سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :47

 

 

سنڌ جي جديد ادب تي سرسري نظر

هر ملڪ، هر سرزمين ۽ هر قوم جون پنهنجون ريتون روايتون، پنهنجا طور طريقا، پنهنجي رهڻي ڪهڻي، ۽ پنهنجي زبان ۽ ادب ٿئي ٿو. انهن سڀني شين جي تشڪيل جغرافيائي حدبنديءَ، قديم تاريخ، آب و هوا ۽ ڪن ٻين قدرتي شين جي ذريعي ٿئي ٿي. سنڌ به قديم ملڪ آهي، ۽ هر چند مختلف قبيلن، قومن ۽ ذاتين تي سندس آبادي مشتمل آهي، ليڪن رهاڪو صدين کان رهندي رهندي قدرتي طرح هن سرزمين جي اُنهن سڀني روايتن سان گهرو ۽ اڻ ٽُٽ لاڳاپو پيدا ڪري ويا آهن، جيڪي ايامن کان هن ملڪ جو جزو ۽ حصو بڻيل آهن.

جيئن سنڌ جي هر شيءِ نرالي ۽ پنهنجي آهي ۽ ٻين کان مختلف آهي، تيئن سندس ادبي روايتون ۽ روشون، فڪر جا طريقا ۽ سوچڻ جا ذريعا پڻ علحدا آهن. مثلاً: شعر ۾ سنڌ جون ٻه شيون خاص آهن، يعني ڪافي ۽ ڏوهيڙا! سنڌ جو سڄو فڪر، ۽ سنڌ جي سڄي ذهني تشڪيل انهن ٻن شعري صنفن ۾ سمايل آهي. انهن کان سواءِ ٻيون جيڪي طرزون، طريقا ۽ نيون جدتون پيدا ڪيون ويون آهن، سي خارجي، غير طبعي ۽ نامناسب آهن. انهن جون پاڙُن واريءَ مٿان آهن، زمين جي پاتال تائين پهتل نه آهن. اهوئي ڪارڻ آهي، جو جن شاعرن مٿي بيان ڪيل ٻن طرزن کان هٽي شعر چيو آهي، تن کي قبول عام حاصل ٿي ڪونه سگهيو آهي. ماڻهن جي دلين تائين سندن اهي گفتا پهچي ڪونه سگهيا آهن ۽ نه  ماڻهن جي دماغ ۽ فڪر تي انهن ڪو اثر قائم ڪيو آهي. ڪي قدر سندن ڪتاب موجود آهن، ڪن ڪن شوقينن وٽ لڀي به پوندا، ليڪن انهن جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهڙي نه آهي جو  هوند انهن کان اکٻوٽ ڪجي ته ادب جي تاريخ ۾ ڪو هاڃو يا وڏو خال ٿي پوي. گويا سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خمير ۽ ضمير ۾ ڪابه ڌاري ۽ خارجي شيءِ جٽاءُ ڪري ئي ڪانه ٿي سگهي.

جڏهن سنڌ جي ادب جي تاريخ اسان جي يارن لکڻ شروع ڪئي، ان وقت انهيءَ قسم جي شاعريءَ کي_ جنهن کي آءُ خارجي چئي چڪو آهيان_ هنن ”موزون شاعريءَ“ جو نالو ڏنو. خدا نه ڀلائي ته انهيءَ طرز جو باني خليفي گل محمد کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي شعر جو مجموعو ”ديوان گل“ جي نالي سان ٻه دفعا کن ڇپيو بلاشڪ آهي، ليڪن سندس ڪلام ڪنهن به عام يا خاص کي ياد ڪونه آهي. ”موزون شاعري“ درحقيقت غزل کي چيو وڃي ٿو، جيڪو فارسي زبان جي ذريعي هندستان ۾ پهتو ۽ انهيءَ جو نقل هتان جي ماڻهن انهيءَ وقت ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن سندن ذهن ۽ فڪر ۾ انگريزن جي غلامي زوال آڻي چڪي هئي.

اسان جي ڪيترن معزز شعرن انهي ”موزون شاعريءَ“ جي ميدان ۾ شهسواري  ڪندي، ڪابه ڪوتاهي يا پاڻئون گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي، ليڪن جنهن صورت ۾ غزل جا عناصر ۽ اجزاء ترڪيبي ڌاريا هئا ۽ مڪاني ماڻهو انهن سڀني تشبيهن، استعارن ۽ اصطلاحن کان ناواقف هئا، جيڪي غزل جو زيب ۽ زينت ٿين ٿا، تنهنڪري ان ۾ دلچسپي ڪانه ورتائون. حقيقت ۾ ان کي ”موزون شاعري“ چوڻ به موزون نه آهي، بلڪ انهيءَ کي ”تقليدي شاعري“ چئي سگهجي ٿو، جيڪا نتيجو آهي قومن جي زوال ۽ غلاميءَ جو. جيڪڏهن گستاخي معاف ۽ جان بخشيءَ جي ڪا صورت پيدا ٿئي، ته هن چوڻ ۾ مون کي ڪابه هٻڪ ڪانه ٿيندي ته انهيءَ زمري جي شاعرن کي شاعر نه، بلڪ ”عطائي شاعر“ سڏي سگهجي ٿو.

سنڌ جو  فڪر، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ذهن جي جيڪڏهن تلاش ۽ تحقيق ڪرڻي هجي ته اُها غزل گو شاعرن جي ديوان مان نٿي ڪري سگهجي، بلڪ ڪافين، ڏوهيڙن ۽ ٻين ٺيٺ سنڌي صنفن جي کاڻ مان مَڻين ۽ هيرن کي ڪڍي، پروڙي ۽ پرکي سگهجي ٿي! انهيءَ پنهنجي وَٿ کي سنڌ جا رهاڪو دِلي جي وڄت، چَپڙن جي جهانءِ، ۽ يڪتاري جي سرتار تي، ڪَن جي هٿ رکڻ بعد، ’اَلو ميان‘ سان شروع ڪن ٿا.

سنڌ جي انهيءَ ٺيٺ شعري ادب کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون اهو دور آهي جيڪو انگريزن جي گرفت کان پهرين، ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙي جي صورت ۾ پاڻ وٽ موجود آهي. ٻيو دور آهي جيڪو انگريزن جي قبضي بعد شروع ٿي، مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شاعريءَ تي ختم ٿئي ٿو. ٽيون دور اهو آهي جيڪو پهرينءَ عالمي جنگ جي خاتمي کان ٿورو اڳ شروع ٿيو ۽ اڄ تائين هليو پيو اچي.

انهيءَ ٽئين دؤر کي اسان ترقي يافته دور، جديد  دور يا اُهو دور سڏي سگهون ٿا، جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ تي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعات جو اثر پيو، سماجي صورتحال کان متاثر ٿي طبقاتي تحريڪ منجهس دخل ڏنو ۽ سنڌي شاعري، زبان خواه پيغام ۽ فڪر جي لحاظ سان، اسان جي زندگيءَ جي صحيح ۽ سچي پچي صورتحال ۾ پيوست ٿي ويئي.

انهيءَ جديد دور کي پڻ پاڻ ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهريون دؤر، خلافت تحريڪ کان وٺي 1936ع تائين آهي. ٻيو دؤر 1937ع کان شروع ٿي، 1947ع تائين اچي ٿو، ۽ ٽيون دور 1947ع يعني  پاڪستان  ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين پهچي ٿو.

پهريون  دؤر، جيڪو پاڻ مقرر ڪيو اٿئون، ان ۾ ڪيئي بزرگ شاعر ٿي گذريا آهن، جن ان وقت جي هنلدڙ قومي مسئلن، طبقاتي ظلمن ۽ سماجي بي رحمين کان متاثر ٿي، شاعريءَ جي ذريعي جدوجهد جو جهنڊو بلند ڪيو. درحقيقت پهرين عالمي جنگ کان وٺي، ٻيءَ عالمي جنگ تائين جيڪو عرصو آهي، اُهو وڏي ڪشمڪش جو دور رهيو آهي. سنڌ جو عوام پهرين عالمي جنگ جي بند ٿيڻ کان پوءِ ٽن قومن جي پيڙا ۾ رهيو. پهريون پير، جنهن  مذهب جي ذريعي عوام جي ذهن کي مفلوج ڪيو ۽ کين سوچ جو موقعو ڪونه ڏنو! ٻيو زميندار، جنهن عوام جي سماجي صورتحال کي ناقابل بيان ۽ ناشاناتيءَ جي حد تائين خراب ۽ خوار ڪري ڇڏيو! ۽ ٽيون طبقو هو انهيءَ واپاريءَ جو، جنهن وٽان سنڌي عوام، لوڻ ۽ مرچ جي صورت ۾ کڻت کڻندو ۽ ڀريندو رهيو؛ ليڪن رقم ساڳئي جي ساڳي ۽ اوتري جي اوتري قائم رهندي رهي. تنهنڪري ڪامورو هر وقت انهن جو مددگار ۽ حامي ٿي رهيو. انهيءَ پيڙا ۽ صورتحال کي محسوس ڪري، انهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي شاعر پيدا ٿيا ۽ جن جهاد ڪيو، تن ۾ سڀ کان سرويچ  ۽ سورهيه حيدربخش جتوئي هو، جيڪو خود ڪامورو هو. ڪامورڪي ماحول ۾ رهي، ٿيندڙ ظلم هن اکين سان ڏٺا؛ جنهن صورت ۾ قلب تي ڪاراڻ ۽ دل تي ڪامورڪي ڪٽ ڪانه چڙهي هيس، پاڻ انسان هو ۽ دل زنده هيس ۽ انهيءَ دل ۾ درد هيس، تنهنڪري نوڪريءَ کي  پراڻيءَ جتيءَ وانگر پري اڇلائي، انهيءَ منجهائيندڙ ماحول کي ترڪ ڪري، تياڳ ڏيئي، ٻاهر نڪري آيو. اهو سڀني کان پهريون شاعر آهي، جنهن ”شڪوو“ لکيو، ڪفر جون فتوائون سٺائين، مهراڻ جي موجن سان مخاطب ٿيو ۽ اهڙن عنوانن  هيٺ شعر چيائين ، جن ذهني انقلاب  آڻڻ ۾ جادوءَ جو ڪم ڪيو. انهيءَ دور ۾ ”هاري ڪميٽي“ پڻ ٺهي. مولانا وفائي ” توحيد“ ڪڍي، پيرن جي جهروڪي ۾ جهانءِ وجهي ڇڏي، انهيءَ ٺيهيءَ کي ڊاهي، ان جا سمورا طلسم ٽوڙي تارتار ڪري، هڪٻئي کان ڌارئون ڌار ڪري ڇڏيا. حيدربخش جتوئي، زمينداريءَ جي قلعي تي نه فقط شعرن جا تير هلايا ۽ ان جي در ديوار ۾ گرزن سان گهاءُ ڪيا؛ بلڪ ”هاري ڪميٽي“ بنائي، زميندارن جي سڄي سسٽم کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. پيريءَ ۽ زمينداريءَ جي خاتمي جو سلسلو انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيو، اگرچه غبارو اڄ تائين هوا ۾ هلندو وتي، ليڪن منجهانئس هوا انهيءَ زماني کان نڪري چڪي آهي. انهيءَ دؤر ۾ ٻيا به ڪيترا شاعر هئا، جن مان کيئل داس ’فاني‘ ڪشنچند ’بيوس‘، قادر بخش ’حقير‘، ليکراج ’عزيز‘ ۽ قادربخش ’بشير‘ جا نالا وساري نه سگهبا. پويان ٻه دؤر، جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو، در حقيقت انهيءَ پهرئين دؤر جي جدوجهد جو نتيجو ۽ حاصل آهن.

ٻيو دؤر 1936ع کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ۽ سنڌ جي ليڊر شپ زميندار شاهيءَ جي قبضي ۾ اچي ويئي. پيسو وٽن جام هو، تنهنڪري انهن پنهنجي مرضيءَ ۽ مقصدن کي پوري ڪرڻ لاءِ وزارتن ۽ اسيمبلين کي استعمال ڪري، هڪ دفعو وري پاڻ کي جيئدان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

انهيءَ دور اسان جي ادب تي خاص اثر ڪيو. زميندارن ۽ پيرن جي ٽهي اڃا پوريءَ ريت ٽٽي ڪانه هئي؛ ويتر جو وزارتون، ميمبريون ۽ سنڌ جو سڄو صوبو سندن ور چڙهي ويو، تنهن سنڌ جي عوام کان اُسهڻ ۽ اُسرڻ جو موقعو وري کسي ورتو. انهن حالتن اديبن کي نئين سر سوچڻ تي مجبور ڪيو. اسان جي اديبن سمجهيو ٿي ته بمبئي کان جدا ٿي، سنڌ جا سڄا مسئلا حل ٿي ويندا؛ طبقاتي فرق مٽبو، غريبن جا ڏک لهندا ۽ سنڌ جو عوام ريان کيان ٿي، زندگيءَ جي جدوجهد ۾ صحتمند قدم اڳتي وڏائي دنيا ۾ آبرو مندانه مقام حاصل ڪندو! ليڪن مسئلو حل ته ڪونه ٿيو، الٽو غلاميءَ، ڏک ڏاکڙي جا ڪيئي زنجير نئين سر سندن هٿن پيرن، ذهن ۽ سوچ تي پئجي ويا.

انهيءَ دؤر ۾ ضرورت  جي مدنظر حيدربخش جتوئي، عبدالڪريم گدائي، قادربخش حقير، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراهيم جويي نه ڇڙو نظم، بلڪ پهريون دفعو ڊرامي ۽ افساني کي پڻ پراڻين اندر سڀائي روايتن کان ڇني ڌار ڪري، منجهس نئون روح ڦوڪي، بيان ڪيل فرعوني ۽ سلطاني طاقتن جي قلعن کي ڪيرائڻ لاءِ ڪتب آندو.

انهيءَ دؤر جو سمورو ادب، مذڪوره زماني جي سنڌ جي چشم ديد ۽ حقيقت ڀري تاريخ آهي. افسانو، ڊرامو ۽ شعر جيڪڏهن پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي طرح ڇا وهي  واپري رهيو آهي؟ ۽ ڪهڙيون طاقتون هيون، جن جو ادب جي انهن اوزارن سان مقابلو ڪيو ويو.

دؤر حاضر جو عظيم سنڌي شاعر شيخ اياز، انهيءَ ٻئي دؤر جي آخري حصي جي پيداوار آهي ۽ انهيءَ دؤر ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍاين جي عمل جو ردعمل آهي.

1947ع کان اسان جي جديد ادب جو ٽيون دؤر شروع ٿئي ٿو. هن دؤر کي جيڪڏهن اسان پنهنجي دؤر جو سنهري دؤر، قيمتي دؤر، ابدي ۽ ازلي دؤر سڏيون ته هوند بيجا نه ٿيندو. هنن ٻاويهن سالن جي مختصر عرصي اندر، سنڌي ادب جي صفا ڪايا پلٽجي ويئي هئي ۽ اميد کان وڏو انقلاب آيو آهي.

آءُ هن دؤر کي انهيءَ ڪري قيمتي، سونهري، ازلي ۽ ابدي سڏيان ٿو، جو هن دؤر جو سڄو ادب بامقصد آهي. ڊرامو، افسانو، شعر جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي، سو سـﺆ فيصد مقصديت جو حامل آهي. اسان وٽ هن وقت اڻ ڳڻيا اهڙا شاعر موجود آهن، جن جي هڪ هڪ سٽ سون سان تورڻ جي لائق آهي. اگرچه شعر ۾ ڪافي ۽ ڏوهيڙي کان هٽي به، هنن ڪيئي صنفون ايجاد ۽ استعمال ڪيون آهن، ليڪن اُهي سڀئي روايتي ۽ تقليدي قيد و بند کان آزاد آهن ۽ انهن جي بي روح جسم ۾ ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙي جهڙي جان وجهي ڇڏي اٿن. شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، شمشير حيدري، پروانو ڀٽي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، تنوير عباسي، محسم ڪڪڙائي، بردو سنڌي، الطاف، قمر شهباز، فتاح ملڪ، سليم ڳاڙهوي، تاج صحرائي، استاد بخاري ۽ آثم ناٿن شاهي، اهي سڀئي شاعر اهڙا آهن، جن کي هر سنڌي پنهنجي ڳچيءَ جو ڳانو سمجهي ٿو!  ڪنهن به وقت، ڪنهن به منزل ۽ ڪنهن به صديءَ ۾ انهن کي وساري ڪونه سگهبو.

انهن شاعرن نه فقط سنڌي شعر کي بامقصد بنايو آهي، ليڪن زبان کي جيڪي ڏاج ۽ ڏيوڻ ڏنا اٿن، سي پڻ اچرج ۾ وجهندڙ آهن خارجي لفظ، بيجان محاورا ۽ اڻ ڏٺل استعارا_ جيڪي چور دروازي کان غزل جي ذريعي سنڌي ادب ۾ داخل ٿيا هئا_ سي سڀ پنهنجي اڻ سهائيندڙ ۽ اڻ وڻندڙ حياتي پوري ڪري ڪم ٽوڙي چڪا آهن. هن وقت سنڌ جي ٺيٺ ۽ مٺي زبان، نظم ۽ نثر ۾ ڪتب اچي رهي آهي.

اياز هن دؤر ۽ هن سمي جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. انهيءَ ۾ ٻه رايون ٿي ڪونه ٿيون سگهن ته اياز جو نالو سنڌ جي ادبي تاريخ جو خاص عنوان ٿي رهندو.

نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي ۽ پروانو ڀٽي، هن دؤر جي انهن شاعرن مان آهن، جن جو شعر جڏهن آءُ پڙهندو آهيان، تڏهن لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي آهي ۽ پڪ اٿم ته هر پڙهندڙ جو اهوئي حال ٿيندو هوندو.

افسانه نويسن ۾ غلام رباني زبان جي لحاظ کان مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، ليڪن ارمان آهي جو چند افسانن لکڻ کان پوءِ هن مسڪين جو ادبي انتقال ٿي ويو آهي. جمال ابڙي سان پڻ اهائي ويڌن ٿي. رشيد ڀٽي، علي احمد بروهي ۽ ڪروڙ پتي جهڙا برک مزاح نويس، ڪن قسمت وارين زبانن ۾ پيدا ٿيندا آهن. امر جليل جا افسانه مان پڙهيا آهن، جن مان ڪيترا ڪلاسيڪل ادب جي تحت اچي سگهن ٿا. آغا سليم جا افسانه ۽ ناٽڪ اهڙا آهن جن کي سنڌي ادب جي جان چئي سگهجي ٿو. ذاتي طرح نسيم کرل مون کي ان ڪري پسند آهي، جو هو هڪ خاص خطي جي زبان، محاورا، رهڻي ڪهڻي ۽ اُتان جا مسائل پنهنجي افسانن ۾ بيان ڪندو آهي، جيڪي شايد انهن پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو ڪارڻ نه ٿي سگهن جيڪي انهيءَ خطي جا رهندڙ نه آهن. آءُ انهيءَ خطي جو رهاڪو آهيان، تنهنڪري يقين سان چئي سگهان ٿو ته نسيم کرل کي پنهنجي ماحول، زبان ۽ انداز بيان تي پوري قدرت حاصل آهي. سراج گهڻين صلاحيتن  وارو نوجوان آهي، بنيادي طرح هو به ڊرامه نويس آهي، ليڪن خبر نه آهي ته هن ڪهڙيءَ ضرورت تحت غير ضروري مضمونن تي وقت ضايع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ”روح رهاڻ“ جا ايڊيٽوريل جيڪڏهن سچ پچ حميد سنڌيءَ جا لکيل آهن ته زبان ۽ لکت جي لحاظ سان حميد سنڌي مبارڪ جو مستحق آهي.

اسان جي تنقيد نگارن ۽ نثر نويسن ۾ رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو. ڊاڪٽر علي احمد قاضي، غلام علي علانا، پرو فيسر محبوب علي چنا ۽ محرم خان جا نالا قابل ذڪر آهن؛ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهي سڄڻ سدائي پيا جيئندا.

هن دؤر ۾ اسان جون ڪيتريون ڀينرون پڻ لکي رهيون آهن، جن جو لکتون اگرچه ايتريون پخته نه آهن، ليڪن بهرحال عورتن جو لکڻ جي ميدان ۾ اچڻ، سنڌي ادب لاءِ سچ پچ ته نيڪ فال آهي.

آخر ۾ آءُ هڪ خاص حادثي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ۽ اهو ذڪر يا عرض ڪرڻ هن ڪري ضروري ٿي پيو آهي، جو ان جو اثر سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ڪجهه وقت کان پوءِ هاڄيڪار ٿيندو. چند سالن کان آءُ ڏسي رهيو آهيان ته شعر ۾ اياز جي زبان بگڙي رهي آهي. غير مانوس ۽ هندي آميز ڌاريا لفظ ايترا ڪتب آڻي ٿو، جو سندس شعر ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو سمجهڻ ئي ڏکيو ٿيو پوي. مون کي خبر آهي ته جيڪڏهن هن اها روش قائم رکي ۽ ان جي تلقيد ٻين جدت پسند نوجوانن به ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته سنڌي ادب لاءَ هڪ هاڄيڪار سانحو ٿيندو ۽ هيتري ساري ڪيل محنت تي پاڻي ڦري ويندو. مون کي خطرو آهي ته خود اياز جي شاعريءَ کي به انهيءَ روش مان سخت نقصان پهچندو! پر ڌڻيءَ ۾ آس آهي ته جو جلد ئي پنهنجي غير طبعي طريقي تي نظرثاني ڪندو. ”جل جل مشعل جل“ يا انهيءَ قسم جي ڪيل شاعريءَ واري زبان تي اياز کي فوري اصلاح ڪري پاڻ کي پنهنجي انهيءَ ساڳيءَ طرز تي واپس آڻڻ کپي، جنهن کيس هن دؤر جي ادبي ورثي جو سرتاج بڻايو آهي.

هن وقت تائين اسان جي نوجوانن ۽ تعليم يافته طبقي جو گهڻي ۾ گهڻو زور شعر، افساني ۽ ڊرامي تي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته فن ۽ ضرورت جي لحاظ کان اهي صنفون بيحد ضروري آهن، ليڪن انهن کان سواءِ ڪي ٻيا اهم موضوع پڻ آهن جن تي نئين نسل کي فوري توجهه ڏيڻ کپي. ڪابه قوم فقط شعر، افساني ۽ ڊرامي جي سهاري جيئري رهي نه سگهندي آهي! سنڌ جي تاريخ ۾ به هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو هن وقت تائين اکين کان ٽريل رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ طرف جيڪڏهن اسان جا لکلندڙ توجهه ڏيندا ته نه فقط کين ٿيل تاريخي هاڃن جي خبر پوندي، بلڪ انهيءَ جي پڙهڻ ۽ لکڻ سان سندن ادبي تخليقات ۾ نئون رنگ ۽ رس ڀرجي ويندو، نوان موضوع ملندا، ۽ نرالا عنوان قائم ٿي ويند! مون کي يقين آهي ته پنهنجن خواهه پراون جون اکيون کلي پونديون.

تاريخ کان علاوه پاڻ کي جهاني تاريخ جي هن سونهري دؤر ۾_ جڏهن ته انسان زمين کان وٺي چنڊ تائين جي ڪائنات تسخير ڪري چڪو آهي_ جيڪي جديد علوم نکري نروار ٿيا آهن، انهن ۾ پڻ وڌئون وڌ قدم وڌائڻ کپي.

هن جدوجهد ۽ هلوتاڻيءَ جي زماني ۾ اهائي قوم قائم رهي سگهندي جيڪا ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي هلڻ جي ڪوشش ڪندي. هن خطرناڪ ۽ عجيب دور ۾ اها قوم جيئري رهندي ۽ اهوئي ماڻهو آبرومند مقام حاصل ڪري سگهندو، جيڪو زماني جي رفتار سان گڏو گڏ پنهنجي رفتار قائم رکندو ايندو. اهو قانون فرد خواهه قوم سان هڪجهڙو لاڳو آهي_ خصوصاً هن وقت جڏهن ته حق ۽ انصاف ڪوڙهه ورتل رن زال جيان زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ٽه واٽي تي پيو آهي_ انهيءَ سمي ۾ حق ڇاجو؟ ۽ انصاف ڪهڙو؟ بازي اُهو کٽندو ۽ کڻندو، جيڪو مردانه وار قدم کڻي پنهنجي قوت اراديءَ ۽ پنهنجي اڪيلي آسري تي وڃي منزل اوڏو رسندو.

[ماهنامو ”سوجهرو“، ........ 1970ع]

 

پنهنجا ساريم سومرا

نسيم کرل جي چاچي، عبدالڪريم کرل مرحوم، ۽ مون عملي، ۽ ڪنهن حد تائين علمي، زندگي گڏ شروع ڪئي. هو وڪالت پاس ڪري، آغا حسن علي خان مرحوم وٽ جونيئر جي حيثيت ۾ اچي سکر ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ مان بهمڻ مان بوڇڻ ڪلهي تي رکي سکر پهتس ۽ الاتوآهر ڪري ’سنڌ زميندار‘ اخبار ۾ پنجاه روپين درماهي تي ايڊيٽري شروع ڪيم. اهو سال ڀايان 1929ع_ 1930ع جو هو.

عبدالرحيم سان دوستي حقيقت ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد شاه جي هئي، تنهنڪري مُهڙ ۾ ته هن دوست جي ’بردار خورد‘ واريءَ حيثيت ۾ مون کي ڏنو، پر پوءِ اهو درمياني واسطو ٽپي اسان ٻئي هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي دوست ٿي وياسي. خدا بخشيس، مرهائت پڇاڙيءَ جي دم تائين واهه جو دوستيءَ جو دم نباهيو.

انهيءَ شروعاتي دور ۾ اسان ٻنهي ’معارف‘ اعظم ڳڙهه جي ريس تي ’المنار‘ نالي هڪ ماهوار علمي ۽ ادبي رسالو شروع ڪيو. رشيد ڀٽيءَ جو والد، حافظ عبدالحميد، تازو مدرسـﺔ الهدى ٺيڙهيءَ مان پڳ ٻڌي آيو هو، ۽ سکر ۾ جاگيراڻن جي پاڙي ۾ هڪ ٽريڊل ۽ ٽائيپ جا ٻه ڪيس وٺي پريس کولي هئائين. عبدالرحيم ۽ حافظ ٻئي هڪ مدرسي جا شاگرد ۽ همدرس هئا، تنهنڪري مفت ڇپائيءَ جي حامي حافظ کنئي، ۽ ڪاغذ تيرهين آني ريم جي حساب سان اوڌر تي سرڳواسي ٻائي امرداس ڏيڻو ڪيو. رسالو نڪتو، ڏاڍا خوش ٿياسي، پر انهيءَ زماني ۾ سڀڪجهه سستو ۽ پيسو مهانگو هو، اوڌر ۽ مفت تي به ڪم هلائي ڪونه سگهياسي. لاچار رسالو بند ڪرڻو پيو. پوءِ حافظ صاحب انهيءَ کي هفتيوار اخبار جي صورت ۾ ڪڍڻ شروع ڪيو. خدا نه ڀلائي ته ’المنار‘ هفتيوار اڃا به پئي نڪرندي اچي. انهيءَ رسالي، انهيءَ اخبار، انهيءَ پريس ۽ انهيءَ ماحول اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب کي رشيد ڀٽي ڏنو.

’المنار‘ اسان ٻنهي جي پهرين علمي ڪوشش هئي. آءُ پوءِ به لکڻ پڙهڻ واري ميدان ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هلندو آيس، پر عبدالرحيم ڇڏي ويو. البت هن مطالعو ڪونه ڇڏيو ۽ پڇاڙيءَ تائين انهيءَ ذوق کي قائم رکندو آيو.

ڪن سالن پڄاڻان اسان ٻنهي کي سکر ڇڏڻو پيو. عبدالرحيم خيرپور ۾ پهريون سرڪاري وڪيل ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ٿيو، آءَ والد جي وفات سبب سکر ڇڏي ڳوٺ اچي زمينداريءَ جو ڪم سنڀالڻ لڳس. اسان ٻنهي جو تعلق اهوئي رهيو، بلڪ پاڻ وڌيو ۽ اسان زياده هڪٻئي سان ويجها ٿياسي. زمينداريءَ جي لِڇَ خيرپور سان به هئي، سو انهيءَ بهاني خيرپور اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو، پر گهڻي ڇڪ عبدالرحيم جي سنگت جي هئي. زمينداريءَ جون ڪم ڪاريون ڇڙو دوست جي در تائين پهچڻ جو بهانو هيون. انهيءَ اچ وڃ ۾ ڪو وقت ته اهڙو به آيو، جو مهينن پاند آءُ عبدالرحيم وٽ ٽڪيل هوندو هوس_ نه ڇڙو آءُ هڪ، پر نوڪر چاڪر، ڪمدار ڪڙا، راڄ ڀاڳ جا ماڻهو ۽ فيصلن ڦڙن وارا به بي ڌڙڪ اچي رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته مانيءَ جي وقت تي منهنجا ماڻهو 10_20 به ٿي ويندا هئا. مجال آهي جو عبدالرحيم يا سندس گهر وارن کي نراڙ ۾ ڪو گهنج به پئي. آفرين هئي بورچياڻي مائي بختان مرهائت کي، جيڪا مانيون ڪُٽيندي هئي. ڪڏهن مانيءَ ۾ فرق نه آيو، هڪجهڙي لذت ۽ سواد، ڀلا ماڻهو ڪَڪ ٿئي ته مانيءَ ۾ به ڦيرو ۽ فرق اچي! نيرن تي اُڦراٽا، مکڻ، ماکي ۽ مُند سارو لَسي يا چانهه، ڏوپهري ۾ اُڦراٽا، ٻه ٻوڙ، خشڪا يا پلاءُ. رات جو ڪڙهيل تريءَ ٻڌل کير، اڇا چانور، ڪانه ڪا ڀاڄي يا گوشت جو ٻوڙ، ۽ جي مُند هوندي ته انب، نه ته مٺو کير ته ضرور. سياري، سانوڻ ڪيترا ڏينهن يا مهينا ٽڪيو پيو رهان، اهوئي دستور هو. مائي بختان جا اُڦراٽا، گوشت جو ٻوڙ يا ڀُونو، مڇيءَ جي تَر يا سيءَ. اڄ به جڏهن انهن طعامن جي لذت ۽ هڳاءُ ياد پوي ٿو ته وات پاڻي پاڻي پيو ڪري. نيرن تي ڪڏهن ڀُڳل سيون اينديون هيون ته سانجهيءَ تائين مٿي هيٺان وهاڻو رکيو سمهيو پيو هوندو هوس، ڍَوَ جو نشو لهندو ئي ڪونه هو. مون ڪڏهن عبدالرحيم جي گهر کي پرائو گهر نه سمجهيو، هميشه ائين ايندو ويندو هيس، ڄڻ پنهنجي اوطاق ۾ آهيان يا پنهنجي ڪکن ۾ رهان ٿو. عبدالرحيم جي سِرَ ڪري سڄو خيرپور منهنجو پنهنجو شهر ٿي ويو هو.

اهي زمانا ڏاڍا برڪت وارا ۽ محبتي هئا، نه ميزبان مهمان مان ڪَڪ ٿيندو هو، نه مهمان کي گهڻي اچڻ وڃڻ سبب شڪي يا شرمندو ٿيڻو پوندو هو. اچڻ وڃڻ، رهڻ ۽ ٽڪڻ ڪري محبت ماٺي ڪانه ٿيندي هئي، پر پاڻ وڌندي رهندي هئي؛ جي ڪجهه ڏينهن وِٿي پئي ته اونو ۽ الڪو ٿي پوندو هو ته خدا شل خير ڪري.

انگريزن جا پويان ڏينهن هئا، ٻي مهاڀاري لڙائي ڇتي لڳي پئي هئي، خبر ڪانه ٿي پئي ته دنيا جو ۽ ان سان گڏ انگريزن جو پنهنجو حشر ڇا ٿيندو، هندستان اندر گهرو وڳوڙ جدا هو، انگريزن سان هندستان اندر ’ڪئٽ انڊيا‘ جو گوڙ ۽ ٻاهر جنگ جي ميدان ۾ ’آزاد انڊين آرمي‘ جي بغاوت، سڀاش چندربوس جو نظربنديءَ مان نڪري وڃي جپان پهچڻ، رنگون تي قبضو ۽ ڪلڪتي تي گولا_ پر انهن سڀني اندرين ۽ ٻاهرين مصيبتن هوندي به، واهه ڙي انگريز! پڇاڙيءَ تائين نه هيٺين ٻوليائين، نه هتان جو انصاف ۽ انتظام ڍرو ٿيو. دنيا فاقن ۾ هئي، پر هندستان اندر سهانگ ۽ سستائي جهڙي هئي اُهڙي ئي رهي.

سستائيءَ جي ڳالهه ٿي هلي ته ٻڌايانوَ ته 1940ع ۾، جڏهن اسان ڪراچيءَ آياسون ته گوشت جو سير 9 آني، نوين روپئين ڪوڪو گولڊ جو 17 سيرن وارو ڊٻو، پنجن روپين جي ڀاڄي وٺ ته مهينو نه کٽي. هرڪا شيءِ سٺي، سستي، صاف ۽ پاڪ، البت گاسليٽ، ڪوئلا ۽ کنڊ راشن تي ٿي ملي، پر کوٽ ڪڏهن ڪانه ڏٺيسي. ڪڻڪ البت مهانگي هئي، جو ٽين روپين مڻ ٿي ملي. مون جڏهن هڪ روپئي ٽين آني سارين جو مڻ وڪيو، تڏهن اوسي پاسسي وارا مبارڪون ڏيڻ آيا ته ”ڀاڳ وارو آهين!“ انگريزن انتظام کي ڄاتو. ماڻهو سچ چوندا هئا ته انگريز ’ڦيل مست‘ آهي،

اهڙي سستي ۽ سڀاڳي سمي ۾ مزمان مان ڪير ڪَڪ ٿيندو؟ دوست دل گهرُيا ته اکين تي، پر اوپرو سوپرو ايندو تڏهن به لک بسملاهيون. چائنٺ ٽپندي دل پئي بهار بهار ٿيندي، نه الڪو نه اوسيئڙو، نه ڏک نه ڏوهه، هرڪو ريان کيان پيو چرندو کائيندو هو.

عبدالرحيم انگريزيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربي به پڙهيل هو. انهيءَ عربي ۽ عجمي ميلاپ سبب سندس ذهن ۽ مزاج ڏاڍو رنگين ۽ نفيس هو. مطالعي جو شوق، اخبارون، رسالا، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب روز پيا وٺبا هئا، هاڻي ته خيرين سَلهين به ٻاهريان ڪتاب اکئين ڪونه ٿا ڏسجن، انهيءَ وقت جنگ هلندي به ڀريون ڪتابن جون ٻاهرينءَ دنيا کان روز بازار ۾ اينديون هيون، ۽ وري سستائپ اهڙي، جو ٻه_ٽي روپيا ڏيئي ڀري ڪتابن جي کڻ. اهڙي زماني ۾، ظاهر آهي ته مطالعو ۽ علم ڪيئن نه وڌندو، ذهني سوچ ۽ سمجهه ڪيئن نه وسيع ٿيندي!

سکر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ٿيندو هو، ۽ جڏهن خيرپور ۾ عبدالرحيم ويو ۽ منهنجو به اُتنهن اچڻ وڃڻ جام ٿيو، ان وقت عبدالرحيم جي وڏي ڀاءُ حاجي عبدالڪريم سان لڳولڳ ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ ساڻس به پنهنجائپ وڌي. عبدالرحيم ته لکن ۾ هڪ انسان هوئي، پر سندس ڀاءُ به اهڙو هو جو کيس سون ۾ تورجي تڏهن به سهانگو_ اصل لاکيڻو لعل، محبت ۽ قرب جا منجهس لانڍ ۽ ديرا هئا، ڏسڻ جو به ملوڪ مڙس هو: ڇُڙڪ بت، قد سڌو سنئون جهڙو درياهه جي نئين ٻيٽ جو چَهو، شڪل صورت جو مور، منهن موچارو، ان تي سنهي سونهندڙ سُنهاري، ڳالهائڻ نرم ۽ مهر محبت وارو، آواز ۾ ڏاڍو رس، نه ڏاڍيان ڳالهايائين، نه ڪڏهن ٽهڪ ڏيئي کليو، منهن تي مشڪ سا هميشه هوندي هئس. سندس ڏندن جي بيهڪ، سِٽا ۽ صفائي اڃا تائين ياد اٿم. جڏهن مرهائت کلندو هو ته ڄڻ موتين جي دٻلي کلي پئي. دل پئي گهرندي ته شل پيو کلي ۽ ويٺو ڏسجيس! مٿي تي ململ جي ڦيروين پڳ ڊگهي تُري سان، سنڌي ڳچيءَ سان ۽ ٻانهن ڪشادو پاسن وارو چولو، ڪڏهن اڇي ململ جو، ڪڏهن اسپينسر جي خاڪي پاپلين جو، هيٺ تي ڪائنچ اڇي هرک جي يا خاڪي لٺي جي. ڪوٽ مير محمد جي ٺهيل بخملي جتي ۽ ڪڏهن انگريزي سليپر پيرن ۾. پرهيزگار نيڪ نمازي، هر وقت تسبي (ستبيح) هٿ ۾. صلوات سڳوريءَ ۾ چپ پيا چرندا ۽ داڻا پيا سُرندا.

ماڻهو بيشڪ مذهبي هو، پر اهڙو سبق سکيو ڪونه هيائين، جو بحث ڪندي نڙيءَ جون رڳون ٻاهر نڪري اچن ۽ اکين جا تارا ڦوٽارجي وڃن ۽ ايندو ويندو سمجهي ته ڪو وڏو لٺ باٺو هلي رهيو آهي! هو نه اندر ۾ ابليس هو نه ٻاهر ۾ مُلون، نه ڪڏهن مرونءَ جي ماس ڏانهن وريو نه ڪڏهن ماڻڪ مٽايائين. هن سبق کان وڌيڪ سڄڻ ڏٺو هو. حاجي ميان عبدالڪريم، پاڻ ڪريم جن جي مزاج ۽ مذهب جو پوئلڳ هو. حاجي صاحب کي سڄي مخلوق خدا جي سان پيار هو سواءِ هڪ خانبهادر کهڙي جي، جيڪو ڪچي ۾ سندس دنگئي زميندار هو ۽ پاڻيءَ لٿي هميشه دنگ ۽ دڙيون زور تي سندس پاسي سوري زمين وڌائيندو ويو هو. زمين جي مسئلي ۾ اسان ٻَئي وڏي آزار ۾ هياسي، هن سان کهڙي صاحب جي کانهند ۽ مون سان انهن دنگن سور پور جي سلسلي ۾ ماماڻن جي مصيبت. درياهه ڇڏيندو، سُڪَ سرءُ ٿيندي ۽ اسان جا ٽپڙ ٽيشن تي. ٻئي اچي عبدالرحيم وٽ ڊهو ڊهه ٿينداسي. اتان نڪرنداسي ته سڌو سروي سپريڊنٽ وٽ يا خانصاحب نبي بهَڪِ کان ڊئيم (نبي بخش خان ڪلهوڙو مرحوم، ڊي_ايم) واريءَ ’بالا آفيس‘ ۾ گڏبا هياسي. ڪم گهٽ ۽ اوڀاريون لهواريون گهڻيون. ڪم ٿيندو يا نه، پر بالا آفيسرن وٽان ڏکوئجي ڪڏهن ڪونه نڪتاسي. انهيءَ دؤر ۾ آفيسر به مانائتا هوندا هئا. فضيلت، شرافت ۽ اخلاق جا وٽن ٻنا هئا. جي ڏيندا نه هئا ته ڏکوئيندا به ڪونه هئا.

حاجي صاحب جي دنگن جو فيصلو ڇا ٿيو سا خبر ڪانه پئي، باقي مون سان سو_ انگريز ويو، پاڪستان ٿيو، سنڌ ون يونٽ جي ڏوجهڙي ۾ وئي ۽ وري نڪتي، پاڪستان ۽ هندستان جون ٻه جنگيون ٿي ويون، بنگلاديش 25 ورهيه گڏ رهي جدا ٿي ويو، هڪ نسل ويو ٻيو ڦري آيو_ مامن وارو وڌل ڪال اڃا پيو سنڀران.

سانوڻيءَ جا ڏينهن هئا ۽ چوڏهينءَ جي چانڊوڪي، ڏکڻ جي هِير تي رات ڀڄي پئي هئي. حاجي صاحب نماز کان پوءِ ورد وظيفي ۾ مشغول هو ۽ مون به اڱڻ ۾ کٽ جي ڀِڪ سان آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ڪتاب پڙهيو. رات جا يارهن کن لڳا هجن، اوسي پاسي جي ڳوٺن وارا ماهيڙا کير وڪيون، خالي ڪينگهر ۽ چنئوريون مٿي تي رکيون، پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن واهو هئا. اوچتو ڪنهن آلاپ ڪري ڏوهيڙو ڏنو. بيت وسري ويو آهي، پر مطلب اڃا به جڏهن ياد پوي ٿو ته پلڪ کن پاڻ ۾ گم ٿيو وڃان:

نه درياهه کي پائيندڙ پئي!

نه واهڙ ڀڳا‘

نه کنڊ ڀڳو! ۽

نه ٻڪر واڙ آئي!

سڄڻ!

او منهنجا پرين!

ڀيڄ به اچي ڀيِني!

تون اڃا نه آئين!

ڇو؟

ڪڏهن اوسيڙو لاهيندين!

او منهنجا پرين!

ماهيڙو هليو ويو، پر آلاپ جو پڙاڏو گهڻي دير تائين فضا ۾ ترندو رهيو. مان ڪتاب هنج ۾ رکي، چنڊ کي تڪي رهيو هوس، ڏٺم ته حاجي صاحب به کٽ تان اٿي کڙو ٿيو آهي، هڪ ٻه ڦيرو هيڏي هوڏي ڏيئي منهنجي ڀرسان آيو.

”ٻڌوَ، سائين ميان حسام الدين شاهه!“

آءُ سندس ننڍي ڀاءُ جو دوست هئس، پاڻ عمر ۾ به وڏو هو، پر جڏهن ڳالهائيندو ته ’سائين ميان حسام الدين شاهه‘ چئي نالو کڻندو. سيد هجڻ کان سواءِ آءُ ’مرشد سڳورن‘ جي ’خاندان‘ مان به هوس، تنهنڪري عمر پنهنجي جاءِ تي، ادب ڪئين ڇڏبو؟

ڏٺم ته حاجي صاحب جي آواز ۾ گنڀيرائپ هئي، ڄڻ سندس دل ڀڄي پئي هجي.

سَرءُ شروع ٿي وئي هئي، درياهه شاهه لاٽ کان پوءِ ٻيٽ ۾ ڇڏيو هو ۽ مٿاهون ڪچو به سڀ ٻوڙيو هئائين. هَرنَ جي مند مٿان هئي، ڇَٽان شروع هيون، هَرَ اچي رهيا هئا. دنگن جي نبيري لاءِ هڪ دفعو وري ڪوشش ڪئيسين. حاجي صاحب به اچي پهتو ۽ اسان به هن ڀيري ٻئي ڀائر گڏجي ويا هئاسي.

آءُ ته بلڪل ڪورو آهيان پر علي محمد شاهه کي هر ماڻهوءَ منجها ڪانه ڪا بوءِ بهار جي ايندي آهي ۽ هو روحانيت جون رمزون سهي ڪري ويندو آهي.

رات جو گهڻي گهڻي تائين ڪچهري ڪري سمهي پياسي. مٿيون مُندان هيون، تنهنڪري ورانڊن ۽ کليل ڪمرن ۾ سمهياسين. صبح جو منهنجي اک کلي، ڏٺم ته حاجي صاحب پنهنجي کٽ تي اجرڪ جهُنڊِ ڪيون ورد وظيفي ۾ مشغول هو ۽ علي محمد شاهه، سُمِهيَڙ، پن جي لونگائي ٻيڙيءَ جا سوٽا ٿي هنيا. آخري سوٽو هڻي، ٻيڙي فرش تي اڇليندي چيائين:

”حسام الدين، حاجي صاحب ۾ مڙوئي ڪي داڻا اٿئي“ مان چيو، ”ڇو نه هوندا!“

لفٽ جو ڪانه ملي ته علي محمد شاهه کڻي چپ ڪئي.

حاجي، وليءُ خدا جو هو يا نه، پر ماڻهپي ۽ مرجات ۾ ولين کان به وڌ هو. خاص طرح ’پاڪستاني وليءُ‘ ته سندس جتيون سڌيون ڪن.

حاجي ميان عبدالڪريم کي هڪ اُڻ تُڻ خانبهادر کهڙي جي کانهند جي هئي ۽ ٻي فڪرات هئس، جو پٽ جي اولاد ڪانه هئس. جڏهن رب ۽ رسول جو نالو وٺندو هو ته دل هميشه ڀرجي ايندي هئس. ڀايان پير فقير جو لحاظ به انهيءَ ڪري گهڻو ڪندو هو، متان ڪنهن جي دعا ٿي وڃي، ورنه سندس مرشد مرهائت جي پهچ ۽ پيري ته پڌري پٽ هئي.

آءُ 58_1959ع ۾ منيلا ۾ هوس. هارٽ اٽيڪ بعد سخت نروس بريڪ ڊائون ٿي پَئي، جنهنڪري اونڌي ڪنڌ پيو هوس. يقين ڪونه هو ته سلامت وڃي  وطن جا وڻ ڏسندس. ڏيهئون ڏُور، قنڌارئون پري، هڪ ملڪ عجيب، نا اميديءَ جي حالت ۾ ڏينهن ۾ مهينا گذري رهيا هئا. هِت مارشل لا جي مصيبت هئي، هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هو. مارشل لا جو اوچتو آيو ته رات ۾ مڙس سڀئي ڳوڻيون اوطاق مان کڻائي پاڙي جي کوهه ۾ لهرائي ڇڏيون. کوهه سڄو مٺو ٿي پيو. صبح جو هُل ٿي ويو ته فلاڻي کوهه جو پاڻي قدرت سان شربت ٿي ويو آهي. خدا جي انهيءَ قدرت کي ڏسڻ لاءِ سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو. دوست کنڊ اڇلڻ جي نتيجي کي سوچيوئي ڪونه هو، سو جڏهن اهو احوال ڏٺائين ته ڪيڏانهن منهن ڪيون في الحال پاسيرو هليو ويو. اهڙيءَ طرح ٿوري گهڻي خامي جٿي ڪٿي هئي، سو هرڪو ڀاڄ ۾ هو. ڪن ماڻهن ته خوف ۽ هراس وچان آپگهات به ڪئي.

منيلا ۾ پاڪستان مان جڏهن اخبارون اينديون هيون ته کوليندي هٿ ڏڪندا هئا: يا الاهي خير! اوڙي پاڙي جو خير! هندو مسلمان جو خير! اهڙي گنڀير وايو منڊل ۾ منهنجي دل تي ڇڙو ربانيءَ جا دلچسپ خط ٿڌو ڇنڊو هڻندا هئا. منهنجي دل وندرائڻ لاءِ هو طرحين طرحين جا تجربا ۽ ٽوٽڪا لکي مون کي خوش ڪندو رهندو هو. خدا سندس ڀلو ڪري، منهنجي بيمار روح کي اهڙا خط لکي پيو وندرائيندو هو.

هڪ دفعي لکيائين: ’مهراڻ‘ موڪلجي ٿو. هونءَ ته سڄوئي سون آهي، پر ’ڪني آڱر‘ ضرور پڙهجو.

پرچو آيو، ڪهاڻي پڙهيم. مان هونءَ ته ڪهاڻيون ڪونه پڙهان، پر هن لاءِ ربانيءَ خاص طرح لکيو هو. سو پڙهيم ۽ اچرج ۾ پئجي ويس. خاص ماحول، خاص ڪردار ۽ خاص زبان. سڄي ڪهاڻي ائين پئي معلوم ٿي، ڄڻ اهو سڀڪجهه ڏٺل وائٺل آهي. درياهه، ڪيٽيون، هِيءَ ڀر، هُوءَ ڀر، ڀٽيون، مگرجي، صدرجي، ڪچي جا وڏيرا، ٿاڻيدار ۽ آخر ۾ خيرپور ۽ اُتنهن جي اٿڻي ويهڻي. ڪهاڻيءَ ۾ آندل ڪردار، نالا ۽ محاورا خالص ڪچي ۽ خيرپور جي ٻاهراڙيءَ جا هئا.

’ڪني آڱر‘ کان پوءِ به ساڳئي ڪهاڻيڪار جون ٻيون ڪهاڻيون مون پڙهيون، جهڙوڪ:

ڪافر، گذريل  واردات، زر ۽ زور، پهرين مراد، لالڻ واه جا ڇيڙا، ڳڻ وغيره.

دل ئي دل ۾ هن منفرد ڪهاڻيڪار جي فني استاديءَ، زبان تي قدرت ۽ ٻين کان هٽي پنهنجي لاءِ راءِ ڳولهي ڪڍڻ جو داد ڏيندو رهيس. مان محسوس ڪيو ته هن جو تعلق ضرور ڪچي ۽ خاص طرح خيرپور ميرس جي ڪچي سان آهي. آندل محاورا، لفظ ۽ ڪردار شهري يا نيم شهريءَ جي رَسَ کان ٻاهر آهن. اسان جا عام ڪهاڻيڪار ته پلاٽ، ماحول ۽ ڪردارن جا نالا به اڙدو ڪهاڻين تان وٺن ٿا.

هڪ ڏينهن حُسين منهنجي واتان انهن ڪهاڻين جي تعريف ٻڌي چيو: ”چاچا، نسيم کرل ته عبدالرحيم صاحب جو ڀائٽيو آهي.“ مان سوچڻ لڳس ته ’عبدالرحيم کي ڀاءُ هڪ حاجي عبدالڪريم، سو به اولاد جو طالب، هي نسيم کرل وري عبدالرحيم جو ڀائٽيو ڪئين ٿيو؟‘

مون کي حيراني اصل ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته سندن گهر جو علمي ماحول مون کي معلوم هو. حاجي صاحب پاڻ سنڌيءَ جو شاعر هو ۽ عبدالرحيم به لکندڙ ۽ مطالعي جو شوقين. جيڪو ماحول مون ڏٺو هو انهيءَ ۾ لکندڙ اولاد جو پيدا ٿيڻ ناممڪن ته نه هو. اولاد هميشـﮧ پنهنجي خانداني پس منظر ۽ گهرو ماحول ۽ تربيت جو عڪس ٿيندو آهي.

ستَ اٺ سال ٿيا، ۽ هڪ ڏينهن نسيم به نيٺ اچي نڪتو. معلوم ٿيو ته حاجي عبدالڪريم مرهائت جو فرزند آهي، پر شڪل شباهت ۾ وڏو فرق هو. هي قد جو منڌرو، بت جو ٿلهو ۽ بي ڊولو، منهن اڻ وڻندڙ حد تائين موڪرو، چَپَ ٿلها، شڪل شبهات خراب ته ڪانه چئجي، پر اها مرڪ ۽ ميٺاج ڪونه، ڳالهائڻ ٿلهو، تڪڙو ۽ آواز ۾ حاجي صاحب واري نرمي ۽ ملائمت ڪانه، سيل جي سگريٽن جو دٻو هٿ ۾، ان مٿان ماچس، وات ۾ سگريٽ، سُوٽي مٿان سُوٽو، وات مان نڪتل دونهون سامهن ويٺل ماڻهوءَ جي منهن ۾ پيو پوي. هن جو ڊيل ڊول، هلت چلت ۽ نمونو اهڙي نوجوان وڏيري جو ڏسڻ ۾ آيو جنهن جو پيءُ تازو مُئو هجي ۽ پٺيان چڱي رقم خرچ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويو هجي. ظاهر ۾ ته ڪونه پيو لڳي ته هيءُ ’ڪني آڱر‘، ’گذريل واردات‘، ۽ ’پهرين مراد‘ جهڙين ڪهاڻين جو لکندڙ آهي. اندر وري چيو ته: ٿي سگهي ٿو متان ڪَکَ هيٺان لک پيو هجي! البت اکين جي تيزي ۽ چمڪ ڪري ڪجهه شڪ، ڪجهه يقين ٿئي پيو.

ٿوري وقت اندر محسوس ٿيو ته نسيم کرل واقعي غير معمولي ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ادب جي نئين ٽَهِيءَ جو مجيري آهي. زبان سندس قبضي ۾ آهي، قلم سندس چيو ڪري ٿو، ۽ جيڪي لکي ٿو سو واقعاتي آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن پس منظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو.

هلندڙ دور جي ڪهاڻيڪارن جي، موضوع جي لحاظ سان، هيٺينءَ ريت گروهه بند ڪري سگهجي ٿي:

سنڌ جي قومي مسئلن جا ڪهاڻيڪار:

(1) ڊاڪٽر نجم عباسي،

(2) امر جليل.

سنڌ جي تاريخي عظمت کي بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار:

(3) آغا سليم،

(4) علي بابا.

سنڌ جي قومي ۽ درپيش مسئلن تي طنزيه انداز ۾ لکندڙ:

(5) رشيد ڀٽي.

شهر خواهه ٻاهراڙيءَ جا مسئلا ۽ انهن جون سماجي اوڻايون:

(6) نسيم کرل.

نسيم کرل زميندار گهر جو آهي. ڪچي ۾ زمين اٿس. عام ماڻهن سان اٿي ويٺي ۽ لهه وچڙ اٿس. مشاهدي جي قوت قدرت اڻ مئي ڏني اٿس. هو هوائي ڳالهيون ڪونه ٿو ڪري ۽ خيالي پلاءَ ڪونه ٿو پچائي. جن ڪردارن ۽ مسئلن تي هو لکي ٿو، سي ٻاهراڙيءَ جا عام ۽ عالم آشڪار مسئلا ۽ معاملا آهن. نسيم پنهنجي انهيءَ آس پاس مان واقعا ۽ ڪردار کڻي ٿو. پهرين پاڻ محسوس ڪري ٿو، پنهنجي انهيءَ احساس کي شڪل شبهات ڏئي اهڙيءَ استاديءَ سان قلمبند ڪري ٿو، جو جيڪي چاهي ٿو اهوئي تاثر پوريءَ شدت سان پڙهندڙن جي به پلئه پئي ٿو. واقعي جي مناسبت سان واقعي جي ماحول جا نج محاورا، لفظ، گفتا ۽ زبان استعمال ڪري ٿو. سندس هر ڪهاڻي جاندار، هُوبهو ۽ اثرائتي انهيءَ سبب ڪري ٿي پوي ٿي. لکندڙ جو ڪمال اهو آهي جو جيڪي ڪجهه لکي، زبان به انهيءَ لکت سان تعلق رکندڙ ڪتب آڻي.

نسيم کرل جي ڪهاڻين مان اُهي پڙهندڙ زيادهه مزو محسوس ڪندا، جيڪي انهيءَ ماحول ۽ ماحول جي زبان مان واقف هوندا. نسيم جو معاملو بنههِ اڙدو جي ليکڪ رشيد احمد صديقيءَ جهڙو آهي. هُنَ جا مزاحيا ۽ تخليقي مضمون علي ڳڙهه جي خصوصي ماحول جي پيداوار آهن. جنهن علي ڳڙهه جي ڪاليج کي ڪونه ڏٺو يا ان ۾ رهيل نه هوندو، ان کي رشيد احمد جي لکت مان ڪو خاص لاڀ ڪونه پوندو.

مثال لاءِ: ’زر ۽ زور‘ جي هيٺينءَ پيراگراف ۾ جيڪي تشبيهون يا زبان استعمال ڪئي وئي آهي سا خاص آهي:

’....... پورا پنج ڏينهن عبدالمجيد خان حويليءَ کان ٻاهر ڪونه نڪتو. نوران لاءِ پي سوچيو، جنهن جو قد ”مانجهاندڙيءَ“ وانگر سڌو ۽ ڊگهو هو، جنهن جو رنگ ”جوئر جي اٽي وانگر ڀورو“ ۽ ڳاڙهو هو، جنهن جون اکيون ڪجل بنا ڪاريون هيون، جنهن جا چپ ”لاليءَ“ بنان به ڳاڙها هئا، جنهن جون ڇاتيون چوليءَ جي ٽيڪ کان سواءِ به هندوڪش جبل جون ”ٻه جاڙيون چوٽيون هيون“ ۽ جنهن جو آواز اهڙو مٺو ۽ سريلو هو ڄڻ ”وڏي اسر مهل ڪنهن نار ۾ ٻڌل ڏاند جون ٽليون پيون وڄن......“

اهي مقامي تشبيهون خالص سنڌي ۽ ٻاهراڙيءَ جي خاص ماحول جون آهن. انهن مان اهو ئي پڙهندڙ پورو لاڀ لهي سگهي ٿو، جنهن کي پنهنجون شيون عزيز هونديون، پنهنجي ماحول کي حقير نه سمجهندو هوندو، انڌي تلقيد ڪرڻ جي عادت نه هوندس ۽ اهوئي پڙهندڙ انهن مان مزو ماڻي سگهي ٿو، جنهن انهن اهڃاڻن ۽ تشبيهن کي پاڻ ڏٺو هوندو ۽ انهن جي خوبين  ۽ خصوصيتن مان واقف هوندو.

اهڙيءَ طرح ’پهرين مراد‘ جا هيٺيان لفظ ۽ محاورا چورن ۽ ڪاٽڪن جي خاص ماحول ۽ استعمال جا آهن. انهيءَ زبان ۽ خاص لفظن ڪهاڻيءَ کي ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ مخصوص ڪردار ۽ عمل جي پوري تصوير اکين آڏو مجسم ڪئي ويئي آهي:

 

* ٽيون سال پاڪي کنئي

*آلوڙيون

*پِڙُ

*ڍُڪيون ڇِڙيون

*ڪِلو

*گورَ چرنديون

*ويڳَ ۽ ڀَلوڙَ ڇنان

*ڪينگرُ ٿي ڏهائي

*پانڌا سو چڱا اٿس

*ڳُڌَڻُ

*ست بسملاهيون

*ٻاڙائي

*ڍُنگُ مانن جو

*کاواري نه کاواري

*محبت جون لانڍيون

*ڏِڪَ پني ها

*کُرَ ڦاٽوڙي

*سباڻُ

*سَنجهان مهل

*سانڀَرُ

*گَهنجان

*آلوڙيون ڀُري پيون

*ربيع يا خريف

*سو تون ڪهڙا لالڻ ڪرين ها

*ڀاڙي شهرن جو

*سَوَ دلين جا پانور

*ٻه زالون پرڻيون ۽ ڪمايون سي

*کَلي جو زيٻٽ

*اُتر اوڀر ويندي پراوا ننگ نه تڪين ۽ نَڪ تي مَرُ نه لائين

*جنهن مُهانڊي پراوا ننگ تڪيا

*ڀانن جا ڀڙوا

*ڀوڳ ۾ ڀوڳ_ سابِهان جي سابِهان

*جَڙي وَهڙيءَ جيان ڇال ٿيون ڏِينئي

*کوڳَ

*ٻَٽڙَ

*گهُنج آ

*پيرن جو دٻڪو مارِ

*ويڳيون ڇنائون

*ستين مذهبين سوئر

*مون ڏي سَتَ خير اٿئي

انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خاص سماج ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان کي محفوظ ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌ سنئين نئين ٿئي، ماڻهو پڙهي پون، ۽ سماج مان غربت ۽ لاوارثيءَ سبب پيدا ٿيل اِهي برائيون ختم ٿي وڃن، ان وقت هن دؤر جي تاريخ لکندڙن کي اها ڪهاڻي تاريخي دستاويز طور ڪتب ايندي.

اهڙيءَ ريت فني ڪمال کان سواءِ ’ڪني آڱر‘ جي جملن، جوڙن ۽ لفظن جي سٽا پڻ خاص ماحول تي ٻڌل آهي. اها سٽا تيسين ممڪن ئي نه آهي، جيسين لکندڙ ۾ مشاهدي جي قوت، ادراڪ ۽ پنهنجي ٻوليءَ تي پوري قدرت ۽ پورو قبضو حاصل نه هوندو.

*پڦي نوران

*ناني حاجل

*ماسي زينب

*ناني ملياڻي

*لَمِڪا ڏيندي

*ناس جي دٻلي وَرَ مان ڪڍي

*مڙسالو

*راڪاس گهمي ويو

*پنڊ پهڻ ٿي وئي

*ناس جي چَپُٽي کن نڪ کي ڏئي

*ڳالهه پيرائتي ڪر!

*گهَڙي ته ويهه ڇوري!

*خميسي جي وانڍ

*سورهن آنا سچ

*وَڇيڙ، ڍڳي، مَهاري

*شبن ململ جا گهگرا، ملائي، ساٽن جون سٿيون

*عطر ۾ ٻڏل سائي ڳاڙهي ريشمي رومال ۾ ٻڌي

*چنڊ لٿي يا ڪُڪڙن جي پهرين دَسَ وقت

*ڍورُ سڌو ڪري باڪو وٺي

*شَد مَد سان گاريون

*پاڻ ڏي ساهيندي هئي

*نُورَ مِٺي جو قسم

*ٻن ٽن گهرن کان سواءِ اهڙو گهر بچيل ڪونه هو، جو زينت جي مرڻ بعد سندس جنازي کي ڪلهو ڏئي سگهي.

*ٿوري گهڻين پارين پاڻ جهڙي

*ڇوڪري جو روح سٽ ڏيندو هو

*گيسيون ڪري توبهه

*جواڻ جماڻ

*ڌڪ رحماني ڌڪ شيطاني، ٻار جو ڪهڙو قوت

*سُڄي هِتِ ٿي وئي

*پِچِڪِ ڪري زمين تي ٿُڪ اڇلائي

اهي لفظ، جملا، چوڻيون، نالا ۽ اهڃاڻ ٺيٺ سنڌي ۽ ٻاهراڙيءَ جي واقعاتي ماحول سان مخصوص آهن. ڪيترا اشارا ۽ اکر هڪ پوري پس منظر ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿا.

نسيم ٻهراڙيءَ جي واقعن ۽ واهڻن ۾ ٿيندڙ معاشرتي مسئلن کي ته آڏو آندو آهي، پر هن اتنهن جي زبان ۽ محاورن، ۽ لفظي اشارن کي به محفوظ ڪري هڪ وڏي ادبي خدمت بجا آندي آهي. شهرن ۾ رهي، سچ چئجي ته، اسان پنهنجي زبان وساري ڇڏي آهي. نسيم چڱيءَ قسمت وارو آهي جو سندس سچيءَ پچيءَ سنڌ سان واسطو هليو اچي ٿو.

نسيم تشبيهن ۽ لفظن جي سلسلي ۾ نه ڇڙو ٻهراڙيءَ جي زبان تي قبضو رکي ڄاڻي، پر منجهس ٻهراڙيءَ ۽ شهري زندگيءَ جو هڪ ئي وقت ۾ عجيب و غريب امتزاج آهي. شهرن جي فيشنيبل تشبيهن تي پڻ کيس اوتري ئي قدرت حاصل آهي. مثلاً: ’ڪرنٽ‘ ڪهاڻيءَ جي هنن تشبيهن جو سلسلو ڪيڏو نه دلچسپ ۽ هڪ خاص تهذيب ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ آهي:

’....... منهنجي وائف جي تند تند، نس نس پيار سان واندڪائيءَ ۾ ٺهيل آهي. هن جو جسم وينس جي بت جيان هر لحاظ کان مڪمل آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به فالتو ماس ڪونهي. سندس وهسڪيءَ جهڙي سونهري چمڙي، ساٽن جهڙي ترڪڻي آهي. سندس ڄنگهون شئمپين باٽل جهڙيون متناسب آهن ۽ سندس ڇاتيون فرانسيسي ڪانچ جا ٻه شفاف گول شئمپين پيگ آهن. سندس اکيون سدائين خماريل هونديون آهن. مون کي ساڻس شاديءَ ڪئي ٻارهن مهينا ٿيا آهن. پر هر ڀيري مون کي هوءَ هماليه جبل جي ڪا اَڻ سر ٿيل چوٽي لڳندي آهي......‘

’پهرين مراد‘ وارين تشبيهن کي ڏسي پوءِ مٿين اهڃاڻن ۽ استعارن کي پڙهبو ته نسيم جي ڪمال مشاهدي جي بيمثال قوت جو بي اختيار قائل ٿيڻو پوي ٿو.

تشبيهن کان علاوه انهيءَ ڪهاڻيءَ جي خاص ماحول کي نظر ۾ رکندي، نسيم هيٺين لفظن جي عبارت ۾ آميزش ڪئي آهي، جيڪي انهيءَ سماج ۽ پوءِ ڍائي نقلي معاشري سان مخصوص آهن:

*ڊرائنگ روم

*فرانسيسي دريون

*وڪٽورين ٽائپ ڊبل بيڊ

*هسبنڊ آهيان ميڊم!

*منهنجي وائف

*ڪِيپِ

*عورت نه آهي، فِلڪو جو فرج آهي، ٻاهران سهڻي اندران يخ

*ميلان جو فنڪشن

*مَمي

*پئرنٽس سان

*لوئر مڊل ڪلاس فيملي

*آفر ڪيو

*پنهنجي ڪَزن شاذيءَ سان شادي پروپوز ڪيان

*واءِ ڊونٽ يو انڊرسٽئنڊ

*آرٿوڊڪس فيملي

*فادر، باءِ فيس ۽ باءِ نيچر

*مولانا ٽائيپ

*آبجيڪشن ٿي سگهي ٿو

*اسان به مُسلمس آهيون

*ڊونٽ بي سلي، پپو!

*ڀلا ٽِرآءِ ڪرڻ ۾ ڇاهي؟ واٽ از دي هارم؟

*سمال فيل ڪنداسين

*واٽ اي فَني نيم

*رليجس مائينڊيڊ

*پريئرز آفر نه ڪندو آهي

*شادي اسلامڪ طريقي سان

*ويڊنگ ڪاسٽيومز

*ايسٽرن پرنسيز

*شرم کان بلڊ ريڊ ٿي وئي

*فادر جو ڪانفيڊنس گين ڪرڻ

*ڊارلنگ! آءِ لَو يُو فرام دي ويري ڊي آءِ سا يُو!

*پنهنجي ڪنٽريءَ ۾ افيئرس

*لائيف ۾ پرفيڪٽ لطف

*ٽيريبل حد تائين

*خيالن ۾ چينج آڻڻ

*روز شاور

*واٽ نان سينس

*شرٽ جي زپِ ۾

پلاٽ جزئيات جي تائين مڪمل ۽ سڀني طرحين چوڪس آهي. زبان ۾ انهن لفظن جي ملاوت انهيءَ مردود معاشري جي تصوير اکين اڳيان آڻي بيهاري آهي، جيڪو معاشرو پاڪستان ۾ غنيمت جي مال لٽڻ بعد، پوءِ ڍاون ”مسلمس“ ٺاهيو آهي ۽ جنهن جي خاطر سنڏ کي پاڪستان آئيڊو لوجي“، ”انٽي“، ”شاونزم“ ۽ ”پراونشلزم“ جو ن تهتون ۽ طعنا ٻڌڻا ۽ سهڻا پون ٿا. مڙيئي رنگيءَ جا رنگ آهن! ڪنهن جو وس نٿو پڄي نه ته اسان کي هوند جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وجهرائين!

[ ماهنامه ”سهڻي“، نسيم کرل نمبر 1974ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com