سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :49

 

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ *

سنڌ هڪ قديم تمدن، تهذيب ۽ تاريخ وارو ملڪ آهي؛ ليڪن ارمان آهي، جو سندس تاريخ ۽ ان جي آثارن تي صدين جي گرد و غبار ايترا ته پردا چاڙهي ڇڏيا آهن، جو هوند ڪو هي ڄاڻڻ گهري ته سنڌ ڇا آهي، ۽ دنيا جي تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ آثارن ۾ سندس ڪهڙو درجو ۽ مرتبو آهي، ته هن کي يقيقاَ مايوس ٿيڻو پوندو؛ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪابه اهڙي جامع، مڪمل ۽ مسلسل تاريخ ڪانه آهي، جيڪا انهيءَ ڏس ۾ اسان جي رهنمائي ڪري سگهي.

هي ملڪ هميشه کان انقلابن جو گهوارو رهيو آهي. تاخت ۽ تاراج، اندروني خواهه بيروني، پهرئين ڏينهن کان وٺي سندس ڪرمن ۾ لکيل آهي. انساني هٿ چراند، پنهنجن جي بي توجهي، ۽ ذوق جي گهٽتائيءَ سبب هتان جا آثار مٽجي چڪا آهن؛ علمي ذخيرا منتشر ٿي ويا آهن؛ ۽ تاريخ جا ورق اهڙيءَ ريت ٽڙي پکڙي ويا آهن، جو انهن کي دستياب ڪرڻ ۽ انهن جو گڏ ڪرڻ ڏکيو بلڪ ڪنهن حد تائين ناممڪن آهي. سنڌ تي هونءَ ئي تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ليڪن جو ڪجهه سرمايو موجود هو، سو به اسان جي پهچ کان ٻاهر هليو ويوِ: هن وقت جيڪي ڪجهه هَڙ ۾ آهي؛ سو انهيءَ قابل نه آهي، جو اسان جي علمي اُڃ ۽ تحقيقي اَساٽ کي دور ڪري سگهي.

عربيءَ ۾ ڪجهه منتشر مواد ملي ٿو؛ ڪي قدر نشان پتا ايراني تاريخن ۾ ملن ٿا؛ چند ورق هندستاني تاريخ ۾ محفوظ آهن. سنڌين، جيڪي ڪجهه لکيو سو گهڻو ضايع ٿي ويو، باقي جيڪو ڪجهه آهي، اهو به قديم رنگ ۾ رڱيل آهي، جنهن ۾ تحقيق گهٽ ۽ روايات زياده آهن، جنهنڪري مطالعي ۽ تحقيق جي جديد اقدارن جي ضرورت پوري نٿو ڪري سگهي.

سنڌ پنهنجي جغرافيائي صورتحال سبب هڪ جداگانه خطي جي حيثيت رکي ٿو: ايراني مـﺆرخ انهيءَ ڪري لاڙو ڪري ويا، جو هيءُ انهن جي حدود اربع کان ٻاهر هو؛ هندستاني تاريخ نويسن چند صفحن يا ضمني مباحثن کان وڌيڪ لکڻ جي ضرورت هن ڪري محسوس نه ڪئي، جو هيءُ ملڪ هندستان کان، سواءِ چند وقفن جي، هميشه الڳ رهيو، ۽ ان کانسواءِ جغرافيائي نقطي نگاهه کان ايترو دور ۽ انهيءَ آخري ڪنڊ ۾ واقع هو، جو ضروري توجهه ۽ مناسب التفات جو مرڪز بڻجي نه سگهيو. عرب مـﺆرخن جي نگاه کان ته هيءُ چوٿين صدي هجريءَ ۾ ئي هٽي ويو، ليڪن جڏهن هو عربي سلطنت جو حصو هو، ان وقت به، دور افتگادگيءَ سبب، خاص دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ڪونه سگهيو. مداينيءَ جي تاريخ اڄ ناپيد آهي؛ ”فتوح البلدان“، ”تاريخ يعقوبي“، ”ڪامل ابن اثير“ ۽ چند عربي جغرافيا، ۽ سفرناما نه هجن، ته سنڌ جو عربي دﺆر به اڄ اسان جي نگاهن کان اهڙيءَ طرح لڪل رهي ها، جهڙيءَ ريت عربن کان اڳ جو دﺆر اڄ اسان لاءِ سربسته راز آهي.

منهنجي هن مضمون جو مقصد هيءُ آهي ته سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگن اڳيان آءُ سنڌ جو تاريخي مواد پيش ڪريان، جنهن کي مون سهوليت خاطر پنجن حصن ۾ ورهايو آهي:

(1) تاريخ جو اهو مواد، جيڪو سنڌ اندر مرتب ڪيو ويو؛

(2) سنڌ تي اهو تاريخي مواد، جيڪو هندي ۽ ايراني تاريخن ۾ ملي ٿو؛ ۽

(3) سنڌ تي اهو تاريخي مواد، جيڪو عربي ڪتابن ۾ آهي.

پهريان ٻه حصا فارسيءَ ۾ لکيل تاريخن تي ٻڌل هوندا، ٽيون عربي زبان ۾ لکيل ماخذن متعلق هوندو، ۽ باقي ٻن ڀاڱن جي ترتيب هن ريت ٿيندي:

(4) انگريزن، تاريخ سنڌ تي ڪهڙا ڪتاب لکيا؛ ۽

(5) سنڌي زبان ۾ تاريخ سنڌ تي ڇا آهي.

پهريون حصو هينئر پيش ڪري رهيو آهيان. مدتن جي مطالعي ۽ سالن جي ڳولا ڦولا بعد؛ ڪٿان ڪک ڪٿان پن هٿ ڪيا اٿم، تڏهن وڃي هي خاڪو تيار ٿيو آهي. آءُ اميد ٿو ڪريان ته پنهنجي وطن جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ منهنجي هيءَ محنت ڪنهن حد تائين ڪارآمد ثابت ٿيندي.

(1) چچ نامو_ مترجم، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي_ تاليف تخميناً 613هه. هي سنڌ جي تاريخ تي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ غير مسلم ۽ عربي دﺆر جي تاريخ ملي ٿي.

اصلي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو ويو هو؛ جنهن جو فارسي ترجمو علي بن حامد ڪوفيءَ، تقريباً 613هه ڌاري ڪيو. ڊاڪٽر داﺆد پوٽي صاحب جي خيال ۾، ڪتاب جي اصلي مصنف جو نالو خواجه امام ابراهيم آهي، جنهن جو حوالو ڪتاب جي صفحي 151 تي ملي  ٿو.

علي بن حامد، جڏهن ڪوفي کان هجرت ڪري اُچ ۾ آيو، ان وقت کيس سنڌ جي تايخ تي هڪ ڪتاب لکڻ جو اچي خيال ٿيو. مواد جي تلاش ۽ تحقيق لاءِ هو سنڌ جي قديم دارالسلطنت اروڙ ۾ پهتو. قاضي اسماعيل بن علي ثقفيءَ کيس ”منهاج الدين و الملڪ“ نالي هڪ عربي ڪتاب آڻي ڏنو، جيڪو سندس قول مطابق سندس بزرگن مان ڪنهن جو تصنيف ڪيل هو. علي بن حامد انهيءَ ڪتاب جو فارسي ترجمو ڪري، سنڌ جي واليء، ناصرالدين قباچ، جي وزير عين الملڪ فخرالدين حسن بن ابي بڪر الاشعريءَ جي نالي سان معنون ڪيو.

ڪتاب جا نالا مختلف آهن، مثلاَ ”چچ نامه“، ”تاريخ نامه“، ”فتح نامه“، ”تاريخ هند و سنڌ“، ۽ ”تاريخ قاسمي“ وغيرهه. خواجه نطام الدين بخشيءَ ”طبقات اڪبريءَ“ ۾ ان جو نالو ”منهاج المسالڪ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جو  خيال آهي ته ”چچ نامي“ جون روايتون مدايني تان ورتل نظر اچن ٿيون. مدايني سنه 215_225هه جي وچ ڌاري فوت ٿيو. تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ”چچ نامو“ سنه 225_255هه جي وچ ڌاري تصنيف ٿيو هوندو، ڇو ته سنه 255هه ۾ بلاذريءَ (المتوفي سنه 279هه) ”فتوح البلدان“ پورو ڪيو.

هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن مان اسان کي برهمڻ، ٻڌ ۽ راءِ گهراڻي جو احوال معلوم ٿئي ٿو، ساڳئي وقت عربن جي فتوحات ۽ بنو اميه ۽ بنو عباس جي سنڌي حڪومت جي ڪاروبار جو به پتو پوي ٿو. اگرچه ڪتاب قديم رنگ ۾ آهي، ۽ واقعات تحقيق سان ڪونه لکيا ويا آهن، تاهم ڪتاب جي اهميت تي ڪو اثر ڪونه ٿو پوي.

فارسيءَ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ان کي انجمن مخطوطات حيدرآباد دکن طرفان، مقدمي، تعليقات ۽ مفيد حاشين سميت 1939ع ۾ شايع ڪيو.

ديباچي، فهرست، مقدمي، متن ۽ انڊيڪس سميت جملي 291 صفحن تي ڇپيل آهي. انگريزي ترجمو سنه 1900ع ۾، مرحوم مرزا قليچ بيگ شايع ڪيو، ۽ ان جو سنڌي ترجمو تازو سنه 1954ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.

(2) تاريخ معصومي_ مصنف، مير محمد معصوم ”نامي“ بن سيد صفائي ترمذي البڪري (متوفي 1014هه)_ تصنيف سنه 1009هه. مير معصوم جي تاريخدانيءَ جا سڀ تذڪري نگار ۽ مـﺆرخ معترف آهن. خواجه نظام الدين بخشيءَ (متوفي 1004هه)، ”طبقات“ لکڻ وقت مير معصوم کي ئي بطور مددگار ۽ مشير جي پاڻ سان گڏ رهايو هو.

”تاريخ سنڌ“ ۽ تاريخ معصومي“ ڪتاب جا نالا آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو خيال آهي ته مير معصوم، 1008_1009هه ڌاري، اهو ڪتاب تصنيف ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ قسم جي شهادت ڪتاب مان ملي ٿي. ڪتاب جو پهريون حصو، قديم تاريخ، اسلامي عهد، ۽ ارغون ۽ ترخان دﺆر تي منحصر آهي، ۽ پويون اڌ مغل دﺆر جي تاريخ تي آهي. ڪتاب چئن جزن ۾ ورهايل آهي.

تاريخ معصوميءَ جو قديم ترين خطي نسخو، پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتابخاني ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتاب جو سال 1017هه آهي، يعني مصنف جي وفات کان 3 سال پوءِ لکيو ويو ۽ تصنيف ٿيڻ کان تقريباَ 8 سال بعد ۾ ان جي ڪتابت ٿي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، ”تاريخ معصوميءَ“ کي بمبئي جي ” ڀنڊاڪر اورينٽل ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ طرفان، سال 1938ع ۾، ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. انگريزي ترجمو، هڪ صدي اڳ 1855ع ۾، مسٽر ميلٽ (G. G. Mellet) شايع ڪيو، ۽ پهريون سنڌي ترجمو منشي ننديرام، 1861ع ۾، ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. ويجهو ان جو ٻيو صاف ۽ سليس سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي واري نسخي تان، مولوي امير احمد صاحب ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان، سنه 1953ع ۾ ڇپيو آهي.

”چچ نامي“ ۽ ”تاريخ معصوميءَ“ جي وچ ۾ ساڍن چئن سوَن ورهين جو خال موجود آهي. انهيءَ وچ ۾ سومرن ۽ سمن جي سنڌ تي حڪومت ٿي؛ انهيءَ کان سواءِ ايراني ۽ هندي به سنڌ تي باربار ڪاهي آيا. انهن ساڍن چئن صدين لاءِ اسان وٽ ڪابه تاريخ موجود ڪانه آهي؛ انهيءَ دﺆر ۾ غالباً ڪابه تاريخ ڪانه لکي ويئي، يا وري ڪا هئي ته اها گم ٿي ويئي، جنهنڪري انهيءَ سموري دﺆر جي تاريخ تاريڪيءَ ۾ آهي.

”تاريخ معصومي“ ارغون، ترخان ۽ اڪبري دﺆر تي ازحد مفيد ۽ معتبر آهي.

(3) بيگلر نامو_ مصنف، ادراڪي بيگ، بيگلاري، ٺٽوي_ تصنيف 1017هه. مصنف جي حالات جو پتو ڪونه ٿو پوي: صرف اها سُڌ آهي ته سندس تعلق سنڌ جي ارغون قبيلي سان هو. هن پنهنجي ولي نعمت، خان زمان امير شاهه قاسم خان بن امير شاهه قاسم بيگلار، جي احوال ۽ جنگي ڪارنامن ۾ هي ڪتاب سنه 1017هه ۾ لکيو، ۽ 1034هه تائين ان ۾ اضافا ڪندو رهيو. ساڳئي مصنف 1010هه ۾، ”چنيسر نامه“  نالي هڪ عشقيه مثنوي به لکي.

ارغوني ۽ ترخاني دﺆر جي سلسلي ۾ هيءَ تاريخ بيحد مفيد ۽ قيمتي آهي. ڪتاب اڃا خطي حالت ۾ آهي؛ يورپ خواه هندستان جي ڪتبخانن ۾ ان جا نسخا موجود آهن؛ مون وٽ به هڪ نسخو آهي.

(4) تـــــــــاريـــــــخ طــــــاهـــــــري_ مصنف، مــــيــــر طاهر محمد ”نسياني“ بن سيد محمد حسن ٺٽوي_ تصنيف سنه 1030هه.

مصنف، مرزا غازي بيگ بن مرزا جاني بيگ ترخان (متوفي 1021هه) جو ملازم هو. مرزا غازيءَ جي انتقال بعد، هن موٽي اچي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هي ڪتاب مرزا شاهه محمد عادل بيگ خان بن شاهه بيگ ارغون (ثاني) گورنر قنڌار (1002_1028هه) ۽ گورنر سنڌ (1028هه) جي فرمائش تي، مير طاهر تصنيف ڪيو. مصنف 1021هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1030هه ۾ لکي پورو ڪيو. ارغون ۽ ترخان دﺆر تي هي تاريخ نهايت مستند آهي؛ منجهس 1021هه تائين، يعني مرزا غازيءَ جي انتقال تائين احوال آهي.

اڃا تائين هي ڪتاب شايع ڪونه ٿيو آهي؛ خطي نسخا ڪيترن ڪتبخانن ۾ دستياب ٿين ٿا؛ مون وٽ به هڪ نسخو موجود آهي؛ جنهن ۾ 463 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ 12 سٽون آهن؛ سنڌي ادبي بورڊ ۾ به هڪ نسخو موجود آهي.

(5) مظهر شاهجهاني_ مصنف، ميرڪ يوسف بن ابوالقاسم ”نمڪين“ البکري(1)، سال تصنيف 1044هه.

سنڌ جي تاريخ تي جيڪي ڪتاب اڄ تائين دستياب ٿيا آهن، انهن ۾ صرف بادشاهن جو احوال، اميرن جو بيان، لڙاين جا قصا ۽ ملڪ گيريءَ جا داستان ڏنل آهن؛ ليڪن هيءُ ئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انهن ڳالهين کان ڪنارو ڪندي، سنڌ جي جاگرافيءَ، سنڌ جي تمدن، تهذيب، قومن، زراعت، محصول، آب رسانيءَ، ۽ ملڪ جي عوامي ۽ عام حالتن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو آهي. سنڌ جي هرهڪ صوبي تي جدا جدا باب لکيو ويو آهي، جنهن ۾ مفصل حالات اهڙا قيمتي ۽ انهيءَ حد تائين نادر آهن، جو اسان کي سواءِ انهيءَ ڪتاب جي، ٻئي ڪنهن به ذريعي سان معلوم ڪين ٿي سگهن ٿا.

مون جيڪو نسخو ڏٺو، اهو دراصل پروفيسر آذر مرحوم جي ملڪيت هو، ۽ غالباً هن وقت پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، ۽ يقيناً اهوئي اڪيلو نسخو دنيا ۾ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته نه ڪنهن تاريخ ۾ ان جو حوالو آيل آهي، ۽ نه ڪنهن ڪتبخاني ۾ ان جي ڪا ڪاپي موجود آهي_ يورپ خواه هندستان جي سڀني ڪتبخانن جون فهرستون مون اٿلائي ڏٺيون آهن.

هي نسخو، 1044هه جو لکيل آهي، ۽ مصنف جو خود اهو پنهنجو نسخو آهي. ڪتاب جي ٻاهرئين صفحي تي مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين هي نوٽ لکيل آهي: ”مان هي نسخو پنهنجي وڏي ڀاءُ، ابوالبقا امير خان، جي فرزند ضياءالدين يوسف جي حوالي ڪريان ٿو. ڇاڪاڻ ته هن وقت هوئي ان جو مستحق آهي.“ ڀانئجي اهو ٿو ته اهوئي پهريون ۽ پويون نسخو آهي، جنهن جو ٻيو نقل ڪونه ٿي سگهيو.

ڪتاب خوشخط ۽ بيحد سٺيءَ حالت ۾ آهي، سائيز 2/51 اٿس. 6 صفحن تي فهرست، ۽ 814 صفحن ۾ متن آهي. هر صفحي تي 13 سٽون آهن. ڪتاب جيئن ته نادر ۽ قيمتي آهي، تنهنڪري ڪتاب جي مضامين جي فهرست ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو:

ڪتاب، شاهجهان بادشاهه لاءِ لکيو ويو آهي ۽ سندس ئي نالي تي معنون ڪيل آهي. ڪتاب کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي؛ پهرئين حصي ۾، جيڪو 1 ورق کان شروع ٿي، 668 ورق تي ختم ٿئي ٿو. بادشاه کي ملڪراني، سياست ۽ دستور حڪومت جي رمزن ۽ نڪتن کان آگاهه ڪيو ويو آهي؛ فهرست هن طرح آهي:

قسم اول: در آن چه بادشاهان را مجملاً در کار است، و ابن قسم بر چهار باب است:

باب اول: در ترغيب و ترهيب که متعلق اند به سلطنت و اين باب منجر به دو فصل است:

فصل اول: در ترغيب به امارت و سلطنت،

فصل دوم: در ترهيمي که متعلق به سلطنت است.

باب دوم: در آنچه بادشاهان مردم را، امرا بدقت نظر فهميد بکنند.

باب سوم: در رعايت ملڪ و تربيت خدم و حشم، و اين باب منجر به چهار فصل است:

فصل اول: در رعايت ملک،

فصل دوم: در تربيت خدم و حشم و آداب ايشان،

فصل سوم: در تربيت صاحب صوبه،

فصل چهارم: در تربيت خدم و حشم.

باب چهارم: در خلقت بائيست که بادشاهان اولي الامر را حق جل و عليٰ عنايت کرده، و اين باب منجر به بيست فصل است:

فصل اول: در توکل،

فصل دوم: در علو همت،

فصل سوم: در عزم،

فصل چهارم: در جدوجهد،

فصل پنجم: در ثبات،

فصل ششم: در عدالت،

فصل هفتم: در خيرات و مبرات،

فصل هشتم: در شفقت و مرحمت،

فصل نهم: در سخاوت و احسان،

فصل دهم: در انجاح حاجات،

فصل يازدهم: در مشاورت،

فصل دوازدهم: در حزم،

فصل سيزدهم: در غيرت،

فصل چهار دهم: در سياست،

فصل پانزدهم: در تيقظ و خبرت،

فصل شانزدهم: در خواست،

فصل هفت دهم: در کتمان اسرار،

فصل هزدهم: در اغتنام فرحت و طلب نيکنامي،

فصل نوزدهم: در صحبت اخيار،

فصل بيستم: در دفع اشرار.

هن ”قسم“ ۾، مصنف مثال طور ڪيئي سنڌ جا واقعا پيش ڪيا آهن، جي ڪنهن به ٻيءَ تاريخ ۾ موجود نه آهن. ان کانسواءِ ڪي اهڙا به واقعا لکيا اٿس، جيڪي سندس چشم ديد آهن، يا سندس ڀاءَ امير ابوالبقا امير خان صوبه دار سنڌ (متوفي 1057هه) جي صوبه داريءَ سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ مغلن جي گورنرن جي زماني جا ڪيترا عجيب و غريب واقعات پڻ هن حصي مان معلوم ٿين ٿا: مالگذاريءَ، ڍل، زراعت، جمع بنديءَ ۽ وصوليءَ وغيره جا جيڪي سنڌ ۾ طريقا ۽ رواج هئا، انهن جو به احوال ڪيترين جاين تي مثال طور ڏنو ويو آهي، ۽ اهڙي قيمتي ۽ ڪارآمد معلومات فراهم ڪئي ويئي آهي، جو سواءِ هن ڪتاب جي ٻئي هنڌان ناممڪن آهي ته ملي.

هن ڪتاب جو ”قسم ٻيو“، ورق 228 کان شروع ٿي، 407 ورق تي ختم ٿئي ٿو، جنهن جي فهرست هن طرح آهي:

قسم دوم: در بيان احوال ولايت سندهه، و اين قسم منجر به چهار باب شد:

باب اول: در بيان احوال ملڪ بکهر؛

باب دوم: در بيان احوال ملڪ سيوي؛

باب سويم: در بيان احوال ملڪ ڻهڻه؛ ۽

باب چهارم: در بيان ملڪ سهوان، و اين باب مشتمل بر پنج فصل است:

فصل اول: در بيان احوال پر گنجات اين ملڪ از روي اجمال،

فصل دوم: در بيان متمردان و مفسدان اين ملڪ،

فصل سوم: در سبب خرابيء رعيت ملڪ سهوان و قوت گرفتن متمردان،

فصل چهارم: در تربيت ملڪ سهوان از روي اجمال، ۽

فصل پنجم: در تربيت فرونشاندن آتش تمرد و مفسدان ملڪ سهوان.

هي حصو سنڌ جي تاريخ تي صرف ڪيل آهي. قومن جي احوال، پيدا ٿيل فسادن جي اسبابن، قبيلن جي نسبن، قبائلي سردارن کي راضي رکڻ جي ترڪيبن، صوبن جي ۽ انهن جي پرڳڻن جي مالگذاريءَ، زراعت، جمع بنديءَ، وصوليءَ، آب رسانيءَ، فصلي موسمن، وغيره، خواه عوام جي حالتن، رهڻيءَ ڪهڻيءَ، ۽ عادتن اطوارن تي مفصل روشني وڌي ويئي آهي. هن ڪتاب مان ملڪ جي اندروني وڳوڙن، سياسي حالتن، تمدني ۽ معاشرتي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو نقشو اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سنڌ جي مغل دﺆر تي، ان کان اڳ يا ان کان پوءِ ڪوبه ڪتاب ايڏو جامع، قيمتي ۽ نادر معلومات سان ڀريل ڪونه لکيو ويو آهي. افسوس آهي، جو ايڏو بيش بها مخطوطو ٽي سـﺆ سال دنيا جي اکين کان لڪو رهيو.

(6) ترخان نامون: مصنف، سيد جمال الدين بن مير جلال الدين حسيني شيرازي ٺٽوي، تصنيف 1065هه.

مصنف هيءُ ڪتاب، مرزا محمد صالح ترخان بن مرزا عيسى (ثانيءَ) جي فرمائش تي، 1065هه ۾ لکيو. مرزا صالح وٽ ”ترخان نامه“ جي نالي سان پنهنجي خاندان جي تاريخ موجود هئي، ليڪن اها وٽانئس گم ٿي ويئي هئي، جنهنڪري هن ساڳئي نالي سان ٻي تاريخ تيار ڪرائي.

سيد جمال الدين، خانداني روايات ۽ تاريخي ڪتابن جي مدد سان، هيءُ نئون ترخان نامو لکي تيار ڪيو، ۽ ان ۾ ارغون ۽ ترخان گهراڻي جي ابتدائي تاريخ کان وٺي، مرزا عيسـى ثانيءَ جي وفات (سنه 1061هه) تائين جا حالات قلمبند ڪيا.

ڪتاب گهڻو ڪري ناياب آهي، برٽش ميوزم ۾ فقط ٻه نسخا موجود آهن، جن جو فوٽو مون حاصل ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.

(7) منشات نمڪين_ مرتب، مير ابوالقاسم نمڪين (متوفي 1018هه)، تصنيف 1006هه.

مير ابوالقاسم نمڪين، اڪبري دﺆر جو امير هو. سنڌ سندس وطن هو. ٻه دفعا پاڻ هتي جو گورنر به ٿيو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ۽ پوٽا به مغل دﺆر ۾ وڏي مان ۽ مرتبي جا صاحب ٿي رهيا، سندس پٽ ابوالبقا امير خان به هتي جو گورنر هو. دنيوي عزت ۽ آبروءَ سان گڏ پورو خاندان، علم و فضل جو سرچشمو رهيو آهي. مير ابوالبقا امير خان جو پٽ مير عبدالڪريم امير خان به سنڌ جو صوبه دار هو. ٺٽي جا اميرخاني سيد انهيءَ قبيلي مان آهن. هن گهراڻي جي هر فرد بلندپايه تصنيفون يادگار ڇڏيون آهن. جن مان ”مظهر شاهجهاني“ ۽ ”رقائم ڪرائم“ جو ذڪر هن مضمون ۾ ٿي رهيو آهي.

مير ابوالقاسم، ”منشات نمڪين“ جي ابتدا ۾، انشا جي تاريخ بيان ڪئي آهي، ۽ آخر ۾ اڪبري دﺆر جا خط ڏنل آهن، جن مان ڪيترن جو سنڌ جي تاريخ سان تعلق آهي. ڪتاب ناياب آهي؛ هڪ نسخو انڊيا آفيس لائبرريءَ ۾ (535 نمبر تي) موجود آهي، جنهن جي ڪتابت 1012هه ۾ ٿيل آهي، ليڪن تصنيف ٿيڻ کان 6 سال پوءِ جو مخطوطو آهي؛ منجهس 412 صفحا آهن، ۽ هر صفحي ۾ 13 سٽون آهن.

(8) ذخيرت الخوانين_ مصنف، شيخ فريد بن شيخ معروف بکري فاروقي_ سال تصنيف 1060هه.

”ماثرالامراء“ جي طرز تي بيمثل تذڪرو آهي. منجهس اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان جي دﺆر جي 513 مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مصنف شيخ فريد پنهنجي ذاتي مشاهدي، معلومات، ۽ اکين ڏٺي حالات تي مدار رکي، هيءُ ڪتاب مرتب ڪيو آهي. روايتون انهن ماڻهن جون قبول ڪيون اٿائين، جن سان سندس ذاتي مراسم هئا ۽ جن جي سچي هجڻ جو کيس يقين هو. انهيءَ تلاش، تحقيق ۽ ذاتي ڄاڻ سبب ڪتاب نهايت قيمتي ٿي پيو آهي، ۽ منجهس اُهي اُهي احوال آيل آهن يا واقعا ڏنل آهن، جيڪي ڪنهن به ٻئي تذڪري ۾ ملي ڪونه سگهندا.

انهيءَ تذڪري ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪيترن مشاهيرن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. مثلاً: شيخ مبارڪ ناگوري، نواب مرزا رستم خان، نواب محمد خان نيازي، مرزا جاني بيگ، مير معصوم بکري، مير ابوالقاسم نمڪين، مظفر خان معموري، سيد محمد مير عدل، نواب مرزا غازي بيگ ترخان، مرزا عيسـى ترخان، اسد خان معموري، سادات خان بکري، عبدالعلي ترخان، مير بزرگ بن مير معصوم، مير قنڌاري بن مير بزرگ، ۽ علي محمد ٺٽوي، وغيره وغيره.

سنڌ جا صوبه دار، جي مغلن جي ڏينهن ۾ هتي آيا، ۽ سنڌ ۾ جن به ماڻهن کي جاگيرون مليون، الغرض جن جو ڪنهن به طرح سان سنڌ ۾ ڪونه ڪو لاڳاپو رهيو آهي، انهن سڀني جو تذڪري ۾ ذڪر ڪيل آهي. مرزا عبدالرحيم خان خانان سان گڏجي، جيترا فوجي جرنيل، امير ۽ مشاهير سنڌ کي فتح ڪرڻ آيا، انهن سڀني جو احوال به ڏنو ويو آهي.

شيخ فريد پاڻ به وسيع تعلقات وارو هو. ڪيترائي مشاهير ۽ امير هن ڪتاب ۾ نظر اچن ٿا؛ جن سان ذاتي تعلق هو. سوانح نگاريءَ جو کيس خاص ڍنگ آهي. ننڍڙن ننڍڙن  واقعن کي به ڪونه ڇڏيو اٿائين: جتي ڪنهن جون خوبيون بيان ڪيون اٿائين، اتي هن جي اوڻاين کي به نظرانداز ڪونه ڪيو اٿس؛ مثلاً مير معصوم جي واکاڻ ڪندي ڪندي، آخر ۾ لکي ٿو، ”به اين همه صفات حسنه دو صفت ذميمه داشت، اولاً چغل دوست بود، دوم شديد العداوت.“ نواب صفشڪن خان جون سموريون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾، هي به ٻڌائي ڇڏي ٿو ته ”مرد منقلب الحال و طفل مزاج بود“ الغرض، سيرت نگاريءَ ۽ ڪيريڪٽر نمايان ڪرڻ ۾ شيخ کي ڪمال حاصل هو.

”ماثرالامراءُ“ مير غلام علي ’آزاد‘ جو، هيءُ ڪتاب اهم ترين ماخذ آهي. افسوس آهي، جو اڄ ڏينهن تائين، هي ڪتاب شايع ٿي ڪونه سگهيو آهي. ڪتاب بيحد نادر ۽ ناياب آهي. فقط چار نسخا هن وقت تائين معلوم ٿي سگهيا آهن، هڪ مولانا عبدالحق جي ڪتبخاني ۾ آهي، هڪ نسخو مون وٽ آهي جيڪو مولانا جي نسخي تان نقل ٿيل آهي، ٽيون نسخو مرحوم نواب حبيب الرحمان خان شيروانيءَ جي ڪتبخاني ۾ آهي، ۽ چوٿون ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر معين الحق خريد ڪيو آهي، جيڪو قديم ترين معلوم ٿئي ٿو.

(9) برهان الاخوان_ مصنف نامعلوم، ناقص اول و آخر_ تصنيف 11 صدي هجري.

هيءُ ننڍي سائز جي هڪ سـﺆ پنجاهه صفحن جو تذڪرو آهي. پهريان ۽ پويان ورق گم اٿس. هن ۾ بکر جي علماء ۽ مشاهير جو ذڪر آهي ۽ ضمناً تاريخي واقعات به ڪثرت آيل آهن. گمان آهي ته تاريخ معصوميءَ تان مشاهيرن جو احوال ورتل آهي. پير صاحب جهنڊي وارن جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

(10) حديقـﺔ اولياء_ مصنف، سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم بن سيد محمد الحسيني ٺٽوي_ تصنيف آخر 11 صدي هجري.

هي سنڌ جي عالمن، صالحين، ۽ بزرگن جو تذڪرو آهي. خاص طرح ٺٽي جي بزرگن تي تفصيل سان لکيو ويو آهي. منجهس 44 بزرگن جا حالات ڏنا ويا آهن، جن جا نالا هي آهن:

شيخ بهاءالدين ملتاني، شيخ رڪن الدين، مخدوم لعل شهباز، شيخ پٺو، شيخ حماد جمالي، شيخ جيو، شاه مراد، سيد علي شيرازي، سيد نظام بکري، شيخ نوح بکري، مخدوم حسام الدين، مخدوم بلال، قاضي ڏنو سيوهاڻي، درويش احمد ۽ محمد ولدان شيخ هوتي، درويش حسن مقري، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم نوح هالائي، درويش وهيو، مخدوم اسماعيل سومرو، درويش رڪن الدين، درويش راڄو، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش چرڪس، شيخ عيسـﻰ آهيداڻي، درويش صدر، منبو ناريجو، درويش سهتو، درويش ابراهيم، درويش علاءُالدين، قاضي سڌو، درويش يحـﻰ، قاضي خيرالدين، يعقوب پليجو، شيخ مغل چاچڪ، شيخ ڀريو، درويش عمر بودلو ۽ درويش الو.

برٽش ميوزم ۾ آنجهاني سر ايليٽ (مصنف ”تاريخ هند“) جا چند فائل محفوظ آهن، انهن مان نمبر 2073 O.R. واري فائل ۾ ٺٽي جي ڪتبخانن جون فهرستون آهن، جن ۾ ”حديقـﺔالاوليا“ جي هڪ نسخي جو ذڪر آهي، ۽ ان جي ڪتابت جي تاريخ 21 ذوالقعد 1068هه بيان ڪئي ويئي آهي ۽ ٻڌايل آهي ته جملي 78 ورقن تي لکيل هو. مون وٽ به هڪ ناقص نسخو آهي. پير صاحب جهنڊي وارن جي ڪتبخاني ۾ به هڪ نسخي جو ڏس آهي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به هڪ نسخو موجود آهي.

مصنف جو ذڪر مير علي شير ’قانع‘ ڪيو آهي. مصنف جو والد سيد محمد هاشم، مرزا جاني بيگ ترخان (متوفي 1008هه) جو معاصر ۽ ”سيرالسلاطين“ جو مصنف هو.

(11) تذڪره المراد_ مصنف، حاجي محمد حسين ”صفائي“ ٺٽئي 11 صدي هجري.

هن تذڪري ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد حسين ولد سيد احمد شيرازي المعروف به سيد مراد (متوفي 893هه) جو احوال ۽ سندس ملفوظات آهن، ۽ منجهس ضمناً تاريخي واقعات ۽ ان دور جي ٻين معاصر بزرگن ۽ مشاهيرن جو به ذڪر آهي. ان کانسواءِ ان دور جي درويشانه ۽ سنڌ جي صوفيانه ماحول جو به هن ڪتاب مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب قادر الوجود آهي، هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ وٽ به موجود آهي.

(12) معلومات الافاق_ مصنف، مير امين الدين خان (متوفي 1127هه) بن مير ابوالمڪارم شهود (متوفي 1073هه)، بن مير ابوالبقا امير خان (متوفي 1057هه)، بن ابوالقاسم نمڪين بکري (متوفي 1018هه)، تصنيف1123هه.

هي جغرافيه جو ڪتاب آهي، جو هڪ سنڌي امير لکيو آهي. مغل دور جي صوبن جو احوال، ان دور جي منصبن، درجن ۽ مرتبن جو بيان تفصيل سان لکيو ويو آهي. سنڌ تي 10 صفحا ۽ ملتان تي 13 صفحا لکيل آهن. ڪتاب 1123هه ۾ تصنيف ٿيو. بانڪي پور جي ڪتبخاني ۾ جيڪو نسخو آهي، انهيءَ جي ڪتابت جو سال 1273هه آهي. جملي 152 ورق اٿس ۽ هر صفحي تي 19 سٽون آهن. ساڳئي مصنف ”رشحات الفنون“ جي نالي سان هڪ ٻيو ڪتاب به تصنيف ڪيو.

(13) تاريخ سنڌ_ نالو ”في التحقيق بقاءِ امصارالسند“ مصنف، سيد محب الله بن سيد احمد شاه واعظ بن سيد محمد شاه الملقب به مسيحاءَ الحسني الحسيني الحموي الدهلوي القادري، الاصلاً سندهي، مولداً ”لوهروي مسکناً“، تصنيف 13 صدي هجري.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن جو ذڪر آهي، گويا سنڌ جو هي هڪ گزيٽئر آهي. ڪتاب جي ترتيب هن طرح آهي: پهريون باب سنڌ جي تاريخ؛ ٻيو باب شهرن، ڳوٺن ۽ قرين جي حالات تي؛ ٽيون باب سنڌ ۾ رائج ٿيل القابن تي، مثلاً امير، وزير، ترخان، ارغون، وغيره؛ چوٿون باب سنڌ جي قومن تي؛ ۽ پنجون بــــــاب ســــنـــــڌ جــــــي واهـــــن، نـــــديــــــن، پـــــــــهـــــــــاڙن ۽ ڍنــــڍن تي. ڪتاب جا ماخذ ديپاچي ۾ هي ڄاڻايل آهن: ”چچ نامو“، ”تحفـﺔالڪرام“، ”تاريخ طاهري“، ”جمع الجوامع“، ”طبقات بهادر شاهي“، ”تاريخ بي بدل“، ”رسالو سيد علي اصغر شاه ٺٽوي“ ۽ ”امصارالسند“. آخري ڪتاب. معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ جي تاريخ تي آهي، ليڪن ان جو حوالو سواءِ هِن ڪتاب جي ٻئي ڪنهن هنڌ نظر نه آيو. تقريباً ننڍيءَ سائيز جي ٻن سَوَن صفحن تي آهي. هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ آهي، ۽ ٻيو نسخو مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ وٽ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ، هن کي مرتب ۽ ايڊيٽ ڪري رهيو آهي.

(14) رقائم ڪرائم_ مصنف، مير سيد اشرف خان محمد الحسيني بن مير عبدالڪريم امير خان سنڌي (متوفي 1130هه) بن مير ابولبقا امير خان (متوفي 1057هه) بن مير ابوالقاسم نمڪين (متوفي 1018هه)؛ تصنيف، بعد 1131هه.

هي عالمگير جي رقعات جو مجموعو آهي. هن ۾ ڪيترا اهي خط به آهن جيڪي مـﺆلف جي والد امير خان عبدالڪريم ڏانهن عالمگير لکيا آهن. امير خان سنڌ ۾ به ڪيترو وقت صوبه دار هو ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ سڀني خطن کي گڏي، هي مجموعو مرتب ڪيو. سيد محمد اشرف، ديباچي ۾، لکيو آهي ته ”ڪيترا خط گم ٿي ويا، جنهنڪري خيال ٿيو ته جيڪي بچيل آهن تن کي ڪتاب جي ذريعي محفوظ ڪجي.“

ڪيترن ڪتبخانن ۾ هن جا نسخا موجود آهن. برٽش ميوزم ۾ جيڪو نسخو آهي. اهو فلسڪيپ جي 63 ورقن تي آهي، ۽ منجهس 24 خط، 130 رقعا ۽ 5 فرمان آهن. مون وٽ انهيءَ نسخي جو ميڪرو فلم موجود آهي.

امير عبدالڪريم جي نالي جيڪي خط آهن، اهي ٺٽي ۽ سيوهڻ جي صوبه داريءَ واري زماني جا آهن، جن مان سنڌ جي حالتن جو پتو پوي ٿو.

(15) نامـﮧ نغز_ مصنف، باغ علي خائف، تصنيف 1155هه.

”شاهنامي“ ۽ سڪندر نامي“ جي طرز تي ڪلهوڙن جي دور جي تاريخ، نظم ۾ آهي. مصنف، ميان نور محمد (متوفي 1167هه) جي زماني ۾ سال 1155هه ۾، هي ڪتاب تصنيف ڪيو؛ پاڻ لکي ٿو:

”به عهد خدا يار خان شــــــير نر         ســــــپــــــهــــــدار عــــــبــــــاسيء نامور

هزار و صد و سال و پنجاه پنج         کشيدم سه سال اندرين نامه رنج.“

انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1153هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1155هه ۾ ان کي لکي ختم ڪيو. پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1155هه کان پوءِ جي واتعات جو به ان ۾ اضافو ڪندو رهيو آهي، جيئن ته نادر شاهه ايرانيءَ جي قتل (1160هه) ٿيڻ جو احوال به ان ۾ موجود آهي. ڪتاب ۾ ڪل 16249 اشعار آهن، ۽ چئن بابن ۾ ورهايل آهي.

هي ڪتاب ڪلهوڙن جي دور تي مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. نادر جي حملي ۽ ايرانين جي لٽ ڦر جا اکين ڏٺا احوال منجهنس ڏنا ويا آهن. شعر اگرچ ڪمزور آهي، مگر تاريخي واقعات انهن اوڻاين تي پردو وجهي ٿا ڇڏين. ڪتاب جو هڪ نسخو سنڌ جي قومي ڪتبخاني ۾ آهي، ۽ ان جو نقل سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.

(16) گلدستـﮧ نورس بهار_ مرتب، منشي عبدالرؤف سيوستاني (متوفي قبل 1180هه).

عبدالرؤف منشي قوم جو سهتو ۽ بکر جي ويجهو هنڱورجا ڳوٺ جو ويٺل هو. پهريائين بختيار خان، حاڪم خانپور ۽ سيويءَ وٽ ملازم ٿيو؛ بعد ۾ ميان نور محمد وٽ منشيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو؛ آخر ۾ هن پنهنجي لکيل خطن جا ٽي_ چار مجموعا گڏ ڪيا، جيڪي انهيءَ زماني ۾ ئي مشهور ۽ مقبول ٿي ويا. انهن مان هڪ مجموعو ”گلدسته نورس بهار“ به آهي، جنهن ۾ ميان يار محمد (1111هه_1130هه) ۽ ميان نور محمد (1131هه_1167هه) جا مڪاتيب جمع ڪيل آهن. انهن خطن مان سنڌ جي تاريخ تي بيمثل روشني پوي ٿي، ۽ تاريخ جا ڪيئي اهڙا پهلو نمايان ٿين ٿا، جيڪي هوند ڪنهن به تاريخ جي ذريعي معلوم ٿي نه سگهن.

منشي عبدالرؤف هندستان جي پهرينءَ صف وارن انشاء پردازن ۾ بيمثل ۽ يگانو آهي. بي تڪلف، آسان ۽ ساديءَ عبارت ۾ وڏي ۾ وڏو مطلب بيان ڪري ٿو، ۽ ساديءَ عبارت ۾ لکڻ جو ڍنگ هن پنهنجي دور جي عام روش کي پري ڇڏي، اختيار ڪيو آهي. سندس بي تڪلف فقرن ۽ ساديءَ عبارت ۾ انتهائي دل نشيني، دلڪشي ۽ پختگي آهي. فارسيءَ کي ائين لکيو اٿس، ڄڻ ڪا مادري زبان اٿس. سندس جهڙو انشاپرداز برصغير هندستان جي تاريخ ۾ ڪو ورلي لڀندو. ابوالفضل وغيره کي گهڻو پٺتي ڇڏي ويو آهي. سندس انتقال، مير علي شير جنهن وقت ”تحفـﺔالڪرام“ (1180هه) ۾ ٿي لکيو، ان کان اڳ ٿي چڪو هو.

”نورس بهار“ جو جيڪو نسخو مون وٽ آهي، تنهن ۾ ننڍيءَ سائيز جا 358 صفحا آهن، ۽ ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، ڪنهن نهايت ئي بد خط ڪتاب لکيو آهي.

(17) مجموعه منشات_ ميان عبدالرؤف منشي ۽ ميان هارون_ تصنيف قبل 1167هه.

مڪاتيب جو هي مجموعو مون وٽ موجود آهي. منجهس متفرق ۽ جدا جدا ماڻهن جا لکيل خط آهن_ نمبر 10 کان 20 تائين، ۽ 27_34_35 خط ڪلهوڙن جا آهن. ڪتاب جو حاشيو ڪٽجي چڪو آهي، جنهنڪري هي خط پڙهڻ ۾ نٿا اچن. ڪيئي خط، طرز تحرير جي سبب ميان عبدالرؤف جا معلوم پيا ٿين. مجموعي جي آخر ۾ ”خلاصـﺔ الڪتوبات“ جي نالي سان هڪ ٻيو مجموعو به شامل آهي، جنهن ۾ ميان هارون ۽ منشي عبدالرؤف جا گڏيل مڪاتيب آهن.


*  هي مضمون پهريائين اردو زبان جي رسالي ”رياض“، ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، اُن جو سنڌي ترجمو جناب ”اياز“ قادريءَ ڪيو، ۽ مصنف جي نظرثانيءَ ۽ اضافي بعد، ”مهراڻ“، سيارو، 1955ع ۾، شايع ٿيو.

(1)  مير ابوالقاسم لمڪبن ۽ سندس خاندان تي، منهنجو مفصل مضمون پڙهڻ گهرجي، مير ابوالقاسم چو انتقال 1018هه ۾ ٿيو، سندس خاص ۽ خوشنما قبرستان، روهڙيءَ ۾ درباهه جي ڪنارن تي آهي، جنهن کي ”ستين جو ٿانُ“ سڏيو وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com