سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :40

 

       (24)”معيار سالڪان طريقت“_ (1202هه): مصنف ”تحفـة الڪرام“ ۾ سنڌ جي سرسري تاريخ بعد، سنڌ جي بزرگن، مشاهيرن، صوفياﻋ ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو آهي. مصنف ان ۾ اصحاب تذڪره جي سال تولد، سال وفات يا سندن زماني جو تعين نه ڪيو آهي، جنهن جو کٽڪو، معلوم ٿئي ٿو ته مصنف کي به هو، ۽ اها ڪمي ۽ ڪوتاهي پاڻ به محسوس ٿي ڪيائين، جنهنڪري وفات کان هڪ سال اڳ، هن مٿيون تذڪرو مرتب ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي پنج سـؤ بزرگن جو احوال بقيد سال يا بقيد زمانه لکي، ”تحفـة الڪرام“ جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيائين. مصنف دباچي ۾ لکي ٿو:

”بالجمله عقده خاطر آن ماند، که مشائخ زمان بقيد زمان و مکان و انتساب سلاسل و اصحاب ببيان آرد،اين رساله موجز جاوي آن مقصد شده، و تاريخش در اسم ’معيار سالکان طريقت‘ مبراهن....آنکه صريح وي بتحرير سال وفات معلوم نشد بهم عصران الحاقش کرده، و اگر درحقيقت مابين زيادتي و کمي ده بيست سال بوده باشد........مقصد آنکه گويند فلاني در زمانه فلان......بوده، يا بفلاني صحبت کرده.......“

        جن جو نه سان معلوم ٿيو ۽ نه زمانو، انهن کي مصنف آخر ۾ آندو آهي. ڪتاب جو اختتام هيٺئين قطعي تي ٿئي ٿو:

در مرز دل چو تخم و لا نيک کشته شد

خوش رشتهﻋ ز ريشهﻋ....رشته شد

آن رشته بسته گل بسرِ گل ازان نهال

کز دست آبيار کرامات گشته شد

بوده ولائي اهل ولايت مراد من

جز ذکر شان هر آنچه بلب بود شسته شد

بخشد عروج عرش صفا سير اين سوار

زان ره که ذکر هر ولي اينجا فرشته شد

بالفعل آنچه گشت ز قوتِ ظهور آن

روز ازل بطينت طبعم سرشته شد

در آتش مجاهدهﻋ جمع اين کتاب

بسيار روزگار روانم برشته شد

تاريخ اين رساله براي عيار طبع

”معيار سالکان طريقت“ نوشته شد

1202هه

        خوش قسمتيءَ سبب، هن قيمتي ڪتاب جو هڪ خوشخط نسخو، برٽش ميوزم (589، 21 ADD) ۾ موجود آهي_ جيڪو 1246هه ۾ مرحوم مير مراد علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو. انهيءَ تان ’مئڪرو فلم‘ نقل راقم الحروف تيار ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.

        مير صاحب مرحوم جي علمي انهماڪ ۽ ذوق جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ڏسجي ٿو ته 23 ورهين جي ڄمار ۾ جيتوڻيڪ مختلف بيمارين ڪري، سندس صحت بيڪار ۽ بدن ضعيف ٿي چڪو هو، ان وقت به قلم هٿ مان نه ڇڏيائين، ۽ وفات کان هڪ ورهيه اڳ به، هڪ ئي سال ۾، مٿيان نهايت ئي قيمتي ۽ ڪارآمد ڪتاب لکيائين.

       (25)”روضهه“ الانبيا“: هن ڪتاب جي تصنيف جو سال معلوم نه ٿي سگهيو. ٺٽي جي فهرست نگار، اهو ڪتاب به مير صاحب جي تصنيفات ۾ ڏيکاريو آهي. مير ”مائل“ جيڪا فهرست ”تحفـة الڪرام“ جي سر ورق تي لکي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب نظم ۾ هو. ڪتاب جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي.

       (26)”زينت الا خلاق“: هن ڪتاب جو نالو به مير ”مائل“ لکيو آهي. ڪتاب منظوم، ۽ نصائح ۾ آهي.

       (27)”غوثيه“: هن جو نالو به مير ”مائل“ لکيو آهي_ سلوڪ ۽ معرفت تي منظوم ڪتاب آهي.

       (28)” قصاب نامه“: هي به نظم ۾ آهي: مير ”مائل“ ان جو نالو لکيو آهي.

       (29)”ميزان الافکار“: منظوم؛ سلوڪ ۽ معرفت ۾؛ مير ”مائل“ هن جو نالو فهرست ۾ ڏنو آهي.

       (30)“تذهيب طباع“: سلوڪ ۾ ڪتاب آهي؛ مير ”مائل“ جي فهرست ۾ ان جو نالو آيل آهي.

       (31) ”سر فراز نامه“: پندو نصائح ۾ آهي. نالي جي مناسبت سبب خيال ٿئي ٿو ته شايد هي ڪتاب مير صاحب، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي نالي معنون ڪيو آهي، ۽ غالباً نظم ۾ آهي.

       (32)”حديقهه البلغا“: مير ”مائل“ هن ڪتاب جي موضوع متعلق ڪجهه ڪونه لکيو آهي؛ نالي مان اندازو ٿئي ٿو ته هي ڪتاب علمي آهي.

       (33)”مثنوي کان جواهر“: مير ”مائل“ هن جو به تفصيل ڪونه ڏنو آهي.

       (34)”ميزان فارسي“:ڀانئجي ٿو ته صرف نحو جي سلسلي جي تصنيف آهي.

       (35)” رساله معما مع شرح“: نظم و نثر.

       (36)”لب تاريخ ڪلهوڙه“: مير”مائل“ جي فهرست مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪتاب به نثر ۾، ڪلهوڙن جي تاريخ تي آهي: گويا هي ٽيون ڪتاب انهيءَ موضوع تي آهي، جنهن جو پڻ نسخو تلف ٿي ويو.

       (37)” بياض محڪ الشعرا“: مير صاحب، قديم دستور مطابق هن ڪتاب ۾، متقدمين کان وٺي پنهنجي زماني تائينءَ جي فارسي گو شاعرن جي هم طرح غزلن جو انتخاب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب جو خيال، کيس ”محسن“ ٺٽويءَ جي انتخاب کي ڏسي آيو، خبر نه آهي ته ڪتاب جي ڪيتري ضخامت هئي. ادبي بورڊ ۾ ٽي نامڪمل نسخا مير صاحب جي هٿ اکرين موجود آهن، جيڪي انهيءَ طرز تي آهن_ ڪن ۾ غزلن جو انتخاب آهي، ۽ ڪن ۾ فقط اشعارن جو. اهي بياض ”محڪ“ جا مختلف جزا آهن يا ”محڪ الشعرا“ نالي ڪو ٻيو مڪمل ڪتاب هو، ان جي خبر ڪانه ٿي پنجي سگهي.

       (38)” ديوان اشعرا“_ : مير صاحب جو ڪوبه مڪمل ديوان ڪونه ٿو ملي. مير ”مائل“ جنهن ديوان جو حوالو پنهنجي فهرست ۾ ڏنو آهي، اهو غالباً ضايع ٿي ويو.

       (39)”قصائد و منقبت“: جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو“ آهي، انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾، مير صاحب پنهنجا قصيدا، منقبت وغيره لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن ٿيندو. ان ۾ وڏا وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن. هڪ قصيدو ”لاميه“ 265 شعرن جو آهي؛ چند رباعيون به آهن، ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي.

       (40_41) مير ”مائل“ جي فهرست ۾، ٻن ٻين ڪتابن جا نالا به آهن، جيڪي سمجهه ۾ نٿا اچن.

       (42)”انشاي قانع“: سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جي انشا جو هڪ نامڪمل مجموعو، سندس پنهنجي خط ۾ موجود آهي. مجموعي جا جملي 32 صفحا آهن. صفحي جو سائيز آهي. انهيءَ ڪتاب ۾، خوب عبارت آرائي ڪيل آهي، ۽ جا بجا موزون شعر به ڪتب آندل آهن. چند شعر نمونتاً هن هيٺ ڏجن ٿا:

بسيار صبح شد که نسيمي نمي وزد

اي گل مگر تو پاي صبا را شکسته اي

______                ______

گر بر تنِ من زبان شود هر مو

يک شکر تو از هزار نتوانم کرد

______                ______

نشد که از سر ما هجر دست بر دارد

بهر ديار که رفتيم آسمان پيدا است

______                ______

ز تيغ شوق تو هر عضو بسمل افتاد است

مرا سفر برفيقان کاهل افتاد است

زمانه دشمن و من بيزبان وقت زبون

اگر نه رحم کني کار مشکل افتاد است

______                ______

ز ديده دوري و از دل نمي وري بيرون

خدا بکس ننمايد وصال هجر آميز

______                ______

قلم شکسته تر است از زبان نميدانم

که شرح غم بکدامي زبان کنم تقرير

زبان کس نتواند جهات شکرش را

اگر بهر نفسي صد چو من کند تقدير

______                ______

شکوه نقصان داشته فصل از ميان انداختم

نرخ ارزان بود کالا در دکان انداختم

______                ______

جنون بصف شکني عقل در صف آرائي

دل کرانه طلب درميان تماشائي

______                ______

سوادش نوربخش ديدهﻋ حور

بياضش از فروغ صدق پر نور

______                ______

عباراتش چو آبِ زندگاني

درو پيدا جواهر از معاني

______                ______

ما شرمسار مانده ز تقصير هاي خويش

لطف تو خود نمي نگرد خوب و زشت ما

______                ______

گر عظيم است از فرودستان گناه

از بزرگان عفو کردن اعظم است

______                ______

خواستم تا شرح شوقِ صحبتت سازم بيان

ناشکيبا شد دلم رفت از کفم تاب و توان

______                ______

ضرورت است و گرنه خدائي ميداند

که ترک صحبت ايشان نه اختيار من است

       طريقت جو سلسلو: مير صاحب جو خاندان مائل به تشيعت هو؛ چنانچه انهيءَ سبب ڪري نور الله شوستريءَ سندس ايراني بزرگن کي پنهنجي ڪتاب ”مجالس المومنين“ ۾ جاءِ ڏني. مير صاحب جي ”مختار نامه“، ”اعلان غم“، ”زبدة المناقب، ۽ منقبتن خواهه سلامن جي ڪثرت تعداد مان پڻ اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سندس پنهنجي طيعت به تشيعت ڏانهن مائل هئي_ ۽ پاڻ کي جاءِ بجاءِ خادم اهلبيت لکندو رهي ٿو؛ ليڪن ساڳئي وقت، سندس وسيع المشربيءَ جي هيءَ حالت هئي، جو ڪيترين جاين تي، هن قسم جا اشعار تصنيف ڪري، پاڻ کي ٽن يارن سان به سرخرو ڪيو اٿائين:

چو رافضي نکنم سرد دل به بغض کسي

ز چهار  يار درين  دهر گرم محفل ما ست

______                ______

نبود عجب بما نشد ار صاف  رافضي

که دل ز گرد کينهﻋ اصحاب شسته ايم

         نه فقط ايترو، بلڪ سندس والد خواهه سندس پنهنجي بيعت، طريقهﻋ نقشبنديءَ ۾ ٿيل هئي؛ چنانچه ”طومار سلاسل گزيده“ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والد جو سلسلو هن طرح ڏنو اٿائين:

        ’مير علي شير مريد شيخ عبدالاحد جو، اهو مريد پنهنجي والد حاجي غلام معصوم جو، اهو مريد شيخ محمد اسماعيل جو، اهو مريد حضرت قيوم زمان محمد صبغـة الله جو، ۽ اهو مريد خواجه محمد معصوم بن مجدد الف ثانيءَ جو‘.

        ’سندس والد مير عزت الله، مخدوم آدم(عرف مخدوم آدو) جي ڏهٽي ميان محمد(1) جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم (المتوفي 1138هه) نقشبنديءَ جو مريد هو؛ اهو مريد شيخ سيف الدين (برادر محمد معصوم) جو ، ۽ اهو مريد پنهنجي ڀاءُ خواجه محمد معصوم ولد مجدد الف ثانيءَ جو.

        اهڙيءَ طرح مير صاحب جي ناناڻڪي آڪهه مان، سيد رحمـةالله عرف سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو؛ اهڙيءَ طرح مير صاحب جا ٻه ٻيا عزيز، سيد محمد ناصر ۽ سيد عبدالله (ولدان سيد نعمت الله شڪرالاهي) به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کان بيعت ڪيل هئا. اهڙيءَ طرح طريقت جي سلسلي جو تعلق، انهيءَ خاندان جو، نقشبندين سان هو.

        مير صاحب جي والد، مي عزت الله، 1161هه ۾ انتقال ڪيو. مير صاحب جي عمر ان وقت ايڪيهن ورهين جي هئي. پاڻ هيٺين تاريخ انهيءِ حادثي تي تصنيف ڪيائين:

خرد گفت تاريخ سالِ وفات            ”که پيو ست بارحمتِ ايزدي“_1161هه

        بعد ۾ کيس معلوم ٿيو ته منشي چتر ڀوڄ، قاضي محمد امين جي تاريخ وفات، ”برحمت ايزدي پيوست“ (1160هه) مان ڪڍي آهي؛ ۽ کيس خيال ٿيو ته معاصر مٿس سرقي جو الزام نه ڌرين، تنهنڪري سندس قول مطابق ’ملهم غيبيﻋ‘ کيس هي نعم البدل عطا فرمايو:

”الله العزة و للرسل وللمومنين“_ 1161هه

       اولاد: مير صاحب کي 1160هه تائين، نرينو اولاد ڪونه هو. 1160هه ۾ پاڻ سورت ويو، جتي سندس ملاقات علامه سعدالله سورتيءَ سان ٿي. اهو بزرگ جيد عالم ۽ معقولات ۾ بينظير هو؛ کيس ٻه پٽ هئا_ مير عبدالعلي ۽ مير عبدالولي_ انهن ٽنهي نالن ۾ هيءَ رمز رکيل هئي، جو جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏ ڪبا ته ”علي ولي الله“ جو فقرو ٺهندو. ميرصاحب  کي اها تر ڪيب نهايت  پسند آئي، ۽ ارادو ڪيائين ته جيڪڏهن مٿس به الله فضل ڪيو، ۽ کيس اولاد ٿيو ته نالا انهيءَ ترڪيب سان رکندو. انهيءَ واقعي جو ذڪر پاڻ به ”تحفـة الڪرام“ (ج 2، ص 33) ۾ ڪيو اٿائين، ۽ ”تحفـة الطاهرين“ جو مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي جيڪو پڻ ان وقت سورت ۾ مقيم هو، ان سان به اهو خيال ظاهر ڪيائين، جنهن صاحب انهيءَ واقعي کي هيٺينءَ طرح نظم ڪيو:

علي شير ”قانع“ حسيني که او

بود زبدهﻋ آل خيرالبشر

يکي روز مي گفت با من به راز

که ايزد ببخشد مرا دو پسر

يکي را بخوانم غلامِ علي

غلامِ ولي الله نام دگر

که از اسم شان سال ميلاد شان

به پيشِ سخن گر شود جلوه گر

’علي ولي الله‘ از هر دو اسم

بر آمد بوضع خوش و خوبتر

بخاموش ماندم ازين گفتگو

که اين از کرامات باشد مگر

بدل گفتم آخر اگر عمر هست

شوم تجربه را يکي منتظر

بسه سال آن هردو پور گزين

که ”قانع“ ازان داد سابق خبر

ولادت موافق باعداد نام

خدايش عطا کرد با زيب و فر

تو اي ”اعظما“ زبن شگفتي مدار

که اين گفته ز الهام دارد اثر(1)

        الغرض انهيءَ ارادي ۽ عزم کان پوءِ، کيس سڀ کان پهريون پٽ 1181هه ۾ تولد ٿيو، جنهن جو نالو غلام علي(2) رکيائين. نالي مان تولد جو سال بر آمد ٿئي ٿو. 1183هه ۾ کيس ٻيو فرزند ڄائو، جنهن تي ’غلام ولي الله‘ نالو رکيائين، جنهن مان به ڄم جو سال نڪري ٿو. مير صاحب جي آس پوري ٿي؛ اميد بر آئي: نه فقط تولد جا سال نالن مان نڪتا، بلڪ حسب خواهش نالي جي آخري جزن ملائڻ سان ”علي ولي الله“ جو فقرو به ٺهي ويو.

        مير صاحب کي ٽيون پٽ 1171هه ۾ ٿيو، جنهن جو نالو ’مير امير علي‘ رکيائين. ميان غلام محمد ٺٽويءَ تاريخ ڪڍي ”در چمن جاه شگفته گلي“_ 1171هه ۾ ميان محمد پناه ”رجا“ هيءَ تاريخي سجع تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني“_ 1171هه.

        مير صاحب جي خاندان جي هاڻوڪي جانشين مير حسن علي شاه_ بن مير صابر علي ”صابر“ بن مير حسن علي ”ضيا“ بن مير صابر علي ”سائل“ بن مير غلام علي ”مائل“ _ وٽان جيڪو مون کي شجرو مليو، ان ۾ چوٿين پٽ جو نالو ”سيد ڪاظم“ لکيو ويو آهي، جنهن  جي تصديق ٻئي ڪنهن ذريعي سان ڪانه ٿي. ازان سواءِ ٽئين پٽ جو نالو ”غلام حسين“ لکيل آهي، جنهن کي اسان مير امير عليءَ جو عرف سمجهون ٿا.

       شاگرد: مير صاحب پنهنجي شاگردن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ فقط ٻن شاگردن جو نالو کنيو اٿائين_ هڪ پرسرام”مشتري“، جنهن لاءِ لکي ٿو ته ”پرسرام مشتري ڀاٽيو، ولد دوارڪاداس ابن سجا سنگ (اهي ٻيئي صاحب مير ڪمال الدين احمد خان وٽ مير منشي هئا) مير محمود صابر جو هنديءَ ۾ شاگرد هو؛ فارسيءَ ۾ ”مشتري“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيربل“ تخلص ڪندو هو، ۽ فارسيءَ ۾ مير قانع کان اصلاح وٺندو هو (مقالات الشعرا“، ص 29). اهو ذڪر ”مقالات“ ۾ آهي، ۽ مير صاحب لکيو آهي ته ”درين وقت نامبرده مشق سخن مي کند“_ جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”مقالات“ جي تاليف (1169تا 1174هه) وقت، ”مشتريءَ“ سندس شاگردن ڪئي. مير صاحب جو ٻيو شاگرد هو شيخ حسن بخش ”اظهر“، جيڪو اصل هندو هو، ۽ پوءِ پنهنجي والد جهوڙيمل سميت مسلمان ٿيو، ۽ سندس والد عبدالسلام نالو رکرايو. فارسي شعر جي اصلاح، اهو نوجوان به مير صاحب کان وٺندو هو (”مقالات الشعرا“، 40).

        مير ”مائل“ ”مجمع البلغا“ نالي جيڪو سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو لکيو هو، ان ۾ مير صاحب جي شاگردن جو مفصل احوال هن لکيو هوندو؛ ليڪن افسوس، جو اهو تذڪرو تلف ٿي ويل ٿو ڀانئجي، جنهنڪري مير صاحب جي شاعرانه فيض جو اهو باب به ، تذڪري سان گڏ، گم ٿي ويو.

       وفات: مير صاحب پنهنجي عمر جا پويان چند سال، مختلف بيمارين ۽ جسماني نقاهت ۾ گذاريا، جنهن جو اشارو ”معيار سالڪان طريقت“ جي ديباچي ۾ ڪيو اٿائين 1202هه ۾ سندس عمر ٽيهٺ ورهيه هئي؛ بيماريءَ ۽ ڪمزوريءَ، هوندي به هو پنهنجي علمي مشغلي، شعر و سخن ۽ تصنيف تاليف ۾ مصروف رهيو، ۽ انهيءَ سال ۾ هن ٽي ڪتاب تيار ڪيا، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون. ايندڙ سال يعني 1203هه ۾، سندس انتقال 64 ورهين جي عمر ۾ ٿيو. افسوس جو ايڏي عظيم المرتبت اديب، مورخ ۽ شاعر جي انتقال جي تاريخ ۽ مهينو ڪنهن محفوظ ڪونه ڪيو؛ ۽ نه سندس مزار تي ئي ڪنهن ڪتبو هنيو_ تاڪ شڪرالاهي ساداتن جي قبرستان ۾، سنڌ جي انهيءَ محسن اعظم جي آخري آرام گاهه تي، اڄ ڪو عقيدت ڪيش پهچي، عقيدت جي گلن ۽ محبت جي سلامن جي ورکا ڪري سگهي.

        آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليـﮧ الرضوان“ مان انتقال جو سال برآمد ڪيو؛ ۽ مير مرحوم جي فرند رشيد مير غلام علي مائل ”ابشره بالجنـة النعم ابدا“ وفات جي سال لاءِ تجويز ڪيو.

        اهو زمانو، ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ جي فرمانروائيءَ جو هو، جنهن جو پڳدار مير فتح علي خان هو، ۽ ٻيا ٽي ڀائر، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سندس شريڪ ڪار هئا؛ ۽ کين حڪومت هلائيندي ڇهه ورهين ٿيا هئا.

       شڪر الاهي خاندان: انهيءَ خاندان جي بزرگن، جهڙيءَ طرح ايران ۾ علم جو چراغ روشن رکيو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ به انهيءَ ڏئي کي اجهامڻ ڪونه ڏنو؛ ۽ خاندان جو هر فرد ۽ گهراڻي جو هر چشم و چراغ، تيل وجهندو ۽ وٽ سوريندو رهيو: ڪم و بيش ساڍا ٽي سـؤ ورهيه، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، انهيءَ خاندان جي روحاني ۽ علمي ضوفشانين مان منور ٿيندي رهي؛ جيڪو فرد پيدا ٿيو، سو پنهنجي زماني جو فرد فريد ثابت ٿيو: ڪن روحاني تعليم پکيڙي؛ ڪن دنيوي علومن جي اشاعت ڪي؛ ۽ ڪن شعر و ادب ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو وطيرو بڻايو. ”تهفـة الڪرام“ ۾، مير صاحب پنهنجي خاندان جو جيڪو اجمالي ذڪر ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترن بزرگن، نه فقط طريقت ۽ سلوڪ جا سجادا آراسته ڪيا، بلڪ خود مير صاحب کان اڳ ڪيترا اهڙا بزرگ به ٿيا، جن شعر و سخن، ادب خواه مذهبي علومن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.

        سيد شاه ولي بن سيد ابوالقاسم بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪرالله ثاني، جيد عالم ۽ بي مثال انشا پرداز هو؛ مخدوم رحمت الله جو شاگرد ۽ ”تحفـة المجالس“ جو مصنف هو. انهيءَ بزرگ جو فرزند، مير سراج الدين ابو القاسم، صاحب طرز شاعر ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ خاص مقام جو مالڪ هو. اهڙيءَ طرح سيد نظام الدين ثاني بن سيد نور محمد ثاني بن سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله ثاني، انهيءَ درجي جو صاحب ڪمال بزرگ هو، جنهن کي هتان گهرائي عالمگير بادشاه ان وقت جي چونڊ علمائن جو جيڪو ايڊيٽوريل بورڊ، ”فتاواي عالمگيري“ مرتب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ان ۾ کيس شريڪ ڪيو، جنهن لاءِ هر لحاظ سان سيد صاحب پاڻ کي اهل ثابت ڪيو.

        مير علي شير جي خود پنهنجي گهر ڪيئي اديب، مصنف ۽ شيرين بيان شاعر پيدا ڪيا: سندس ڀاءُ ضياﻋ الدين ”ضيا“، مير ٺاري خان جي درٻار جو ’ملڪ الشعرا‘ هو؛ ڪيترن ديوانن جو صاحب ۽ ”مثنوي هير رانجهه“ جو مصنف هو. مير مرحوم جو ڀائٽيو مير عظيم الدين ”عظيم“، مير فتح علي خان جي درباري شاعرن جو سردار ۽ پنهنجي دور جو عظيم الشان شاعر هو؛ ديوان، ”مثنوي هير رانجهه“ ۽ ”فتح نامه“ سندس يادگار آهن. مير صاحب جو پنهنجو پٽ مير غلام علي ”مائل“، مير ڪرم علي خان جي دربار جو شاعر ۽ وڏي فضل و ڪمال ۽ اوج اقبال جو صاحب هو. مير ”مائل“ کان پوءِ به سندس ٽي پيڙهيون شعر و سخن جو شغل جاري رکنديون آيون، يعني مير ”مائل“ جو پٽ مير صابر علي ”سائل“، ان جو پٽ مير حسن علي شاهه ”ضيا“ ۽ ان جو پٽ مير صابر علي ”صابر“ پنهنجي پنهنجي دور ۽ زماني جا ناليرا شاعر هئا_ پوئين بزرگ کي تقريباً چاليهه ورهه کن لاڏاڻي ڪئي ٿيا، ۽ انهيءَ بزرگ تي نه فقط شاعريءَ جو سلسلو ختم ٿيو، بلڪ خاندان جي ٽن حدن وارين علمي ۽ ادبي روايتن ۽ ورثي جا به دروازا بند ٿي ويا.

_تلڪ الايام انداولها بين الناس.

       

                                          [”مهراڻ“_2، 1956ع]

 

غيرت خان_ ”ماثر جهانگيريءَ“ جو مـؤلف

سندس مدفن ۽ ڪتبو (1)

        غيرت خان انهيءَ مشهور جهانگيري امير، خواجه عبدالله فيروز جنگ (موت: 17 شوال 1054هه)، و ڀائٽيو هو، جنهن لاءِ ”ماثر الامرا“ جي مصنف لکيو آهي ته ”هو (خواجه عبدالله) ناصر الدين احرار جي خاندان منجهان هو ۽ جيتوڻيڪ هو خواجه حسن نقشبنديءَ جهڙي اهل دل بزرگ جو ڀاڻيجو هو، تنهن هوندي به ذاتي طور هو هڪ بنهه بيرحم، ڪميڻو ۽ ظالم شخص هو“. خان جهان لوديءَ جڏهن هن مشهور جهانگيري امير، خواجه عبدالله، کي گرفتار ڪري، ڏانهنس شيخ فريد بکريءَ، مـؤلف ”ذخيرت الخوانين“، جي هٿان ڏهه هزار روپيا خرچ پکي لاءِ ڏياري موڪليا، تڏهن خواجه عبدالله ۽ شيخ فريد بکريءَ جي وچ ۾ جيڪا دلچسپ گفتگو ٿي، سان هن طرح هئي:

        ”عرض ڪيم: نواب صاحب (اوهان) خدا جي راهه ۾ گهڻيون جنگيون ڪيون آهن؟ ڪيترن ڪافرن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا اٿو؟

        ”چيائين: (اٽڪل) ٻه لک انگ بيهندو. آگري کان پاٽنا تائين انهن جي کوپرين جا رستي جي ٻنهي پاسي ڍير لڳا پيا آهن!

        ”چيم: البت انهن ۾ ڪافي بيگناهه مسلمانن جا سر پڻ هوندا؟

        ”ڪاوڙ جي چيائين: پنج لک ڪافر، زالون ۽ مرد قيد ڪري وڪيا اٿم، جيڪي سڀ پوءِ دين اسلام ۾ داخل ٿيا. اُهي پنهنجي اولاد سميت وڌي ويجهي، قيامت تائين نيٺ وڃي ڪروڙن جي تعداد کي پهچندا! (2)“

        اُنهيءَ ئي گفتگو جي سلسلي ۾ آيل آهي ته: خواجه عبدالله فيروز جنگ بهادر وڌيڪ هيءَ به اظهار فرمايو ته:

        ”خدا جو پيغمبر (صلعم) (پنهنجي سر) هلي، پيڃاري جي گهر ويندو هو ۽ وڃي معجزا ڏيکاريندو هو ته من ڪو هڪ اڌ شخص مسلمان ٿئي! مون ته هڪ ئي ڌڪ سان پنج لک آدمي مسلمان ڪري ڇڏيا! (3)

        ائين چئي، آخر ۾ دعويٰ ڪيائين ته:

        ”جيڪڏهن ڪو حساب ڪتاب پڻ ٿيو، ته به ميزان ۾ منهنجي کتي، لٿي پٿي، مسلمان زياده رهندا!“

        شيخ فريد لکي ٿو ته جڏهن اُهو مڪالمو هن موٽي اچي، خان جهان جي اڳيان بيان ڪيو؛ تڏهن هن چيو ته:

        ”عجب آهي هن شخص تي، جو ههڙن اڻسهائيندڙ عملن تي فخر ٿو ڪري ۽ ڪو شرم ڪونه ٿو اچيس!“

        پر ههڙن”اڻسهائيندڙ عملن (اعمالي نڪوهيده“) جي باوجود به، ”ماثرالامرا“  جي مصنف جو چوڻ آهي ته ”هندستان (هند _پاڪ) جا ساده طبع ۽ وهمي مسلمان هن کي ڪرامتن جو صاحب سمجهندا هئا ۽ سندس حضور ۾ نذر ۽ نياز پيش ڪندا هئا!“ (4)

       خواجه ڪامگار جو پيءُ: هن عجيب ڪردار جي مالڪ، خواجه عبدالله فيروز جنگ، جي ٻن ڀائرن جا نالا ”ماثر الامرا“ ۽ ٻين ڪتابن ۾ آيا آهن_ يعني هڪڙو خواجه يادگار ۽ ٻيو خواجه پر خوردار. پر غيرت خان، جنهن جو پنهنجو نالو خواجه ڪامگار هو، تنهن جي پيءُ جو نالو ”ماثرالامرا“ وغيره ۾، ڀائرن جي نالن سان يا هونئن به، ڪٿي بيان ڪونه ٿيو آهي. مغل تاريخن ۾، غيرت خان کي رڳو ”فيروز جنگ جو ڀائٽيو“لکي، ڳالهه کي ختم ڪيو ويو آهي(5). البت انگريزي تاريخ نويس، ايليٽ، جي ڪتاب ”تاريخ هند“ ۾، ”ماثر جهانگيري“ جي تعارفي نوٽ ۾ هن جي پيءُ جو نالو ”سردار خان“ (6) ظاهرڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جهانگيري تاجپوشيءَ جي چوڏهين سال، هو مغل درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ کيس حاجيپور ۽ مونگير ۽ بهار ۾ ڪي ديهون جاگير طور پڻ عطا ٿيون.

       غيرت خاني لقب: شاهه جهان جي اوائلي حڪومتي سالن ۾ خان جهان لوديءَ ۽ دريا خان جون بغاوتون مغل تاريخ جا مشهور واقعا آهن. خان جهان مغل سلطنت جي باغي هجڻ جي حيثيت ۾ هونئن به بادشاهه جي ڏمر هيٺ آيل هو پر شاهجهان جي ان ڏمر کان زياده سندس ۽ فيروز جنگ جي وچ ۾ جيڪا ذاتي دشمني هئي، سائي در حقيقت هن لاءِ موتمار ثابت ٿئي. خان جهان جي دل ۾ سلطنت جي خلاف جيڪڏهن ڪي ارادا ۽ منصوبا هئا به سهي، ته اهي دريا خان جي مار جڻ کان اڳي ئي ختم ٿي چڪا هئا ۽ پوءِ هن فقط گمناميءَ جي ڪنهن اهڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي زندگي بسر ڪرڻ ٿي چاهي، جتي هو حڪومت جي نظرن کان پوشيده رهي، آئنده لاءِ بادشاهه جي دل تان بنهه لهي وڃي. پر ”ماثر الامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب، هو جيڏانهن ٿي ويو، اوڏانهن فيروز جنگ هن جي پٺ ڪانه ٿي ڇڏي؛ ايتريقدر جو خان جهان کي ڪيڏانهن بچي نڪرڻ جي اميد باقي ڪانه رهي ۽ هو زندگيءَ منجهان بيزار ٿي پيو (7) ۽ آخر ڪار هو ڪالنجر (8) کان ويهه ڪوهه پري، سهيره جي ڪناري تي پهرين رجب 1040هه (1631ع) تي، فيروز جنگ سان مقابلو ڪندي، مارجي ويو.

        عبدالله خان فيروز جنگ جو ڀائٽيو خواجه ڪامگار، جيڪو اُن وقت تائين وڌي صرف 1000پيادن ۽ 400 سوارن جي منصب تائين پهچي سگهيو هو، سو ست ڏينهن پوءِ، 8 رجب تي، جڏهن بادشاهه سلامت تاپتي نديءَ جي ڪناري سان، ٻيڙين ۾ آرامي ٿي، مرغابين جي شڪار سان ”دل وندرائي“ رهيو هو، پنهنجي چاچي فيروز جنگ جو ڪيل هيءُ نئون شڪار_ يعني خان جهان شهيد جو سر_ کڻي وڃي اُتي حضور ۾ حاضر ٿيو (9). اُن انساني شڪار تي نظر پوڻ سان نه صرف اعليٰ حضرت، صاحب قرآن ثانيءَ، جي زبان مبارڪ مان ”شڪر افضال الاهيٰ“ جو ڪلمو نڪتو، ۽ ”ڪوس شادمانيءَ“ جي وڄائڻ جو حڪم جاري فرمايو ويو، پر فيروز جنگ جي هن ڊوڙايل ٻانهي، خواجه ڪامگار، جي بخت ۽ اقبال جي نقاري تي پڻ عروج ۽ بلنديءَ جو ڏؤنڪو وڳو_ يعني اُنهيءَ گهڙيءَ هن کي خلعت ۽ گهوڙي ۽ 500 پيادن ۽ 200 سوارن جي اضافي کان علاوه ” غيرت خان“ جي لقب سان سر فراز فرمايو ويو. شاهي درٻار جا شاعر، جيڪي اهڙن ئي خدا داد موقعن جي تاڙ ۾ ويٺا اوجهرندا هئا، تن مان هڪڙي (10) جي وات ۾، خان جهان لوديءَ (11) جو رت ڄميل سر ڏسندي ئي، پاڻي ڀرجي آيو، ۽ فوراً هڪڙي گرما گرم رباعي هٿ ۾ کڻي، هو اڳتي وڌيو ۽ عرض ڪيائين:

”اين مرﱞدهﻋ فتح از پيﻋ هم زيبا بود

اين کيف دوبالا چه نشاط افزا بود

از رفنن دريا سر پيرا هم رفت

گويا سر او حباب (اين) دريا بود (12)

        اُن شاعر اُن فرشي رباعيءَ جي عوض ڪهڙو انعام کٽيو، سو ته معلوم ڪونهي، پر مغلشاهي غيرت جو جلوو بهرحال خواجه ڪامگار جي”غيرت خانيءَ“ جي صورت ۾ اُنهيءَ ئي موقعي ت نمايان ٿيو.

        خواجه ڪامگار پنهنجن منصبن، اعزازن ۽ سوارن جي هن واڌو حاصلات معرفت توڙي پنهنجي هن ”غيرت خانيءَ“ جا آڌار تي ته ڪڏهن به تاريخ جي درٻار ۾ باريابي حاصل ڪري نٿي سگهيو ۽ نه وري تاريخ جي غيرت پنهنجي گورستان ۾ هن جي قبر تي ڪو ڪتبو ٽنگي، کيس ڪا دائمي حياتي بخشش ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تيار هئي. پر حقيقت هيءَ آهي ته ان لاءِ خود هن  جي پنهنجي سوانح ۾ اسان کي هيٺيان ٽي عنوان صاف ۽ وڏن اکرن ۾ لکيل ملن ٿا:

        (1) دهليءَ ۾ شاهجهان آباد جا جنهن وقت بنياد پيا، تنهن وقت هو اتان جو ناظم ۽ عمارتن جو نگران هو؛

        (2)جهانگيري دور تي هن ”ماثر جهانگيري“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جو هڪ نهايت معتبر ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو؛ ۽

        (3)مغل تسلط جي دور ۾، هو ٺٽي جو صوبه دار مقرر ٿي آيو ۽ اتان جي مٽيءَ ۾ هن کي ابدي آرام نصيب ٿيو.

        جيتوڻيڪ مٿين واقعن مان هن زندگيءَ جا پهريان ٻه واقعا ئي هند_ پاڪستان جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگن لاءِ غيرت خان ڏانهن متوجهه ٿيڻ واسطي ڪافي آهن، پر منهنجي ذاتي دلچسپيءَ جو خاص ڪارڻ سندس زندگيءَ جو ٽيون واقعو آهي، جنهن جي آڌار تي اڄ آءُ تاريخ جي عالمن جي هن عظيم اجتماع جي خدمت ۾ غيرت خان جي زندگيءَ ۽ سندس آخرين آرامگاهه متعلق چند صفحن پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان.

       دهليءَ جي حڪومت: شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي ڏهين سال، يعني ربيع الثاني 1047هه جي 23 تاريخ، ”گوهر بحر خلاقت“ يعني بادشاهزادي محمد اورنگزيب بهادر کي، جنهن اڳتي هلي، خود پنهنجي پيءُ کي گرفتار ڪري پنهنجو قيدي بنايو، بادشاهه سلامت دولت آباد روانو ڪيو، ته جيئن هو اتان لشڪر ساڻ ڪري، ڪافر ڀرجيءَ (13) جي ملڪ، بڪلا نه تي_ جيڪو دولت ۽ خوشحاليءَ ۾ موافق آبهوا کان مشهور هو_ حملو ڪري، ان کي مغل سلطنت سان شامل ڪري ڇڏي. انهيءَ ئي ڏينهن غيرت خان کي به دهليءَ جي گورنريءَ جو فرمان مرحمت ٿيو_”باد شاهه نامه“ جي عبارت هيءَ آهي:

        ”23 ريبع الثاني (1047هه) تي عبدالله خان فيروز جنگ جي ڀائٽئي غيرت خان کي خلعت ۽ 1000 پيادن ۽ 1040 سوارن جي اضافي سان 2500 پيادن ۽ 2000 سوارن جي منصب، ۽ اصالت خان جي جاءِ تي، گاديءَ واري صوبي دهليءَ جي نظامت جي عهدي سان سرافراز ڪيو ويو. (13)

        شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي ٻارهين سال، شاهجهان آباد جي شاهي عمارتن ۽ لال قلعي جا بنياد وڌا ويا، انهن جي نگراني غيرت خان جي سپرد ٿي. شاهنواز خان جي چوڻ موجب:

        ”...مذڪور....صوبي جي حاڪم، صاحب اعتبار (غيرت خان)، 5 ذي الحج 1048هه تي، رٿيل نقشي مطابق، (عمارتن ۽ قلعي جي) بنيادن وجهارائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو.“ (14)

        نئين سال جي شروع ۾، يعني 9_ محرم 1049هه (1639ع) تي، لال قلعي جا بنياد ڀرجڻ شروع ٿيا. ان کان پوءِ چئن مهينن تائين، جيڪو به سامان ۽ مصالحو موجود هو، اُهو بنيادن ۾ وجهي، جيئن اُهو ڪم ختم ڪيو ويو (15)، تيئن، ”ماثرالامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب، غيرت خان جي بخت جو ستارو چمڪيو ۽ ٺٽي جي صوبهداريءَ جي مٿس نوازش ٿي ۽ هو انهيءَ طرف روانو ٿي ويو (16). ”بادشاهه نامه“ جي مـؤلف ان تبادلي جي تاريخ 11_ جمادي الاول 1049هه ڏني آهي ۽ لکيو آهي ته:

        ”11تاريخ (جمادي الاول 1049هه) تي الله وردي خان کي 1000 پيادن ۽ 1000 سوارن جي اضافي سان 5000 پيادن ۽ 5000 سوارن جو منصب عطا ڪري، غيرت خان جي جاءِ تي گاديءَ واري صوبي دهليءَ جي صوبه داريءَ جي سرافرازي بخشي ويئي ۽ رخصت فرمايو ويو (17).“

       ماثر جهانگيري: غيرت خان جي تاليف، ”ماثر جهانگيري“، جو نالو خافي خان (18) ۽ ”ماثر الامرا“ کان علاوه، خود ڪتاب جي مـؤلف ”جهانگير نامه“ لکيو آهي. شاهنواز خان جي راءِ هن ڪتاب متعلق هيءَ آهي:

”.....مذڪور....(مـؤلف ’ماثر جهانگيريءَ‘،) ڪنهن به ڳالهه کي وڌائڻ گهٽائڻ کان سواءِ ’اقبال نامهﻋ جهانگيريءَ‘ جي مصنف متعلق، (جيڪو مزاح گوئيءَ ۾ بي اختيار گرفتار هو) ۽ خاص طرح جهانگير جي شهزادگيءَ واري دور جي بغاوت جا واقعا، تفصيل سان بيان ڪيا آهن“. (19)

        اُن سلسلي ۾ خافي خان جو چوڻ آهي ته:

        ”عقل جي صاحبن تي پوشيده نه آهي ته جهانگير جي شهزادگيءَ واري دؤر جي بغاوت جو احوال،محمد قاسم فرشته ۽ ٻين مـؤرخن،جيڪي جنت مڪانيءَ جا همعصر هئا، بادشاه جي ملاحظي جي خيال کان، فقط اشارن اشارن ۾ بيان ڪيو آهي، پر ميرزا ڪامگار، مخاطب به غيرت خان، حميدالله خان (؟) جي ڀائٽئي، جنت مڪانيءَ جي احوال پيش ڪرڻ ۾ خاص تفصيل کان ڪم ورتو آهي ۽ معتمد خان متعلق به سچ لکڻ ۾ ڪا ڪمي ڪانه ڪئي آهي ۽ ڪافي احوال شهزادي محمد سليم جي شهزادگيءَ واري دؤر جي بغاوت جو پڻ بيان ڪيو آهي...الخ.“

        تاريخ نويسن جي هنن راين منجهان ڪتاب جي اهميت ۽ مـؤلف کي مشاهده نگاريءَ ۽ واقعن کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي جيڪا صلاحيت هئي، تنهن جو پوريءَ طور اندازو ٿي سگهي ٿو.

        غيرت خان هيءُ ڪتاب شلهجهان جي تا جپوشيءَ کان ٽي سال پوءِ، يعني 1040هه (1630ع) ۾ ختم ڪيو (20).

       ٺٽي جي حڪومت: جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي، غيرت خان کان دهليءَ جي نظامت جون واڳون وٺڻ لاءِ الله وردي خان 11 جمادي الاول 1049هه تي شاهي حضور منجهان رخصت ياب ٿيو. هو پوءِ ڪڏهن دهليءَ پهتو ۽ ڪڏهن غيرت خان کان دهليءَ جي نظامت سنڀالي ورتائين، ان جي ڪا خبر ڪانهي. بهرحال اٽڪل ساڍن ٽن مهينن کان پوءِ، 16_ شعبان 1049هه تي، جڏهن شاهجهان ڪابل کان موٽندي لاهور ۾ منزل انداز هو، غيرت خان اچي اتي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو (21). اٽڪل اڍائي مهينا لاهور ۾ رهي، ”تماشاي شگوفهﻋ شفتالو“ منجهان دل تي لطف اندوز ٿي، 25_ شوال 1049هه تي، جڏهن ”فتح ۽ ڪامرانيءَ جا شاهاڻا جهنڊا“، خوش بخت گهڙيءَ جو انتخاب ڪندي، ڪشمير ڏانهن اسهڻ لاءِ هوا ۾ ڦڙڪڻ لڳا، تيستائين غيرت خان شاهي درٻار ۾ موجود هو (22). اوچتو بادشاهه جو سهرو، يمين الدولـﮧ آصف خان، جيڪو اُنهيءَ زماني ۾ لاهور جو حاڪم هو، بيمار ٿي پيو، جنهنڪري بادشاهه سلامت لاهور جي قلعداري غيرت خان جي سپرد ڪري، پاڻ ڪشمير ڏانهن روانو ٿيو (23).

        لاهور جي هيءَ قلعداري غيرت خان کي چئن مهينن تائين حاصل رهي، جنهن کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم، خواص خان،جي بدليءَ سبب، 4_ ربيع الاول 1050هه تي غيرت خان واسطي فوراً ٺٽي ڏانهن وڃڻ جو حڪم صادر ٿيو ۽ لاهور جي قلعداري ذوالفقار جي سپرد ٿي.

        چوٿينءَ تاريخ (ربيع الاول 1050هه) تي، غيرت خان، جنهن کي لاهور جي قلعداريءَ جي عهدي جي سرافرازي حاصل هئي، 500 پيادن جي اضافي سان، 3000 پيادن ۽ 2000 سوارن جو منصب حاصل ڪري، خواص خان (24) جي جاءِ تي، ٺٽي جي صوبه داري سنڀالڻ لاءِ اتان فارغ ٿيو ۽ لاهور جي قلعداري ذوالفقار خان کي، جيڪو هيستائين وڏي شان واري بادشاهزادي مراد بخش جي خدمت خاص ۾ مقرر هو، مرحمت ڪئي ويئي (25).

        ۽ ساڳئي وقت هيءُ به خاص حڪم صادر ٿيو ته هو، يعني غيرت خان، هڪدم روانو ٿي وڃي ۽ بنا دير جي، وڃي پنهنجو نئون عهدو سنڀالي (25).

        سنڌي مـؤرخ، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ، ”تحفـة الڪرام“ ۾ ٺٽي جي مغل صوبه دارن جي جيڪا فهرست ڏني آهي، اها ترتيب توڙي تاريخن جي لحاظ کان غلط به آهي ۽ اڻپوري به. چنانچه غيرت خان جو نالو ۽ ذڪر ان ۾ موجود ئي ڪونهي (26)، ۽ پڻ ان ۾ شاهجهان جي اوائلي دور جي صوبه دارن جا نالا ۽ احوال پڻ غائب آهن، ۽ ڇاڪاڻ ته هيءُ ئي ڪتاب ”لب تاريخ سنده“ جو ماخذ آهي، تنهنڪري ان ۾ به اهي اوڻايون موجود آهن. ”لب تاريخ سنده“ ۾ پڻ سال صرف اندازي ۽ قياس جي آڌار تي ڄاڻايل آهن ۽ ان ۾ سنڌ جي مغل صوبه دارن جي آيل فهرست پڻ ساڳيءَ طرح غلط آهي (27).

       وفات: غيرت خان ٺٽي: ۾ جيڪو عرصو رهيو، ان جا تفصيل اسان کي انهيءَ ڪري معلوم نٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ جا سمورا ماخذ سندس دؤر جي واقعن ۽ احوال کان خالي آهن. مغل تاريخن مان اسان کي صرف هيءَ معلوم ٿو ٿئي ته غيرت خان ٺٽي ۾ 1050هه ۾ انتقال ڪيو، جنهن جو اطلاح 7 ذي الحج 1050هه تي شاهجهان کي پهتو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن بادشاهه ٺٽي جي حڪومت جون واڳون شاد خان جي حوالي ڪيون:

        ”ستين تاريخ (ذي الحج)_ هن تاريخ تي جڏهن بادشاهه جي حضور اقدس ۾ گذارش عرض ٿي ته ٺٽي جو صوبه دار، غيرت خان، زندگيءَ جون منزلون پوريون ڪري چڪو، تڏهن شاد خان کي (27) خلعت ۽ تلوار ۽ 500 پيادن ۽ 500 سوارن جي اضافي سان 2000 پيادن ۽ 2700 سوارن جو منصب عطا ڪري، هڪ گهوڙو مرحمت ڪيو ويو ۽ مذڪور صوبي جي صوبه داريءَ سان سرافراز ڪيو ويو (29).

       مدفن: غيرت خان جي زندگيءَ جي ٺٽي ۾ ئي پڄاڻي ٿي. ڪنهن به مـؤرخ هيءُ ڪونه لکيو آهي ته ڪٿان جي سرزمين هن جي بيجان جسم کي پاڻ وٽ پناهه ڏني_ يعني هن جي مٽي ڪٿان جي مٽيءَ سان ملي ۽ ڪٿان جي گز زمين ۾ هن کي ابدي آرام نصيب ٿيو.

        هن مقالي ۾ منهنجو مقصد غيرت خان جي سوانح حيات بيان ڪرڻ جو ڪونه هو. انهيءَ ڪري جيتريقدر هن جي اصل زندگيءَ جي احوال جو واسطو آهي، ان کي بلڪل مٿاڇري نموني ڇڏيندو، آءُ اڳتي وڌندو پئي ويو آهيان. منهنجي اصل منشا هيءَ آهي ته آءُ تاريخ جي عالمن جي خدمت ۾ هي ظاهر ڪيان ته حضرت ننگر ٺٽي جي خاڪ پاڪ ئي هميشه لاءِ غيرت خان جي خاڪي جسم کي پاڻ وٽ جڳهه ڏني آهي ۽ هو مڪليءَ جي بيمثل تاريخي قبرستان ۾ ئي دائمي طور آرامي آهي.

        مڪلي ٽڪريءَ تي، ميرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ،(30) جي مقبري جي مغربي پٺ کان، ڀت کان ڪجهه پرڀرو، ٽي اوچيءَ سطح جا جدا جدا چبوترا آهن. پهرئين چبوتري تي هڪڙي ڀوري پٿر جي هڪ قبر آهي جنهن تي هيءُ ڪتبو آهي:

”نـــــــــدا رســـــــــيد کــــــه وي اصـــــــــل خـــــــــدا شـــــــــد،

        گفت غمين مباش که فردوس ساخته روشن“  1052هه

        ان کان پوءِ هڪ ٻيو  چبوترو آهي، جنهن تي پڻ صرف هڪڙي ئي قبر باقي وڃي بچي آهي، جنهن تي هيءُ ڪتبو موجود آهي:

”رحلت نمودن مرحومي مغفوري

خواجه محمد لطيف بتاريخ بست

        وشـــــــشم شـــــــــهر شـــــــوال دوشنبه“     1052هه

        انهيءَ چبوتري تي هڪڙو پٿر جو ڪتبو مون ڪنهن زماني ۾ پيل ڏٺو هو، جنهن تي هيءُ شعر اُڪريل هو:

                سال وفات آن سعيد، جست چو طبع خرد

                از نفس مشک بيز پيکر روحانيان 1135هه (؟)

        ساڳئيءَ طرز ۽ ساڳئي سلسلي جو ٽيون ۽ سڀ کان آخري چبوترو، ذڪر ڪيل ٻن چبوترن سان لڳو لڳ آهي. ان تي پڻ رڳي هڪڙي قبر باقي وڃي بچي آهي، جا پٿر جي ٺهيل نه آهي ۽ جنهن کي ڪنهن دؤر ۾ چُن جي گَچ سان پلاسٽر ڪيو ويو ٿو ڀانئجي. اُنهيءَ چبوتري تي مون، اڄ کان ڇهه ست سال اڳ، پٿر جو هڪرو ڪتبو هيٺ ڪريل ڏٺو هو، جيڪو غيرت خان جي مزار جو ڪتبو هو. خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي ته جتي مون کي ڪتبو پيل مليو هو، انهيءَ ئي چبوتري ۽ اتان جي ئي ڪنهن ڊٺل قبر جو اهو ڪتبو هو يا اهو ٻئي ڪنهن آسپاس واريءَ  قبر کان الڳ ٿي، ڪٽي ڪريو پيو هو ۽ ڪنهن ماڻهوءَ اتان کڻي آڻي انهيءَ چبوتري تي ان کي ڇڏيو هو. حقيقت هيءُ آهي ته مڪليءَ جي مقبرن جي سنڀال، صفائيءَ ۽ حفاظت جو بندوبست جيڪو اڄ موجود آهي، اهڙو اڳي ڪڏهن به ڪون هو، ۽ اُنهيءَ ڪسمپرسيءَ جي ڊگهي عرضي ۾ شيمار تاريخي قبرون ڀُري ۽ ڊهي، زمين سان زمين ٿي، ملبهه ۾ گم ٿي ويون آهن.

        منهنجو ذاتي قياس هيءُ آهي ته غيرت خان جي قبر انهن ٽن چبوترن مان ڪنهن هڪ تي موجود هئڻ کپي ۽ هوندي به ؛ زياده امڪان هيءُ آهي ته اُها اُنهيءَ ئي چبوتري تي آهي جتان مون کي اُهو ڪتبو مليو هو،


(1)  پير محمد زمان لنواريءَ وارو به ساڳئي ميان محمد جو مريد ۽ مير عزت الله جو پير ڀائي هو.

(1)  بياض حسام الدين؛ ”تحفـﺔالڪرام“ نسخه لاهور (سرورق بخط مير ”مائل“)

(2)  مير غلام علي ”مائل“ تي اسان جو مضمون، مٿي، هن ڪتاب ۾ ص ص 145_ 268

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com