سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :4

جنهن کي صاحب ’سر‘  سونهايو، سو چڻي چت وڏي

هنجھ جو منجھ پروڙئو، ساين پاڻ سڏي

هينئڙو حبيبن سين، ڇڏيائين گڏي

ڍاٻي ڍٻ اڏي، تنهن کي ڪندا ڪوهه ’قطب‘ چئي

___ ___

شريف رضوي:

ٻگهن ائين نه ٻجهيو، ته ڪو سونٺو ’سر‘ هنجھن

ڪنگ ڪانيرا ڪانئرا، اوڏانهن ڪين اچن

سدائين ’شريف‘ چئي، موتي موڪ چڻن

لعلون سي لهن، جني منهن مهراڻ ڏي

___ ___

راهش سندن روهه، هن ’سر‘ سانگي آئيا

چڻن چانگارين چت ۾، اَٺو پهر اوءِ

ٻچا تنهن جي ٻاجھ ۾، پکين ڇڏيا پوءِ

للا ملن لوءِ، سلامت ‘شريف‘ چئي

___ ___

 

بلاول رضوي:

’سر‘ ججھي جر جوءِ، اونهي بحر ’بلال‘ چئي

حاصل ٿي هنجھن کي، حال هدايت هوءِ

واصل تي وصال سين، سدا روءِ بروءِ

امل چڻن اوءِ، پٿون جي پاتار ۾

___ ___

 

 

يوسف شاعر:

رکي طلب تار جي، چڻج موتي مهراڻاءِ

ويٺين ڇو وڃائيو، تنهن ڊهان ڀانئج ڊاءُ

’يوسف‘ چئي، ان جاءِ ۾، ’سر‘ جو ايندءِ ساءُ

رکي جن الله، تنئان  پاڙيهري پاسي ٿئي

___ ___

 

ممڪن آهي، بلڪ قرين قياس اهوئي آهي ته انهيءَ محلي ۾ مٿئين نالي سان ڪو چشمو هو، جنهن جي نسبت تي اهو محلو مشهور ٿيو. مڪليءَ تي پڻ انهيءَ قسم جا چشما هئا جن جا نالا هئا: ”کير سر“، ”کنڊ سر“، ”ناران سر“ ”ڀرا سر“ وغيره وغيره. ”کير سر“ جي سلسلي ۾ مير قانع ”مڪلي نامه“ منجھ ٿو فرمائي:

 

بوصف ”کهير سر“ تالب کنم تر      دهــــن پُـــــــر ميشود از شــير و شکر

قلم از نيشڪر بــــــايد بـــــدســتـــم     بذوقِ آب اين تالاب مستم_ الخ

اهو چشمو چڱو خاصو وڏو هو، جنهن جي ڪنارن تي ڪيترا اهل الله مدفون هئا، مثلاً:

پير ڇتو (ميان لال) جيڪو شاه وجيـﮧ الدين(1) جو فرزند هو، ۽ جنهن جون قبرون مختلف جاين تي هيون، ان جي هڪ قبر انهيءَ ’تندسر‘ چشمي جي ڪناري تي به هئي(2). اهڙيءَ طرح سيد ابراهيم، جيڪو بقول مير قانع ”وڏي ۾ وڏو بزرگ ۽ پيرن جو پير هو“، ان جي مزاز به انهيءَ چشمي جي اورين ڪناري تي هئي(1). مٿيئين پير ڇتي جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو ته شهر جي الهندي طرف تندسر جي ڪناري تي پوريل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو چشمو خواه ان جي نسبت وارو محلو تندسر، شهر جي اولهه ۾ هئا. شيخ اعظم، پير مذڪور جو بيان ڪندي، لکي ٿو ته_ سندس مزار محلي تندسر جي اولهه ۾ آهي(2)، جنهن جي مراد اها ٿي ته اهو چشمو محلي جي اولهائين طرف  ۾ هو_ ازنسواءِ محلي منجھ نه هو بلڪ محلي سان متصل شهر کان ٻاهر هو، ڇاڪاڻ ته پير ڇتي جي مزار جو ذڪر شيخ اعظم شهر کان ٻاهر وارن مزارن جي سلسلي ۾ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سيد حسين جي مزار جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته_ ”مرقد متبر کـﮧء او سمت غربي، محلي تندسر، متصل خانها واقع“(3). گويا اها قبر اگرچه شهر کان ٻاهر هئي ليڪن محلي تندسر جي گهرن جي ڀرسان هئي. ان مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته شهر جي انهيءَ حصي جو اختتام انهيءَ محلي تي ٿيو ٿي.

شيخ اعظم انهيءَ ۾ هيٺين بزرگن جي دفن هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي:_

حضرت يتيم مردان عرف ”اتي مردان“ جنهن جي زيارت تي جڏهن سيد مراد شيرازيءَ جو سجاده نشين سيد محمد شجاع ويندو هو ته هي شعر پڙهندو هو:

”اتي مردان“ بحق شاه مردان   مرا محتاج نامردان مگردان (4)

حالانڪ سيد موصوف جو ڏاڏو پير مراد خود وڏي ۾ وڏو بزرگ ۽ ولي هو.

ٽي ڀينرون، جن کي ”مخدرات ابداليـﮧ“ سڏيو ويندو هو ۽ انهن مزارن تي جيڪو حاجتمند ست ڀيرا سوره ياسين پڙهندو هو، ان جي مشڪلڪشائي فوراً ٿي ويندي هئي. انهن مزارن جي ڀرسان ئي، سيد ڇُٽي ۽ ميان ڇَتي جون قبرون هيون(1). سيد ابراهيم پڻ انهن ٻن بزرگن جي ڀڪ ۾ ستل هو، جنهن لاءِ مشهور هو ته جيڪو کانئس نصيحت پڇندو هو ان کي چوندو هو:

”همـﮧ وقت  پاسبان خود باش، و از گذشتـﮧ و آئينده ياد مکن.“

يعني ”هر وقت پاڻ تي نظر رکندو رهه، ڇا گذري ويو ۽ ڇا ٿيندو ان جي يادگيري نه ڪر“(2). سيد موصوف جي پاسي ۾ سيد برهان جي قبر هئي، جنهن جو هر لفظ بارگاه ايزديءَ ۾ مقبول هو(3).

ميان ملوڪ شاهه جي مسجد انهيءَ محلي ۾ مشهور هئي. سيد حسين جي مزار انهيءَ سان لڳو لڳ هئي(4).

حاجي سليمان عليـﮧ رحمت جي مزار به مسجد سان لڳ هئي، اهو بزرف فقـﮧ، حديث ۽ ٻين علومن جو جيد عالم ۽ صاحب حال ۽ قال هو(5).

سيد ابراهيم بخاري ۽ حضرت بهاؤالدين گودڙيـﮧ جي معاصر بيبي راڻي به انهيءَ محلي ۾ آسودا هئا. اهڙيءَ طرح حاجي حسين جي مزار به اتي ئي هئي، جيڪو فقـﮧ ۽ حديث جو جيد عالم ۽ مغل عهد جو ماڻهو هو(1).

محلو مولو ٺٽي: اهو محلو ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ آباد ٿيو ۽ شهر جي اتر ۾ هو. مير قانع جي روايت آهي ته جڏهن پير مريد شيرازيءَ (831_ 893هه) ڄام نظام الدين جي هڪ هندو امير لکيسر جي مڙهي، مسجد ٺاهڻ لاءِ ٿي ڊهرائي، ان وقت لکيسر کيس روڪڻ آيو، سخت تنديءَ ۽ تيزيءَ مان آيو، پر جڏهن پير وٽ پهتو، تڏهن ٺري برف ٿي ويو. مڙهي ڊاهي اتي مسجد ”ولي نعمت“ ٺهي وئي. لکيسر ان جي عوض پنهنجي پوٽي لاءِ دعا پني، پير کيس چيو ته تون شهر جي اتر ۾ اچي رهه، سڄو پاسو تنهنجي پوٽي جي نالي سان مشهور ٿي ويندو. چنانچه هن ائين ڪيو، مولي مل جي نالي تي اهو ”محلـﮧ مولو ٺٽي“ مشهور ٿي ويو(2).

ٺٽي جي مشهور عالم ۽ استاد، آخوند محمد فاضل ٺٽويءَ، جي جاءِ ۽ مدرسو انهيءَ محلي ۾ هو(3). ڪلال به انهيءَ پاڙي ۾ رهندا هئا، جتي جو هڪ بزرگ پير ڇَتو دفن ٿيو(1). ٺٽي ۾ جيڪو شراب ٺهندو هو، تنهن جون بٺيون غالباً اهي ئي ڪلال ٻاريندا هئا ۽ اهي ئي شراب فروخت ڪندا هئا. ٺٽي جا ٻيا ٽي بزرگ به انهيءَ محلي ۾ دفن ڪيا ويا_ ارغونن جي حملي وقت، ٺٽي ۾ جيڪا هنن غارتگري ڪئي، شاهه بدر ان ۾ شهيد ٿيو (927هه)(2)، ٻيو بزرگ ميان پنجن شاهه، ۽ ٽيون بزرگ پير ڇٽو(3).

ڪلهوڙن جي آخري ايامن ۾ به اهو محلو موجود هو، ڪاڻ ڇا ته ميان عطر خان ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ جڏهن ملڪ تان حڪومت جو رعب لٿو ۽ بدانتظامي پيدا ٿي، ان وقت ڏينهن ڏٺي جو، جوکين شهر تي حملو ڪري انهيءَ پاڙي کي اهڙيءَ طرح غارت ڪيو، جو مير قانع لکي ٿو ته اهڙو ظلم ڪڏهن ڪونه ٿيو(4).

قاضين جو محلو: انهيءَ نالي سان به ٺٽي ۾ هڪ محلو مشهور هو، جيڪو، بقول مير قانع، ٺٽي جي هڪ بزرگ سيد محمود جو مريد هو، جنهن جي مزار اناج بازار جي اوڀر ۾ زيارتگاهه هئي(5). خبر نه آهي، اهو پاڙو ڪهڙن قاضين جي نالي پٺيان مشهور ٿيو. قاضي محمد اُچيءَ جي اولاد نه انهيءَ بزرگ جي مريد هئي ۽ نه غالباً انهيءَ پاڙي ۾ رهندي هئي(6). ٺٽي ۾ ٻيا به قاضين جا ڪيترا خاندان هئا: قاضي نعمت الله جو گهراڻو، قاضي حماد جو خاندان، قاضي علامه محمود جو خانوادو، قاضي عتيق الله جا پويان، قاضي محمد ابراهيم شارع مخزن الاسرار جو اولاد، بهرحال، انهن گهراڻن مان ڪنهن جو خاندان انهيءَ پاڙي ڏانهن منسوب هوندو. اهو محلو ۽ ان جا قاضي مير قانع جي زماني (1181هه) ۾ موجود هئا.

رضوي ساداتن جو محلو: ٺٽي ۾ جيڪي سيدن جا مکيه گهراڻا ۽ خانوادا هئا، اُهي شهر جي مختلف حصن ۾ رهندا هئا، ۽ اهي پاڙا انهن جي نالن تي مشهور هئا. اسان هيٺ انهن پاڙن جو ذڪر ڪنداسين:_

رضوي ساداتن جو وڏو سيد محمد يوسف بکري مهدوي هو، جنهن جي مزار مڪليءَ تي آهي ۽ ان جي لاءِ مير قانع چوي ٿو ته_

نه شد سائل چو زين در، هيچ گـﮧ رد

رود گر بنده آنجا شاه گردد

هر آن کو، رنج ز اخوانِ زمان است

برايش، اين مکان جاي امان است

هڪ شاخ انهيءَ بزرگ جي اولاد جي آهي. ٻي سندس نياڻيءَ جي اولاد جي ٿي، جيڪا هن پنهنجي ڀائٽئي سيد اسحاق (پير پرڏيهيءَ) کي سکر مان گهرائي ڏني هئي. سيد محمد يوسف چونڪه مير محمد مهدي جونپوريءَ جي هڪ جيد مريد شيخ دانيال جو فيض يافته هو، تنهنڪري اهي سڀئي مير اڄ تائين رضوي مهدوي ڪوٺبا اچن ٿا. انهيءَ پاڙي ۾ ئي مير ڪمال الدين احمد خان رضوي ٺٽي جو ديوان ۽ اصطلاحت رضويـﮧ ۽ شرح ديوان حافظ جو مصنف عمر گذاري ويو. اهو ئي پاڙو هو، جتي ٺٽي جي نواب ۽ انهيءَ خاندان هڪ عظيم فرد نواب لطف علي خان ’همت‘ پنهنجي حياتي گذاري. انهيءَ ئي بزرگ جي پرورش هيٺ ٺٽي جو مشهور شاعر ’محسن‘ ناميارو شاعر ٿيو. مير ذوالفقار علي ’شيدا‘، مير مرتضيٰ ’الهام‘، سيد مير پٺو، مير نجم الدين ’عزلت‘، سيد روشن علي شاهه ’روشن‘، سيد مرتضيٰ ’مرتضائي‘، مير امام بخش ’فدوي‘، سيد رفعت علي ’رفعت‘، سيد عسڪر علي ’علي‘، سيد موٽيل شاهه ’ڪمتر‘ ۽ محمد زمان شاهه ’زمان‘، سڀ انهيءَ ئي هڪ خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي سڀ انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا. الغرض اهو محلو ڏاڍو مردم خيز هو. اڄ تائين اهي سادات انهيءَ محلي ۾ آباد آهن. انهن شاعرن ۽ عالمن کان سواءِ ٻيابه ڪيترا بزرگ انهيءَ گهراڻي مان ٿيا، جيڪي انهيءَ محلي ۾ گذر بسر ڪري ويا ۽ انهن جي وفات جون تاريخون اسان کي ٺٽي جي مختلف شاعرن جي بياضن ۽ ديوانن م ملن ٿيون.

ٻيا بکري سادات، يعني سيد حميد بکريءَ جا فرزند سيد محمد علي ۽ سيد باقر جوڻ جي ڳوٺ مان لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ رضوي ساداتن جي ڪري ويٺا. انهن بزرگن جي اولاد مان سيد مير محمد فاضل ۽ سندس پٽ سيد محمد علي ٺٽي جا خوشنويس هئا. سيد محمد عليءَ جو پٽ سيد مير بزرگ ته خوشنويسيءَ ۾ عالمگير جي فرزند شاهزادي ڪام بخش جو استاد هو(1).

ميرڪي سيدن جو محلو: ميرڪي سيد اصل پوراني سادات ڪري سڏبا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن وڏا ”پوران“ جا ويٺل هئا، جيڪو هرات جي قريب هڪ مردم خيز ڳوٺ هو. اتان شاهه حسين بايقرا جي فوت ٿيڻ بعد خراسان جي نئين حاڪم محمد خان شيبانيءَ جيڪا مصيبت مچائي، ان ۾ لڏي اچي شاهه بيگ جي زماني ۾ قنڌار رهيا. اتان سنڌ جي فتح ٿيڻ بعد 933هه ڌاري ٻه ڀائر سيد بايزيد ۽ سيد ميرڪ محمود لڏي آيا. بايزيد بکر ۾ رهيو ۽ ميرڪ محمود ٺٽي اچي ويٺو. شاهه حسن ارغون جي دﺆر کان وٺي ويندي ڪلهوڙن جي آخري ايامن تائين، انهيءَ گهراڻي جا فرد ٺٽي جا ”شيخ الاسلام“ ٿيندا آيا. پهريون شيخ الاسلام ميرڪ محمود ٿيو ۽ پويون شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن جو ڀاءُ ميرڪ محمد محسن ٿيو. ميرڪ محمد احسن اهو بزرگ هو، جنهن جي شان ۾ محسن ٺٽويءَ هڪ نهايت ئي معرڪﺔ ال آرا قصيدو چيو آهي، جنهن جو مطلع آهي:

گر برو باد صبا خُلق تو در صحن چمن

گل کند از لبِ هر غنچـﮧ کـﮧ احسن احسن!

ميرڪ عبدالرحمان، ميرڪ عبدالباقي، ميرڪ عبدالوهاب وغيره انهيءَ خاندان جا تمام مشهور بزرگ هئا. علم و فضل، جود و سخا ۽ دنياداريءَ جي ٻين وصفن ۾ جهڙن ڪوبه ٻيو مَٽ ڪونه هو. وڏا مهمان نواز ۽ اوطاقي سيد هئا. سندن گهرن ۾ اهڙو کاڌو پچندو هو، جو، بقول مير معصوم، ان جي لذت وات مان ويندي ئي ڪانه هئي. انهيءَ محلي ۾ اهي بزرگ وڏيون وڏيون دعوتون ڪندا هئا ۽ سڄو شهر اچي گڏ ٿيندو هو. ميرڪ عبدالرحمان انهن دعوتن جي ڏوهه هيٺ ميرزا باقيءَ جي هٿان شهيد ٿيو. پوئين زماني ۾ ميرڪ محمد احسن هڪ عظيم الشان دعوت ڪئي، جنهن ۾ ٺٽي جا سڀئي هندو مسلمان اچي گڏ ٿيا. اتفاقاً مير ڪلب علي نامي هڪ سيد کي دعوت ڏيڻ ڀلجي ويا، جنهن تي ٺٽي جي مشهور شاعر شيخ عبدالسبحان ’فائز‘ هيٺيون شعر لطيفي طور چيو:

هندﺆ و مسلمين ز خوان تو سير       استخواني نيافت ڪلب علي

فارسيءَ جو جيد رباعي گو شاعر سرمد شهيد ٺٽي آيو ته تجارت ڪرڻ لڳو، ليڪن جڏهن ابي چند کي ڏٺائين تڏهن سڄو ساٿ لُٽائي ويهي رهيو. ڪيترا ڏينهن لٽا لاهيون، جذب جي حالت ۾ ٺٽي جي گهٽين اندر، ابي چند! ابي چند! ڪندو ٿي وتيو. ميرڪي گهراڻي مان ان وقت جو شيخ الاسلام ميرڪ عبدالواهاب ثاني هو. سرمد جي انهيءَ حالت تي غالباً معترض ٿيو، جنهن تي سرمد هيٺين رباعي چئي:

ميرڪ تو نداده اي بمن يک دو سـﮧ لک

از بهر چـﮧ گشتـﮧء چينين مستهلک

گر در تو نشانِ آدميت ميبود

مي بودي مير، مي نبودي ميرک(1)

شيخ الاسلام مير محمود وڏي، هڪ نهايت ئي خوبصورت مسجد انهيءَ محلي ۾ ٺهرائي هئي(2). انهيءَ محلي جي ڀر ۾ ئي ڪشمشين جو محلو هو، جنهن جي پٺيان ٻيلو شروع ٿيندو هو. سيد عبدالمجيد بن عبداللطيف بن سيد عبدالرزاق بخاري (سيد محمود بخاريءَ جو اولاد) جو گهر انهيءَ محلي جي اوڀر ۾، ڪشمشين جي محلي پٺيان انهيءَ ٻيلي جي وٽ سان هوندو هو، انهيءَ بزرگ جو پٽ سيد عبداللطيف ثاني عرف سيد مٽو المتوفي 1124هه مير قانع جو نانو هو(3).

امير خاني محلو: ٺٽي جي ساداتن جو ٻيو مشهور ۽ علمي خاندان امير خاني هو، جنهن جو جدا محلو هو، ۽ اهو اڄ به شاهجهاني جامع جي اوڀر ۾ مسجد جي ديوار سان لڳولڳ آهي. انهيءَ جاءِ تي پهريائين مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي. ڀائي خان جو محلو به انهيءَ محلي سان لڳولڳ هو. اهو محلو ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا امير خان پنهنجي نالي تي، مير احمد بيگ جي محلي جي جاءِ تي آباد ڪيو. انهيءَ گهراڻي به ڪيترا امير، بزرگ، مصنف ۽ شاعر پيدا ڪيا، جن جو تفصيلي ذڪر اسان پنهنجي ڪتاب ”تذڪرهء اميرخانيءَ“ ۾ ڪيو آهي. سنڌ جي شاعرن ۽ صوفين جو سرتاج شاهه عبداللطيف جڏهن ٺٽي ۾ مخدوم معين سان ملڻ ايندو هو ته ڪڏهن مخدوم وٽ رهندو هو، ۽ ڪڏهن مير عطا محمد اميرخانيءَ جي اوطاق ۾ انهيءَ محلي اندر رهندو هو، ڇاڪاڻ ته مير موصوف سان به سندس دوستي هوندي هئي.

شڪر الاهي ساداتن جو محلو: اهو محلو اصل ۾ سمن جي صاحبيءَ اندر انصارين جو محلو هو، ليڪن 927هه ۾ جڏهن شڪرالله قنڌار کان اچي انهيءَ محلي ۾ ويٺو، ان وقت ته ڪو هڪ_ٻه گهر انصارين جو بچيو هو، باقي ٻيا مري کپي ويا هئا. انهن انصارين مان سيد شڪرالله شادي ڪئي(1)، جنهن مان کيس ظهيرالدين جادم نالي پٽ ڄائو ۽ ان مان شڪرالاهي خاندان وڌيو، ڦوليو، ڦليو، ۽ اڄ تائين به پونير انهيءَ محلي ۾ موجود آهن. انهيءَ خاندان به ڪيترا فرد فريد پيدا ڪيا، ڪي منجهانئن ولي ٿيا، ڪي مصنف ٿيا ۽ ڪي شاعر ٿيا. فتاويٰ عالمگيريءَ جي مولفين مان هڪ مولف سيد نظام الدين ثاني، انهيءَ محلي مان اٿيو. اسان جو محبوب مصنف ۽ مورخ مير قانع انهيءَ محلي جي پيداوار آهي. مير عظيم الدين، مير ضياءالدين ’ضيا‘، مير غلام علي ’مائل‘ ۽ سيد صابر علي شاه ’صابر‘ انهيءَ محلي جا ئي هئا. تحفـﺔ الڪرام جهڙو لازوال ڪتاب ۽ مقالات الشعرا جهڙو يگانو تذڪرو انهيءَ ئي محلي ۾ لکيو ويو. الغرض انهيءَ محلي جا سنڌ جي ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڙ ۽ ڏاڍا احسان آهن.

مارﱞندراني عرف لوري ساداتن جو ڏاڏو سيد ڪمال الدين به انهيءَ محلي ۾ اچي رهيو، ڇاڪاڻ ته سيد ظهيرالدين جادم سان سندس دوستي هوندي هئي. سيد جو خاندان ابتدا ۾ انهيءَ محلي ۾ وڌيو(2) ۽ پوءِ ڪجهه ٽڙي پکڙي ٻين پاڙن ۾ به ويٺو، مثلاً سنگتراشن جي محلي ۾ ۽ ”پتي هٿ بازار“ جي پويان به ڪي افراد رهڻ لڳا.

سيد منبو، سيد شڪرالله جو سنگتي هو ۽ آيا به ٻاهران گڏ هئا. اهو به جتي دفن آهي، انهيءَ گهر ۾ محض هن ڪري رهيو جو سيد شڪرالله جو پاڙو ويجهو هوندو هو، ۽ ٻنهي دوستن کي رات ڏينهن ملڻ ۽ مجلس ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي(1).

سيد شڪرالله پنهنجي لاءِ هڪ مسجد ٺهرائي هئي جيڪا اڄ تائين انهيءَ محلي ۾ موجود آهي.

ملا حسين ٺٽي جو هڪ پرهيزگار شخص هو، پاڻ به انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ سندس مدرسو به اتي ئي هو. سندس پٽ ملا سروري ٿيو، جنهن جو پٽ، ملا جانباز، ٺٽي جو مشهور شاعر هو(2).

انجوي ساداتن جو محلو: اهو محلو اصل ۾ عباسي قاضين جو رهائشگاهه هو، جن جو وڏو قاضي نعمت الله عباسي ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي دﺆر ۾ ٿي گذريو. انجوي ساداتن جو وڏو سيد محمد 786هه ۾ شيراز کان منڇر پرڳڻي جي مراد اوٺي نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جڏهن گذاري ويو، تڏهن سندس پٽ سيد احمد لڏي اچي ٺٽي ۾ قاضي نعمت الله جي گهر ۾ رهيو، سندس نياڻيءَ سان شادي ڪيائين جنهن مان کيس اولاد ٿيو. اهو بزرگ 845هه ۾ گذاري ويو، ٺٽي جو مشهور ولي سيد محمد حسين عرف پير مراد، جنهن جو مرقد مڪليءَ تي آهي ۽ جنهن جي سلسلي ۾ قانع لکي ٿو ته:

سواد حوالي مرقد پاکش، نسخـﮧء ارم ببر دارد. و بياض صفحـﮧء ارض اطهرش گلشن راز انوار الاهي مد نظر. خندهء حور آهنگ مضجعش، و تجلي طور سفيدهء مرقدش. غزال حرم خاکروب آستان، و روح المين آنجا پاسبان،“___

هيٺيان شعر به انهيءَ بزرگ جي مرقد جي وصف ۾ آهن:

 

زبانِ   سبزه   خود   روي  ارضش     شهادت   نامـﮧ  از  برکرده   بيغش

همين تابد برآن مضجع چنانب نور   کـﮧ دوري شـــعشـﮧء مهر است مستور

دعا    را     استجابت  خــــــــــاکدانش         هميشـﮧ   روح    قــــدسي    ميهمانش

هر آن سائل کـﮧ بر درگاهش تابد

دهن ناکرده وا، مقصود يابد__

ان بزرگ جو فرزند هو. سيد علي ثاني، جيڪو ارغوني دﺆر جو مشائخ ۽ امير هو، سو سندس پوٽو هو. اکغرض انهيءَ خاندان مان به تمام وڏا ماڻهو پيد ٿيا، جن جو ثاني سندن دﺆر ۾ ٻيو ڪونه هو. سيد علي ثاني مذڪور شاهه حسن ارغوني جو لاش کڻائي مدينـﮧ عاليـﮧ ويو. انهيءَ بزرگ جي ئي چولي جو ٽڪر ڦاڙي عمرڪوٽ ۾ اڪبر کي ڄمڻ بعد ويڙهيو ويو. سيد جلال ثاني انهيءَ سيد عليءَ جو پٽ هو، جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان حاڪم سنڌ جي وليعهد مرزا صالح جي نياڻيءَ سان پرڻيو. سيد مير محمد نالي پٽ کيس انهيءَ بيبيءَ مان پيدا ٿيو، جنهن “ترخان نامو“ تصنيف ڪيو. اهڙيءَ طرح انهيءَ خاندان جا ٻيا به ڪيترا ئي معروف بزرگ انهيءَ محلي ۾ ڄاوا، نپنا، اُسريا ۽ فوت ٿيا. سيد علي ثاني سماع جون بيمثل مجلسون انهيءَ محلي ۾ ڪرائيندو هو. شاهه ڪريم جون محفلون ۽ مجلسون به ساڻن انهيءَ محلي ۾ ٿينديون هيون.

جمنا جي سرزمين: هڪ پاڙي جو اهو نالو هو. شاهه دادن جي درگاهه انهيءَ پاڙي سان لڳ هئي. مير ڪمال الدين مارﱞندرانيءَ جي اولاد مان سيد ملوڪ شاهه نالي هڪ ڪامل بزرگ پيدا ٿيو. جڏهن فوت ٿيو، تڏهن شاهه دادن جي ڀڪ ۾ ’جمنا جي سرزمين‘ اندر دفن ٿيو(1).

(3) مسجديون

مسجد ولي نعمت: ٺٽي جي هيءَ قديم ترين مسجد چئي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن سمي بادشاهه جي ٺهرايل هئي. مير قانع ان کي ”وڏي جامع مسجد“ ڪري لکيو آهي، ۽ اهو پڻ لکي ٿو ته هاڻي اها مسجد، ”مسجد ولي نعمت“ جي نالي سان مشهور آهي. گويا اها مسجد (1181هه) تائين موجود هئي، مٿس اهو نالو ٻارهين صدي هجريءَ ۾ پيو.

انهيءَ مسجد ۾ پير مراد شيرازي (831_ 893هه) ۽ شيخ بهاﺆالدين ملتانيءَ جي پوٽي شيخ صدرالدين(2)، پاڻ ۾ رهاڻيون ڪيون هيون، ۽ انهيءَ ئي مسجد ۾ شيخ سيد صاحب کي ”پير مراد“ جو خطاب ڏنو، ۽ پير کيس ”حليم“ جو لقب ڏنو(3).

مسجد صفـﮧ: دراصل انهيءَ جاءِ تي ڄام نظام الدين جي هڪ هندو امير لکيسر جي ٺهرايل مڙهي هئي، جا تمام سهڻي ۽ عاليشان هئي. ”تذڪرة المراد“ جي روايت آهي ته سيد مراد شيرازيءَ هڪ ڏينهن انهيءَ مڙهيءَ کي ڊهرائي مسجد جو بنياد وڌو. جڏهن مڙهيءَ ۾ هٿ پيا، ان وقت ڄام نظام الدين کي اطلاع پهتو. ڄام پنهنجو ڀاڻيجو ڄام مارک موڪليو ته سيد کي روڪي، ليڪن ڄام پهتو ته سهي پر ڪُڇي ڪونه سگهيو، اُلٽو پاڻ بيهي مڙهي ڊاهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڄام نظام الدين پنهنجي ٻئي خاص ماڻهوءَ شيخ نٿر کي موڪليو، ان جو به منزل مقصود تي پهچڻ بعد ساڳيوئي حال ٿيو. شيخ مالهو سهي سنڀري آيو، ليڪن وريو ڪجهه ڪين، پاڻ به بيهي مڙهي ڊاهڻ لڳو. اهڙي طرح آخر ۾ لکيسر پاڻ آيو، ۽ جڏهن اتي پهتو، تڏهن پنهنجو پاڻ مڙهيءَ تان هٿ کڻي سيد کان دعا جو طالب ٿيو. سيد کيس دعا ڪئي، جنهن بعد هن پنهنجي پٽن جي نالي سان شهر جي هڪ پاسي کان محلو آباد ڪيو، جيڪو تمام مشهور ٿيو. شيخ نٿر، شيخ مالهو ۽ ڄام مارک، سيد صاحب واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن، هنن سڄي عمر سيد جي خذمتگاريءَ ۾ پوري ڪري سرخروئي حاصل ڪئي(1).

ڄام نندي جي حڪومت 866هه ۾ شروع ٿي، ۽ سيد صاحب 893هه ۾ وفات ڪئي. ”مسجد صفـﮧ“ انهيءَ عرصي جي ڪنهن سال ۾ ٺهي هوندي، ۽ تحفة الڪرام جي تاليف وقت (1181هه) موجود هئي.

جامع فرخ: ارغونن جي دﺆر ۾ جيڪي مسجدون ٺٽي ۾ ٺهيون، انهن ۾ سڀ کان خوبصورت ۽ عاليشان جامع فرخ هئي، جيڪا هڪ ارغون امير، مير فرخ، ٺهرائي، جو شاهه بيگ ارغون جي ڀاءُ احمد بيگ جو پٽ ۽ شاهه حسن جو سـﺆٽ هو.

مسجد تي هيٺيون ڪتبو، پٿر جي ٽن وڏن تختن تي لڳل هو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد 938هه ۾ ٺهي:

 

بدور شاه عادل آن حَسَن خُلقِ حسينِ آئين

کـﮧ آمد خنگ گردون باوجودِ سرکشي رامش

______

بناي مسجدِ جامع شد از دريا دلي واقع

کـﮧ دارد عالمي را شاد و خرّم فيض انعامش

______

 

بگرماي قيامت گر پناهِ او نخواهد شد

”پناهِ فرخ“ از بهرِ چـﮧ شد، تاريخ اتمامش(1) 938هه

______

تحفة الڪرام جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد جي مرمت ۽ ڪن حصن جي نئين سر تعمير شاهجهان (37_ 1068هه) جي زماني ۾ ٿي(2).

جامع مسجد جو پهريون امام ۽ خطيب، سيد محمود بخاري گجراتي ٿيو، ۽ کانئس پوءِ به سندس ئي اولاد ۾ اهو عهدو رهندو آيو. تحفة الڪرام جي روايت آهي ته سيد بخاريءَ جي اولاد مان سيد محمد شجاع، بن سيد فيض الله، بن سيد فتح محمد، بن سيد جعفر، بن سيد جمال، بن سيد ڪمال دستور موجب انهيءَ مسجد جا خطيب ۽ امام هئا. سندس وفات 1138هه ۾ ٿي ۽ ”شجاع“ مان اها تاريخ نڪري ٿي(3). گويا 1138هه تائين اها مسجد قائم هئي بلڪ ان کان پوءِ به تحفة الڪرام جي لکجڻ وقت (1181هه)(4) ۽ شيخ اعظم جي تاليف ”تحفة الطاهرين“ (1190هه) جي لکجڻ وقت قائم هئي. پوئين ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد ڀائي خان جي محلي ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته مـﺆلف، انهيءَ مسجد واري گنج شهيدان جو ذڪر محلي ڀائي خان جي تحت ڪيو آهي(1) ۽ قرين قياس به اهوئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو محلو قلعي جي قريب ۽ حڪومت ڪندڙ قوم جي اميرن ۽ دربارين جي رهڻ جي جاءِ هو. تنهنڪري اها جامع مسجد انهن حڪومت هلائيندڙن جي قلعي ۾ هجڻ گهرجي.

عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه جي سال ۾، گوا جي عيسائين جيڪو ٺٽي ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪيو، سو جمعي ڏينهن ٿيو هو. عام مسلمان مسجد ۾ نماز لاءِ جمع هئا، جو مٿن حملو ٿيو. چنانچه انهيءَ جامع جي نمازين تي به حملو ٿيو ۽ سڀني غريبن مسجد ۾ شهيد ٿي، جان، جان آفرين جي سپرد ڪئي. انهيءَ مسجد جا شهيد مسجد جي ٻاهران اترينءَ ديوار سان لڳ هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا، ۽ ٺٽي جي پنجن ”گنج شهيدان“ مان وڏي ۾ وڏو “گنج شهيدان“ اهو ٿيو(2)، جنهن لاءِ مير قانع جي روايت آهي ته تيرهن سـﺆ کان زياده شهيد منجهس دفن ٿيا، ۽ شيخ اعظم جو قول آهي ته ٻه هزار شهيد مدفون آهن(3).

اها مسجد، پنهنجي زماني ۾، بزرگن جي آمدرفت ۽ رهائش جو مرڪز هئي. مسجد جي آسپاس به ڪيترا خدا جا ٻانها رهندا هئا. مثلاً:

ميان مٺو فقير، مخدوم نوح جو پهتل مريد، انهيءَ مسجد ۾ گهڻو گذاريندو هو(4). سيد قاسم، جنهن کي قانع ”بيخود سالڪ“ لکيو آهي، سو مسجد جي محراب پٺيان رهندو هو(5). سيد ابراهيم گودڙيو ڪامل ولي گهڻو ڪري مسجد جي دروازي تي اچي ويهندو هو. هڪ ڏينهن ويٺو هو، جو اندران سيد طيب بخاري پنهنجي پٽ رحمت الله سميت ٻاهر نڪتو. سيد گودڙيي کانئس پٽ جي ٻانهن گهُري، سيد ايڏي بزرگ جي حڪم کان انڪار ڪري ڪونه سگهيو، چنانچه پٽ کڻي سندس حوالي ڪيائين. سيد گودڙيي جو تڪيو، ڪلان ڪوٽ جي سامهون مڪليءَ تي هو. رحمت الله، جيسين سيد جيئرو هو تيسين ساڻس گڏ انهيءَ تڪيي ۾ رهيو، مرڻ وقت سڄي امانت سندس سپرد ڪري ويو. رحمت الله بخاري جڏهن موٽي اچي پنهنجي خاندان ۾ رهيو، تڏهن ڪرامتن جو صاحب ۽ وڏيءَ پيريءَ مريديءَ وارو ٿي پيو(1).

اها مسجد مسافرخاني جو ڪم ڏيندي هئي. ڪيترا مسافر ڏينهن جا ڏينهن مسجد ۾ اچي قيام ڪندا هئا. ماني وغيره جو انتظام بخاري ساداتن جي حويلين تي هوندو هو، يا ڪو مسلمان پاڙي مان کڻي اچي انهيءَ قسم جي مسافرن کي کارائيندو هو. سيار سمرقندي سيلاني فقير، جيڪو فارسيءَ جو پڻ شاعر هو، سو جڏهن ٺٽي آيو ته انهيءَ جامع ۾ اچي رهيو. ۽ جيترو وقت جيئرو هو اتي رهيو، ۽ هي جهان به انهيءَ مسجد مان ڇڏيائين(2). هي بيت سندس آهي:

به مي خوردن، اشارت ميکند جام

غلط گويند مددم نرگسش نام

ميرڪن جي مسجد: شيخ السلام مير محمود (المتوفي سن 962هه) 929هه ۾ ٺٽي آيو. جنهن محلي ۾ قيام ڪيائين اهو محلو ”ميرڪن جو محلو“ مشهور ٿيو. سيد صاحب پنهنجي حويليءَ جي ڀِڪ ۾ نهايت ئي عاليشان ۽ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جيڪا ٻِارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هئي(1).

مسجد بازار امير بيگ: مغلواڙي جي بازار امير بيگ اندر هيءَ مسجد پڻ ارغون دﺆر جو يادگار هئي. ٻارهينءَ صديءَ جي خاتمي تائين ان جي قائم هجڻ جو پتو پوي ٿو. 963هه واري قتل عام جو واقعو هن مسجد ۾ به ٿيو، اتان جا شهيد مسجد جي ڏاکڻيءَ ديوار سان لڳ دفن ڪيا ويا. گويا اهي به ”گنج شهيدان“ هڪٻئي جي متصل هئا(2).

مسجد محله اگريه: اگر محلي جي هيءَ مسجد، جيڪا محلي جي مشرقي حصي ۾ هئي، پڻ ارغونن جي عهد جو يادگار هئي. عيسائين جي حملي ۾ انهيءَ مسجد اندر قريباً ٻه سـﺆ نمازي شهيد ٿيا، جن جو ”گنج شهيدان“ مسجد سان متصل ٺاهيو ويو(3).

داٻگرن واري مسجد (جامع خسرو): خسرو خان چرڪس، مرزا باقيءَ جي اميرن مان هو، ۽ مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۽ مرزا غازيءَ جي دﺆر ۾ هن وڌيڪ ترقي ڪئي. جڏهن غازي قنڌار هو، تڏهن خسرو سڄيءَ سنڌ جو مختيارڪُل هو. نهايت نيڪ دل، مخير ۽ وڏي حوصلي جو امير هو. ٺٽي ۽ ان جي گردنواح ۾ هن بطور يادگار رفاه عام لاءِ ڪيئي مسجدون، رانڪون، پُليون ۽ تلاءَ ٺهرايا. مير قانع لکي ٿو ته ”صاحب خير و توفيق، مثلش کسي درين زمين برنخواسـﺔ آثاري که ازو ماند، احدي از ملوک و امرا بر عشرش موفق نشد“. جملي 360 آثار ڏانهنس منسوب هئا(4)، جن مان اڄ هڪ به صحيح سالم ڪونه آهي. مڪليءَ تي هڪ رانڪ، جنهن کي اڄڪلهه ”ست چڙهڻي“ چيو وڃي ٿو، خراب ۽ خسـﺔ حالت ۾ آهي، ۽ ٻي ٺٽي ۾ جامع خسرو آهي: انهيءَ مسجد کي داٻگرن جي مسجد چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته داٻگرن جي محلي ۾ هئي. هن وقت نه اهو محلو آهي نه ان جا مڪين موجود آهن، صفا ميدان ۽ ان ۾ هيءَ مسجد ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مسجد پٿر جي ۽ نهايت ڪشادي ۽ تعمير جي لحاظ کان نهايت بيش قيمت هئي. ڀانئجي ٿو ته خسرو جي پنهنجي رهڻ جون حويليون به گهڻو ڪري انهيءَ محلي ۾ هونديون، ۽ شيخ ڪالو، جنهن کي خسرو سڱ ڏيئي پاڻ وٽ رهايو، اهو ۽ ان جي اولاد به اتي گذاريو هوندو.

خسرو چرڪس مسجد ٺهرائي پهريون پيش امام، خطيب ۽ متولي سيد ابوالمڪارم کي ڪيو، جيڪو بزرگيءَ جي سڀني طور طريقن سان سينگاريل ۽ سيد احمد بن محمد عابد مشهديءَ جي اولاد مان هو(1). اهو بزرگ رهندو به انهيءَ مسجد سان لڳ هو، جڏهن فوت ٿيو ته ”ستون دين فتاد“ مان سندس تاريخ ڪڍي ويئي (1065هه). درس للو پڻ انهيءَ مسجد جي ڀر ۾ سيد جي پاڙي سان گهڻو وقت رهيو هو.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (المتوفي 1174هه) هر جمعي جي صبح تي انهيءَ مسجد ۾ وعظ به فرمائيندو هو. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم عبداللطيف به پيءُ وارو طريقو قائم رکندو آيو، تا وقتيکه مخدوم موصوف 1187هه ۾ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي ملازمت اختيار ڪري اتان هليو ويو. سندس وڃڻ بعد ان جي فرزند مخدوم ابراهيم (عرف موليڏنو) جنهن کي عام طرح (مڏئي مرقد) سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پوءِ ڪن سببن ڪري ٺٽي مان لڏي وڃي مڏئيءَ ۾ رهيو ۽ اتي فوت ٿيو، انهيءَ مسجد ۾ وعظ ڪندو رهيو(2).

انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هئي، ۽ ٽالپرن واري دﺆر ۾ شهيد ٿي. حقيقت ۾ ٺٽي جي آثارن، مغل دﺆر کان پوءِ جڏهن ٺٽي جي مرڪزيت ختم ٿي ويئي، آهستي آهستي منهدم ٿيڻ شروع ڪيو. امير امرا، اهل خير ۽ صاحب ثروت ماڻهو، مرڪزيت منتقل ٿيڻ بعد، ڪي لڏي ويا. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ قدري رونق رهي، باقي ٽلپرن جي دﺆر ۽ انگريزي دﺆر ۾ ٺٽي جو زوال معـﮧ آثارن جي مڪمل ٿي ويو. ٺٽي جي سيڪ کاڌل ۽ لوڻاٺيءَ زمين ۾، بنان مرمت ۽ سنڀال جي، ٻه سـﺆ ورهيه ڪٿي ٿا آثار رهي سسگهن؟ جن مسجدن جي مرڪزيت ۽ جن درگاهن سان عقيدت قائم رهندي آئي، انهن جي مرمت ٿيندي رهي ۽ اهي اڄ تائين قائم آهن، مثلاً: سيد مبين ۽ شاهه مسڪين جي درگاهه، مسجد خضري ۽ جامع شاهجهاني وغيره. مسجد خضريءَ جي، ٽالپرن جي دﺆر ۾، مڪمل طرح مرمت ٿي ۽ پوءِ به ٿيندي رهي. اهڙيءِ طرح جامع شاهجهانيءَ جي ٻه دفعا انگريزي عهد ۾ مرمت ٿي. جامع خسرو ڀانئجي ٿو انهيءَ ڪري شهيد ٿي ويئي، جو نه اهو محلو رهيو نه انهن جا ماڻهو رهيا. شهر جي بلڪل ويران حصي ۾ رهجي ويئي، جتي ڪو نماز پڙهڻ وارو به ڪونه ٿي ويو، اهڙيءَ طرح مسجد زبون ٿي ويئي.

هن وقت آثار قديمـﮧ جو محڪمو مسجد جي سنڀال ڪري ٿو، مسجد جي محراب تي هي ڪتبو هڪ سٽ ۾ موجود آهي:

بسم الله الرحمان الرحيم_ محمد رسول والذين معـﮧ اشداء علي الکفار و رحماء بينهم 997هه. مسجد جي جوڙجڪ ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي رٿا لاجواب آهن، خاص طرح اندريون محراب پٿر جي اڪر جو بهترين نمونو آهي.

مسجد خضري: ٺٽي جي اها مسجد، ڪيترا دفعا مرمت ٿيڻ سبب اڄ به ائين معلوم پئي ٿئي ڄڻ هاڻي ٺهي تيار ٿي آهي، حالانڪ ساڍن ٽن سَون ورهين جو زمانو مٿس گذري ويو آهي.

ميرزا غازي جڏهن قنڌار ۾ فوت ٿيو (11_ صفر 1021هه) ان وقت جهانگير بادشاهه ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ڪيو ۽ مير عبدالرزاق مظفر خان معموريءَ کي ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ جو عهدو ڏيئي ميرزا رستم جي پهچڻ کان اڳ ٺٽي موڪلي ڏنو. مرزا رستم 10_ محرم 1022هه جو ٺٽي پهتو. ليڪن جلدئي کيس موٽايو ويو ۽ تاج خان کي ٺٽو ڏنو ويو. تاج خان 1023هه ۾ فوت ٿيو. شمشير خان جيڪو ان وقت سيوهڻ جو صوبيدار هو، ان کي ٺٽي بدلي ڪيو ويو. 1024هه ۾ مير عبدالرزاق معموريءَ کي ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ مان وڌائي ٺٽي جو نواب ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو غالباً 1028هه تائين رهيو. اها مسجد هن پنهنجي ديوانيءَ واري زماني 1022هه جي سال ۾ ٺهرائي. مير قانع جو قول آهي ته انهيءَ جاءِ تي ”نهال دريا“ نالي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرائي مير معموريءَ اهو خانـﮧ خدا آباد ڪيو، ۽ مسجد ان وقت گودڙيءَ بازار ۾ هئي(1).

ڪيترن مسجدن جي سلسلي ۾ مير قانع لکيو آهي ته مسجد ٺهڻ کان اڳ اتي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرايو ويو. اسان جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن ٺٽي ۾ هندو نهايت عزت سان گذربسر ڪندا هئا، سندن تهذيب ۽ تمدن به مسلمانن سان رلندو ملندو هو، سرڪاري عهدن تي به فائز هئا، مذهبي تنگدلي نه ٺٽي جي مسلمانن ۾ هئي نه ٺٽي جي هندن ۾ هئي، ۽ اهو حال سَمن جي سلطانيءَ کان وٺي ڪلهوڙن جي عهد تائين رهيو. پوءِ ڪهڙو سبب هو، جو هروڀرو مڙهين کي ڊهرائي انهن جي جاءِ تي مسجدون ٺهرايون ٿي ويون، گويا ٺٽي ۾ خانـﮧء خدا لاءِ ٻيو ڪوبه پلاٽ ملي ڪونه ٿي سگهيو. اسان جي خيال ۾ محض مذهبي جذبي ڏيکارڻ، هندن مٿان برتري محسوس ڪرائڻ، يا ڪنهن بزرگ جي سلسلي ۾ ڪرامت بيان ڪرڻ خاطر، پوئين دﺆر جي مصنفن، انهيءَ قسم جون عامي روايتون قبول ڪيون آهن، جي سراسر علمي شان جي خلاف آهن. 

”مسجد صفــﮧ“ جي سلسلي ۾ مثلاً اسان جو خيال آهي ته ”تذڪرةالمراد“ جي ساده دل ۽ نيڪ نهاد مصنف کي پنهنجي مرشد جي ڪرامت ڌيکارڻي هئي، جنهن ڪري کيس مڙهيءَ ڊاهڻ جو واقعو سيد صاحب جي دامن سان وابستـﮧ ڪرڻو پيو. چنانچه هن مڙهي ڊاهي، انهيءَ وقت جي چند مکيه ماڻهن کي سيد صاحب جو جلال ڏيکاري، عقيدتمند بنائي، آخر ۾ خود مڙهيءَ جي مالڪ کي آڻي سيد عليـﮧ رحمت جي قدمن ۾ ڪيرايائين. حالانڪ مڙهيءَ ڊهرائڻ لاءِ نه خدا جو حڪم، نه رسول جو فرمان، نه مذهب جو سبق، نه ڪنهن بزرگ يا مشائخ جي شايان شان هو، ۽ نه اهو ڪردار ڪنهن الله واري جو ٿي سگهيو ٿي.

مسجد خضري جهانگير جي دؤر ۾ ٺهي، جيڪو اڪبر جو فرزند ۽ پنهنجي سر پاڻ به انهيءَ قسم جي خسيس مذهبي تعصب کان بالاتر هو. ٺٽي جي ماڻهن تي مرزا رستم صفويءَ ٿوري سختي ڪئي ته جهانگير کيس معزول ڪري گهرائي ورتو ۽ تيسين شاهي عتاب هيٺ رهيو، جيسين ڏکويل ماڻهن کان معافي نه ورتائين. اهڙين حالتن هيٺ جڏهن ته انهيءَ وقت ميرزا غازيءَ جا هندو امير ٺٽي ۾ موجود هئا، انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا اثر وارا هندو خود مغل نواب جي ماتحت مختلف عهدن تي فائز هئا، اُهي سڀ اعتراض اٿاري سگهيا ٿي، بادشاهه وٽ سندن شڪايت فوراً پهچي ٿي سگهي. پوءِ ڪهڙيءَ طرح اها روايت قبول ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ مسجد جا بنياد، نهال دريا مڙهيءَ جي انهدام تي استوار ڪيا اويا. جڏهن ته مٿين سڀني حقيقتن کان علاوه، خود مسجد جي جوڙائيندڙ، مير معموريءَ جو ڪردار به اسان جي سامهون آهي. نهايت نيڪ، خدا شناس ۽ صاحب فضيلت امير هو، جنهن مان اهڙي غير شرعي حرڪت جي اميد رکڻ ئي عبث آهي.

بهرحال، مير معموريءَ اها مسجد ان وقت جي گودڙي بازار ۾ ٺهرائي، ۽ اها پهرين مسجد آهي، جيڪا مغل حڪومت جي ماتحت ٺٽي خواهه سنڌ اندر ٺهي. مسجد چونڪه ٺٽي جي وچ شهر ۽ تمام آباد حصي ۾ آهي، تنهنڪري اڄ تائين موجود ۽ نئين نويلي لڳي ٿي. ڇت پيل حصو ٽن طبقن يا حصن ۾ آهي، ۽ هر حصي مٿان خوبصورت گنبذ آهي. اندر فرش ۽ ٻاهر ٽائيل جو فرش آهي، جيڪو پوئين زماني ۾ مرمت ڪندي لڳايو ويو آهي. ڇِت جي ٻاهران واري حصي ۾ ڪشاود ايوان آهي، اترين طرف کان پنج فوٽ کن مٿي ٿلهو آهي، جنهن ۾ نمازين جي وضوءَ لاءِ تلاءُ ٺهيل آهي. مسجد جو دروازو ڏکڻ طرف شاهي بازار جي هڪ ننڍيءَ شاخ ۾ کلي ٿو، جيڪا شايد ان زماني ۾ گودڙي بازار هئي يا شاهي بازار جو اتهون وارو ڪجهه حصو انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو هو. مسجد جو محراب پنج گوشو يعني پنج پهلو آهي. ٽن گوشن جي ڪنارن تي خوبصورت طغرائي خط ۾ قرآني آيت اُڀريل اکرن ۾ لکيل آهي، ۽ آخري ٻن پهولوئن تي هيءَ عبارت آهي:

(1)  خـــــــاک آســـــــتان حـــــــضـــــــرت نبـــــــوي ﷺ. عـــــــبدالـــــــرزاق

(2) الحسيني المعموري الملقب بمظفر خان. بتاريخ تمام شد

         سنه 1022هه

اهو ڪتبو قرآني آيات سميت، اتر کان شروع ٿي ڏکڻ تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ ڪتبي ۾ ”مظفر خان“ جو لقب به ڄاڻايو ويو اهي، جيڪو مير معموريءَ کي جهانگير اجمير شريف جي منزل تي عطا ڪيو. جڏهن، بقول ترخان نامـﮧ، هو ٺٽي مان خسرو چرڪس، ميرزا عبدالعلي ترخان، جنهن کي ميرزا غازيءَ جي وفات بعد خسروءَ ٺٽي ۾ مسند نشين ڪيو هو، ۽ سمورو ترخاني قبيلو وٺي وڃي شاهي حضور ۾ پهتو، ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها مسجد مير معموريءَ ٺٽي ۾ پهچي ٺهرائڻ شروع ڪئي هوندي. 1022هه جي 1- محرم جو، جڏهن ميرزا رسٽم ٺٽي پهتو تڏهن هن خسرو ۽ ترخاني قبيلي کي سهيڙي مير معورٽيءَ ذريعي اجمير موڪليو. اتان جڏهن مير موصوف خطاب حاصل ڪري ٺٽي پهتو، تڏهن مسجد به جُڙي راس ٿي ۽ هن مٿس ڪتبو هڻايو، جنهن ۾ سندس لقب به شامل آهي.

جهانگير مير معموريءَ ۽ ميرزا رستم کي هدايت ڪئي هئي ته ٺٽي ۽ سنڌ جي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اوهين پهريان ڪامورا آهيو جيڪي وڃو ٿا. ماڻهو ضرور پنهنجي وطني حڪومت ختم ٿيڻ ۽ ڌاريءَ حڪومت هيٺ اچڻ سبب دلگير هوندا، تنهنڪري اوهان جو فرض آهي ته اهڙي پاليسي هلجو، جو سندن دليون هٿ ڪري وٺو، جيئن هو ڌاريءَ حومت کي ڌاريو سمجهڻ نه لڳن. مرزا رستم انهيءَ پاليسيءَ تي نه هليو، جنهن ڪري معزول ٿيو. مير معموري نهايت سياست ۽ سمجهه سان هليو، جنهن ڪري نه فقط ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ جي عهدي تي قائم رهيو، بلڪ پوءِ پاڻ به ٺٽي جو نواب ٿيو. اها جامع مسجد به اسان جو خيال آهي ته هن مٿين پاليسيءَ جي ماتحت مذهبي ذريعو اختيار ڪري، ٺٽي جي مسلمانن جي دلين وٺڻ خاطر، اچڻ سان ٺهرائڻ شروع ڪئي.

اها مسجد تيرهين صديءَ جي شروع ۾ يا ان کان اڳ ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ تقريباً منهدم ٿي جيڪي هئي، ۽ 1229هه ۾ ان کي ٻيهر مير ڪرم علي خان ٽالپر (والي سنڌ) تعمير ڪرايو، جنهن جو مذڪور مير مائل جي هيٺئين قطع تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو:

 

(1) اخيء دهر و کرم يار زمان مير کريم

که بوصفِ کرم از نام علي داد نمود

ديده اين مسجد منهدم و افتاده

مسجد الله پئي شغل صلواة معبود

حاليا طرفا ز تعمير بناي او دل

از شرف بخشيءِ ترميم، جلايش افزود

سال ترميم بخيرش کـﮧ بود خير کرم

”خير مسجد بکرم آمده“ سالش فرمود

1229هه

باد ازين خير کرم، مائل حق بر بابش

داعي خير شهه ذوالکرم از رب ودود

________

(2) چون مير ما کرم علي آن شاه حق شعار

کز حق موفق آمده في الخير بر مزيد

اکنون بعد کرامت ترميم نو بخير

داده جلائي تازه باين مسجد مجيد

تاريخ اين مبارک ترقيم دل ز غيب

”خيري کرم بداده بمسجد جلا“ شخيد

1229هه

خير کرم بداده بمسجده چه زيب بهه

ديگر بدل ز غيب بسالِ ندا رسيد

هم سال آن ز لفظ ”بجا خير تازه“ دل

1229هه

روح القدس پئي مطلع احباب برکشيد

يا رب بحق خوبيء اين تازه خير شاه

بادا بخير تازه ز اکرام مسفيد

________

(3) يافت اين مسجد چو از خيرِ شههِ بزمِ کرم

آنکــﮧ تعميرِ مساجد خيرش آمد ماه و سال

حالي ز ترميم نو خوشتر ز تعميرِ قديم

بهرِ شغلِ مومنين زيب و صفاي لايزال

طبع داعي ديده اين ترميم با خير از کرم

”باد از اهلِ کرم خيرِ مساجد“ گفت سال

1229هه

”باد اين سجد ز ترميمِ کرم بازيب و زين“

1229هه

سال آن با باي بسم الله اگر آمد بقال

1227+2=1229هه

باد دائم في الصلواة الخمس چون مائل بحق

هر مصلي سائلِ خيرش ز فضلِ حق تعال

مير مائل جا قطعـﮧ سٺا آهن يا ساده، اهو جدا سوال آهي، اسان انهيءَ ڪري خوش آهيون ته مرحوم مائل جي ذريعي اسان کي مرمت ۽ مسجد جي نين تعمير جو سال معلوم ٿي ويو. انهيءَ مسجد تي، اهو نالو (جامع خضري) ڇو پيو، ان جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو. شروع کان اهو نالو هو، يا پوءِ ڪنهن نسبت سبب پيو، اهو خدا کي علم آهي. هڪڙيءَ روايت موجب انهيءَ مسجد ۾ خواجه خضر نماز پڙهندي ڏٺو ويو، تنهنڪري مٿس اهو نالو پئجي ويو.


(1)  شاهه وجيـﮧالدين سيد فتح محمد شاهه جو فرزند ۽ امام محمد تقي بن امام علي موسيٰ رضا جي اولاد مان هو. شاه جميل گرناريءَ جو مريد هو، ۽ سندس مزار به پير پٺي تي شاهه جميل پيرانديءَ کان آهي (تحفـﺔ 620). انهيءَ بزرگ کي چار پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو شاهه آري هو؛ سندس اهو فرزند، شاهه جميل جي درگاهه جي اتر طرف کان جيڪا هيٺانهين زمين آهي، اتي پوريل آهي. پير پٺي جي شهر کي ”پير آر“ به چوندا آهن. اهو نالو هن بزرگ جي نسبت سبب ٿيو.

(2)  تحفـﮧ 606

(1)  تحفـﺔ 608

(2)  طاهرين 166.

(3)  طاهرين 166. اهو بزرگ نواب سعيد خان (1119هه) جي زماني جو هو.

(4)  طاهرين 137

(1)  طاهرين 138.

(2)  طاهرين 139

(3)  طاهرين 139

(4)  طاهرين 144

(5)  طاهرين 139.

(1)  طاهرين 141.

(2)  تحفـﺔ 474.

(3)  آخوند شاعر به هو؛ سيد علي شيرازيءَ جي اولاد مان هڪ سيد مير چاند نالي جڏهن فوت ٿيو، تڏهن ان جي هيٺين تاريخ آخوند موصوف چئي:

چاند مير آنک يا دلِ پر درد

سوي عقبيٰ زوار محنت شد

بر زمين زد سروش افسر و گفت

”منزلِ مير چاند جنت شد“

سيـد عليءَ جي گنبذ جي دروازي وٽ، هڪ ڇٽيءَ هيٺ چانـد پوريل آهي. اهو ڪتبو سندس مزار تي موجود آهي:

(1)  طاهرين 159

(2)  طاهرين 158

(3)  طاهرين 158_159.

(4)  تحفـﺔ 278

(5)  تحفـﺔ 604

(6)  قاضي محمد اچيءَ جو اولاد، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو ۽ انهن مان ڪي مخدوم محمد ابراهيم خليل جي وڏن جا مريد هئا.

(1)  تحفـﺔ 519.

(1)  مقالات 301_ شيخ الاسلام ميرڪ عبدالوهاب (متوفي 1112هه) بن شيخ الاسلام ميرڪ محمود ثاني_ ڏسو راقم جو مقالو_ پوراني سادات سنڌ ۾.

(2)  تحفـﺔ 497_ انهيءَ خاندان تي اسان جو مفصل مقالو ڏسڻ گهرجي.

(3)  تحفـﺔ 513.

(1)  تحفـﺔ 483

(2)  تحفـﺔ 495.

(1)  تحفـﺔ 602

(2)  تحفـﺔ 585.

(1)  تحفـﺔ 496

(2)  صداالدين ثاني جي شيخ اسماعيل شهيد بن رڪن الدين بن شيخ صدرالدين بن شيخ بهاؤالدين.

(3)  تحفـﺔ 473_474؛ طاهرين 13.

(1)  تذڪرة المراد_ تحفـﺔ 474_ طاهرين 14.

(1)  انهي ڪتبي جا ٽيئي پٿر، پاڪستان جي قومي ميوزم ڪراچيءَ ۾ رکيا آهن. ڏسو تحفـﺔالڪرام، حسام الدين ايڊٽ، ص 209.

(2)  تحفـﺔ فارسي ص 90، سنڌي 224.

(3)  تحفـﺔ 513. سيد محمد شجاع جو پٽ سيد سعدالله پيءُ کان پوءِ پيش امام ٿيو. عيدگاهه جي امامت سيد دستور محمود بخاريءَ جي دؤر کان انهيءَ خاندان ۾ هئي، تنهنڪري مٿيون سيد دستور مطابق عيدگاهه جو به امام هو. ازانسواءِ کيس حڪومت طرفان کوهن کوٽائڻ جو ڪم، قلعي جي مرمت جي نگراني ۽ بيت المال جي داروغپ ۾ سپرد هئي. 1181هه ۾ ان جا پٽ سيد روح الله ۽ سليم عليم الدين موجود هئا (513)

(4)  تحفـﺔ فارسي 90

(1)  طاهرين 115.

(2)  تحفـﺔ ص 172؛ طاهرين ص 115

(3)  تحفـﺔ ص 609؛ طاهرين ص 115

(4)  تحفـﺔ ص 613؛ طاهرين ص 60

(5)  تحفـﺔ ص 630؛ طاهرين ص 45

(1)  تحفـﺔ ص 511

(2)  مقالات ص 310.

(1)  تحفـﺔ ص 497

(2)  طاهرين ص 131

(3)  طاهرين ص 135

(4)  تحفـﺔ ص 228.

(1)  تحفـﺔ ص 480

(2)  تحفـﺔ 566.

(1)  تحفـﺔ 239.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com