سنڌ ۾ ايتري لٽ ڦر ٿي، انهيءَ حد تائين
خوف رهيو، ۽ ايترا گهر، خاندانيون ۽ ڳوٺ تباهه
ٿيا، جو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي خون آشامين ۽ تيمور جي
عالم سوزين ۽ هلاڪت آفرينين جي ياد تازي ٿي ويئي.
سنڌ انهيءَ قسم جي تباهي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي؛
دهليءَ تي نادر ۽ بغداد تي هلاڪوءَ به اهڙي بربادي
ڪانه آندي، جهڙي ميان عبدالنبيءَ، مددخان جي ذريعي
سنڌ تي آندي.
اهو ئي زمانو هو، جڏهن عماد الملڪ، غازي
الدين نظام،
سنڌ ۾ آيو، ۽ تباهي ۽ برباديءَ جا هولناڪ منظر،
اکين سان ڏسي ايتري قدر متاثر ٿيو، جو اهڙو ئي
دردناڪ مرثيو چيائين جهرو حضرت سعديءَ بغداد جي
برباديءَ تي چيو هو:
در سند چه فتنه و بلا شد
گوئي که قيامتي بپا شد
چون سند که مامن جهان بود
اي آه! گويمت چها شد
هر خانه بخاک شد برابر
هر صاحب دولتي گدا شد
هر تاجوري برهنه برگشت
هر ماه سري برهنه پا شد
تا ناموران به بند افتند
سر رشتهﻋ صبر دل رها شد
مادر ز بسر، پسر ز مادر
سر از تن و تن از سر جدا شد
منعم پيﻋ مشت آرد يک سير
سر گردان هم چو آسيا شد
گل رويان را ز خار صحرا
خونِ کفِ پاي خود حنا شد
هرپرده نشين کنج عصمت
بي برقعه و معجر و ردا شد
زرها به نثار حفط جان رفت
جانها بر آبرو فدا شد
رفت از همه هرچه در گره بود
زين گونه فلک گره کشا شد
يک ظلم نه شد که شد دو صد ظلم
يک کار نه شد که کارها شد
بر اهل زمين عجب بلائي
يک مرتبه نازل از سما شد
دل خون شد زين ستم گري چند
هر چند که جمله از قضا شد
بي ستري طرفه آه! صد آه!
بر سيّدها و پارسا شد
از امت مصطفيٰ چه ظلمي
امروز بر آل مصطفيٰ شد
امروز پس از هزار و صد سال
احوال عراق رونما شد
جستم چو ”نظام“ سال تاريخ
از هاتف غيبي ام ندا شد
کاي بنده اهل بيت بشنو
”.........که سند کربلا شد“
اهو سڄو ملڪي ۽ سياسي پس منظر آهي انهيءَ
مُنيءَ صديءَ جو جنهن ۾ مير علي شير اکيون
کوليون، پليو، پروان چڙهيو؛ تعليم حاصل ڪري، علم
جي انتهائي اوج تي پهتو؛ شعر و سخن جو شغل ڪندو
رهيو؛ ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو اوڇڻ ۽ اوڍڻ بڻائي،
زندگي بسر ڪندو رهيو. سواءِ انهن چند سالن جي،
جيڪي هن ميان غلام شاهه وٽ تاريخ نويسيءَ جي عهدي
تي گذاريا_ باقي سڄي زندگي آزاديءَ سان بسر ڪندو
رهيو. انهيءَ بادشاه گرديءَ ۾ ڪنهن کي طاقت هئي،
جو درباري ملازمت جو بار سر تي کڻي، سازشن ۽
منصوبن ۾ حصو وٺي ۽ خون خرابيءَ، قتل ۽ غارت گريءَ
کي اکئين ڏسندو رهي.
مير صاحب جي غير معمولي شخصيت ۽ بي پناهه
صلاحيت جو هن مان اندازو ٿئي ٿو ته انهيءَ سموري
دؤر جي سڀني بلائن، آفنن ۽ اندو هناڪين جي هوندي
به سندس سڪون قلب ضايع ۽ اطمينان دل غارت نه ٿيو.
هن بزرگ دنيا جهان جي جهڳڙن، ملڪي تباهين ۽ هلاڪت
خبزين کي ڏسندي به، سڀني ڳالهين کي پس پشت وجهي،
اکين کي بند ڪري، ڪنن ۾ ڪپهه ڏيئي، تصنيف ۽ تاليف
جاري رکي؛ ۽ پنهنجي خالص علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي
برباد نه ڪيو، ۽ 12 ورهن جي زندگيءَ کان وٺي جهان
ڇڏڻ واري سال کان هڪ سال اڳ تائين، برابر دماغ ۽
قلم هلائيندو آيو، ۽ هزارن ورقن جو عظيم الشان
ادبي ذخيرو، سنڌ جي آئنده نسلن لاءِ ڏيئي ويو.
سير و سفر:
مير صاحب جي سموري زندگي سراسر علمي هئي. تنهنڪري
ڀانئجي ٿو ته هن پنهنجو وقت، دنيا جي ٻين مشغلن ۾
ڪونه وڃايو، ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي، تصنيف تاليف
ڪندو رهيو_ سواءِ هڪ معمولي وقفي جي، جنهن ۾ هن کي
نامعلوم سببن ڪري سورت، ڄام ننگر ۽ ڀُڄ جو سفر
درپيش آيو.
”تحفـة الڪرام“ (ج2،ص33) ۽ ”مقالات
الشعرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1160هه ۾ هو سورت
ويو، جتي مير معدالله سورتيءَ تي فرزند مير
عبدالوالي ”عزلت“ سان سندس ملاقات ٿي؛ ۽ انهيءَ
سفر ۾، چند ٻين اهل علم بزرگن سان به سندس صحبتون
۽ رهاڻيون ٿيون_ جهڙوڪ ”رضائي“ شاعر سورت کان
لاهري بندر تائين ساڻس ٻيڙيءَ ۾ گڏيو آيو (”مقالات
الشعرا“ ص 109): محمد اڪرم اصل ٺٽي جو شاعر هو،
ليڪن سندس زندگي دهلي، دکن، ۽ سورت ۾، مختلف
سرڪاري منصبن تي گذري_ميرصاحب جڏهن سورت کان وطن
واپس ٿيو، ان وقت محمد اڪرم به ساڻس گڏيو آيو؛
واٽ تي ٻيڙو، ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون، طوفان جي
گرداب ۾ ڦاٿو، ۽ اهڙي نااميديءَ جي حالت ٿي، جو
مير صاحب ان کي ”حادثهﻋ عظيم“ تصور ڪندي لکي ٿو:
_”که خلاصي از آن تهلکه، محض بفضل حقيقي صورت
بست“.
انهيءَ مصيبت ۾ محمد اڪرم هيٺيون شعر حسب حال چيو:
درميان آب و آتش همچو گل
کشتيﻋ اميد ما دارد شنا
گر نه فضل حق نمايد رهبري
نيست مخلص از چنين جوش بلا
(”مقالات الشعرا“ ص 34)
”تحفـة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم
ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي. اهو بزرگ به
انهيءَ زماني ۾ سورت منجهه مقيم هو.
ڄام ننگر عرف اسلام آباد کي به مير صاحب
انهيءَ سفر جي دوران ۾ ئي ڏٺو: ۽ اتي ئي سندس
ملاقات محمد عاقل ”ابله“ جهونا ڳڙهيءَ سان ٿي،
جيڪو صاحب شاعر، ءٌ ٺٽي جي ميان ابوالقاسم جو
شاگرد هو (”مقالات الشعرا“ ص 26).
اهڙيءَ طرح غالباً ساڳئي سفر ۾، جڏهن سيد
صاحب ڀُڄ
ننگر ويو، تڏهن سندس ملاقات هڪ
ايراني شاعر ”هوشيار“ صفاهانيءَ سان ٿي، جيڪو پوءِ
ٺٽي به آيو، ۽ اتان وري هندستان هليو ويو (”مقالات
الشعرا“ ص 311). بندر سورت کان، موٽندي، سيد صاحب
سان گڏ ”مفلس“ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ همسفر هو، جيڪو
سنڌ ڏانهن قلندر لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٿي آيو
(”مقالات الشعرا“ ص 265).
گجرات سان، انهيءَ سفر کان پوءِ، مير صاحب
جي ڪافي دلچسپي پيدا ٿي، ۽ ان کان پوءِ جيڪي به
خاص واقعا انهيءَ طرف ٿيندا هئا، انهن تي مير صاحب
تاريخي قطعا ۽ شعر تصنيف ڪندو هو.
نور الدين محمد معروف بـﮧ مومن خان،
1170هه گجرات تي قابض ٿيو، ته مير صاحب تاريخ چئي:
چو شد نواب مومن خان بگجرات
زکفر
کافران
گرديد
خالي
1165هه ۾ بندر سورت جي حاڪم نواب صفدر
محمد خان جو پٽ محمد وقار خان فوت ٿيو. مير صاحب
هيٺينءَ طرح سندس تاريخ ڪڍي:
”فلاخوف عليهم ولاهم يحزنون
“
مطالعي جو شوق:
مير صاحب جو دور، جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن
سبب اونداهو ۽ اندوهناڪ هو، اوتري قدر علمي ۽
ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار هو. هڪ ئي وقت
سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد هئا؛ هر هڪ
گهراڻو ۽ هر هڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هر علم
دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ ’ائڪيڊميءَ‘ جو ڪم ڏيندي
هئي. هر هڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ، جدا جدا ڪتبخانا
هوندا هئا. گهرن ۾، اوطاقن ۾، رستن تي، دڪانن ۾ ۽
بازارن جي چوراهن تي، علم پرورن جون ملاقاتيون
ٿيون، صحبتون مجلسون ۽ مشاعرا، صبح شام ۽ رات
ڏينهن ٿيندا رهندا هئا. هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم
(متوفي 1174هه)، مخدوم محمد معين (متوفي 1161هه)،
مخدوم ضياﻋ الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد
صادق، آخوند محمد شفيع، ۽ آخوند ابوالحسن جهڙا
يگانهﻋ روزگار عالم، ۽ مير ”محسن“ (متوفي 1163هه)،
غلام علي ”مداح“، بالچند ”آزاد“، شيوڪ رام
”عطارد“، شيخ محمد محفوظ ”سرخوش“، غلام علي
”مومن“، محمد پناه ”رجا“، مير ابوالبقا ”بهرورعلي“
۾ مير ابوتراب ”ڪامل“ جهڙا نغزگو شاعر ٺٽي جي شهر
۾ موجود هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي دور جو ”غزالي“
۽ ”دواني“ ، ”سعدي، ۽ ”انوري“ هو.
اهي سڀ بزرگ پاڻ صاحب تصانيف ۽ صاحب
دواوين هئا؛ انهن مان هر هڪ کي جدا جدا ڪتبخانو
هوندو هو، جنهن مان نه فقط پاڻ فائدو وٺندا هئا،
بلڪ دوست احباب به وقت بوقت استفادو ڪندا رهندا
هئا؛ انهن مان هر هڪ بزرگ جي اوطاق ”دارالمصنفين“
۽ ”ندوة المصنفين“ هوندي هئي ؛ ۽ هر هڪ استاد ۽
عالم جو مدرسو، ”دارالعلوم ديوبند“ ۽ ”ندوة
العلوم“ هو.
مير علي شير کي اهڙا معاصر مليا؛ انهيءَ
قسم جا مهصر شاعر مليا؛ ۽ اها علمي فضا ۽ ادبي
ماحول نصيب ٿيو. هن علمي صحبتن ٿيو. هن علمي صحبتن
۽ ادبي مجلسن جو پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. انهن
مدرسن ۾ هن علم پرايو؛ ۽ انهن دارالعلومن ۾ هن
عربي ۽ فارسي زبانن تي قدرت ڪامله حاصل ڪئي؛ ۽
انهن ڪتبخانن جي هر هڪ ڪتاب جي هن ورق گرداني ڪئي؛
۽ ڪتابن جي هر هڪ جلد مان هن مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو.
ڪتبخانا نه فقط هن ٻين جا ڏٺا، بلڪ خود سندس
پنهنجو ذاتي ڪتبخانو ايڏو عظيم الشان هو، ۽ ان ۾
ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو اڄ به ان جي
فهرست ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي حيرت
وٺيو وڃي ٿي.
مير صاحب جي مطالعي جي شوق، ۽ ٺٽي ۾ ڪتابن
جي فراوانيءَ ۽ دستيابيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو،
جڏهن سندس پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙن اهڙن ڪتابن جا
حوالا پڙهجن ٿا، جن مان اڄ به ڪيترا ناياب ۽
نادرالوجود آهن.
تاريخ فرشته، طبقات اڪبري، منتخب التوارخ،
دهه ساله عالمگيري، آئين اڪبري، روضـة الصفا، حبيب
السير، مراة احمدي، مراة سڪندري، خزانهﻋ عامره،
يدِ بيضا، تذڪرهﻋ واله داغستاني، هفت اقليم ابن
رازي، ڪلمات الشعرا، مجالس المومنين، وغيره_
تاريخون ۽ تذڪرا، تصنيف تاليف ڪندي، مير صاحب جي
پيش نظر هئا.
ايراني خواهه هندستاني شاعرن مان ڪيترن جا
ديوان مير صاحب وٽ موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي
تقريباً سڀني مصنفن جو تصنيفون به سندس پيش نظر
هيون. تاريخ معصومي، طاهري، بيگلرنامه، ترخان
نامه، تذڪرة المراد، آداب المريدين، حديقـة
الاوليا، کان سواءِ ڪيترا ديوان ۽ گهڻو ڪري سنڌين
جون سڀيئي مذهبي تصنيفون سندس مطالعي ۾ رهيون
هيون. ”طومار سلاسل گذيده“ تيار ڪرڻ وقت، طريقت جي
بزرگن جو گهڻو ڪري سڀيئي ملفوظاتيون. ۽ سلسلهﻋ
طريقت جون استاد ڏٺيون هئائين. ملفوظات مخدوم
جهانيان، منهاج العباد_ شيخ سعدالدين، تحفـة
البرر_ شيخ مجدالدين بغدادي، بحرالدقائق شافعي،
کتاب استعداد الاخرة، به انهيءَ ڪتاب جي ماخذن مان
آهن.
پنهنجي ايراني بزرگن جون به گهڻو ڪري
سڀيئي تصنيفون پڙهيون هئائين_ جيئن ته امير غياث
الدين منصور جا تصنيف ٿيل ڪيترا ڪتاب سندس نظر مان
گذريا هئا. طبقات ابن سعد جهڙو نادر ۽ ناياب ڪتاب،
جيڪو اڄ ڇپئي کان پوءِ به ايتري قدر نادر الوجود
آهي، جو اسان جي ملڪ جا گهڻو ڪري سڀيئي ڪتبخانا ان
کان محروم آهن، اڄ کان ٻه سـؤ ورهيه اڳ ٺٽي ۾ مير
صاحب جي مطالعي مان گذريو، جيئن پاڻ هڪ هنڌ
(”مقالات الشعرا“212) فرمائي ٿو ته ”25 ربيع الاول
1169هه جو، مخدوم ضياﻋ الدين ٺٽويءَ کان، طبقات
ابن سعد جو ٻيو جلد پڙهڻ لاءِ مستعار ورتم“.
مير صاحب جو علمي ورثو
تصانيف:
مير علي شير جي زندگيءَ جو مقصد فقط تصنيف تاليف
هو، جيئن اسين مٿي ڄاڻائي آيا آهيون_ هن 12 ورهين
جي ڄمار ۾ قلم ۽ ڪاغذ کنيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان
کي هٿ مان نه ڇڏيائين. صحيح پتو ڪونه ٿو پوي ته هن
ڪيترا ڪتاب لکيا، ليڪن ”مقالات الشعرا“، ”فهرست
ڪتبخانه ٺٽه“ (برٽش ميوزم 2073
O.R.)
۽ ”تحفـة الڪرام“ (مملوڪ خان بهادر مولوي محمد
شفيع، لاهور) مان جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن
جو تعداد 42 آهي. ڪيترا ڪتاب اهڙا به هئا، جن جا
مسودا نا مڪمل رهجي ويا_ جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
” اکثر مسودات بهر جا که ماندند ماندند.“
(”مقالات الشعرا“214).
1174هه ۾ ”مقالات الشعرا“ تصنيف ڪيائين. ان ۾ لکي
ٿو ته ”الي الحال اگر بجمع شعر مي پرداخت تا سي
(30)
هزار بيت کم و بيش رسيده مي بود“_
گويا مٿئين سال تائين، جيڪي هن شعر چيو،
سو به گڏ ڪونه ڪيائين، ۽ جن جو تعداد ڪم و بيش
ٽيهه هزار ٿئي ها. اهڙيءَ طرح 1174هه کان وٺي
1102هه تائين، 27سال پوءِ به، اهو سلسلو جاري
رکيائين: خبر نه آهي ته ان مان ڪيترو ضايع ٿيو ۽
ڪيترو بچيو. بهرحال جن ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا
آهن، يا جي ڪتاب دستياب ٿيل آهن، انهن جو ذڪر سال
تصنيف جي تربيت سان هن هيٺ ڪجي ٿو.
(1) ”ديوان علي شير“_ 1152هه):
ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ هي ديوان مرتب ڪيائين، جنهن
کي نامعلوم سببن ڪري درياهه ۾ لوڙهي، ايندڙ ٻه
سال، 53_1154هه، شعر چوڻ ڇڏي ڏنائين؛ هن ۾ نالو
تخلص طور استعمال ڪندو رهيو.
(2)”مثنوي شمهﻋ از قدرت حق“_ (1165هه):
مثنويءَ جو نالو تاريخي آهي_ سال تصنيف 1165هه ان
مان برآمد ٿئي ٿو. انهيءَ مثنويءَ جو ڪوبه نسخو
موجود نه آهي. ڀانئجي ٿو ته مثنويءَ ۾ ڪو قصو بيان
ڪيل آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ نمونتاً چند شعر ڏنا
ويا آهن، جن مان مٿيون قياس ٿئي ٿو:
_در تعريف بر دکان نشستن آن جوهري پسر_
پسر چون دکاندار شد در ديار
چو خورشيد اندر حمل بسته بار
کفش بر ترازو چو گشتي فرو
قمر در ترازو مکان يافت گو
_قطعات لعل امانت فقرا را جوهري پسر در ستون مخفي
ساخته_
ستون گشته کان بدخشان سپس
برو رشک بر وي بسي کان سپس
چو در راستي بوده پا استوار
شده زادگانِ خورش در کنار
(3)”مثنوي قضا و قدر“_ (1167هه):”گل
از بهار قضا“ مان اهو سال تصنيف بر آمد ٿئي ٿو.
هيءَ مثنوي ”نڪهت“ شاعر جي تحريڪ تي لکي ويئي.
ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ هيٺيان
اقتباس ڏنل آهن:
_ در صفت کشمير_
خور اندر سبزه زارش شپره وار
نيارست آنکه بيند روي انوار
گر آيد بالمثل مه در زمينش
کند گلچين غلط با ياسمينش
ببوي بوي شبويش ز هر باد
گل خورشيد گيرد غنچگي باد
گهي تقرير وصفِ زعفران زار
لب از خنده نيابد راه گفتار
ز بس سَروش بازادي علم شد
ثمر در نخلهايش وقف هم شد
طلاي افتاب آنجا است پر غِش
زبش در بوتهﻋ گل ديده آتش
تونگر گردد آن کو بار دارد
گلستانش گل دينار دارد
_در صفت خوبرويان چين_
ز روي گلر خانش چشم خورشيد
ز بس گستاخ بين افتاد جوشيد
ز گفتارِ ملاحت ريز خوبان
بگيرد عندليب آتش بدامان
ز فرّ جبـﮧﻋ شان حسن آداب
نمايد همچو در مينا ميﻋ ناب
مهِ نو تا به ابرو يافت نسبت
همي بالد بخود از فرط بهجت
مگر دست قضا از صنع ايزد
لطافت جمله اندر ساعدش زد
ز روي بيت صدرِ شان توان يافت
معاني را که اندر دل همان يافت
نهد ار پشت بر ديوار چون مست
توان دريافت نقش او چه چيز است
گهي نظاره خوبيﻋ هر ماه
تماشائي بر آرد الله الله
_صفت هند و نغمه نوازان هند_
بپـــــاکــــــــوبـــــيﻋ
رقـــــــــاصــــــــانِ مـــــــﮧوش
فتد نظاره را نعل اندر آتش
صلاي باده نوشي اندر و عام
بود خورشيد آنجا صورت جام
مدام اندر وي از صافيﻋ مهتاب
مـﮧ نو هر شب آفزايد ميﻋ ناب
مگو اختر که رخشانند هر شام
خم گردون شراب انداخت در جام
بهار نشهﻋ سرشار دارد
سرود آنجا عجب بازار دارد
هر آنکو بسته آهنگ حجاز ست
لجام توسنش از تار ساز ست
دف خورشيد اندر دست زهرش
به پيش مطربش کمتر ز مهرش
بهر محفل که نا و نوش دارد
هوس بر سير پا بر دوش دارد
_در وصف مصر و تعريف عمار تهايش_
وزد بادش اگر از جانبِ آب
حباب از ياسمين گيرد فزون تاب
هوايش گر بروي هجر آيد
ز شاخِ خشک مرجان گل بر آيد
بدوش مشرق اندر وقت تعمير
فلک مير ريخت آهک از تباشير
ازان خورشيد بر کف رعشه دارد
که خواهد دستي از بامش بر آرد
که گچکاري از خورشيد تابان
ستاند پنجه رازش دستگيردان
بهر خشت عمارتهاش خورشيد
براي اقتباسِ نور بوسيد
کمانِ طاقش از قوسِ قزح ساخت
رواقش را چو بّنا منشرح ساخت
بود مهتاب آنجا آهکِ کرم
سفيده صبح از خاکش کشد شرم
_رسيدن از خشکي بدريا و صفت آن_
دگر راهِ شتابيدن چو طي شد
بجمله احتياجِ کشتيﻋ شد
بلي کشتي گدايان را ضرور است
که فاقه را بدو راهِ عبور است
مسافر را برطب ويابس است راه،
ز خشکي باز دريا گشت دلخواه
غبارِ ماندگي بست ابر در دل
کنارِ بحر ماندم پاي در گل
چه بحر آن کز کمالِ پاکيﻋ رنگِ
نهنگ چرک را زد قافيه تنگ
(4)”ذو آئين خيالات“_ (1169هه):
انهيءَ نالي مان سال تصنيف بر آمد ٿئي ٿو، اهو
ڪتاب نثر ۾ آهي، ڪوبه نسخو موجود نه آهي، جنهنڪري
معلوم نه ٿي سگهيو ته ڪتاب ڪهڙي موضوع تي هو.
(5) ”مثنوي قصهء کامر وپ“_ (1169هه):
هيءَ مثنوي به گم آهي، ”مقالات الشعرا“ ۾ لکي ٿو
ته تخميناً ٽي هزار بيت منجهس آهن، ۽ 1169هه ۾
تصنيف ڪيائين. ”مقالات الشعرا“ ۾ انهيءَ مثنويءَ
جا هيٺيان اقتباس ڏنل آهن، جن مان نوعيت ۽ انداز
معلوم ڪري سگهجي ٿو:
تا قدم از ارض رضاعت کشيد
پايهﻋ قدرش بعليين رسيد
قبضهﻋ قدرش چو کمان گير شد
ناوکِ دستش بفلک تير شد
بخت بلندش نه شمارد يکي
بلکه کند سهو که جم بود وکي
بازوي قدرت چو فشردي به تيغ
زهرهﻋ رستم بزدي رﱞيغ رﱞيغ
_در صفت چترمن مصور_
کز قلم مو چو کشد مشکل باغ
لاله ز شنجرف پر آرد اياغ
آب گهر در صدفش داشت جا
تا ورق سبزه نمايد طلا
غنچهﻋ تصوير وي از بوي فرح
رايحهﻋ خلد برين راست شرح
بر لب تصويرش حرفِ نشاط
گل کند از گوشهﻋ صحنِ بساط
گر بمثل در کشود شکل آب
نقطهﻋ سهوِ قلمش دان حباب
_صفت صيدگاه مينونشان_
آهکش از پرتو مه ببش تاب
در گچش آميخته رنگ سحاب
خشت بزانش پي حسن نظر
بسته نمودند خمير گهر
مخمل سبزه به هجومي که آب
راه نمي يافت ببالين خواب
بر لب هر جدولش از موج آب
نقش نشاط ابدي داشت تاب
بلبلش از نغمه سرائي فرح
از پي سيپارهﻋ گل بسته شرح
فاختهﻋ زاهد مشرب دران
داشت بلب آيهﻋ کو کو روان
حاجيﻋ قمري ز پيﻋ طوف سرو
خواسته احرام ز بال تذرو
پير عصا در کف زنق بنام
داشت بصحن چمن آنجا خرام
موي دماغش ز بس آشفته بود
بينيﻋ وا کرده سحن مي نمود
از گل شب بوش گل آفتاب
گريه همي خواست کند بوي آب
باد صبا داشت دور زر گري
سکه همي زد بزرِ جعفري
_در شکستن جهازات بطوفان_
يوسف مه رفته تـﮧ قعر چاه
يونس شب حوت گرفته پناه
فتنه بپا خواسته در رنگ باد
جوش زده بحر که طوفان فتاد
آتشي افروخت منقل حباب
سوخته هر خار و خسي را بر آب
ماهيﻋ موج از اثرِ برق باد
سينهﻋ خود را بشرر بر نهاد
جامه به تن چاک زده ناخدا
رفته ز سکان سکون جمله را
در کفِ ملاح ز بادي چنان
پنبهﻋ حلاج شده بادبان
ديدهﻋ گرداب ز بس کور بور
در طلبِ مردم پرشور بود
خورد شد آن جمله کشتي بر آب
درنفسي همچو سفالِ حباب
مردم خشکي همه آبي شدند
در چـﮧ ِ آن بحر شتابي شدند
_در صفت جنگ_
صور صرافيل دميده چو نائي
مغز هرﱞبران بچکيده ز نائي
بسکه بپا گشت دَم گاو دُم
گاو زمين و فلک انداخت سم
در کف پر برگ تبيره زنان
خون يلان بسته چو بيره زنان
بحر ستيز آنگه طوفان گرفت
پنجهﻋ خورشيد ببحران گرفت
تير فلک ريخت برنگِ خدنگ
گاهگشان پازده در نيم لنگ
ارﱞدرِ شمشير چو پر وار شد
هر طرف از زخم بهر غار شد
مغز راگنده شد از عطسه تيغ
در سر پيکار کنان بيدريغ
گشت بپا تاکه طريدِ ستيز
جان به برِ رستم شد ريز ريز
هر طرفي خاست ترنگا ترنگ
پنجهﻋ خورشيد شده بر خدنگ
شور چقا چاق نهنگِ خدنگ
ريخت همي مغز دماغِ پلنگ
بسته بخون بود يلان را مگر
لاله صفت کرده سپر در سپر
_صفت مبارزت نانک چند جوهري_
تيغ بکف نانک چند جوهري
بود چو الماس پيﻋ جان جري
تابزدي از سر غصه طريد
لعل ز فيروز همي شد پديد
داشته تيغش عمل کهربا
بهر خسيسان بجان در بلا
_صفت رزم دهنتر طبيب_
دهنتر آنجا که فشردي قدم
تيغش مي جسته ز کف دم بدم
شربتِ مرگ از کفِ او موجزن
بوده پيﻋ نوش عدو زمن
_صفت جنگ رس رنگ کلاونت_
کرده چو رس رنگ سوي رزم راه
جسته ز چنگش اجل آنجا پناه
گوش مخالف ز طريدش بخَست
تيغ دو دستي بزدي همچو مست
کرده بقانون شجاعان نبرد
از سرِ مرادن چو اجل ريخت گرد
گرز گران در کفش از پر دلي
زمزمه خوان بود به نقشِ يلي
_صفت نبرد چترمن مصور_
چترمن آنگه که شدي رزم جو
پاي عدو بود گو اندر فرو
در کفِ او مانده عدو نقش وار
بلکه چو تصوير بديوار يار
صفحهﻋ صحرا ز کفش رنگ بست
بسکه سرانِ سپه اندر شکست
_در فتح شاه و هزيمت دشمن_
شير علم ديده چو روباه شد
بود ز جان سير بلا خواه شد
پرچمِ اقبال شه از بادِ فتح
ترجمه مي بست باسناد فتح
(6)”ديوان قال غم“_(1171هه):ديوان
جو اهو تاريخي نالو آهي. منجهس غزل، قصيدا، مخمس،
ترجيع بند، و غيره سڀيئي اصنافِ سخن موجود هئا.9
هزار شعرن جو هي مجموعو به زماني جي دستبرد تباهه
ڪري ڇڏيو.
(7)”ساقي نامه“_ (1174هه):”ساقي
نامه“ جو انداز هي آهي:
ٻيا ساقيا زان ميﻋ ناب ده
بلب تشنگان يکدمي آب ده
که در آتشم از خمار شراب
باتش ز آتش توان داد آب
شب و روز در فکر آنم که کي
شود جان اين مرده دل باز حي
گروهي که رفتند زين تيره خاک
ندانم چه کردند باجانِ پاک
وضو را بابِ عنب مي کنم
نمازِ سرِ شام و شب مي کنم
همي بينم از دور محراب جام
که پيشش صراحي است اندر قيام
باين قائم الليل دارم شروع
که در سجده افتم ز بعدِ رکوع
موذن چو گلبانگ حيّ در زند
صراحي در جامِ مي در زند
در اخلاص مي چار قل بر زبان
چو مينا دهم روح گريه کنان
مناجاتيان تا نيا بند راه
بکوئي خرابات بردم پناه
مغني نواي که مستي دهد
رهي زن که ذوقِ الستي دهد
چو در کاسهﻋ سر نداريم آب
لبم تَر نمائي ز موجِ رباب
(8)”واقعات حضرت شاهه“_(1174هه):
هن جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ آيو آهي، جنهنڪري
ڀانئجي ٿو ته 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي. هن
مثنويءَ ۾ هڪ هزار شعر هئا. نسخو ڪوبه موجود نه
آهي. نالي ۽ هيٺين اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو ته
هيءَ مثنوي ڪربلا جي واقعات ۾ آهي، ۽ منجهس مختلف
بحرن ۾ شعر چيا ويا آهن.
مگر هلال که يک کشتي است طوفاني
تنور فتنـﮧ بس جوش کرده عماني
دونيمه گشتهﻋ دل روزگار روزِ عزا
يکي بزير زمين شد دگر بروي سما
زبس گريست محبانه زين مصيبت خون
فتاد ناخنه در چشم ارزقِ گردون
پر از ستاره نباشد بچشم اندهناک
ز ناوک غم گشتـﮧ مشبک اين افلاک
______ ______
مگر که مهر بروي سما نمود طلوع
درين معامله چشم مسيح شد نگران
______ ______
دمِ آبي نبوده جز دم تيغ
مگر از آسمان باريد اين ميغ
لباسِ چرخ زان گرديد نيلي
کزين جورِ زمانه خورد سيلي
برالدامِ خور از آن رعشه افتاد
که روزي کربلا مي باشدش باد
(9)”چهار منزلـﮧ“_(1174هه):
مصنف هن مثنويءَ جو ذڪر به ”مقالات الشعرا“ ۾ ڪيو
آهي، جنهنڪري مثنوي 4_ 11هه يا ان کان اڳ جي تصنيف
ڀانئجي ٿي. هڪ هزار شعرن جي هيءَ مثنوي به گم ٿي
ويئي. هيٺين اقتباسن مان اندازو ٿي سگهي ٿو:
_”در صفت حلقه بيني_
بروي راست بينش حلقه ديده
دکانِ حيرتم بر خويش چيده
کدامي بي ادب پيچيده بر راست
که شکل حلقهﻋ بينيش پيداست
تامل کرده تا من خوب ديدم
بروي راست بيني سر کشيدم
سرش گردِ دهانِ يار الحق
طلوعِ آفتابست اين ز مشرق
_در شکايت زمانه_
مرا از زري شد آنچه حاصل
نديده عشر آن قارون تـﮧ ِ گِل
مر او را کرده زر مردود ايزد
منم از بي زري در مردمان بد
بسي از دوستان در بي زري ام
همين رانند اندر زرگري ام
همه اخوان بحقِ اخ نويسند
شدم تا بينوا اخ اخ نمايند
کليم الله بفرض آيد گر باز
ازين قارون سرشتان نيستش ساز
کساني که چنين کالا کشيدند
مگر از خانهﻋ خالا کشيدند
(10)”تزويج نامهﻋ حسن و عشق“_(1174هه):
هي ڪتاب به 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي_نه نسخو
موجود آهي نه اقتباس، جنهن مان ڪتاب جي مضامين جو
اندازو ڪري سگهجي. البته پاڻ لکي ٿو ته هن ۾ مقفيٰ
۽ مسجع نثر لکيو ويو آهي. عنوان مان معلوم ٿئي ٿو
ته حسن ۽ عشق جي ميلاپ ۽ معاملات تي ادبي طور
طريقي ۾ خيال آرائي ڪئي ويئي هوندي.
(11)”اشعار متفرقه در منايع و تاريخ“_
(1174هه):
هي هڪ جدا مجموعو، ڄاڻايل سال تائين مرتب ڪيو
هئائين، جنهن ۾ تاريخي قطعا ۽ صنايع جا اشعار، هڪ
هزار جي تعداد ۾ هئا. اهو نسخو به گم آهي.
(12)”بوستان بهار“_(1174هه) معروف به”مکلي
نامه“:
”بوستاد بهار تازهﻋ دل“ مان سال تصنيف آمد ٿئي ٿو.
مڪليءَ جي منظرن ۽ مقبرن تي هن ۾ نظم ۽ مقفيٰ نثر
۾ شاعرانه خيال آرائي ڪئي ويئي آهي. هن جو مسودو
سنڌي ادبي بورڊ ۾ مصنف جي خط ۾ محفوظ آهي.
(13)”مقالات الشعرا“_(1174هه): مصنف لکي ٿو
ته
1169هه ۾، جڏهن هو ”مثنوي کامروپ“ لکي رهيو هو، ان
وقت کيس هن پيش بها تذڪري لکڻ جو خيال پيدا ٿيو.
انهيءَ سان هن لکڻ شروع ڪيو، ۽ پنجن سالن جي ديده
ريزيءَ ۽ محنت بعد 1174هه ۾ جوڙي تيار ڪيائين.
نالي مان اختتام جو سال نڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ان مان
5 عدد گهٽ ڪيا ته تصنيف جي شروعات جو سال 1169هه
معلوم ٿيندو. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي انهيءَ کان
اڳ ڪوبه تذڪرو ڪونه هو. اهو ئي پهريون ڪتاب آهي،
جنهن مان سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ معلوم ڪري
سگهجي ٿي. مير صاحب سنڌين کان سواءِ، هِن ۾ انهن
شاعرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي النسل نه هئا،
بلڪ ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهيا، يا سفر ڪندي سنڌ مان
اچي لانگهائو ٿيا. هن تذڪري لکڻ ڪري، مير صاحب جو
سنڌ تي اهو احسان عظيم آهي، جنهن جي بار کان سنڌي
قيامت تائين آجا نٿا ٿي سگهن. مصنف جي پنهنجي هٿ
اکرين لکيل نسخو، سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي، ۽
هڪ نسخو برٽش ميوزم ۾ به (589،21
ADD)
آهي، جيڪو 1246هه ۾ مير مراد علي خان لکرايو. انهن
ٻنهي نسخن جا نقل مون وٽ آهن؛ انهن کان سواءِ ٻيو
ڪوبه نسخو موجود نه آهي.
(14)”تاريخ عباسيه“_(1175هه):ميان
غلام شاهه 1175هه ۾ مير صاحب کي ڪلهوڙن جي تاريخ
لکڻ لاءِ مقرر ڪيو. معلوم نه آهي ته مير صاحب ڪهڙن
سببن ڪري ان کي مڪمل نه ڪيو، ليڪن ٺٽي جي ڪتبخانن
جي فهرست، جيڪا برٽش ميوزم ۾ (2073
O.R.)
آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب جو گهڻو حصو
لکجي چڪو هو. فهرست نگار لکي ٿو ته
”تاريخ عباسيه“ اعني در بيان ميان صاحبان ڪلهور.
از ابتداي آمدن سان در سند، مع تحقيقات نسب اوشان،
و تقرر زمينداري آن فرقه در سند، و بدست رسيدن
بانها حڪومت سند، و احوال و واقعات آن ايام، سيد
علي شير ’قانع‘ مرحوم در نظم و نثر تاليف و تصنيف
کرده، و مسوده ناتمام، از هر دو در کتابخانه
موجود_ نسخهﻋ نظم قريب بيست هزار ابيات.“
(15)”تاريخ عباسته“_(1175هه):
مٿئين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو نامڪمل
نسخو به مير صاحب جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، ۽ ان ۾
ويهه هزار اشعار هئا. ڀانئجي ٿو ته دستور مطابق
اها تاريخ ”شاه نامه“ جي طرز تي ساڳئي ئي بحر ۾
لکي ويئي هوندي. افسوس آهي، جو هنن ٻنهي ڪتابن جا
نسخا تلف ٿي ويا؛ ورنه انهيءَ دؤر جي تاريخ تي اهي
ٻئي تاريخون مستند ماخذ جو ڪم ڏين ها. جنهن صورت ۾
مير صاحب انهيءَ دؤر جي تاريخ تي جدا گانه ڪتاب
لکي رهيو هو، تنهنڪري ”تحفـة الڪرام“ ۾ ڪلهوڙن جو
ذڪر نهايت سرسري محض هن ڪري ڪيو اٿس ته
”ذکر شان در طبقه علحده ميگردد، و بنابر مزيد
فائده و اداي حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگن
اين سلسله مجملاً گذارش ميکند“.
(16)”تحفـة“ الڪرام“_(1181هه):مقالات
الشعرا“ کان پوءِ مير صاحب هي ٻيو ڪتاب معرڪي جو
لکي، سنڌ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ اهل علم ماڻهن
تي، عظيم احسان ڪيو. ڪتاب ٽن جلدن ۾ هيٺينءَ طرح
وراهيل آهي:
جلد پهريون_انبيا، حڪما، بادشاه ۽ خلفاي
اسلام جي حالات ۽ تاريخ ۾ _ چنانچه ٻئي جلد جي
ابتدا ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته
”از تاليف مجلد اول تحفـة الڪرام مشعر حالات خلاصه
موجودات انبيا و اوصيا، و حکما، و خلفا و سلاطين
فراغت يا فته“.
مطبوﻋـه نسخي ۾ جيڪو پهريون جلد آهي، سو
حقيقت ۾ ”تحفـة الڪرام“ جي پهريون جلد نه آهي، بلڪ
تاريخ ”مراة احمدي“ جي ٻئي جلد جا 86 صفحا ”تحفـة
الڪرام“ جي عنوان سان ڪنهن ڇپائي ڇڏيا آهن. ”مراة
احمدي“ 1357هه ۾ مطبع فتح الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو،
جنهن جي ساڳئي ڇاپي جي 86 صفحن کي علحده ڪري
غالباً ساڳيءَ پريس وارن، ان تي ”تحفـة الڪرام“ جو
نالو لکي، بقيه ٻن جلدن سان پيوست ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي جلد کي ستن اقليمن ۾ ورهائي، ۽ هر هڪ
اقليم جو تاريخي احوال ڏيئي، ۽ا ن جي هر هڪ شهر جي
بيان ڪرڻ بعد، انهيءَ شهر جي مشاهيرن جو ذڪر ڪيو
ويو آهي. مير صاحب اگرچ لکيو آهي ته هن متقدمين ۽
متاخرين جون تصنيفون ڏسي، پڙهي ۽ پوءِ اهو جلد
مرتب ڪيو آهي، ليڪن پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته امين
رازيءَ جي ”هفت اقليم“ کي هن بنياد بڻايو آهي، ۽
”حبيب السير“ ۽ ”مجالس المومنين“ تي هن مدار رکيو
آهي؛ چنانچه پنهنجي بزرگن جي حالات جي سلسلي ۾،
بنان حوالي جي، سموري عبارت، لفظ بلفظ ”مجالس
المومنين“ جي نقل ڪري ويو آهي_جيڪو طريقو تقريباً
سڀني متوسطين خواه متاخرين جو هو.
مطبوﻋـه نسخي ۾ ٻيو جلد سنه 1304هه ۾
غالباً بمبئيءَ مان شايع ڪيو ويو آهي.
ٽيون جلد حقيقت ۾ ”تحفـة الڪرام“ جو نهايت
قيمتي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ تي گويا
’انسائيڪلوپيڊيا“ جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جلد جي
ابتدا ۾، سنڌ جي تاريخ شروع کان ڪلهوڙن جي زماني
تائين بيان ڪئي ويئي آهي؛ ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي
شهرن جو احوال، ۽ ان ۾ رهندڙ مشاهيرن جو تذڪرو
آهي؛ آخر ۾ ٺٽي ۾ ان جي مشاهيرن جو مفصل ذڪرڪيو
ويو آهي. مير صاحب تاريخ جي سلسلي ۾ ”چچ نامه“،
”معصومي“، ”طاهري“، ”بيگلرنامه“، ۽ ”ترخان نامه“
کي ماخذ بڻايو آهي؛ البت مشاهيرن جو تذڪرو، ۽ سنڌ
جي قديم شهرن جي تاريخ تي، هن جيڪا تحقيق ۽ تلاش
ڪئي آهي، اها قابلِ داد ۽ اڻ وسرڻ جوڳي آهي. حقيقت
۾ محنت ۽ زحمت برداشت ڪرڻ ۾، مير صاحب ڪمال ڪري
ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڄ کان پوڻا به سـؤ ورهيه اڳ،
مير صاحب اهو مواد گڏ نه ڪري وڃي ها، ته هوند
مشاهيرن جي تذڪري، ۽ شهرن جي تاريخ جا سڀئي پهلو،
اڄ اسان جي اکين کان پوشيده، بلڪ سڄي ثقافتي ۽
علمي تاريخ گم هجي ها.
مطبوﻋ نسخي جو ٽيون جلد مطبع ناصريءَ
دهليءَ ۾ ڇپيو آهي؛ ۽ تقريباً انهيءَ ئي سال جو
ڇپيل آهي، جنهن سال ۾ ٻيو جلد شايع ٿيو.
مير صاحب 1181هه ۾ ”تحفـة الڪرام“ جو ٽيون
جلد ختم ڪري، هيٺيون اختتامي قطعو لکيو:
شکر خدا که تذڪرهﻋ ”تحفـة اڪرام“
اندر سـﮧ جلد يافته تزئين اختتام
هر جلد اوست روضهﻋ اخبار دلکشا
نظاره کيش مفت شود ديده شاد کام
”قانع“ اگر چـﮧ نيست سزا وار ذکر خير
ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام
باشد کنند اهل دلش ياد بعد مرگ
يعني که يادگار نکو ماند مستهام
سال تماميت چو نمود از خرد سوال
اينک چه ”منتخب“ ز دل آمد مرا پيام
_1181هه
شکرِ خدا که يافته تزئين انتخاب
اين ”تحفـﮧ.. الکرام“ بائين انتخاب
سال تماميت چو نمودم ز دل سوال
هاتف زده ندا که ”نو آئين انتخاب“
1181هه
مصنف جو پنهنجو دستخطي نسخو، لاهور جي
خانبهادر مولوي محمد شفيع صاحب وٽ آهي؛ ۽ برٽش
ميوزم ۾ جيڪي به نسخا مصنف جي پنهنجي خط جا آهن،
انهن جي فوٽو گراف ڪاپي مون وٽ آهي، جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1188هه تائين اضافا ڪندو
رهيو آهي.
(17) ”اعلان غم“_ (1192هه):
هن ڪتاب جو نالو ايليٽ واري فهرست ۾ ملي ٿو، ۽
لاهور واري تحفـة الڪرام جي سرورق تي به مير صاحب
جي تصنيفات ۾ هن جو نالو موجود آهي. فهرست نگار
تفصيل هن طرح ڏنو آهي:356 صفحا، في صفحو 34 سٽون؛
11732شعر؛ تاليف 192: هه، بخط مصنف، هن مثنويءَ ۾
نبين جي مصيبتن ۽ شهيدان ڪربلا جي تڪليفن جو ذڪر
ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين ڪوبه نسخو دستياب ٿي
ڪونه سگهيو آهي.
(18) ”زبدة المناقب“_ (1192هه):
هن خلفاﻋ راشدين، ۽ حضرات اثنا عشر جا مناقب آهن.
ايليٽ جي فهرست نگار هن طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا
362، في صفحو17 ۽ 20 سٽون؛ 1200 شعر؛ تصنيف
1192هه_ بخط مصنف. لاهور واري نسخي جي سر ورق تي
به هن ڪتاب جو نالو موجود آهي.
(19) ”مختار نامه“_ (1194هه):مختيار
ثقفيءَ جي حالات ۾ مير صاحب هيءَ مثنوي لکي. فهرست
نگار هيٺينءَ طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 208، في
صفحو سٽون 34_36؛ جملي اشعار 7 هزار؛ سن تاليف
1194هه. جنهن نسخي جو ذڪر ايليٽ جي فهرست نگار ڪيو
آهي، اهو ئي ساڳيو نسخو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي
ملڪيت آهي.
پهريون شعر هي آهي:
بنام جهانداور کردگار که بر قدرت اوست
مختارکار
آخري شعر اختتام جي تاريخ جو آهي.
(20)”نصاب البلغا“_(1198هه):مير
صاحب ”قاموس“ جي طرز تي، هي ڪتاب نهايت عجيب و
غريب، ۽ انتهائي محنت ۽ تحقيق سان لکيو آهي. هيٺين
چند عنوانن مان ڪتاب جي مواد جو اندازو ڪري سگهجي
ٿو:
(1) علم طب و متعلقات او؛ (2) اسماﻋ اعضا؛ (3)
اسباب غذا؛ (4) ذکر آب و زمين؛ (5) اجناس غله؛ (6)
اقسام سبزي و بقول؛ (7)موسم کاشت؛ (8) ذکر لحوم؛
(9) ذکر شير و متعلقاتش؛ (10) عطر يات و عقاقير؛
(11) طعام؛ (12) اقسام فواکه، (13)ـ آلات و ادوات
طبخ؛ (14) اقسام پلاءَ؛ (15) اصناف قليـﮧ، (16)
برياني و غيران؛ (17) اقسام آش؛ (18) اقسام کشک؛
(19) اقسام آچار؛ (20) اقسام خاکينه؛ (21) اقسام
حلويات و ماليده، (22) الوان نان؛ (23) اوقات طعام
خوردن؛ (24) حيوانات پوستينه؛ (25) چرم دوزي و
آلات آن؛ (26) لباس پشميني، (27) لباس نفيس
پشمينه؛
(28) آلات ندف؛ (29) آلات جولاهي؛ (30) الوان
اقمشه و اجناس ان؛ (31) صباغي و الوان آن؛ (32)
اقسام کسوات؛ (33) پاپوشها؛ (34) اقسام متفرق
جامها؛ (35) آلات درزي و کشيده کاري؛ (36) در
عمارات؛ (37) درود گري؛ (38) الوان عمارت زمستاني
و تابستان؛ (39) لوازم خانه؛ (40) حيوان خانه
داري؛ (41) تجملات خانه از فروش و مراکب؛ (42) در
بيان طيور؛ (43) لوازم شهريت؛ (44) لوازم ترتيب
شهر؛ (45) اهل حرفت؛ (46)تجار و بيع و شراع؛
(47)اسباب حڪومت و متعلقات آن؛ (48) مناصب والقات
عهده داران؛ (49) تسجيل و دفاتر؛ (50) ضوابط و
قواعد در اسماﻋ اصطلاحات؛ (51) الفاظ متعارفه؛
(52) تاهل و تناکح و توالد؛ (53) آرائش عروس؛ (54)
دامادي و صحبت؛ (55)لوازم مولود؛ (56) ابتداي
حمل؛(57) لوازم طفل، (58) بازيهائي اطفال؛ (59)
تعليم و تعلم اطفال؛(60) اصطلاحات علوم؛ (61) شعر
و شاعري؛ (62) آداب دبيري؛ (63) علم لغت، (64)
قواعد مساحت، (65) ضوابط علم نجوم؛ (66) اسماي
منازل ماه؛ (67) تقسيم منازل بر بروج؛ (68) سال
عربي؛ (69) عدد ايام سال فارسي؛ (70) ماههاي بحساب
شمس؛ (71) مههاي سندهي و نامهاي فارسي؛ (72)
لوازمات سواري؛ (73) اسلحه حرب؛ (74) جانوران
شکاري؛ (75) حيوانات؛ (76) طيور خوردني و غير آن؛
(77) تشرب و اقسام آن؛(78) اوقات تشرب؛ (79)تغني و
اوقت آن؛ (80) نغمات اهل فرس؛ (81) بيان سي لحن؛
(82) نام سراينده و سازها؛ (83) نغمات اهل هند؛
(84) سياحت و سير؛ (85) صفت جبال ؛ (86) لوازم
بحار ۾ مراکب؛ (87) جانوران آبي و اقسام ماهي؛
(88) حشرات موزي وغيرهم؛ (89) اشجار و نباتات؛
(90) اوقات و جهات واماکنه.
ڪتاب 185 صفحن جو آهي؛ باريڪ شڪسته خط
اٿس؛ آخر ۾ مصنف لکيو آهي: ”کاتبه و مولفه روز
خميس چهاردهم رجب 1198هه“.
ڪتاب جي مٿين عنوانن مان مير صاحب جي همه
گير معلومات ۽ تحقيق ۽ تجسس جو اندازو ڪري سگهجي
ٿو. ڪتاب ۾ مٿين عنوانن هيٺ نه فقط عنوان سان
متعلق معلومات فراهم ڪئي ويئي آهي، بلڪ انهيءَ
سلسلي جي سموري لغت به ڏني ويئي آهي ۽ محاورا به
ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ خود سنڌيءَ جي ڪيترن متروڪ
لفظن جو پتو پوي ٿو.
انهيءَ ڪتاب جو واحد نسخو حضرت مولانا
محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾
موجود آهي.
(21)”مثنوي ختم السلوک“_ (1199هه):”ختم
السلوک“ مان سال تصنيف نڪري ٿو. هيءَ مثنوي تصوف
جي سلسلي جي آهي. 286 صفحا، هر صفحي ۾ 15 شمر _
مثنويءَ جو پهريون شعر آهي:
من که باشم تا زنم دم از ثنا چون بلا
احصيٰ محمد زد ندا
آخري شعر، جنهن مان سال تصنيف به برآمد
ٿئي ٿو، هي آهي:
هاتف اينجا ديد خوش کارم چو.. سال وي گفتا بود
”ختم السلوک“
1199هه
انهيءَ مثنويءَ جو واحد نسخو _ جيڪو مير
مرحوم جي پنهنجي خط ۾ آهي_ هن وقت ادبي بورڊ جي
ملڪيت آهي. مير صاحب مثنويءَ جي پهرين ٽن صفحن ۾،
مثنويءَ جي مضامين جي فهرست ڏني آهي، جنهن کي اسان
هن هيٺ نقل ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙ مثنويءَ جي
اهميت ۽ افاديت جو اندازو ڪري سگهن:
(1) مقدمه در بيان علم قيام.
(2) مقاله در بيانِ معرفت حق سبحانه: در آنکه صحت
عقل و رويت آيـﮧﻋ سبب معرفت است نه علت معرفت؛
اقوال شيخ در معني معرفت، معني معرفت؛ در خلاف
نفس؛ معرفت نفس که علم بان علم بحق است؛ اقوال
شيخ؛ کيفيتها ارتباط نفس بمعرفت الاهي؛ معرفت روح؛
وصف روح اعظم؛ در بيان آنکه آدم مظهر روح کلي ست.
(3) مقاله در بيانِ توحيد باري: اقوال شيخ؛ توحيد
ايماني؛ توحيد علمي؛ توحيد حالي؛ اقوال شيخ؛ توحيد
الاهي.
(4) مقاله در بيانِ تصوف: وجهه تسميه؛ تلقين؛ لقب
صوفي؛ معني صوفي و متصوف؛ اقوال شيخ در وصف صوفي و
متصوف.
(5) مقاله در بيانِ فقر: فقر و غفا؛ جواب و سوال
ابن عطار و جنيد؛ اقوال شيخ؛ تقسيم محققان فقر.
(6) مقاله در بيانِ توبه: معني توبه و اقسام آن و
خصوصيـﮧ؛ اختلاف اقوال شيخ در وصف و صحت آن؛ احوال
و مقامات و ار کان توبه؛ چهار مقام توبه؛ پنج ار
کان توبه؛ تنائج توبه و درجات آن.
(7) مقاله در بيانِ تو کل: مواضع اطلاق تو کل؛
اقسام رزق؛ علو توکل و متو کلان.
(8) مقاله در بيانِ صبر : انواع متعلق صبر؛ انواع
صبر؛ اقوال شيخ.
(9) مقاله در بيانِ شکر: مواضع شکر؛ اختلاف شيخ؛
معني شکر؛ انواع شکر؛ تبيين و قسم نعمت، و دو قسم
شاکران.
(10) مقاله در بيانِ رضا: حقيقت رضا و قسمين آن؛
اقسام راضيان.
(11) مقاله در بيانِ حال و مقام: فرق بين الحال و
المقام؛ اختلاف در دوام حال.
(12) مقاله در خوف و رجا: بيان قسمين خوف و وصف
هريک؛ و صف رجا و ارتباط آن بخوف.
(13) مقاله در بيانِ جمع و تفرقه_ تفضيل جمع بر
تفرقه،
(14) مقاله در سکر و المحو: تبين مقامان واحدين؛
اختلاف در فضل سکر و محو.
(15) مقاله في الغنا و البقا: تبين اقوال دران.
(16) مقاله در بيانِ غيب و شهود.
(17) مقاله در بيانِ تجلي.
(18) مقاله در بيانِ محبت: اقوال شيخ.
(19) مقاله در بيانِ سماع و ما يتعلق بـﮧ: اباحت
سماع شعر؛ اباحت اصوات؛ فوايد چند مخصوصه؛ اقوال
شيخ؛ مراتب اهل سماع؛ في الوجد والوجود؛ اختلاف
شيخ؛ در رقص و پاکوبي؛ خرق خرقه؛ آداب سماع.
(20) مقاله در لبس خرقه.
(21) مقاله در بيان اختلاف احوال مردمان و عد
اقسام آن تبين مشتبهان.
(22) مقاله در بيان اهل و لايت.
(23) خاتمه متضمن تاريخ اختتام.
ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ايڪيهه مقالا، ۽ هڪ
خاتمو آهي.
(22)”طومار سلاسل گزيده“_ (1202هه):
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشاهير تصوف جي طريقت جا سلسلا
بيان ڪيا ويا آهن. تاليف جو سال مٿئين نالي مان بر
آمد ٿئي ٿو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ لاءِ هي ڪتاب
ازحد ڪارآمد آهي. هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ
جي بزرگن ۽ صوفي سڳورن جي طريقت ۽ بيعت جو ڪهڙو
سلسلو هو. مير صاحب هي ڪتاب وفات کان هڪ سال اڳ
لکيو _ جيئن هيٺ اچي ٿو. ڪتاب جو واحد نسخو مصنف
جي خط ۽ مهر سان، سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجود آهن.
(23)”شجرهﻋ اطهر اهلبيت“_ (1202هه):
نالي مان تاليف جو سال نڪري ٿو. مير مرحوم مٿئين
ڪتاب وانگر، هي ڪتاب لکي سنڌ جي تاريخ تي وڏو
احسان ڪيو؛ ليڪن افسوس آهي، جو ان جو نسخو تلف ٿي
ويو، ۽ اڄ تائين دستياب ٿي نه سگهيو. ”معيار
سالکان طريقت“ جي ديباچي ۾ مير صاحب لکي ٿو:
”در سال دويم و دوازده صد هجري که آفتاب عمر برلب
بام، و سبق حيات قريب باختتام، شصت و سه سال از
عمر در رفت، و امراض چند طبيعت را تفت، اول شجرهﻋ
اهل بيت سنڌ وغيره بقدر دريافت نوشته؛ ثانياً
طوماري در ذکر اسماﻋ سلاسل گزيده طريقت نگاشت:
تاريخ اول ’شجرهﻋ اطهر اهليت“، و تاريخ ثاني،
’طومار سلاسل گزيده، دست داده“.
|