بيدل جون تصنيفون
روھڙيءَ جي باڪمال شاعر ۽ برگزيدي صوفيءَ حضرت
”بيدل“ تي ڳچ سال اڳ يعني سيپٽمبر 1933ع جي
”سنڌوءَ“ ۾ منھنجو ھڪ مختصر مگر مڪمل مضمون شايع
ٿيو ھو، جنھن ۾ سندس حيات تي روشني وڌي ويئي ھئي،
۽ سندس شعر جو نمونو ڏنو ويو ھو. ھڪ طويل عرصي کان
پوءِ اڄ وري موقعو مليو آھي ته آءُ سندس تصنيفن تي
ھن مضمون جي ذريعي ھڪ نظر ڪيان.
سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ،
مغربي تمدن ۽ تھذيب جو جيڪو سيلاب آيو، ان جي چڪر
۾ اچي، سنڌ جي ماڻھن پنھنجي مشرقي تھذيب ۽ علم سان
سراسر بي بھريءَ جو برتاءُ ڪيو، جنھنڪري ھڪ صدي اڳ
جون جيڪي به علمي بارگاھون ھيون يا اسان جي بزرگن
جي علمي ڪاوشن جون سوغاتون ھيون، سي سراسر ناس ۽
نابود ٿي ويون. ٻن تھذيبن جي انھيءَ ٽڪر ۾ جيڪي
گهراڻا مغربي تھذيب جي لھرن ۾ لڙھي ويا، انھن پاڻ
سان گڏ پنھنجن ابن ڏاڏن وارو علمي سرمايو به غرق
آب ڪري ڇڏيو. باقي جيڪي چند خاندان پراڻي وضع قطع
تي قائم رھيا، انھن سو ڪنھن عرصي تائين انھيءَ قسم
جي سوغاتن کي سيني سان سانڍي رکيو؛ مگر بعد ۾ انھن
جا به جيڪي پڙھيل پونير پيدا ٿيا، تن گهڻو ڪري
انھن تبرڪن کي تلف ڪري ڇڏيو؛ ان ھوندي به اڄ جيڪي
ڪجھه ھٿ اچي ٿو، سو ڇڙو انھيءَ قسم جي گهراڻن مان.
روھڙيءَ جي عظيم المرتبت شاعر ۽ باڪمال صوفي،
مولوي قادربخش ”بيدل“ جون علمي سوغاتون به گهڻو
ڪري انھيءَ ڪشم ڪشا واري عرصي اندر برباد ٿي ويون
آھن. مگر چونڪه ھي صاحب پوئين زماني جو ھو ۽ سندس
معتقدن مان ڪيترن جا گهراڻا اڃا قديم حالتن تي
قائم آھن، تنھنڪري اڄ به ٿوريءَ گهڻيءَ ڪوشش سان
سندس متعلق ڪجھه نه ڪجھه سرمايو ملي پوي ٿو.
ھن ھيٺ اسان جن به ڪتابن جو ذڪر ڪري رھيا آھيون،
سي اسان کي روھڙيءَ جي ٻن قديم گهراڻن ۾، جن جو
تعلق مرحوم بزرگ سان ھو، ڏسڻ ۾ آيا آھن.
حضرت ”بيدل، جي تصنيف ۽ تاليف جو انداز معلوم ٿي
ڪونه ٿو سگهي، البته ايترو معلوم ٿئي ٿو ته کيس
انھيءَ شغل سان ڪافي شغف ھو، ۽ حياتيءَ جو وڏو
عرصو ھن انھيءَ شوق ۾ صرف ڪيو آھي. ھن وقت به سندس
26 ڪتابن جو اسان ھن ھيٺ ذڪر ڪري رھيا آھيون. ممڪن
آھي ته اڃا به ڪي ڪتاب ھجن، جن جو علم اسان کي نه
ھجي.
مرحوم ”بيدل“ جي ھيٺين تصنيفن کي اسان ڇڙو چند
ڪلاڪ سرسري طرح ڏٺو آھي، تنھنڪري تنقيد يا تبصرو
ڪرڻ مشڪل آھي. البت تصنيفن کي ٽن حصن ۾ ورھائي،
انھن جو مختصر حال پيش ڪريون ٿا، جيڪو ھڪ فھرست
طور ڪتب اچي سگهي ٿو.
(1) عشقيه
(1) سنڌي ڪلام:
”بيدل سائين“ جون سنڌي ڪافيون ، بيت ۽ ڏوھيڙا
مشھور آھن. انھن جو ھڪ مجموعو روھڙيءَ ۾ موجود
آھي، ان جي آخر ۾ ھندي ڪلام به آھي.
(2)سرائڪي ڪلام:
سرائڪي زبان ۾ به مرحوم جي ڪلام جو ھڪ مختصر
مجموعو آھي، جنھن ۾ ڪافيون ۽ ڏوھيڙا آھن.
فارسي ڪلام:
فارسيءَ ۾ سندس ٻه ديوان آھن. ھڪ ۾ ”بيدل“ تخلص
ڪيو اٿس ۽ ٻئي ۾ ”طالب“.
(3)”ديوان بيدل“
جو ھڪ نسخو اسان وٽ به موجود آھي، جنھن م ٻه ھزار
کن شعر آھن _ غزل، قصيدا، رباعيون، ترڪيب بند،
مرثيا، مسدس، قطعا ۽ مخمس آھن. عربي زبان ۾ به
منجھس چند غزل آھن. اھو نسخو 1321ھه ۾ ميان علي
بخش بن لعل محمد بن فقير ڇتن مغل، ويٺل روھڙيءَ جي
ھٿ اکري آھي. 132 صفحا اٿس. پھرئين غزل جو مطلع ھي
آھي _
الاھـــــي مطـــــلع انــــوار وحدت ساز جانم را
ز ظلمتھاي کثرت رستگاري ده روانم را
(4)سلوڪ الطالبين: ۾ ”طالب“ تخلص ڪيو ويو
آھي. 35 صفحن جو مختصر مجموعو آھي. 21 جمادي
الثاني 1280ھه جو، قاضي پير محمد لکيو، 1259ھه ۾
تصنيف ٿيو، ۽ منجھس 90 غزل آھن. مُھڙ ۾ ٻه صفحا
تعارف جا آھن. پھرئين غزل جو مطلع ھي آھي_
الاھـــــي مـــــوج ِ وحـدت بخش درياي خيالم را
به بحر ِ حال کم گردان حباب قيل و قالم را
(5) مصباح طريقت: ھزار کان مٿي اشعار _
غزلن، قطعن ۽ رباعين جي صورت ۾ _ آھن. پھرئين غزل
جو مطلع آھي _
بـــــيـــــا مـــــطـــــرب نـــــوائـــــي زن
بحــــالت آر مستان را
تو ھم ساقي! جدا از جام و مي مگذار مستان را
(6)مثنوي ھير رانجھا: 89 بيتن جي ھڪ مختصر
مثوي ھير رانجھا جي قصي ۾ آھي. ڪتاب جي آخر ۾ نوٽ
آھي ته ”ھي قصو وڏيءَ تاريخ مان اخذ ڪري، مختصراً
شعر ۾ آندو ويو آھي.“ ڪتاب 3 رجب، 1239ھه جو نقل
ٿيو، ۽ پير محمد جي ھٿ اکرين لکيل آھي. مطلع ھن
طرح آھي
ز ھـــــرچه خـــــامه نـــــويـــــسد بـــــه
نــــاصيهﻋ دوران
سواد ِ حرف غم ِ عشق خوش تر است بدان
مقطع ھي آھي:
بمير ”بيدل“ در عشق، گر بقا خواھي
کـــــه بعد مـــــرگ بيابي حيــات جاودان
(7)مخمسات: ھي 24صفحن جو ھڪ مختصر مجموعو
آھي، جنھن ۾ فارسي مخمس ۽ غزل آھن.
(8)ھندي ڪلام: ھن ۾ ھندي ۽ اردو غزليات
آھن. اندازً ٻه سؤ شعر ٿيندا. پھرئين غزل جو مطلع
آھي _
دل ِ وحدت طلب فارغ ز قيد ِ جسم و جان ھوگا
که بيڻھک عاشقان دائم به ملک لا مکان ھوگا
(9) متفرق ڪلام: روھڙيءَ ۾ جيڪي مجموعا ڏسڻ
۾ آيا، انھن ۾ متفرق غزليات سنڌي، اردو، ھندي ۽
فارسي به ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي شايد ڪنھن ديوان ۾ مرتب
ٿيل ڪونه آھن.
(2) مذھب
(10) نھر البحر:
مولانا روم جي انداز ۾ 48 صفحن جي مختصر مثنوي
آھي. ميان پير محمد ان کي 10 ربيع الاول 1280ھه جو
نقل ڪيو. مختلف حديثن جا مطالب ۽ معاني تصوف جي
رنگ ڍنگ ۾ دلچسپ ۽ دلنشين نموني سان بيان ڪيا ويا
آھن. ابتدائي شعر ھي آھن _
بشنواز نــﻶ مغمهﻋ سر ّ الســــت تاچه مي
گويد ازان عھد ِ درســـت
ملحنات ِ حسرت ھستي گـــــذار مي سرايد با
ھزاران ســـوز و ســـــاز
کز نيستانِ شھود ِ بي چـــــگـــون تا
بريدنم به تشويـــــش ِ شـــــيـــــون
زار مي نالم به چندن اضطــــراب کاتش ِ غم
کرد جانم را کبـــــاب
جان مــــن زان مجمع ِ روحـــــانـــــيه شد
اسير اين مطرح جـــــسمـــــانيـــــه
ھر که دور افتد ز اصل ِ وطن خويش ياد مي آرد ز
وصل ِ بطن خويش
آخر جا چند شعر ھن طرح آھن _
بارش ِ عشق و محبت را ببار بر زمين شوره دل ايـن
خـــــاکســـــار
پيشتر از نزع جان جـــانرا نـــــما
مـــــنـــــزلات ِ معنـــــويﻋ
اصـــــفــيــــــــــا
ظاھرم با شرع دمسازي به بخش باطنم با عشق
ھمرازي بـه بخش
جرﻋ از جام تعشق کن کـــــرم حـــــرمـــــت ِ
ھـــــر اولـــــيـــــاي محتـــرم
(12) رموز القادري في شرح قصيده غوثيه:
20صفحن جو مختصر رسالو نظم ۾ آھي، قصيده غوثيه جو
شرح آھي، جيئن نالي مان معلوم ٿئي ٿو. 27 جمادي
الاول 1280ھه ۾ پير محمد نقل ڪيو. ابتدائي شعر ھي
آھن _
عشق ساقي سالکان ست اي رفيق مــــي دھد پيمانهﻋ
لبريز از رحيق
آن رحيق ِ خوشگوار و مشکــبوي کز وي آدم گشته
سرخوش باده جوي
خاتمي جو شعر ھي آھي _
ھديه ام بخشا ز باغستان ِ عشق بيدلم فرما
عطايم جانِ عشق
(13) رموز العارفين: 5_6 صفحن جو
مختصر رسالو آهي. تصنيف تاريخ هيٺئين بيت مان نڪري
ٿي:
تــــــــاريخ کتــــــاب آن دل آرام فرمود که
باد خوش سر انجام
1268ھه
5 جمادي الثاني 1280ھه جو قاضي پيرمحمد لکيو. وحدت
الوجود جي باب ۾ 24عارفن جي منتخب اشعارن جو فارسي
نظم ۾ شرح آھي. ابتدائي شعر ھي آھن _
اي آنکه تــــــوئـــــي وجــود مطلق ذات تـــــو
حـــــقيقته الحقـــــائـــــــق
با شکل ھر آنچه ھستي پيدا از ملک و ملاک توئي
ھويدا
خاتمو ھيٺئين شعر تي آھي _
اين نسخه اصل اصل دين دست نامي به
”رموز عارفين“ ست
شاھه لطيف رحه لاءِ ھيٺينءَ طرح اظھار ڪيو اٿائين
_
آن شاه ِ شھـــــان عشق وجـــــدان ســـــر
تـــــاج گـــــروه اھـل عرفان
جسمش ز سرشت آب و گل دور سر تا قدمش ز عشق
پر نور
معدود در اوليـــــائـــــي
کـــــبــــــــــــار مکشوف بر او
تـــــمام اســـــرار
درد ســـــت ز شــــــــــعـــــر آشـــــکارا
وجد ســـــت کـــــلام او ســـــراپـــــا
گر گوش کند او را دل سست در رابطهﻋ عاشقي شود چست
پنھنجي اعتقادن متعلق به ”بيدل“ ھيٺينءَ طرح وضاحت
ڪئي آھي _
بيــــــدل کــــــــه نمــــــود تــــرجمـــاني
ايــــــــن رمــــــــوز بــــــس
نھـــــــانـــــــي
سني سـت به اعتقاد مـــــذھــــــب صوفي ست
به اتحــــــاد مشرب
تــــــن تابع شرع جان به وجــدان بيـــــرون ز
خيـــال کفر و ايمــــــان
(14)وحدت نامه: سنڌي نظم ۾ 22 صفحن جو
مختصر رسالو آھي، جنھن ۾ سنڌي نموني جا ڏوھيڙا چيل
آھن، پھريون بيت ھي آھي _
سدا ڪن سبحان جي، جي منجھان پرت پچار
وَمَا ينطِقُ عَن ِ الھوى، عارف اِن اُچار
تنين جــــــي تــــــنــــــوار، جــــــڏا روح
جــــــيــــــاريــــــا.
سدا ڪن سبحان جي، وسريل وائي
تنين کون جائي، راحت رسي روح کي.
آخر جو بيت ھن طرح آھي _
تماشــــــو ھــــــر طــــــور ۾،
صــــــوفــــــي ســــــدائي
ٻــــــوڙي ٻيــــــائــــــي، ھمه کــــــي
حــــــق چوي
(15)بطن احاديث: 6 حديثن جو شرح آھي. قاضي
پيرمحمد جي ھٿ اکرين 5 رجب 1280ھه ۾ لکيو ويو.
(16)قره العين في مناقبت سبطين: واقعه
ڪربلا متعلق ھڪ سؤ کن صفحن جو ڪتاب آھي. ابتدا ۾
29 حديثون واقعي سان متعلق بيان ڪيل آھن ۽ ان کان
پوءِ روضـة الشھداءِ مان ورتل بيان ڪربلا پنھنجي
نموني ۾ ڏنل آھي. 28 رجب 1280 ھه جو پيرمحمد نقل
ڪيو. ابتدا ھن طرح آھي _
الاھي حرمت ِ شاه ِ شــــــھيـــدان در اھــــــل
حــــــب او مــــــا را در آور
تو لاليش چنان افگن به جانــم که باشد دل ھوا دارش
به محشر
بگردان حشر ما زير ِ لــــــواليــش بمع اشياع آن
سلـطــــــان ســــــرور
جمالش نور بخش ِ جان ما باد مشام از نکھت ِ وحدت
معطـــر
(3)تصوف
(17)فوائد المعنوي:
تصوف جا 187 اصطلاح گڏ ڪري، انھن جو بيان ڪيو ويو
آھي. 10 صفحن جو مختصر رسالو آھي.
(18) رياض الفقر:
1258ھه ۾ تصنيف ٿيو. صوفي فقيرن جي مجاھدن ۽ محنتن
جو بيان ڪيو ويو آھي. ھزار بيت ٿيندا _ جيئن ته ھن
شعر مان معلوم ٿئي ٿو:
غرض اين پارهﻋ الفاظ خوشرنگ ھزار ابيات شد
منظوم فرھنگ
تصنيف جي تاريخ ھن طرح بيان ڪئي ويئي آھي _
به ھفتم شھر رمضان وقت پشين بشد آراسته اين پيکر
ِ چين
دوازده صد فزون از ھشت و پنجاه بــــــود
ســـالش بنزد ِ مدد آگاه
ھيٺين دعائيه مصرعن تي ڪتاب ختم ٿيو آھي _
الاھي نـــامهﻋ قلب ســــــيــــــاھــــــم
که لــــــبريز ســت از حرف ِ گناھم
به آب ِ رحمت ِ ديدار خود شوئي که تا گرددز
نورت جان صفا جوئي
دلِ چشمم بکـــن محو ِ لقايــــــت
فــــــنــــــايــــــم را بده رنگ ِ بقايت
ز عشق خود بجانم آتش افروز وز و خرمن وجود ِ
مــــــاسوا سـوز
ابتدائي شعر ھي آھي_
الا اي ساقيﻋ پيمانهﻋ عشق رھم بکشا به سو
ميخانهﻋ عشق
رسان بوئي محبت در دماغم لــــــبالــــــب
شـــوق خود گردان اياغم
مولانا جامي رحمـة الله عليـﮧ جو شعر آھي:
متاب از عشق رو گرچه مجازي ست که آن بحر ِ حقيقت
کارسازي ست
بيدل مرحوم چيو آھي _
متاب از عشق رخ اي آدمي زاد که زين سودا
بياني سود ھفناد
(19)تقويت القلوب في تذڪره المحبوب:
وحدت جي بيان ۾، شاعرن ۽ صوفين جا اقوال لکي، انھن
تي پنھنجي حاشيه آرائي ڪئي اٿائين.
(20)پنج گنج:
80 کن صفحن جو مختصر رسالو آھي، منجھس 40 درجا آھن
۽ ھرھڪ درجي ۾ 5 شاھدن جو بيان ڏنل آھي _ يعني
آيت، حديث، مثنوي روم، شاھه ڀٽائي ۽ شرعي ڪنھن
ڪتاب جو قول. انيس المساڪين
جو صاحب لکي ٿو ته فقير صاحب جن کي ھن پوئين زماني
۾ ڏٺو ۽ ان وقت سندن گفتگو جو انداز انھيءَ ڪتاب
جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ھو.
(21) فرائض صوفيه:
ويھن تڪن جو مختصر رسالو آھي. سنڌي بيت اٿس.
پھريون بيت ھي آھي _
ڪوٺائين ٿو ڪلمه گو، ڪلمون پڙھڻ سک
فڪر جي فرحيءَ تي، ”لا“ جو اکر لک
معنى واري مِک، حرفن مون ھٿ آڻ تون
آخري بيت ھي آھي _
اِلا الله اثبات ڪر، شارڪ ڇڏي شڪ
آگهي اَنَاالحَقُ، مسلماني ماڻ تون
اِلا اللهُ اثبات ڪر، شارڪ شڪ نه آڻ
مسلماني ماڻ، عاشق اَنَاالحَقُ چئي
(22) سند الموحدين:
ھي به وحدت جي بيان ۾ آھي ۽ مختلف فقيرن ۽ بزرگن
جا منجھس سَنَد طور شعر به ڏنل آھن_ چنانچه ھڪ پير
محمد راشد عليه الرحمـة جو شعر آھي_
وحدت مون ڪثرت ٿــــــئي آھي ڪثرت وحدت
ڪــــــل
اندر پرين ٻــــــاھــــر پــــــريــــــن
ڀــــــول نــــــه ٻيءَ ڪنھن ڀــــل
ھــــــي ھــــــنــــــگامــــــون ھــــــل
مڙيو ئي مــحــــــبــــــوب جــــــو
اھڙيءَ طرح شاھه ڀٽائيءَ، مير قلندرعلي رضويءَ،
پير سائين محمد راشد، مولانا عبدالحق درازائيءَ،
فقير قبول محمد درازائيءَ، ۽ سچل فقير وغيرھه جا
بيت ڏنل آھن. 35 صفحا کن ڪتاب ٿيندو . 18 ذوالقعد
1293ھه جو نقل ڪيو ويو.
(4) متفرق
(23) سرود نامه:
سنڌي شعر ۾ آھي.
(24) تاريخھاي وفات:
سنڌ جي سڀني بزرگن جي وفات تي فارسيءَ ۾ تاريخي
قطعا چيا اٿائين. پير علي گوھر متخلص به اصغر جي
وفات تي ھيٺيون قطعو چيو اٿائين_
جناب پير علي گوھر آن کريم و رشيد
چو رمز ارجعي از درگاه راز شنيد
گذاشته جسم درين دانگاه ناموتي
به سوي گلشن لاھوت مرغ جانش پريد
بسوي اھل خود آرد رجوع ھرچيزي
به بحر وحدت آخر قطرهﻋ سفيد رسيد
بتافت رخ ز ظھوارت آن سراپا نور
بتافت معنيﻋ سيمرغ وش نھان گرديد
دلم چو سال وصالش بجست ھاتف گفت
به آفتاب به پيوست ”نور حي وحيد“
1268ھه
(25) انشاﻋ قادري:
فارسي زبان ۾ ڏھه رقعا آھن، ھن تي ڪابه تاريخ لکيل
نه آھي.
(26) خطبات:
جمعي جا 3_ 4 خطبا آھن.
(27) عقائد:
حضرت ”بيدل“ عربي نثر ۽ فارسي نثر ۾ پنھنجا عقيدا
بيان ڪيا آھن ۽ آخر ۾ فارسي نظم ۾ به ساڳيو مطلب
بيان ڪيو اٿائين.
(28) وحدت نامه:
ھــــــــــــي قــــــــــــاضــــــي
پــــــيــــــر مــــــحمــــــد حضرت ”بيدل“ جي
تصنيفن جو انتخاب ڪيو آھي. ديباچي ۾ لکي ٿو ته _
”وحدت الوجود جي سلسلي ۾ جيڪي غزل مصباح الطريقـة
۾
فقير صاحب چيا آھن، تن سڀني کي پنھنجي مطالعي لاءِ
گڏ
ڪيان ٿو.“
ان کان سواءِ ھيٺين ڪتابن جو به ان ۾ خلاصو ڏنل
آھي . 130 صفحا فارسي غزل، قطعا، فرد، رباعيون،
1/22
صفحا رياض الفقرا مان ورتل، 7 صفحا رموز القادريءَ
مان اخذ ڪيل،
1/210
صفحا رموز العارفين مان ڪڍيل، 10 صفحا نھرالبحر
مان ورتل، بحر مثنوي (؟) مان 15 صفحا ورتل، ھندي
غزل 14 صفحا، سنڌي ڪافيون 63 صفحا، سي حرفي روپ
جوڳ ۽ سي حرفي روپ بلاول.
مٿيون نسخو محمد محسن ”بيڪس“ جي ھٿ اکرين 20 صفر
سنه 1224ھه جو لکيل آھي.
[”توحيد“ ڪراچي، نومبر _ 1941ع]
|