڪي ھڪ سؤ سپاھي چيا وڃن ٿا، سي فوجي افراد نه بلڪ سندس مريد ۽ معتقد يا چئجي ته سندس سنگتي ساٿي يا اوڙي پاڙي جا متعلقين ھوندا .

دلوراءِ جي سلسلي ۾ مير قانع جيڪا روايت بيان ڪئي آھي، ان جي حيثيت سنڌي تاريخ جي لحاظ سان تمام اھم آھي، ڇاڪاڻ ته انھيءَ روايت جي دامن سان سنڌ جي ٻن عظيم ۽ تاريخي شھرن جي تباھيءَ جو داستان وابسته آھي.

انھيءَ روايت جي روئداد ھن ريت آھي ته دلوراءِ ولد آمر (آمر، جنھن جي نالي پٺيان ”آمريءَ“ جو شھر آباد ٿيو) اروڙ ۽ برھمڻ آباد جو حاڪم سخت ظالم ۽ زناڪار ھو. ٻيا ته ڪيئي ڪڌا ڪرتوت ھئس، ليڪن ھو پنھنجي سڳي ڀاءُ جي گهر واريءَ سان به ھٿ چراند ڪرڻ مان ڪين گٿو. ڀاڻس ڇٽو امراڻي جڏھن مسلمان ٿي، عرب مان فاطمه نالي ھڪ نينگريءَ سان نڪاح ڪري، ڳوٺ پھتو، تڏھن دلوراءِ مائيءَ جي ست وڃائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن تي ڇٽو رات ڪري ڳوٺان ڀڳو. سيوھڻ ۾ ٻار ڇڏي پاڻ عراق ھليو ويو. اتان جيسين فرياد جو داد لھي موٽي، تنھن کان اڳ پھريان اروڙ ۽ پوءِ برھمڻ آباد قھر الاھيءَ ھيٺ اچي تباھه ٿي ويا.

        دلور جي ڍيرن ۽ ڇٽي امراڻيءَ جي مزار موجود ھجڻ سبب، انھن ٻن شخصيتن جو ھجڻ ته تسليم ڪري سگهجي ٿو، ليڪن اھو تعجب ضرور ٿئي ٿو ته جنھن دلوراءِ جي ڪڌن ڪمن ڪري ٻن عظيم شھرن تي قھر الاھي نازل ٿيو، ۽ ھزارين بي گناه انسان ۽ سوين پالتو جانور اجائي آوي ۾ شھر جي دڙن ھيٺ دٻجي ويا، اھو اصلي گهنگار دلوراءِ پاڻ وري به صحيح سلامت بچي ويو ۽ نه فقط پاڻ بچيو ليڪن انھيءَ ظالم جو غالباً سمورو گهر ٻار پڻ محفوظ رھجي ويو. ليڪن جڏھن سيد علي رحمـة اللـﮧ عليـﮧ عراق کان آيو، تڏھن ھن پنھنجي وڏور نياڻي، سيد صاحب جي عقد ۾ آڻي، نجات اخروي حاصل ڪئي.

        سنڌ جي قديم تاريخ انھيءَ قسم جي روايتن سان ڀرپور آھي، رب ڪريم ڄاڻڻھار آھي ته مٿي ڏيکاريل روايتن جي نوعيت ڇا آھي؟ انھيءَ روايت جي ٽن ڪردارن يعني دلوراءِ، ڇٽي ۽ حضرت سيد عليءَ جي شخصيتن جو پاڻ ۾ تعلق ڪھڙو آھي. بھرحال دلوراءِ جي ننگري ”دلور جي دڙن“ ۾ موجود آھي؛ سيد عليءَ جو اولاد لڪياري ساداتن جي نسبت سان سنڌ جي سڀني حصن ۾ اڄ تائين ھليو اچي ٿو، ۽ مائي فاطمه سميت ڇٽي امراڻيءَ جي قبر پڻ سيوھڻ ۾ ھن وقت زيارتگاه خاص و عام آھي، جنھن تي شاھجھاني دور جي ھڪ دين پرور حاڪم ديندار خان ، ھيٺيون ڪتبو لڳارائي ڇڏيو آھي:

بــــــدور شــــــھــــنــــــشــــــاه شــــــاهه         خديوي خردمند صـــــاحــــــب قــــــرآن

چوخلد برين روضـﮧ شھه ڇٽه   بنــــــــا کــــــرد نــــــواب دينــــــدار خــــــان

ز سال بنايش طلب داشتـــن    ”بھشتي بروي زمين“ گفت عثمان

                                                (1042ھه)

لڪياري سادات: جيستائين سيد عليءَ جي سنڌ ۾ آمد جو تعلق ھو، اوستائين جو تاريخي پس منظر مٿي پيش ٿي چڪو آھي، ان کان زياده نه مير قانع بيان ڪيو آھي ۽ نه ڪنھن ٻيءَ تاريخ ۾ اسان جي نظر مان گذريو آھي.

        سيد عليءَ جي سلسلي ۾، اھو پڻ معلوم ٿي نٿو سگهي ته سندس انتقال ڪٿي ٿيو، ۽ سندس مزار آھي به يا نه. البت سندس اولاد جو ذڪر پنھنجي دور تائين مير قانع ڪيو آھي، ۽ ڪن لڪياري مشاھيرن جي مختصر احوال کي پڻ پنھنجي تاريخ ۾ حسب دستور نھايت اختصار سان جاءِ ڏنائين، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ گهراڻي جيد علماء، ۽ باڪمال اھل اللـﮧ پيدا ڪيا. حضرت شاھه صدر عليـﮧ رحمه، جنھن کي قانع _ ”صاحب آيات باھره و ڪرامات ظاھره ، ولي وقت، سرخيل مشائخ روزگار، فخر سادات، جامع البرڪات“ _ لکيو آھي، سو انھيءَ گهراڻي جو وڏي ۾ وڏو اولياءُ ٿي گذريو آھي.

        سيد عليءَ کي، معلوم نه آھي ته دلوراءِ جي دختر مان يا ڪنھن ٻئي محل مان، جملي چار فرزند ٿيا:

        1_ سيد محمد، 2_سيد مراد، 3_ سيد حاجي عرف سيد ڀرڪيو، 4_ سيد چڱو.

        تحفـة الڪرام جي روايت مطابق پھرئين فرزند سيد محمد جو فرزند حضرت سيد شاه صدر عليـﮧ رحمه ھو. چوٿين فرزند چڱي جي اولاد مان حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمـة اللـﮧ جو اولاد آھي. سيد چڱو، مير قانع لکيو آھي، ليڪن راشدي خاندان جي ڇپيل شجري ۾ انھيءَ بزرگ جو نالو شاھه ڇڪڻ آندو ويو آھي. اھو نالو پڻ تحقيق طلب آھي، ڇاڪاڻ ته ”ڇڪڻ“ يا ”چڱو“ خالص سنڌي ۽ ديھاتي نالا آھن ۽ عرب کان آيل نو وارد سيد جي پھرينءَ پيڙھيءَ ۾ پنھنجي پٽن تي ديھاتي نالا رکڻ، مثلا سيد ڀرڪيو يا سيد چڱو يا ڇڪڻ بلڪل محل نظر آھن. خاص طرح چوٿينءَ صديءَ ۾ جڏھن ته سيد جتي به ويا، ايران خواھه ھند، يا دنيا جي ڪنھن ٻئي گوشي ۾، اُتي نالا انھن پنھنجي ابن ڏاڏن جا رکيا. سيد ڀرڪئي جو اصل نالو سيد حاجي ھو، ۽ حاجي بطور نالي يا نسبت جي پڻ چوٿينءَ صديءَ ۾ رائج نه ھو.

        نئون مواد: لڪياري خاندان جي سلسلي ۾، 11 صديءَ جي ھڪ ٻئي تاريخي ڪتاب مان پڻ قدري معلومات ملي ٿي. اھو تاريخي ڪتاب ”مظھر شاھجھاني“ آھي، جيڪو مير ابوالقاسم نمڪين (ستين جي ٿان واري) جي فرزند، يوسف ميرڪ، 1044ھه ۾ شاھجھان جي لاءِ سنڌ جي انھيءَ دؤر جي حالات تي تاليف ڪيو.

        ميرڪ يوسف جو والد، سيد نمڪين ۽ ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان (جنھن ٺٽي جي جامع مسجد جوڙائي) سنڌ جي مختلف صوبن تي ڪيئي ڀيرا مغلن طرفان گورنر ٿي رھيا.

        انھيءَ دؤر جي تاريخ جو بيان ڪندي ميرڪ يوسف جيڪو لڪياري ساداتن جو ذڪر ڪيو آھي، سو ھن ريت آھي.

        صحيح النسب سادات: لڪيارن جي صحيح النسب ھجڻ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:

”السادات لڪعلوي بسيار صحيح النسب اند“. (274/2)

        اڳتي ھلي لکي ٿو ته ”ھو ايتري قدر صحيح نسب آھن ۽ پنھنجي نسب تي ناز اٿن، جو پنھنجيون نياڻيون ٻين ساداتن کي سڱابنديءَ ۾ ڪونه ڏيندا آھن.

        ”لڪي، آمري، ۽ ٺٽي ولي محمد جا ڳوٺ انھن ساداتن جا مرڪز آھن، جتي کين زمينون آھن، ۽ وافر مال ملڪيت سندن حصي ۾ آھي.“

        ھمايون ۽ لڪياري سادات: شاھه حسن ارغون جي دؤر ۾، جڏھن شير شاھه سوريءَ کان شڪست کائي، ھمايون سنڌ ۾ (947_950ھه) آيو، ان وقت شاھه حسن سڄيءَ سنڌ کي ويران ڪرائي ڇڏيو ھو _ خاص طرح انھن حصن کي، جن لاءِ کيس احتمال ھو ته ھمايون پنھنجي منزل ڪندو. آباديون ساڙائي ڇڏيائين، کوهه لٽرائي ڇڏيائين، گاھه ۽ ڪاٺين جا ذخيرا ڪجهه ساڙائي، ڪجهه قلعن ۾ بند ڪرائي، اھڙيءَ ريت ملڪ ويران ڪرائي ڇڏيائين، جيئن ھمايون ۽ سندس لشڪر کي نه اَن ملي، نه گاهه ۽ داڻو ملي ۽ نه کين جلائو ڪاٺيون ميسر ٿين، اهڙيءَ ريت ڏڪار ۽ ويراني ڏسي، بادشاھه سنڌ ۾ قيام ڪري نه سگهي.

لڪياري ساداتن جو ان دؤر ۾ ڏاڍو زور ھو، ڀريل تريل ۽ وڏي اثر رسوخ وارا ھئا. اگرچ وقت جي بادشاھه جي پاليسي مختلف ۽ مخالفانه ھئي، ليڪن لڪياري ساداتن ان جي پرواھه نه ڪندي، مھمانداريءَ جا فرائض پوريءَ ريت ادا ڪيا. ھمايون لاءِ ۽ سندس سموري لاءُ لشڪر لاءِ اَن، گاهه، داڻو، ڪاٺيون ڪليون ۽ جانور وغيره مھيا ڪيائون. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:

”خدمت خوب از دست سادات لکعلوي در حق عساکر ظفر

ماثر آمده بود ....... اين جماعـﮧ سادات بجا و مقام خود نشستـﮧ بودند، و از دانه و گاه و بز و گوسفند وغيره اشياي که بمردم سپاه درکار مي باشد، خبرداري ميگرفتند.“  (275/2)

بادشاھه کي سندن اھي خدمتون ڏاڍيون ڀاءِ پيون . ان وقت اگرچه ھو پاڻ غريب الوطن ھو، ليڪن انھيءَ اميد تي ته ڪڏھن نه ڪڏھن وري ھندستان سندس ھٿ ايندو، سيد کي انھيءَ خدمت جي عيوض، جاگيرون ۽ ٻين انعامن اڪرامن جا پروانا لکي ڏنائين:

        ”و حضرت جنت آشياني (ھمايون) خدمتھاي اين جماعـة را ديده، خوشحال شدند، و فرمان عاليشان در باب سيورغال ديھه ايشان عنايت کردند.“ (274/2)

مير نمڪين ۽ سادات: ميرڪ يوسف لکي ٿو ته ”ڪيتري زماني کان وٺي ملڪي مصيبتن ۽ مقامي تڪليفن سبب، ساداتن جو حال ھيڻو ٿي ويو ھو. ھو پنھنجا گهرگهاٽ، ڳوٺ ۽ مال ڇڏي، ڪاھان جي پرڳڻي ۾ منتشر ٿي ويا ھئا. جن ۾ اھا طاقت ڪانه ھئي!، جو ھو موٽي ماڳين اچن ۽ پنھنجا وساڻل وٿاڻ وري وسائين.

مير نمڪين جڏھن سيوھڻ جو صوبه دار ٿي (1009_1013_1017_1019ھه) آيو، ان وقت ساداتن سان ھن ڏاڍا سٺا سلوڪ ڪيا. سڀني کي جدا جدا جاين تان گڏ ڪري، کين پنھنجي اصلي ڳوٺن ۾ آباد ڪيائين ۽ ڍلن جي کين معافي ڏنائين ۽ سندن ويران ٿيل زمينن کي وري آباد ڪري ڏنائين. انھيءَ امداد سبب ھڪ دفعو وري سيد خوشحال ٿي ويا، ۽ سندن ڦٽل مرڪز وري مستحڪم ٿي ويا.

انھيءَ ئي دؤر ۾، مير نمڪين کين صلاح ڏني ته ھو ھمايون وارا پروانا کڻي جهانگير جي درٻار ۾ وڃن، ۽ وڃي پنھنجي لاءِ جاگيرون ۽ انعام اڪرام وٺي اچن. سيد ھندستان وڃڻ جي تيارين ۾ ھئا، جو سندن گهرن کي اوچتو باهه لڳي جنهن ۾ ٻين ٽپڙن سان گڏ اهي شاهي پروانا به ڀسم ٿي ويا.

ويرانيءَ جو سبب: مير نمڪين جي آمد کان اڳ لڪياري ساداتن تي مصيبتون ڇو ۽ ڇاجي ڪري آيون، ھو پنھنجا گهرگهاٽ ڇڏي، ڪاھان جي پرڳڻي ۾ ڇو منتشر ٿي ويا، ان جو تفصيل مير يوسف ڪونه ڏنو آھي. ھڪ ھنڌ فقط اشارتاً جيڪا ڪيفيت ڏني اٿائين، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوھڻ ضلعي جي سميجن ۽ ٽڪر جي ڌاڙيلن جو من وڌي ويو ھو، جن لٽ ڦر ۽ خون ڌاڙن جي ذريعي سڄي صوبي اندر ھيجان برپا ڪري ڇڏيو ھو. سيوھڻ جا صوبه دار ڪمزور ۽ نڪما آيا ٿي، جي نه حڪومت جو رعب قائم رکي سگهيا ٿي ۽ نه صوبي جو انتظام ھلائي ٿي سگهيا، جنهنڪري ڏوهاري قومن جو دماغ خراب ٿي ويو، ۽ هنن سڄي ملڪ کي تاراج ڪرڻ شروع ڪيو.

انهن ئي قومن، بار بار سيدن جي ڳوٺ تي پڻ حملا ڪيا، ڪيترا دفعا لٽ ڦر ڪيائون، ڪيترن سيدن کي شھيد ڪيائون ۽ ھزارن جي تعداد ۽ مال متاع ڪاهي هليا ويا. سيدن بارھا مقابلا ۽ مجادلا ڪيا، ليڪن مجبور ٿي آخر کين پنھنجا وٿاڻ ڇڏڻا پيا.

انھيءَ لٽ ڦر ۽ خونريزيءَ آمريءَ ۽ ٺٽي ولي محمد کي ويران ڪري ڇڏيو. جيسين سيوھڻ جو حاڪم شمشيرخان ھو، تيسين اھو علائقو آباد ۽ سرسبز ھو، ليڪن ان جي تبديل ٿيڻ بعد ٿوري عرصي اندر تباھي ۽ بربادي اچي ويئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:

”رفته رفته از دست سميجه و مردم کي کوھي، خراب و ضايع شده.چنانچه از مواضع سادات، دو موضع يک تتي ولي محمد و ديگر کوه آمري ويران مطلق شدند. واکثر سادات اين مواضع را مردم کوهي و سميجه بدرجه شھادت ريسانيدند و رعيت متفرق شده رفت.“ (376/2)

ٻئي ھنڌ ميرڪ لکي ٿو ته:

”تا انقراض شمشير خان اوزبک نھايت آبادان و معمور بودند، و گذشت عمل او اکثر سادات اين ھر دو مواضع از دست مردم نھمردي و سميجه بدرجهء شھادت رسيدند وقليل کلـﮧ ماندند، متصرف شده بھرجا رفتند.“ (386/2)

ديندارخان جڏھن سيوھڻ جو صوبه دار ٿي آيو، ان وقت ھن پڻ مير نمڪين وانگر سيدن جو گهڻو خيال رکيو. آمريءَ جو علائقو ھن سمن جي ارباب يوسف جي تحويل ۾ ڏنو، ۽ ٺٽي ولي محمد، سيد حسن لڪياريءَ جي حوالي ڪيائين. سيدن انھيءَ دؤر۾ انھن ٻنھي علائقن کي ڏاڍي اطمينان سان سرسبز ۽ شاداب ڪيو. ديندار خان کين اھي ئي رعايتون ڏنيون، جيڪي مير نمڪين جي زماني ۾ کين حاصل ھيون. يعني ھڪ حصو سيد ابوبڪر لڪياريءَ رحمـة الله جي اولاد کي ملندو ھو ۽ باقي ھڪ حصو ٻين ساداتن ۾ تقسيم ٿيندو ھو. ٻه حصا رعيت لاءِ مقرر ٿيا.

خاتمهء ڪلام: ڪيترين صدين گذرڻ بعد اڄ به لڪياري ساداتن جو مرڪز سيوهڻ (يعني ضلو دادو) آھي. ڪيترا ڳوٺ انهيءَ پسگردائيءَ ۾ آهن، جيڪي سندسن زمينداريءَ ۽ اثر رسوخ ۾ آھن. لڪي ۽ آمري اڄ به سيدن جا آھن. خدا جي فضل سان سڀيئي سادات ڀريا ڀاڳيا ۽ ھلنديءَ پڄنديءَ وارا آھن. انھيءَ گهراڻي جو هڪ روحاني مرڪز لڪيءَ ۾ حضرت شاهه صدر جو مقبرو آھي، ٻيو مرڪز حضرت پير سائينءَ روضي وارن جي درگاهه آھي، ۽ ٽيون صاحب جھنڊي وارن جي خانقاهه آھي. انھن ٽنهي خانداني مرڪزن کان سواءِ انهيءَ گهراڻي جي ڪيترن جيد خليفن جا پڻ روحاني مرڪز سنڌ اندر موجود آهن. خليفي چوٽيءَ واري جي خانقاهه، خليفي دين پور واري جي خانقاهه، خليفي ڀرچونڊيءَ جي خانقاهه ۾ امروٽ شريف جي خانقاهه اپر سنڌ ۾، اھي وڏيون خانقاھون آھن. لوور سنڌ ۾ پڻ اهڙيءَ طرح ڪيترن خليفن جون خانقاھون موجود آھن، جيڪي قادري سلسلي ۽ نقشبندي طريقي جي فروغ کي قائم رکيو اچن ٿيون.

[”روزانه مھراڻ“_ 27_ جنوري 1958ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com