ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي
(قلعا، بازاريون، حويليون، باغ وغيره)
[هيءٌ مضمون 1959ع ۾، جنهن وقت آءُ منيلا (فلپائينس) ۾ بيمار
هيس، لکيو هيم. تحفـﺔالڪرام جو سنڌي ترجمو ۽
تحفـﺔالطاهرين منهنجي سامهون هئا. واندڪائيءَ جي
ورونهن طور هي ڪم ڪيم. خيال هو ته ڪراچيءَ پهچي
وڌيڪ مواد گڏ ڪري نقشن ۽ تصويرن سميت مضمون کي
مڪمل ڪبو، ليڪن نه وقت ملي سگهيو، نه مواد گڏ ڪري
سگهيس، ۽ نه شهر جو ڪو قديم نقشو ملي سگهيو جنهن ۾
تاريخي مقامات، پاڙا، حويليون، بازاريونج، مسجدون
۽ مزارون نروار ٿيل هجن. نيٺ چوڏهن سالن بعد لاچار
ٿي هيءُ مضمون هن اميد تي ڇپائي رهيو آهيان ته هن
بعد خدا ڪندو ڪو ٻيو لکندڙ اٿندو جيڪو آزاد سنڌ جي
انهيءَ قديم ۽ ملڪان ملڪ مشهور دارالسلطنت جي
تاريخي جاگرافيءَ جي تڪميل ڪندو. مزارون، مسجدون ۽
ڪيترا ٻيا تاريخي آثار ۽ اهڃاڻ اڃا موجود آهن، جن
جي ذريعي قديم شهر جو پورو پورو نقشو ڪڍي سگهجي
ٿو، پاڙا متعين ڪري سگهجن ٿا ۽ پراڻيون حدون قائم
ڪري تاريخ جي هڪ وڏيءَ ضروت کي پورو ڪري سگهجي ٿو.
هن مضمون سان گڏ ڪجهه تصويرون ۽ نقشا شامل ڪجن ٿا.
حسام الدين راشدي_ حيدرآباد، تاريخ 26_ آگسٽ
1972ع].
(1) قلعا
*
عالم پناه: اٺين صديءَ هجريءَ جي حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته
ٺٽي جي شهر کي چوڌاري ڪابه عالم پناه ڪانه هئي،
ڇاڪاڻ ته 772هه ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق ٺٽي
تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن ٺٽي جو حاڪم ڄام خيرالدين
ٺٽي مان نڪري وڃي ”آب“ جي قلعي اندر قلعي بند ٿيو،
۽ سلطان فيروز ٺٽي شهر ۾ اچي داخل ٿيو. ٺٽي کي
جيڪڏهن ٻاهران قلعو هجي ها ته هوند ڄام کي، گاديءَ
وارو شهر ڇڏي ’آب‘ جي قلعي ۾ پناه وٺڻي نه پوي ها.
انهيءَ کان پوءِ سمن جي دﺆر تائين اسان کي شهر جي
عالم پناهه جو ڪوبه نشان پتو ڪونه ٿو پوي. سمن جو
دﺆر سانتيڪو رهيو، تنهنڪري شايد کين قلعي جي ضروت
نه پئي. 927هه ۾ جڏهن شاهه بيگ ٺٽي کي فتح ڪيو، ان
وقت به قلعي جي سلسلي ۾ ڪا صراحت موجود ڪانه آهي.
ارغونن به پنهنجو وقت بنان شهرپناه جي پورو ڪيو.
پهريون دفعو، شهرپناه جو ذڪر اسان کي پورچو گيزن جي حملي کان
پوءِ 963هه ۾ ملي ٿو، يعني جڏهن پورچو گيز 963هه ۾
شهر کي ساڙي ٻاري، لُٽي ڦري ۽ خون خرابو ڪري موٽي
ويا، تڏهن ميرزا عيسيٰ ترخان، سلطان محمود جي جنگ
تان دست ڪش ٿي اچي، ٺٽي پهتو، ۽ شهر ۽ پنهنجي
حاويلين جي مرمت ڪرايائين، ۽ ساڳئي وقت قلعي حاڪم
نشين، جنهن ۾ اندر سندن حاويليون هيون، ان کي به
مضبوط ڪيائين ۽ شهر جي چوڌاري به عالم پناهه
ڪڍرائي شهر کي محفوظ ڪيائين
(1).
اهو قلعو غالباً مٽيءَ جو ٺاهيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پڪين
سرن جو ٺهيل هجي ها ته پوء به قائم هليو اچي ها ۽
اهڙيءَ طرح برباد نه ٿئي ها، جو اڄ ان جي هڪ سِر
به سلامت ڪانه ٿي ملي، حالانڪ جيڪي پڪ سرا قلعا
سنڌ ۾ هئا، تن جا آثار اڃا به موجود آهن، مثلاً
اروڙ جو قلعو، بکر جو قلعو، سيوهڻ جو قلعو، ۽ خود
ٺٽي جي ڀڪ ۾ تغلق آباد وارو قلعو.
قلعـﮧ حاڪم نشين: قلعـﮧ حاڪم نشين ان کي چئجي ٿو جيڪو شهر ۾
اندر موجود هو، ان ۾ حڪومت ڪندڙ گهراڻن جون محل ۽
ماڙيون هيون. اهو قلعو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو، ان جي
متعلق صحيح اطلاع ڪونه آهي. ليڪن اهو معلوم ٿئي ٿو
ته اهو قلعو 963هه کان اڳ ٺهيل هو
(1)،
۽ ارغونن جي ختم ٿيڻ بعد انهن محل ۽ ماڙين تي تون
حاڪمن يعني ترخانن قبضو ڪيو. ٽئين سال ۾ جڏهن
ميرزا عيسيٰ عالم پناهه ڪڍرائي، ان وقت انهيءَ
قلعي جي به مرمت ڪرائي ۽ ان کي وڍيڪ مضبوط ڪرايو
(2).
قلعي ۾ ڪيتريون محلاتون هيون، جن مان شايد ڪي ارغونن جون به
ٺهرايل هجن ۽ ڪي سمن جي دؤر واريون به هجن. ميرزا
باقيءَ جي زماني ۾ ڪيترن محلاتن جو پتو پوي ٿو.
مثلاً هڪ عمارت ۾ هن پنهنجي خاص معتمد ملا بهبود
کي رهايو هو(3).
ميرزا صالح جي آڪهه، ميرزا عيسيٰ جون بيگمات يا
ان جي متعدد پٽن جون ماڙيون جدا جدا هيون. ميرزا
غالب کي ميرزا باقيءَ قتل ڪرائي ان جي صغير ڀيڻ ۽
ڏاڏيءَ کي اصل واري محل مان لڏائي، ٻيءَ هڪ ماڙيءَ
۾ ويهاريو.
(1)
ترخانن جون اهي محل ۽ ماڙيون، 999هه جي آخر ۾، ميرزا جانيءَ جي
چوڻ تي، سندس پيءُ ميرزا پائنده بيگ ساڙائي ويران
ڪرائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته کين خطرو هو ته ممڪن آهن ته
خان خانان سان جاري ڪيل جنگ جو نتجو سندن حق ۾ نه
نڪري ۽ هو ٺٽي تي قبضو ڪري. نه فقط اهي محل برباد
ڪيا ويا بلڪ سموري شهر کي تهه و بالا ڪيو ويو. ٻار
ٻچا وٺي، پاڻ پائنده بيگ وڃي تغلق آباد جي قلعي ۾
رهيو، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ مضبوط ۽ جنگ جي سٽ سهڻ
جهڙو هو. انهيءَ تباهيءَ جو ذڪر ڪندي مير قانع لکي
ٿو ته ”برابر هڪ مهيني تائين ٺٽو برباد ٿيندو
رهيو، سموري شهر ۾ باهيون ڏنيون ويون، ماڻهو لڏي
ويا، شهر ويران ڏسي ڦورو شهر ۾ داخل ٿيا ۽ شهر
وارن جيڪو مال ۽ زر زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو سو
کوٽي کڻي ويا. هڪ اُٺ جي ڪرايي ۾ سامان جو برابر
اڌ ورتو ٿي ويو
(2) “
1000هه ۾ آخر سنڌ خان خانان فتح نه ڪئي بلڪ جانيءَ سان صلح ڪري
کانئس ورتي. جاني پنهنجي اميرن سميت خان خانان سان
گڏ اڪبر وٽ وڃي حاضر ٿيو. خان خانان جي ڪوشش سان
ٺٽي جي حڪومت وري کيس بطور جاگير جي ملي. پاڻ اتي
رهيو ۽ پنهنجي اميرن(3)
کي هن موٽائي موڪليو، جن ٺٽي پهچي ٻيهر لڏي ويل
ماڻهن کي آڻي شهر کي آباد ڪيو، ۽ سرڪاري قلعي خواه
محلاتن جي مرمت ڪرائي، انهن کي رهڻ جي قابل بڻايو.
ميرزا غازيءَ جو ذڪر ڪندي، تاريخ طاهريءَ(1)
جو صاحب لکي ٿو ته هن، قلعـﮧ حاڪم نشين اندر
پنهنجي رهڻ لاءِ ٻه نوان محل ٺهرايا، جن جي اندر
ديوارن تي نقش و نگار ۽ تصويرون ڪڍرايون ويون
هيون. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته 1000هه ۾ جيڪا تباهي
ٿي، ان بعد، باوجود مرمت جي به، محل ميرزا غازيءَ
پنهنجي رهڻ جي قابل نه سمجهيا ۽ هن نين عمارتن جي
تڪميل ڪئي. ليڪن افسوس آهي جو ميرزا انهن محلاتن ۾
گهڻو وقت گذاري ڪونه سگهيو، سندس سڄي زندگي شاهي
درٻار ۾ ۽ قنڌار جي حڪومت هلائڻ ۾ گذري.
ميرزا باقيءَ پنهنجي دور ۾ نه فقط شهر ۾ خون خرابو ٿي ڪرايو،
بلڪ قلعي اندر به متعدد دفعا قتل ڪرايا ويا. سندس
ابتدائي عهد ۾، ارغونن ميرزا عيسيٰ وانگر هن کي به
خزاني ورهائڻ لاءِ اچي تنگ ڪيو، جنهن تي هن هڪ
ڏينهن، سڀني ارغونن کي خزاني ورهائي ڏيڻ ۽ کين
دعوت کارائڻ جي بهاني سان اندر قلعي ۾ گهرايو.
جڏهن سڀ ارغون اچي ديوان ۾ گڏ ٿيا تڏهن هن سڀني کي
قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ان بعد شهر ۾ جيڪي ارغون رهجي
ويا هئا، انهن جي قتل جو به حڪم ڏنائين. مرد،
پوڙها ۽ ٻار ته ڪُٺا ويا بلڪ عورتن جي پيٽن ۾ جيڪي
ٻار هئا، سي به پيٽ جيرائي ڪڍرايا ويا ۽ انهن کي
به ٻه اڌ ڪيو ويو(2).
جڏهن ميرزا باقيءَ کي سندس پٽ ميرزا شاهه رخ جي موت جو پتو پيو،
تڏهن هو ايتري قدر ديوانو ٿي ويو، جو قلعي اندر
جيڪي عورتون هيون، انهن جا ٿڻ وڍائي ڇڏيائين ۽
سندن سٿڻن ۾ ٻليون وجهرايائين(3).
قلعي ۾ ڪيترا سامان ۽ آنّ رکڻ لاءِ گدام به هئا، ميرزا باقيءَ
اهي سمورا گدام اَنّ سان ڀرائي ڇڏيا هئا. پراڻي
آنّ مٿان نئون آن پيو پوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح آنّ
سڙي ويندو هو، تڏهن به اتعمال نه ڪرائيندو هو(1).
ترخانن جو آخري حاڪم ميرزا غازي 1021هه ۾ فوت ٿيو، جنهن بعد
مغلن جا نواب ٺٽي تي اچڻ لڳا. انهن نوابن جو قيام
به انهيءَ قلعي حاڪم نشين ۾ هوندو هو. شاهجهان
شاهزادگيءَ جي دؤر ۾ (رمضان 1035هه)(2)
ٺٽي آيو. خيال هيس ته قلعي ۾
اندر اچي رهندو، ليڪن کيس ٺٽي جي شاهي حاڪم شريف
الملڪ ٻاهران ئي ٻاهران، وڙهي موٽائي ڪڍيو.
شاهزادو دارا شڪوه جڏهن ڀاءُ سان اختلاف ڪري،
هندستان مان نڪري ٺٽي اچي پهتو، ان وقت ان جو
ارادو به انهيءَ قلعي ۾ رهڻ جو هو، ليڪن علعو شايد
ايتري قدر سادو ۽ ننڍو هو جو شاهزادي کي پسند نه
آيو، ۽ قباد خان
(3)
(67_1070هه) کي، جيڪو ٺٽي جو ان وقت حاڪم هو، حڪم
ڪيائين ته قلعو ۽ شهر ساڙائي ڇڏيو. پاڻ هڪ طرف کان
آيو ٻئي طرف کان نڪتو هليو ويو. شهر جي گهاٽ وٽ
حڪم جي تعميل خاطر چند ڀونگين کي باهه ڏني ويئي،
جنهن بعد اهو گهاٽ، ”سوختـﮧ گهاٽ“ جي نالي سان
مشهور ٿيو(4).
انهن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعو ۽ ان جون
محل ماڙيون گهڻيءَ حد تائين زبون ٿي ويون هيون،
جنهنڪري شاهزادي کي ان ۾ رهڻ پسند نه آيو.
ٺٽي جي شهر وٽ جيڪو درياء جو گهاٽ هو، ان تان لهي جيڪڏهن قلعي
طرف اچڻو پوندو هو ته واٽ تي گاءُ ڪش قاصائن جي
بازار مان لنگهڻو پوندو هو. چنانچه جڏهن 1099هه ۾
نواب مريد خان ٺٽي جو حاڪم ٿي اچي گهاٽ وٽ پهتو،
تڏهن هن شهر جي قاضيءَ محمد حسين ڏانهن نياپو
موڪليو ته قاصائن کي بازار مان دڪان کڻائي ڇڏيو.
ساڻس راجپوتن ۽ هندن جو لشڪر ساڻ هو، ممڪن آهي ته
لنگهندي ڪو خراب واقعو نه ٿي پوي. قاضي صاحب بجاءِ
هن جي جو قاصائن جا دڪان کڻائي ڇڏي، اٽلو دڪانن کي
ڳائي گوشت سان ڀرائي ڇڏيائين. آخر مجبور ٿي مريد
خان، جيڪو پاڻ به نومسلم هو، پنهنجي لشڪر سميت
اتان ئي لنگهي اچي قلعي ۾ پهتو. مير قانع جو چوڻ
آهي ته قاضي صاحب جي انهيءَ دليريءَ جو سبب اهو
هو، جو ان وقت حڪومت عالمگير بادشاهه جي هئي، جيڪو
”دين پرور“ هو(1).
ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ڀانئجي ٿو ته قلعو ۽ ان جون جايون مرمت
نه ٿيڻ سبب زبون ٿي ويون هيون. شايد ڪيتري زماني
کان مرمت ڪانه ٿي هئي، ۽ اهو ئي سبب هو جو دارا
شڪوه به ان ۾ رهڻ پسند نه ڪيو. جڏهن نواب حفظ الله
خان (1103_1112هه) ٺٽي ۾ آيو، تڏهن ان، ضرورت کي
محسوس ڪري، قلعي ۽ جاين جي مرمت ۾ هٿ وڌو. شايد
بادشاهه کيس شهر پناه ٺهرائڻ جو به حڪم ڪيو هو،
ليڪن هن پهريائين قلعه حاڪم نشين جي مرمت ڪرائي.
مرمت اڃا شروع ٿي هئي، جو سوابح نگار بادشاهه کي
رپورٽ ڪئي ته سرڪاري پئسا پنهنجي رهائش واري قلعي
۽ جاين تي صرف ڪيا وڃن ٿا، حالانڪ سرڪاري حڪم هو
ته شهر پناهه تيار ڪرائي وڃي؛ جنهن تي نواب کي
سرڪاري خزاني مان خرچ جي مجرائي ڪانه ملي، جنهنڪري
جو ڪم جتي هو، اتي ئي ڇڏيو ويو. مير قانع لکي ٿو
ته ”ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين
باقي آهي، نواب حفظ الله خان جو ٺهرايل آهي؛ ان جي
اڻپوري رهڻ جو سبب اهو آهي جو کيس مرمت جا پئسا
مجرا ڪونه ٿيا ۽ ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو، تنهنڪري مرزا
باقيءَ وارو (يعني ترخانن وارو) حصو قائم رهندو
آيو،(1).
مقالات ۾ مير جا لفظ هي آهن: ”تنمـﮧء ديوارها بگل
چيده، از بناي قديم ماند“(2).
ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته قلعي جون ديواريون
مٽيءَ سان لتل هيون، ۽ قلعو ڪچو هو، ڇاڪاڻ ته جي
پڪ سرو هجي ها ته مٿانئس مٽيءَ جي لنب جي ضرورت ته
هئي.
ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت جو ڪم حفط الله خان 1109هه ۾ شروع
ڪيو ۽ مرمت سان گڏ هن قلعي جي دروازي وٽ هڪ مسجد
به ٺهرائي، جنهن جو ذڪر اسان مسجدن واري عنوان ۾
ڪيو آهي، انهيءَ مسجد جي تعمير جو اهو ئي (1109هه)
سال آهي(3).
قلعي کي متعدد دروازا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان جي اوڀارين دروازي
جو ذڪر مير قالغ ڪيو آهي. مير احمد يار خان يڪتا
جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”پل عاليجان محاذي دروازه
مشرق قلعي ارک از آثار اوست“(4)اهو
واهه قلعي جي اوڀر کان وهندو هو ۽ ان تي اها پل
گذر گاهه لاءِ احمد يار خان پنهنجي زماني
(1116_1119هه) ۾ ٺهرائي.
عالمگير جي وفات بعد دهليءَ جي تخت تي ڪئين شهزادا تخت نشين
ٿيا، لٿا ۽ قتل ٿيا. ملڪ جو انتظام درهم برهم ٿي
ويو. ٺٽو چونڪه دور دراز مقام تي هو، تنهنڪري هتي
ته خاص طرح حالتون خراب ٿي ويون. نواب عطر خان،
فرخ سير جي دؤر ۾ ٺٽي تي حاڪم ٿي آيو. اهو حڪمران
ئي هو ته وري پنهنجي اثر رسوخ سبب ٺٽي جي رضوي
سيد، مير محمد شفيع لطف علي خان ٺٽي جي حڪومت لاءِ
حڪم نامو حاصل ڪيو. هُو جڏهن ٺٽي پهتو، تڏهن عطر
خان انهيءَ حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، قلعي ۾ بند
ٿي ويهي رهيو. قلعو ايترو ته ان دؤر ۾ به مضبوط
هو، جو پورا ٻارهن مهينا مير محمد شفيع مقابلو ڪيو
۽ محاصرو ڪيو، ليڪن قلعو فتح ڪري نه سگهيو. آخر
1126هه ۾ اوچتو عطر خان لڙائيءَ هلندي قتل ٿي ويو،
جنهن بعد قلعي تي مير محمد شفيع قبضو ڪيو(1).
1138هه کان پوءِ ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت لاءِ دهليءَ کان حڪم
آيو، ۽ انهيءَ ڪم جو مهتمم حڪومت طرفان سيد
سعدالله بن سيد محمد شجاع بخاريءَ کي ڪيو ويو.
مرمت جو ڪم ڪهڙو ٿيو، ڪيتري قدر ٿيو، ان جو تفصيل
موجود ڪونه آهي. مير قانع تحفـﺔالڪرام ۾ سيد محمد
شجاع المتوفي 1138 جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته_ ”سندس
فرزند سيد سعدالله مٿين خذمتن (جامع فرخ ۽ عيد
گاهه جي امامت) کان سواءِ، واهن ۽ کوهن کوٽائڻ ۽
ٺٽي جي قلعي اڏائڻ (مرمت) جي نگرانيءَ ۽ داروغپ ۽
بادشاهه پاران بيت المال جي داروغپ جي عهدن تي
رهي، زماني ۾ ممتاز رهي ويو“(2).
ٺٽي ۾ ٽي مذهبي عهدا هئا: هڪ شيخ الاسلام جو عهدو، جنهن تي
پوراني سادات فائز رهندا آيا؛ ٻيو قاضي القضات جو،
جنهن تي سيد شڪرالله کان پوءِ قاضي محمد اوچي ۽
کانئس پوءِ سندس اولاد مقرر ٿيندو رهيو؛ ٽيون قاضي
قلعـﮧء حاڪم نشين جو عهدو. قلعي جي قاضيءَ جو شايد
ٻاهرين معاملات سان واسطو ڪونه هوندو هو، فقط قلعي
جي معاملات تائين سندس مذهبي فيصلا محدود هئا. اهو
عهدو به هڪ خاندان جي حوالي رهندو آيو، ۽ انهيءَ
خاندان جي ڪن فردن جو ذڪر ڪندي مير قانع لکيو آهي
ته ”از قبيلـﮧ“ ”قاضات زاده قلعـﮧ“ وغيره. قانع جي
دؤر ۾ انهيءَ خاندان مان محمد اشرف نالي هڪ باذوق
۽ سخن فهم بزرگ هوندو هو، جنهن جي زبانيءَ ۾ مير
قانع مقالات ۾ چند روايتون نقل ڪيون آهن(1).
مير قانع انهيءَ خاندان جي هڪ ٻئي فرد جو پڻ ذڪر
ڪيو آهي، جنهن جو نالو عبدالقادر هو، ۽ ان جيڪا
نادر جي مرڻ جي تاريخ چئي سا نهايت موزون و مناسب
آهي. تاريخ آهي ته:
فتنـﮧء نادر چو برون شد ز ميان
راحت آمد بهمـﮧ عالميان
خوش خبر هاتف فرمود ز غيب
”محو شد آفت نادر ز جهان“ 1160هه(2).
قلعي جي متعلق انگريزي سياح ڪپتان هملٽن جي هڪ روايت آهي. ڪپتان
موصوف 1699ع/1111هه ۾ ٺٽي آيو ۽ اهو قلعو اچي
ڏٺائين. سندس قول آهي ته قلعي ۾ هڪ وقت پنج هزار
ماڻهو رهي سگهن ٿا.
قلعه حاڪم نشين ڪٿي هو، ان لاءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪو اطلاع ڪونه
آهي ته تحفـﺔالطاهرين جي مـؤلف ان جو ذڪر محلـﮧ
ڀائي خان ۾ ۾ ڪيو آهي(3).
اسان کي ٺٽي جي هڪ عمر رسيده بزرگ ٻڌايو ته مسجد
شاهجهانيءَ جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ ۾ جيڪو وڏو
ميدان پيو آهي، اتي قلعه حاڪم نشين هو. اها سموري
اراضي محلـﮧ ڀائي خان ۾ هئي. مسجد شاهجهاني ۽ مسجد
اميرخاني، هي ٻئي ڀائي خان جي محلي ۾ هيون. اها
روايت قرين قياس به آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي شاندار
مسجد ضرور انهيءَ ايراضيءَ ۾ ٺهي هوندي، جتي قلعو
۽ سرڪاري عمارتون يا اميرن جا رهائشي مڪان هوندا.
مٽيءَ جا جيڪي ڍير پيا آهن سي پڻ ڏيکارين ٿا ته
اتي ڪي وڏيون ديواريون ڊهي ڪِريون آهن.
قلعي جي چوڌاري ڪيترن بزرگن جون درگاهون هونديون هيون، جن جو
ذڪر محلـﮧ ڀائي خان جي تحت، تحفـﺔ الطاهرين ۾ آيو
آهي. مثلاً:
شيخ موسيٰ لانگاه عيسيٰ ترخان جي دؤر جو بزرگ آهي، سندس مزار
محلي ڀائي خان ۾، قلعي ارڪ سان متصل هئي(1).
ٺٽي جو ٻيو هڪ بزرگ پير ڇتو پڻ قلعي جي ڀڪ ۾ دفن
ٿيو
(2)،
ساڻس گڏ پير لال جي قبر هئي(3).
ميان درگاهي شاهه جيڪو نواب سعيد خان (1119هه) جي
دؤر جو بزرگ هو، جڏهن فوت ٿيو، تڏهن قلعي جي قريب
سپرد خاڪ ڪيو ويو. انهن سڀني بزرگن جون درگاهون
1190هه تائين سلامت هيون.
قلعي جي ديوار سان لڳولڳ ميان گلاب شاهه جو تڪيو هوندو هو. غريب
غربو، فقير خواهه مسافر ايندي ويندي اتي اچي ساهه
پٽيندو هو ۽ ڪنهن وقت ته ڪجهه ڏينهن تائين به
انهيءَ تڪيي ۾ رهي پوندا هئا. محمد ضياء مشهدي
عالمگير جي دؤر ۾ ٺٽي آيو، شاعر هو ليڪن فقيرمنش.
انهيءَ تڪيي ۾ اچي ڪيترو وقت رهيو. مير قانع لکي
ٿو ته نه فقط جوان هو بلڪ خوبصورت پڻ هو. سندس شعر
جو نمونو هي آهي:
آه سردي کز دلِ محزون بر آيد صبحگاه،
از براي ديو نفسِ سر کش ست تيرِ شهاب
(4).
(2) محلا
شوارين جو محلو: ٺٽي جو هڪ محلو هو. قانع لکي ٿو ته سيد نور
شاهه، جيڪو پيران پير جي اولاد مان بزرگ هو، ان
جون جايون انهيءَ محلي ۾ آهن. گويا اهو محلو
1181هه تائين ۽ ان کان پوءِ به موجود هو ۽ انهيءَ
زماني ۾ سيد نور شاهه جي اولاد مان پني لڌو شاه
هو، جيڪو ڪڇيءَ ۾ به رهندو هو ۽ انهن جاين جو به
وارث هو(1).
مير احمد بيگ جو محلو: مير احمد بيگ مزنگ، ميرزا جانيءَ جو خاص
امير هو. ميرزا غازيءَ کيس ”سلطان“ جو لقب ڏنو هو،
۽ جڏهن کيس قنڌار جي صاحبي ملي ان وقت اڳ ۾ احمد
بيگ کي ”اعتماد خان“ جو خطاب ڏيئي موڪليو هئائين.
سندس پُٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو ٺٽي جي اهم
ماڻهن مان هئا. پير پٺي جي ڏاڪڻ انهيءَ مير شرفوءَ
جوڙائي هئي. مير منون ۽ مير ڇتن، مير شرفوءَ جو
اولاد هئا، جيڪي پوئين زماني جي برک ماڻهن مان
ٿيا.
ٺٽي جو اهو محلو مير احمد بيگ جي ئي نالي تي منسوب ٿيو، ڇاڪاڻ
ته مير موصوف ۽ سندس اولاد جون جايون انهيءَ محلي
۾ هيون. مير قانع لکيو آهي ته اهو محلو اتي هو،
جتي هاڻي (1181هه) امير خاني رهن ٿا(2).
جامع شاهجهانيءَ جي اوڀارينءَ ديوار سان لڳولڳ اڄ
به اميرخاني سادات رهن ٿا، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي
اهو محلو سندن رهائش گاهه آهي، جڏهن کان مير
ابوالبقا امير خان ٺٽي جي نوابيءَ (1039_1041هه)
بعد ٺٽي ۾ مستقل رهائش شروع ڪئي ۽ اهو محلو ڦري
”محلو اميرخاني“ مشهور ٿيو. مير قانع اهو پڻ اشارو
ڏنو آهي ته مير احمد بيگ جي اولاد مان پوءِ ڪو
ڪونه رهيو. ممڪن آهي ته احمدبيگ جي اولاد ختم ٿيڻ
بعد امير خانن انهن جا ئي گهر وسايا هجن.
محلـﮧ غلـﮧ بازار: آنّ بازار اها ئي هئي، جنهن ۾ شاه مسڪين جو
مقبرو آهي. انهيءَ بازار جي چوڌاري واري ايراضيءَ
کي محلهء غلـﮧ بازار سڏبو هو، جتي مسڪين شاهه دفن
آهي، اهو ئي سندس گهر هو(1).
غلـﮧ بازار جي پويان الهندي طرف انهيءَ محلـﮧ ۾ هڪ مسجد هئي،
جنهن ۾ ميان ٺاري پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هو. اهو
بزوگ تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت موجود هو
(568)
سيد محمد ٺٽي جو هڪ ولي هو، قاضين جو سڄو محلو سندس مريد هو،
سندس درگاه اناج بازار جي اوڀر ۾ قانع جي وقت ۾
موجود ۽ عام و خاص ماڻهن جو زيارت گاهه هو (تحفـﺔ
604) (تحفـﺔ الطاهرين 101).
سيد محمد مڪائي، جنهن جي هڪ مزار حيدرآباد ۾ ٽڪريءَ تي آهي، ان
جي ٻي مزار غلـﮧ بازار ۾ هئي، ۽ قانع جي زماني
تائين موجود هئي (604).
ٻيا به ڪيترا بزوگ انهيءَ محلي ۾ آرامي آهن، جن جو ذڪر تحفـﺔ
الطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي. مثلاً:
شيخ فريد، جيڪو باطني ڪمالات کان سواءِ ظاهري علومن ۾ به يگانو
هو، ۽ 963هه ۾ فرنگين هٿان شهيد ٿيو، سو به انهيءَ
محلي ۾ پوريل هو(1).
حاجي محمد يعقوب، ٺٽي جو هڪ عارف ڪامل، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل
هو. انهيءَ بزرگ جو قول هو ته ”سڀني اذڪارن لاءِ
دل جو حضور شرط آهي، ۽ ان کان سواءِ جيڪو پڙهندو
ته قبول نه ٿيندا، ليڪن صلواة شريف بي حضور دل سان
به قبول پوندي“. چنانچه پاڻ به صلواة شريف تي
ايترو عامل هو جو ڪنهن به بيماريءَ تي هڪ دفعو
صلواة پڙهندو هو، ته مريض کي شفا نصيب ٿيندي هئي
(1)
.
ٻيو بزرگ سيد محمود نالي هو، جنهن جي پڻ مزار انهيءَ محلي ۾
هئي. انهيءَ بزرگ جي سلسلي ۾ تحفـﺔالطاهرين جي
مؤلف هڪ واقعو لکيو آهي. لکي ٿو ته مخدوم محمد
حافظ اُڌيجن جي ويٺل جو قول آهي ته جڏهن هو ٺٽي ۾
تعليم وٺڻ آيو، ان وقت هڪ مهه جبين ۽ ماه رو تي
عاشق ٿي پيو. عشق جو مٿس اهڙو غلبو ٿيو جو حاشيـﮧ
شميسـﮧ اٿلائيندو هو ته انهيءَ معشوق جو چهرو نظر
ايندو هيس ۽ جي تفسير بيضاوي کوليندو هو ته ان ۾
اکرن جي بجاءِ محبوب جا خد و خال ڏسندو هو. جڏهن
حالت سخت ناگفتـﮧ ٿيس تڏهن مٿئين بزرگ جي مزار تي
ويو ۽ دعا گهريائين، انهيءَ کان پوءِ فوراً مٿانئس
انهيءَ عشق جو غلبو لهي ويو(2).
انهيءَ محلي ۾، ”خشتي حويلي“ مشهور هوندي هئي. انهيءَ جي ڪنڊ ۾
هڪ ڪامل ولي سيد ابراهيم شهيد مدفون هو(3).
انهيءَ ئي محلي جي ڇيڙي تي ميربحرن جي ڍنڍ هوندي
هئي، جنهن جي ڪناري تي سيد ابراهيم مجذوب ۽ سيد
عبدالله جون قبرون زيارت گاهه هيون(4).
شيخ حسن، جيڪو مخدم اسحاق اربعائيءَ جو دوست هو، ۽
سندس مريد سيد ابراهيم جون قبرون هڪٻئي سان گڏ
انهيءَ محلي ۾ ڪنهن طرف هيون. پويون بزرگ جفر ۽
نجوم جو به ماهر هو، ليڪن جڏهن شيخ حسن جي نظر فيض
اثر مٿس پيئي تڏهن سڀيئي ڳاليهون وسري ويس(5).
پير بودهن جي مزار ڪرامت آثار به انهيءَ محلي ۾ هوندي هئي.
انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي هئي جو جيڪو ٻُچي
سندس قبر تي وڃي کاڏي گسائيندو هو، ان کي يڪدم
چاپئين ڏاڙهي ڄمي پوندي هئي. چنانچه شيخ محمد اعظم
مولف تحفـﮧالطاهرين جي هڪ دوست سان به اهڙو پسڻ
ٿيو(1).
بهرحال اهو محلو خداوارن جو آرامگاهه هو. محلو ۽ ان ۾ مٿي مذڪور
ٿيل سڀ زيارتون تحفـﺔالطاهرين جي تاليف 1190هه
تائين موجود هيون، ملا محمد عليءَ جو محلو: ملا
محمد علي ميرزا جاني بيگ ترخان جو امير هو، اهو
محلو سندس نالي سان مشهور هو، ڇاڪاڻ ته سندس جايون
انهيءَ محلي ۾ هيون، ۽ پوءِ سندس اولاد به اتي ئي
رهندي هئي. سندس پٽ محمد قاسم شاهجهاني وزير جعفر
خان جو منشي هو. ان جو هڪ پٽ محمد مقيم پيءُ کان
پوءِ پيءُ واريءَ جاءِ تي مقرر ٿيو، ۽ ٻيو پٽ محمد
عارف شهزادي ڪام بخش جي سرڪار ۾ منشيءَ هو. قانع
لکي ٿو ته انهن ملازمتن سبب ملا محمد عليءَ جو
سمورو اولاد لڏي وڃي دهليءَ رهيو، ٺٽي ۾ فقط انهن
جا ڏهٽاڻ وڃي رهيا، جيڪي مير قانع جي دؤر تائين
انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا(2).
ڀائي خان جو محلو: ملا گدا علي ”ڀائي خان“(3).
ميرزا جاني ترخان جو امير هو. اهو محلو سندس نالي
پٺيان مشهور ٿيو(4).
اهو محلو جامع شاهجهانيءَ جي اتر ۾، اميرخاني محلي
سان، جيڪو مير احمد بيگ جي محلي واري هنڌ تي آباد
ٿيو، ملحق هو. مسجد اميرخاني،جيڪا شاهجهاني مسجد
جي اترينءَ ۽ اولاهينءَ ڪنڊ تي ٿورو اڳڀرو آهي، سا
ان وقت محلي ڀائي خان ۾ هئي. ”چوڪ ملڪ مان“ ۽ ”چوڪ
عبدالغني“ انهيءَ مسجد جي ٻن طرفن مان هئا
(1)،
گويا اهي به محلي ڀائي خان ۾ هئا. اهو محلو شاهه
منبي جي مزار جي الهندي طرف کان هو. انگريزن جي
ڪوٺي به انهيءَ محلي ۾ انهيءَ جاءِ تي هئي جتي ان
کان اڳ مرزا حسين جي جاءِ هوندي هئي. مرزا حسين جي
جاءِ پوءِ ٿي، ان کان اڳ انهيءَ هنڌ سيد محمد باقر
۽ سيد محمد طاهر استرآبادي رهندا هئا.
استرآبادي سيد پوءِ باغائي سيد ڪوٺجڻ لڳا، ۽ اڄ تائين انهيءَ
لقب سان مشهور آهن. مير طاهر نسياني مولف ”تاريخ
طاهري“ انهن سيدن مان هو.
انهيءَ محلي ۾ هيٺيان بزرگ مدفون هئا، جن جو ذڪر قانع ۽ شيخ
محمد اعظم ڪيو آهي.
شيخ موسيٰ لانگاهه قلعـﮧ ارڪ (يعني قلعـﮧ حاڪم نشين) جي ديوار
سان لڳو لڳ دفن هو(2).
پير شاهي، جيڪو 963هه ۾ عيسائن جي محلي ۾ شهيد
ٿيو، سو پڻ انهيءَ محلي ۾ ”ملڪ مان چوڪ“ جي قريب
پنهنجي گهر ۾ دفن ٿيو(3).
شيخ اعظم جي مٿئين قول مان ظاهر ٿيو ته قلعـﮧ ارڪ پڻ محلي ڀائي
خان ۾ هوندو هو ۽ ”چوڪ ملڪ مان“ به انهيءَ محلي ۾
هو. قلعـﮧ ارڪ جي سلسلي ۾ ٺٽي جي هڪ بزرگ مون کي
ٻڌايو ته قلعو، جامع مسجد جي ڏاکڻي داخلي دروازي
جي سامهون جيڪو ميدان پيو آهي ان ۾ هوندو هو قرين
قياس به اهوئي آهي. ترخانن جڏهن قلعو تعمير ڪيو ته
ان جي چوڌاري هنن پنهنجي اميرن کي ويهاريو ۽ قلعي
جي چوڌاري وارا محلا انهي ئي اميرن جي نالي پٺيان
مشهور ٿيا، جيئن ته محلي ڀائي خان جو پتو به قلعي
جي قريب پوي ٿو. مير احمد بيگ جو محلو به محلي
ڀائي خان سان متصل هو، جنهن ۾ پوءِ اميرخاني آباد
ٿيا، ۽ اڄ تائين اهو محلو انهيءَ ئي جاءِ تي آباد
آهي. اهو محلو به قلعي سان گڏ هو. مغلن پنهنجي دؤر
۾ جامع شاه جهاني به قلعي ارڪ جي سامهون ٺهرائي.
سيد لطيف شاهه جي مزار انهيءَ قلعي ۾ هئي. انهي بزرگ لاءِ شيخ
اعظم لکيو آهي ته شاهه ڦاڦڙو شهر جي وڏن واپارين
مان هو. کيس نهايت ئي خوبصورت پُٽ هو_ ”بغايت
خوبروئي کـة آفتاب از پرتو عذارش خيره، و ماهتاب
از رشک جمالش تيره“_ سيد صاحب جو ان مـﮧ جبين ۽
پري روءِ سان عشق مجازي ٿي ويو. آخر جڏهن خواري
ٿي، تڏهن لکو شاهه سير جي بهاني سيد کي ٻيڙيءَ ۾
وٺي ويو ۽ وچ درياهه ۾ پهچي ڳچيءَ سان پٿر ٻڌي،
درياهه ۾ اُڇليائينس. بزرگ ٻڏو ڪونه بلڪ پٿر ڪپهه
جهڙو هلڪڙو ٿي درياهه ۾ ترڻ لڳو ۽ بزرگ به ٻيڙيءَ
سان گڏ هلڻ لڳو. اها ڪرامت ڏسي لکو شاهه حيران ٿي
ويو، ۽ آخر سيد کي موٽائي شهر ۾ وٺي آيو ۽ پُٽ کي
شافي بنائي بزرگ کان پنهنجي قصور جي معافي ورتائين(1).
پير ڇُٽي جي مزار مير متين الدين خان حسين (المتوفي 1177هه)(2)
امير خانيءَ جي حويليءَ سان گڏ هئي(3).
ان مان پڻ اهو ظاهر ٿيو ته ڀائي خان جو محلو تمام
وڏو هو_ شاهه منبي جي مزار جي اولهه کان شروع ٿي
جلمع شاهه جمانيءَ جي اترينءَ ديوار کان ٿيندو
امير خاني محلي جي اتر سان وڃي ٿي لڳو. پير صلاح
الدين هڪ هندي بزرگ جيڪو ڄام فيروز (914_930هه) جي
دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو، انهيءَ محلي ۾ مدفون ٿيو(1).
پير ڇتو جو ڪامل ولي پڻ انهيءَ محلي ۾ ڪنهن هنڌ
دفن ٿيل هو(2).
شيخ اعظم، شهر جي پس گردائي (سواد بلده) جي بزرگن جو ذڪر ڪندي
لکي ٿو ته ميان زاهد شاهه جي مزار محلي ڀائي خان
جي اوڀر ۾ اتي آهي، جتي سندس تڪيو هوندو هو ان مان
معلوم ٿئي ٿو ته محلي ڀائي خان جو ڇيڙو شهر جي
ٻاهر تائين ٿيو ٿي.
مير فرخ ارغون جي ٺهرايل ”جامع فرخ“ به انهيءَ محلي ۾ هئي. مسجد
سان متصل جيڪو 963هه ۾ شهيدن جو گنج ٺهيو، ان جو
ذڪر شيخ اعظم انهيءَ محلي هيٺ ڪيو آهي. مير فرخ
ارغون شاهه حسن ارغون جو عزيز هو. هن اها مسجد
دستور موجب پنهنجي رهڻ واري حويليءَ جي قريب
ٺهرائي هوندي. گويا ارغون خواهه ترخان حڪمرانن جي
رهڻ جو هنڌ (قلعـﮧ ارڪ) انهيءَ ئي ايراضيءَ ۾ هو،
۽ اتي ئي آسپاس سندن امير ۽ عزيز رهندا هئا. اهو
محلو ۽ مٿي بيان ڪيل زيارتون 1190هه تائين موجود
هيون.
اهو محلو غالباً ٺٽي جي مشهور خواجه شڪر جي نالي پٺيان آباد
ٿيو، جنهن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽي برهان پوريءَ
سان گڏ ساموئيءَ ۾ آيا. تحفـﮧالڪرام ۾ آهي ته_ چون
ٿا ته آڪر (محلي) جي رهاڪو انصارن جو هڪ ٻيو
قبيلو، ڏاڍيءَ طاقت وارو ۽ دولتمند هو ۽ اهو قبيلو
وڏو هو. مشهور خواجه شڪر جي اولاد، جن جا وڏا شيخ
عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏ برهانپور کان آيا هئا، سي
به دراصل انهن جا گماشتا هئا (تڪ 484)، جن انصارين
جي زوال بعد دولت ۽ امارت ۾ زور ورتو. جڏهن اهي به
زوال هيٺ آيا، تڏهن وري، بقول قانع ٺٽي جي، ڪشمشي
واپارين پئسي ۽ واپار ۾ ڪنڌ کنيو.
محله خواجه شڪر: ان محلي جو ذڪر تحفـﺔالطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي.
اهو محلو ڀانئجي ٿو ته شهر جي بلڪل ٻاهرين پاسي ۾
هو، ۽ خود اهو محلو، بقول مير قانع، شهر جي اولهه
۾ هو ۽ نهايت مشهور هو(1).
محمد اعظم شهر جي آسپاس (سواد بلده) وارن بزرگن جو
ذڪر ڪندي لکيو آهي ته پير ڇَتي جي درگاهه خواجه
شڪر جي محلي جي اولهه ۾ قاصائن جي پاڙي ۾ آهي(2)؛
گويا محلي جي اولهه کان قاصائن جو پاڙو هوندو هو.
سيد حاجي مؤذن، جيڪو حال ۽ قال جو بزرگ هو، سو انهيءَ محلي ۾
مدفون ٿيو. هڪ ماڻهوءَ جي اکين جي ديد اهڙي جهڪي
ٿي ويئي جو ڏسڻ وائسڻ کان بيهجي ويو. هن بزرگ وٽ
ويو، چيائينس ته سرائي سرمي مان ڀري سڄيءَ اک م
ڦيرائي چئو ”لالـﮧ الاالله نورالعينين“، کٻيءَ اک
۾ گهمائي چئو ”محمد رسول الله سيدالڪونين“. هن
ائين ڪيو، نور اوجر ٿي پيس، اهڙيءَ طرح جو
اونداهيءَ ۾ به بنان روشنيءَ جي شيءَ نظر ايندي
هيس(3).
سيد اسماعيل به ٺٽي جو وڏو ڪامل بزرگ هو، جيڪو پڻ انهيءَ محلي ۾
آرامي هو(4).
1190هه تائين اُهي مزارون ۽ اُهو محلو موجود هئا.
محله مرزائي بازار: انهيءَ نالي جو محلو ۽ بازار ٻيئي ارغون ۽
ترخان دؤر جا هئا. مرزا باقيءَ جي پهرئين سال
ارغونن ساڻس بغاوت ۽ سرڪشي ڪئي. شهر جي جنهن حصي ۾
ارغونن جي بود و باش هئي، اهو مرزائي بازار کان
ڏکڻ ۾ هو. ترخان نامـﮧ جو مؤلف لکي ٿو ته ارغونن
مرزا باقيءَ جو ڪوبه ماڻهو محلي مرزائي بازار، اگر
محلي ۽ مغلواڙي ۾ ڪونه ٿي ڇڏيو. هڪ ڏينهن مرزا
باقيءَ ڏانهن هنن نياپو موڪليو ته مرزائي بازار
کان اتر طرف جيڪو شهر آهي سو تنهنجي حصي ۾ آهي، ۽
بازار جي ڏکڻ حصي وارو پاسو اسان جي قبضي ۽ ملڪ ۾
آهي(1).
آخر انهيءَ سرڪشيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هڪ
ڏينهن سڀني ارعونن جي دعوت ڪري کين قلعي ۾ گهرائي،
مرزا باقيءَ سنڌي سپاهين هٿان کين قتل ڪرائي ڇڏيو.
قريب هزار ارغون ان ڏينهن قتل ٿيا ۽ جيڪي بچيا
انهن ڀڄي وڃي سکر ۾ سلطان محمود وٽ پناهه ورتي.
مٿئين مذڪور مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سرڪاري عمارتون، قلعـﮧ
حاڪم نشين وغيره، شهر جي اُترئين حصي ۾ هيون.
محله اگر: آگريو يا اگر محلو، چيو وڃي ٿو ته اگريه قوم جي نسبت
ڪري مشهور ٿيو. انهيءَ قوم جي ماڻهن جا انهيءَ
محلي ۾ ڪثرت سان گهر هئا. اها قوم لوهارڪو ڌنڌو
ڪندي هئي، ۽ جڏهن سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق مشهدي،
ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ 901هه ۾ مشهد کان لڏي
ساموئيءَ ۾ آيا، تڏهن اها قوم، سيد يعقوب جي مريد
ٿي. قانع لکي ٿو ته آگره قوم جو اولاد اڄ تائين
(1181هه) انهيءَ سيد(2)
جو مريد آهي.
اصل سنڌيءَ ۾ لفظ ”آڳڙيا“ آهي، جيئن ”شاهه لطيف“ پنهنجي بيتن ۾
ان کي آندو آهي. مثلاً:
اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سرائي
پاڻي پياري، تيغون ڪندا تکيون
___
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ
لاهيندا مورياڻ، رُڪُ ڪريندا پڌرو
___
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن
مترڪن منـﮧ ڪڍيا، سانداڻيون سَهڪَن
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي_ (يمن ڪلياڻ)
مٿين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي لوهار ڦيري به ڪندا هئا، ۽
ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن جا ڪٽ کاڌل اوزار صفا ڪندا هئا،
۽ مُڏن اوزارن کي سِر اڻن تي چاڙهي تکو ڪندا هئا.
ترارن کي پاڻي ڏيڻ، صاف ڪرڻ ۽ تکي ڪرڻ ۾ به ڀَڙُ
هوندا هئا، ڦيريءَ کان علاوه مستقل دڪان به هوندا
هئن، جن ۾ لوهه ۽ رڪ جا اوزار هر نموني ۽ هر قسم
جا ٺهندا هئا.
مٿئين مذڪور مان ظاهر آهي ته اهو محلو 901هه کان گهڻو اڳ آباد
هو.
انهيءَ محلي ۾ انصارن جو به هڪ قبيلو رهندو هو، جيڪو طاقت ۽
دولت ۾ ناميارو هو. خواجه شڪر جي اولاد، انهن جا
گماشتا هئا. اهي انصار آخر زوال ۾ آيا، ۽ انهن کان
پوءِ سندن گماشتن (خواجن) زور ورتو ۽ اهي ٺٽي جي
الهندي واري مشهور محلي خواجه شڪر، ۾ رهندا هئا(1).
اهو محلو ڪيترن ناميارن بزرگن جو مسڪن هو، جيئن ته مخدوم فيض
الله، جيڪو پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ صاحب ڪمال
بزرگ هو، انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ درس ڏيندو هو.
ٺٽي جو مشهور ولي سيد علي ثاني سندس شاگرد هو. ان
جو فرزند سيد جلال ثاني، جيڪو مير صالح ترخان جو
نياڻو ۽ ترخان نامـﮧ جي مصنف سيد مير محمد جو والد
هو، سو به انهيءَ ڪامل استاد جو شاگرد هو. سيد جو
اولاد انهيءَ بزرگ جي اولاد جو گهڻو ادب ڪندو هو،
۽ تبرڪاً پهرين ڦرهي کانئن لکرائيندا هئا. قانع
لکي ٿو ته سيد عليءَ جو پوٽو سيد علي اصغر انهيءَ
محلي ڏي پير به ڊگها ڪري نه سمهندو هو(1).
ٺٽي جو هڪ ٻيو وڏو عالم ۽ سالڪ مخدوم محمود به انهيءَ محلي ۾
رهندو هو، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد به اتي گذاريو(2).
خصرت مخدوم نوح هالائيءَ جو مريد ۽ الله وارو
بزرگ، ميان مٺو، گذاريندو ته گهڻو جامع فرخ ۾ هو،
ليڪن سندس رهڻ جو حجرو آگر ۾ هو(3).
مير قانع جو قول آهي ته سيد علي ثانيءَ جي ميلي
کان واندا ٿي، فقير انهيءَ حجري وٽ اچي گڏ ٿيندا
آهن. مخدوم نوح عليـﮧ رحمت جي ٻئي مريد سلطان قمر
جو حجرو به انهيءَ محلي ۾ هو، جتي پڻ سيد عليءَ جي
ميلي کان موٽي، فقير اچي گڏ ٿيندا هئا(4).
اهي ٻيئي حجرا مير قانع جي زماني (1181هه) تائين
انهيءَ محلي ۾ موجود هئا.
ٺٽي جي ڪيترن الله وارن جا آخري آرام گاهه انهيءَ محلي ۾ هئا،
جن جو ذڪر شيخ محمد اعظم ڪيو آهي، مثلاً:
سيد محمد قادري، جيڪو نواب حفظ الله خان جي زماني ۾ (1103_
1112هه) حيات هو، سو انهيءَ محلي ۾ آرامي آهي.
ساڻس گڏ سندس ڀاءُ سيد شاهنواز جي مزار آهي(1).
هڪ ٻيو ڪامل پير بدر به انهيءَ محلي ۾ ستل آهي،
جنهن لاءِ شيخ اعظم لکيو آهي ته هڪ ڏينهن ڪٿان ويو
ٿي، واٽ تي هڪ ماڻهو پيٽ جي سور ۾ تڙپي رهيو هو،
ان کي چيائين ته مٽي کڻي پيٽ کي مَل؛ هن ائين ڪيو،
۽ فوراً پيٽ جو سور دفعي ٿي ويس(2).
حاجي مؤذن جي مزار به آگر ۾ هئي. اهي سڀ مزارون
1190هه تائين موجود هيون. شيخ اعظم، حاجي مؤذن
عليـﮧ رحمت جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته_ اکيون نيز طوائف
انام براي انجاح مدام خود بمرقد وي سائل شوند، و
بکام دل باز روند_ نورالله مرقده“(3).
963هه ۾ انهيءَ محلي تي به گوا جي عيسائن حملو ڪيو هو، ۽
تقريباً ٻه سؤ ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾، بقول شيخ
اعظم_ ”درميان شان بسيار اهل پرهيز و تقويٰ و صاحب
صدق و صفا بودند_“ انهن کي هڪ هنڌ دفن ڪري، گنج
شهيدان ٺاهيو ويو، جيڪو ٻارهن صديءَ جي اختتام
تائين زيارت گاهه هو(4).
سُرَهِيَن جو محلو: ٺٽي جا سُرَهيا، جيڪي ريشم ۽ ڀرت خواهه
زراندوزيءَ جو ڪم ڪندا هئا، سي سڀ انهيءَ محلي ۾
رهندا هئا. اها قوم پنهنجي تجارت سبب نهايت
شاهوڪار، خوشخور ۽ خوش پوشاڪ هئي. ڪي ٿورا منجهن
غريب هئا، ورنه گهڻو ڪري سڀئي آسودا هئا. آچارن ۽
چٽڻين ٺاهڻ ۾ اها قوم برک هئي، چنانچه اڄ تائين به
شڪارپور خواهه لاڙڪاڻي جا سُرهيا تمام سٺو آچار
ٺاهين ٿا.
سيد محمود، ٺٽي جو ڪامل بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ دفن به
اتي ئي ٿيو(1).
محلـﮧ نورسيه: ابتدا ۾ اهو محلو ”خواجن جو محلو“ ڪري سڏبو هو،
ڇاڪاڻ ته ان ۾ خواجا قوم ڪثرت سان رهندي هئي.
غالبهاً اهي اُهي خواجا هئا، جن کي بقول قانع رسول
آباد جي درس لَلي نالي هڪ بزرگ، غوث الٽقلين جي
اشاري تي اچي مسلمان ڪيو هو ۽ اهو بزرگ پاڻ به
انهيءَ ئي محلي ۾ قيام پذير ٿيو(2).
ٺٽي جي مشهور خوش نويس سيد عليءَ جو پوٽو، سيد احمد، انهيءَ
محلي ۾ رهندو هو(3).
سيد مير محمد جيڪو مٽياري سيدن مان هو ۽ ڪرامتن
وارو بزرگ هو، سو به انهيءَ محلي ۾ گذاريندو هو.
ببالائي ڳوٺ جا سومرا انهيءَ بزرگ جا مريد هئا
(4).
خواجن کان سواءِ انهيءَ محلي ۾ ٻيون قومون به
رهنديون هيون، ۽ ڪيترن ساداتن جا به گهر انهيءَ
محلي ۾ هئا. مير قانع جي زماني ۾ (1181هه) انهيءَ
محلي جو نالو ڦري ”محلـﮧء نورسيو“ ٿيو. ”جمله پير
وارو ميدان“ انهيءَ محلي ۾ هوندو هو، جتي درس ملو،
شيخ عثمان، شيخ يعقوب ۽ درس امين محمد اچي روزانو
گڏبا هئا. انهيءَ محلي ۾ ۽ انهيءَ ميدان جي سامهون
ٺٽي جي قديم مسجد هئي، جيڪا مير قانع جي وقت ۾
”محمد قائم واري مسجد“ڪري سڏبي هئي. انهيءَ ئي
مسجد ۾ درس لَلي اچي قيام ڪيو هو(5).
محله ڪشمشيان: هي محلو به ٺٽي جي مشهور محلن مان هو. هن ۾ ڪشمش
يا کڻي چئجي ته سڪي ميوي جا واپاري رهندا هئا.
انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي ۾ خود ڊاک ۽ انگور ڪثرت سان
ٿيندا هئا. قنڌار ۽ بلوچستان کان به ٺٽي ۾ تمام
گهڻو ميوو ايندو هو. غالباً ميوي جو سمورو واپار
انهيءَ محلي جي ماڻهن جي هٿ ۾ هو. مير قانع لکي ٿو
ته پهريون انصاري دولت ۾ مشهور هئا، انهن جي زوال
بعد وري سندن گماشته خواجه زور ۾ آيا، انهن جي
برباديءَ بعد دولت ۽ امارت ۾ ڪش مسشي واپارين ڪنڌ
کيو(1).
اهو محلو ميرڪن جي محلي جي اوڀر ۾ هو، ۽ انهيءَ محلي جي پٺيان
جهنگل هوندو هو(2).
گويا شهر جي اوڀر ۾ انهيءَ محلي تي شهر جو اختتام
هو، جنهن بعد ٻيلو هو.
سيد ابراهيم، جيڪو حضرت راجو قتال جو پوٽو هو، ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي
رهيو، ان جي مزار انهيءَ محلي جي الهندي ۾ هئي.
قانع لکي ٿو ته ڪئين بزرگ انهيءَ مزار جي زيارت
مان فيض ياب ٿيا(3).
1181هه ۾ اهو محلو ۽ اها مزار موجود هئي.
محله مسواڪ ڪشان: ”مسواڪ ڪشان“ جو مطلب ته اهوئي آهي ته جيڪي
ڏندڻ ٺاهيندا هئا. اهي انهيءَ محلي ۾ رهيا ٿي ۽
انهنا جو تعداد ايترو وڏو هو، جو آخر محلو ئي انهن
جي نالي تي سڏجڻ لڳو. اڳي انگريزي برش، ڏندن کي
صفا ڪرڻ لاءِ ته ڪونه هئا. هر ڪو نم، ٻٻر يا کٻڙ
مان ٽاري ڀڃي، ان مان ڏندڻ ٺاهي، هر نماز کان اڳ
وضوءَ جي وقت ڏيندو هو. ٺٽي جي آبادي لکن کان مٿي
هئي، ۽ شهر جا باشندا به متمدن ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ
خواه عادتن اطوارن ۾ نهايت اوج تي پهتل هئا. انهن
جي شان وٽان اهو نه هو ته هو پاڻ وڻن مان ڏندڻ ڀڃي
هڻن، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ڏندڻن جي واپار لاءِ
ٺٽي ۾ هڪ خاص قوم هئي، جيڪي ”مسواڪ ڪش“ مشهور ٿيا
۽ انهن جو ڌنڌو ئي اهو هو ته هو ڏندڻ ٺاهي پاڻ وٽ
رکن ۽ اتان ٺٽي جو هرڪو فيشن ايبل ماڻهو ڏندڻ خريد
ڪري.
ٺٽي جو مشهور خوش نويس سيد محمد فاضل انهيءَ محلي ۾ رهندو هو،
جنهن جا ٻه پٽ سيد محمد بزرگ ۽ سيد نظام الدين
عالمگير جي شروع وارن ڏينهن ۾ دربار ۾ حاضر ٿي،
شاهي عهديدارن ۾ وڃي داخل ٿيا. مير محمد بزرگ به
پيءُ وانگر خوش نويس هو(1)،
۽ نظام الدين به ڪيترن ئي وصفن سان سينگاريل هو(2).
سنگتراشن جو محلو: ٺٽي جو هي محلو آرٽ، ڪاريگريءَ ۽ صنعت جو
نهايت اهم مرڪز هو. ان ۾ سنگتراش رهندا هئا، جيڪي
پٿرن تي نقش و نگار ڪڍندا هئا، ۽ مٿن اکر اُڪريندا
هئا. مڪليءَ جي مزارن جا پٿر گهڻو ڪري انهيءَ محلي
جي ماهرين فن جا شاهڪار آهن.
ڪي ته چٽ ساليءَ جا پاڻ ئي ماهر هئا ۽ ڪي ٺٽي جي ڪنهن چٽ سال
کان پٿر تي نقش ڪڍرائي، پوءِ پاڻ ان جي اڪر ڪندا
هئا. قرآن شريف جون آيتون، نسخ ۽ طغرائي خط ۾ ۽
ڪتبا فارسيءَ جي نستعليق خط ۾ ٺٽي جي استاد ڪاتبن
۽ خوش نويسن کان ڪڍرائيندا هئا، ۽ پوءِ ان جي اُڪر
پاڻ ڪندا هئا_ جيئن ته جامع شاه جهانيءَ جا ڪتبا
مختلف ڪاتبن جا لکيل آهن، ليڪن اُڪر انهيءَ محلي
جي سنگ تراشن جي ٿيل آهي. خود سنگ تراشن مان ڪي
ماهر خطاط هئا، ۽ چٽ ساليءَ ۾ پڻ بي مثال هئا.
بهرحال مڪلي انهيءَ محلي جي فنڪارن جي فني مهارت
جو مظهر آهي. جڏهن کان ٺٽي مان امير ويا، عالي
خاندان ختم ٿيا، رسنديءَ پڄنديءَ وارا ماڻهو زوال
هيٺ اچي ويا، قبرون ڪچيءَ مٽيءَ جون ٺهڻ لڳيون،
ڪتبن جي ضرورت باقي نه رهي، شهر ۾ مسجدن ۽ عاليشان
عمارتن جو ٺهڻ بند ٿي ويو، تڏهن سنگ تراشيءَ جو فن
ٺٽي مان موڪلائي ويو ۽ انهيءَ فن جا ماهر به ختم
ٿي ويا.
تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت، اهو محلو موجود هو، ڇاڪاڻ
ته مير قانع لکي ٿو ته مارﱞندراني ساداتن جي اولاد
مان سيد مير نالي هڪ بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهي ٿو(1).
نقارچن جو محلو: ٺٽي جي هن محلي ۾ نقارچي رهندا هئا، جن کي
سنڌيءَ ۾ ”لنگهو“ چيو ويندو آهي. ٺٽي ۽ ان جي آس
پاس وارن شهرن ۾ جڏهن شاديون ٿينديون هيون، ميلا
ملاکڙا لڳندا هئا، مڪليءَ تي پيرن فقيرن جا عرس
ٿيندا هئا، شهر خواه ٻهراڙيءَ ۾ ڪو خاص خوشيءَ جو
موقعو ٿيندو هو، ته انهيءَ محلي جا نقارچي ئي
پنهنجا ساز سرود ۽ دهل دماما کڻي وڃي موج لائيندا
هئا ۽ مچٽا مچائيندا هئا. ڀانئجي ٿو ته نقار چين
جي گهرن جو به ڪو وڏو تعداد انهيءَ محلي ۾ هو،
جنهنڪري محلو ئي سندن نسبت سان مشهور ٿي ويو.
گجرات کان آيل بخاري ساداتن جي اولاد مان هڪ سيد، مير نالي،
انهيءَ محلي ۾ رهندو هيو(2).
مغلواڙو: ٺٽي جو مغل واڙو ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ 20_1121هه کان
اڳ آباد ٿيو. دولت شاهي ۽ نور گاهي مغلن جي هڪ
ٽولي مير قاسم ڪيبڪ ارغون جي سرڪردگيءَ هيٺ شاهه
بيگ کان ڇڄي ڄام فيروز وٽ اچي ٺٽي پهتي. ڄام سنڌ
جي سپـﮧ سالار ۽ مملڪت جي وزير اعظم خان دريا خان
جي اقتدار ۽ اثر کان تنگ هو. هن انهن مغلن جو اچڻ
غنيمت سمجهيو، ۽ سندس خيال هو ته هو انهن جي ذريعي
خان اعظم جو اثر ۽ اقتدار زائل ڪندو. ڄام کين ٺٽي
جي هڪ پر فضا ۽ بهترين حصي ۾ جايون ڏيئي آباد ڪيو(1).
انهيءَ محلي جو انهن مغلن جي نسبت سان ”مغل واڙو“
نالو پئجي ويو. اهي مغل شافعي ال مذهب جا هئا.
انهن آخر ڄام فيروز تي ڇا بلڪ سموريءَ سنڌ تي ڏکيو
ڏينهن آندو. ڌاريو ڀلا ڪٿي پنهنجو ٿيندو! منجهانئن
ڪيبڪ ارغون ٺٽي مان وڃي شاهه بيگ ارغون کي حڪومت
جي ڪمزورين کان آگاهه ڪري، سنڏ تي حملي ڪرڻ لاءِ
لال چايو. اسباب ٻيا به گهڻا هئا، ليڪن انهن مان
هڪ اهو به هو. ارغون آيو ۽ آخر سنڌ هٿن مان ويئي.
شاهه بيگ 927هه ۾ سنڌ فتح ڪري، ارغونن کي به انهيءَ محلي ۾
جايون ڏنيون. محلي جي آس پاس خوبصورت ۽ دلڪش باغ
هئا، آب و هوا کليل هئي ۽ محلي جي جاءِ وقوع نهايت
موزون ۽ مناسب هئي. بهرحال، اهو محلو، جيئن اسان
مٿي مرزائي محلي ۾ ڏيکاري آيا آهيون، شهر جي ڏکڻ ۾
هو، ۽ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين، جيئن ڪتابن
مان معلوم ٿئي ٿو، موجود هو.
سيد احمد بن سيد محمد عابد مشهدي، پنهنجي ڀاءُ سيد سميت 910هه ۾
ايران کان حج جي ارادي سان ساموئيءَ ۾ اچي پهتو.
موسم جو انتظار ٿي ڪيائين، جو سندس ڀاءُ سيد محمد
اوچتو فوت ٿي ويو. سيد دل شڪستو ٿي ساموئيءَ ۾ ئي
رهجي ويو. 927هه ۾ شاهه بيگ انهيءَ سيد کي به
ساموئيءَ مان لڏائي مغل واڙي ۾ آڻي ويهاريو.
درس ملو، محلي نورسيـﮧ مان اٿي اچي انهيءَ محلي ۾ رهيو، ۽
ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين سندس اولاد اتي
رهندي آئي(1).
ٺٽي جو مشهور خدا رسيدو بزرگ، شاهه ڪرگنج، مغل
واڙي جي اتر ۾ جيڪو جهنگل هو، ان جي ڪناري سان
تڪيـﮧ ۾ رهندو هو. فوت ٿيڻ بعد انهيءَ تڪيـﮧ ۾ ئي
دفن ٿيو. پير شاهه مراد شيرازيءَ جو والد، سيد
احمد شيرازي، انهيءَ بزرگ جو نهايت ئي معتقد هوندو
هو، ۽ روزانو سندس خدمت ۾ پيو حاضر ٿيندو هو(2).
شاهه موصوف جو دوست شاهه شمس به ساڻس گڏ دفن ڪيو
ويو(3).
تحفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته ٺٽي جي هڪ بزرگ
سيد ورايي جي مزار انهيءَ محلي ۾، ”قاضي غفران
پناهه“ جي مسجد سان لڳو لڳ آهي(4).
معلوم نه آهي ته قاضي غفران پناه مان ڪنهن ڏي
اشارو آهي. ممڪن آهي ته اهو اشارو قاضي محمد اُچي
عليـﮧ رحمت جي اولاد مان ڪنهن ڏانهن هجي! جيڪڏهن
اسان جو اهو قياس صحيح آهي ته پوءِ قاضي محمد
اُچيءَ کي به شاهه بيگ ارغون اُچ مان گهرائي
انهيءَ ئي محلي ۾ ويهاريو ٿو ڏسجي. اڄ تائين سندس
اولاد حيات آهي، ۽ شهر جي ڏکڻ ۾ سندن گهر موجود
آهن.. مغل واڙو به شهر جي ڏاکڻين حصي ۾ هو، گويا
جتي هاڻي قاضين جا گهر آهن، ان جي آس پاس وارو
علاقو مغل واڙو هو. قاضين جي گهرن سان گڏ هڪ ننڍي
مسجد به آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته قاضي محمد
اُچيءَ ٺهرائي هئي ۽ پوءِ بار بار ٺهندي آئي. شايد
مٿيون اشارو انهيءَ مسجد ڏانهن هجي. ليڪن اهو
معاملو تڏهن واضع ٿي سگهندو، جڏهن سيد ورايي جي
مزار ڳولي لهجي. ٺٽي جي ٻن ٻين بزرگن_ پير بودلي ۽
سيد هريي_ جون مزارون به هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ
محلي ۾ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هيون(1).
اهي ٻيئي بزرگ به وڏين ڪرامتن جا صاحب هئا.
سيد بايزيد، سيد اسماعيل ۽ پير غيب به انهيءَ ئي محلي ۾ مدفون
آهن. پويون بزرگ ترخاني دؤر جو آهي. انهن ٽنهي
بزرگن جي ڪرامتن جي پڻ شيخ اعظم ڏاڍي تعريف ڪئي
آهي(2).
اهڙيءَ طرح سيد ورو شاهه شيرازي، سندس مريد سيد
سومار ۽ سيد حسين هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ محلي ۾
دفن ٿيا. انهن سڀني بزرگن جون مزارون ٻارهين صديءَ
جي پڄاڻيءَ تائين مرجع خلائق هيون(3).
963هه ۾ عيسائين جيڪو حملو ڪيو، ان ۾ مغل واڙي اندر ٻه گنج
شهيدان ٺهيا. بازار اميربيگ جي ڀر ۾ جيڪا مسجد
هئي، ان ۾ جيڪي شهيد ٿيا، سي تقريباً ٻه سؤ کن هئا
۽ منجهن ڪيترا ابرار ۽ احرار هئا. انهن کي مسجد جي
ڏاکڻينءَ ديوار سان گڏ، گڏي، هڪ هنڌ دفن ڪيو ويو.
اهڙيءَ طرح ٻه سؤ کن مسلمان بازار اميربيگ جي رستي
۾ قتل ڪيا ويا. انهن کي مٿئين گنج شهيدان جي ڀڪ ۾
جدا دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح مغل واڙي ۾ ٻه گنج
شهيدان ٿيا، جن جي ساسلي ۾ شيخ محمد اعظم لکي ٿو
ته_ از روات ثقات منقول است که زيارت ايشان در حين
مشکلات اضطرار و پريشاني را بفرح و شادماني بدل
گردانند و ناکامان را بکام دل رسانند(4).
انهيءَ مذڪور مان اهو ظاهر آهي ته بازار امير بيگ انهيءَ محلي ۾
هئي.
محله گدا بازار: ٺٽي جو هيءُ محلو انهيءَ بازار جي نسبت سان
مشهور ٿيو؛ اها بازار محلي منجهه موجود هئي.
ٺٽي جو هڪ ڪامل بزرگ، پير لڌو، جنهن کي شيخ محمد اعظم ”مسيح
زمان“ لکي ٿو، انهيءَ محلي ۾ دفن ٿيو. چون ٿا ته
جتي دفن ٿيو، اهو حقيقت ۾ سندس دڪان هو، ۽ ان ۾
ڪپهه وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪندو هو. پاڻ نهايت حسين ۽ جميل
هو. هڪ دفعي شاهه مراد گودڙيو، جڏهن ڪڇ کان آيو
تڏهن انهيءَ بازار مان اچي لنگهيو؛ جڏهن پير لڌي
جي دڪان تي پهتو، تڏهن سندس سهڻي صورت ڏسي بيهي
رهيو. پير لڌي به دڪان تان اٿي، بزرگ جا پير
پڪڙيا. شاهه مراد جي ساڻس محبت ٿي ويئي ۽ روزانو
اچي سندس دڪان تي ويهندو هو. شيخ محمد اعظم لکي ٿو
ته آخر هڪ ڏينهن_ ”بنظر کيميا اثرِ خود، کار وـﻵ
تمام ساخت و رسيد به آنچه رسيد“ انهيءَ ڏينهن بعد
پير لڌي پنهنجي چهري کي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو. انهيءَ
بزرگ جي دڪان جي ڀر ۾ مهاڻن جا گهر هوندا هئا. شيخ
محمد اغظم لکي ٿو_ جيئن مهاڻين جي عادت آهي، هو
روزانو صبح جو اٿي پاڻ ۾ جهيڙو ڪنديون هيون. بزرگ
جي دڪان تي ايندڙ ويندڙ جا ڪَن کاڄي ويندا هئا،
آخر جهيڙي جو انبوهه ۽ گارين جو طوفان ٻُڌي هڪ
ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ بزرگ سان شڪايت ڪئي، جنهن تي
بزرگ کيس نهايت دل نشين جواب ڏنو، فرمايائين_
”باکي نيست، باري بهر رنگ صبح خود را بيدارمي
دارند“(1).
يعني ”ڀولو نه آهي! بهرحال، ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾
صبح جو ساجهر ته اٿن ٿيون(2).“
سيد علي ثانيءَ (981هه)(1)
جو معاصر پير عباس به انهيءَ
محلي ۾ دفن آهي. انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي
هئي جو جنهن کي ڪاري يا سفيد چٽيءَ جو مرض کل تي
ٿيندو هو، اهو اُن جي قبر تان مٽي کڻي مالش ڪندو
هو، خدا جي مهربانيءَ ۽ بزرگ جي برڪت سان فوراً
شفاياب ٿيندو هو. انهيءَ قسم جا مريض هر ماه
پهرئين آچر تي مڇي ماني نذر طور کڻي وڃي مزار تي
حاضر ٿيندا هئا. تحفـﮧالطاهرين جو مؤلف لکي ٿو ته
هو پاڻ به انهيءَ مرض ۾ هڪ دفعي مبلا ٿيو، ۽
انهيءَ بزرگ جي ئي مزار تان کيس شفا حاصل ٿي(2).
اها مزار اڄ آهي يا نه، ليڪن 1190هه ۾ موجود هئي.
شاهه مبين، جنهن کي سيد منبو به سڏيو ويندو آهي، سو جڏهن ارغونن
جي دؤر ۾ سيد شڪرالله شيرازي سان گڏجي ٺٽي ۾ پهتو(3)،
تڏهن انهيءَ محلي ۾ هڪ معتقد جي گهر ۾ اچي رهيو،
زندگي اتي بسر ٿيس ۽ جڏهن فوت ٿيو، تڏهن انهيءَ ئي
گهر ۾ دفن ٿيو، گدا بازار ۽ ان جي نسبت سان محلو
انهيءَ زماني ۾ موجود هو. شاه موصوف جي مزار اڄ به
موجود آهي، جنهن مان انهيءَ محلي جو محل وقوع
معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڀائي خان جو محلو، بقول مير
قانع، انهيءَ مزار جي اولهه ۾ هو.
محلهه مسڪر: هن محلي جي متعلق نه تفصيل نه اجمال ملي سگهيو آهي.
اهو به معلوم نٿو ٿي سگهي ته اهو نالو مٿس ڇو پيو(1)؟
انهيءَ محلي ۾ جيڪي بزرگ مدفون ٿيا اهي هي آهن:
پير محمود، جنهن جي مزار_ ”درحين مشکلات، کام روائي ناکامان و
گره کشاي کار فروبستگان_“ هئي، سا انهيءَ محلي ۾
چئي وڃي ٿي(2).
شاهه ڏتو، جو سيد شڪرالله شيرازيءَ جي دوست سيد ڪمال جو صحبتي
هو، سو به انهيءَ محل ۾ دفن ٿيو، سيد ڪمال کانئس
ظاهري تعليم ورتي هئي(1).
سيد ڪمال جي حويلي پڻ انهيءَ محلي ۾ هئي. جڏهن دنيا مان برقعو
مٽايائين، تڏهن اتي ئي پنهنجي حويليءَ ۾ دفن ٿيو(2).
انهن چئن يارن مان سيد عبدالله شاه جي درگاهه،
جنهن لاءِ ڪنهن شاعر چيوآهي:
زهي بريز نور حق مزار شاهه عبدالله
سراغ جنتي الماويٰ بيابد زاير از آنجا
برنگ شعشـﮧءِ خورشيد انور هر صباح و شام
همي بينم تجليات حق را باهر از آنجا
مڪليءَ تي آهي. سيد شڪرالله جي مزار انهيءَ درگاهه جي قريب آهي:
سيد منبو ٺٽي ۾ دفن ٿيل آهي، سندس درگاهه اڄ به
موجود آهي، ليڪن هن چوٿين يار جو مدفن، جيڪو مسڪرن
جي محلي ۾ هو، اڄ آهي يا نه، پتو ڪونه ٿو پوي.
سيد دائود ۽ سيد اسماعيل، انهيءَ محلي جي هڪ مسجد ۾ دفن ٿيا(3).
ميان نورشاهه مجذوب، جيڪو شيخ اعظم جو معاصر هو،
سو انهن ٻنهي بزرگن جي پيرانديءَ کان لحد ۾ لاٿو
ويو(4).
مير عبدالعلي بن سيد محمد بن سيد ابوالفتح بن سيد
ڪمال الدين بن سيد بدرالدين مارﱞندرانيءَ انهيءَ
محلي ۾ هندن جي مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي هئي(1).
خبر نه آهي اها ئي مسجد مٿين بزرگن جو مدفن گاه
هئي يا ڪا ٻي مسجد.
پير ڇتو، جنهن جو ذڪر اسان مشڪين باغ جي سلسلي ۾ ڪري چڪا آهيون،
سو پڻ انهيءَ محلي ۾ شهيد ٿي دفن ٿيو(2).
اهو بزرگ جتي دفن ٿيو، اتي سمن جي دؤر ۾ شاهي باغ
هوندو هو، اهو محلو پوءِ انهيءَ باغ جي محل وقوع
تي آباد ٿيو.
شيخ اعظم جي روايت آهي ته انهيءَ محلي ۾ ٺٽي جي هڪ وڏي ڪرامت
واري بزرگ سيد حاجيءَ جي مزار هوندي هئي، جيڪا
زماني جي دست برد سبب منهدم ٿي ويئي هئي. ميرزا
فتح علي بيگ نالي هڪ مغل امير انهيءَ جاءِ تي هڪ
”زيبا و پرن گار قصر“ ٺهرائي، جنهن ۾ هو رات ڏينهن
عيش و عشرت ڪندو هو. سيد حاجيءَ ڪيترا دفعا کيس
خواب ۾ آگاهيءَ اشارا به ڪيا، ليڪن هن پنهنجي ڌن،
دولت، امارت ۽ وجاهت جي غرور ۾ ڪوبه توجهه ڪونه
ڪيو. آخر ماڻهن ڏٺو ته چند ڏينهن جي اندر ئي ان
مغل جي دولت ناس ٿي ويئي، پاڻ مفلس ٿي ويو ۽ اهو
محل ويران ٿي ويو، ۽ آخر ڪنهن ڏينهن زمين تي وڃي
پيو(3).
سيد ابراهيم، جنهن لاءِ تهفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته_ ”کلام
فيض التيامش بحدي قبوليت داشت، هرچـﮧ بر زبان
مبارڪ وي جاري گشتي، همـﮧ دم راه به اجابت کشودي“_
انهيءَ مسجد ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جو نالو ”لکي
مسجد“ آهي(4).
ٺٽي جو هڪ ٻيو بزرگ، زين العابدين نالي، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل
هو(1).
اهو محلو شايد شهر جي ٻاهرين پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته
تحفـﺔالطاهرين جو مؤلف، ”سواد بلده“ (شهر جي پس
گردائيءَ) ۾ ستل بزرگن جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پير
بدر، جيڪو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو ڏهٽاڻ هو، سو
محلي مسڪر جي اولهه ۾ دفن ٿيل آهي(2).
تحفـﺔالطاهرين جي لکڻ تي به اڄ ٻن سوَن ورهين جي طويل زماني جو
گرد و غبار ڇڙهي ويو، انهيءَ وقت ته اهو محلو ۽
انهن الله وارن جون مزارون ۽ مقبرا موجود هئا. اڄ
انهن مان شايد ئي ڪنهن جي قبر سلامت هجي.
سهتيهه محلو: هي محلو، غالباً ارغونن جي ڏينهن کان به اڳ آباد
هو. ارغونن جي دؤر ۾ سيد محمود گجراتي، جيڪو ٺٽي
جي بخاري ساداتن جو مورث اعليٰ هو، انهيءَ محلي م
اچي ويٺو. اهو بزرگ جامع فرخ جيڪا (938هه) ۾ ٺهي ۽
عيدگاهه جو امام ۽ خطيب هو(3).
ٺٽي جا مفتي به غالباً پوئين زماني ۾ لڏي اچي انهيءَ محلي ۾
رهيا. شيخ اعظم، پير کٿوريي لاءِ، جيڪو 963هه ۾
عيسائين جي حملي ۾ شهيد ٿيو، لکي ٿو ته ”متصل
خانـﮧ مفتيان“ دفن ٿيل آهي(4).
انهيءَ محلي ۾ ڪشمشن جو پاڙو به هو، جنهن جي قريب،
سيد ابراهيم(5)
۽ پير کٿوريي جون قبرون هيون. پويون بزرگ نواب
شريف الملڪ (35_1037) جي زماني جو آهي(6).
انهيءَ نواب جو هڪ خاص ملازم سورجمل پير کٿوريي جي
پاڙي ۾ رهندو هو، ۽ پير سان هميشه کاهند پيو ڪندو
هو. آخر تنگ ٿي بزرگ نواب ڏانهن عريضو موڪليو،
جنهن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، پاڻ هيڪاري پير
سان ايذاءُ وڌي ويو. آخر هڪ ڏينهن تنگ ٿي، پير وڏي
واڪي فرمايو ته_ ”خدا ڪندو هڪ ڏينهن اهڙو به
ايندو، جو شريف الملڪ کي ڦاهو ايندو ۽ سورجمل کي
جيئرو کوهه ۾ اڇلايو ويندو“. جڏهن شاهزادو شاه
جهان ٺٽي ۾ آيو، ان وقت انهن ٻنهي شهزادي سان
ناگفتـﮧ بـﮧ سلوڪ ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن شاه جهان
تخت تي ويٺو، تڏهن شريف کي ڦاهيءَ تي چاڙهيائين ۽
سورجمل کي جيئري کوهه ۾ اڇلرائي ڇڏئين.
انهيءَ محلي ۾ جيڪو شاهي رستو هو اُن تي سيد ابراهيم سمن جي دؤر
جو بزرگ ۽ شاهه ڪرگنج جو دوست پوريل هو(1).
روايت آهي ته پير شاهه ’مراد‘ هر آچر تي پير البي
جي زيارت کان انهيءَ بزرگ جي مزار تي ويندو هو.
ٺٽي جا جلدبند انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا، ۽ سندن پاڙو خاص ۽ جدا
هو. ٺٽي جو هڪ بزرگ سيد ابراهيم، جيڪو 963هه واري
حملي ۾ شهيد ٿيو، سو انهيءَ پاڙي ۾ پوريل هو(2).
شاهه غيب ۽ سندس ڀاءُ شاهه ڪمال ٻيئي انهيءَ محلي ۾ مدفون هئا.
پهريون بزرگ مجذوب ۽ پويون بزرگ شريعت جي رستي تي
محڪم هو(3).
پير لاکو(4)
۽ سيد ابابڪر به انهيءَ ئي محلي ۾ آرامي هئا.
پويون بزرگ فرنگين واري حملي ۾ شهيد ٿيو(5).
شاهه ڪرگنج جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو: مغل واڙي جي اتر ۾ جيڪو
ٻيلو هو، ان جي پاسي تي پنهنجي تڪيي ۾ دفن ٿيو(1).
محمد اعظم انهيءَ بزرگ جو مدفن محله سهتيه ۾ بيان
ڪيو آهي(2)
۽ لکي ٿو ته سندس مريد مهربان فقير پڻ سندس
پيرانديءَ کان دفن آهي. انهيءَ منجهان اهو اندازو
ٿئي ٿو ته هي محلو مغل واڙي جي ڀرسان ڪٿي هو. ازان
سواءِ شهر جي پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته شيخ اعظم شهر
جي ٻاهر وارن بزرگن جي بيان ڪندي لکيو آهي ته پير
لال ڇتي جي مزار محلي سهتيـﮧ جي اولهه ۾ آهي(3).
گويا محلي جي اولهه تي شهر جو خاتمو ٿيو ٿي ۽ پير
لال ڇتي جي مزار شهر کان ٻاهر ل ولهه ۾ هئي.
تندسر محلو: ”سر“ سنڌيءَ ۾ چَشِمي کي چئبو آهي، شاهه جا بيت آهن
ته:
ٻگهن سين ٻاڻ هڻي، اڏاڻو آڪاس
جتي پرين سنداس، سو ’سر‘ مڻي هنجهڙو
__ __
ٿيو حضوري هاڻ، سوجها پييس ’سر‘ جي
کنڊي لڌي کاڻ، پکيَڙي پاتار ۾
__ __
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪارو ڪيو ڪنگن
ايندا لڄ مرن، تنهن ’سر‘ مٿي هنجهڙا
__ __
ڪسر ڪنگن قبرون، ’سر‘ ساڱاهيج
هنجهه هتي ڳالهڙي، ٻگهن مَ ٻوليج
ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪنهين چهنج سين
__ __
’سر‘ سڪي سال ٿيا، هنجهه هريوئي پير
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي ان رمز کي
__ __
آءُ اڏامي هنجهڙا، ’سر‘ ۾ سارينئي
متان مارينئي، پاڙهيري پهه ڪري
__ __
’سر‘ ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه
سندي آس الله، لڏي لهرين وچ ۾
__ __
ڪنڌين ۾ ڪوهه ڪرئين، گسن ۾ مَ گذار
وڃي وحدت ويءَ ۾، گهتون ڇڏي گهار
شريعت جو ’سر‘ لهي، تن تنائين تار
حقيقت هنجهن سين، طريقت تنوار
منجهائين معرفت سين، اندر تون اجار
هدايت جي هوءِ ۾، چُڻيو تون چونگار
ته پاڙي هري ان پار، ڪونه ڏسين تون ڪڏهين
__ __
لَلي لنئي رات، ’سر‘ ۾ ڪيو سوجهرو
ٻگها ٻاتاڙآ ٿيا، وائي ڪن نه وات
جنگن پنهنجي ذات، نيئي رسائي روهه کي
__ __
هنجهه مڙيئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو
جتي رهن سنجهه، سو ’سر‘ ڪرين سرهو
__ __
’سر‘ اهي ئي اڳيان، پکي ٻيا پيا
جن لمئو لاتيون ڏنيون، سي ويچارا ويا
پاٽوندر پيا، وڃي ڪينجهر ڪنڌئين
__ __
سرهو ’سر‘ وڃائيو، ڪوڙن ڪانئيرن
رٺا روهه وڃن، ڪنهن هيڻائيءَ کان هنجهڙا
__ __
سو پکي سو پڃرو، سو ’سر‘ سوئي هنجهه
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجهه
ڏيلَ جنهن جو ڏنجهه، سو ماريِ ٿو منجهه ڦري
__ __
آچو پيو آچاهه، ته آچائيءَ آبهو
وهڻ وڙ نه انهن جو، پاڻيءَ لڙ للاهه
’سسر‘ ڏجي ساهه، ڪسر ڪنگن قبرون
__ __
انهن کان سواءِ ميين شاهه عنات رضوي، قطب شاهه رضوي، شريف رضوي،
بلاول رضوي ۽ يوسف شاعر هن طرح چيو آهي:
ميون شاهه عنات:
دل ۾ دور مَ کاءُ، پيهي سنجهه سوجهار ’سر‘
اتان ئي ’عنات‘ چئي، آباڇي ۾ آءُ
چلڙ چنج مَ پاءِ تون، ڪر ڪوڻا سين چاءُ
رکي جن الله، وار نه ونگو تن جو
__ __
جيلاهه ڪوڻن منجهه ڪڪور تيلاهه ڀونر ڀڻڪن
ڀال ’سر‘
للا اُتي لال ٿيا، منجهان آب اتور
اهک نه ڪن ’عنات‘ چئي، ان چاري چغل چور
هنجهن لٿا هور، پاٻوڙي پير ڌري
__ __
ڪرين سانگ ’سرين‘، روهان اڏاڻين هنجهڙا
اڳئان ڍاٻي ڍٻيو ڍاٻ کي، پائج پير هرين
ادب ڪج ’عنات‘ چئي، جتي تار ترين
تان تان تان مَ ترين، جان موتي مَ ملي
__ __
قطب شاهه رضوي:
چلڙ ڇڏ چري، وانءُ اڏامي اڇ ۾
آرمرو آرڳ ڪري، جنهن جي بات بري
ماڻج ڪوڻ ’قطب‘ چئي، پاڪيزا پري
تنهن ’سر‘ وانءُ سري، جت هيرو چڻن هنجهڙا
__ __
|