حضرت مخدوم معظم مکرم من سلامت!
بعد اسمه، نياز سراسر گداز معروض باد، کـﮧ اوصاف
وابستگي و برگشتگي آن زبدهءِ ارباب کمال، از مير
صاحب مھربان مير امير علي صاحب شنيده، آنقدر
انجذاب و کشش دل بملاقات حيات مساوات، آن معدن ِ
فيوضيات حاصل شده کـﮧ بيرون از احاطهءِ تقرير و
تحرير است.
مصاحبت چـﮧ ضرور است آشنائي را
ھنوز ياد يمن محو نکھتِ عربي است
فقرهء چند مذکور کـﮧ قبلـﮧء کونين استادي و مرشدي
قدسنا بسره الاقدس، در ايام جواني ھا در جوش مشرب
قلندريھا و وارستگي املا فرموده بودنـد، بي اختيار
آشنا قلم نقصان رقم اين نافض گرديد، زياده بجز سوز
و گداز و ماتم و وحشت و تنھائي چـﮧ عرض دھـد،
والسلام.
محرر الحروف احقر الناس
عنايت الله
انھيءَ خط جي لفافي تي ھيءَ عبارت مرقوم ھئي:
بگرامي مطالعه، قدوهء ارباب کمال، زبدهء اصحاب قال
و حال، جامع کمالات انساني، معدنِ فيوضات رحماني،
حضرت مخدوم روح اللـﮧ، سلمه الله تعالى مشرف باد.
نياز نامـﮧ خاکسار عاجز عنايت اللـﮧ عفي عنه
.......................................................
اھو دستور ٿيندو آھي ته جڏھن مخالفت جا سڀ حربا
بيڪار ٿي ويندا آھن، تڏھن مذھب جو دامن جھلي اُن
جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو پاڙ پاڙبو آھي. يا وري
حڪومت جي اھلڪارن کي اُڪسائي انھن جي ذريعي پنھنجي
دشمنيءَ جا عيوض معاوضا ورتا ويندا آھن. اھي ٻيئي
طاقتون جڏھن ڪنھن جي به خلاف برسر پيڪار ٿينديون
آھن، ان وقت جيڪو نتيجو نڪرندو آھي سو سڀني کي
معلوم آھي : جنھن جي مخالفت ڪئي ويندي آھي، ان جي
لاءِ ھِن دنيا ۾ انڌا انڌوڪار ٿي ويندو آھي.
شاھه شھيد سان اختلاف ته ٿيو پاڙي اوڙي جي وڏيرن ۽
پاٿاريدارن جو ، ابتدا ۾ دشمني ته ٿي بلڙيءَ وارن
ساداتن جي، جن مان ڪنھن جا ڪڙمي ڀڄي وڃي شاھه شھيد
جي اَجھي پيا ھئا، ۽ ڪنھن جا مريد پنھنجو پلاند
ڇڏائي وڃي ھن صوفي فقير جي پَناري لڳا ھئا. ليڪن
ھنن جڏھن ھر حربو استعمال ڪري ڏٺو ۽ ھن پاڪ باطن
بزرگ جو ڪجھه نه ڪري سگهيا، ان وقت گڏجي ھڪ طرف
مير لطف علي ۽ اعظم خان کي سندس خلاف ڀڙڪايائون ۽
ٻئي طرف ٺٽي جي علمائن سڳورن کي جنبشن ۾ آڻي، ھن
درويش جي خلاف صف آرا ڪيائون.
چيو وڃي ٿو ته ھڪ دفعي اعظم خان پاڻ شاھ شھيد وٽ
لنگهي ويو، پر دروازي تي دربان کيس روڪيو ته ھن
وقت شاھه صاحب ورد وظيفي ۾ مشغول آھي ٿورو ترسو.
اعظم خان کي مٺيان ته لڳي، پر ٿوري دير ترسي پيو.
جڏھن شاھه شھيد سان ملاقات ڪيائين، تڏھن پھرين ئي
کيس اھو ڏوراپو ڏيندي چيائين: ”در ِ درويش را
دربان نشايد“.
جنھن تي شاھه وراڻي ڏني ته: ”بشايد، تا سگ دنيا
نيابد“.
اعظم خان چيو ته ”درويش جي در تي دربان نه ھئڻ
گهرجي“. شاھه جواب ۾ چيس ته ”ھئڻ گهرجي، ته جيئن
دنياوي ڪتا اندر اچي نه سگهن.“ چيو وڃي ٿو ته اھو
اعظم خان جي مخالفت جو سبب ٿيو. ليڪن اھو محض ڏند
ڪٿا ڏسڻ ۾ اچي ٿي؛ اصل سبب اھي ئي آھن، جيڪي بيان
ٿي چڪا آھن . ٺٽي جو حاڪم مخالف، ٺٽي جا علماءِ
سڳورا دشمن. انھيءَ حد تائين، جو شاھه غلام محمد
کي آخر سندن مخالفت ڪري دھليءَ وڃڻو پيو. مخدوم
محمد معين جي محبت شاھه شھيد سان ٿي ، ته نه فقط
سندس مرشد ابوالقاسم ساڻس ناراض ٿي پيو، بلڪ مولوي
محمد ھاشم جي خاندان جڏھن مخدوم معين جي مخالفت
شروع ڪئي ته مٿس ٻين الزامن سان گڏ اھو به الزام
مڙھيائون ته ھو شاھه عنايت جو معتقد ھو. شاھه
عنايت جڏھن شھيد ٿيو، تڏھن شڪارپور وارو شاھه فقير
الله علوي ڏاڍو خوش ٿيو، جنھن جو اظھار ھن پنھنجي
خطن ۾ ڪيو آھي.
اصلي مخالف ته پوءِ پري ٿي بيٺا، ھنن فقط تماشبينن
جي حيثيت اختيار ڪئي؛ مسئلو اچي بڻيو، ھڪ حڪومت جو
۽ ٻيو مذھب جو. حڪومت وارن اعلان ڪيو ته شاھه شھيد
مغل سلطنت جو تختو الٽائڻ گهري ٿو ۽ بغاوت ڪري سنڌ
تي پنھنجو تسلط ڄمائڻ چاھي ٿو، تنھنڪري سندس قوت
کي تھس نھس ڪرڻ عين ضروري آھي. مذھبي پيشوائن ان
تي صاد ڪيو، ۽ اعلان ڪيائون ته منجھانئس نه فقط
حڪومت کي خطرو آھي بلڪ مذھب کي ان کان وڌيڪ خطري
جو انديشو آھي، تنھنڪري جيترو جلد کيس دفعي ڪيو
وڃي اوترو بھتر. انھن ٻنھي قوتن جي پروپيگنڊا
ايترو زور ورتو، جو حقيقت تائين پھچڻ جي ڪنھن ڪوشش
ڪانه ڪئي. شاھه شھيد ھر چند حق تي ھو، ليڪن ان وقت
ڪنھن کيس ڪونه ٻڌو. يڪطرفي پروپيگنڊا ھڻي وڃي ھنڌ
ڪيو، ۽ سڄي فضا سندس خلاف مڪدر ٿي ويئي. حتى ڪ ٺٽي
جي شاعرن تي به ان جو اثر ٿيو، ۽ انـــــھيءَ دور
جـــــــــــــي ھــــــــــڪ وڏي
شــــــــــــــاعــــــــــــــر
مـــــــــــــــــلا عبدالڪيم ’عطا‘ پنھنجي سخن
سنجيءَ جي واڳ انھيءَ طرف موڙي ڇڏي.
”عطا“ شاعر جي مخالفت:
ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ جي ڪلام جو ھڪ حصو اسان کي ھٿ
آيو آھي، جيڪو غزلن ۽ چند ٻين صنفن تي مشتمل آھي.
سندس قصيدن جو ديوان اڃا تائين ميسر ٿي نه سگهيو
آھي. خيال آھي ته قصيدن ۾ ھن اڃا به وڌيڪ شاھه
عنايت شھيد واري معرڪي ۽ مخالفت کي ساراھيو ھوندو.
سنڌي ادبي بورڊ سندس ڪلام جو جيڪو حصو شايع ڪيو
آھي ان ۾ فقط چند قطعا شاھه شھيد جي مخالفت ۾ اسان
کي ملن ٿا.
دکن ۾ شيواجي مرھٽو، مغل سلطنت جو سخت مخالف ھو:
ملا عبدالحڪيم ’عطا‘، شاھه عنايت کي شيواجيءَ سان
مناسبت ڏسندي، ھڪ قطعو چيو آھي، جنھن مان سندس
مراد آھي ته دکن ۾ شيواجي مغلن جي اسلامي حڪومت جي
درپيء آھي، ۽ ھتي سنڌ ۾ عنايت الله شھيد انھيءَ
اسلامي حڪومت جون پاڙون پٽڻ گهري ٿو. قطعي جي زبان
سخت ڏکوئيندڙ آھي، ليڪن چونڪ ’عطا‘ جو اھو ڪلام
مخالفت گروھه جي ڪيل پروپيگنڊا جي نمائندگي ڪري
ٿو، تنھنڪري ھتي ان کي ڏيڻ ضروري سمجھون ٿا.
شنيده شد بدکن ”شيوا“ کافري بوده است
بشھر تتـﮧ کنون نيز ”شيوا“ پيدا شد
ازو تمرّد ظاھر شده باھل نياز
و زين تمرّد باطن عجب ھويدا شد
دکن جي نالي کڻڻ مان شاعر جو اشارو شاھه عبدالملڪ
ڏانھن به ٿي سگهي ٿو، جيڪو بزرگ، شاھه شھيد جو
روحاني پيشوا ھو.
ھيٺيون غزل اردو زبان ۾ لکيو ويو آھي، جنھن ۾ پڻ
سخت محالفانه جذبات جو اظھار ڪيو ويو آھي_
چگونه سند بستا باز سکھه ســــون ”عنادي“ گر ميان
ِ جھوک رھـتـــا
بحالم ديکھنا ياد ازالش ھــــــــــم نظر
بـــر مــــورکي مفلوک رھــــتــــــا
ز خرمن خوشـﮧ از خوان ريزه چـــينم نه ياد از
گريـﮧء ممــلــوک رھــــــتــــــا
ز بـــا افــــــراط اقــــــطــــــار
فقيـــــــــران نگاھي جانب صعـلـــوک
رھــــــتــــــا
بسا چون فوج ياجوج و شکم عوج بمن وابستگان در
’بھوک‘ رھتا
ترا عمر خضر ”فيــــــاض غــــــازي“ ’عطا‘
در داعيان مسلوک رھتــا
مٿئين قطعي ۾ شاھه عنايت کي ”عنادي“ جي نالي سان
ياد ڪيو ويو آھي، ۽ چوي ٿو ته ”عنادي“ جھوڪ ۾
جيڪڏھن رھي ھا ته، ان حالت ۾ سنڌ ۾ سُک جو وقت ڪين
بسر ٿئي ھا. ”فياض غازيءَ“ جو اشارو اعظم خان
ڏانھن آھي، جنھن جي فياضيءَ واري فيض، ’عطا‘ شاعر
کي انھيءَ قطعي لکڻ تي آمادو ڪيو. اھو قطعو شاھه
شھيد جي گرفتار ٿيڻ وقت لکيو ويو آھي. ھيٺيان ٻه
قطعا به انھيءَ موقعي تي جوڙيا ويا آھن، جن ۾
گرفتاريءَ جو سال پڻ ڏنو ويو آھي _
لشکرِ نواب غازي جابجا فيروزمند
مشعل اقبال او در ملک سند افروخته
زان شھاب ِ ديو کش، شد رجم ديوان خبيث
عقل اين تاريخ گفتا ”جام بدبو سوخته“.
18 ذي القعده 1129ھه جو شاھه شھيد گرفتار ٿيو.
مٿيون قطعو انھيءَ موقعي تي چيو ويو آھي، جنھن ۾
اعظم خان کي ”غازيءَ“ جو لقب ڏنو ويو آھي ۽ سندس
انھيءَ ”فيروزمنديءَ“ کي سنڌ ۾ سندس اقبال جي مشعل
روشن ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو ويو آھي.
اھڙيءَ طرح ھيٺئين قطعي ۾ پڻ گرفتاريءَ جي تاريخ
بيان ڪئي ويئي آھي _
سنِ غين و قاف و فزون لا بود کـــــــﮧ پــــــيدا
شد از سند مــکار ديو
بسيرت فقيرو بــــــوصح شــــــرير،
غـــبـــار ”عـــنـــاد“ اســت اطـــوار ديـــــو
خــــــرد سال تــــــاريــخ از اخــــــذ
او، بگفتا ”گرفتار ادبار ديو“ 1129هه
مٿين اشارن مان فقط ھڪ شاعر جي بد باطن جذباتن جو
اسان کي مثال ملي ٿو. ٺٽي جا ٻيا ڪيترا درٻاري
شاعر ھوندا، جن پڻ انھيءَ موقعي تي اعظم خان جي
پٺڀرائي ڪئي ھوندي، ليڪن جيئن ته سنڌ جو ثقافتي
ورثو زير و زبر ٿي ويو آھي، تنھنڪري وڌيڪ تاريخي
شھادتون ملي ڪونه ٿيون سگهن .
شاھه شھيد جو بيت ڪلھوڙن جي لاءِ:
سنڌ ۾ اھا ئي ڳالھه مشھور ۽ معروف آھي ته شاھه
شھيد کي ميان يار محمد ڪلھوڙي پنھنجي دشمنيءَ سبب
شھيد ڪرايو. اعظم خان ۽ ٻيا مخالف محض ڪلھوڙن جي
ڪري اچي وچ ۾ پيا. حالانڪ تاريخي لحاظ سان اھا
ڳالھه غلط آھي. ھر چند دل ۾ ڪلھوڙن کي به ڪو بغض
ھجي، شاھه جي وڌندڙ طاقت ھنن کي به نه آئڙبي ھجي،
ليڪن بظاھر اھڙي ڪابه شھادت اسان کي ڪانه ٿي ملي .
دھليءَ جي مغل شھنشاھه طرفان، جيئن ٻين جاگيردارن
۽ منصب دارن کي امدادي ڪمڪ ڏيڻ جو حڪم مليو، تيئن
ميان يارمحمد کي به ٺٽي پھچڻ ۽ اعظم خان جي مدد
ڪرڻ جو پروانو پھتو، ۽ ڇاڪاڻ ته ھو به ان وقت مغل
سلطنت جو ھڪ منصبدار ۽ جاگيردار ھو، تنھنڪري انڪار
نه ڪري سگهيو. ان کان پوءِ جيڪي واقعا ٿيا، ميان
يار محمد ان ۾ ڪجھ ڪري نٿي سگهيو. بھرحال انھيءَ
سلسلي ۾ سنڌ اندر ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشھور
آھن. ضرب الامثال، چوڻيون، ۽ ڪيترا بيت ڪلھوڙن جي
مخالفت ۾ ماڻھن کي زباني ياد آھن، جنھن مان ھيٺيون
بيت خود شاھه شھيد جي نالي منسوب ڪيو ويو آھي.
ڪاھي ڪلھوڙن آئيو، ڪري مَندي صلاح
اچي اَڙيو اّنھن سان، جنھين وٽ الله
ڪلھوڙي جي باھِه، وساڻي ورھين کي.
ظاھر آھي ته اھو بيت شاھه شھيد جھڙي صوفي باصفا جو
ٿي نٿو سگهي. ازنسواءِ انھيءَ بددعا کان پوءِ نه
فقط ڪلھوڙن کي سنڌ جي بادشاھت ملي، بلڪ ڪم و بيش
ايڪھتر سالن تائين سنڌ ۾ سندن باھه وساڻي نه سگهي.
شاھه شھيد جي تعليمات جو مرڪز فقط سنڌ اندر محدود
ڪونه ھو. بلڪ سنڌ کان ٻاھر پڻ سندس مريدن ۽ خليفن
جو ھڪ وڏو تعداد ھو، جن پنھنجي پنھنجي حلقي اندر،
مرشد جي افڪارن ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
سنڌ جي مختلف مرڪزن کان پوءِ، سنڌ کان ٻاھر جو ٻيو
مکي مرڪز سورت جو شھر ۽ ان گرد و نواح وارو علائقو
ھو. انھيءَ مرڪز جي ڪيترن ئي بزرگن جو احوال اسان
کي ”تذڪره صلحاء سورت“ ۾ ملي ٿو، جنھن کي اسان
ترتيب وار ھن ھيٺ ڏيون ٿا:
گلدستـﮧ صلحاء سورت:
انھيءَ تذڪريءَ جو تاريخي نالو ”حقيقت السورت“
(1315ھه) آھي. مؤلف جو نالو آھي شيخ بھادر عرف
شيخو ميان، بن شيخ احمد عرف بخشو ميان، بن شيخ
حامد، بن شيخ بھادر،بن عمدة التجار شيخ محمود، بن
عمدة التجار شيخ محمد فاضل الشھيد العبيدي الحجازي
البدوي ثم الھندي السورتي.
شيخ بھادر جي والد شيخ احمد (المتوفي
1265ھه) ٽن جلدن ۾ ”حديقه احمدي“ نالي سان ھڪ ضخيم
ڪتاب لکيو، جنھن جو ٽيون جلد اھل سنت جي عقيدن جي
تشريح ۽ انھيءَ عقيدي رکندڙ 4687 عالمن ۽ مشائخن
بزرگن ۽ صوفين جي شرح حال تي مشتمل ھو.
شيخ بھادر عرف ”شيخو“ ميان لکي ٿو ته
دوستن جي مسلسل اصرار تي انھيءَ آخري ضخيم جلد مان
فقط سورت جي عالمن ۽ مشائخن جي احوال کي جدا ڪري،
1315ھه ۾ ھن اھو تذڪرو ”گلدستـﮧ صلحاء سورت“ جي
نالي سان تيار ڪيو،
جنھن جي متن ۾ ھن پيءُ واري عبارت قائم رکي، ۽ جتي
نئون احوال مليس، اتي حاشيي ۾ ھن ان جو اضافو ڪري
ڇڏيو.
انھيءَ تذڪري اندر شاه شھيد جي سلسلي ۾
ڪيترن مشائخن جو احوال ملي ٿو، جيڪو اسان جي سنڌي
ناظرين لاءِ بلڪل نئون آھي. ھن کان اڳ شايد ئي
ڪنھن کي خبر ھجي ته شاه شھيد جي پوئلڳن جو ھڪ وڏو
مرڪز گجرات اندر سورت شھر ۽ ان جي آس پاس به ھو.
شاه پير محمد اورنگ آبادي: پنھنجي
دور جو وڏو خدا رسيدو بزرگ ۽ درويش صفت انسان ھو.
طريقت ۾ ھو بزرگ ”شھباز ملڪوت شاه عنايت صوفي
شھيد“ جو خليفو ھو.
شاه فاضل سورتي: اصل ۾ احمد آباد
جي بوھرن مان ھو؛ مولانا غلام محمد برھانپوريءَ
کان ظاھري علوم جي تڪميل ڪري، طريقت ۾ خرقـﮧءِ
خلافت مٿئين شاه پير محمد اورنگ آباديءَ کان حاصل
ڪري، سورت ۾ ، مسجد مرجان ھاشميءَ ۾ مستقل طرح اچي
مقيم ٿيو، جتي 26 محرم 1199ھه تي ھن جھان فانيءَ
مان لاڏڻو ڪيائين ۽ انھيءَ مسجد جي احاطي ۾ دفن
ٿيو.
مير شاه عبدالله ھيٺينءَ طرح سندس وفات جي تاريخ
چئي:
’شاه فاضل‘ بود چون پير کمال،
1199ھه
زين جھان، سوي جنان کرد
انتقال:
پس، ز نام، او بجو سال وصال،
ھيچ در خاطر ميار، از قيل و قال.
شاه شھيد جي طريقت جو سلسلو سورت ۾ انھيءَ بزرگ جي
ذريعي شروع ٿيو ۽ ڪيئي جيد عالم ۽ اھل دل ان ۾
داخل ٿيا.
شاه شھيد جي طريقت جو
سلسلو: ھن وقت
تائين اسان کي فقط اھو معلوم ھو ته شاه شھيد، شاه
عبدالملڪ دکنيءَ کان باطني تعليم حاصل ڪري ان جو
خليفو ٿيو، ليڪن شاه عبدالملڪ کان اڳتي جي سلسلي ۾
اختلاف ھو. خوش قسمتيءَ سبب مذڪوره تذڪري ۾ انھيءَ
طلائي سلسلي جون سڀئي ڪڙيون شاه فاضل سورتيءَ جي
ضمن ۾ محفوظ ڪيون ويون آھن، ۽ جي ھن ريت آھن:_
شاه فاضل خليفو ھو شاه پير محمد اورنگ
آباديءَ جو، اھو شھباز ملڪوت شاه عنايت شھيد جو،
اھو شاه عبدالملڪ جو، اھو شيخ شاھيءَ جو ، اھو شاه
عنايت شھيد جو، اھو مخدوم ابوالفتح جو، اھو مخدوم
ابراھيم جو، اھو شمس الدين جو، اھو بھاء الدين
دولت آباديءَ جو، اھو ابولعباس احمد جو، اھو مير
حسن جو، اھو سيد موسى قادريءَ جو، اھو سيد عليءَ
جو، اھو سيد محمد بغداديءَ جو، اھو سيد حسن
بغداديءَ جو، اھو سيد عبدالرزاق جو، اھو حضرت غوث
الاعظم سيدنا شيخ عبدالقادر گيلاني رحمـة الله
عليـﮧ جو.
شاه قطب الدين سورتي:
شاه فضل کان اھو سلسلو سورت ۾ شروع ٿيو. سندس
انتقال بعد شاه قطب الدين جيڪو سندس خليفو ھو،
جانشين ٿيو.
شاه قطب الدين، حضرت خليفـﮧ ثاني سيدنا عمر فاروق
رضه جي اولاد مان ھو. پٽن جي شھر ۾ ڄائو، ۽ بعد از
تڪميل علوم، بندر سورت ۾ اچي چوڙيگرن جي مسجد ۾
رھڻ لڳو. عالم ۽ عارف ڪامل ھو. جڏھن وعظ فرمائيندو
ھو ته ٻڌندڙ حال ۾ اچي ويندا ھئا. پنھنجي مرشد شاه
فاضل کان پوءِ چوڙيگرن جي مسجد ڇڏي، اچي مسجد
مرجان شاميءَ ۾ پنھنجي مرشد جي مسند مقيم ٿيو.
شاه موصوف جي وفات 26 جمادي الثاني 1217ھه
جو سومر ڏينھن ٿي، ۽ پنھنجي مرشد شاه فاضل جي
ڀرسان ڏکڻ طرف کان سپرد خاڪ ٿيو. سندس وفات جي
تاريخ آھي:
صوفي صــــاف بخلــــــق حميــــــد، چون ز
دنيا به لامکان برسيــــد
شش و بست از جمادي الثاني، مرغ روحش ز
آشيان بــــــپريـــد
سال تاريخ، چون رقــم کــــــردم، جگر
خامـﮧ، از الــــم بــــــدريــــــــــد
گفت ھاتف که قطب ديـــن خدا ’قول در راه‘
وصل يار کشيد.
1217ھه
سندس ھڪ ٻئي مريد غلام جيلانيءَ ھيءَ تاريخ ڪڍي:
يک ھزار و دو صد و در ھفده سال، شاه قطب الدين،
فرمودند وصال
لفظ ”شاه فاضل“ مان به تاريخ (1217ھه) نڪري ٿي.
سيد احمد شاه:
المعروف سيد ميان صاحب رحمـةالله عليـﮧ، حضرت شاه
قطب الدين جو پوٽو ھو، ظاھري علومن جي تڪميل سيد
محمد ھادا صاحب وٽ ڪري، باطني تعليم پنھنجي ڏاڏي
کان حاصل ڪيائين ۽ خرقـﮧء خلافت کانئس ورتائين .
16 ربيع الاول جو، جڏھن شاه دولـﮧ، جيڪو
انھيءَ سلسلي جي فقيرن جو سرگروه ھو، رحلت ڪري
ويو، تڏھن سٺي جماعت سيد (؟) شاه احمد کي لائق ۽
فائق سمجھي، پڳ ٻڌائي، پنھنجي گروه جو سرخيل بڻايو
.
”تذڪره حديقه احمديءَ“ جو مؤلف، شيخ احمد
”صلحاء سورت“ جي مؤلف جو پڙ ڏاڏو) سندس شاگرد ھو.
سيد صاحب ھميشـﮧ درس ۾ مشغول رھندو ھو، ۽ ڪيترا
شاگرد سندس درس مان زماني جا اڪابر ٿي نڪتا.
سيد صاحب 15 ذي الحج 1255 ھه تي فوت ٿيو ۽
شاه فاضل ۽ شاه قطب الدين جي ڀر ۾ مسجد مرجان
شاميءَ واري قبرستان اندر دفن ٿيو. سيد مرحوم جي
شاگرد، منشي عبدالحڪيم المخاطب زرين رقم خان جيڪا
تاريخ چئي، ان جي ھيٺئين شعر مان سال برآمد ٿئي
ٿو:
گفت رضوان: سال از اوج بھشت
سيد احمد فاضل و قطب زمان (1255ھه)
سندس ٻئي ھڪ شاگر، شيخ غلام محمد چيو:
چو اھل فضل بدو التفات ميکردنـــد
ازان سبب شده تاريخ: مرجع الفضلا
1255ھه
شيخ عبدالرؤف:
بن محمد فياض بن شيخ زين العابدين متوفي 1112ھه بن
محمد بن عبدالله بن مولانا شيخ زين العابدين
احمدآبادي رحمت الله عليـﮧ . شاه قطب الدين جو
ظاھري علم ۾ شاگرد ھو ۽ باطني تعليم به وٽانئس
حاصل ڪري خرقـﮧ خلافت ورتائين.
شيخ عبدالرؤف شاھه قطب الدين کان خرقـﮧ
خلافت وٺڻ بعد سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت جھوڪ شريف ۾
رھي، شاھه شھيد جي جانشين کان پڻ روحاني فيض حاصل
ڪيائين ۽ ”وڏي مرتبي“ تي وڃي رسيو. فقر ۾ ايڏو
ڪامل ٿيو، جو زماني کان صفا لاتعلق ٿي ويو. گويا
ھن جھان ۾ ھوئي ڪونه! جھوڪ مان موٽي اچڻ بعد، سورت
۾ انھيءَ سلسلي جي مسند تي، مسجد مرجان شاميءَ ۾
اچي مقيم ٿيو، جتي 19 شعبان 1249ھه جو وفات ڪيائين
۽ پنھنجي والد جي ڀڪ ۾ دفن ٿيو.
شيخ عبدالرؤف کي ٻه پٽ ھئا: شيخ زين العابدين ۽
محمد عبدالله . ٻنھي کي پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺيو آيو
ھو. ھتي اچي کين شاھه عزت الله جو مريد ڪيائين،
جنھن جي عمر ان وقت سؤ سال ٿي چڪي ھئي.
شاھه عزت اللـﮧ لاءِ تذڪري جو مؤلف لکي ٿو ته
خليفي ابراھيم جو مريد ھو، جيڪو خليفو ھو شاھه
شھيد رحمـة اللـﮧ عليـﮧ جو.
شيخ عبدالرؤف جو فرزند، شيخ زين العابدين سنڌ کان
موٽندي واٽ تي فوت ٿيو. محمد عبداللـﮧ شاھه خيريت
سان سورت پھتو. سندس وصال پيءُ جي جيئري، سال
1246ھه ۾ وبا، جي مرض وگهي ٿيو ۽ ساڳيءَ مسجد
مرجان واري قبرستان ۾ دفن ٿيو.
سورت ۾ ۽ ان جي گرد نواح اندر انھن بزرگن
جي تعليمات سبب شاھه شھيد جي عقيدتمندن جو حلقو
وسيع ٿيو ھوندو، ليڪن افسوس آھي، جو انھن تاريخ جي
صفحن ۾ جاءِ حاصل نه ڪئي، جنھنڪري اھي سڀئي بي نام
و نشان رھجي ويا.
سورت جي انھن بزرگن جا، ممڪن آھي ته ، اڃا
به ڪي پويان ھجن، ۽ ٿي سگهي ٿو ته شاھه شھيد جي
سلسلي جا ڪيترا نادر آثار سنڌ مان منتقل ٿي سورت
پھتا ھجن، مثلاً: ڪتاب، تذڪرا، يا ٻيون سوکڙيون
يعني تبرڪ وغيره.
انيس المساڪين (راحت السالڪين):
مصنف قاضي غلام ھادي مرحوم . سنڌ جي صوفي تحريڪ تي
ھڪ مفصل ڪتاب. ”انيس المساڪين“ عرف ”راحت
السالڪين“ ڪتاب ٻارھن بابن ۾ سنڌي زبان ۾ لکيل
آھي. ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق به ڪي اھم ڳالھيون
لکيون ويون آھن، مثلاً شاھه عنايت صوفيءَ واري جنگ
وغيره. ھتي ڪتاب جي عنوانن جي فھرست ڏجي ٿي، جنھن
مان ڪتاب جي اھميت ۽ مطالب جو اندازو ٿيندو. اھو
ڪتاب بيدل سائينءَ جي مجازي دوست ميان پير محمد جي
صاحبزادي ميان غلام مھدي مرحوم، مسٽر لکا سنگهه
وڪيل روھڙيءَ واري جي تحريڪ تي تصنيف ڪيو. ڪتاب جي
ابتدا ۾ نظم آھي ۽ تصوف جو ٿورو احوال بيدل جي
تاليف ”فوائد المعنوي“ مان ڏنو ويو آھي. ان کان
پوءِ ھيٺينءَ طرح باب ۽ مضمون آھن:
باب پھريون:
تصوف
سنڌ ۾ ڪيئن آيو؟ شاھه عنايت صوفيءَ جو تولد ۽
ننڍپڻ جو احوال .
باب ٻيو:
مرشد جي ڳولا ۾ نڪرڻ، مرشد جي ڪچهري، مرشد
کان موڪلائي سنڌ ۾ اچڻ ، شاھه شھيد جي شادين جو
ذڪر، يارمحمد ڪلھوڙي جو ضد پوڻ، سنڌن مريدن جو
ارادو، لڙائيءَ جو بيان، 18_ ذولقعد 1129ھه کان
11_ صفر 1130ھه تائين ڪلھوڙن جو ڊوھه، سندن ڀاءُ ۽
ڀائيٽي جي شھادت ھمراھن سميت، قصيدهء وفات، سر
مبارڪ جو دھليءَ وڃڻ لاءِ نيزي تي چڙھڻ، مير جان
الله شاھه رضويءَ جا ٽي غزل، سر مبارڪ جي مخدوم
ٺاري ۽ ھڪ ٻئي فقير سان گفتگو، سر مبارڪ جو رستي ۾
مريد ٿيڻ، دھليءَ ۾ سر مبارڪ جي پھچڻ جون
وارداتون، سر مبارڪ جو سنڌ ۾ رسڻ، صوفين لاءِ وقتي
سختيون، ڪرسي نامـﮧ نمبر 1 مصنف: فقير عبدالقادر
بيدل، ۽ ڪرسي نامـﮧ نمبر 2 مصنف: فقير عبدالقادر
بيدل .
باب ٽيون:
حضرت شھيد جي خليفن جو بيان، مير جان الله شاھه
رضوي، ساقي نامـﮧ جان الله شاھه _ 131 بيت فارسي،
ميخانه مير جان الله شاھه رضوي _ 131 بيت فارسي،
مير قلندر علي شاھه جو بيان، ميان باقر علي شاھه،
مير منورعلي شاھه ۽ مير فتح علي شاھه جو بيان، مير
سيد ميان علي اڪبر جو بيان، سيد ميان جان الله
شاھه ٽئين جو بيان، شاھه عبداللطيف ٺٽويءَ جو
بيان، خليفي شاھه جو بيان، خليفي خواجه عبدالله جو
بيان، خليفي سليمان ھنديءَ جو بيان، خليفي ابن جو
بيان، ۽ خليفي ميان اسماعيل شاھه ٺٽويءَ جو بيان .
باب چوٿون:
حضرت صوفي صاحب جي اولاد شاھه خليل اللـﮧ
جو بيان، شاھه عزت اللـﮧ جو احوال، شاھه غلام
اللـﮧ قلندر جو بيان _ ڀٽ تجل شريف ۾ سندن حالات _
تجل ڳوٺ جو ٻَڌجڻ ۽ سندن روضي مبارڪ جُڙڻ جو احوال
.
باب پنجون:
حضرت صوفي صاحب جي گاديءَ جو ڦرڻ، پير محمد زاھد
شاھه جو بيان، ميان ابراھيم شاھه ثالث جو بيان،
شاھه فضل اللـﮧ قلندر جو بيان، مخدوم پني لڌي جو
بيان، ساھه فضل اللـﮧ جو ڪنبي جو کوھه تان
ميرانپور ھلڻ ۽ شاھ فضل اللـﮧ جي وفات جو بيان.
باب ڇھون:
شاھه فضل اللـﮧ جي ٻن خليفن جو بيان، فقير
محمد صديق جو بيان، فقير ميان عبداللـﮧ جو بيان،
سيد فتح الدين شاھه جھانيان پوٽي حيدرآباديءَ جو
بيان ۽ مدئي فقير حجام جو بيان.
باب ستون:
شاھه عزت اللـﮧ ثانيءَ جو بيان ۽ شاھه رحمت اللـﮧ
قلندر جو بيان.
باب اٺون:
شاھه ابراھيم چوٿين جو بيان ۽ مخدوم ميان زاھد جو
بيان.
باب نائون ۽ ڏھون:
ميرانپور جي گاديءَ جو تجل شريف وارن بزرگن جي ھٿ
اچڻ ۽ عبدالستار سجاده نشين جو بيان.
باب يارھون:
عبدالستار جو سجاده نشين ٿيڻ ۽ مخدوم شھاب الدين
جو بيان.
باب ٻارھون:
بي سر نامون ڇا آھي؟
(ڪتاب پورو ٿيو. 25 رمضان، ڏينھن اڱارو، ٽي پھري،
1340ھه برابر 23_ مئي 1932ع.)
ڪتاب جي مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ
جي صوفي تحريڪ، ڪلھوڙن جي مخالفت ۽ سنڌ ۾ صوفي
تحريڪ جي علمبردار، شاھه عنايت جي شھادت ۽ انھيءَ
تحريڪ جي مکيه افرادن جي متعلق ڪافي مواد ڏنو ويو
آھي. افسوس آھي، جو مطالعي جو موقعو نه ملڻ سبب
اھو چوڻ مشڪل آھي، ته ڪتاب جو مواد تاريخي لحاظ
کان ڪيتريقدر وسيع آھي؛ تاھم ايترو چئي سگهجي ٿو،
ته ڪجھه نه ڪجھه تاريخي حقائق ان مان ضرور ملي
ويندا.
حضرت بيدل سائينءَ جو خاندان، شاھه عنايت
جي مريد خاص سيد جان اللـﮧ شاھه رضويءَ جو مريد
ھو، بلڪ بيدل جي والد ۽ چاچي کي خلافت به مليل
ھئي، تنھنڪري خود بيدل جي سلسلي ۾ پڻ ھي ڪتاب ھڪ
اھم ڪڙيءَ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو.
[”نئين زندگي“ _ اپريل 1957ع،
مئي 1957ع، آڪٽوبر 1957ع،
نومبر 1957ع، جولاءِ 1963ع،
آگسٽ 1963ع.]
|