تاريخ
ڪرڪي ڳالهڙيون، ڪَنڊاڍورَ ڌَڻينُ جون،
ڪِئن سي راتڙيون، ڪنھن پَرڏينھن گذاريئه!
_شاهه
مير ”مائل“ جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد
(1) ذاتي حالات، خاندان، عزيز ۽ دوست.
خاندان:
مير علي شير”قانع“، سنڌ جي عظيم المرتبت مؤرخ،
تذڪره نويس ۽ شاعر کي ھرڪو سڃاڻي: مير غلام علي
”مائل“ انھيءَ بزرگ جو وڏو فرزند ھو. مير علي شير
ٺٽي جي مشهور صوفي خاندان يعني سيد شڪر الاھي
خانوادي جو چشم و شراغ ھو. انھيءَ گهراڻي جو وڏو
ڏاڏو سيد شڪر الله جنھن جي نالي جي نسبت سان آئنده
ھلي خاندان جي سڃاڻپ شروع ٿي، سو شاھه حسين ارغون
جي عھد ۾ (928ھ)ھرات کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ۽ ساڻس
گڏ انھيءَ طرف جا ٽي ٻيا بزرگ به سنگتي ٿي، ساڻ
اچي ٺٽي پھتا: ھڪ سيد مبين، ٻيو سيد ڪمال، ۽ ٽيون
سيد عبدالله _ اھي ٽيئي ٺٽي جا مشھور ولي الله ٿي
گذريا آھن.
شاھه حسين، سيد شڪرالله کي، سندس علم، فضل، ۽ ديني
عظمت ۽ وقار کي پيش نظر رکندي، ٺٽي جو منصب قضا
پيش ڪيو، جنھن کي ڪجھه وقت ته سيد صاحب ھلايو،
ليڪن پوءِ ڇڏي گوشه نشين ٿي، ياد الاھيءَ ۾ ڏينھن
پورا ڪيائين.
سيد علي شير جو نسب نامو ھن طرح آھي: سيد علي شير
بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد
مقيم، بن سيد ظھير الدين ثاني، بن سيد شڪرالله
ثاني، بن سيد ظھير الدين اول، بن سيد شڪرالله اول،
بن سيد وجيھه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب
شاھه، بن سيد امير نسيم الدين محدث، بن سيد امير
عطاالله جمال الدين محدث، بن سيد فضل الله محدث،
بن سيد عبدالله الحسيني الدشتڪي الشيرازي.
مير علي شير قانع پنھنجي والد سيد مير عزت الله جي
وفات جي تاريخ ھن طرح چئي آھي:
خرد گفت تاريخ سال، وفات،
که ”پيوست با رحمت ايزدي.“ 1161ھه
سيد عزت الله کي ڇھه فرزند ٿيا: سيد فخر الدين،
سيد يار محمد، سيد محمد امين، سيد علي شير ”قانع“،
سيد محمد صلاح ۽ سيد ضيا الدين ”ضيا“.
مير علي شير جو ڀاءُ، سيد ضياالدين ”ضيا“، پنھنجي
دور جو بلند پايه شاعر ھو. سندس ٻئي ڀاءُ يار محمد
کي ٻه پٽ ٿيا: ھڪ مير ڪريم الدين ۽ ٻيو مير عظيم
الدين ”عظيم“، جيڪو مير فتح علي خان ’فاتح سنڌ‘ جي
درٻار جو ملڪ الشعراﻋ ھو.
مير علي شير 1140ھه ۾ ڄائو: ”خلق انسانا من
السلالـﺔ“ مان اھو سال نڪري ٿو. سنه 1203ھه ۾ سندس
انتقال ٿيو. سندس فرزند مير غلام علي ’مائل‘، ھن
فقري مان اھو سال ڪڍيو _ ”اُبشره بالجنـﺔ النعيم
ابدا“
مير علي شير کي ٽي پٽ ٿيا: مير
امير علي جنھن جي تولد جو سال ميان غلام محمد
ٺٽويءَ ”در چمن جاه شگفـﺔ گلي“ (1171ھه)مان ڪڍيو،
۽ ميان محمد پناھه ”رجا“ ٺٽويءَ، ھيءَ تاريخي سجع
تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني“ (1171ھه)؛
ٻيو مير غلام علي ”مائل“، جنھن جي بياض تي ھي
مضمون لکيو ويو آھي؛ ۽ ٽيون فرزند مير غلام ولي.
ولادت: مير غلام علي ”مائل“،
مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو (تحفـﺔ الڪرام ج 2، ص
33) ته مير سعدالله پوربي، ھڪ زبردست عالم ۽
معقولات ۾ بي نظير دسترس رکندڙ ھو؛ کيس ٻه فرزند
ھئا: مير عبدالعلي، ۽ مير عبدالولي
انھن نالن جي ترتيب ۾ عجيب قسم
جي ندرت رکيل ھئي. سندس پنھنجي نالي سميت جيڪڏھن
ٽنھي نالن جا آخري لفظ گڏبا ته ”علي ولي الله“ جو
جملو ٺھي پوندو.
مير علي شير جو وڌيڪ بيان آھي ته جڏھن 1160ھه ۾ ھو
سورت پھتو، ان وقت کيس مٿي ذڪر ڪيل نالن جي ترتيب
جو علم ٿيو، ۽ بطور نذر جي ان وقت ھن باس باسي، ته
جيڪڏھن الله پاڪ کيس فرزند جي دولت عنايت ڪري ته
ھو به انھيءَ رعايت جي لحاظ سان مٿن نالا رکندو.
حسن اتفاق يا فضل ايزديءَ سان 1181ھه ۾ کيس ھڪ
فرزند ڄائو؛ مٿئين لفظي رعايت سان نالي رکڻ سان
گڏ، ھن اھا به ڪوشش ڪئي ته نالو تاريخي ھجي.
چنانچه ”غلام علي“ نالو برآمد ٿيو، جنھن مان سال
ولادت 1181ھ نڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ٻن سالن بعد،
1183ھه ۾، کيس ٻيو پٽ ٿيو، ۽ مٿين ٻنھي رعايتن کي
مدنظر رکندي، ان جو نالو ”غلام ولي الله“
رکيائين، جنھن مان تولد جو سال
1183ھه به نڪري ٿو، ۽ ٻنھي نالن جي پھرين حصن کي
ڇڏي ڏيڻ سان ”علي ولي الله“ به ٺھي اچي ٿو؛ ۽
اھڙيءَ طرح، مير علي شير جي باس پوري ٿي.
مٿئين مذڪور مان معلوم ٿيو ته مير غلام عليءَ جو
1181ھه
۾ تولد ٿيو. مير علي شير جي
عمر ان وقت 22 ورھن جي ھئي. مير علي شير پنھنجي پٽ
جي تعليم ۽ تربيت جو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو آھي، جنھن
مان اسان کي ’مائل‘ جي ابتدائي زندگيءَ جو پتو
پئجي سگهي.ٽالپري دور جي ادبي اثاثي مان اسان کي
معلوم ٿئي ٿو ته مير ’مائل‘ ٽالپري دور جو قادر
الڪلام شاعر ۽ شاعريءَ جي سڀني اصنافن جو استاد
ھو؛ سندس ديوان خواھه بياض ۾ اسان کي سخن جون
سڀيئي صنفون ملن ٿيون، جنھن مان پڻ سندس سخنوريءَ
جي ڪمال جي خبر پوي ٿي.
سندس قصيدن، تاريخي قطعن ۽ مدحيه غزلن مان معلوم
ٿئي ٿو ته مير ڪرم علي خان جي درٻار سان سندس
وابستگي ھئي. ھن، ٽالپرن جي پھرينءَ چؤياريءَ جي
زماني ۾ جيڪي اھم واقعا ٿيا آھن، تن سڀني تي
تاريخي قطعا چيا آھن؛ ليڪن زياده تر ڪلام اسان کي
اھو ملي ٿو، جنھن جو تعلق مير ڪرم علي خان جي ذات
سان آھي.
مير ’مائل‘ جا حالات، مخدوم محمد ابراھيم ”خليل“
جي تذڪري ”تڪلمـﮧء مقالات الشعراﻋ“ ۾ لکيل آھن،
ليڪن اھو اسان جي پيش نظر نه آھي. پاڻ به مير صاحب
ھڪ تذڪرو ”مجمع البلغاﻋ“ جي نالي سان لکيو ھو،
ليڪن اھو به اڃا تائين دستياب نه ٿي سگهيو آھي؛
جنھنڪري سندس مڪمل حالات معلوم ڪين ٿيا آھن. سندس
بياض جي تاريخي قطعات مان سندس سوانح حيات جي ڪن
پھلوئن تي روشني پوي ٿي، جن کي ترتيبوار ھيٺ ڏيون
ٿا.
اولاد:
مير صاحب کي ڪيترو اولاد ٿيو، ان جو پتو ڪونه آھي؛
بياض ۾ پنھنجن ھيٺين فرزندن جي نالي تي تاريخي
قطعا چيا اٿائين:
(1)مير عسڪر علي:
ڀانئجي ٿو ته ھي مير صاحب جو وڏو فرزند ھو، جنھن
کي جڏھن سيد صدرالدين نالي ھڪ پٽ ڄائو، تڏھن مير
صاحب ھيٺيون قطعو چيو:
يافت چون ميلاد اين پور گزين، آنــــــــک
دائم باد از حـــــق کــــــــام او؛
سال مــــــــيلاد شريفش گفت دل، ”ھست صدر
الدين مبارک نام او“.
1215ھه _ ص 30
ساڳئي مير عسڪر عليءَ کي ٻيو پٽ مير علي بخش نالي
ڄائو، مير صاحب ھيٺيون قطعو چيو:
بخشيد چون بسيد عسکر علي، علي، فرزند نامـــــور
به نبي بخش ازعــــــطا؛
تاريخ زادنـــــــــش ز کمال، رجا ســـــــحر،
فرموده دل، ”زاد علي بخش با رجا“.
1221ھه _ ص 76
مير عسڪر عليءَ کي ٽيون پٽ ڄائو، جنھن جو نالو مير
لطف علي رکيو ويو؛ مير ’مائل‘ ھيٺيون قطعو چيو:
آمد از لطف علي چون که بما اين فرزند،
که رسانده به پدر مرﱞده نعم البدلي؛
سال ميلاد سعيدش خردم گفت سحر،
”حبڌا لطف علي آمده با لطف علي“
1223ھه _ ص 73
ساڳئي پوٽي لاءِ ٻيو قطعو چيائين:
ايزد از لطف چوبخشيد بما اين فرزند، که معمر به
پدر باد ز لطف ازلي؛
گفت با روي ”بھي“ سال ولودش ھاتف، ”حبذا
لطف علي داد بما لطف علي.“
2 2112+2= 1223هه _ص 73
ٽيون قطعو ھي جوڙيائين:
سروش غيب بسال، ولادتش فرمود، ”ابد به لطف علي
مير ماست لطف علي“.
1223ھه
_ ص 73
پھرئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته 1223ھه کان اڳ
مير عسڪر عليءَ جو ڪو پٽ انتقال ڪري ويو ھو، جنھن
جو نعم البدل مير ’مائل‘ لطف عليءَ کي سمجھيو.
(2)مير علي شير: مير ’مائل‘ کي 1222ھه ۾ ھڪ
پٽ ڄائو، جنھن تي پنھنجي والد جو نالو يعني مير
علي شير رکيائين، ۽ خوشيءَ وچان ٻه تاريخي قطعا
چيائين:
شکر حق کامده اين خوش فرزند، نامـــــــيء
عـــــــصر چو جد ممتاز؛
آمـــــــد و داد به مـــــــن چــــون ھاتف،
از غـــــــلاميء عـــــــلي شير اعزاز؛
ســـــــال مـــيلاد شـــــــريفش گـــــــفتم،
”نامـــور مير علي شير آمد باز“.
1222ھه
ٻيو قطعو:
صد شکر که از يمن غلاميء علي شير،
حق کرد عطا چون بمن اين گوھر مقصود؛
از يمن علي شير بکام، دلم از مجد،
زين نام، مبارک شرف، تازه بيفزود؛
تاريخ ولودش بدم صبح دل، من،
”بـا شــاديء دل ميـــر علي شـيــر“ بفرمود.
1222ھه
_ ص 30
(3) مير امام بخش: 1225ھه ۾ مير صاحب کي ھڪ
فرزند ڄائو، جنھن جو نالو، مير امام بخش رکيائين؛
سندس تولد جي تاريخ ۾ ھيٺيون قطعو جوڙيائين:
ز بخش حق چو امام، امام بمن بخشيد، گل،
حديقئه بخشش امام بخش بنام؛
بروز بخشش او گــفت طبعـم اين تـــــاريخ، ”امام
بخش بقاﻋ بما بداد مام“.
1225ھه
(4)مير مختار علي: مير صاحب کي، 1232ھه ۾،
مير بختار علي نالي پٽ پيدا ٿيو؛ ھيٺينءَ طرح قطعو
چيائين:
چو حق بخشيد بامن مير بختار، که در پيش آمدش، آمد
دوان بــــــخت؛
سر وشم سال مولد، شــــريفش، بمن گفتا ”جوان طالع
جــــوان بخت“
1232ھه
ٻيو قطعو چيائين:
صد شکر که حق به من چو بخشيد، مختار علي بنام
مولود؛
تاريخ ولادتش ســــــــر وشم، ”با رشــــــــد چه
به خـــلف“ بفــــــر مود.
1232ھه
_ ص 76
اھو فرزند غالباً ساڳئي سال فوت ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته
بياض ۾ ھڪ قطعو ملي ٿو جيڪو مير بختار عليءَ جي
انتقال تي چيو ويو آھي، اگرچه قطعي ۾ ”نامور“ جو
لفظ ڪتب آيل آھي، جيڪو ھڪ سال جي ٻار لاءِ ڪم آڻڻ
مناسب نه آھي:
نامور ما مير مختار از علي، چون زد اندر قــصر
جنـــــت قال وصـــل،
روز وصل، اوبجنت ايـــــــزدش، ”ھــشت جنت جايش“
آمد سال وصل.
1232ھه _ ص 122
(5)بيبي سڪينه: مير صاحب کي ھڪ نياڻي بيبي
سڪينه نالي به ھئي، جنھن جي انتقال تي ھيٺيون قطعو
چيو اٿائين:
شد چو اندر جنان سکينئه من، ھم مکان با سکينه پيش
قبول؛
گفت تاريخ ھاتفم ”وﻵ باد“ ”در جنان با
ســــــــکينه پيش بتول“.
23 23+1206_ 1229ھه _ ص 121
مٿين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب کي چار پٽ
۽ ھڪ نياڻي ھئي: (1)مير عسڪرعلي، (2)مير علي شير
(1222ھه)، (3)مير امام بخش (1225ھه)، (4)مير
مختارعلي (1232ھه)۽ (5)بيبي سڪينه (وفات 1229ھه)؛
ليڪن سندس ھڪ ٻئي پٽ جو نالو به اسان کي ملي ٿو،
مير صابر علي ”سائل“، جنھن جو پٽ مير حسن علي
”ضيا“ ٿيو، ۽ ان کي مير صابرعلي ثاني ٿيو، جنھن جو
تخلص ”صابر“ ھو، ۽ ان جو پٽ، سيد حسين علي شاھه،
ھن وقت ٺٽي ۾ موجود آھي، جنھن جي عمر تقريباً 55
ورھيه کن ٿيندي”
تصانيف:
مير ’مائل‘ جو انتقال 1251ھه ۾ ٿيو؛ ھن وقت تائين
سندس تصنيفون ھيٺينءَ طرح اسان کي معلوم ٿيون آھن:
(1)ديوان
مائل: جنھن ۾ 232 غزل موجود آھن، ۽ 108 ورق
اٿس؛ اھو نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آھي؛
ديوان جي پھرئين غزل جو پھريون شعر آھي:
الاھي درھمه پنھان وھم از جمله ھويدا،پنھان چه
ھويداست ظھورت ز ھمه ھا.
آخري غزل جو مقطعو آھي:
با ”مائل“ حق آنکه ز دل مايل حق است، باشاه حق
ماَب دل حق به آب ده.
ھن ديوان جا آخري ورق گم آھن، جنھنڪري منجھس ”ي“
جو رديف ڪونه آھي.
(2)مجمع البلغاﻋ: 1218ھه ۾، مير صاحب سنڌ
جي فارسي گو شاعرن جو ھي تذڪرو مرتب ڪيو. ان ۾
ارغوني عھد کان وٺي ٽالپري زماني تائين جي شاعرن
جو ذڪر ڪيو ويو آھي. انھيءَ جو ڪوبه نسخو دستياب
ٿي ڪونه سگهيو آھي. ھن جو حوالو اسان کي برٽش
ميوزم ۾ مسٽر ايليٽ جي فائلن ۾ ڏسڻ ۾ آيو“: ڪتاب ۾
639 ورق بيان ڪيل آھن.
(3)بياض مير ”مائل“: ھي ننڍي سائيز جي
تقريباً 200 ورقن تي تمام باريڪ شڪسته خط ۾، مير
صاحب جي پنھنجي ھٿ اکرين لکيل آھي. ھن وقت اھو
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آھي. منجھنس قصيدا،
منقبت، نعتون، سلام، تاريخي قطعا ۽ متفرق اشعار
جمع ڪيل آھن، ۽ نھايت سليقي، قريني، ۽ ترتيب سان
لکيا ويا آھن؛ ڪاغذ تمام پراڻو ٿي چڪو اٿس، ۽ ھٿ
لڳڻ سان پيو ڀُري. ھن مضمون جو مواد انھيءَ بياض
مان ورتو ويو آھي.
(4) بياض: سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جا
پنھنجا ۽ پنھنجي هٿ اکرين لکيل 3 ٻيا به بياض
ساڳئي سائيز ۾ ساڳئي نموني جا آھن، جن مان ھڪ اھو
آھي، جنھن تان مٿيون بياض نقل ڪيو ويو آھي. ھي
غالباً مسودو ھو. ٻيا ٻه به سندس ئي بياض آھن، جن
۾ پڻ قصيدا، سلام، مرثيا ۽ منقبت آھن.
ھن ھيٺ اسان انھن ماڻھن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن جي
سلسلي ۾، مير صاحب جي بياض ۾ تاريخي قطعا ملن ٿا.
انھن مان ڪي مير صاحب جا عزيز ۽ سنڌ جا نامور شاعر
آھن، جن سان مير صاحب جو دوستيءَ جو رستو ھو، ۽ ڪي
اُھي نامور آھن، جن جو تعلق سنڌ جي تاريخ سان آھي.
مير عظيم الدين ٺٽوي:
مير عظيم الدين، سيد يارمحمد بن سيد عزت الله جو
فرزند، مير علي شير جو ڀائٽيو، ۽ مير ’مائل‘ جو
سڳو سؤٽ ھو؛ سندس تولد 1163ھه ۾ ٿيو. مير علي شير،
سندس ولادت جي ھيٺينءَ طرح تاريخ ڪڍي:
”انالـﮧ الحافظون“ (مقالات،
ص 206)
1163ھه
مير عظيم الدين، ٽالپري دؤر جو عظيم الشان شاعر، ۽
مير فتح علي خان جي دربار جو ملڪ الشعراﻋ ھو. ”فتح
نامه سنڌ“ سندس شھره آفاق تاريخي مثنوي آھي، جنھن
کي ھن مير فتح علي خان جي حڪم تي، 1209ھه ۾،
شاھنامي جي طرز تي تصنيف ڪيو. ڪلھوڙن جي آخري دور،
ٽالپرن جي معرڪن، ۽ ميرن جي ابتدائي دور جي تاريخ
جا چشمديد واقعا منجھس بيان ڪيا ويا آھن. اھا
مثنوي، ميرن جي دور ۾ ڏاڍي مقبول ۽ مشھور ٿي.
دربار خواه دربار کان ٻاھر وقت پڙھي ويندي ھئي، ۽
ماڻھن کي ان جا سوين اشعار بر زبان ياد ھوندا ھئا.
ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته:
“The Futtehnamah is rehearsed in durbar, and
many of the courtiers mark their adulation, by
I.committing the most fulsome passages to
memory.”
(Visit to the Court of Sinde _ p 46)
اسان کي مير عظيم الدين جون فقط ٽي تصنيفون معلوم
ھيون: (1)ديوان، (2)مثنوي ھير رانجھن ۽ (3) فتح
نامه؛ ليڪن مير ’مائل‘ جي بياض مان معلوم ٿئي ٿو
ته ھڪ ٻي مثنوي ”سير دل“ جي نالي سان به تصنيف
ڪيائين. مير ’مائل‘ مير صاحب جي سڀني ڪتابن جي
تصنيف جا سال، تاريخي قطعن جي ذريعي، ٻڌايا آھن.
انھن قطعن جي عنوانن مان اھو به معلوم ٿئي ٿو ته
مير ’مائل‘، نه فقط سندس سؤٽ ھو، بلڪ شعر ۾ سندس
شاگرد به ھو، ڇاڪاڻ ته سندس نالي جي اڳيان ھميشـﮧ
”استاد“ لکي ٿو. ھن ھيٺ اسان ترتيب سان اھي تاريخي
قطعا ڏيون ٿا:
(1)مثنوي ”سير دل“: مير ’مائل‘ جي ھيٺئين
قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب اھا مثنوي
1206ھه ۾ تصنيف ڪئي:
شـــھه، شــــاعران مــــير بزم ســــخن، که اسمش
عظيم است بنام خدا؛
پــــئي تـحفـﮧﻋ بزم سلطان ســــند، که
ســــلطانيــــش داد عــــھد وفــــا؛
چه سلطان که نامش به فتح،علي، کند کار رستم به
دشــت وغــــا؛
عجب مثنويﻋ نــکو ”ســـــير دل“، مــــرتب
نــــمــــوده بــــطــــرز صــــــــفا؛
اگــــرچه مــــجازست بــــظاھـــر، ولــــي،
بــــسوي حــــقيقت بــــود رھـنمــــا؛
کسي کــو بگويد مجازست ايــــن، کــــجا بــــا
حــــقيقت بــــود آشــــنا؛
پــــئي ســــال اتمــــام ايـن مـــــثنوي، که
باشد عجب نـــسخهﻋ بي بھا؛
زطبعم شده کل سه تاريخ نيک، بتائيــــد آن
ملھــــم، بـــا صــــفا؛
”عجب سير دل نام نسخه بزيب“، ز الھام غيب آمد اين
خوش صدا؛
(1206ھه)
”زھي مثنوي تحفـﮧﻋ اھل بزم“، د گر آمد اکنون ز
غيب اين نـــدا؛
(1206ھه)
”دگر تحفـﮧﻋ خاص با زيب عقل“، مــــکرر
بــــگوشــــم رســــانــــد نـــــــــدا؛
(1206ھه)
ھميشه چنين تحفـﮧﻋ بزم دل پئي اھل دل باد عشرت
فزا._ص 80
انھيءَ مثنويءَ جو ھڪ نسخو مون وٽ موجود آھي؛
منجھس 316 اشعار آھن، جن مان پھريان چند شعر ھي
آھن:
بنــــام مــــشتريء دل فــــروشــــان،
بســــوداي مــــحبت گرم جــــوشان؛
ز نقد حسن در گنجينهﻋ اوست، ھــــمه را در نظر
گنجينهﻋ اوست؛
پئي سوداي عشق آراست بازار، بنقد حسن شد دل را
خريدار ...
ڪتاب ۾ ”توحيد“ کان پوءِ مختلف عنوان قائم ڪيا ويا
آھن. عشق جي ماھيت بيان ڪندي، پوءِ معشوق جي سراپا
بيان ڪئي ويئي آھي؛ ڪاڪل، زلف ابرو، چشم وغيره
وغيره، جو بيان ڪندي، پستانن جي وصف ھن طرح ڪري
ٿو:
بر آن لوح از کمال لـــطف صنعت، دو دستنبو نھاده
دست قدرت؛
دو دسنوي خوش پر مــــــغز و رنـــگين، کزو خون
شه دل صد نار ياسين؛
چــــــو دل ايــن باغ فيض ايزدي ديــــد، چه خوش
برداشت اينجا دست اُميد؛
انار دلڪش ايـــــــن نــــــــــو گلــــستان،
بــــدل دادنــــد امـــــان دستگر دان؛
ازان دار الصــــّفا دل را گــــذر شـــــــد،
گذارش بر سر موي کمر شــد.
ان
کان پوءِ ڪمر، شڪم ۽ ناف تي طبع آزمائي ڪندي، ”ڪان
جواھر“ تي پھچي، اشھب قلم کي انھيءَ صاف ميدان تي
ھن طرح ڊوڙائي ٿو:
دلا اين جا ست آن کان، جواھر کــــزان
پــيــــدا شــــود جــــان جــــواھــــر؛
عجائب گوھر آرد اين صدف بـار، کــــزو حــــيران
بــــمانــــد در شــــھــــوار؛
دل آنجا فاتحه خوانده باخلاص، که يا رب کي کشايد
عقدهﻋ خاص؛
خبيثات ز براي اخبثين اســـــــت، و ليڪن طيبات از
طيبين است؛
در اين دفتر نه ذکر خبثيات است، که اينجــــا جمله
وصف طيبات است؛
دلا بر گرد کاين جنات ماواست، که گـندم رھزن آدم
در ينجاست؛
در اينجا باز سر کــــن راه نــــو را، که مــــي
دز دنــــد ايـنـــجــــا راه رو را؛
مکن ايدل در اين ره ســــر تماشا،
تمــــاشــــائــــي شــــود گـم در تماشا؛
چو اين ره طي نميگردد رھاکــن، بسير دست و پايش
دست پاکن.
اھڙي طرح، مير عظيم الدين دل کي حسن جي سموريءَ
سراپا جو سير ڪرائي، مثنويءَ کي ھن طرح ختم ڪيو
آھي:
بحسن خلق وبا عـشق الاھـــــــــي، کنــــــد مير
زمان پيوسته شاھي.
خدايا کام خـسرو بــــاد شــــيرين، ز شيرين
ميوھاي حسن رنگين.
بــــدولت خانهﻋ شــــھه بــــاد تــــيار، ھميشه
شــــاھد دولــــت پــــرســــتار.
الاھــــي تــــاکه دور آســــمان بــــاد،
بــــکام شـــاه و اخوانش روان باد.
چو نامم در گنه گاري عظيم است، چه خوش نامت
بغفاري عظيم است.
آخري شعرن کان ڪجھه مٿڀرو ھي شعر به آھن:
اگر بر طبع خود نازم گناه است، بلند يھا ھمه از
الطاف شاه است.
بــــافـــــضـال شــــھه، والا نــــگاھــــان،
کشيدم سرمه در چشمه صفاھان.
(2)فتح نامه: مير عظيم الدين انھيءَ
مثنويءَ بعد ”فتح نامه“ تصنيف ڪيو، جنھن جي تصنيف
جو سال 1209ھه آھي: شاھنامي جي بحر تقريباً ٻن سؤ
صفحن تي آھي. مير ’مائل‘ جي بياض ۾ ان تصنيف لاءِ
ڪوبه قطعو موجود نه آھي؛ بياض جا بعض ورق غائب
آھن، ممڪن آھي ته اُنھن ۾ اھو قطعو به ھجي.
(3)ديوان ”عظيم“: مير صاحب
جو ھي پھريون ديوان آھي، جيڪو 1210ھه ۾ مڪمل ڪري،
مير فتح علي خان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. انھيءَ
ديوان جو پھريون نسخو، جنھن کي مير صاحب پاڻ مير
فتح علي خان لاءِ مرتب ڪيو، ۽ مير ’مائل‘ ان جو
قطعو چيو، سو منھنجي پيش نظر آھي. مير عظيم الدين،
ديباچي ۾ لکيو آھي ته ”ھي حقير اڃا انھيءَ قابل نه
آھي ته پنھنجو ديوان مرتب ڪري، ليڪن مير صاحب جو
حڪم آھي، تنھنڪري جيترو ڪلام ھن وقت تائين گڏ ٿيو
آھي، سو درج ڪيان ٿو: ھن وقت منھنجي عمر 40 سال
آھي، ھن کان پوءِ جيڪي چوندس تنھن کي حاشيي تي
لکندس.“ چانچه ديوان جي حاشيي تي سندس پنھنجي ھٿ
اکرين ھر رديف ۾ پوءِ جا جوڙيل غزل درج آھن: پاڻ
قطعو ھن طرح چيو اٿائين:
چو آغاز ترتيب ديوان نمود، مدد خواست دل از
جناب احد،
دلــم بھر تــــاريخ آغــــاز آن، بــــگفتا
”عـلــــي العظيما مدد“.
1210ھه
ديوان جو پھريون شعر ھي آھي:
”اي در ھمه موجود هم از جمله مبرا، تو در ھمه
پنھان وز تو ھر ھمه پيدا“.
219 صفحن تي غزل، 8 صفحن تي رباعيون، 50صفحن تي
تاريخي قطعا، 71 صفحن تي قصيدا، منقبت، وغيره،
36صفحن تي سلام ۽ مرثيا، 14صفحا تاريخي قطعا، 16
صفحا مثنويون، 33 صفحا مثنوي ”سير دل“، 11 صفحا
عريضه منظوم در خدمت مير صاحب، ۽ 10 صفحا ساقي
نامو.
انھيءَ ساڳئي ديوان لاءِ مير ’مائل‘ ھيٺيون قطعو
چيو آھي:
ديوان عظيم يافت خوش نظم، اين نظم نکو اَدا
ببينيد“.
شد سال عظيم اين نکو نظم، ”ديوان عظيم ما ببينيد“.
1210ھه
ٻيو
قطعو آھي:
ديــــوان مــــعانــــيﻋ عــــظمــــت، حق کرده
عظيم چون عظيما؛
دل سال عظيم او سحر گاه، ”ديــــوان عــــظيم“
گفــــت حــقا:
1210ھه
مير عظيم الدين جو انتقال 1229ھه ۾ ٿيو، يعني
ديوان جي مرتب ٿيڻ کان 19 سال پوءِ؛ ۽ ھي ديوان
جنھن وقت جوڙيو ويو تنھن وقت اڃا چاليھن ورھين جو
جوان ھو: تنھنڪري ڀانئجي ٿو ته انتقال تائين جيڪو
ڪلام تيار ٿيو، سو ڪنھن ٻئي ديوان ۾ داخل ڪيو ويو
ھوندو، ڇاڪاڻ ته ھن ديوان جي حاشيي تي تمام ٿورا
غزل سندس ھٿ اکرين لکيل آھن.
(4)مثنوي ھير رانجھن: ھيءَ مثنوي، 1214ھه
۾، مير صاحب تصنيف ڪئي. مير فتح علي خان جي زماني
۾، ۽ مير ڪرم علي خان جي دؤر ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن
انھيءَ قصي کي نظم ڪيو آھي. مير صاحبن جي فرمائش
تي جيڪي مثنويون مرتب ٿيون سي آھن:
(1)مثنوي ھير رانجھن از مير عظيم الدين.
(2) ” ” ” از ولي محمد خان
لغاري.
(3) ” ” ” از مير ضياﻋ
الدين ”ضيا“ ٺٽوي.
(4) ” ” ” از منشي
شيوڪرام ”عطارد“.
شاھه آفرين لاھوريءَ، ميان آزاد لاھوريءَ، ۽ نواب
احمد يار خان ”يڪتا“ به ساڳئي قصي کي نظم ڪيو آھي.
پويون صاحب مغل دؤر ۾ ٺٽي جو نواب ھو. سندس مثنوي
سنڌ اندر مشھور ٿي، جنھن جي تتبع تي مير پنھنجي
درٻاري شاعرن کان مٿيون مثنويون لکرايون. سڀ کان
پھريون، مير فتح علي خان جي فرمائش تي، مير عظيم
الدين قصي کي نظم ڪيو: مير ’مائل‘ انھيءَ مثنويءَ
لاءِ ھيٺيون قطعو تصنيف ڪيو، جنھن ۾ ”يڪتا“ جي
مثنويءَ ڏي به اشارو آھي:
طرفه در حسن و عشق رانجھن و ھير،
آمد اين تازه نامه زيب پذير؛
گرچه ز اين پيش خامهﻋ يکتا،
کرده است نظم نامهﻋ يکتا؛
ليکن اين نامهﻋ عظيم، ”عظيم“،
شد دو بالا به نزد طبع فھيم؛
ناظمِ اين رسالهﻋ رنگين،
مير بزمِ سخن عظيم الدين؛
طرفه در عھد فيض دولتِ شاه،
شاه گردون حشم سليمان جاھه؛
خُسروي سند، مير فتح علي،
فيض بخشي جھان به خوش عملي؛
چون به ارشاد خاص حضرت مير،
قدردانِ سخن بطبعِ مُنير؛
با روي سلطنت برادرِ شاه،
با سُليمانِ سند، آصف جاه؛
از کرم بخشيﻋ علي نازان،
مير دوران مراد بخش جھان؛
شد ز ميرِ محمد او دلشاد،
مرﱞدهﻋ شاديش ز يزدان باد؛
مير دوران غلام نام علي،
آنکه نامش بود غلام علي؛
داد اين نامه را بنظم عظيم،
طبق دلخواه زينتِ تنظيم؛
بھرِ تشريح سمال اين نامه،
کرد مائل بدست چون خامه؛
سال اين نامه گفت طبع منير،
”نامهﻋ حسن عشق رانجھن و ھير“؛
1214ھه
تاکه از حسن و عشق باد نشان
باد اين نامه يادگارِ جھان.
_ ص 80
ٻيو قطعو ھن طرح رقم ڪيو اٿائين:
به بحر مثنويﻋ نظم ”يکتا“،
عظيم آمد چو نظمِ حضرتِ مير؛
ز طبعم سر زد اين تاريخ تنظيم،
”زھي نو مثنويﻋ رانجھن و ھير“.
1214ھه
ٽالپرن جي نئين نئين بادشاھت قائم ٿي ھئي: ڪلھوڙن
جون درٻاريون، انھن جي علم پروري، داد و دھش،
شاعرن، اديبن، عالمن ۽ اھل فن جو اجتماع اکين سان
ڏٺو ھئائون؛ انھيءَ دؤر جو پيدا ٿيل علمي ۽ ادبي
ذخيرو سڀ سندن سامھون ھو؛ تنھنڪري ھنن لاءِ به
لازمي ھو ته گنشته دربار جون سڀئي روايتون قائم
رکن، جيئن ملڪ جو علمي طبقو کانئن خوش رھي، ۽
اڳينءَ سلطنت جي ختم ٿيڻ جو احساس ۽ افسوس سندن
دلين مان نڪري وڃي.
ٽالپرن، پنھنجي دربار ۾، ملڪي خواه غير ملڪي،
شاعر، اديب ۽ عالم ڪيترا آڻي گڏ ڪيا. ازنسواءِ پاڻ
به علم جا شوقين، ادب مان شناسا ۽ شعر و سخن جي
ميدان جا شھسوار ھئا؛ تنھنڪري نه فقط رسمي طرح قدر
داني ڪندا ھئا، بلڪ انھيءَ معزز طبقي تي حقيقي طرح
داد و دھش جي ورکا ٿيندي ھئي، ۽ سندن جائز قدر
داني ڪئي ويندي ھئي.
مير عظيم الدين انھيءَ دؤر جو عظيم المرتبت شاعر
ھو. سنڌ جيڪي چند اعليٰ پايي جا فارسي شاعر پيدا
ڪيا آھن، انھن مان ھي به ھڪ ھو. ظاھر آھي ته مير
فتح علي خان جھڙي سخي، دريادل ۽ قدردان جو ذاتي
شاعر ھو؛ تنھنڪري عام شاعرن کان سندس مرتبو بلند
،۽ سخن پرور بادشاھه جي داد و دھش کيس فارغ البال
ڪري ڇڏيو ھو. مير ’مائل‘ جي بياض مان اسان کي
معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي ۾ مير عظيم پنھنجي رھائش لاءِ
نئين طرز جو نھايت ئي خوبصورت ۽ وڏي قيمت خرچي
بنگلو ٺھرايو ھو؛ اھو بنگلو 1206ھه ۾ ٺھيو، جيڪو
سال مثنوي ”سير دل“ جي تصنيف جو آھي. اھو پڻ
ڏيکاري ٿو ته ٽالپرن، مير صاحب کي مالامال ڪري
ڇڏيو ھو. انھيءَ بنگلي تي مير ’مائل‘ پنج قطعا چيا
آھن؛ پھريون تمھيدي قطعو ھي آھي:
براي قصر تو اي مير ما عظيم الدين،
رساند طبع دعا گوي پنج قطعهﻋ سال؛
چو پنج قطعهﻋ که باشند پنج گنج گھر،
چو پنج گنج که ھستند پر ز گوھرِ قال؛
بحق پنجتن اين پنج گنج پر گوھر،
بطور ھديه ز داعي قبول کن ھر حال؛
اگرچه نسيت سزاوار عرضِ حضرت،ليک،
تو مقبلي و قبوليتت بود ز افضال؛
ھميشه باد وجودت درين مبارک قصر،
نظاره بخش احبا بدولت و اقبال. _ ص 82
(1) چو ميرن من شھهِ ملک سخن عظيم
الدين،
بروي رسته بناي عظيم کرد بنا؛
شگفت از دل، احباب صد گلِ عشرت،
خليد خار تحسر بديدهﻋ اعدا؛
زھي خجسته بنائي زھي مبارک قصر،
............... تزئين ميان ارض و سما؛
چو ھست جلوه زنان نور ايزدي در وي،
بجاست گر بکنم نسبتش به بيتِ خدا؛
چه قصر آنکه مسما به ”بنگله اي“ کردند،
چه بنگله اي که بود رشک جنت الماوا؛
عمارتيست معلى به گنبدِ عالي،
زھي عمارت و خوش گنبديست نيک بنا؛
برنگ بيت مقدس پئي پرستشِ حق،
چه گنبديست معلق ميان ارض و سما؛
بحيرتم که چرا ھشت باب او کردند،
به ھشت باب نديد است کس گلستان را؛
نه بر زمين و نه بر آسمان مگر اين قصر،
به ھشت باب بھشتي است است درميانِ ھوا؛
ھزار نقش نکو درميان او موجود،
ھزار رنگ لطافت بفرق او پيدا؛
بھر چھار طرف صحن او وسيع السير،
که مرغ روح پئي سير او پرد به ھوا؛
برائي سير عجب سير گاهِ اين قصر است،
تو آن نمود بھر لحظه سير اين خوش جا؛
خصوص در شبِ مھتاب و موسمِ باران،
براي سير بود گلشنِ نشاط افزا؛
عجب مکان وعجب سير گاه صد گلشن،
که ھست ھر طرفش سير سبزهﻋ گلھا؛
کسي نديده چُنين گلشني به روي زمين،
کي ھست ھر گلِ اُو رشک صد گلِ رعنا؛
چه گلشني که در او مي وزد ز جمله جھات،
نسيم لطف الاھي برنگ باد صبا؛
درش گل ست وجدارش گل ست وسقفش گل،
نھاده اند درين قصر فقش صد گلھا؛
بربِ کعبه عجب معبديست عالي شان،
دروست شانزده محراب طاعتِ مولا؛
بموقع است اگر چار سوش محرابت،
که ھست چار لطف روي اھل دل بخدا؛
کسي نديد بيک بيت شانزده محراب،
براي طاعت، حق لا الـﮧ الا الله؛
عجب مبارک جائي ست اين بناي عظيم،
عجب خجسته بنائي است اين مبارک جا،
دلم به مرﱞدﻋ تعمير اين بناي عظيم،
”عجب بناي خجسته“ بگفت سال بنا:
1206ھه
ھـــميشه باد خــــدايا بدولت و اقبال،
چنين بناي مبارک بصاحبش برپا.
مٿئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ عمارت کي
بنگلو سڏيو ويندو ھو. غالباً انگريزي تمدن جي آمد
جو اِھو پھريون مثال آھي. بنگلو لب سڙڪ ھو، ڇت جي
وچ تي ھڪ عاليشان گنبذ ھئس، چوڌاري اٺ درواز ھئس،
چؤ طرفو صحن ايڏو ڪشادو ھئس جو سير تفريح لاءِ نه
فقط ماڻھو بلڪ روح به پرواز ڪري تماشي ڏسڻ جي تمنا
۾ رھيو ٿي؛ چئني طرفن کان اُن جي بھشت نما باغ به
ھو، جنھن جي سير جو لطف شب مھتاب ۽ موسم باران ۾
روح کي راحت پھچائيندو ھو. باغ ايڏو ڪشادو، وسيع ۽
دلڪش ھو، جو شش جھان جي ھوا جڏھن اتي پھچندي ھئي.
ته اندر نسيم ۽ صبا جو روپ اختيار ڪري داخل ٿيندي
هئي درن، ديوارين ۽ ڇت تي گلڪاريءَ ۽ چٽساليءَ جو
باغ وبھار ڪيو ويو ھو، اندر لنگهڻ سان ماڻھو حيران
ٿي ويندو ھو.
(2) چو ھست بنگله مير ما عظيم الدين،
عجب مکان عظيم و عجب نشانِ عظيم؛
دلم بمرﱞدهﻋ اين خوش مکان و خوش منظر،
بگفت سال عظيمش ”عجب مکان عظيم“:
1206ھه
ھميشه باد خدايا چنين مکان بمکين،
مکان عيش و مسرت درين جھان عظيم.
(3) عظيم الدين محمد مير خوش فکر،
عــــجب جــــاي نکــــو فــــرمود بــــرپا؛
چو دارالعشرت است اين جاي پر عيش،
شــــد ايــــن اســــمِ مــــبارک سال اين جا؛
ھميشه باد يا رب صاحبِ اُو،
دريــــن ”جــــاي مبــــارک عــــشرت افــــزا“؛
1206ھه
(4) عــــزيز مصر سخن مير ما عظيم الدين،
عجب بناي مکاني بطور قصر نمود؛
زھي مکان عجب آنکه سال تعميرش،
”عجب مکان زھي خوب قصر“ دل فرمود؛
1206ھه
ھميشـﮧ باد خدايا برائي صاحبِ اُو،
تمام ساز مسرت درين مکان موجود.
(5) چو مير خيسروِ ملکِ سخن عظيم الدين،
زھي مکان خجسته بدھر کرد بنا؛
براي سال بناي چنين مکان عظيم،
که بھر سير توان گفت جنت الماوى؛
دلم بياوريﻋ پنجتن ز ھاتف غيب،
”زھي مکان خجسته“ شنيد نيک صدا:
1206ھه
بحق پنجتن، پاک مير صاحب آن،
ھميشه باد درين نو مکان نشاط افزا ! ص 82
مير عظيم الدين جي انتقال جي تاريخ جو ھن وقت
تائين پتو ڪونه ھو. ممڪن آھي تڪملهﻋ مقالات شعرا
جي صنف ان جي خبر ڏني ھجي؛ ليڪن چونڪه ڪتاب دستياب
نه آھي، تنھنڪري ان جي مندرجات کان اسان بيخبر
آھيون. مير ڪرم علي خان، مير حسن الحسينيءَ کان ھڪ
تذڪرو ”زبدة المعاصرين“ جي نالي سان 1240ھه ۾ مرتب
ڪرايو؛ ان ۾ چند سٽون، مير عظيم الدين لاءِ به
لکيون ويون آھن، جنھن ۾ سندن سال وفات 1234ھه
ڏيکاريو ويو آھي؛ مصنف لکي ٿو:
”سندي اصلش، از ديول (ٺٽه) مي باشد، و در کمال
فصاحت وبلاغت و سخن پردازي عديل و نظير نداشته، و
آخرالامر بمرض سوزناک (؟) بعالم بقا ر حلت نموده
در 1234ھه.“
مير ’مائل مير عظيم جي انتقال تي ھڪ طولاني مسدس
لکيو آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس انتقال
1234ھه ۾ نه بلڪ 1229ھه ۾ ٿيو؛ مير ’مائل‘جي ھن
فقري مان به ساڳيو سال نڪري ٿو: ”و ھو العلي
العظيم بجوده“. _ص 114
مير ’مائل‘ھي مرثيو چيو آھي:
افسوس کاين زمان دگر از خواھشِ قضا،
بعد از گلذشتنِ مهِ عاشوره بلا؛
در غرهﻋ صفر که بود ھم مهِ عزا،
دردِ عظيم کرد جھان تعزيت سرا؛
کاين ھردو ماه ماتم سبطين اعظم اند،
ماه محرم و صفر از بھر ماتم اند.
زين ماتمِ عظيم که در آل مصطفى است،
فرياد يا حسين و حسن باز جابجاست؛
چون ورد اين دو نام پئي درد دل دو است،
نامِ شھهِ حسين و حسن ورڊ دل بجاست؛
ايدل بجاست گر نه تواند ز غم عظيم،
کردم بيان درد شھان ماتم عظيم.
روزِ وفات آن سخن آراي نکته دان،
از درد فرقتش که شده عام در جھان؛
ميگفت خاص و عام ز ھر پير وھر جوان‘،
اين فرد درد وردِ دل و جان بصد فغان؛
کاين مشعلِ عظيم چرا کرد گل قضا،
کز روشنيش بزم سخن داشته جلا.
آن واقفِ رموز سخن فخر صد کليم،
ناميﻋ اھل فطرت با شوکتِ عظيم؛
شيداي طرز ھر سخش ”قدسي“ و ”سليم“،
مداح خاص احمد و ھم آلـﮧ الکريم؛
چون در جنان باھل سخن کرد سر سخن،
بشنيد بارک الله ز تحسين بھر سخن.
از بسکه ’حب خاص علي العظيم داشت،
و از شوق ياد نام حبيب کريم داشت؛
حب علي و آل عظيمش صميم داشت،
ز الھام روح قدس تخلص ”عظيم“ داشت؛
روح القدس بسال وفاتش ز غيب زود،
گفتا ”بجا محب علي العظيم بود“.
1229ھه
چون واصل ودود شد از غايتِ وِ داد،
آن شاد دل بمرﱞدهﻋ صد وصل دل نھاد؛
نام آور ديار عظمت بصدر شاد،
کز نام او محبت اينست مستفاد؛
وسالِ وصال باز خرد بھر اين غمين،
فرمود ”با ودود وصالِ عظيم بين“.
1229ھه
چون اھل درد بود و دردِ عظيم داشت،
با خويش درد عشق بھر دم نديم داشت؛
دردِ شھادت شھدا مستقيم داشت،
با اھل درد ربطهِ دلي از قديم داشت؛
سالش ز درد مائلِ غمگين بلوح غم،
”دردِ عظيم“ کرد رقم با سرِ آلم.
1228 ھه ( 1228+1=
1229ھه)
اين سخت شد عزا که چنين صاحبِ کمال،
يکبارگي بفضلِ کمالات قال و حال؛
داده بجان اھل عزا داغ صد ملال،
از غم برسته شد بجنان شاد در وصال؛
او شاد در وصال و من اندر غمش غمين،
خوش گفته اند شادي باغم بود قرين.
اي واصل جناب علي العظيم ما،
در ماتمت ز عرش عظيم آمد اين صدا؛
کاين غمکش عظيم شھيدانِ کربلا،
در کربلا بسيد شھدا ست دائما؛
بنمود مقبلت چو حق اي محتشم کلام،
بشنو ز جان ”مائلِ“ حق عرض صد سلام.
چون در عزاست فاتح خواني ز لازمات،
و از لازمات فاتحه خواني بود صلوات؛
بر مصطفى و آل و بھر فرد کائنات،
پس بر صلوات ختم کلامست و واجبات؛
صلوا علي النبي مع الاَل صبح و شام،
کاين ختمهﻋ عظيم شود مغفرت پيام. _ص114
ھن مرثيي مان معلوم ٿيو ته مير صاحب جو انتقال، 1
صفرالمظفر 1229ھه جو ٿيو، ۽ ان وقت سندس عمر 67
ورھيه ھئي.
مير ضياءُ الدين ”ضيا“ ٺٽوي:
مير ضياءُ الدين ”ضيا“، مير علي شير جو ڀاءُ ۽ مير
’مائل‘ جو چاچو ھو. مير عظيم الدين جي انتقال واري
سال ۾، سنڌ جي ھن ٻئي قادر الڪلام شاعر جو به
لاڏڻو ٿيو، ۽ سنڌ کي ھڪ ئي سال ۾ ٻن بي مثل ۽ وڏن
فارسي گو شاعرن جي رحلت جو داغ دل تي سھڻو پيو.
سنڌ جي آسمان ادب جا اھي ٻيئي آفتاب ۽ ماھتاب ھڪ
ئي سال ۾ ھڪٻئي پٺيان راھه رباني وٺي ويا.
مير ضياءُ الدين، صاحب ديوان شاعر ھو، ۽ ھير
رانجھي جي قصي کي به مثنويءَ جي بحر ۾ نظم ڪيائين.
مير ’مائل‘سندس انتقال تي ھيٺيون قطعو چيو:
دم تسليم جان حضرت عمويم،
که در ھجرش دلم اين داستان گفت؛
بوصفش اکمل الاَل از ....... تفضل،
ز دل ھر اھل فضل اندر جھان گفت؛
ز دنيا رفت چون در قصر جنت،
بحق لبيک وصل از شوق جان گفت؛
ضياي دين بروحش باد ھمدم،
ز دل روح القدس باصد زبان گفت؛
بعونِ پنجتن زان سال وصلش،
”ضياﻋ الدين محمد في الجنان“ گفت؛
1229ھه
بحق پيوسته از خوبيﻋ دارين،
به نزد حق دعاي دوستان گفت؛
بحق ”مائل“ بحق بادا بدارين،
به ارباب حق آن جنت مکان گفت؛
بگاه ختمهﻋ غفرانش الحق؛
عفاک الله پئي اين ختمه خوان گفت؛
(2)
قبله ام چون بوصيت ز اين پيش،
چند از کار شفاﻋالدين گفت؛
سالِ وصل خود خود آندم با من،
”در جنان جاي ضياﻋالدين“ گفت؛
1229ھه _ ص
115
”در جنان جاي ضياءُ الدين“ جو فقرو مير ضياءُ
الدين پاڻ چئي ويو ھو.
مخدوم نور محمد بوبڪائي:
بوبڪن جو جيد عالم، شاعر، شعر و سخن جو دلدادو،
يارن جو يار، دوستن جو دلدار، مخدوم نور محمد
بوبڪائي، مير ڪرم علي خان جي دور جو شاعر ھو، ۽
مير ’مائل‘ جو خاص دوست ھو؛ سندس تخلص ”نور“ ھو:
”محڪ خسرويءَ“ ۾ سندس ڪيترائي غزل منتخب ڪيل آھن.
سندس شاعريءَ جو رنگ ھي آھي:
رخ از نقاب کشا با ھزار ناز و ادا،
پئي قرار دلِ بيقرار مي آيد.
مير ڪرم علي خان، ھڪ غزل غالباً ’واردات‘ ۾
چيو:
ديدم آن نازنين شبي به شکار،
سروقد، گل عذار و مه رخسار.
مخدوم نور محمد ھيٺيون غزل تصنيف ڪيو، جو پڻ
’واردات ٿو ڏسجي:
دوش ھِندُو زني پري رخسار،
گشت با من بشھر ڻھڻه دوچار؛
گلعذاري که از دو نرگس اُو،
فتنه را بود گرميﻋ بازار؛
تير مرﱞگان آن کمان ابرو،
ھر دلي را که يافت کرد شکار؛
کفتمش اي نگار نام تو چيست؟
گفت با نام من چه داري کار!
گفتم اي شوخ اين چه بي رحميست،
که مسافر چنين نمودي زار،
حاليا چون شکار تو شده ام،
باز از دست خود مرا مگذار!
گفت شيون به کار تو نايد،
جز بصيرت نمي برآيد کار!
گفتمش صبر من نماند بمن،
گفت بي صبر کي بود ھوشيار!
شوخيش چون زحد فزون ديدم،
روي گردان ازان شدم ناچار!
”نور“ از تته شو برون که مباد،
کردت حال شيخ صنعان وار!
چند شعر ملاحظه ٿين:
جورِ چشمِ خوابناکِ يار، ما دانيم و دل،
جنبشِ اين فتنهﻋ بيدار، ما دانيم و دل؛
دل نميدانست بندِ عقل دور انديش را،
آنچه اکنون ميکشد آزار، ما دانيم و دل.
* * *
ترا من وفـــــادار انگاشتم، سراسر غلط آنچه
پنداشتم.
* * *
کم ز قيامت نتوانم شمرد، فتنهﻋ آن قيامتِ دلجوي
تو.
* * *
اي ز تابِ حسن شوخت خيره چشمِ آفتاب،
و ز بھار عارض تو خانـﮧﻋ گلشن خراب!
نادرشاھه ايرانيءَ جي خونريزي ۽ خاص طرح دھليءَ جي
بربادي ضرب الثمل ٿي چڪي ھئي. نادرشاھه جي گهوڙن
سنڌ کي به تاخت تاراج ڪري ڇڏيو ھو. سنڌ جي ڪيترن
شاعرن نادرشاھه جي آمد ۽ ان جي قتل تي تاريخي قطعا
چيا، جن مان نادرشاھي واقعات جو سنڌين جي دل دماغ
تي جيڪو اثر پيو، ان جو اندازو ٿي سگهي ٿو. مخدوم
نورمحمد، نادرشاھه جو نالو پنھنجي شعر ۾ ھن طرح
استعمال ڪيو آھي:
کرد غارت دھليء دل آن شھهِ مھه پيکران،
شوخِ من اندر ستم کمتر ز نادرشاه نيست.
مير ڪرم علي خان جي دؤر ۾، حيدرآباد جو وڏو عروج
ھو. ٽالپري دربار اقبال منديءَ جي آسمان تي پھتل
ھئي. مير صاحب پاڻ به شاعر ۽ شاعرن جو قدر دان ھو.
سڄيءَ سنڌ جا سخنور حيدرآباد ۾ اچي جمع ٿيا.
درباري اميرن ڪيترا پڻ شاعر نواز ھئا. حيدرآباد ان
زماني ۾ شيراز جون سڪون لاھي رھي ھئي. ھر علم دوست
جو گهر، ادبي ۽ علمي ڪچھرين لاءِ کليل ھو. نواب
ولي محمد خان، ميان يوسف خدمتگار، خسروبيگ، سيد
ثابت علي شاھ، ميان رفيق سبزي فروش، سيد صابر علي
شاھه ”صابر“، ديوان صاحب راءِ ”آزاد“، مير غلام
علي ”مائل“ سڀ حيدرآباد ۾ موجود ھئا. مير ڪرم علي
خان، مير غلام علي خان، ۽ مير مراد علي خان ٽيئي
ڀائر ، نه فقط قدردان بلڪ پاڻ به سخن سنج ھئا.
مخدوم نورمحمد رھندو ته حيدرآباد ۾ ھو، ليڪن گهر
گهاٽ اڃا به بوبڪن ۾ ھئس، تنھنڪري اچڻ وڃڻ پيو
ٿيندو ھئس. دربار جي قدردانيءَ، احبابن جي اصرار،
۽ حيدرآباد جي علمي مجلسن جي ڪشش، مستقل طرح، کيس
بوبڪن مان لڏي پلاڻي حيدرآباد ۾ آڻي ڪڍيو. مير
’مائل‘سان گهڻي دل گهريائي ھيس. جڏھن لڏي آيو، ان
وقت خوشيءَ وچان مير ’مائل‘ھيٺيان قطعا تصنيف ڪيا:
(1)
مرﱞده، آن ماه اوج فـــــضل وکـــــمال، از
رهِ مـــــھـــــر مـــــھـــــربـــــان آمد.
خـــــوش بـــــخـــــير آمـد و ز آمدنش،
مـــــرﱞدهﻋ نـــــو بـــــه مخلصان آمد.
دســـــته دســـــته بـــر او دعا و سلام، ورد
بـــــلبـــــل بـــــه گــــلستان آمد.
ورد احـــــباب، گـــــاهِ
تـــــشريـــــفــــش، خيـــــر مـــــقدم ز
شوق جان آمد.
مـــــرحـــــبا کان مھهِ سپھرِ شرف، چـون
شرف بخشِ داعيان آمد.
نـــــامـــــش از يُمن نـــــور نـــــام
نبي، ورد جــــــــــانِ
مــــــــــوالــــيـــــان آمــــد.
والـــــهﻋ حــــــــــرف او دلِ
احـــــــــبـــــاب، خـــــوش چـو واله گهر
فشان آمد.
رفـــــت ز احـــــباب فـــــکر بـــــيکاري،
رونــــــقِ نـــــو بـــــکـــــار شـــــان آمد.
مـــــرحـــــبا کـــــز ازل بـــــه
مــــخدومي، فـــــضل و دانــــش ز ھمرھان
آمد.
حـــــيـــدرآبـــــاد کـــــرده بنگـــــله
اش، چـــــون در آنـــــجا ز بـــوبکان آمد.
”مائل“ حق ز فيض ملھم غيب، در مدحيش چو قطعه
خوان آمد.
ديده اين قطعهﻋ موشـــــح گـــــفت، نام
مـــــخدوم چـــــون عـيان آمد.
ھي قطعو موشح آھي: ھر شعر جو پھريون اکر وٺي گڏبو،
ته ”مخدوم نورمحمد“ بر آمد ٿيندو.
(2)
اي آمدنت عيش جزاي احباب،
با عيش ابد کام رواي احباب،
خوش آمدي و کامده از آمدنت،
صد مرﱞدهﻋ کام از براي احباب!
(3)
از قدومت اي بمجد و اعتلا مخدوم عصر،
مرﱞدهﻋ صد خير و خوبي بخش احباب آمده.
خير مقدم کز نسيمِ لطف تو در شھر ما،
گلشنِکامم بکامِ طبع شاداب آمده.
باد از نورِ محمد نام تو روشن چو مھر،
در دعا ”مائل“ ز مھرت خوش شرفيات آمده.
(4)
اي دلت از پر توِ نورِ محمد با جلا،
.............. کام بخشِ اصدقا!
باد دائم بر سپھرِ نيک نامي کالقمر،
حرمتِ نورِ محمد نام پاکت با صفا.
(5)
اي ز رويت جلوه گر نورِ محمد از ازل،
وي ز نورت تا ابد روشن دلِ اھلِ امل،
شايدم پيش تو عرض عرض کارِ خويش ازانکه،
سعيﻋ اندر کار خير آمد بحق خير العمل.
_
ص 103
مخدوم نور محمد، حيدرآباد ۾ مستقل رھائش اختيار
ڪرڻ کان اڳ، پنھنجي لاءِ 1217ھه ۾ جاءِ ٺھرائي
ھئي؛ غالباً انھيءَ جاءِ جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ،
ھو لڏي پلاڻي آيو. اھو سال مير فتح علي خان جي به
لاڏاڻي جو آھي: مير ’مائل‘ انھيءَ جاءِ جي تعمير
تي تاريخي قطعو چيو:
چـــــــو مخدوم مـــــــــا نامدارِ زمـان،
که نامش ز اخلاص دل دلنشين ست،
نــــــــــــموده بــــنا ايـن مبارک بنا
را، که اندر صفا رشک خلدِ برين ســت،
....و او عطف آمده سالش الحق، ”مبارک مکان
ومبارک مکين ست“.
1217ھه _ ص
83
مخدوم صاحب، جيد عالم، نادر روزگار حڪيم ۽ انھيءَ
دور جو پرگو شاعر ھو. سندس حالات ڪٿي به ڪونه ٿا
ملن. خدا رحمت ڪري مير ’مائل‘ تي، جنھن محض
دوستيءَ جي حق ادا ڪرڻ خاطر، سندس سلسلي ۾ ڪي
تاريخي قطعا لکيا؛ جنھن ڪري مخدوم صاحب جي زندگيءَ
جي ڪن پھلوئن جي اسان کي ٿوري گهڻي خبر پئجي سگهي.
مخدوم صاحب کي غلام نبيءَ نالي ھڪ فرزند ڄائو؛ مير
’مائل‘ ان جي تولد تي ٻه تاريخي قطعا چيا:
(1)روز ميلاد اين خجسته خلف،
که بجان است غلام نام نبي؛
گفت سالِ ولود او طبعم،
”به ولا آمده غلام نبي“.
1222ھه
(2)حق داد چون بحضرت مخدوم نيک نام،
فرزند نيک بخت بکام دوام جفت؛
ارشاد باد مرﱞدهﻋ ميلاد اسعدش،
آمد ز فيض نورمحمد بدل شگفت؛
سال ولود اسعد آن نيک بخت زاد،
”بادا ابد غلام نبي کامياب“ گفت.
1222ھه _ ص الف
عيد براد ٿيندي ھئي، ته شاعر ٽالپرن جي خدمت ۾
عيدي قطعا پيش ڪندا ھئا، ۽ دوستن احبابن ڏانھن به
موڪليندا ھئا. مير ’مائل‘ جا ڪيترا قطعا، مختلف
عيدن تي، مير صاحبن جي نالي لکيل ملن ٿا. مخدوم
صاحب سان چونڪ گهاٽو تعلق خاطر ھئس، تنھنڪري ھن ڏي
به قطعا موڪليندو ھو؛ انھيءَ قسم جا ٻه قطعا سندس
بياض ۾ ملن ٿا:
(1)
به مخدوميم بمن نورِ محمد،
چو حق کرد اين عيد اسعد سعيد؛
به افزونيﻋ عمر و اقبال دائم،
ز حق باد از عيش نو مستفيد؛
خدايا بکن مستجاب از کرم،
ز ”مائل“ بحق اين دعا روز عيد.
(2)
اي ز رويت جلوه نورِ محمد آشکار،
نور چشم حضرت يعقوب کنعان با وقار؛
بزم حکمت را مسيح و طور معني را کليم،
باشدت فضل و کمال از صدقِ نيت برقرار؛
در شب عيد اين دعا را گفتم و در روز عيد،
آمدم در حضرتت ز اخلاص دل مدحت گذار؛
باد مخدوما مبارک با تو اين عيد سعيد،
واز سعادت باد بختت را مبارک باد يار؛
تا بنامت باد وردِ دوستان اين قطعه ام،
باد نامت بالفضائل ناميﻋ به روزگار.
_ ص 86
مخدوم صاحب ۽ مير ’مائل‘ جي درميان منظوم محبت
ناما به پيا ايندا ويندا ھئا. انھيءَ قسم جي خط و
ڪتابت مان اھو پڻ اندازو ٿئي ٿو ته شاعريءَ سان
سنڌ اندر ڪيتري نه دلچسپي ھوندي ھئي، ۽ شعر و سخن
جو چرچو ڪيڏو نه عام ۽ زندگيءَ جي ھر پھلوءَ تي
حاوي ھو. مير صاحب جي بياض ۾ چند قطعا انھيءَ قسم
جا ملن ٿا، جيڪي مخدوم صاحب جي خطن جا جواب آھن:
(1)
تـــــــا که نــــــورِمــــــحمدِ مُــــرسل، در
جھان ھمچو مھه منير بود؛
نام مخدوميم بفضل و کمال دائــــــما در
جــــــھان شــــــھير بود؛
انــــــکه از بـــــس فراست و دانش، در
حــــــضورِ شھان مشير بود؛
انــــــکه گــــــلزار نــــــظم رنـگينش،
فــــــرحت افــــــزاي طبع مير بود؛
انــــــکه در دم فيض حکمت او، نــــــوجـــــوان
کرد و انکه پير بود؛
در حـضورش ز ”مائلِ“ داعي، عــــــرض
دعــــــواتِ دلپذير بود؛
ھر دو عالم بدستياريﻋ حق، دســــــت يــــــزدانش
دستگير بود.
ھن قطعي مان مخدوم جي زندگيءَ جا ڪيئي پھلو روشن
ٿين ٿا؛ مثلاً: طب ۾ کيس ايڏو ڪمال ھو. جو ھڪ دفعو
ته پوڙھن کي به جوان ڪري ڇڏيندو ھو؛ مير ڪرم علي
خان وٽ کيس تمام وڏي عزت ۽ درجو حاصل ھو، ۽ بطور
مشير جي کيس سمجھيو ويندو ھو؛ سندس نظم مير ڪرم
علي خان کي بيحد پسند ھئا؛ اھا ڳالھه ”محڪ
خسرويءَ“ جي انتخاب مان به معلوم پيئي ٿئي، ڇاڪاڻ
ته مير ڪرم علي خان ڪثرت سان مخدوم جي ڪلام کي
پنھنجي خاص انتخاب ۾ جاءِ ڏني آھي.
مخدوم صاحب، ھڪ دفعي مير ’مائل‘ ڏي سلام موڪليا:
جنھن ڏانھس سلامن کي جواب ۾ ھيٺيون قطعو موڪليو:
(2)
بحمد الله که حق کرد امجدِ دوران،
بمجد نورِ محمد مدام مخدومي؛
زبسکه جلوه فزاي ھزار رشد آمد،
شعاي نورمحمد بکام مخدومي؛
بگفت باد سلامت مدام با اولاد،
شنيده ”مائل“ داعي سلام مخدومي؛
بحضرتش بسلام اين دعاست عرض دلم،
ھميشه باد فزون احترام مخدومي.
(3)
اي صبا در گلشنِ اجلال مخدومِ انام،
عرض کن گلدستهﻋ دعوات داعي با سلام؛
آنکه از نورِمحمد روشن آمد نام او،
ھست چون خورشيد عالم تاب ازوي فيض عام؛
گنج حکمت مخزنِ اسرار صد فضل و کمال،
خسروي بزم فضائل شاعرِ رنگين خيال؛
باد نامش روشنِ عالم بصد مجد و علا،
تاکه از نورِمحمد دارد اين عالم ضيا.
(4)
در خــــــدمت خــــــدام جــــــنابِ
مــــــخـــــدوم،
از ’مائل‘ مشتاق ز جان عرض سلام است. _ ص
103
مخدوم دين محمد بوبڪائي:
معلوم ائين پيو ٿئي ته ھي بزرگ به مخدوم نور محمد
جو ڀاءُ يا ويجھو عزيز ھو. فضل ۽ ڪمالات جو صاحب ۽
بزرگ فطرت انسان ھو. طب ۾ کيس خاص درڪ حاصل ھو.
جڏھن مير فتح علي خان آخري بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو،
ان وقت ٻين وقت جي طبيبن سان گڏ ، مخدوم صاحب به
وٽس موجود ھو.
مير ’مائل‘ سان ھن صاحب جو گهاٽو تعلق ھو. جڏھن
وفات (1229ھه) ڪيائين، ان وقت مير ’مائل‘ ٻه
تاريخي قطعا تصنيف ڪيا:
(1)
بحکم خواھش حق ناگهان چو مخدومي،
ز صدر فضل و کمالات عزم رحلت بست؛
ز شوق دل که بدينِ محمدي مي داشت،
چو اھل دين بحق آمد وصال او سر دست؛
مروش سال وصالش بگفت باسرِ ”آه“،
”ز شوق دين محمد ببين بحق پيوست“.
”1+1228=
1229ھه“
(2)
چون زين جھان شده شادان بوصل حق مخدوم،
که درجنان بحقِ دين ز اھل ارشاد ست؛
سروش سال وصالش ازان چنين فرمود،
”بلي که دين محمد ز وصل حق شاد ست“.
1229ھه _ ص 115
مخدوم مير محمد
جي نالي تي به بياض ۾ ھڪ قطعو ملي ٿو؛ غالباً ھي
مخدوم صاحب به مخدوم نورمحمد جي ئي آڪھه مان ھو:
اي که نامت به محمد شده مخدوم زمان،
ياورت مير، محمد بود اندر دو جھان،
طرفه در شوق ملاقات شريف از مدت،
بود است نام شريفِ تو مرا ورد زبان،
شکر الله که کنون بر وفقِ خواھشِ دل،
خواھشِ خاطرِ من يافت حصول شايان،
بعد ازين به که بشکرانهﻋ اين دولت خاص،
بکنم شغل دعاي تو ابد از دل و جان،
باد از مکرمتِ دولتِ نيکو نامي،
نامِ پاک تو ابد نقش نگينِ دوران،
ھست ھر خادمِ در گاهِ تو چون مائل حق،
”مائل“ از زمرهﻋ خدام تو بادا ھر آن.
_ ص 100
مخدوم نور محمد صاحب جو انتقال 1230ھه ۾ ٿيو. دوست
احباب صدمي ڪري نيم جان ٿي ويا. ادبي محفلون ۽
علمي مجلسون ختم ٿي ويون. حيدرآباد ۾ سندس وجود به
ھڪ مرڪزي نقطي جي حيثيت ٿي رکِي. چئن طرفن جا دوست
احباب، يار ۽ اغيار، شاعر ۽ اديب، وٽس ھر وقت
موجود رھندا ھئا. اھو ھماھميﻋ جو سڄو مرڪز، سندس
انتقال تي بند ٿي ويو. دوستن ۽ شاعرن انھيءَ حادثي
تي گهڻو ئي ڪجھه چيو ھوندو، جنھن جو اسان کي پتو
ڪونه آھي؛ البته مير ’مائل‘ جيڪي چيو سو ھي آھي:
(1)
کجا شد انکه ز دل مخلصِ دعاگو بود،
دريغ آه در اين فرقتش بھرحال است؛
مگر گذاشته با آل صدر مخدومي،
که از بنا بجھان ارث اھل افضال است؛
ز يمن نورمحمد که نقش نامش بود،
جلائي بخش وصال جنان به اجلال است:
سروش غيب چنين قال وصل او فرمود،
”وصال نور بنورِ محمد و آل است“:
1230ھه
کند ز ”مائل“ حق تا حق اين دعا مقبول،
دعاي مغفرتش وردِ دل مھه و سال است.
(2)
چو ناگهان ز قضا اھلِ فضل را مخدوم،
که بود ماميﻋ دوران ز صغرتِ ذاتي؛
ببخت آمد و واصل بحق پس از رحلت،
بحق نورمحمد شفيع عرصاتي؛
کشيده سر ز الم گفت ھاتفم تاريخ،
”بده بنورمحمد ز دل تحياتي.“
1230ھه _ ص 115
|