مسجد اميرخاني:
ٺٽي جي جامع شاهجهانيءَ جي اُترينءَ ۽ اولاهينءَ
ڪئنڊ تي، مسجد کان ٻه سؤ کن قدم پري، گنبذ سان هڪ
ننڍي چؤديواري موجود آهي، اها مسجد اميرخاني آهي،
جنهن کي ابوالبقا امير خان جيڪو اميرخانن جو وڏو
هو ۽ جنهن ٺٽي تي ٻه دفعا گورنري ڪئي، ٺهرايو.
انهيءَ مسجد جي سلسلي ۾ به اهائي روايت آهي ته
مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي ويئي.
اها مسجد ڀائي خان جي محلي چوڪ ملڪ مان ۽ چوڪ
عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هئي. ٻارهين صديءَ ۾ مسجد سان
متصل ٺٽي جي مشهور شاعر خاندان شيخ محمد مريد
قانونگو جو گهر هو. محمد محفوظ ’سرخوش‘ ان جو پٽ
هو، ۽ ميان قمرالدين
”عشرت“
سندس ڏوهٽو هو. شيخ محمد مريد 1171هه ۾ وفات ڪئي،
۽ ان بعد به سندس اولاد انهيءَ گهر ۾ رهندي آئي.
اها مسجد 1039هه ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1040هه ۾ جُڙي
تيار ٿي. هيٺينءَ طرح انهيءَ مسجد تي ڪتبا لڳل
آهن:
ڏاکڻي ديوار تي اندران:
همين کردم طلب سالِ بنايش
خرد گفتـﮧ کـﮧ ”بيت الله باني“ 1039هه
مسجد جي ڪوٺيءَ اندر داخل ٿيڻ لاءِ اوڀر کان هڪ
دروازو آهي، انهيءَ دروازي جي اتر ۾ ٻاهران هي
ڪتبو آهي:
اين مسجد بهشت نشان را بنا نهاد
مهِرَ سپهر دولت و اقبال اميرخان
دروازي جي ڏکڻ کان، ٻاهرئين طرفان:
چون ختم بود، در همـﮧ اوصاف فيض و لطيف
سال تمام گشتن او نيز ”ختم“ دان 1040هه
ظاهر آهي ته جنهن مسجد هڪ سال ٺهڻ ۾ ورتو هوندو،
اها فقط اها ڪوٺي ڪانه هوندي، جيڪا اڄ موجود آهي،
ضرور مسجد خوبصورت ۽ ڪشادي هوندي. جتان رستو وڃي
ٿو، اتي ضرور مسجد جو صحن هوندو.
مقالات الشعرا ۾ ملتفت خان مير عبدالڪريم امير
خان، جيڪو امير ابوالبقا جو فرزند هو، ان کي اُن
مسجد جو باني لکيو ويو آهي،
جا روايت سراسر غلط آهي، البت تحفـﺔ الڪرام ۾ مير
قانع صحيح لکيو آهي ته مسجد ابوالبقا اميرخان
ٺهرائي.
مسجد زبون ٿي چڪي هئي، ٽي_ چار سال ٿيا جو ان جي
پي. ڊبليو.ڊي وارن مرمت ڪئي آهي.
مسجد شاهجهاني:
هن مسجد جي مسقف حصن ۽ ان جي گنبذن اندران ٽائيلس
جو جيڪو خوبصورت ڪم ڪيو ويو آهي، اهو اسلامي
فنڪاريءَ جي تمام اوچن چند نمونن مان هڪ آهي. نه
فقط سهڻي ۽ سٺن رنگن واري ٽائيلس ڪتب آندي ويئي
آهي، بلڪ سرن ۽ رنگن کي اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملايو
ويو آهي، جو اندر داخل ٿيڻ شرط ڏسندڙ کان ڇِرڪ
نڪري وڃي ٿو ۽ ڏسندڙ نه فقط خوبصورت جڙاءَ ۽
فنڪاريءَ جي چابڪدستيءَ کي ڏسي حيران ٿئي ٿو، بلڪ
سندس دل هڪ قسم جي خوشي، مسرت، انبساط، اطمينان ۽
سڪون محسوس ڪري ٿي_ اهڙي خوشي يا اهڙو سڪون ۽
اطمينان، جيڪو هڪ مسافر کي وڏي ڪشالي ڪاٽڻ بعد
پنهنجي منزل مقصود تي پهچي حاصل ٿيندو آهي، ۽
حقيقت ۾ اهوئي راز ۽ اهوئي ڪمال انهيءَ ميناڪاريءَ
۾ رکيو ويو آهي. هڪ عبادتگذار پنهنجي طويل ۽ عمر
ڀر جي عبادتگذاريءَ جي مقبوليت بعد جيڪا راحت روح
۾ پسند آهي، سا هڪ ڏسندڙ کي هن مسجد جي ڇت هيٺان
محسوس ٿئي ٿي.
مسجد جو اوڀاريون ۽ اولاهيون حصو ڇت هيٺ آهن، جنهن
تي ٽي وڏا گنبذ مرڪزي آهن. اتر ۽ اولهه جي ديوارن
سان پڻ ڇتائيون رواق آهي، جيڪو غالباً مدرسن جي
مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ٻيئي رواق ونگن تي آهن ۽
متعدد ونگون هرڪ رواق هيٺان آهن. مسجد جو رقب 305x170
فوٽ آهي. وچ ۾ تمام ڪشاود صحن آهي، جنهن ۾ هڪ وقت
۾ ئي ٽي هزار عبادتگذار، نماز پڙهي سگهن ٿا. رواقن
مٿان، ننڍا ننڍا جملي 92 گنبذ آهن. محڪمـﮧ آثار
قديمـﮧ جي رپورٽ (نمبر 8- طبع بمبئي 1879ع) مان
معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد تي شاهجهاني دؤر
جا نَوَ لک رپيا خرچ ٿيو هو. مسجد جي ڪرسي پٿر جي
آهي، ۽ باقي عمارت ننڍين سرن جي آهي. اندر داخل
ٿيڻ لاءِ ڏکڻ کان دروازو آهي، ۽ اوڀارين مسقف
عمارت جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ کان پڻ هڪ ننڍو دروازو آهي،
جنهن مان نڪري اميرخاني محلي ۾ داخل ٿجي ٿو. مسجد
جي ٻنهي ڇتائن عمارتن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وچ تي هڪٻئي
جي سامهون عاليشان ۽ بلند ونگن تي دروازا آهن،
اتريون ۽ ڏاکڻيون رواق ٻاهر کليل آهي ۽ دروازن جي
بجاءِ منجهس ٺل آهن.
انهيءَ جامع جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ کان جيڪو
ڪشادو ميدان پيو آهي، انهيءَ ۾ ٺٽي جو ”قلعـﮧ حاڪم
نشين“ هو، ۽ مسجد خود غالباً ڀائي خان جي محلي ۾
هئي. اوڀر کان مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جاءِ
تي بعد ۾ امير ابوالبقا امير خان پنهنجو محلو آباد
ڪيو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اهو مسجد وارو
علائقو، شهر جو مرڪزي ۽ اهم حصو هو، ڇاڪاڻ ته
ارغوني دؤر
کان وٺي مغل نوابن تائين، بادشاهه، حاڪم ۽ انهن جا
امير امراءَ انهيءَ ايراضيءَ ۾ رهندا هئا. شهر
خواه سنڌ جي سياست انهيءَ ايراضيءَ ۾ فيصل ٿيندي
هئي. انهيءَ حصي ۾ مغلن جا فرمان پهچندا هئا، ۽
انهيءَ حصي مان ملڪ تي حڪم صادر ٿيندا هئا. لٽ
مار، ڦر ڌاڙي، قتل ۽ غارتگريءَ جا واقعات، جيڪي
ٺٽي شهر خواه ملڪ ۾ ڌارين حڪامن ڪرايا، تن سڀني جو
منبع شهر جو اهو حصو هو، ۽ اهو ئي شهر جو حصو اڄ
برباد ۽ ويران آهي_ اهي آهن خدا جي قدرت جا
رنگارنگي کيل!
اها مسجد، شاهجهان جي دؤر
۾ ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا امير خان پنهنجي
صاحبيءَ جي زماني ۾ ٺهرائي، مسجد ۾ ڪتبا هيٺينءَ
ريت آهن، جن مان مختلف تاريخن جو پتو پوي ٿو.
اولهائين، ڇتائين عمارت جي داخلي دروازي تي،
ٻاهران ٽن ڪنارن تي، بخط ثلث:
(1) ”لقد صدقالله رسولـﮧ الرؤيا_
تا_ مغفرة و اجرا عظيما_ کتبـﮧ سيد علي بن
عبدالقدوس
1104هه“.
(2) ”اقم الصلواة_ تا_ زهوقا_ مشقـﮧ العبدالفقير
بنڀو
بن حسن.“ انهيءَ حصي جي وڏي مرڪزي گنبذ هيٺان
عمارت مثمن آهي، انهيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث
هي ڪتبو آهي:
(3) ”سب مان الذي اسرا_ تا_ عذابا اليما_ ڪتبـﮧ
فقير طاهر
بن حسن ڪاتب“.
اوڀاري عمات ۾ اندر، داخلي دروازي جي ڏاکڻي پاسي
کان هي ڪتبو ٽن پٿر جي ٽڪرن تي آهي:
(4) بادشاه زمانـﮧ شاه جهان جامعِ تتـﮧ دلکشا
پرداخت
مرتفع جامعي کـﮧ گنبد او سايـﮧ برقبـﮧ سما
پرداخت
خاصـﮧ بهرِ خداي ظل خدا خانـﮧ رحمت خدا
پرداخت
خوش جامع بحکم شاهجهان زبده آل مصطفيٰ
پرداخت
رضوي انتساب مير جلال کـﮧ وزارت ازو
صفا پرداخت
گشت فرشي کـﮧ سنگ آن ز صفا رشک جام جهان نما
پرداخت
ســــــال تعمير آن دبير خرد ”فرش
مطبوع و دلکشا“ پرداخت
(1068هه)
هيءُ ڪتبو عبدالله
ڪاتب جو لکيل آهي، ۽ ان مان 1068هه فرش هڻائڻ جو
سال معلوم ٿئي ٿو، جيڪو مير سيد جلال رضويءَ
وزير(؟) هڻايو. اهو سال شاهجهان جي حڪومت جو آخري
سال هو. انهيءَ اوڀارين حصي ۾ طاق جي اندرئين طرف
خط ثلث ۾ هي ڪتبو آهي:
(5) ”تبارک الزي نزل الفرقان_ تا_ انـﮧ
غفورالرحيم. صدق الله، صدق الله اعلي العظيم_ شيخ
محمد فاضل“.
انهيءَ اوڀارين حصي جي داخلي دروازي جي ٻاهران
هيٺيا ٻه ڪتبا دروازي جي ڏاکڻي ۽ اترئين پاسي کان
پٿر جي ٻن سرن تي اڪريل آهن، ڏکڻ کان بخط نستعليق.
(6) چون ز صاحب قِران شاهجهان يافت ترتيب مسجد
اعليٰ
اترئين طرف کان ٻن سٽن ۾ مٿئين ڪتبي وانگر:
(7) هاتفم گفت سال اتمامش ”گشت زيباچو مسجد:
اقصيٰ“
1057هه مشقـﮧ
عبدالغفور
ڏکڻ کان جيڪو رواق آهي، ان ۾ داخلي دروازي جي
اولهائين طرف ٻئي نمبر ونگ جي مٿان هي ڪتبو آهي:
(8) نديده چشمِ فلڪ مسجدي بدين خوبي
کـﮧ آمدند ملايک براي ديدن فيض
بجستم از خرد و عقل سال تعميرش
بديد، کرد اشارت کـﮧ ”هست معدنِ فيض“1054هه
مسجد ۾ هن وقت ڪل اهي ڪتبـﮧ آهن، جن جا سال
ترتيبوار هيٺينءَ طرح آهن: 1054، 1057، 1068،
1104_ محڪمه آثار قديمـﮧ وارن مٿين ڪتبن جي سالن
مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سال 1054هه ۾ مسجد ٺهڻ
شروع ٿي؛ 1057هه ۾ جُڙي راس ٿي؛ شاهجهان جي آخري
سال 1068هه ۾ مير سيد جلال رضويءَ وزير (؟) فرش
هڻايو، ۽ عالمگير جي پوئين دؤر
۾ 1104هه ۾ مسجد ۾ ڪي ترميمون ٿيون.
اسان کي معلوم نه آهي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر
۾ انهيءَ مسجد جي ڪا مرمت ٿي يا نه، البت ٽالپرن
جي پهرينءَ چوياريءَ مان مير مراد علي خان ٽالپر
1227هه ۾ ان جي چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي. مير مائل
انهيءَ مرمت تي هيٺيان تاريخي قطعا چيا آهن:
وه اين مسجد شاهي آنگه سالش بر ”معدن فيض“
پيش ازين 1054
در حـــــــال ز فـــــــيـــــــض رشد
تـــــــازه از دســـــــت مـــــــيـــــــر
نـــــــيـــــــک آئـــــــين
کـــــــز نـــــــام عـــــــلي مـــــــراد
يابست دائـــــــم بـــــــه
بـــــــبـــــــقاي دولــــــت و دين
از فـــــــيض مـــــــراد تـــــــازه
تـــــــرمـــيم بـــــــگرفت بـــــــکام دل
چـــــــو تـــــــزئيـــن
فرمود سروش غيبم اين سال
”اين معدنِ: فيض حاليا بين“1227هه
_________
باز از مجد و شرف اين جامع شاهي گرفت
با هزاران زيب و زينت تازه تزئين الرشاد
گفت طبعم در دعا تاريخ ترميمش چنين
”باد دائم امجد اين جامع و ترميمِ مراد“ 1227هه
_________
حسبـﺔ لله بکام آنکـﮧ في الليل و النهار
دارد از شوقِ دلي شغلِ عبادت دل نهاد
برد از طبعِ براهم مسجدِ حق کز قديم
دارد از سعي صفا با کعبـﺔالله اتحاد
چون بترميمِ مراد از نو چو تعميرِ قديم
داد با صد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد
در خوشي خوش سال ترميمش سروشِ غيب گفت
”آمده نو باز اين مسجد ز ترميمِ مراد“
1227هه
ديده هرکس بر مرادِ طبعش اين ترقيم خير
از جزاک الله خيرا صد نويدِ کام داد
تا بود
’مائل’
بيادِ حق قلوب المومنين
ورد شان دائم در اين مسجد دعاي مير باد
_________
شکر حق کـﮧ پيرويء سنت ختم الرسل
آنکـﮧ واجب کرد تعمير مساجد بر عباد
رونقِ عباد دوران مير نام آور کـﮧ او
دارد از نام علي حاصل بدوران هر مراد
مسجد کي وري مرمت جي ضرورت ٿي، جنهن تي ٺٽي جي
معززن، مخدوم محمد ابراهيم (المتوفي 1317هه) صاحب
تڪملـﮧء مقالات الشعراء کان هڪ درخواست تمام وڏن ۽
طول طويل القابن سان فارسيءَ ۾ ٺهرائي، مير علي
مراد خان والي خيرپور ڏانهن موڪلي، جنهن ۾ کيس
التجا ڪيل هئي ته ٺٽي جي جامع شاهجهانيءَ کي مرمت
جي ضرورت آهي ۽ هو اهو ڪارخير ڪري.
جواب ڇا آيو؟ ليڪن ايترو يقين آهي ته مير انهيءَ
طرف توجهه ڪونه ڏنو. مير مرحوم جي سڄي زندگي شڪارن
پٺيان جهنگ ۾ گذري، شهري ڪاروبار ۽ اهڙن معقول ڪمن
سان سندس واسطو ڪونه هو.
انگريزن پنهنجي دؤرِ
حڪومت ۾ ان جي ٻه دفعا مرمت ڪرائي. پهروين دفعو سر
بارٽل فريئر 1272هه (1855ع) ۾،
۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر 1311هه (1894ع) ۾ ٿي.
هن وقت تائين مسجد جي حالت بلڪل زبون ٿي چڪي هئي.
مسجد آثار قديمـﮧ جي تحفظ ۾ آهي، ليڪن ان جي مرمت
پي.ڊبليو.ڊي وارا ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ان جي
تاريخي ۽ تعميري روش خواهه خوبي ختم ٿي چڪي آهي.
مسجد حفظ الله خاني:
شاهجهان جي مشهور وزيراعظم سعدالله خان جو پُٽ،
حفظ الله خان، 1103هه ۾ ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. سيوهڻ
به سندس تحت ڪيو ويو. نهايت نيڪ، پرهيزگار ۽
ديندار هو. حضور ﷺ جن جي عرس تي هزارن ماڻهن کي
دعوت کارائيندو هو، ۽ هٿ سڀني جا پاڻ ڌوئاريندو
هو. 1112هه ۾ سيوهڻ ۾ سج لڳڻ (سن اسٽروڪ) سبب فوت
ٿي ويو. مير غلام علي
’آزاد’
بلگرامي_ فَلهُم جَناتُ الماويٰ نُزلا بما کانُو
يَعمَلوُنُ
مان سندس وفات جو سال ڪڍيو.
ترخاني دؤر
وارو قلعـﮧ حاڪم نشين زبون ٿي چڪو هو. حفظ الله
خان ان کي ٺهرائڻ شروع ڪيو، ليڪن بادشاهه جي حڪم
پهچڻ سبب مڪمل نه ٿي سگيو.
ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو. انهيءَ نيڪ نفس نواب 1109هه ۾
انهيءَ قلعـﮧ حڪام نشين جي دروازي اڳيان، انهيءَ
مرمت واري دوران ۾ مسجد به ٺهرائي جيڪا شاهي حڪم
پهچڻ کان اڳ ۾ ئي تيار ٿي ويئي، ۽ ان جي ٺهڻ جي
تاريخ تي، مخدوم محمد عابد ولد مخدوم رحمـﺔ الله
مدرس، هيٺيون قطعو چيو:
شده اين مسجدِ فرخنده انجام
بناي خير حفظ الله خاني
خرد تاريخ تعميرش بگفتـﮧ
”جزاي خير باد بهرِ باني، 1109هه
محلـﮧ تندسر جي مسجد:
تندسر جي محلي ۾ متعدد ننڍيون ننڍيون مسجديون
هيون، جن مان هڪ مسجد هن ڪري تاريخي ۽ مشهور ٿي
ويئي، جو ان ۾ ٺٽي جو مشهور حال ۽ قال جو صاحب،
حاجي سليمان، جيڪو فقهه ۽ حديث جو به جيد عالم هو،
دفن ٿيو. اها مسجد 1190هه تائين قائم هئي.
ميان ملوڪ شاه واري مسجد:
تندسر جي محلي جي ٻي مشهور مسجد ميان ملوڪ شاه جي
هئي. ميان مرحوم جڏهن مسجد ٺهرائي رهيو هو، ان وقت
مسجد جي اوڀارين ديوار هڪ منهدم ٿيل مزار مٿان
کنئي ويئي، جيڪا هڪ بزرگ سيد حسين جي هئي. رات جو
ميان ملوڪ شاه خواب ۾ اها حقيقت معلوم ڪري، صبح جو
ديوار سورائي ۽ بزرگ جي مزار نروار ڪري ڇڏي.
اها مسجد زياده تر هن ڪري مشهور ٿي ۽ تاريخي بنجي
ويئي، جو ان ۾ ٺٽي جي مشهور واعظ ميان عبدالله عرف
ميان موريي واعظ جو جيد شاگرد ميان نور محمد ايترو
پرتاثير وعظ ڪندو هو، جو سڄو ٺٽو اچي پرٽبو هو.
مرحوم ميان نور محمد ڏهه_ ٻارهن سال متواتر وعظ
ڪيو، ۽ 1176هه ۾ فوت ٿيو.
اها مسجد صديءَ جي اختتام تائين ته آباد هئي،
ان کان پوءِ ڪيترو وقت قائم رهي، سو خدا ڄاڻي.
مير عبدالعليءَ واري مسجد:
اها مسجد مسڪرن جي محلي ۾ هئي، جنهن لاءِ پڻ مير
قانع جي روايت آهي ته اتي پهريون ”مهر“ نالي هندن
جي مڙهي هئي، جنهن کي ٺٽي جي مشهور لوڌي خنادان
(سادات مارﱞندراني) جي هڪ فرد، مير عبدالعلي بن
سيد محمد بن سيد ابوالفتح بن مير ڪمال الدين بن
سيد بدرالدين، ڊهرائي، بقول مير قانع، ”مشهور“
مسجد ٺهرائي.
سيد بدرالدين 967هه ۾ سنڌ ۾ پهتو، مير عبدالعلي
سندس چوٿين پيڙهيءَ ۾ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو
ته اها مسجد مير عبدالعليءَ عالمگير جي عهد ۾
ٺهرائي هوندي. مير قانع جي روايت آهي ته انهيءَ
خاندان جو هڪ بزرگ، سيد محمد خليق، ڪيترا سال ٿيا
جو انهيءَ مسجد مان گم ٿي ويو ۽ وري نه لڌو، ان جو
پٽ سيد گل 1181هه ۾ موجود هو،
۽ اها مسجد پڻ ٻارهن صديءَ جي خاتمي تائين قائم
هئي.
مسگرن جي محلي واري مسجد:
انهيءَ محلي ۾ هيءَ ٻي مسجد پڻ تاريخي حيثيت سان
هن ڪري اهم هئي، جو منجهس ٺٽي جا چند مشهور بزرگ ۽
الله وارا پوريل هئا. مثلاً:
سيد دائود ۽ سيد اسماعيل، جيڪي ٻيئي ڀائر هئا، ۽
بقول شيخ اعظم_ در واديء تحقيق و توفيق رتبـﮧ عالي
داشتند_ انهيءَ مسجد ۾ مدفون هئا.
ميان نور شاهه ٺٽي جو مشهور مجذوب به انهيءَ مسجد
۾ مٿين ٻن بزرگن جي پيرانديءَ کان رکيل هو.
اهو بزرگ شيخ اعظم جي زماني جو آهي. شيخ پنهنجو
ذاتي تجربو بيان ڪندي لکي ٿو ته ”مان ڪنهن سخت
مشڪلات ۾ ڦاٿل هوس. ان جي فڪر ۽ سوچ ۾ هڪ ڏينهن
پنهنجي گهر اڳيان غم ۽ اندوهه جي تصوير بڻيو بيٺو
هوس. اتفاقاً مجذوب اچي اتان لانگهائو ٿيو. مون ڏي
ڏسي فرمايائين ته فڪر نه ڪر، ٽن ڏينهن بعد تنهنجو
ڪم ٿي ويندو!“ مـؤلف
لکي ٿو: برابر ٽئين ڏينهن ٻن سالن جو روڪيل منصب،
جنهن جي جاري ٿيڻ جي ڪا صورت ڪانه هئي، پنهنجو پاڻ
جاري ٿي ويو.
مسجد لکي:
مٿئين محلي مسڪرن جي هيءَ ٽين مسجد به مشهور ۽
معروف هئي. انهيءَ مسجد جو نالو، شيخ اعظم ”مسجد
لکي“ رکيو آهي، جنهن جي نسبت جو پتو پئجي نه
سگهيو. انهيءَ مسجد ۾ پڻ ٺٽي جو هڪ وڏو الله وارو
بزرگ ستل هو، جنهن جو نالو سيد ابراهيم هو ۽ جنهن
لاءِ تحفـﺔ الطاهرين ۾ آهي ته_ ”خداوند معارف
قدسيـﮧ و مهبط اسرار الاهيه بود“_ سموري زندگي
مجرد رهي خدا جي عبادتگذاريءَ ۾ بسر ڪري ڇڏيائين.
سندس چيو هرگز خالي نه ويندو هو. پنهنجي وصيعت
مطابق اهيءَ مسجد ۾ پوريو ويو.
مسجد اسلامپور:
هيءَ مسجد مڪليءَ جي دامن ۾ اڃا تائين آهي. اها پڻ
هندن جي هڪ ميلي واريءَ جاءِ ۽ مڙهيءَ جي مقابل،
جنهن کي ”ڪالڪان“ سڏيو ويندو هو، ٺهرائي ويئي، ۽
ان جو نالو ”ڪالڪان“ جي مقابلي ۾ ”مسجد اسلامپور“
رکيو ويو. اها مسجد ٺٽي جي مشهور واعظ ميان
عبدالقادر جي پٽ محمد حفيظ ٺهرائي. ميان عبدالقادر
ميان ابوالحسن جو سؤٽ هو، جنهن جي سنڌي (مقدمـﮧ
الصواة) مشهور آهي. ميان حفيظ جي سلسلي ۾ مير قانع
جو ارشاد آهي ته هو صاحب وڏو صالح ڪامل ۽ متقي هو.
خدا تعاليٰ سندس شخصيت کي ڪرامتن جو جامع بڻايو
هو. جيڪو ذمي (ڪافر) سندس منهن ڏسندو هو سو جهٽ
اسلام ۾ داخل ٿي پوندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي
مشرڪن سندس زيارت جي برڪت سان اسلام جو شرف حاصل
ڪيو.
تعجب آهي جيڪڏهن اهڙو بزرگ ٺٽي ۾ موجود هو، ته
پوءِ ڪهڙو سبب ٿيو، جو فقط ”ڪيترا مشرڪ“ مشرف به
اسلام ٿيا. ڇو نه شهر بلڪ سموريءَ سنڌ جي مشرڪن
اسلام قبول ڪيو. نه تبليغ جي ضرورت، نه اسلام جي
تعليم جي گهرج ۽ نه اسلام کي سمجهڻ جي تڪليف، ڇڙو
منهن ڏسڻ اسلام اچي ٿي ويو، ته هوند اهڙي بزرگ کي
ته تڪليف وٺي صوبي جي سڀني مشرڪن کي پنهنجو روءِ
ڏيکارڻ کپندو هو، تاڪه نه رهي بانس نه بجي بانسري.
اهو وڌاءُ آهي، مبالغو آهي يا حقيقت، بهرحال،
مذڪوره بزرگ جي دؤر کان وٺي پاڪستان جي قيام
تائين، ٺٽي ۾ نه فقط مشرڪ موجود هئا، بلڪ سڀني
مومنن مٿان حاوي هئا.
مٿي بيان ڪيل مسجد، ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ٺهي
هوندي، ڇاڪاڻ ته محمد حفيظ مرحوم انهيءَ زماني جو
هو. ٺٽي ايندي مڪليءَ جي لاهيءَ ۾ اها مسجد ويران
پيئي آهي.
قمري مسجد:
شهر جي هڪڙي محلي يا پاڙي ۾ انهيءَ نالي سان هڪ
مسجد هئي، جنهن ۾ مخدوم محمود جو پوٽو ۽ مخدم حامد
جو پٽ، مخدوم صالح محمد، هر جمعي تي وعظ ڪندو هو،
۽ هن انهيءَ شغل ۾ سموري زندگي بسر ڪري، دنيا ۽
عاقبت ٻيئي سنواري، هن دارفانيءَ مان سفر ڪيو.
ممڪن آهي ته انهيءَ مسجد جي نالي جي نسبت مخدوم
علي احمد المعروف به ”قمري“ سان هجي. مخدوم موصوف
ٺٽي جي مشهور صاحب نسبت بزرگ مخدوم آدم (المتوفي
1066هه) جو ڀاءُ هو، ۽ وعظ جي فن ۾ يگانه روزگار
هو. آواز اهڙو مٺو هئس، جهڙو ڳيريءَ جو، انهيءَ
ڪري مٿس ”قمري“ لقب پيو.
ميان ٺارئي جي مسجد:
اَن بازار (غلـﮧ بازار) جي پويان الهندي پاسي کان
هيءَ مسجد هوندي هئي. ٺٽي جو مشهور مُدرس ميان
ٺاريو، انهيءَ مسجد ۾ مدرسو هلائيندو هو.
اها مسجد ٻارهين صديءَ جي پوري ٿيڻ تائين قائم
هئي. 1181هه تائين ميان صاحب موصوف زنده هو.
حاجي محمد قائم جي مسجد:
هيءَ مسجد خواجه محلي ۾ هئي، جيڪا پوءِ نورسيـﮧ جي
نالي سان مشهور ٿي. مسجد قديمي هئي، ليڪن اهو نالو
مٿس ٻارهينءَ صديءَ ۾ پيو. درس للو ابتدا ۾ انهيءَ
مسجد ۾ اچي رهيو هو
۽ انهيءَ مسجد جي اڳيان ئي ”جملـﮧ
پير“ جو ميدان
هوندو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
حضرت مولانا محمد قائم محدث سنڌي جيڪو وقت ٺٽي ۾
رهيو ته هر روز ٽه_پهريءَ جو مسجد ۾ حديث جو درس
ڏيندو هو. جيستائين هو مستقل طرح وڃي مدينه عاليه
۾ رهيو، تيسين هن ٺٽي ۾ اهو برڪت ڀريو شغل جاري
رکيو. سندس انتقال 1157هه ۾ ٿيو.
اسان جو خيال آهي ته مٿين مسجد اها هئي، جنهن ۾
حضرت مرحوم درس ڏيندو هو، ۽ ”حاجي محمد قائم واري
مسجد“ به انهيءَ سبب ڪري سڏجڻ ۾ آئي. پاڻ اصل
ٻهراڙيءَ جو هو، ۽ پوءِ لڏي ٺٽي ۾ اچي ويٺو. قرين
قياس اهوئي آهي ته سندس قيام به ان مسجد جي قريب
ڪٿي هو. چونڪه اها مسجد ڪنهن به ٻئي بزرگ يا مدرس
جي تحويل ۾ به ڪانه هئي، تنهنڪري موصوف انهيءَ ۾
حديث جو درس جاري فرمايو.
مخدوم آدوءَ جي مسجد:
مخدوم آدم نقشبندي، عرف مخدوم آدو، جيڪو حضرت
خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جو مريد هو، ۽ انهيءَ
سلسلي جي عظيم مشائخن مان هڪ ٿي گذريو آهي، ٺٽي جي
جنهن محلي ۾ رهندو هو، ان ۾ اها مسجد به هئي، مسجد
جو متولي پاڻ هو.
مسجد جو مؤذن ۽ پيش امام، آخوند محمد يوسف هوندو
هو. سندس دستور هو ته مخدوم صاحب جي اچڻ بعد اذان
شروع ڪندو هو. هڪ ڏينهن انهيءَ دستور جي خلاف
آخوند اڳ ۾ بانگ ڏيئي ويٺو، ۽ نماز به اڳ ۾ ئي ختم
ڪرائي ويٺو. مخدوم صاحب جو نوجوان فرزند، ميان
ابوبڪر صدر، جڏهن نماز لاءِ آيو ۽ اهو حال ڏٺائين
تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهيءَ وقت آخوند غريب کي مسجد
جي خدمتگذاريءَ تان موقوف ڪري ڇڏيائين. آخوند ٻيو
چارو نه ڏسي، مخدوم صاحب وڏي جي خدمت ۾ پهچي،
روئندي شڪايت ڪئي. مخدوم فرمايو ته ”آخوند، نوجوان
آهي، تون ڀئو نه ڪر، وڃي پنهنجي گهر قرآن جي تلاوت
شروع ڪر، ابوبڪر پاڻهي تنهنجي دروازي تي ايندو. پر
خبردار ائين صلح متان ڪرين! پنهنجو فيصلو پوريءَ
طرح ڪج!“ آخوند ماڙيءَ تي چڙهي تلاوت شروع ڪئي،
هيڏانهن ميان ابوبڪر کي اچي پيٽ ۾ سور پيو: مجبور
ٿي، ٻيو ڪو واهر وسيلو نه ڏسي، پاڻ پالڪيءَ ۾
وجهرائي، وڃي آخوند جي در تي پهتو. معافيون
ورتائين، نذرانو ڏنائين، خلعت پيش ڪيائين، امامت
جي سند ۽ ڇهن مهينن جو وجهه پيشگي آخوند جي خدمت ۾
پهتو، تڏهن ميس پاڻي پڙهي ڏنائين ۽ ميان صاحب کي
درد شڪم مان نجات ملي.
مخدوم ابراهيم جي مسجد:
مخدوم صاحب پڻ نقشبندي سلسلي جو جيد بزرگ هو.
روهڙيءَ کان لڏي جڏهن ٺٽي ۾ اچي ويٺو، تڏهن پنهنجي
حويليءَ جي ڀرسان مسجد جوڙايائين. هيءُ بزرگ
يارهين صديءَ جي آخر جو هو. سندس ننڍو پُٽ، ميان
گل محمد، مير قانع جي دﺆر ۾ (1181هه) موجود هو.
هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جو وڏو فرزند، ميان
ابوبڪر،جيڪو پڻ حال ۽ قال جو صاحب هو، چند معتقدن
سان انهيءَ مسجد ۾ ويٺو هو. هڪ مست اچي مسجد ۾
پهتو، همنشينن ان کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن
تي ميان ابوبڪر کين جهليو، ۽ چيائين ته ”هي خانه
خدا آهي، جنهن کي وڻي سو هن ۾ اچي سگهي ٿو، جهلڻ
نه کپي“. مجذوب تي اهڙو ڪو اثر ٿيو، جو جيسين
جيئرو هو، تيسين ان مسجد مان پير ٻاهر نه ڪڍيائين.
مخدوم محمد هاشم جي مسجد:
حضرت مخدوم صاحب جي پاڙي ۾ سندن اها مسجد هئي.
انهيءَ مسجد منجهان سنڌ جي سَوَن مسلمانن فيض
پرايو. ڏاڍي برڪت ۽ خير واري مسجد هئي. انهيءَ ئي
مسجد ۾ مخدوم صاحب جن ويهي پنهنجيون ڪيتريون
لازوال تصنيفون مڪمل ڪيون. دين جي خدمتگذاري
انهيءَ مسجد مان موصوف ويٺي ڪئي. انهيءَ مسجد مان
ئي هن دين متين جي فروغ ۽ استقامت لاءِ سنڌ جي
حاڪمن ڏانهن خط لکيا، ۽ اهائي اُها مسجد سڳوري
هئي، جنهن ۾ ويهي انهيءَ عظيم شخصيت، فقهي مسئلن
مطابق فتوائون جاري ڪيون، جن سنڌ ۾ اسلامي قاعدي
قانون کي نئين جلا بخشي.
مخدوم صاحب عليه رحمت جو دستور هو ته پاڻ هر جمعي
تي جامع خسرو ۾ وعظ جي مجلس منعقد ڪندو هو، ۽
پنهنجي انهيءَ مسجد شريف ۾ هر روز ٽه_پهريءَ جو
حديث سڳوريءَ جو درس ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان
پوءِ (1174هه) سندن فرزند مخدوم عبداللطيف پنهنجي
والد جي مسند تي ويهي، ساڳئي برڪت واري شغل کي
جاري رکيو. مخدوم جڏهن 1187هه ۾ ميان محمد سرفراز
جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ٿي اوڏانهن ويو،
تڏهن سندس فرزند ميان ابراهيم اها خدمت بجا آڻڻ
شروع ڪئي،
تا وقتيڪه هو بزرگ ٺٽي مان لڏي پهرين ڪراچيءَ ويو،
اتان مستقل طرح ڪڇ جي مڏئي شهر ۾ وڃي ويٺو.
انهيءَ مسجد ۾ صبح جي وقت مخدوم صاحب وڏي جي وقت
کان مدرسو قائم ٿيندو هو، ۽ ٽه_پهريءَ بعد فقط
حديث جو درس ڏنو ويندو هو. اها مسجد ٽالپر حڪومت
تائين قائم هئي، جنهن بعد ٺٽي ۾ نه مخدوم صاحب جو
ڪو اولاد رهيو، نه مدرسو باقي رهيو ۽ نڪو حديث جي
درس ڏيڻ وارو ڪو رهيو. انالله وانااليه راجعون. سڀ
شئي فنا آهي، بقا فقط الله جي ذات کي آهي.
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي مسجد:
ٺٽي جي هيءَ مسجد پڻ وڏي فيض ۽ برڪت واري هئي.
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي حويليءَ جي ڀرسان
هوندي هئي. حضرت مخدوم صاحب جن انهيءَ مسجد مان
ويهي نقشبندي سلسلو سنڌ اندر ڦهلايو. مير قانع جي
والد مير عزت الله اتان تلقين حاصل ڪئي. لنواريءَ
جي بزرگ مخدوم زمان عليه رحمت انهيءَ مسجد مان فيض
حاصل ڪيو ۽ بيعت ڪيائين. ٺٽي جي جيد عالم، بيپناهه
ذهن رکندڙ عالم، مخدوم محمد معين، انهيءَ مسجد ۾
ويهي حضرت مخدوم صاحب جن کان طريقت جو سلسلو حاصل
ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جا گهڻو ڪري سڀئي نقشبندي
بزرگ انهيءَ مسجد جا فيض يافته ۽ انهيءَ مسجد اندر
رڪوع ۽ مسجود ڪري ويا آهن.
مخدوم صاحب جن 1138هه ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو،
جنهن بعد مخدوم ميان فيض محمد ۽ مخدوم ميان
ابراهيم اها مسند والاري. انهن جي وفات بعد ڪوبه
انهيءَ خاندان مان، مٿينءَ مسجد سڳوريءَ کي وسائڻ
وارو نه رهيو. اهو سمورو افسانو، ٻارهين صديءَ جي
ٽئين حصي ۾ اختتام پذير ٿيو.
مخدوم محمد معين جي مسجد:
ٺٽي جي هن عظيم المرتبت صوفيءَ ۽ عالم جي حويليءَ
ڀرسان هيءَ مسجد هئي. مخدوم صاحب جو مدرسو انهيءَ
مسجد ۾ هلندو رهيو، ۽ ايڏو وڏو تعداد شاگردن جو
انهيءَ مسجد ۾ استفادي لاءِ حاضر ٿيندو هو، جو
مدرسي ۾ متعدد نائب مقرر هئا، جن مان ميان عنايت
الله جو نالو قابليت سبب مشهور آهي.
انهيءَ مدرسي مان ڪيترا جيد عالم نڪتا، جن هن دنيا
کي فيض پهچايو، مثلاّ مولوي محمد صادق
مخدوم صاحب جي وڏن شاگردن مان هو، جنهن جي مدرسي
پوئين زماني ۾ مخدوم صاحب جون سڪون لاٿيون.
اها ٺٽي جي اها مسجد آهي، جنهن ۾ ڪيترا دفعا شاهه
عبداللطيف ۽ مخدوم ممدوح جي مابين ملاقاتيون ٿيون.
مخدوم صاحب جي وفات (1161هه) بعد ڪو ڪونه رهيو، جو
انهيءَ مسجد واري مدرسي کي قائم رکيو اچي. شاهه
عبداللطيف به ٺٽي مان هميشه لاءَ انهيءَ ڏينهن
موڪلايو، جنهن ڏينهن سندس يار رخصت ورتي.
(4) حويليون
خسرو خان جي حويلي:
ترخاني امير، خسرو خان چرڪس، جي حويلي پنهنجي
ڏينهن ۾ نهايت عظيم الشان ۽ ازحد خوبصورت هئي.
عمارتن ٺهرائڻ ۽ يادگار قائم ڪرڻ جو کيس ڏاڍو شوق
هوندو هو. هن پنهنجي حويلي به اهڙي ٺهرائي، جو ان
جو تعميري حسن نمايان هو. حويلي ٻيماڙ هوندي هئي،
غالبا داٻگرن جي محلي ۾، جتي جامع خسرو خان آهي،
انهيءَ جي قريب ڪٿي آسپاس هئي. سندس پٽ لطف الله
ڀائي خان جي حويلي پيء کان جدا هئي.
شيخ ڪالو قريشي، ترخاني دﺆر ۾ ملتان کان ٺٽي آيو،
خسرو خان کيس نياڻي ڏيئي گهر ڄاٽو ڪيو، کيس پنهنجي
حويليءَ ۾ جاءِ ڏيئي رهايائين. خسرو خان جي آڪهه
ختم ٿيڻ بعد انهيءَ حويليءَ ۾ ڪالي جي اولاد رهندي
آئي.
1181هه ۾ مير قانع لکي ٿو ته اها حويلي زمين دوز
ٿي ويئي آهي، ليڪن اڃا تائين سڏجي ساڳئي نالي سان
ٿي، ۽ شيخ ڪالي جي اولاد اڃا منجهس رهندي اچي.
ڀائي خان مرزا غازيءَ جو صحبتي هو، قنڌار ۾ 1921هه
۾ جڏهن مرزا غازي فوت ٿيو، تڏهن ڀائي خان تي الزام
رکيو ويو ته هن کيس زهر ڏيئي ماريو آهي. ڀائي خان
اتان نڪري وڃي جهانگير جي درٻار ۾ پهتو، ۽ هاڻوڪي
سي_ پيءَ ۾ ڪٿي وڃي فوت ٿيو. سندس مزار به اڃا
تائين موجود آهي،
تنهنڪري ڀائي خان جي ٺٽي واري حويلي به زياده دير
تائين قائم رهي نه سگهي.
عرب ڪوڪي جي حويلي:
عرب ڪوڪو مرزا غازيءَ ۽ سندس پيءُ مرزا جانيءَ جي
دﺆر جو امير هو، ٺٽي ۾ سندس حويلي پڻ مشهور هئي.
ابوالقاسم سلطان بيگلر کي جڏهن مرزا غازيءَ انڌو
ڪرايو، تڏهن کيس عرب ڪوڪو جي نظرداريءَ هيٺ انهيءَ
حويليءَ جي بالائي منزل ۾ قيد ڪيو ويو. چند ڏينهن
بعد، بندوبست ڪري، ابوالقاسم سلطان انهيءَ بالائي
منزل جي دريءَ مان رسيءَ ذريعي لهي ڀڄي ويو، ليڪن
وري کيس گرفتار ڪري ساڳيءَ ڪوٺيءَ ۾ سخت پهري هيٺ
رکيو ويو.
خشتي حويلي:
غلـﮧ
بازار جي قريب اها حويلي پنهنجي حسن ۽ خوبيءَ سبب
مشهور هوندي هئي. خشتي حويلي غالبا انهيءَ ڪري
سڏجڻ ۾ آئي، جو سڄي پڪسِري هئي. انهيءَ جي ڪنڊ ۾
سيد ابراهيم شهيد جي مزار هئي.
1190هه تائين انهيءَ حويليءَ جا آثار موجود هئا،
ڪنهن جي هئي ۽ ڪهڙي زماني ۾ ٺهي، ان جي تحقيق نه
ٿي سگهي.
قاضي ابراهيم جي حويلي:
ٺٽي جي مشهور عالم ۽ ڪامل مخدوم فيروز جي پوٽن مان
قاضي ابراهيم المتوفي 1073هه، پنهنجي دﺆر ۾ مغليه
درٻار ۾ رهڻ سبب امير ڪبير ٿي ويو. پاڻ به عالم
هو، ’مخزن اسرار‘ جو شرح سندس لکيل آهي. داراشڪوه
سان خاص رستو هيس. شيخ عبدالقادر گيلانيءَ جي هڪ
رسالي جو ترجمو فارسيءَ ۾ ڪري هن شهزادي جي نالي
سان منسوب ڪيو آهي. ٺٽي ۾ جڏهن داراشڪوه آيو، تڏهن
قاضي سندس خدمت ۾ موجود هو. شاهجهان کيس وڏا منصب
۽ اعزاز ڏنا. پهريون درٻار ۾ هو، پوءِ دهليءَ جو
قاضي ٿيو، وري لشڪر جي قضا سندس سپرد ٿي، ۽ ڪجهه
عرصو ٺٽي جو به امين رهيو.
هن جڏهن شاهي ملازمت مان رٽائر ڪري ٺٽي ۾ رهڻ جو
ارادو ڪيو، تڏهن ٺٽي ۾ هن هڪ عظيم الشان حويلي
پنهنجي لاءِ ٺهرائي، جيڪا سندس پرپٺ ٺهي تيار ٿي ۽
انهيءَ زماني جو ڏيڍ لک مٿس خرچ ٿيو. ٺٽي پهچي
حويلي ڏٺائين تڏهن ناپسند ڪري ڇڏيائين: ”هيءَ
ماڻهن جي رهڻ جي آهي؟ آخر خيال ته ڪرڻ کپندو هيو
ته هن ۾ ڪهڙو ماڻهو رهڻ وارو آهي!“
ٺٽي ۾ قاضي صاحب جو اهو شان هوندو هو، جو خود ٺٽي
جو حاڪم قلعي مان هلي اچي سندس اوطاق ۾ ساڻس ڪچهري
ڪندو هو. محمد بختاور خان ”ده ساله عالمگيريءَ“ ۾
قاضي صاحب جا ڪيئي نقل ضبط ڪيا آهن.
مقالات الشعرا ۾ مير قانع (1174هه) لکي ٿو ته هن
وقت انهيءَ حويليءَ جي مٽيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن.
مرزا فتح علي بيگ جو محلو:
هي مغل امير هوندو هو. وڏي پئسي وارو ۽ طبيعت جو
سخت ۽ عياش هو. محلي مسڪر ۾ هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ
نهايت ئي خوبصورت محل تعمير ڪرايو. جڏهن ٺهي راس
ٿيو، ان وقت رات ڏينهن منجهس عيش و نشاط جو هنگامو
شروع ڪيائين.
انهيءَ محل جي قريب ٺٽي جي هڪ بزرگ حاجيءَ جو مزار
هو. جڏهن مرزا فتح عليءَ جو لهو و لعب وڌيو ۽
نفساني خواهشات جي پوئواري به انهيءَ عمارت ۾ ٿيڻ
لڳي، تڏهن حاجي بزرگ متعدد مرتبا خواب ۾ کيس
تنبيـﮧ ڪئي، ليڪن مغل ڪونه مڙيو. تحفته الطاهرين
جي صاحب جو قول آهي ته جلدئي دنيا ڏٺو ته اهو مغل
مفلس ٿي نابود ٿي ويو ۽ سندس محل به اچي پٽ پيو.
بزرگ جي بددعا جو اثر هو، يا اسراف ۽ عيش و عشرت
جو نتيجو هو، بهرحال نه مالڪ رهيو نه محل.
مير عظيم الدين جو بنگلو:
ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ مير قانع جي ڀائٽيي، مير عظيم
الدين ٺٽويءَ ٺٽي ۾ پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ خوبصورت
بنگلو ٺهرايو. انهيءَ عمارت تي محل، ماڙي يا
حويليءَ جو نالو نه پيو، بلڪه ”بنگلي“ جو نالو
پيو، ۽ اهو انگريزي تهذيب جي آمد جو پهريون اثرهو.
اهو بنگلو، 1206هه ۾ ٺهيو، نهايت ڪشادو، سڙڪ جي
ڪناري تي، باغ جي اندر، دريون دروازا ڪيئي، ونگون،
محراب ايوان، برآمدا ۽ منجهس ڪشادا ڪمرا هئا.
سندس سوٽ مير مائل انهيءَ بنگلي جي ٺهي راس ٿيڻ تي
ڪيئي تاريخي قطعا چيا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
(1)
براي قصر تو اي مير ما، عظيم الدين
رساند طبع دعاگوي پنج قطعـﮧء سال
چو پنج قطعـﮧ کـﮧ باشند پنج گنج گهُر
چو پنج گنج کـﮧ هستند پر ز گوهرِ قال
بحق پنج تن اين پنج گنج پر گوهر
بطور هديـﮧ ز داعي قبول کن هر حال
اگرچـﮧ نيست سزاوار عرض حضرت، ليک
تو مقبلي و قبوليتت بود ز افضال
هميشـﮧ باد وجودت درين مبارک قصر
نظاره بخش احباب بدولت و اقبال
(2)
چو مير من شهرِ ملکِ سخن عظيم الدين
بروي رستـﮧ بناي عظيم کرد بنا
شگفت از دلِ احباب صد گل عشرت
خليد خار تحسر بديدهء اعدا
زهي خجستـﮧ بناي زهي مبارک قصر
تزئين ميان عرض و سما
چو هست جلوه زنان نور ايزدي در وي
بجاست گر بکنم نسبتش به بيتِ خدا
چـﮧ قصر آنکه مسما به ”بنگله“ کردند
چـﮧ بنگرئي کـﮧ بود رشک جنت الماوا
عمارتيست معليٰ بـﮧ گنبدِ عالي
زهي عمارت و خوش گنبديست نيک نما
برنگ بيت مقدس پئي پرستش حق
چـﮧ گنبديست معلق ميانِ ارض و سما
بحيرتم کـﮧ چرا هشت باب او کردند
به هشت باب نديد است کس ”گلستان“ را
نه بر زمين و نه بر آسمان مگر اين قصر
به هشت باب بهشتي ست درميانِ هوا
هزار نقش نکو درميانِ او موجود
هزار رنگ لطافت بفرق او پيدا
بهر چهار طرف صحن او وسيع السير
کـﮧ مرغ روح پئي سير او، پرد به هوا
براي سير عجب سيرگاه اين قصر است
توان نمود بهر لحظه سير اين خوش جا
عجب مکان و عجب سيرگاه و صد گلشن
کـﮧ هست هر طرفش سير سبزهء و گلها
کسي نديد چنين گلشني بروي زمين
کـﮧ هست هر گلِ او رشک صد گلِ رعنا
چـﮧ گلشني کـﮧ دور زد ز جملـﮧ جهات
نسيم لطف الاهي، برنگِ بادِ صبا
درش گلست، جدارش گلست و سقفش گل
نهاده اند درين قصر نقش صد گلها
برب کعبـﮧ عجب معبديست عاليشان
درو ست شانزده محراب طاعتِ مولا
بموقع است اگر چار سوش محرابت
کـﮧ هست چار طرف روي اهل دل بخدا
کسي نديد بيک بيت شانزده محراب
براي طاعت حق، لااِلله الاالله
عجب مبارک جائيست اين بناي عظيم
عجب خجستـﮧ بنائيست اين مبارک جا
دلم بمزدهء تعمير اين بناي عظيم
”عجب بناي خجستـﮧ“ بگفت سال بنا 1206هه
هميشـﮧ باد خدايا بدولت و اقبال
چنين بناي مبارک بصاحبش برپا
_______
انهيءَ بنگلي جي وچ ۾ هڪ وڏو گبند هو، چوڌاري اٺ
دروازا هئا ۽ ارڙهن محراب. صحن ايترو وسيع هو، جو
سير تفريح لاءِ نه فقط ماڻهن، بلڪ ارواحن به پرواز
ڪري تماشي ڏسڻ جي تمنا ڪئي ٿي. بهشت نما باغ
چوڌاري موجود هو، جنهن جي سير جو لطف چانڊوڪيءَ
رات جو ۽ موسم باران ۾ روح کي راحت رسائيندو هو.
باغ ايڏو ڪشادو، وسيع ۽ دلڪش هو، جو شش جهات جي
هوا جڏهن اتي پهچندي هئي، ته اندر نسيم ۽ صبا جو
روپ ڌاري داخل ٿيندي هئي. در دروازن، درين ۽
ديوارن خواه ڇت تي گلڪاري ۽ نقش و نگار ٿيل هو.
انهيءَ چٽساليءَ ايترو ته بهار لاتو هو، جو اندر
اچڻ کان پوءِ ڏسندڙ حيرت ۾ اچي ويندو هو.
جنهن عمارت جي نموني جو مير مائل نقشو چٽيو آهي،
اهو ٽالپري دﺆر جو هو، بلڪ ان جو آغاز ڪلهوڙن جي
آخري عهد کان وٺي ٿيو. درن ديوارن، ڇتين جي ڪامن،
پٽين ۽ شهتيرن تي چٽساليءَ جو ڪم، ڀت ۾ متعدد
محراب ۽ انهن جي مٿان سڄيءَ ديوار ۾ اندران ڇت
تائين ننڍا ننڍا محراب رکيا ويندا هئا. چٽسالي،
مختلف پڪن رنگن جي ذريعي ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾
سفيد، هلڪي گلابي ۽ سائي رنگ جي زياده آميزش هوندي
هئي. گَهرو آسماني رنگ به ڪم آندو ويندو هو. رنگن
جي گلڪاريءَ کان سواءِ، ڇت خواهه دروازن ۽ درين تي
رنبيءَ جي اُڪر جو ڪم به ڪيو ويندو هو. ٻيئي ڪم
محنت طلب ليڪن وڻندڙ ۽ جٽادار هئا. اُڪر خواه
رنگين گلڪاريءَ جو ڪم، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دﺆر جي
مقبرن ۽ مسجدن تي ڏسي سگهجي ٿو.
(3)
چو هست بنگلـﮧ مير ما عظيم الدين عجب مکان عظيم و
عجب نشان عظيم
دلم بمزدهء اين خوش مکان و خوش منظر بگفت سال
عظيمش ”عجب مکان عظيم“
هميشـﮧ باد خدايا چنين بمکين 1206هه
مکان عيش و مسرت درين جهان عظيم
(4)
عظيم الدين محمد مير خوش فکر عجب جائي نکو
فرمود برپا
چو دارالعشرت است اين جاي پرعيش شد اين اسمِ
مبارک سال اينجا
هميشـﮧ ياد يا رب صاحبِ او
درين ”جاري مبارڪ عشرت افزا“ 1206هه
(5)
عزيز مصر سخن مير ما عظيم الدين عجب بناي مکاني
بطور قصر نمود
زهي مکان عجب آنکه سال تعميرش ”عجب مکان زهي
خوب قصر“ دلفرمود
هميشـﮧ باد خدايا برايء صاحبِ او
1206هه
تمام ساز مسرت درين مکان موجود
(6)
چو مير خسرو ملکِ سخن عظيم الدين زهي مکان
خجستـﮧ بدهر کرد بنا
براي سال بناي چنين مکان عظيم که بهر سير توان
گفت جنت الماوا
دلم بياوري پنجتن ز هاتف غيب ”زهي مکان خجستـﮧ“
شنيد نيک صدا
1206هه
بحق پنجتنِ پاڪ مير صاحب آن 1206هه
هميشـﮧ باد درين نو مکان نشاط افزا
اهو بنگلو مير قانع جي وفات کان ٽي سال پوءِ ٺهيو.
مير فتح علي خان ان وقت حال حيات هو، جنهن جي
دربار جو مير عظيم ملڪ الشعرا هو. انهيءَ ساڳئي
سال ۾ مير عظيم ”مثنوي سير دل“ تصنيف ڪئي. 1229هه
تائين مير مرحوم انهيءَ بنگلي ۾ رهيو. اهو سال
سندس وفات جو آهي.
بنگلي جي ساخت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شڪر الاهي
محلي ۾ ڪونه هو، بلڪ ڪٿي ٻاهر ٺاهيو ويو هو. اهو
اُهو بنگلو ته نه آهي جيڪو ٺٽي جي وڏيءَ سڙڪ تي اڄ
به موجود آهي، جنهن ۾ انگريزي دﺆر ۾ اسڪول هو،
جنهن کي هاڻي محڪمـﮧ آثار قديمه پنهنجي قبضي ۾
آندو آهي، ۽ جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو بنگلو
ميرن جو هو.
(5) باغ
خواجه مير ابو تراب جو باغ:
خواجه مير ابوتراب، خواجه شهاب الدين بن مير ڪمال
الدين
علوي (ٺٽوي) جي اولاد مان هو. پاڻ گهڻو ڪري پنهنجي
جاگير تي نيرون ڪوٽ گذاريندو هو. ٺٽي ۾ سندس
عاليشان باغ هو، جنهن لاءِ مير قانع لکي ٿو ته
”هاڻي (1181هه) ان جو رڳو نالو وڃي رهيو آهي.“
مير سيد علي ثاني شيرازيءَ جو باغ:
سيد صاحب
(891_981هه) جو باغ ٺٽي جي بهترين باغن مان هو.
رات ڏينهن ائٽ پيو وهندو هو ۽ باغ کي پاڻي ايندو
هو. شيخ بهاءالدين ملتاني رحمـﺔ الله عليـﮧ جي
پوٽن مان جڏهن پير شيخ عالي
ٺٽي آيو ته پهريون ئي اچي انهيءَ باغ ۾ هڪ وڻ
هيٺان ويٺو. سيد عليءَ جي ملاقات ساڻس انهيءَ باغ
۾ ٿي، ۽ پير جو شوق ڏسي سيد صاحب اهو باغ ئي کيس
نذر ڪري ڇڏيو.
اهو باغ انهيءَ جاءِ تي هو جتي پوءِ شيخ ۽ شيخ جي
اولاد آباد ٿي. اهو باغ ڪڏهن اجڙ ٿيو ان جو پتو
پئجي نه سگهيو.
خورشيد باغ:
ٺٽي جي شهر ۾ يا شهر سان گڏ اهو باغ مغل دﺆر جي
مشهور باغن مان هو. مغليـﮧ گورنر نواب مهابت خان
ڪاظم (32_1134هه) ٺٽي جي شاعر ۽ ملا عبدالحڪيم
’عطا‘ جي ڀائٽيي، محمد ضيا کي، جنهن کي ڊيدل عظيم
آباديءَ ”قيامت“ جو تخلص ڏنو هو، انهيءَ باغ ۾ کيس
هڪ سٺي حويلي ٺهرائي ڏني هئي،
محمد ضياء کان پوءِ اها حويلي سندس سـﺆٽ شاهه
مسڪين جي حوالي ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجو تڪيو ڪيو.
مشڪين باغ:
قانع جي روايت مطابق اهو باغ ٺٽي جي مغل نواب ظفر
خان ’احسن‘ ٺهرايو. ظفر خان ’احسن‘ 1063هه ۾ آيو ۽
ڇهه سال ٺٽي ۾ رهيو. شاهجهان جي دﺆر جو اهو آخري
گورنر هو. 1065هه ۾ ظفر خان ٺٽي ۾ ئي هو، جو ٺٽو
داراشڪوه جي پٽ سپهر شڪوه کي مليو، ۽ باقي عرصو
ظفر خان ان جي نيابت ڪئي.
اهو باغ نهايت ئي پُر فضا هو. قانع مقالات ۾ لکي
ٿو ته ”مشڪين باغ کـﮧ ساختـﮧء اوست، اکنون زمين
ويرانـﮧ ايست“.
تحفـﺔ الطاهرين جي مصنف جو قول آهي ته اهو باغ سمن
جي زماني ۾ هو. ساموئي جنهن وقت آباد هئي ان وقت
ٺٽي جي سرزمين باغن هيٺ هئي. انهن باغن مان هڪ باغ
”مشڪين باغ“ نالي هو، جيڪو سڀني کان زياده سرسبز
شاداب ۽ پُر فضا هو. پير ڇتي نالي هڪ بزرگ اتي
گهمندي اچي نڪتو، اتفاقا ان ڏينهن ڄام (؟) جي ڌيءَ
به اتي سير و تفريح لاءِ آيل هئي. مائي قلندر کي
ڏسي سندس معتقد ٿي پيئي، ان کان پوءِ ساڻس ان باغ
۾ ملندي هئي. ماڻهن اها ڳالهه وڃي ڄام کي ٻڌائي،
جنهن غيرت کان ان قلندر کي مارائي ڇڏيو، ۽ جتي قتل
ٿيو اتي ئي دفن ڪيو ويو.
تحفـﺔ الطاهرين ۾ انهيءَ بزرگ جي مدفن جو ذڪر
محلـﮧ مسڪر ۾ آيل آهي، جنهن جي مراد اها آهي ته
اهو باغ اتي هو، جتي پوءِ محلو مسڪر آباد ٿيو.
ليڪن اسان کي اها روايت صحيح نظر ڪانه ٿي اچي.
مشڪين باغ جي سلسلي ۾ قانع جو قول قابل قبول آهي.
(6) چوڪ
چوڪ ملڪ مان:
جاني بيگ جي اميرن مان هڪ جو نالو ملڪ امان هو.
ٺٽي جو اهو چوڪ سندس نالي سان مشهور ٿيو. شايد
انهيءَ چوڪ جي قريب ئي سندس گهر هو، تنهنڪري چوڪ
جي ڏانهنس نسبت ٿي. اصل نالو ”چوڪ ملڪ امان“ هو،
ليڪن گهڻي استعمال سبب وچ وارو الف نڪري ويو، باقي
”ملڪ مان“ وڃي رهيو.
پير شاهي ٺٽي جو وڏو مشائخ هو، ۽ 963هه ۾ گوا جي
عيسائين هٿان شهيد ٿيو، ان کي انهيءَ چوڪ جي
سامهون دفن ڪيو ويو. جتي دفن ٿيو اهوئي سندس گهر
هوندو هو،
اهو چوڪ قانع جي ڏينهن تائين به هو (1181هه). اهو
چوڪ محلي ڀائي خان ۾ هو، ڇاڪاڻ ته پير شاهيءَ جي
مزار جو ذڪر شيخ محمد اعظم محلي ڀائي خان جي تحت
ڪيو آهي.
چوڪ عبدالغني:
عبدالغني ڪير هو جنهن جي نالي تي اهو چوڪ مشهور
ٿيو، ان جي صراحت ڪٿي به ٿيل ڪانه آهي. اهو چوڪ به
ٺٽي جي مشهور چوڪن مان هو. جامع شاهجهانيءَ جي
پٺيان اترئين ۽ اولهائينءَ ڪنڊ ۾ رستي تي جيڪا
ننڍي مسجد امير خانيءَ جي نالي سان موجود آهي، سا
ان زماني ۾ چوڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾
هوندي هئي، ۽ جتي مسجد آهي، ان محلي کي ”ڀائي خان
جو محلو“ ڪري سڏبو هو.
اهي چوڪ يا ته مسجد جي ڏکڻ ۽ اتر ۽ هئا يا وري
اوڀر ۽ اولهه ۾، ليڪن قرين قياس اهو آهي ته اوڀر ۽
اولهه ۾ هوندا.
ميدان جملـﮧ پير:
”محلـﮧ نورسيـﮧ“ جي سامهون هڪ ميدان هوندو هو،
جنهن جو نالو ”جملـﮧ پير“ مشهور ٿيو. ان جو سبب هي
هو جو جڏهن درس للو رسول آباد مان لڏي ٺٽي جي
خواجه قوم کي مسلمان ڪري سندن محلي ۾ اچي رهيو
(جيڪو محلو پوءِ نورسيـﮧ جي نالي سان مشهور ٿيو)،
ان وقت انهيءَ محلي ۾ هڪ قديم مسجد هوندي هئي جيڪا
پوءِ ”محمد قائم جي مسجد“ مشهور ٿي. ان جي سامهون
هڪ ڪشادو ميدان هو، ان ۾ درس للو،
شيخ يعقوب،
شيخ عثمان،
۽ درس محمد امين،
روزانو پاڻ ۾ ويهي رهاڻيون ڪندا هئا. اهي سڀ مشائخ
۽ ڪامل بزرگ هئا، ماڻهو کين روز ڏسندا هئا، آخر
انهن روزانين رهاڻين کي ڏسي ماڻهن انهيءَ ميدان جو
ئي نالو ”جملـﮧ پير“ رکيو.
(7) بازاريون
مرزائي بازار:
هيءَ بازار ارغونن جي زماني ۾ هئي. مرزا باقيءَ جي
دﺆر (73_993هه) تائين به هئي. ڇاجي ڪري مٿس اهو
نالو پيو ۽ ڪيستائين اها بازار قائم هئي، شهر جي
ڪهڙي حصي ۾ هئي، ان جو ڪو پتو پئجي ڪونه سگهيو.
ترخان نامـﮧ
۾ انهيءَ بازار ۽ انهيءَ بازار جي نالي سان جيڪو
محلو هو، ان جو ذڪر آيو آهي.
گودڙي بازار:
جامع خضري انهيءَ زماني ۾ (1022هه) گودڙي بازار ۾
تعمير ٿي.
اسان جي خيال ۾ گودڙي بازار انهيءَ مختصر بازار جو
نالو هو جيڪا اڄ مسجد جي داخلي دروازي سان ملحق
آهي، يا ممڪن آهي وڏيءَ بازار جي انهيءَ ٽڪريءَ جو
نالو هجي جيڪو مسجد جي قريب آهي. چيو وڃي ٿو ته
جتي مسجد تعمير ٿي، اتي ”نهال دريا“ نالي مڙهي
هئي، جنهن کي ڊهرائي مظفر خان معموريءَ اها مسجد
جوڙائي (ڏسو ص 90). اها بازار 1181هه تائين موجود
هئي.
پتي هٽ بازار:
هيءَ بازار به ارغوني دﺆر جي آهي. صحيح نالو ۽
نالي جي نسبت ڇا آهي، ان جي سڌ ڪانه ٿي پوي،
البتـﮧ تحفـﺔ الڪرام
مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته 1181هه ۾ انهيءَ بازار جي
پويان مازندراني سيدن مان سيد بيگ محمد ۽ سيد ٺارو
رهندا هئا.
گدا بازار:
شايد اها بازار ملا گدا علي ڀائي خان، جيڪو مرزا
جاني بيگ جو امير هو، ان جي نالي تي هجي. يا ممڪن
آهي انهيءَ بازار ۾ گداگر هوندا هجن ۽ ان جي ڪري
اهو نالو مٿس پيو. بهرحال اها بازار ٺٽي جي اهم
بازارن مان هئي. انهيءَ بازار جي نالي تي هڪ محلو
به سڏبو هو ۽ انهيءَ محلي ۾ ئي اها بازار هئي.
گويا انهيءَ بازار جي ٻنهي طرفن کان جيڪا آبادي
هئي ان کي محلو گدا بازار سڏيو ويندو هو.
پير لڌو، آخري مغل دﺆر جو ڪامل ۽ پهچ وارو بزرگ
هو. ان جو ڪپهه جو دڪان انهيءَ بازار ۾ هو. سندس
دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ مٽيءَ جا ڦوڙ رکيا هوندا هئا.
جيڪو بيمار انهن مان ڦوڙ کڻي کائيندو هو، اهو مرض
مان شفا پائيندو هو. اهو بزرگ جڏهن فوت ٿيو ته
انهيءَ دڪان ۾ ئي دفن ڪيو ويو. مير علي شير ’قانع‘
تحفـﺔ الڪرام
۾ (1181هه) لکي ٿو ته اهو بزرگ تازو گذريو آهي، ۽
سندس صحبتين سان مير قانع مليو هو. انهيءَ مان
معلوم ٿئي ٿو ته اها بازار ٻارهين صديءَ جي آخر
تائين به موجود هئي.
غلـﮧ بازار:
يعني اناج بازار، جنهن ۾ انّ جو وڻج واپار ٿيندو
هو، انّ جا گدام هئا ۽ انّ جي واپارين جون ڪوٺيون
۽ دڪان هوندا هئا. سموري ٺٽي پرڳڻي جو انّ اتي اچي
لهندو هو ۽ اتان ئي خريد فروخت ٿيندي هئي. بازار
جي واپار ۽ اگهن وغيره تي نگراني ڪرڻ لاءِ حڪومت
طرفان هڪ داروغو مقرر ڪيو ويندو هو. نواب همت دلير
خان مغل گورنر جي ڏينهن ۾، جيڪو 1145هه ٺٽي ۾ وارد
ٿيو، ديوان منشارام انهيءَ بازار جو داروغو هو.
بازار جي چوڌاري جيڪا آبادي هئي، ان کي ”محلو غلـﮧ
بازار“ سڏيو ويندو هو.
اها بازار ارغونن جي ڏينهن کان هئي، ڇاڪاڻ ته
ميرزا عيسيٰ جي ابتدائي سال 963هه ۾ پورچوگيزن
جيڪو ٺٽي تي حملو ڪيو ان ۾ سيد شاهه مسڪين عليـﮧ
رحمت شهيد ٿيو، ۽ اهو غلـﮧ بازار ۾ پوريو ويو.
گويا جنهن بازار ۾ اڄ شاهه شهيد مذڪور جي درگاهه
آهي، ان بازار جو نالو غلـﮧ بازار هو، ۽ ان جي
چوڌاري واريءَ آباديءَ کي محلـﮧ غلـﮧ بازار سڏيو
ويندو هو. اهو نالو انهيءَ بازار تي 1181هه تائين
هو،
خبر نه آهي ته هن وقت بازار کي ڇاٿو سڏيو وڃي، اها
ساڳي بازار اڄ به قائم آهي.
بازار امير بيگ:
اها بازار، جاني بيگ جي لشڪر جي بخشيءَ ۽ سندس
درٻار جي امير، مرزا امير بيگ جي نالي تي هئي،
گويا اهو نالو مٿس ترخانن جي دﺆر ۾ پيو. اهو امير
سنڌ فتح ٿيڻ (1000هه) بعد مرزا جانيءَ سان گڏجي
اڪبر وٽ به ويو هو
۽ پوءِ جڏهن وري سنڌ جو علاقو مرزا کي واپس مليو،
تڏهن ٻين اميرن سان گڏ هي به پٺتي موٽي آيو.
پورچوگيزن جي حملي ۾ (963هه) ٺٽي اندر جيڪي گنج
شهيدان ٿيا، انهن مان هڪ انهيءَ بازار ۾ به ٿيو.
پورچو گيزن جيڪي مسلمان انهيءَ بازار ۾ شهيد ڪيا،
سي انهيءَ بازار ۾ ئي هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا.
عيسائين جي حملي جو زور ٺٽي ۾ پنجن جاين تي زياده
هو، جن مان اها بازار به هئي. حقيقت ۾ تحفـﺔ
الطاهرين جي قول مطابق انهيءَ بازار ۾ ٻه گنج
شهيدان ٿيا. انهيءَ بازار ۾ جيڪا مسجد هئي، ان ۾
جيڪي به نمازي شهيد ٿيا، سي مسجد جي ڏاکڻيءَ ديوار
سان دفن ڪيا ويا، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ بازار جي رستي
تي ڪُٺا ويا، تن کي ٿورو وٿيرڪو مٿين گنج شهيدان
وٽ دفن ڪيو ويو.
مسجد ۾ ٻه سـﺆ مسلمان شهيد ٿيا،
۽ بازار ۾ ٻه_ٽي سـﺆ شهيد ڪيا ويا.
تحفـﺔ الطاهرين جي مصنف بازار امير بيگ جي گنج
شهيدان جو ذڪر ”محلـﮧ مغلواڙي“ جي ماتحت ڪيو آهي،
جنهن مان ظاهر آهي ته اها بازار مغلواڙي ۾ يا ان
جي قريب هئي.
بازار قصابان:
قاصاين جي بازار غالبا شهر جي ڏاکڻين حصي ۾ هوندي
هئي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي جي گهاٽ کان جيڪو ماڻهو قلعـﮧ
حاڪم نشين طرف ايندو هو ته کيس انهيءَ بازار مان
لنگهڻو پوندو هو. غالبا هر قسم جي گوشت جا دڪان
انهيءَ بازار ۾ هوندا هئا، خاص طرح ڳائي گوشت جا
دڪان ڪثرت سان هئا. قانع جو قول آهي ته 1099هه ۾
جڏهن نواب مريد خان، جيڪو اصل ۾ نومسلم هو، جڏهن
ٺٽي آيو، تڏهن گهاٽ وٽ پهچي کيس معلوم ٿيو ته
قاصاين جي بازار مان لنگهي پوءِ قلعي تائين پهچڻو
پوندو، ۽ بازار ۾ ڳئونءَ جي گوشت جا دڪان آهن. هن
قاضي محمد حسين
ڏانهن پيغام موڪليو ته بازار مان وڏي گوشت جا دڪان
بند ڪرائي ڇڏي، ساڻس گڏ راجپوت گهڻي تعداد ۾ آهن،
ممڪن آهي ته ڪو فساد ٿي پوي. قانع لکيو آهي ته
”شرع پرور“ بادشاهه يعني عالمگير جو قانون مٿان
موجود هو، سو ڪٿي ٿي ڪنهن انهن حڪمن جي پرواهه
ڪئي. چنانچه قاضي صاحب دڪانن کي بند ڪرائڻ جي
بجاءِ، انهن کي وڌيڪ ڳائي گوشت سان ”سينگارائي“
ڇڏيو. آخر مجبور ٿي نواب موصوف پنهنجي هندو لشڪر
سميت انهيءَ بازار مان ٿيندو وڃي قلعـﮧ حاڪم نشين
۾ پهتو.
(8) واهه ۽ واهڙ
عالي جان واه:
اهو واهه ٺٽي جي شهر منجهان يا شهر سان متصل وهندو
هو. انهيءَ ئي واهه کي غالبا خانواهه به سڏيندا
هئا، ڇاڪاڻ ته معصوميءَ ۽ طاهريءَ ۾ ان جو نالو
خانواهه آيو آهي.
انهيءَ واهه جي سلسلي ۾ روايت آهي ته اُهو ڄام
نظام الدين جي وزيراعظم ۽ سپهه سالار درياه خان
شهيد کوٽايو هو، تاڪه انهيءَ جي ذريعي شهر جي
آسپاس خواهه ساڪري جون زمينون آباد ٿين.
انهيءَ واهه وٽ، شاهه بيگ سان درياه خان دولهه جو
آخري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سموري لشڪر درياه
خان سميت شهيد ٿي ملڪ مٿان سر ڏنو،
۽ شاهه بيگ سنڌ کي انهيءَ جنگ جي ذريعي کٽيو.
مرزا باقيءَ جڏهن خودڪشي ڪئي، ان وقت سندس پٽ مرزا
مظفر بدين کان هلي اچي عالي جان واهه جي ڪپ تي
لٿو، تاڪه شهر ۾ داخل ٿي پڳ ٻڌي، ليڪن اميرن
پائنده بيگ کي پڳ ٻڌائي، مملڪت جو مختار ڪل ان جي
پٽ جاني بيگ کي بڻايو. مرزا اهو اطلاع سڻي، عالي
جان واهه جي ڪپ تان منزل ڪوچ ڪري بدين موٽي ويو.
شاهه قاسم خان بيگلار جي پٽ ابوالقاسم سلطان، جڏهن
مرزا غازيءَ سان بغاوت ڪئي، (1010هه) ان وقت مرزا
ڏي نياپو موڪليائين ته تو ۽ منهنجي وچ ۾ ”بارگاه
واهه“ جي حد آهي_ هي پاسو منهنجو ۽ پريون پاسو
تنهنجو. جيڪڏهن اها ڳالهه تسليم نه آهي ته پوءِ
مان ٺٽي پهچي عالي جان واهه کي اچي سرحد بڻائيندس.
مير قانع جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو اوهه
قلعـﮧ حاڪم نشين جي اوڀارين دروازي جي سامهون
وهندو هو، ڇاڪاڻ ته اڀرندي دروازي کان نواب احمد
يار خان (1116_1119هه) ان تي پُل ٻڌرائي هئي
ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ پنهنجي هڪ نظم ۾ انهيءَ
واهه جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
بحيرتم کـﮧ به بيداري است يا کـﮧ بخواب
وصول ذره بخورشيد، وصل تشنـﮧ به آب
عطا ز بخت بنازد کز اتفاق رسيد
ميان نهر علي جان، بپيش بحر کولاب
کـﮧ بود هر قدمش موج موج دريايء
کـﮧ بود گام بگامش چو عکس ماه بر آب
فروغ پرتوِ آن التقاي نورِ صفا
فزوده بينش چشم ز سبکـﮧ اکواب
نارقي واهه:
هي واهه پڻ ٺٽي جي ڀرسان اچي لنگهندو هو. اهو
لاهوري بندر جي کاريءَ مان نڪرندو هو. ايڏو ڪشادو
۽ اونهون هو، جو منجهانئس وڏا ٻيڙا مال سميت هلي
اچي ٺٽي پهچندا هئا، ۽ سمنڊ کان ٺٽي تائين مال جي
اچڻ لاءِ اهو به هڪ رستو هو. 963هه ۾ پورچو گيزن
جي حملي کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ان ۾ وڏا پٿر
وجهرائي ان جي گَهرائي ختم
|